6
ــــــــــ
اسان پاڻ لاءِ خوشيون ۽ غم چونڊيون ٿا، ان کان اڳ جو انهن کي گهڻي وقت تائين آزمايون.
ــــــــــ
غَـمُ، ٻن باغن جي وچ ۾ هڪ ديوار آهي.
ــــــــــ
ماڻهو مون کي چون ٿا: ”يا هن جهان جي آسائش کي پسند ڪر يا اڳلي جهان جي سلامتيءَ کي.“
پر مان کين چوندو آهيان: ”مون هن جهان جي لذتن کي به پسند ڪيو آهي، ته هن جهان جي سلامتيءَ کي به.“
تنهنڪري مان پنهنجيءَ دل ۾ محسوس ڪريان ٿو، ته هڪ عظيم شاعر صرف هڪ ئي قصيدو لکي ٿو، جنهن جو بحر ۽ وزن به پورو هجي ٿو ته قافيو به سالم.
ــــــــــ
جڏهن تنهنجو غم يا خوشي حد کان وڌي ويندي ته پوءِ دنيا تو کي حقير محسوس ٿيندي.
ــــــــــ
ايمانُ دل جي ريگستان ۾ هڪ سرسبز ۽ شاداب زمين مثل آهي، جتي پريشانيءَ جا قافلا پهچي نه ٿا سگهن.
ــــــــــ
اميدَ اڌ حياتي آهي ۽ بي حسي اڌ موت.
ــــــــــ
اڄ جو سڀ کان وڏو ڏک ڪالهوڪين خوشين کي ياد ڪرڻ آهي.
ــــــــــ
انتهائي بلنديءَ تي پهچڻ بعد تون ان شيءِ جي خواهش ڪندين، جا خواهش جي قابل هوندي، ۽ ان شيءِ جو بکيو ٿيندين، جنهن جي بک هجڻ گهرجي ۽ ان شيءِ جو پياسو ٿيندين، جنهن جي پياس هجڻ گهرجي.
ــــــــــ
جڏهن تو پنهنجو راز هوا کي ٻڌايو، ۽ هوا جيڪڏهن اهو راز وڻن کي ٻڌائي، ته تو کي هوا تي ناراض ٿيڻ نه گهرجي.
ــــــــــ
بهار جا گل، خزان جي خوبصورت خوابن جي تعبير آهن، جيڪي صبح جي وقت، آسماني دسترخوان تي پيش ڪيا وڃن ٿا.
ــــــــــ
حاسدَ منهنجي ساراهه ڪن ٿا، پر ڄاڻن نه ٿا.
ــــــــــ
جڏهن مداري، جادوءَ جي کينهونءَ کي پڪڙڻ ۾ ناڪام ٿئي ٿو، ته رحم جو طالب بڻجي، مون وٽ فريادي ٿئي ٿو.
ــــــــــ
تون وڏي وقت تائين، پنهنجي ماءُ جي اگهور ننڊ جو هڪ خواب هئين، جڏهن سندس اک کلي، ته تنهنجي ولادت ٿي.
ــــــــــ
ڪڇون، سيهڙن کان وڌيڪ رستن کي سمجهن ٿا.
ــــــــــ
جيڪو ماڻهو جيترو گهڻو ڳالهائي ٿو، اوترو ڪم عقل ٿئي ٿو.
۽ هڪ خطيب ۽ دلال جي وچ ۾ تمام گهڻو فرق آهي.
ــــــــــ
گهڻو گهڻو شڪر ادا ڪر، جو تون پنهنجي پيءُ جي مشهوريءَ يا پنهنجي چاچي جي مال تي زندگي گذارڻ تي مجبور نه آهين. ۽ ان کان به وڌيڪ شڪر ادا ڪر، جڏهن ڪوئي تنهنجي مشهوريءَ يا دولت تي زندگي گذارڻ وارو نه هجي.
ــــــــــ
جنس جو خمير، تنهنجي ماءُ جي شوق ۾ مضمر آهي.
ــــــــــ
تون، هڪ ئي وقت شباب ۽ ان جي اسباب جو مالڪ بڻجي نه ٿو سگهين، ڇاڪاڻ ته عيش ۽ عشرت جوانيءَ کي آواره ڪريو ڇڏي.
ــــــــــ
منهنجي ماءُ ۽ پيءُ کي هڪ ٻارڙي جو شوق جاڳيو ۽ هنن مون کي ڄڻيو.
۽ مون کي پاڻ لاءِ ماءُ ۽ پيءُ جو شوق جاڳيو، ته مون سمنڊ ۽ رات کي پيدا ڪيو.
ــــــــــ
ڪڪرن سان ڍڪيل پهاڙُ، رڍ نه آهي ۽ مينهن ۾ بيٺل شاهه بلوط، بيد مشڪ نه آهي.
ــــــــــ
اي خدا! بدهضميءَ جي مريضن کي پيٽَ ڍؤ ڏي!
ــــــــــ
اسان جا ڪجهه ٻار باعث عزت آهن، ته ڪجهه باعث ذلت.
ــــــــــ
آءُ، ته تو کي هڪ پرولي ٻڌايان: ”هيٺاهين ۽ مٿانهين، ٻئي هڪ ٻئي کي ويجهو آهن، بنسبت ان شيءِ جي، جيڪا انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي.
ــــــــــ
انتظار زماني جو زهر آهي.
ــــــــــ
خيال کي صورت ڏيڻ ئي فنڪاري آهي.
ــــــــــ
جڏهن رات ٿئي ۽ تون ان جيان تاريڪ هجين، ته بستر ۾ وڃي ليٽ ۽ پنهنجي اختيار کان ڏُور ٿي وڃ، ۽ جڏهن صبح ٿئي، ته تون اُٿ ۽ ڀرپور طاقت سان ڏينهن کي چئه: ”مان هينئر تائين آرامي هوس.“
ڇو ته اها وڏي بيوقوفي آهي، جو تون ڏينهن ۽ رات، ٻنهي اڳيان چپ بيٺو رهين. جي تو ائين ڪيو، ته هو تو تي کلندا.
ــــــــــ
جڏهن به تون پنهنجي گهر جي ٻاهرين دريءَ مان جهاتي پائين ٿو، ته تو کي واٽهڙن مان پنهنجي ساڄي پاسي راهبه ۽ کاٻي پاسي وئشيا نظر اچي ٿي، ۽ تون پنهنجيءَ سادگيءَ ۽ دل جي پاڪيزگيءَ سبب دل ئي دل ۾ چوين ٿو: ”هيءَ ڪيتري نه شريف عورت آهي ۽ هوءَ ڪيتري نه خراب!“
پر جيڪڏهن تون اکيون بند ڪري، گهڙي کن ڪن ڏيئي ٻڌين، ته تو کي پاڻ پنهنجيءَ دل مان هڪ آواز فضا ۾ گونجندي ٻڌبو: ”بيشڪ، هڪَ مون کي نماز ڏانهن سڏي ٿي، ته ٻي ڏکن ۽ مصيبتن ڏانهن ۽ ٻنهي مان هر هڪ جي روح ۾ منهنجي لاءِ ڇپر ۽ ڇانوَ موجود آهي.“
ــــــــــ
جڏهن تو کي ڪنهن ٻئي جي محبت ۾ لذت اچڻ لڳي،
تڏهن تنهنجي محبت ختم ٿيڻ لڳندي.
ــــــــــ
جـيڪا محبت روزانو وڌي نه ٿي، اها هوري هوري ختم ٿيو وڃي.
ــــــــــ
جڏهن مان هڪ شفاف آئينو بڻجي، تو اڳيان اچي بيٺس، ته تون مون کي گهڻيءَ دير تائين غور سان ڏسندو رهين ۽ تو کي مون ۾ پنهنجي صورت نظر آئي.
پوءِ تو مون کي چيو: ”مان تو سان پيار ڪريان ٿو.“
پر حقيقت ۾ تو مون منجهه پنهنجيءَ ذات سان پيار ڪيو هو.
ــــــــــ
هـر سؤ سالن کان پوءِ هڪ ڀيرو لبنان جي پهاڙين ۾، هڪ باغ ۾، مسيح ناصريءَ جي ملاقات عيسائين جي مسيح سان ٿيندي آهي ۽ ٻئي گهڻيءَ دير تائين ڪچهري ڪندا رهندا آهن. هر ڀيري مسيح ناصري کيس چوندو آهي: ”منهنجا دوست! مون کي کٽڪو آهي، ته اسان ٻئي قيامت تائين هڪ ٻئي جا حامي ۽ هم خيال نه ٿي سگهنداسين.“
ــــــــــ
هر وڏي ماڻهوءَ کي ٻه دليون ٿين ٿيون: هڪَ ڏک محسوس ڪرڻ واري دل، ۽ ٻي غور ۽ ويچار ڪرڻ واري دل.
ــــــــــ
هر بند دروازي پٺيان هڪ راز لڪل آهي، جنهن تي ست ست پوش چڙهيل آهن.
ــــــــــ
جڏهن انسان ڪو اهڙو ڪوڙ هڻي، جيڪو نه تنهنجي لاءِ باعث تڪليف هجي ۽ نه ڪنهن ٻئي لاءِ، ته پوءِ تون پنهنجيءَ دل ۾ ائين ڇو نه ٿو چوين: ”هن جي حقيقتن جي خاني ۾ سندس خيال جي گنجائش نه آهي، تنهنڪري هو پنهنجي خيال کي ان کان به وڌيڪ فضا ۾ کليو ڇڏڻ چاهي ٿو.“
ــــــــــ
غار جهڙو کليل وات ماني گهري ٿو،
۽ انـڌا هـٿَ اڃـايـل چـپـن تـي اچـڻ لاءِ، هـڪ پـيـالي مثل آتا آهن.
ــــــــــ
جنهن شيءِ جي چاهت هجي ۽ اها اڳ ۾ ميسر به نه هجي، ته اها اسان جي دل کي ان شيءِ کان وڌيڪ پياري لڳي ٿي، جا اسان کي حاصل آهي.
ــــــــــ
تو کي ڪهڙو ڀؤ آهي، جڏهن ته سوچَ تنهنجي گهر جي اوڀر واري ڀت جو هڪ نئون روشن دان آهي.
ــــــــــ
ان ۾ شڪ نه آهي، ته لوڻ ۾ هڪ عجيب شڪتي آهي، تنهنڪري ته اهو اسان جي ڳوڙهن ۾ به آهي، ته سمنڊ ۾ به.
جيڪڏهن اسان ان جي مقدس اُڃ ۾ ڳولائو رهنداسين، ته اهو اسان کي ضرور سيراب ڪندو: ماڪ جو ڦڙو به ۽ هڪڙو ڳوڙهو به.
ــــــــــ
جنهن سان گڏجي تون کلين ٿو، ان کي ته وساري سگهين ٿو، پر جنهن سان گڏ رنو آهين، تنهن کي وساري نه ٿو سگهين.
ــــــــــ
تون پنهنجي هيڏي وڏي وجود جو هڪ ذرڙو آهين، ٻيو ڪجهه به نه.
ــــــــــ
جيڪڏهن مسيح جو ڏاڏو، ان شي کي ڄاڻي ها، جيڪا منجهس موجود هئي، ته ڇا هو پاڻ، پنهنجي نفس اڳيان خوف ۽ نياز ۽ نوڙت سان نه بيهي ها.
ــــــــــ
ست صديون گذريون، جو هڪ اونهيءَ ماٿريءَ مان ست ڪبوتر اڏاڻا ۽ فضا ۾ دائرو بڻائي، هڪ برف سان ڇانيل تمام اوچي جبل جي چوٽيءَ ڏانهن رخ رکيائون.
انهن ستن ماڻهن مان، جيڪي انهن جي اڏام ڏسي رهيا هئا، هڪ ڄڻي چيو: ”مون کي ته ستين ڪبوتر جي کنڀڙاٽيءَ تي هڪ ڪارو ٽٻڪو نظر اچي پيو.“
هاڻ هن واديءَ جا ماڻهو ڳالهه ٿا ڪن، ته ست ڪارا ڪبوتر، آڳاٽي وقت ۾، برف سان ڍڪيل چوٽيءَ ڏانهن اڏامي ويا هئا.
ــــــــــ
جيڪڏهن تون پنهنجي قوم، ملڪ ۽ ذات جي تعصب کان مٿانهون ٿئين، ته پنهنجي رب جو مثيل ٿي وڃين.
ــــــــــ
جيڪڏهن تون پنهنجيءَ جڳهه تي بيٺل رهين، ته طوفانَ ٽاڻي سمنڊ تي لعنت ۽ ملامت هرگز نه ڪرين.
ــــــــــ
هـر انسان، هـر انهيءَ بادشاهه ۽ هر اُن غلام جو اولاد آهي، جيڪي ان کان اڳ، هن دنيا ۾ زندگي گهاريندا هئا.
ــــــــــ
فن (آرٽ) هڪ قدم آهي، جيڪو فطرت کي ابديت ڏانهن وڌائي ٿو.
ــــــــــ
مون کي ابدي عالم ڏانهن وڃڻ جو ڏاڍو شوق آهي، ته جيئن مان پنهنجن غيرمنظوم قصيدن کي سهيڙي سگهان ۽ اڻ مڪمل تصويرن کي مڪمل ڪري سگهان.
ــــــــــ
نڀاڳ اهو آهي ته مان پنهنجو خالي هٿُ ماڻهن ڏانهن وڌايان، پر ڪو به انهيءَ تي ڪجهه نه رکي، ۽ نااميدي اها آهي ته مان پنهنجو ڀريل هٿ ماڻهن ڏانهن وڌايان، پر ڪو به انهيءَ تان ڪجهه به نه کڻي.
ــــــــــ
خريف جي مند ۾، مون پنهنجن سڀني ڏکن کي سهيڙي، پنهنجي باغ ۾ دفن ڪري ڇڏيو.
جڏهن بهار جي مند آئي، ته منهنجي باغ ۾ جيڪي به گل ٽڙيا، سي سڀ، تمام خوبصورت، رنگين ۽ ٻين سڀني گلن کان مختلف هئا.
منهنجا پاڙيسري اهي گل ڏسڻ آيا ۽ سڀني مون کي چيو: ”هن ڀيري، خريف ۾، ٻج ڇٽڻ جي موسم اچي، ته انهن گلن جا ٿورڙا ٻج اسان کي به ڏجانءِ، ته اسان به انهن کي باغ ۾ پوکينداسين.“
ــــــــــ
جيتري محبتَ مريم کي پنهنجي پٽ مسيح سان هئي، ڇا اُمِ-يهود کي پنهنجي پٽ سان، ان کان گهٽ هئي؟
ــــــــــ
ٻيڙو ڏاڍو ٺاهوڪو آهي ۽ مانجهي به ماهر، پر اصل خوف ۽ خطرو ته تنهنجي پيٽ ۾ ئي آهي.
ــــــــــ
جيڪڏهن تون ڪڪرن تي سوار ٿئين،
ته تو کي ٻن ملڪن جي وچ ۾ ڪو فرق محسوس نه ٿيندو.
پر افسوس ان ڳالهه جو آهي،
ته تون ڪڪرن تي سوار ٿي نه ٿو سگهين.
ــــــــــ
اسان جا مقدس ترين ڳوڙها اهي آهن، جيڪي اسان جي اکين جي واٽ ڄاڻن ٿا.
ــــــــــ
اسان جي ڀاءُ مسيح جون، ٽي ڳالهيون اڃا تائين ڪتابن ۾ ناهن لکيون ويون:
- ته هو تو ۽ مون جهڙو انسان هو.
- ته هو بيحد ڏاهو، سمجهو ۽ زنده دل هو.
- ته هو پاڻ کي غالب سمجهندو هو، توڙي جو مغلوب ٿي چڪو هو.
ــــــــــ
بيشڪ اهي هٿَ، جيڪي ڪنڊن جو تاج بڻائن ٿا، انهن هٿن کان گهڻو بهتر آهن، جيڪي ڪجهه به نه ٿا ڪن.
ــــــــــ
شايد تو مقدس پهاڙ جو ذڪر ٻڌو هجي!
ڇاڪاڻ ته اُهو هن دنيا جو سڀ کان اوچو پهاڙ آهي. جيڪڏهن تون ان جي چوٽيءَ تي پهچندين، ته صرف هڪڙي خواهش پنهنجيءَ دل ۾ لهندين ۽ اُها هيءَ، ته تون هيٺ لهين ۽ باقي پٺتي رهيلن سان گڏ واديءَ جي گهرائيءَ ۾ رهين.
تنهنڪري ئي ته ان کي مقدس پهاڙ چون ٿا.
ــــــــــ
اي سوريءَ تي چاڙهڻ وارا!
توکي منهنجيءَ دل تي ڦاهي ڏني ويئي ۽ اهي ميخون، جيڪي تنهنجن هٿن ۾ ٺوڪيون ويون، اُهي منهنجيءَ دل جي ديوارن ۾ ڏار وجهي رهيون آهن.
صبحاڻي، جيڪڏهن ڪوئي واٽهڙو جلجله ويجهو گذرندو ته ٻن شخصن جو خون وهندي ڏسندو،
نه، ٻن شخصن جو نه، پر هڪ شخص جو.
ــــــــــ
هر اها سوچ، جنهن کي مون پنهنجي گفتگوءَ ذريعي ظاهر ٿـيڻ کان روڪيو، ضروري آهي، ته اها پنهنجي عمل ذريعي ظاهر ڪريان.
*****