2
ــــــــــ
مان نه ٿو ڄاڻان ته ”اصل حقيقت“ ڇا آهي؟ پر مان نهايت عاجزيءَ ۽ انڪساريءَ سان پنهنجي ”جِـهـل“ اڳيان جهڪان ٿو ۽ انهيءَ ۾ ئي مون لاءِ فخر به آهي ته اجر به.
ــــــــــ
منهنجا معبود! ان کان اڳ جو سهي کي منهنجو شڪار بڻائين، مون کي شينهن جو شڪار بڻاءِ!
ــــــــــ
انسان جي خيال ۽ سمجهه جي وچ ۾ هڪ فاصلو آهي، جيڪـو هـن جـي ”دردنـاڪ دانهن“ کان سواءِ ڪو به طئي ڪري نه ٿو سگهي.
ــــــــــ
جنت هن دروازي جي پٺيان، ڀر واري ڪمري ۾ آهي، پر دروازي جي چاٻي مون کان گم ٿي ويئي آهي. پر نه، ڪنجي شايـد گم نه ٿي آهي، بلڪ مون اها ڪنهن نامعلوم هنڌ تي رکي آهي.
ــــــــــ
اسان مان ڪجهه مَــسُ مثل آهن ۽ ڪجهه پني مثل.
جيڪڏهن مس نه هجي، ته اڇاڻ ٻوڙي رهجي ويندي،
۽ جيڪڏهن اڇاڻ نه هجي، ته مس انڌي رهجي ويندي.
ــــــــــ
جو ڪجهه مون توکي چيو، ان جو هڪ حصو بي مقصد آهـي، پـر مون اهو ٻئي حصي جي مفهوم کي مڪمل ڪرڻ لاءِ چيو آهي.
ــــــــــ
عقل اسفنج جو هڪ ٽڪر آهي ۽ دل هڪ تمام وڏي ندي!
ته پوءِ ڇا هيءَ حيرت جوڳي ڳالهه نه آهي ته اسان منجهان اڪثر ماڻهو چهجڻ کي وَهڻ تي ترجيح ڏيندا آهن؟
ــــــــــ
جڏهن انسان ڪنهن خيال جي نشي ۾ مدهوش هوندو آهي، ته هــو ان کي ڪنهن پاڪيزه شراب جي نانءِ منسوب ڪندو آهي.
ــــــــــ
توهان شراب پيئو ٿا مدهوشيءَ لاءِ ۽ مان پيئان ٿو ٻين مدهوشين کان ڇوٽڪارو وٺڻ لاءِ!
ــــــــــ
هر ٻج ۾ هڪ جذبو آهي، وڌڻ ۽ ويجهڻ جو.
ــــــــــ
جڏهن تون انهن نعمتن جو طلبگار ٿئين، جن جو نانءُ به توکي معلوم نه هجي،
۽ جڏهـن تون غمگين ٿئين، پر پنهنجي غم جو ڪو ڪارڻ نه ڄاڻين،
ته ان وقت فطرت توکي مڙني نپندڙ شين سان گڏ نپائيندي آهي ۽ تون پنهنجي عظيم ذات جي بلندين ڏانهن اڏامڻ لڳندو آهين.
ــــــــــ
خوش طبعي کي تون ان وقت سمجهندين، جڏهن پيش اچڻ واري هر فرصت کي غنيمت سمجهڻ لڳندين.
ــــــــــ
جيستائين منهنجو گلاس اڌ ڀريل رهيو، مان مسلسل اعتراض ڪندو رهيس، پر جڏهن اهو صفا خالي ٿي ويو، ته مان به پُـرسڪون ٿي ويس.
ــــــــــ
توکي گهرجي، ته حقيقت کي سمجهه هميشه، پر ظاهر ڪر ڪڏهن ڪڏهن.
ــــــــــ
انسان جي حقيقت انهن ڳالهين ۾ نه آهي، جيڪي هو ظاهر ڪري ٿو، پر انهن ۾ آهي، جيڪي هو لڪائي ٿو.
تنهنڪري جيڪڏهن تون، انهيءَ کي سمجهڻ چاهين ٿو ته پوءِ انهن ڳالهين تي ڌيان نه ڌر، جيڪي هو ٻڌائي ٿو، پر انهن ڳالهين کي ٻڌ، جيڪي هن جي زبان چوي ئي نه ٿي.
ــــــــــ
تنهائيءَ جو ڏک مون محسوس نه ڪيو، جڏهن ماڻهن منـهـنـجن ظاهـري عـيبن جي تعريف ڪئي ۽ لڪل برائين تي ڇتي تنقيد.
ــــــــــ
جڏهن زندگي ڪنهن اهڙي راڳيءَ کي نه ٿي لهي، جيڪو ان جي دل جي ساز کي سُــر ڏئي، ته پوءِ اها فلسفي پيدا ٿي ڪري، جيڪو ان جي عقل کي ڳالهائڻ سيکاري.
ــــــــــ
هن زندگيءَ جو آواز، جيڪو مون منجهه آهي، اُن زندگيءَ جي ڪنن تائين نه ٿو پهچي سگهي، جيڪو تو ۾ آهي، پوءِ به اسان کي هر حال ۾ ڳالهائڻ گهرجي، ته جيئن اسان کي تنهائيءَ جو عذاب محسوس نه ٿي سگهي.
ــــــــــ
جڏهن ٻه عورتون ڳالهائينديون آهن، ته ڪجهه به ظاهر نه ڪنديون آهن، پر جڏهن هڪ عورت ڳالهائي ٿي، ته پوري زندگيءَ جو اظهار ڪريو ڇڏي.
ــــــــــ
اسين، جيڪي غيبي طاقتن جا مالڪ آهيون، ماٺ آهيون، پر جن جون صلاحيتون اڌاريون آهن، سي هروڀرو پيا لٻاڙ هڻن.
ــــــــــ
ڪڏهن ڪڏهن، ڏيڏرن جي ٽان ٽان، ڏاندن جي آوازن کان اوچي هوندي آهي.
پر، نه ته ڏيڏر کيتي کيڙي سگهن ٿا ۽ نه گهاڻي ۾ وهي سگهن ٿا ۽ نه تون انهن جي کلن مان جوتا ٺهرائي سگهين ٿو.
ــــــــــ
خزان جڏهن چوي ٿي، ”بهار منهنجي هنج ۾ آهي!“
ته ڪير آهي، جيڪو سندس ڳالهه کي مڃي ٿو؟!
ــــــــــ
چڱيءَ طرح اکيون کولي ڏس:
توکي هر صورت ۾ پنهنجي صورت نظر ايندي.
۽ چڱيءَ طرح ڪن کولي ٻڌ:
توکي هر آواز ۾ پنهنجو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو.
ــــــــــ
ڪيتري نه شريف آهي، اها غمگين دل، جنهن جو غم، ان کي مسرور دلين سان گڏ خوشيءَ جي نغمن ڳائڻ کان نه ٿو روڪي.
ــــــــــ
حق ٻن شخصن جو محتاج آهي: هڪ اهو، جيڪو ان جو اظهار ڪري ۽ ٻيو اهو، جيڪو ان کي مڃي.
ــــــــــ
گهڻائي مذهب روشندان جي شيشن مثل آهن، جن مان اسان حقيقت کي ڏسون ضرور ٿا، پر اهي اسان ۽ حقيقت جي وچ ۾ رڪاوٽ بڻيل رهن ٿا.
ــــــــــ
اچ، ته اکٻوٽ کيڏون ۽ هڪ ٻئي کي ڳوليون!
ڏس! جيڪڏهن تون منهنجيءَ دل ۾ لڪندين ته مون کي تنهنجو ڳولڻ ڏکيو نه ٿيندو.
پر جيڪڏهن تون پنهنجي وجود جي ديوار پٺيان لڪي پوندين، ته ماڻهن جو تو تائين پهچڻ ناممڪن ٿي پوندو.
ــــــــــ
عورت کي سمجهڻَ، ڪنهن عجوبي تي تبصرو ڪرڻَ يا ڪنهن ڳجهي راز کان واقف ٿيڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ وارو شخصُ ان شخص سان ڪيڏي نه مشابهت ٿو رکي، جيڪو نيرن ڪرڻ لاءِ ڪنهن خوبصورت خواب مان جاڳيو هجي.
ــــــــــ
توڙي جو اسين هر وقت لفظن جي موجن ۾ ٻڏل رهون ٿا، پر اسان جي گهرائي هميشه خاموش رهي ٿي.
ــــــــــ
عورت پنهنجي چهري کي مرڪ جي نقاب ۾ لڪائي سگهي ٿي.
ــــــــــ
مان سڀني پيرين پنڌ هلندڙن سان گڏ هلندم ۽ ضرور هلندم.
پر ايئن نه ٿو ٿي سگهي، ته لنگهندڙ جلوس جي تماشي ڏسڻ لاءِ چپ چاپ بيهي رهان.
ــــــــــ
جيڪو تنهنجي خدمت ڪري ٿو، تون انهيءَ جي هٿ سونَ ۽ موتيءَ کان به وڌيڪ قيمتي شيءِ جي عيوض گروي آهين.
تنهنڪري يا ته تون ان کي پنهنجي دل ڏي يا انهيءَ جي خدمت ڪر.
ــــــــــ
ها! اسان جي زندگي فضول ناهي گذري.
ڇا هي عظمت جا مينار، ماڻهن اسان جي هڏين تي تعمير ناهن ڪيا؟
ــــــــــ
شاعر تخت تان لاٿل بادشاهه مثل آهي، جيڪو پنهنجي محل جي رَکُ تي ويٺو، ان مان ڪيئي قسمن جون شڪليون ٺاهي رهيو آهي.
ــــــــــ
هر نانگ هڪ ٻچو پيدا ڪري ٿو، جيڪو کيس ئي کائي ٿو. هي سڀ وڻ شعر آهن، جن کي زمين آسمان جي صفحن تي لکيو آهي.
پر اسان انهن کي وڍي، انهن مان ڪاڳر بڻائيندا آهيون، ته جيئن انهن تي پنهنجا احمقاڻا خيال لکي سگهون.
ــــــــــ
هو اسان جي دل جي رت ۾ قلم ٻوڙين ٿا ۽ پوءِ ان کي وحيءَ ۽ الهام سان منسوب ڪن ٿا.
ــــــــــ
جڏهن تون پنهنجيءَ دل ۾ ڪجهه لکڻ جو جذبو محسوس ڪرين، جنهن جو راز سواءِ پاڪ روحن جي ڪو به نه ڄاڻي، تڏهن تنهنجي اندر ٽي شيون ضرور هئڻ گهرجن: معرفت، فنڪاري ۽ جادوگري ــــــــ
لفظن جي ترنم جي معرفت،
سادگيءَ، بي ساختگيءَ ۽ اثر ڪرڻ جو فن
۽ قارئين کي پنهنجي شخصيت پسند ڪرائڻ جو جادو.
ــــــــــ
جيڪڏهن مون کي شعر چوڻ جي صلاحيت ۽ ان چيل شعر ۾ موجود پريشانيءَ مان ڪنهن هڪ کي چونڊڻ جو موقعو ملي، ته مان يقينن پريشانيءَ کي ئي پسند ڪندس، ڇاڪاڻ ته اها شعر چوڻ کان وڌيڪ بهتر آهي.
پر تون ۽ منهنجا سڀئي دوست ۽ پاڙيسري ته منهنجيءَ جهالت تي متفق آهيو ۽ توهان سڀني جو اهو خيال آهي ته مان سٺي شيءِ کي ڇڏي، خراب شيءِ کي پسند ڪيان ٿو.
ــــــــــ
جيڪڏهن تون حسن ۽ جمال جا گيت ڳائيندين، ته انهن جا ٻڌندڙ توکي کوڙ ملي ويندا، توڙي جو تون وچ جهنگ ۾ ڇو نه هجين.
ــــــــــ
ڏک ۽ سک، ۽ حيرت ۽ ڊپ جي بي حساب ڪيفيتن کي ڪجهه لفظن ۾ سمائجڻ کي شعر چئبو آهي.
ــــــــــ
شعر ڪوئي فڪر يا نظريو نه آهي، جنهن کي لفظن ۾ بيان ڪجي، پر شعر ته اهو نغمو آهي، جيڪو زخم مان وهندڙ رت يا مرڪندڙ چپڙن مان اڀري ٿو.
ــــــــــ
جيڪڏهن وڻَ به پنهنجي آتم ڪٿا لکي سگهن ها، ته انهن جي ماجرا به ڪنهن قوم کان مختلف نه هجي ها.
ــــــــــ
لفظَ زماني جي قيد کان آزاد آهن.
ان ڪري ضروري آهي ته تقرير يا تحرير وقت اها حقيقت تنهنجي نظر ۾ رهي.
ــــــــــ
سڀ کان وڏو ڳائڻو اهو آهي جيڪو اسان جي خاموشين جا گيت ڳائي.
تنهنجي وات ۾ ته گرهه آهي، پوءِ ڀلا تون ڪيئن ٿو ڳائي سگهين؟
تنهنجا ته هٿ هيرن ۽ موتين سان ڀريل آهن، ته پوءِ اهي دعا لاءِ ڪيئن ٿا کڄي سگهن؟
ــــــــــ
شاعر پنهنجي دل جي نغمن جي گهرائيءَ تائين پهچڻ جي فضول ڪوشش ڪندو آهي!
ــــــــــ
هڪ ڀيري، مون هڪ شاعر کي چيو: ”اسان تنهنجو قدر تڏهن سڃاڻينداسين، جڏهن تون مري ويندين!“
هن وراڻيو: ”برابر، ڇو ته موت ئي هميشه حقيقت جي رخ تان نـقاب هٽائي ٿو ۽ جيڪڏهن تون موت جي ذريعي ئي منهنجي قيمت سڃاڻڻ ٿو چاهين، ته ان جو سبب هي آهي، ته جيڪي ڪجهه منهنجي زبان تي آهي، ان کان گهڻو وڌيڪ منهنجيءَ دل ۾ آهي، ۽ جيڪي ڪجهه منهنجن هٿن ۾ آهي، ان کان گهڻو وڌيڪ منهنجين خواهشن ۾ آهي.“
ــــــــــ
اسان جا سڀئي شڪر مانيءَ جي ڀور مثل آهن، جيڪي فڪر جي دسترخوان تان ڪرن ٿا.
ــــــــــ
غور ۽ ويچار شعر جي راهه ۾ دائمي رڪاوٽ آهن.
ــــــــــ
شعر هڪ فلسفو آهي، جيڪو دلين تي جادو ڪري ٿو.
۽ فلـسفـو هـڪ شعر آهي، جنهن جا نغمه سوچ جي ساز مان اڀرن ٿا.
پر جي اسان انهن ٻنهي کي هڪ هنڌ گڏ ڪري سگهون ته پوءِ اسين آرام سان دلين تي جادو ۽ سوچ کي نغمه سرا ڪري سگهنداسين ۽ ان وقت اسين الوهيت جي پاڇي ۾ زندگي گهاري سگهنداسين.
ــــــــــ
گهڻو ڪري اسان ٻارڙن کي سمهڻ لاءِ لولي ڏيندا آهيون پر حقيقت ۾ اهو اسان پنهنجيءَ ذات کي ٿڦڪيون ڏيئي سمهارڻ چاهيندا آهيون.
ــــــــــ
مان پنهنجي وجودِ معنوي کان ڪڏهن به مطمئن نه ٿيس.
مون کي چِـٽـو پسجي رهيو آهي ته هن ۽ منهنجي وچ ۾ ان اختلاف جو ڪو نه ڪو راز ضرور آهي.
ــــــــــ
چون ٿا ته ڪوئل جڏهن محبت جا گيت ڳائي ٿي، ته پنهنجي سيني کي چيري ٿي.
اسان جو به اهو ئي حال آهي، ته پوءِ ان کان سواءِ اسين محبت جا گيت ڪيئن ٿا ڳائي سگهون؟
ــــــــــ
وحيءَ جا گيت سدائين ڳاتا ويندا آهن، پر وحيءَ جو تفسير ڪڏهن به ناهي ڪيو ويندو.
ــــــــــ