4
ڏس! مان پنهنجي ننڍڙي ڪمزوري به ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهيان، ڇا لاءِ ته اها منهنجي ذاتي ملڪيت آهي.
ــــــــــ
تون پنهنجي نفس شناسيءَ جي بنياد تي ٻين کي ديندار ته قرار ڏئي ٿو سگهين، پر ڇا تون اهو به ٻڌائي سگهين ٿو، ته اسان مان ڏوهي ۽ بي ڏوهي ڪير آهي؟
ــــــــــ
انساني قانون کي صرف ٻه شخص ٽوڙي سگهن ٿا: پاڳل ۽ گهڻو عقلمند.
۽ اهي ٻئي خداوندي روح جي تمام نزديڪ شخص آهن.
ــــــــــ
اي خدا! منهنجو ڪو به دشمن نه آهي،
پر جيڪڏهن منهنجي دشمن جو پيدا ٿيڻ ضروري آهي،
ته پوءِ ان کي به مون جيتري طاقت ڏجانءِ!
ــــــــــ
آڳاٽي وقت ۾ هڪ شخص هو، جنهن کي ماڻهن ڦاهيءَ چاڙهي ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته هو ماڻهن سان تمام گهڻي محبت ڪندو هو ۽ ماڻهو هن سان.
ٿي سگهي ٿو ته تون حيران ئي رهين، جيڪڏهن مان توکي ٻڌايان، ته تازو ئي مون هن کي ٽي دفعا ڏٺو آهي.
پهرئين ڀيري مون هن کي هڪ سپاهيءَ کي منٿون ڪندي ڏٺو، ته هو زانيءَ کي سنگسار نه ڪري، ٻئي ڀيري مون هن کي هڪ شرابيءَ سان گڏ شراب پيئندي ڏٺو ۽ ٽئين ڀيري مون هن کي هڪ شخص سان ڀاڪرين ويڙهه وڙهندي ڏٺو، جنهن گرجا کي پنهنجي شهرت جو ذريعو بڻائڻ ٿي گهريو.
ــــــــــ
ڪجهه ماڻهن جي رڪاوٽ ئي منهنجن قدمن کي تيزي بخشي ٿي.
ــــــــــ
نيڪ انسان ته اصل ۾ اهو آهي، جيڪو تنهنجي ڪيل ڏوهه جو اڌ ڏوهي پاڻ کي سمجهي.
ــــــــــ
دشمن سان تنهنجو پڪو ٺاهه ٿي ويندو،
پر توهان ٻنهي جي مرڻ کان پوءِ!
ــــــــــ
مون تي ان ظلم ڪيو، جنهن جي ڀاءُ تي مون ظلم ڪيو.
ــــــــــ
گهڻو ڪري انسان پنهنجو بچاءُ ڪندي، آپگهات ڪري وجهندو آهي.
ــــــــــ
تنهنجو اهو چوڻ ته تون مون کي سمجهي نه ٿو سگهين، تعريف آهي، جنهن لائق مان نه آهيان، ۽ توهِينَ آهي، جنهن جو مستحق تون نه آهين.
ــــــــــ
جيڪڏهن تون ڪنهن شخص کي ڏسين، ته انهيءَ کي قيد طرف نِيو ٿو وڃي، ته پنهنجيءَ دل ۾ چئو، ته شايد هيءُ اُن قيد طرف وڃي رهيو آهي جيڪو ان کان وڌيڪ تنگ ۽ تاريڪ آهي.
۽ جيڪڏهن ڪنهن شخص کي نشي ۾ ٻڏل ڏسين، ته پنهنجيءَ دل ۾ چئو، ته ڪنهن کي ڪهڙي خبر، ته هن شراب صــرف ان لاءِ پـيـتـو، ته جيئن ان کان وڌيڪ خراب شين کان بـچي سگهي.
ــــــــــ
نيڪيءَ ۽ بديءَ بابت دنيا جيڪو ڪجهه چوي ٿي، جيڪڏهن اها سچي آهي، ته پوءِ منهنجي سڄي حياتي ڏوهن جو هڪ سلسلو آهي، ٻيو ڪجهه به نه.
ــــــــــ
ڪيڏو نه چريو آهي اهو شخص، جيڪو پنهنجين غضبناڪ اکين تي چپن جي مرڪ جون چتيون هڻي ٿو.
ــــــــــ
ڪيڏو نه انڌو آهي اهو شخص، جيڪو پنهنجي کيسي جي زور تي تنهنجي دل خريد ڪرڻ گهري ٿو.
ــــــــــ
مون سان اهي ماڻهو ساڙ ۽ دشمني ڪندا آهن، جيڪي منهنجي ڀيٽ ۾ گهڻو گهٽ آهن، پر ڪنهن به اڄ تائين مون سان نه ساڙ ڪيو ۽ نه ئي دشمني رکي. ان مان ثابت ٿو ٿئي ته مان ڪنهن کان به وڌيڪ نه آهيان.
۽ منهنجي تعريف يا توهينَ اهو ئي شخص ڪري سگهي ٿو، جيڪو مون کان وڌيڪ هجي، پر اڄ تائين، نه ڪنهن شخص منهنجي تعريف ڪئي ۽ نه توهين. ان مان معلوم ٿو ٿئي ته مان ڪنهن کان به گهٽ ڪين آهيان.
ــــــــــ
گهڻو ڪري مون کي پنهنجي بچاءَ ٻين سان دشمني ڪرڻ تي آماده ڪيو.
پر جيڪڏهن مون کي، ان کان وڌيڪ طاقت هجي ها، ته پنهنجي لاءِ اهڙا طريقا اختيار نه ڪريان ها.
ــــــــــ
هڪ منڊي ماڻهوءَ لاءِ هيءُ دانائيءَ جو فيصلو آهي، ته هو پنهنجي لٺ دشمن جي مٿي ۾ نه هڻي.
ــــــــــ
مان ڪيڏو نه ڪمينو آهيان، جو توهان مون کي، سڄي حياتي سچو سونُ عطا ڪيو ۽ مان چاندي. تنهن هوندي به، مان پاڻ کي سخي ۽ داتا ٿو سمجهان.
ــــــــــ
جڏهن تون زندگيءَ جي حقيقتن تائين پهچي ويندين، تڏهن توکي معلوم ٿيندو، ته نه تون گنهگارن کان وڌيڪ آهين ۽ نه پيغمبرن کان گهٽ.
ــــــــــ
حيرت جي ڳالهه آهي، ته تنهنجي شفقت ۽ مهرباني، هڪ ڪاهل انسان لاءِ ته وقف آهي، پر هڪ گهٽ عقل واري لاءِ نه. اها اکين جي انڌي لاءِ ته مخصوص آهي، پر عقل جي انڌي لاءِ نه.
ــــــــــ
زندگي هڪ وڏو جلوس آهي، ڪاهلُ اِن کي تيز رفتار سمجهي پري ڀڄي ٿو ۽ تيز رفتار ان کي سست رفتار سمجهي پاسو ڪري ٿو.
ــــــــــ
حڪومت تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ هڪ اتفاق آهي. اصل حقيقت هيءَ آهي، ته تون ۽ مان ٻئي ڀليل آهيون.
ــــــــــ
ڏوهه ۽ گناهه جو وجود ته هڪ تسليم ٿيل حقيقت آهي. هڪ ٽولو ڏوهه ڪرڻ وقت پٺتي ڪنڌ ورائي ڏسي ٿو، ته جيئن هو ان سلسلي ۾ والدين جي پيروي ڪري سگهي، ۽ ٻيو ٽولو پنهنجيون اکيون اڳيان رکيو هلي ٿو، ته جيئن ايندڙ نسل جي اڳواڻي ڪري سگهي.
ــــــــــ
نيڪُ حقيقت ۾ اهو آهي، جيڪو پاڻ کي انهن ماڻهن کان جدا نه سمجهي، جن کي دنيا ”خراب“ سمجهي ٿي.
ــــــــــ
اسان سڀ قيدي آهيون، فرق صرف ايترو آهي، ته اسان مان ڪجهه روشن دانن ۽ درين وارن جيلن ۾ واڙيل آهن، ته ڪجهه ڪال ڪوٺـڙين ۾.
ــــــــــ
ڪيتري نه حيرت جي ڳالهه آهي، جو اسان پنهنجي ڏوهه جي صفائيءَ ۾ جيتري ڪوشش ڪريون ٿا، اوتري حق ۽ سچائيءَ جي مَـد ۾ نه.
ــــــــــ
جيڪڏهن اسين، هڪ ٻئي جي اڳيان، پنهنجين پنهنجين ڪوتاهين جو اعتراف ڪنداسين، ته سڀ هڪ ٻئي تي کلڻ لڳنداسين، تنهنڪري اسين سڀ نئين فيشن جا محتاج ۽ چاهيندڙ نظر اچون ٿا. پر جيڪڏهن اسين سڀ پنهنجون پنهنجون خوبيون ۽ فضيلتون، هڪ ٻئي تي ظاهر ڪريون، ته اڃا به وڌيڪ هڪ ٻئي تي کلڻ لڳنداسين ۽ ان جو سبب به اهائي جدت پرستي آهي.
ــــــــــ
اجتماعي زندگيءَ ۾ هر فرد سماجي قانونن کان مٿانهون آهي ان وقت تائين، جيستائين هو ڪنهن ڏوهه جو ڏوهاري نه ٿئي، ان بعد هو ڪنهن کان نه گهٽ آهي ۽ نه وڌ.
ــــــــــ
هڪ ڀيري هڪ شخص، منهنجي کاڌي جي ميز تي اچي ويٺو ۽ منهنجو کاڌو کائي، شراب پِي، مون تي کلندو هليو ويو.
ان بعد هو ٻيهر منهنجي کاڌي جي ميز تي آيو ۽ هن ماني ۽ شراب گهريو.
هن ڀيري مون کيس ناڪام ۽ نامراد موٽايو، ته فرشتن مون تي ٽهڪ ڏنا.
ــــــــــ
ڏوهه مجبوريءَ جو ٻيو نالو آهي يا بيماريءَ جي ڪائي صورت؟
ته ڇا ان کان وڌيڪ ڪو ٻيو ڏوهه ٿي سگهي ٿو، جو اسين ٻين جي عيبن ۽ ڏوهن کي محسوس ڪريون.
ــــــــــ
جڏهن تو تي ڪوئي کِلي ٿو، ته تون ان کي معاف ڪري سگهين ٿو، پر جڏهن تون هن تي کلين، ته پاڻ کي ان بيوقوفيءَ تي معاف نه ٿو ڪري سگهين.
۽ جڏهن ڪو تو سان برائي ڪري، ته تون ان کي وساري سگهين ٿو، پر جڏهن تون پاڻَ ڪنهن سان زيادتي ٿو ڪرين، ته پنهنجيءَ ان غلطيءَ کي هميشه ياد رکين ٿو.
ته هاڻ تو کي اها پڪ ٿيڻ گهرجي، ته اهو ٻيو شخص، اصل ۾ تون پاڻ ئي آهين، جنهن جو ضمير ته سجاڳ آهي، پر آهي ڪنهن ٻئي جي جسم ۾.
ــــــــــ
سپ ۾ موتي، سمنڊ جو هڪ نظارو آهي.
ــــــــــ
سڀ کان وڌيڪ قابل رحم آهي اهو شخص، جيڪو سونَ ۽ چانديءَ کي پنهنجي دل ۽ دماغ جو مرڪز بڻائي ٿو.
ــــــــــ
تون به ڪيڏو نه اياڻو آهين؟
ماڻهن کان گُهر ٿو ڪرين، ته هو تنهنجن ٻانهن سان اڏرن. جڏهن ته تنهنجي پاڻ اها حالت آهي، جو تون انهن کي پنهنجو هڪ کنڀ به ڏيئي نه ٿو سگهين.
ــــــــــ
ڪِينو هڪ بي جان لاش آهي، پوءِ توهان مان ڪير آهي، جيڪو ان جي قبر بڻجڻ پسند ڪري؟
ــــــــــ
مقتول لاءِ اهو اعزاز ئي ڪافي آهي، ته هو قاتل نه آهي.
ــــــــــ
انسانيت جو معراج، اجائي بڪواس نه، پر خاموش دل آهي.
ــــــــــ
ماڻهو مون کي پاڳل سمجهن ٿا، ڇو ته مان پنهنجي زندگي کين ڏوڪڙن عيوض نه ٿو وڪڻان.
۽ مان ماڻهن کي پاڳل ٿو سمجهان، ڇو ته هو منهنجي زندگيءَ کي پئسن عيوض وڪامڻ واري وٿ سمجهن ٿا.
ــــــــــ
هو اسان اڳيان پنهنجا سون ۽ چاندي وڇائن ٿا ۽ اسان روح ۽ دليون، پر تڏهن به، هو پاڻ کي ميزبان سمجهن ٿا ۽ اسان کي مهمان!
ــــــــــ
مان انهن ماڻهن ۾ ننڍو بڻجي رهڻ ٿو چاهيان، جيڪي تصويرن ۽ انهن جي تحقيق جو ذوق رکن ٿا، پر انهن ۾ وڏو بڻجي رهڻ نه ٿو چاهيان، جن وٽ نه تصور آهن ۽ نه تحقيق جو ذوق.
ــــــــــ
اسين سڀ بلندين طرف چڙهي رهيا آهيون، ته جيئن پنهنجين دلي تمنائن جي چوٽين تائين پهچي سگهون.
جيڪڏهن تو سان گڏو گڏ چڙهڻ وارو شخص، تنهنجي کاڌي پيتي جو سامان چورائي، کائي متارو ٿي پوي ۽ مٿي چڙهندي، تنهنجي سامان هيٺ دٻجي وڃي، ته توکي مٿس رحم ڪرڻ گهرجي، ڇو ته ان ٿولهه، هن جو مٿي چڙهڻ ڏکيو ۽ سفر لمبو ڪري ڇڏيو.
۽ اهڙيءَ طرح جڏهن تون پاڻ کي سنهڙو، سُڪڙو ۽ هلڪڙو ڀانئين ۽ پنهنجي ان ساٿيءَ کي ڳورو، ٿلهو ۽ سست رفتار، تڏهن سندس مدد ڪرڻ ۾ دير نه ڪج، ڇو ته ائين ڪرڻ سان تنهنجي رفتار ۾ اضافو ايندو.
ــــــــــ
تون ڪنهن به شخص بابت، پنهنجيءَ ڄاڻ کان وڌيڪ، ڪا راءِ مقرر ڪري نه ٿو سگهين ۽ تنهنجي واقفيت جي حيثيت ئي ڇا آهي!
ــــــــــ
مان ان فاتح جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه آهيان، جيڪو فتح ٿيل قومن کي، انهن جي ملڪ فتح ڪرڻ کان پوءِ ويهي نصيحت ڪري.
ــــــــــ
حقيقت ۾ آزاد اهو آهي، جيڪو هڪ غلام قيديءَ جو بار صبر ۽ شڪر سان کڻي.
ــــــــــ
هزار سال ٿيا آهن، جو مون کي، منهنجي پاڙيسريءَ چيو، ”مون کي زندگيءَ کان نفرت آهي، ڇو ته ان ۾ ڏک ۽ غم کان سواءِ رکيو ئي ڇا آهي؟“
ڪالهه آءٌ قبرستان وٽان لنگهيس، ته زندگيءَ کي پاڙيسريءَ جي قبر تي نچندي ڏٺم.
ــــــــــ
تنهائي اهڙو اونداهو طوفان آهي، جيڪو اسان جي زندگيءَ جي وڻ جي سڪل ٽارين کي ڀڃيو ڇڏي، پر اها اسان جي زنده پاڙُن کي، زنده دل جي زنده زمين ۾، وڌيڪ مضبوط ڪريو ڇڏي.
ــــــــــ
سوچ ۽ ويچار کان محروم عالمُ، هڪ ڪاسائيءَ مثل آهي، جنهن جي تارازي ۽ ڇُـريون بيڪار ٿي ويون هجن.
پر ڇا ڪجي، اسين سڀئـي سبزي خـور به ته ٿي نه ٿا سگهون!
ــــــــــ
مون هڪ ڍنڍ سان درياءَ جو حال ڪيو، ته ان مون کي خيالن جو پوڄاري ۽ لٻاڙي سمجهيو، جيڪو گهڻي وڌاءَ کان ڪم وٺندو آهي،
۽ جڏهن مون درياءَ کي ڍنڍ جو حال ڏنو، ته هن مون کي الزام تراشي ڪندڙ هڪ انسان سمجهيو، جيڪو هروڀرو ڪنهن جي گلا ڪري رهيو هجي.
ــــــــــ
جي اسان جا ماپا ۽ وزن مقرر نه هجن، ته اسين ٽانڊاڻن اڳيان به ائين ئي هيسيل رهون، جيئن سج اڳيان.
ــــــــــ
گَهرو ماڻهو گَـهراين ۾ لهندو آهي ۽ بلند خيال ماڻهو بلندين طرف اڏام ڪندو آهي، پر وچ واري منزل ۾، يعني هن ڌوڪيباز دنيا ۾، صرف ڪشاديءَ دل ۽ بلند حوصلي وارا انسان ئي جِـي سگهن ٿا.
ــــــــــ
زندگيءَ جي نظام کي، بد نظميءَ جي حوالي ڪرڻ جي شوق جو ئي هن مادي دنيا ۾ نالو جهاد آهي.
ــــــــــ
ڪيتري نه ڏکي آهي ان شخص جي زندگي، جيڪو ماڪوڙين جي جدوجهد کي، ڏيڏرن جي ٽان ٽان واري موسيقي تي ترجيح ڏئي ٿو.
ــــــــــ