ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

ساحل ۽ سمنڊ

هي ڪتاب نامياري لبناني ليکڪ خليل جبران جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو آھي. سنڌيڪار پروفيسر عطاءُ اللھ ابڙو صاحب آھي. هي ڪتاب ”ساحل ۽ سمنڊ“ خليل جبران جي ڪتاب ”سئنڊ ايند فوم“ (Sand and Foam) جي اردو ترجمي ”ريت اور جهاگ“ تان ترجمو ڪيل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2657
  • 766
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • خليل جبران
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ساحل ۽ سمنڊ

3

عبقريت هڪ گيت آهي، جنهن کي پکي وڏي انتظار کان پوءِ، ايندڙ بهار جي آمد تي ڳائيندا آهن.
ــــــــــ
مرگير روح به فطري ضرورتن کان نجات حاصل نه ٿو ڪري سگهي.
ــــــــــ
پاڳل به تو ۽ مون وانگر هڪ موسيقار آهي، پر جيڪو ساز هو وڄائي ٿو، ان مان نغما نه ٿا اُڀرن.
ــــــــــ
ماءُ جي دل جي خاموشين ۾ ستل گيت، ٻار جي چپڙن تي ڪڏندو آهي.
ــــــــــ
هن دنيا ۾ اهڙي ڪا به خواهش نه آهي، جنهن جو وجود نه هجي.
ــــــــــ
بيشڪ تنهنجو وجودِ معنوي، تنهنجي هٿان غمگين رهي ٿو.
پر ان رنج ۽ غم جي باوجود، اهو زنده ۽ وڌندڙ آهي.
اهو ئي سبب آهي، جو سندس رنگ ۽ غم آخرڪار فرحت ۽ خوشيءَ ۾ تبديل ٿيو وڃي.
ــــــــــ
جيڪڏهن تون زندگيءَ جي روح تائين پهچي وڃين، ته هر شيءِ ۾ توکي حسن ۽ جمال جا جلوا نظر ايندا، ايستائين جو انهن اکين ۾ به، جيڪي بصيرت کان محروم آهن.
ــــــــــ
حسن اسان جو غم ٿيل ورثو آهي، جنهن کي اسين سڄي زندگي تلاش ڪندا آهيون. ان کان سواءِ جيڪي ڪجهه به آهي، اهو انتظار جي ڪا نه ڪا صورت آهي.
ــــــــــ
روح ۽ جسم جي هيءَ ڇڪتاڻ صرف انهن ماڻهن جي خيالن ۾ ڏٺي وئي آهي، جن جا روح ستل آهن.
ــــــــــ
ٻج ڇٽ! ڌرتي تو لاءِ گلن جا خزانا اوڳاڇڏيندي.
پنهنجن خوابن کي آسمان ۾ تلاش ڪر! آسمان توکي تنهنجي محبوب سان ملائي ڇڏيندو.
ــــــــــ
شيطان ته ان ڏينهن مري ويو، جنهن ڏينهن تون ڄايو هئين، پوءِ توکي ڇا ٿيو آهي، جو تون فرشتن کي ڏسڻ لاءِ جهنم جو رستو پار ڪرين؟
ــــــــــ
ڪيتريون نه گهڻيون آهن اهي عورتون، جيڪي مرد جي دل وندرائين ٿيون، پر ڪيتريون نه ٿوريون آهن اهي عورتون، جيڪي ان جي حفاظت ڪري سگهنديون هجن.
ــــــــــ
جيڪڏهن تون ڪنهن شيءِ جو مالڪ بڻجڻ چاهين ٿو، ته پوءِ ان کي پنهنجي نفس لاءِ نه گهر.
ــــــــــ
مرد جڏهن پنهنجو هٿ عورت جي هٿ سان ڇهي ٿو، تڏهن اهي ٻئي ابدي روح کي ڇهن ٿا.
ــــــــــ
محبت ٻن چاهيندڙن جي وچ ۾ هڪ پردو آهي.
ــــــــــ
هر مرد ٻن عورتن سان پيار ڪري ٿو: هڪ اها، جنهن جي تخليق سندس خيال ڪري ٿو ۽ ٻي اها، جيڪا اڃا تائين پيدا نه ٿي آهي.
ــــــــــ
جيڪو مرد، عورت جي معمولي خامين کي معاف نه ٿو ڪري سگهي، اهو غيرت جي اعليٰ خوبين مان ڪڏهن به لاڀ حاصل ڪري نه سگهندو.
ــــــــــ
جيڪا محبت روز روز تبديل نه ٿي ٿئي، اها دائمي صورت اختيار ڪريو وٺي ۽ اها ئي اڳتي هلي مناسب وقت تي بندگيءَ ۾ تبديل ٿيو وڃي.
ــــــــــ
ٻه محبت ڪرڻ وارا هڪ ٻئي سان ايترو بغلگير نه ٿا ٿين، جيترو هڪ ٻئي جي علائقي سان.
ــــــــــ
محبت ۽ شڪ، هڪ دل ۾ رهي نه ٿا سگهن.
ــــــــــ
محبت اهو نوراني ڪلمو آهي، جنهن کي نوراني هٿن، نوراني ڪاڳر تي لکيو آهي.
ــــــــــ
اسان هڪ ٻئي کي، تيستائين سمجهي نه سگهنداسين، جيستائين پنهنجي سـڄي دانـائـيءَ کـي ستـن ڪلمن ۾ تبديل نه ڪريون.
ــــــــــ
دوستي نـفعي خورن لاءِ نـفعو نه، پر فرحت بخش ۽ دائمي ذميواريءَ جو نالو آهي.
ــــــــــ
اسين سڀ پينو آهيون ۽ اسان مان هر ڪو هيڪل ۾ وڃي، حقيقي مالڪ کان پنهنجو حصو وٺي، واپس وري ٿو، پوءِ به اسان هڪ ٻئي سان ساڙ رکون ٿا ۽ پنهنجي ان مڪروه عمل سبب، حقير مالڪ اڳيان حقير بڻجون ٿا.
ــــــــــ
جيڪڏهن تو پنهنجي دوست کي، ان جي هر رنگ ۾ ناهي سڃاتو،
ته پوءِ ياد رک! تون ان کي ڪڏهن به سڃاڻي نه سگهندين!
ــــــــــ
تنهنجو بهترين لباس اهو آهي، جيڪو تنهنجي وجود تي ٺيڪ بيهي،
تنهنجي بهترين خوراڪ اها آهي، جا تون پنهنجي وجود جي دسترخوان تي کائين،
۽ تنهنجو بهترين بسترو اهو آهي، جيڪو تنهنجي وجود جي آکيري ۾ هجي،
ته پوءِ تون ئي ٻڌاءِ!
توکي پنهنجي پيدا ڪندڙ جو قسم! ته تون پاڻ کي، پنهنجي وجود کان ڪهڙيءَ طرح پري رکي سگهين ٿو؟
ــــــــــ
منهنجي دل جون تارون ڪيئن ٽٽن، جڏهن ته اهي اڃا ڪمزور نه ٿيون آهن.
ــــــــــ
اسين ماضيءَ جي قرض لاهڻ لاءِ، مستقبل کان قرض وٺندا آهيون.
ــــــــــ
تنهنجي خيال ۽ منهنجيءَ دل وچ منجهه تيستائين اتفاق نه ٿو ٿي سگهي، جيستائين تنهنجو خيال تحريري صورت ۾ زنده رهڻ ڇڏي نه ڏي ۽ منـهـنـجي دل اونداهه ۾ زندگي گهارڻ کان باز نه اچي.
ــــــــــ
حق، جيڪو تو منجهه آهي، يا ته بيپناهه غم کي ظاهر ڪندو يا بي حساب خوشيءَ کي.
تنهنڪري جڏهن تون پنهنجي حقيقت جو اعلان ڪرڻ گهرين، ته تو لاءِ ضروري ٿيندو، ته تون روشن ڏينهن ۾ ننگو ٿي نچ يا ڦاسيءَ جي تختي تي چڙُهه.
ــــــــــ
جيڪو شخص نيڪيءَ ۽ بديءَ جي وچ ۾ فرق ڪري سگهي ٿو، اهو حقيقت ۾ رحمت خداونديءَ جي چادر کي ڇهي سگهي ٿو.
ــــــــــ
جيڪڏهن فطرت اسان جي قناعت جو واعظ ٻڌي وٺي، ته فطرت جي جهان ۾، نه درياهه سمنڊ طرف وهي ۽ نه سرءُ بهار ۾ تبديل ٿئي.
۽ جيڪڏهن بچت بابت، فطرت جي ڪنن تائين اسان جون نصيحتون پهچن، ته نه ڄاڻ اسان مان ڪيترا ماڻهو اهڙا هوندا، جيڪي ان فضا کي سنگهي پاڻ ۾ جذب ڪري ڇڏين.
ــــــــــ
تون ڏينهن جي سج اڳيان به آزاد آهين، ته رات جي چنڊ ۽ ستارن اڳيان به.
تون اُتي به آزاد آهين، جتي نه سج آهي ۽ نه ئي چنڊ ۽ ستارا.
بلڪ تون ڪائنات کان منهن موڙڻ بعد به آزاد آهين، پر تون غلام آهين ان شخص جو، جنهن سان توکي محبت آهي، ڇو ته تون ان سان پيار ڪرين ٿو.
۽ تون غلام آهين، ان شخص جو به، جيڪو توسان محبت ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته هو توسان محبت ڪري ٿو.
ــــــــــ
جي مهمان نه هجن، ته گهر قبرستان بڻجي وڃن ها.
ــــــــــ
تون پنهنجي پاڇي کان سواءِ ڪجهه به ڏسي نه ٿو سگهين، ڇو ته تو سج کي پٺي ڏئي ڇڏي آهي.
ــــــــــ
هڪ مهمان نواز بگهڙ، غريب ٻڪريءَ جي ٻچڙي کي چيو: ”ڇا تون، منهنجي غريب خاني تي، قرب جا ٻه قدم ڀري منهنجو مانُ نه وڌائيندينءَ؟“
ٻچڙي وراڻيو: ”سائين جن جي ملاقات مون لاءِ عزت جو باعث ٿئي ها، جيڪڏهن توهان جو دولت خانو، توهان جو پيٽ نه هجي ها.“
ــــــــــ
تون پنهنجي پيٽ کان وڌيڪ نه ٿو کائين سگهين.
تنهنڪري اها اڌ ماني، جا تو ناهي کاڌي، ڪنهن ٻئي جو حصو آهي.
۽ ها! توکي ڪجهه ماني، اوچتو اچڻ واري مهمان لاءِ به رکڻ گهرجي.
ــــــــــ
مون پنهنجي مهمان کي، گهر جي دروازي تي بيهاري چيو: ”منهنجي گهر ۾ داخل ٿيڻ وقت، پنهنجا پير نه ڇنڊجو، پر جڏهــن توهان واپس وڃڻ لڳنـدؤ ته مان پـاڻ ئـي توهان جا پير ڇنڊيندس.“
ــــــــــ
سخاوت اها نه آهي، ته تون مون کي اها شيءِ ڏين، جنهن جي منهنجي ڀيٽ ۾ توکي ڪا گهرج نه آهي، پر سخاوت اها آهي، ته تون مون کي اها شيءِ ڏين، جنهن جي توکي مون کان وڌيڪ گهرج آهي.
ــــــــــ
تون وڏو همدرد ۽ مهربان سڏبين، جيڪڏهن، ڪنهن جي گهرج پوري ڪرين. پر ياد رک، ته بخشش ۽ مهربانيءَ وقت پنهنجو منهن ان حاجتمند کان ٻئي پاسي رکج، ته جيئن پنهنجين اکين اڳيان، هن جي شرم ۽ حياءَ کي اگهاڙو نه ڏسين.
ــــــــــ
رحمتَ، اڌ عدالت کان سواءِ ڪجهه به نه آهي.
ــــــــــ
مون وٽ فرشتا به ايندا آهن ته شيطان به، پر مان ٻنهي کان سولائيءَ سان جان ڇڏايو وڃان.
جڏهن فرشتو ٿو اچي، ته مان تمام ڊگهي نماز پڙهڻ ٿو لڳان، نيٺ هو ڪڪ ٿي هليو ٿو وڃي.
۽ جڏهن شيطان ٿو اچي، ته مان تمام قديم ترين گناهه ڪرڻ ٿو لڳان، جنهنڪري هو مطمئن ٿي هليو ٿو وڃي.
ــــــــــ
جيڪي ماڻهو توکي مڇي گهرڻ تي نانگ ڏين ٿا، ته واقعي ائين ته نه آهي، جو انهن کي ڏيڻ لاءِ نانگن کان سواءِ ڪجهه به نه آهي، ان ڪري انهن جي ان عمل کي به سخا ۽ مهرباني سمجهڻ گهرجي.
ــــــــــ
هي قيدخانو ڪنهن به قيمت تي برو نه آهي، پر مان هن وچ واري ديوار کي برداشت نه ٿو ڪري سگهان، جا مون کي ڀر واري قيديءَ کان جدا رکي ٿي.
تنهن هوندي به، مان تو کي اهو صاف صاف ٻڌائڻ ٿو چاهيان، ته مان جيل جي نگران يا مالڪ جو قرب حاصل ڪرڻ نه ٿو چاهيان.
ــــــــــ
وڏي کان وڏي سخيءَ ۽ وڏي کان وڏي پينوءَ جي وچ ۾ فرق صرف هڪ ڏينهن جي بک ۽ هڪ گهڙيءَ جي اڃ آهي.
ــــــــــ
دوکو عارضي طور ته ڪم اچي ٿو، پر ان جو انجام هميشه خودڪشي آهي.
ــــــــــ
تون واقعي فراخ دل ۽ مهربان سڏبين، جيڪڏهن تون انهن قاتلن کي ڇڏي ڏين، جن ڪڏهن به ڪنهن جو رت ڦڙو ناهي وهايو ۽ انهن چورن کي سزا نه ڏين، جن ڪڏهن به ڪنهن جو ڪک ناهي چورايو ۽ انهن گنهگارن کي معاف ڪرين، جن ڪڏهن به ڪوڙ ناهي ڳالهايو.
ــــــــــ
جيڪڏهن تنهنجي دل ٻرندڙ جبل آهي، ته پوءِ تون اها اميد ڪيئن ٿو رکين، ته اها تنهنجي هٿ تي تازن گلن کي ٽڙيل رهڻ ڏئي.
ــــــــــ
ڇا اها عجيب ڳالهه نه آهي، جو مان پنهنجو پاڻ کي ماڻهن جي فريب ۾ رکڻ ٿو چاهيان؟
ته جيئن انهن جي عقل تي چٿر ڪيان، جيڪي اهو سمجهن ٿا ته مان انهن جي فريب کي نه ٿو ڄاڻان.
ــــــــــ
تون پنهنجا ڪپڙا ان کي ڏئي ڇڏ، جيڪو ان سان پنهنجا هٿ اگهڻ ٿو چاهي. ٿي سگهي ٿو ته هن کي ان جي ضرورت هجي.
رهي ڳالهه تنهنجي، سو توکي ته ان جي گهرج آهي ئي ڪا نه.
ــــــــــ
ڏاڍي افسوس جي ڳالهه آهي، نيٺ سونارو، باغائي ڇو نه ٿو ٿي سگهي؟
ــــــــــ
زندگيءَ جا پڙدا ئي، ان راز جا پڙدا آهن، جيڪي زندگيءَ کان به وڌيڪ گهرا آهن.
ــــــــــ
مان انهيءَ بچاءَ ڪرڻ واري کي ڇا چوان، جيڪو پنهنجي دشمن جي زماني جي تصوير ٿو ٺاهي؟
ــــــــــ
ڪيئي ڀيرا مون پاڻ کي اهو ڏوهه ڪندڙ قرار ڏنو، جنهن جي دَزُ به مون کي ناهي لڳي ۽ اهو ان لاءِ، ته جيئن مان پاڻ وٽ ويهندڙ گنهگارن کان ڀلو ۽ معتبر نه لڳان.
ــــــــــ