ڪتاب جو نالو: فنا
مصنف: امر پيرزادو
ڇپائيندڙ: انور پيرزادو اڪيڊمي
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 28 اپريل 2019 ع
پڙهيو ويو: 451 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 129 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
امر پيرزادو اهڙو شاعر آهي جنهن جي شاعري پڙهي عوام سوچڻ تي مجبور ٿيندو. امر جو هر غزل، نثري توڙي آزاد نظم هڪ معيار رکي ٿو. امر پيرزادو نئين ٽهيءَ جو جديد ۽ مزاحمتي شاعر آهي. اڄ جي دور ۾ سچ لکڻ اڳ کان وڌيڪ ڏکيو بڻجي ويو آهي اهڙي خوفناڪ ماحول ۾ امر جي شاعري هڪ دليراڻو اظهار آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب جا سمورا حق ۽ واسطا ليکڪ ۽ اداري وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • مُهاڳ: عشق کان فنا تائين : عطيه دائود
  • ٻه اکر : امداد حسيني
  • ڌيءُ سان وچن
  • سائيڊ افيڪٽ
  • سيلفي ڪلچر
  • ياد رهجي ويو
  • ڪي نغما رڳو
  • خون جو مُوڙو مليس
  • چچريل لاش
  • بلوچستان
  • مائينڊ سيٽ
  • اسان تماشبين آهيون
  • اختيار
  • گُلن سان بمن جو مقابلو
  • پابندي
  • ڳوٺ - شهر
  • ڀورو ڀيل اڪيلو ناهي
  • سنڌ جي شام
  • هن لاش جو ته مون کان چهرو نه ٿو لڀي
  • تو وٽ زوال آھي مون وٽ ڪمال آھي
  • سارَ کي سمجهائجي ڇا
  • آ گهڻي گهري اُداسي شامَ ۾
  • هوءَ مون کي ڪڏهن نه ملڻي آ
  • سمنڊ کي ڏسندو ئي مان رهجي ويس
  • سيارو ساوڪ سڀ ڪجهه آھي
  • مون سان هڪڙو فرد مليو هو
  • عيد تي لڙڪ پيو هو لاڙي
  • ڳوٺ پُڳاسي ڪوهيڙي ۾
  • مان پرين توسان ملي ناهيان سگهيو
  • بي رخيءَ جو دليل مڃڻو آ
  • قتل هر صاف ٿي وڃي ٿو هتي
  • شاعري جي ڪرين ته دل سان ڪجان،
  • خوابن بنا اکيون هيون
  • هوا گهلڻ سان گهلن ٿيون يادون
  • دل چوي ٿي ته جاني سان ملجي وري
  • حياتي ايتري فاني !
  • دوستي ٽوڙي نه تو پر زندگي ٽوڙي وئين
  • حسن مجتبيٰ تي لکيل
  • امر سنڌو لئه
  • پنهنجي بابا انور پيرزادي تي لکيل
  • پنجويهين جنوري انور پيرزادي جو جنم ڏينهن
  • امداد حسينيءَ کي ڀيٽا
  • مڌرس ڊي
  • غلام حسين رنگريز جي پُٽ جي وفات تي لکيل تعزيتي نظم
  • سبين محمود لئه
  • بهادري اسان ۾ ناهي رهي
  • پنهنجي چاچي ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادي کي ڀيٽا
  • ڀڳت ڪنور رام کي ڀيٽا
  • ناليواري ڳائڻي ريشما جي موت تي لکيل
  • سچو پيار
  • خاميون ڳوليندي ڳوليندي
  • هوا سان هي ٿڌيون بوندون
  • مِينهُن
  • مٺيءَ ۾ رات
  • هوا ۽ بوند توسان آ
  • مصروف زندگيءَ مان
  • جسم جي جيڪٽ
  • تون ايندي آن
  • اسپتال جي هڪ ئي وارڊ ۾
  • اسين درياهه تي پلجندڙ ماڻهو
  • امن ڏي پنڌڙا
  • سُر ۽ سازن سان جنگ
  • اووَرٽائيم
  • پهرين اپريل
  • ڄڻ
  • گورک
  • اڌ ۾
  • زندگي
  • عشق بنا جئڻ
  • ٻاراڻي
  • جمهوريت
  • اڄ ته دل لڳي نٿي
  • شوقين فيمنسٽ
  • جيستائين تون
  • الوداع A 64 گلشن حديد
  • مصنوعي رشتا
  • اسان هن کي
  • خوشبو
  • عشق جو پيرو
  • چارسده واقعي تي لکيل
  • احساس
  • مِلي وڃ
  • نئون سال
  • جيسيتائين
  • ڳوٺ جي ياد
  • احتجاج
  • اچ ته ...!!
  • شرط

  • ڪتاب جا سمورا حق ۽ واسطا ليکڪ ۽ اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جا سمورا حق ۽ واسطا ليکڪ ۽ اداري وٽ محفوظ


    ڪتاب جو نالو : فنا
    موضوع : شاعري
    شاعر : امر پيرزادو
    ڇاپو پهريون : مئي 2018
    پاران : انور پيرزادو اڪيڊمي
    لي آئوٽ : همرچو پبلشرز
    ٽائيٽل : علي منصور

    مُلهه 300رپيا

    FANAA (Poetry)
    Poet : Amar Pirzado
    Email : amar_pirzada@yahoo.com
    Contact : 0333-3459398
    First Edition : May 2018
    Published by : Anwar Pirzado Academy

    Price : Rs 300/-
    All Rights Reserved © 2018


    ارپنا

    باک، ساز، سنبارا
    پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀيڻ زرار، زيد ۽ ثمينه لئه

    مون وٽ ڇاهي ؟
    مون وٽ ٻارن جي دولت آ
    مو ن سان ڀائرن جي طاقت آ
    مون سان منهنجي ڀيڻ جي دل آ


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”فنا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب خوبصورت شاعر امر پيرزادي جي شاعريءَ جو مجموعو آھي.
    امر پيرزادو اهڙو شاعر آهي جنهن جي شاعري پڙهي عوام سوچڻ تي مجبور ٿيندو. امر جو هر غزل، نثري توڙي آزاد نظم هڪ معيار رکي ٿو. امر پيرزادو نئين ٽهيءَ جو جديد ۽ مزاحمتي شاعر آهي. اڄ جي دور ۾ سچ لکڻ اڳ کان وڌيڪ ڏکيو بڻجي ويو آهي اهڙي خوفناڪ ماحول ۾ امر جي شاعري هڪ دليراڻو اظهار آهي.
    هي ڪتاب انور پيرزادو اڪيڊمي پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون پياري امر پيرزادي جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    انور پيرزادو اڪيڊمي کي ٺهي يارنهن ورهيه ٿي ويا آهن ۽ اڪيڊمي جو هيءُ سورنهون ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي. انور پيرزادي جي اڻ ڇپيل مواد کي اڪثريتي طور تي ڪتابي شڪل ۾ آڻڻ کان پوءِ اڪيڊميءَ انور صاحب جي روح پٽاندڙ اهڙا ڪتاب به شايع ڪيا آهن جن کي اسان جي خيال ۾ ڏسي، هو بيحد خوش ٿئي ها. جنهن جي شروعات 2013ع ۾ سندس سڀ کان ننڍڙي ۽ پياري پٽ امر پيرزادي جي پهرئين شعري مجموعي ”عشق“ سان ٿي هئي جنهن جو انور پيرزادي جي ڪتابن جيان رڪارڊ وڪرو ٿيو ۽ ادبي حلقن ۾ تمام گهڻو مقبول به ٿيو. ان ڪتاب کان پوءِ انور پيرزادي جي وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادي جي آتم ڪٿا تي ٻڌل ڪتاب پڻ شايع ڪيو ويو جنهن کي ڳوٺ ٻلهڙيجي ۽ پيرزادا فيملي لاءِ تاريخي ڳُٽڪي جي اهميت ملي چڪي آهي.
    انور پيرزادي جي ڪتابن جي اهميت ۽ ضرورت سڄي سنڌ جي علمي، ادبي، سياسي، سماجي، تاريخي ۽ صحافتي حلقن وٽ پهريون به هئي ۽ هاڻي به آهي ۽ انهن حلقن جڏهن هٿوهٿ انور صاحب جا ڪتاب خريد ڪيا ته انهن اشاعتي ادارن کي ڏندين آڱريون اچي ويون جن کي ڪتابن جي نه وڪري ٿيڻ واري المياتي صورتحال مايوس ڪري ڇڏيو هو. مطلب ته انور پيرزادو اڪيڊمي کي اشاعتي سلسلي جو ڪامياب تجربو ٿيو آهي.
    جيڪڏهن انور پيرزادي صاحب کي اڪيڊمي جو هي اشاعتي ڪم ڏسڻ جو موقعو ملي ته، هو به يقينن پنهنجن هيترن ڇپيل ڪتابن کي ڏسي خوشگوار حيرت ۾ پئجي وڃي ها پر جيڪڏهن هو ڪنهن به ڪتاب ڇپجڻ تي گهڻو خوش ٿئي ها ته پنهنجي پٽ امر جي ٻن شعري مجموعن ۽ پنهنجي ڀاءُ جي آتم ڪٿا کي ڏسي (پنهنجي مخصوص مزاج سبب) گهڻي سرهائي ڏيکاري ها.
    ان ڪري امر پيرزادي جو ”فنا“ نالي هي ٻيو شعري مجموعو اوهان جي هٿن ۽ انور صاحب جي روح جي گهرائين تائين پهچائيندي اسان کي بيحد سرهائي محسوس ٿي رهي آهي.
    امر پيرزادو، انهن ٿورن شاعرن مان هڪ آهي جن جي ڪتابن ڇپڻ جي، ادبي حلقا فرمائش ڪندا آهن. سو امر جي پهرين شعري مجموعي جيان هن ٻئي مجموعي جي به، امداد حسينيءَ جهڙي موجوده دور جي عظيم شاعر سميت هڪ وڏي ادبي حلقي کي انتظار هو ۽ اها ڊيمانڊ ئي ڪتاب جي ڪاميابيءَ جي ضمانت هوندي آهي.
    امر پيرزادو اهڙو شاعر آهي جنهن جي شاعري پڙهي عوام سوچڻ تي مجبور ٿيندو. امر جو هر غزل، نثري توڙي آزاد نظم هڪ معيار رکي ٿو. امر پيرزادو نئين ٽهيءَ جو جديد ۽ مزاحمتي شاعر آهي. اڄ جي دور ۾ سچ لکڻ اڳ کان وڌيڪ ڏکيو بڻجي ويو آهي اهڙي خوفناڪ ماحول ۾ امر جي شاعري هڪ دليراڻو اظهار آهي.
    اسان کي اميد آهي ته جيئن امر جي پهرين شعري مجموعي ”عشق“ جا هُل هُليا، تيئن ”عشق“ ۾ ”فنا“ کائڻ کان پوءِ هڪ شاعر جي حيثيت ۾ امر هاڻي ان ”شاعراڻي معراج“ تي رسندو جتي ”فنا“ کاڌل ۽ ”مان“ کي ماري سگهڻ وارو جرئتمند شخص/تخليقڪار ئي رسي سگهي ٿو، جيڪو پوءِ ”ماڻهو“ مان نڪري ”انسان“ بڻجي ويندو آهي ۽ ”ذات“ کي ”اجتماع“ ۾ فنا ڪري ڇڏيندو آهي.
    ”عشق“ ۾”فنا“ کاڌل هي شعري مجموعو امر پيرزادي کي بقول اياز جانيءَ جي ته ”مفڪر شاعر“ واري رتبي تي رسائيندو. ڇاڪاڻ ته هن شعري مجموعي ۾ امر هڪ فڪر انگيز ”دانشور شاعر“ طور حاوي نظر اچي ٿو، جنهن جي شاعري نه رڳو ترنم بڻجي جذبن کي راحت ڏئي ٿي پر ذهن کي به گهڻو ڪجهه سوچڻ لاءِ مجبور ڪري وجهي ٿي.


    زرار پيرزادو - زيد پيرزدو
    انور پيرزادو اڪيڊمي


    مُهاڳ: عشق کان فنا تائين : عطيه دائود

    عشق کان فنا تائين جو هي سفر امر پيرزادي پنجن سالن ۾ طئي ڪيو آهي.2013 ۾ سندس شاعري جو پهريون مجموعو عشق آيو هو ۽ هاڻي سندس ٻيو ڪتاب فنا اسان جي سامهون آهي. پنجن سالن جي هن سفر ۾ امر ڪجهه پراڻن موضوعن کي نئين اتساهه سان دهرايو آهي ته ڪجهه نون خيالن، موضوعن ۽ تشبيهن کي سنڌي ادب ۾ متعارف ڪرايو آهي. هو جنهن کي فنا جو نالو ڏئي ٿو اهو به دراصل سندس عشق جو ئي اهڙو سلسلو آهي جيڪو ڪڏهن ٽٽو ئي ناهي. عشق ئي سندس شاعري جو محور آهي. عشق جيڪو هن کي پنهنجي آدرشن سان، آدرشي انسانن، پنهنجي جنم ڀومي، پنهنجي پريمڪا، دوستن، مائٽن ۽ پنهنجي ٻارن سان آهي. امر جي شاعري جو ٻيو موضوع آهي، ”ڏک...“ اهڙا ڏک جيڪي دنيا جي هر انسان جو نصيب آهن انهن کان ڪو به پنهنجو دامن بچائي نه سگهيو آهي. اهڙو ئي هڪ ڏک موت آهي... بدقسمتي سان امر کي ان ڏک جي صحرا مان بار بار گذرڻو پيوآهي. هڪٻئي پويان والدين جو وڇوڙو. جوان ڀاءُ زبير جي جدائي ۽ اياز جاني جهڙن دوستن جو ڪُمَهلو موت امر جي دل کي جهوري وڌو آهي.
    رنگبرنگي رلهي ڪا هئي ساٿ جي
    سا اکيلي وئين ڪيئن سبجي وري.
    هڪ ٻئي غزل ۾ به اياز جاني جي جدائي ۾ هو چئي ٿو ته :
    ايتري غـمگين تنهنجي ياد اڳ ۾ ڪونه هئي
    ســار ۾ هي درد جو خنجر نئون کوڙي وئين.
    هـي وڇوڙا عــارضي هن پاڻ ملندا سي وري
    زندگي جا موت سان تون رابطا جوڙي وئين.
    امر جي شاعريءَ جو هڪ ٻيو محرڪ انساني حقن جي ڀڃڪڙيءَ خلاف مزاحمت آهي، هر دور ۾ ان الميي جي شڪل بدلجندي رهي ٿي. خيرالنساء جعفري چواڻي ته ”جڏهن ڌرتي تي خزان جو رنگ ڇانئيل هوندو آهي ته ادب تي بهار ايندي آهي.“ اهڙي خزان سنڌ جي ڌرتي تي هندستان جي ورهاڱي، پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ ون يونٽ جو مڙهجڻ، ايوب خان ۽ يحيٰ خان جي مارشل لاء ۽ ستر واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ٻولي جي بل جو اسيمبلي ۾ پيش ٿيڻ وقت ان خلاف نفرت جي بازار گرم ٿيڻ، انهن سببن ڪري سنڌي ماڻهن ۾ ڏک، ڪاوڙ ۽ محرومي واري سموري شدت سنڌي ادب ۾ سمايل نظر اچي ٿي. ان کان پوءِ ملڪ جي پهرين چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ضيا الحق جي انڌير نگري شروع ٿي. ظلم ۽ انڌيرجي ان دور ۾ بارود وڇايل ان ڌرتي تي شاهڪار ادب جا گلاب ڦٽا هئا.
    ظلم جو هڪ باب ختم ته ٿيو پر ان جي قهري ۽ زهريلن اثرن جون پاڙون پٽجي نه سگهيون آهن. اڄ به ضيا جو ڀٽڪيل روح پنهنجي پوکيل هٿيارن ۽ جهالت جي فصل جي جهار هڪلڻ لاءِ امن پسند پکين جهڙن انسانن کي نشانو بڻائي ٿو.
    امر جي شاعري جو هڪ ٻيو محرڪ جنسي مت ڀيد آهي. جنهن خلاف سندس اندر ۾ به اهڙي طرح سان غصو ڀريل آهي جهڙي طرح اهو مت ڀيد سهندڙ عورتن جي اندر ۾ آهي.
    پر اهي سڀ ڏک غم، صدما، جدايون، ناانصافيون، محروميون سهڻ کان پوءِ به امر جي شاعري ۾ زندگي پنهنجي پوري زنده دلي سان موجود ملي ٿي. هو حسن کي پسڻ ۽ ساراهڻ واري حس رکي ٿو. حسن يا سونهن ڇا آهي؟ ان جو جواب ۽ جواز هر انسان وٽ مختلف هجي ٿو. امر وٽ حسن جي پرک جو پيمانو ڇا آهي؟ اهو جواب سندس شاعري ۾ ڳولي لهڻو آهي.
    پهريائين سندس شاعري ۾ موجود عشق جو تجزيو ڪجي ٿو. سندس شاعري جي گواهي موجب هن جو پهريون عشق آهي هڪ آدرشي انسان. جنهن سندس شخصيت تي وڏو اثر ڇڏيو آهي. ان جو نالو آهي انور پيرزادو.
    ذاتي طور تي مان شخصيت پرست نه رهي آهيان ڪنهن پيري مرشدي، استاد شاگرد جي قائل به نه رهي آهيان، پر ان جو مطلب اهو نه آهي ته انهن رشتن جي سچائي جي اهميت کان انڪار ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته اهو رشتو روحن جو هوندو آهي، سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته اهڙيون شخصيتون اهڙا انسان به دنيا ۾ رهيا آهن جيڪي ٻين کي پنهنجي سحر ۾ مبتلا ڪرڻ ۽ پنهنجي عشق ۾ فنا ڪري ڇڏڻ جو هنر، طاقت ۽ اهڙي قسمت پاڻ سان گڏ کڻي ايندا آهن. اهڙا ڪيترائي انسان هوندا پر مون پنهنجي زندگي ۾ اهڙا ٻه ماڻهون ڏٺا ۽ ٻڌا، ان ۾ هڪ ته ذوالفقار علي ڀٽو آهي ۽ ٻيو انور پيرزادو.
    ڀٽي جو حلقو تمام گهڻو وسيع آهي.هنن جي فيلڊ به مختلف آهي سندن ڪو مقابلو ناهي پر هڪجهڙائي جيڪا محسوس ٿئي ٿي اها آهي ته ڀٽي جيان انور سان به ڪو ماڻهو هڪ ڀيرو واٽ ويندي به مليو هوندو ته اهو انور کي پنهنجو دوست سمجهي ياد رکندو آهي ۽ اهو انور جي ڪردار ۽ گفتار مان ضرور متاثر ٿيو هوندو. هونئن ته انور جا سڀئي ٻارکيس شدت سان چاهين ٿا پر امر ان جو اهڙو عاشق آهي. جهڙو انور ڀٽائي جو هو، سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ اسان ڪيئي ڀيرا انور تي اهڙي تنقيد به ڪئي هئي، اسان جي هڪٻئي تي تنقيد ڪڏهن جارحاڻي صورت به اختيار ڪري ويندي هئي. مونکي ياد آهي ته مون انور مٿان ڇتي تنقيد ڪندي چيو هو ته ڇا اسان اهو بحث پيا ڪيون ته ڀٽائي نور هو يا بشر!! انور ان تنقيد جو جواب ٿڌي دماغ ۽ نماڻائي سان ڏنو هو. تنقيدي نشست ختم ٿيڻ جو جيئن ئي اعلان ٿيندو هو ته اسان پل ۾ سڀ هڪ ٻئي جا تلخ جملا وساري ساڳي اڪير منجهان ٽهڪ ڏئي کلندا هئاسين. ڀٽائي سان اهڙي عقيدت جو انور وٽ جواز هو. هو ڀٽائي جي فن ۽ فڪرجي گهرائي مان متاثر هو. ساڳي طرح سان امر وٽ انور سان عشق ڪرڻ جا جواز موجود آهن. امر پنهنجي پهرين مجموعي عشق ۾ لکي ٿو.
    هو فنا هو، عشق هو ۽ جستجو
    هو جيئڻ جو ڏانءُ آ ڏسي ويو.
    ”عشق“ مجموعي ۾ هن انور جي ياد ۾ چار نظم لکياهئا. نظم جنهن جو عنوان آهي ”انور پيرزادي جي وڇوڙي تي لکيل“ هن نظم ۾ پنهنجي پيءُکي ساريندي هو لکي ٿو ته:
    تنهنجون اهي ننڍيون ننڍيون
    عام رواجي ڳالهيون
    دنيا لاءِ ڀلي ڪجهه نه هجن
    منهنجي عشق وارين يادن جو
    اٽوٽ حصو آهن.
    هن نظم ۾ پٽ پنهنجي پيءُ جي ساٿ کي گهر ۾ رهندي محسوس ڪري ٿو. نهايت عام رواجي ڳالهه آهي اولاد پنهنجي پيءُ کي گهر ۾ نه ڏسندو ته ڀلا ٻيو ڪٿي ڏسندو پر اهو الميو آهي اهڙن ٻارن جو جنهن جا پيءُ ڪنهن فيلڊ ۾ گهڻا مشهور هجن ٿا. علي بابا، جون ايليا جهڙا ڪيترا ئي سوين اهڙا مثال ملي سگهن ٿا جن جي ٻارن وٽ امر جهڙين يادن جو خزانو نه هوندو.
    ساڳي مجموعي ۾ ساڳي عنوان سان غزل آهي جنهن ۾ امر لکي ٿو ته
    مان ته توسان مري چڪو آهيان
    ساهه هي ڪير ٿو کڻي هاڻي
    هڪ ٻي غزل ۾ چئي ٿو ته
    ڄڻ ته ڪا تهذيب ٿي وئي فنا
    ڄڻ مهون ٻيهر هٿان هليو ويو.
    انور جي ياد ۾ امر ”ڏاڏي ۽ پوٽي جي جوڙي“ واري نظم ۾ لکي ٿو ته :
    تو منهنجي عشق جو ڪيس وڙهي
    اهو سڀ ڪجهه
    مونکي وٺي ڏنو
    جيڪو مون چاهيو.
    هي اهو ڪردار هو جيڪو انور والد جي حيثيت ۾ ادا ڪيو، هر والد کي پنهنجي ٻارن سان پيار ۽ سندن مستقبل جو فڪر رهندو آهي، چور، ڌاڙيل، ڪرايي جا قاتل، رشوت خور، جلاد به اهڙا ڪم پنهنجي اولاد گهر ٻار جي ضرورتن ۽ خواهشن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪندا آهن. اولاد انهن کي به اوترو ئي پيارو هوندو آهي. ڪيترائي اديب، دانشور ۽ فنڪار اهڙا به مثال ڇڏي ويا آهن جو هنن پنهنجي قلم ۽ ضمير جو سودو ڪندي پنهنجي اولاد کي خوشحال ۽ عيش واري زندگي ڏني پر انور اهڙن ماڻهن منجهان آهي جن اهو نه ڪيو. هو پنهنجي اصولن تي قائم رهندي جيڪي پويان اولاد لاءِ ڇڏي ويو. ان جو ذڪر امر جي شاعري ۾ ملي ٿو.
    امر جي نئين مجموعي ”فنا“ ۾ انور بابت سندس شاعريءَ جو تجزيو ڪجي ٿو. پهرين اچو ته ڏسون انور اولاد لاءِ ڪهڙو ورثو ڇڏيو آهي،
    تون هليو وئين
    تنهنجي بئنڪ اڪائونٽ ۾
    ڪجهه ڪونه هو
    پر تو اسان جي دلين ۾
    محبت جي ايڏي دولت ڀري ڇڏي
    جيڪا کُٽي ئي نه ٿي.
    تو ڪا وصيت نه ڪئي
    پو به اسان کي هر گهڙي رڳو
    تنهنجي ڪمن کي پورو ڪرڻ جي ڳڻتي رهي.
    تو ڪڏهن جيئڻ نه سيکاريو
    تو اسان کي جي ڏيکاريو.
    انور پيرزادي جي جنم ڏينهن تي ڀيٽا پيش ڪندي امر لکي ٿو ته
    پنجويهين جنوري ايندي آهي
    ڊيلٽا پنهنجو پنڌ پورو ڪندي آهي
    عورت حق وٺندي آهي.
    ماڻهپي جو موسم ايندو آهي.
    شاعر امر پيرزادو پنهنجي شاعري ۾ اهي سبب بيان ٿو ڪري جنهن جي ڪري انور سندس محبوب ۽ آئڊيل شخصيت بڻجي ويل آهي.
    پنهنجي قريبي مائٽن ۽ دوستن جي موت جي صدمي کان پوءِ هڪ ٻيو ڏک جيڪو انسانيت جي رشتي سبب سندس دل کي جھوري وجھي ٿو اهو آهي ملڪي ۽ عالمي سياسي حالتن سبب ناحق مرندڙ ماڻهون. ان ۾ هو بلوچستان جي حساس حالتن تي جنهن تي ماڻهن کي ڳالهائڻ جي همٿ ناهي، هو ان تي نوحن جهڙا نظم لکي ٿو.
    ”چچريل لاش“،”بلوچستان“،”مائنڊ سيٽ“، ”اسان تماشبين آهيون“، ”اختيار“، ”گلن جو بمن سان مقابلو“، ”سبين محمود لاءِ“، ”ڀڳل روڊن جهڙي جمهوريت“، ”جيستائين انڌيرن ۾ قيد“، ”چار سده جي واقعي تي لکيل“ هي سڀ نظم شاعر جا سڏڪا آهن. هر دور جي اديبن شاعرن پنهنجي حصي ۾ آيل ڏکن عذابن ۽ تجربن کي لکيوآهي.
    ورهاڱي جو الميو اهو هو ته هندو ۽ مسلمان هڪٻئي جي پاڇي کان به ڊڄندا هئا. وري هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ لڳندڙ جنگين دوران خطري جي سائرن جو آواز ٻڌندي ئي سرنگهن ۾ لڪي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ۽ خطرو ٽري وڃڻ جو يا امن جو سائرن گونجندو هو ته ماڻهون سرنگهن مان نڪري ايندا هئا ۽ ڪجهه گهڙين لاءِ سک جو ساهه کڻندا هئا پر بدقسمتي سان هن دور۾ سک جو ساهه کڻڻ لاءِ اهي چند گهڙيون به نصيب نه آهن، خطري کان بچڻ جي ڪا سرنگهه ناهي، گهر اندر گهر کان ٻاهر هر هنڌ خوف ئي خوف آهي. امر پيرزادو پنهنجي دور جي الميي کي نظم ”چچريل لاش“ ۾ بيان ڪندي لکي ٿو.
    اسين گهر ڀاتي
    پنهنجي دل جي قبرستان ۾
    تنهنجي قبرٺاهيندا رهياسين.
    جنهن ۾ توکي نيٺ اچي سمهڻو هو
    بس ايتري خواهش هئي ته تنهنجو جسم
    موت جي سور کانسواءِ ٻيو ڪو سور نه ماڻي
    پر اڄ تنهنجو رستي تي اڇلايل
    ڇيهون ڇيهون لاش ڏسي
    روح ئي ڇڄي پيوآهي.
    اهو ڇڄيل روح باخبر آهي ته اهو ظلم ڪير پيو ڪري ۽ ڇو پيو ڪري.
    نظم مائنڊ سيٽ ۾ امر انهن ڪردارن کان چورائي ٿو ته :
    اسان کي فخرآهي، موت جي کوهه وانگر
    ساڳين ساڳين دائرن ۾
    اوهان جي زندگين کي ڦيراٽيون ڏيارڻ تي
    ان جو عادي بڻائڻ تي
    رياست ۾ مذهب، مذهب ۾ رياست ملائڻ تي.
    نظم ”اسان تماشبين آهيون“ ۾ بي حس بڻجي ويل ان اڪثريت جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪي خاموشي سان تماشو ڏسڻ جا عادي هجن ٿا.
    ”اختيار“ نظم ۾ طاقت جي زور تي عام شهرين جي تذليل ڪرڻ تي احتجاج آهي، ته ڪهڙي ريت تلاشي جي بهاني شهرين جي عزت نفس تي لت رکي ٿي وڃي. بنا ڪنهن جواز جي گهر اندر داخل ٿي عورتن جي بي عزتي ڪندي مردن کي کنڀي اڻ ڄاتل جڳهن تي قيد ڪيو ٿو وڃي.
    ڪجهه عرصي کان ويلنٽائن ڊي تي پيل پابندي خلاف به امر ڪجهه نظم لکيا آهن جن منجهان اهو محسوس ٿئي ٿو ته اهڙين اجاين پابندين سبب عام شهري ڪيتري گهُٽ ۽ ٻوسٽ محسوس ڪن ٿا.
    طالبانن جي ملڪ ۾
    محبت تي نظم لکڻ لاءِ
    ضروري آهي ته
    نظم پورو ٿيڻ کان اڳ تائين
    ڪوڌماڪو نه ٿئي.
    اسان ويلنٽائن ڊي ملهائينداسين
    گلن سان بمن جو مقابلو ڪنداسين.
    هرظلم، ناانصافي خلاف مزاحمت ۽ انساني حقن جي پاسداري ڪندڙ هن حساس دل شاعر کي نسلي، طبقاتي ۽ جنسي مت ڀيد اندران جنجهوڙي ٿو ڇڏي، ان ڪري هي ڀوري ڀيل سان ٿيل توهين آميز سلوڪ تي تڙپي ٿو ته جنسي مت ڀيد به کيس پنهنجي ذات جو ئي ڏک محسوس ٿئي ٿو. هو ان ٻوسٽ کي محسوس ڪري ٿو جڏهن ڪا ٻارڙي پاڻ کي پنهنجي ڀاءُ جي ڀيٽ ۾ ثانوي حيثيت جو انسان سمجهڻ تي مجبور ٿيندي پنهنجي اندر ۾ جهري پوندي هوندي
    نظم ”ڌيءُ سان وچن“ ۾ امر ان نينگريءَ جي دل جي ترجماني ڪندي لکي ٿو ته:
    مونکي ايڏو پيارڏجان تون
    جيڏو پٽ کي ڏيندو آهين.
    منهنجي خامين تي ڀي پٽ جي خامين وانگر
    ٽهڪ ڏجان تون بابا
    مونکي سا آزادي گهرجي ٿي
    جيڪا تنهنجي لاءِ رهي ٿي
    منهنجا خيال به ڏور اڏامڻ چاهين ٿا
    ڪنهن به شڪاريءَ جي ڊڄ کان پوءِ
    تون اڏامڻ کان نه جهلجان.
    امر پيرزادو اهڙن ئي موضوعن تي پنهنجي پهرين مجموعي ”عشق“ ۾ به پنهنجي خيالن جو چٽو اظهار ڪري چڪو آهي. اهو موضوع امر وٽ شعوري طور به موجود آهي ته لاشعوري طور به آهي. ٻين ڪيترن ئي سڄاڻ ذهنن جي روشن خيال مردن وانگر امر پيرزادو پنهنجي تربيت، مطالعي، ۽ پنهنجي سڀاءَ سبب اهو ڄاڻي ٿو ته جنسي مت ڀيد خلاف لکڻ ۽ مزاحمت ڪرڻ سندس ذميداري به آهي ته وقت جي تقاضا پڻ. ان موضوع تي ۽ ڪجهه وري دوستن جي وڇوڙي تي يا وري ڪنهن وقتائتي موضوع تي تڪڙو لکڻ جي ڪوشش به ڪري ٿو پر انهن ساڳين موضوعن تي سندس نظم توڻي غزل فني توڻي موضوعاتي اعتبار کان شاندار به آهن ۽ گهڻا ڪجهه اهڙا رويا آهن جيڪي امر وٽ قدرتي طور سندس اندر ۾ نهايت گهرائي ۾ موجود آهن.
    عورتن جي حقن جا حامي مرد ته ڇا پر خود عورتون پڻ لاشعوري طور تي پنهنجي روين ۽ ڳالهائڻ ۾ اهڙو تاثر ڏينديون آهن جن مان اهو ظاهر پيو ٿيندو آهي ته هو خود به مردن جي برتري کي دل سان قبول ڪري چڪيون آهن. ڀلي سندن نيت اهڙي نه هجي پر پنهنجي گفتگو ۾ ڌيءُ کي مان ۽ عزت بخشيندي کيس پُٽ پُٽ ڪري سڏينديون آهن پر ڪڏهن غلطي سان به پٽ کي ڌيءُ نه چيو ويندو آهي. عورت، نوجوان ڇوڪري، يا ٻارڙيءَ جي مثبت انداز ۾ تعريف ڪندي کيس اعزازي طور تي مرد جهڙي مڙس ماڻهو عورت، يا پٽ جهڙي نياڻي ته هرڪو چوندو پر پٽ کي نياڻي جهڙو يا مرد کي عورت جهڙو تڏهن چيو ويندو آهي جڏهن ڪنهن مرد يا ڇوڪري جي تذليل ڪرڻ مقصد هجي. عورتن وانگر ڊڄڻو، بزدل. روئڻو، ڪمزورآهي. مرد جي ان کان وڌيڪ بي عزتي ناهي جڏهن کيس اهو ڪير طعنو ڏئي وجهي ته وڃي عورتن وانگر چوڙيون پائي گهر ۾ ويهي رهه. پر امر پيرزادي جي شاعري ۾ اهو هڪ مثبت لاڙي جو اهڃاڻ آهي ته هو مردن کي خراج تحسين پيش ڪندي کين عورت سان ڀيٽي ٿو.
    عورت جهڙي دل رکندو هو
    هڪڙو اهڙو مرد مليو هو.
    حسن مجتبيٰ تي لکيل نظم ۾ چئي ٿو ته
    هو انسانن جو عاشق آ
    هو مرد هجي ڀي عورت آ
    جا پيار ڪرڻ ڀي ڄاڻي ٿي
    جا پنهنجا حق ڀي ماڻي ٿي.
    حسن مجتبيٰ ته بي شڪ اهڙي تشبيهه کي پنهنجي لاءِ عزت افزائي سمجهندو نه ته اهڙي تشبيهه ته مردانگي لاءِ گار به سمجهي سگهجي ٿي. اخباري خبر موجب خانزادي کي شادي رات ڪاري ڪري ماريو ويو ته امر ان تي ڏک جو اظهار ڪندي لکي ٿو ته:
    زيور پيس خنجر جيان،
    چوڙيون ڀڳس ويساهه جون
    نظم شوقين فيمنسٽ ۾ امر اهڙن مردن تي سخت تنقيد ٿو ڪري جن جي قول ۽ فعل ۾ فرق آهي، هو پاڻ کي عورتن جي حقن جو پاسدار ته سڏائين ٿا پر دراصل سندن اندر ۾ تضاد ڀريل آهي.هو ان کي سنئون سڌو مخاطب ٿيندي تنقيد ڪري ٿو ته:
    جڏهن تنهنجي روشن خيالي
    تنهنجي گهر کان پري هجي
    تڏهن اي شوقين فيمنسٽ
    تون شائونسٽ مرد بڻجي ويندوآهين.
    هجرت جو ڏک ۽ پنهنجي جنم ڀومي سان سڪ جي ڏور ڳنڍيل هئڻ جو احساس شايد انساني فطرت جو حصو آهي، ان جو ذڪر دنيا جي گهڻن ئي ٻولين جي ادب ۾ آهي ۽ عام ماڻهو به پنهنجي پنهنجي انداز ۾ ان جواظهار ڪندو رهيو آهي. ڳوٺن ۾ اڃان به ماڻهن ۾ اهڙيون چوڻيون يا پهاڪا مشهور آهن.ڪنهن فرد جي اگر ڪنهن خاص ڪنڊ، جڳهه سان خاص انسيت هوندي آهي ته کيس مذاق ۾ چيو ويندو آهي ته تنهنجي اتي اور پوريل آهي ڇا!.. خاص طور سنڌي ادبي تخليقن تي ٿيل تنقيدي توڻي تعريفي تجزيي ۾ چيو ويندو آهي ته هنن جي لکڻين منجهه ڳوٺ سمايل هجي ٿو. پر امر پيرزادو جنهن جي ان ڳوٺ ۾ نه ته اور پوريل آهي نڪي هو اتي پليو نپنيو آهي. هو لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿيو ۽ ٽن سالن جي عمر کان پنهنجي خاندان سان گڏ ڪراچي شهر ۾ رهي ٿو. پنهنجي وڏن ڀينرن ۽ ڀائرن وانگر سندس وٽ ڳوٺ جي گهٽين ۾ رانديون کيڏندي بلوغت جي عمر تائين رسي وڃڻ جهڙين يادن جو سلسلو به ناهي ته به ڳوٺ سندس روح ۾ ايئن سمايل آهي جهڙو مارئي جي من ۾ ملير....
    هو جيتوڻيڪ دنيا جا ڪجهه خوبصورت ملڪ به گهمي چڪو آهي پرجڏهن ڪو خوبصورت منظر سندس ڌيان ڇڪائي ٿو ته هن کي دريا ٿيمس جي بدران پنهنجو ڳوٺ ياد ٿو اچي.
    هلندي جتي ٿڪ ٿي لٿو
    سي ڳوٺ جون ڳليون هيون.
    هڪ ٻي غزل ۾ چئي ٿو ته
    ڳوٺ پڳاسين ڪوهيڙي ۾
    ٿڪ ڀڳاسين ڪوهيڙي ۾.
    هڪ ٻي رچنا ۾ چئي ٿو ته
    ڳوٺ وسي ٿو مينهن
    آلو آلو ٿي ويو
    ماروئڙن سان نينهن.
    امر پيرزادي ڪراچي ۾ پنهنجي زندگي جا ڪيترائي مرحلا پار ڪيا آهن. ننڍپڻ کان نوجواني، تعليمي سفر کان روزگار ڪمائڻ تائين، لاڏلو پٽ ۽ ڀاءُ کان ذميدار پيءُ بڻجڻ تائين، عاشق کان زال جو ساٿي بنجڻ تائين هن زندگي جي سمنڊ کي جهاڳيو آهي. حساس شاعر هئڻ سبب ڪشادي شهر جي سوڙهي زندگي کي ڀوڳيو آهي. سندس هڪ نظم جو مفهوم آهي ته آفيس ۾گهڻي ڪم سبب گهر اچڻ ۾ دير ٿي وئي ۽ ننڍڙي ڌيءُ سمهي رهي، جيڪا کيس ڏسي خوشي مان ڊانس ڪندي آهي. ان حوالي سان سندس هڪ ٻيو نظم اهڙي ڪيفيت جي ترجماني ڪري ٿو ته:
    اڄ ته دل لڳي نه ٿي
    زندگي جي شور ۾
    فيس بوڪ جي بازار ۾
    هرڪو نمائش جا
    دڪان سجائي ويٺو آهي
    هرڪو پاڻ کپائي ويٺو.
    وڏي شهر جي تنهائي کي جديد ٽيڪنالوجي به ڪيترو تنها ڪيو آهي. اهو مشاهدو ۽ تجربو به ته هن نسل کي ئي پلئه پيو آهي. سوشل ميڊيا جي ترقي سبب جيتوڻيڪ رابطي جا ذريعا تڪڙا ٿي ويا آهن. بظاهر ته ائين لڳي ٿو ته سڄي دنيا پاڻ ۾ ڳنڍجي وئي آهي پر انهن وسيلن جي بي جا ۽ انڌاڌند استعمال رشتن کي به ميڪينيڪل بڻائي ڇڏيو آهي. شيخ اياز انساني زندگي کي سوڙهو بڻائيندڙ اڀ ماڙ، بئنڪون، هوائي اڏان ۽ يارڊ جو ذڪر ڪري ٿو. پر سندس حياتي ۾ اڃان فيس بوڪ ۽ واٽس اپ عام ڪونه ٿيا هئا. امر پيرزادي پنهنجي دور جي اهڙن مسئلن کي بيان ڪري ٿو. سندس نظم ”مصنوعي رشتا“ ۾ زال مڙس جي زندگي جي عڪاسي ڪندي چئي ٿو ته هو ڪڏهن شادي جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽڻ نه وساريندا آهن.هڪٻئي کي خاص ڏهاڙن تي تحفا به ڏيندا آهن. هڪٻئي جون ۽ ٻارن جون ضرورتون به پوريون ڪندا آهن پر ته به سندن رشتي ۾خال آهي.
    هڪ ڪمري ۾ روم ميٽس بڻجي رهندا آهن
    مضبوط سماجي رشتو هوندي
    ڪمزور تعلق جو عذاب ڀوڳيندا آهن
    سماج جون گهڙيل مصنوعي خوشيون
    نڀائيندي هو ٿڪجي پوندا آهن
    زندگي جي اصل تازگي
    کين پري کان تڪيندي رهندي آهي.
    شاعر اهڙي مصروف زندگي ۾ انساني رشتن ۽ جذبن جي ٿڌاڻ کي ويجهي کان مشاهدو ڪيوآهي ۽ پنهنجي زنده رهڻ جو جواز به ڳولي لڌو آهي.
    مصروف زندگي مان
    جيڪو ٿورڙو وقت
    پاڻ لئه بچائيندو آهيان
    توکي ۽ شاعري کي ڏيندو آهيان
    نئين سر تخليق ٿي ويندو آهيان.
    ڏسندي ئي ڏسندي سوشل ميڊيا انساني زندگي ۾ ائين ڇائنجي وئي آهي جهڙوڪ انسان جي اولين ۽ بنيادي ضرورت هجي.سائنسي علم اڳي انهي تي غور ڪندي پنهنجو تجزيو پيش ڪندي هئي ته پاڻي ۽ کاڌي خوراڪ کانسواءِ انسان ڪيترا ڏينهن زنده رهي سگهي ٿو، پر هاڻي شايد جلد ئي سائنسدان سنجيدگي سان انهي تي سوچڻ لاءِ مجبور ٿي وڃن ته فيس بوڪ ۽ واٽس اپ کان بنا هو ڪيترا ڪلاڪ گذاري سگهن ٿا. امرپيرزادي اهڙي نئين نسل جن جا گوڏا سوشل ميڊيا جهڙي مم چٽي وئي آهي هنن کي ان کانسواءِ ڪجهه نظر ئي نه ٿو اچي . نئين زماني جي نون مسئلن کي هن نهايت اثرائتي انداز ۾ پيش ڪيوآهي. هڪ نظم ۾ چئي ٿو ته
    صبح جو اٿي اکيون کولي برش ڪندا هئاسين
    هاڻ ان کان اڳ ۾ موبائل جا ميسيجز چيڪ ڪندا آهيون
    محفلن ۾ موبائل اڪيلو ڪري ڇڏيندي آهي
    ڪنهن هوٽل تي ماني ملندي ئي
    ان کي ڇهڻ کان اڳ فوٽو جي بسم االله ڪري
    اتان ئي اپلوڊ ڪندا آهيون.
    موبائيل ڪري سڀني سان جڙجي ويا آهيون
    بس پاڻ کان ڪٽجي ويا آهيون.
    ان ئي موضوع تي سندس هڪ خوبصورت نظم ”سائيڊ افيڪٽ“ اهڙن ماڻهن جي نفسيات تي آهي جن کي ان ٽيڪنالوجي جي فوبيا ٿي چڪي آهي.
    جديد دور جي نئين نسل کي
    هر پنجن منٽن کان پوءِ اهو انتظار ستائيندو آهي ته
    سندن تصويرن ۽ اسٽيٽس تي
    لائيڪ جو اسڪور الائي ڪٿي پهتو؟
    خوبصورت تشبيهن سان ڀريل هن نظم ۾ ڪمال جي حقيقت نگاري آهي، آئينو آهي. مونکي سندس هي نظم تمام گهڻو پسند آهي پر هتي اهو پورو نظم اتارڻ مناسب نه ٿو لڳي جو هن ئي ڪتاب ۾ ته شامل آهي. ڪيتري نه تلخ حقيقت آهي ساڳي نظم جون آخري سٽون آهن ته :
    هو وقت کي ۽ وقت انهن کي گذاري ڇڏيندو آهي
    سوشل ميڊيا تي اينٽي سوشل زندگي گذاريندڙ هي نسل
    ٽيڪنالوجي جي استعمال جو
    سائيڊ افيڪٽ لڳندو آهي.
    زماني جون تلخ حقيقتون، ڏک سور جدائيون صدما پنهنجي جاءِ تي، پر جڏهن مجازي عشق سندس روح کي تازگي بخشي ٿو ته سندس شاعري ۾ به سرشاري شامل ٿي وڃي ٿي.
    ڪي نغما رڳو ان ڪري وڻندا آهن
    جو اهي اوهان جي محبوبا کي پسند هوندا آهن.
    عشق محبت ته هرڪو انسان ڪري ٿو پر ان جو اظهار ۽ ورتاءُ هرڪو پنهنجي پنهنجي سڀاءُ موجب ڪري ٿو، دراصل ان ئي رويي منجهان انسان پنهنجي اصل فطرت سوڌو ظاهر ٿي پئي ٿو. جنسي مت ڀيد سماج جي رڳ رڳ ۾ ايترو ته سمايل آهي جو مرد جي مٿڀرائپ جو احساس جهڙوڪ قدرتي هجي. خدا ۽ مخلوق، مرشد ۽ مريد جهڙو رشتو محبت ۾ به جهلڪي ٿو. محبت ۾ دوستي ۽ برابري جو تصورخاص طور تي مردن توڻي عورتن جي رومانوي شاعري ۾ گهٽ ملي ٿو. امر پيرزادي جي شاعري جي خاص ڳالهه آهي ته هن وٽ محبت ۾ برابري جو تصور آهي. هن جي محبوبا نه ته هن جي ديوي آهي ۽ نه وري داسي. هو ان مشهور چواڻي جو به قائل نه ٿو لڳي ته محبت ۽ جنگ ۾ سڀ ڪجهه جائز آهي. ڪيتري سچائي سان هو شڪست مڃڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو.
    جسم ملندو به ته ڇا ٿيندو پرين
    روح تنهنجي ۾ لهي ناهيان سگهيو
    حسن تنهنجي جي پهاڙن تان پرين
    آبشارن جان وهي اهيان سگهيو.
    هڪ ٻئي غزل ۾ ڪيتري فراخ دلي سان ان حقيقت کي قبول ڪندي چئي ٿو ته
    منهنجي دل هئي هن کي چاهيم
    هن جي دل آ جنهن کي چاهي.
    هتي شاعري ۾ سندس ذاتي زندگي ۾ ليئو پائڻ يا شاعري ۾ سندس اصل زندگي کي ڳولهي لهڻ جو تجسس هجڻ منهنجو مقصد ناهي نڪي هڪ پل لاءِ به مون اهو تصور ڪيو ته اهو سڀ شاعر سان سچ ۾ ٿيو آهي يا نه. مان سندس هن قسم جي تخليقن مان صرف اهو اندازو لڳائي سگهي آهيان ته شاعر پنهنجي تخيل ۾ محبوب لاءِ وڏي دل رکندڙ آهي ۽ برابري جو قائل آهي. محبت جي حوالي سان سندس ٻيا به ڪجهه اهڙا نظم آهن جن ۾ معصوميت ۽ بي ساختگي جهلڪي ٿي.
    جيستائين تون موبائل تي
    ميسيج ٽائپ ڪندي آهين
    تيستائين منهنجي دل
    الائي ڇاڇا ٽائيپ ڪري ويندي آهي
    جنهن کي تنهنجا جملا
    ٻيهر ڊليٽ ڪندا آهن
    ڪيڏو بي چين ڪندا آهن.
    هڪ ٻئي نظم ۾ به اهڙي بي ساخته معصوميت واري چالاڪي نظر اچي ٿي ته :
    پهرين اپريل تي
    توسان عشق جو اظهار ڪيان
    تون خفا ٿين ته اپريل فول چوان
    تون مرڪين ته
    ان ڏينهن کي سچ چوان.
    ۽ اهڙو ئي هڪ سچ سندس زندگي جو هنن چار سٽن ۾ سمايل آهي.
    جيون ۾ هڪ ساز وڄي ٿو، ۽ رقص ڪري ٿي سمبارا
    هر باک اسانجي پياري آ، هر رات امر ڄڻ پنهنجي آ
    امر پاڻ، باک سندس جيون ساٿياڻي، ساز پُٽ ۽ سمبارا ڌيءُ آهي...

    شال سلامت رهن.


    ٻه اکر : امداد حسيني

    برف جهڙي آ هوا،
    اچ ته ٻاهر ٿا هلون !
    باهه جهڙا چپ کڻ،
    مچ مچائي ٿا اچون !
    ”عشق“ امر پيرزادي جي ڪلام جو پهريون مجموعو هو ۽ ”فنا“ سندس ڪلام جو ٻيو مجموعو آهي، جيڪو پنجن سالن کان پوءِ آيو آهي. ”امر“ جي پهرئين مجموعي ”عشق“ کان پوءِ هن ڇا لکيو آهي؟ ان جو مون کي سدائين اوسيئڙو رهيو، پوءِ مشاعرن ۾ ۽ فيس بڪ تي سندس ڪلام ٻڌندو ۽ پڙهندو رهيس ۽ کيس راءِ به ڏيندو رهيس.
    هڪ شاعر، جنهن دور ۾ رهي ٿو، ان ۾ جيڪي ڪجهه وهي واپري ٿو، اهو هن جي مشاهدي ۽ مطالعي ۾ ايندو رهي ٿو ۽ هو ان کان متاثر به ٿئي ٿو. نوان لقاءَ، نيون وارتائون، نيون ايجادون، ناانصافيون، ظلم، جبر، ذاتي ۽ اجتماعي وارتائون، حادثا، سانحا، اهي سڀ هن جي شاعريءَ جو موضوع بڻجن ٿا. ”امر“ پنهنجي ”سائيڊ افيڪٽ“ رچنا ۾ ”جديد دور جي نئين نسل“ لاءِ لکي ٿو ته:
    هو وقت کي
    ۽ وقت انهن کي
    گذاري ڇڏيندو آهي
    ۽ اهڙو نسل کيس:
    سوشل ميڊيا تي
    اينٽي سوشل
    زندگي گذاريندڙ هي نسل
    ٽيڪنالاجي جي استعمال جو
    سائيڊ افيڪٽ لڳندو آهي!!
    (سائيڊ افيڪٽ)
    نئين موضوع لاءِ هيئت به نئين هجي، ته ڇا ڪلاسيڪل يا روايتي گهاڙيٽي ۾ اهڙي موضوع کي آڻڻ جي منع آهي؟ مثلن بيت يا غزل! اهو طئي ڪرڻ شاعر جو ڪم آهي. ”امر“ جي لاءِ ان موضوع کي اظهارڻ لاءِ نثري شعري گهاڙيٽو وڌيڪ پرفيڪٽ آهي!.
    ان گهاڙيٽي ۾ ”امر“ جون کوڙ رچنائون آهن”فنا“ ۾ . هر دور ۾ تبديلي اڻٽر آهي، رهڻي ڪهڻيءَ، پهرواڄ، ڌنڌي ڌاڙيءَ، وهنوار ۾ اهڙي تبديلي اچي ٿي، شاعريءَ سان به ساڳيو اصول لاڳو آهي، اڳي ۽ هاڻي ۾ فرق پڌرو آهي، اڳي درسي ڪتابن ۾ هڪ بيت هو:
    سويل سمجهي، سويل اٿجي
    اول ڌڻيءَ جو نالو ڳنهجي
    ۽ هاڻي:
    اڳي، صبح اٿي، اکيون کولي
    برش ڪندا هئاسين
    هاڻي ان کان به اڳ ۾
    موبائيل جا ميسيج چيڪ ڪندا آهيون
    (سيلفي ڪلچر)
    ۽ ان رچنا جون آخري سٽون:
    نظارا ڇا ڏسجن
    سيلفيءَ سان پنهنجو ئي نظارو
    سڀني کي ڇو نه ڪرايون
    موبائل جي ڪري
    سڀني سان جڙجي ويا آهيون
    بس
    پاڻ کان ڪٽجي ويا آهيون!.
    (سيلفي ڪلچر(
    نون موضوعن لاءِ جتي نوان گهاڙيٽا (Format)وجود ۾ اچن ٿا، اتي ٻوليءَ ۾ نوان لفظ داخل ٿين ٿا، هاڻي ته موبائل ڳوٺن تائين به پهچي وئي آهي ۽ ان جا سائيڊ افيڪٽ به سنڌي سماج تي پوڻ لڳا آهن! ان ريت ٻوليءَ، لفظ ۽ لهجي تي به انهن جو اثر پوڻ لڳو آهي. ان جي سائيڊ افيڪٽ تي ”امر“ جي رچنا ”سيلفي ڪلچر“ جو حوالو ڏئي سگهجي ٿو.
    وقت، سمئه، ٽائيم، ڪالهه اڄ سڀاڻي زندگيءَ جو تت به ته سار به اهي ڇڙا ٽي لفظ! انهن ۾ ٿيندڙ اڄ ۽ ڪالهه جا واقعا، حادثا، سانحا شاعريءَ جو موضوع بڻجن ٿا، ايندڙ وقت يعني ”سڀاڻي“ به شاعريءَ جو موضوع آهي پر ان ۾ به آس نراس، کٽڪا، جاکوڙ، اڳڪٿي جا موضوع اچي وڃن ٿا. ڪالهه، اڄ ۽ سڀاڻي جو ڦهلاءُ ازل کان ابد تائين آهي پر ان ڏس ۾ اعليٰ تصور ۽ ارفع تخيل کان ڪم وٺڻ گهرجي. وقت جي اها ورڇ، يعني ڪالهه، اڄ، سڀاڻي جي سنگهر جي وچين ڪڙي وري به ”اڄ“ آهي، جنهن ۾ شاعر ۽ ان جا پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ جيئن ٿا، اسين سڀ ان دور جا تماشبين آهيون جنهن ۾ اسين جيئرا آهيون، شاعر انهن تماشن کي ڪيئن ٿو ڏسي؟ ۽ ڪيئن ٿو اسان کي ڏيکاري:
    اسان کي ڏسڻو آهي
    هر اغوا ٿي ويل ماڻهوءَ جو
    گهر پهتل
    چچريل لاش!
    (اسان تماشبين آهيون)
    ”اسان“ جو استعمال شاعر کي به انهن تماشبين ٽولي/سماج ۾ شريڪ ٿو ڪري، فرق رڳو اهو آهي ته هو انهيءَ واقعي کي جنهن درد جي لهر ۾ لڙهي ٿو، ان کي پني تي لفظن جي روپ ۾ پلٽي ٿو، انهن واقعن جو اثر ايڏو شديد هوندو آهي، جو ڏک، ڪاوڙ، بغاوت، اکين ۾ خنجرن جيان (منظر) ۽ واقعا چڀندا رهن ٿا.
    پوءِ به پٿرائجي ويل اکيون انڌن وانگر سڀ ڪجهه ڏسي رهيون آهن!.
    اهڙيون ٻيون به رچنائون، اهڙا ٻيا به نظم ”فنا“ ۾ موجود آهن، جيڪي حساس موضوعن تي آهن، جيئن ”ڀُورو ڀيل اڪيلو ناهي“.
    توسان جيڪي ڪجهه ٿيو آهي
    سنڌ کي ان تي ڪاوڙ آهي
    سنڌ سموري شرمندي آ!.
    واقعو پهرين ٿيو، نظم پوءِ لکيو ويو، شاعريءَ ۾ ان جا انيڪ مثال آهن، ان ڏس ۾ ڪي ڪردار، اهڃاڻ، ماڳ مڪان، اڄ به شاعريءَ ۾، نت نين معنائن سان ايندا رهن ٿا، نت نوان واقعا/سانحا به ٿيندا رهن ٿا ۽ ٿيندا رهندا، شاعر انهن کان متاثر ٿين ٿا ۽ ان کي لکن ٿا، اهڙن حساس نظمن/رچنائن تي خود شاعر ڪهڙي پيڙا مان پار پئي ٿو ۽ پڙهندڙ به ان تجربي مان گذري ٿو:
    شاعريءَ سان سلي ڇڏي آهي
    ڳالهه جيڪا به توکي چوڻي آ
    اهو هڪ غزل جو شعر آهي، جيڪو پوري شاعريءَ سان لاڳو آهي، يقيناََ شاعر کي جيڪي به ڪجهه چوڻو آهي، اهو شاعريءَ ۾ ئي چوڻو آهي، پوءِ اهو غزل هجي يا نظم يا ٻي ڪا به صنف! اتي وري ان صنف کي نڀائڻ جو مرحلو اچي ٿو ۽ شاعر جو امتحان شروع ٿئي ٿو:
    جنهن ۾ رهندي چين ملي ٿو
    شاعر دنيا اهڙي ٺاهي
    ظاهر آهي ته اهڙي دنيا شاعر سڀني لاءِ ٺاهڻ ٿو چاهي، سڀني لاءِ سک، امن ۽ چين!. ”امر“ استعارن جو به جوڳو واهپو ڪري ٿو، جيئن هڪ نظم ۾ هو گلن ۽ بمن جو استعارو ڪتب آڻي ٿو، ”سمنڊ“ به هن وٽ هڪ استعارو آهي، سمنڊ کي هن هڪ غزل جي مطلع ۾ ٻاهر ۽ اندر جي ”سمنڊ“ کي هيئن اظهاريو آهي:
    سمنڊ کي ڏسندو ئي مان رهجي ويس
    سار جي ڪنهن سمنڊ ۾ پهچي ويس
    ان غزل جي سڀني شعرن ۾ سمنڊ مختلف معنائن سان آيو آهي:
    سمنڊ پاتو ايئن ڀاڪر مينهن کي
    ڄڻ پراڻو يار ڪو گڏجي ويس
    وقت سان هي سمنڊ مٽجي ڇو نه ٿو
    آئون پوءِ ڇو وقت سان مٽجي ويس!.
    ”امر“ سان سندس هن مجموعي ”فنا“ جي شاعريءَ ۾ ڪن هنڌن تي مون ساڻس ڳالهه ٻولهه به ڪئي هئي ۽ هن ان ڏس ۾ پنهنجو جواز پيش ڪيو هو ۽ مان سمجهان ٿو ته هو صحيح به هو:
    پنهنجون نظرون آڪاسن تي،
    ٻار پڇي ٿو اڳتي ڇاهي؟
    اهو هڪ وڏو سوال آهي، ننڍڙي ٻار جو! اهو سڄو غزل سٺو آهي:
    هر ڪو لاهي ميرا ڪپڙا
    ميرو من ڀي ڪوئي لاهي
    يا هي شعر:
    منهنجي دل هئي، هن کي چاهيم،
    هن جي دل آ، جنهن کي چاهي!.
    سو ”امر“ جي غزل جي پنهنجي روپ ريکا آهي، انهن تي توڙي نظمن تي گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو، پر ان لاءِ وقت کپي، هتي مان سندس شعر جيڪي مون کي وڻيا آهن، انهن مان ڪجهه ڏيان ٿو:
    هر گهڙي توکي ڪيو محسوس آ
    هر گهڙي توتي لکي ناهيان سگهيو
    ………
    خوابن ۾ ڀي پن ڇڻ ماڻي
    ايڏو جيون زرد مليو هو،
    ………
    مان سنورجان پئي رڳو تولئه
    مون کي ڪاڏي به ڪو نه وڃڻو آ
    ……….
    ڀاڳ تي ريس ٿي اچي ان جي
    جنهن ڏي تنهنجي نگاهه کڄڻي آ.


    ڌيءُ سان وچن

    ڌيءُ سان وچن

    نازڪ ننڍڙي هٿ سان
    منهنجي آڱر پڪڙي
    منهنجي ابهم ڌيءَ ڏسي ٿي مون ڏي
    ڄڻ ته چوي ٿي اکين سان
    بابا تنهنجي آڱر پڪڙي
    پنهنجي پيرن تي بيهندس مان
    مون کي ايڏو پيار ڏجان تون
    جيڏو پُٽ کي ڏيندو آهين
    منهنجين خامين تي ڀيپُٽ جي خامين وانگر
    ٽهڪ ڏجان تون بابا
    بابا منهنجو دوست ٿجان تون
    منهنجا راز به ٻڌجان بابا
    پنهنجا راز به مون سان سلجان
    مون کي سا آزادي گهرجي
    جيڪا تنهنجي لاءِ رهي ٿي
    منهنجا خيال به ڏور اڏامڻ ٿا چاهين
    ڪنهن به شڪاري جي ڊڄ کان پوءِ
    تون نه اُڏامڻ کان جهلجان
    مون کي پنهنجي راءِ ڏجان پر
    مون تي پنهنجي راءِ نه مڙهجان
    تنهنجي لفطن کان وڌ بابا
    مان تنهنجي عملن مان سکندس
    منهنجو جيون ساٿي ڪيئن هجي
    سوتون ڀي ڏسجان
    پر هو ڪير هجي سو مون تي ڇڏجان
    منهنجو مڙس ڪِنو جي نڪري
    ان کي تون تقدير نه چئجان
    ٻارن کي زنجير نه چئجان
    منهنجا فرض ڀلي تون ڏسجان
    پر منهنجو هيءُ وجود نه کسجان
    مون کي تنهنجي نيڻن ۾
    ڪا وحشت ڪوئي خوف نه گهرجي
    مون کي تنهنجي نيڻن ۾
    خوابن جهڙي دنيا گهرجي
    چين امن ۽ راحت گهرجي
    پنهنجا ڀريل نيڻ کڻي
    پنهنجي ڌي ءَ جا نازڪ هٿڙا
    آئون چمي ٿو هائو ڪيان
    ٿو ڌيءَ جي مک تي مُرڪَ ڏسان
    ٿو ڌيءَ جي مک تي مُرڪَ ڏسان ....!!


    سائيڊ افيڪٽ

    سائيڊ افيڪٽ

    جديد دور جي
    نئين نسل کي
    هر پنجن منٽن کان پوءِ
    اهو انتظار ستائيندو آهي
    سندن تصويرن ۽ اسٽيٽس تي
    لائيڪس ۽ ڪمينٽس جو
    اسڪور الائي ڪاٿي پهتو؟
    سيلفي سنڊرم جو شڪار نسل
    پنهنجي ماء پي
    ڀاء ڀيڻ سان ڳالهائيندي
    پنهنجي اکين جي چمڪ
    چپن جون مرڪون
    موبائيل اسڪرين تي رکندو آهي
    نصيحتن کي انهن
    بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي
    هو اي بڪس ناهن پڙهندا
    دوستن جا اسٽيٽس پڙهندا هن
    طويل فرينڊ لسٽ
    انهن جي محدوديت جو سبب آهي
    هر وقت ڪنيڪٽ رهي
    دنيا جي ڄاڻ کان ڊسڪنيڪٽ رهندا هن
    رات جو ننڊ ۾ وائي فائي
    سندن چوڪيداري ڪندو آهي
    هو وقت کي
    وقت انهن کي
    گذاري ڇڏيندو آهي
    سوشل ميڊيا تي
    اينٽي سوشل
    زندگي گذاريندڙ هي نسل
    ٽيڪنالاجي جي استعمال جو
    سائيڊ افيڪٽ لڳندو آهي......!


    سيلفي ڪلچر

    سيلفي ڪلچر

    اڳي
    صبح اٿي اکيون کولي
    برش ڪندا هئا سي
    هاڻي ان کان به اڳ ۾
    موبائيل جا ميسيج
    چيڪ ڪندا آھيون
    ڪار هلائيندي
    خالي روڊ ايندي ئي
    موبائيل ڏي هٿ هليو ويندو آهي
    توڙي جو خطري جو
    سڄو ليڪچر رٽيل هوندو آهي
    ويٺا ڪنهن سان هوندا آھيون
    ڌيان موبائيل وارن ڏي هوندو آهي
    ٻارن جا معصوم سوال
    ميسيج کان اهم ناھن
    ان ڪري انهن جا سوال
    سوال ئي رهجي ويندا آھن
    محفلن ۾ موبائيل
    اڪيلو ڪري ڇڏيندي آ
    موبائيل جي محفل
    هر محفل کان عزيز ٿي وئي آهي
    ڪنهن هوٽل تي
    ماني ملندي ئي
    ان کي ڇهڻ کان اڳ
    فوٽو جي بسم الله
    ڪري اتان ئي
    اپلوڊ ڪندا آھيون
    جيئن اسان کي ماني
    ۽ ماڻهن کي فوٽو هضم ٿي سگهن
    چنڊ تارا ڏسي
    پهرن جا پهر سوچڻ
    ماضي جي ڪهاڻي ٿي وئي
    نظارا ڇا ڏسجن
    سيلفي سان پنهنجوئي نظارو
    سڀني کي ڇو نه ڪرايون
    موبائيل ڪري
    سڀني سان جُڙجي ويا آھيون
    بس پاڻ کان ڪٽجي ويا آھيون...!


    ياد رهجي ويو

    ياد رهجي ويو

    مون کي ياد رهيو
    جڏھن رستي ويندي
    مون هڪ ڪراڙي کي ڪار ۾ لفٽ ڏني
    لهڻ کان اڳ
    هن هٿ مٿي ڪري
    مون کي دعائون ڏيڻ شروع ڪيون

    مون کي ياد رهيو
    جڏھن مون آفيس جي تنگ نظر ماحول ۾
    انٽرويو ڪندي
    هڪ هندو ڇوڪري ءَکي
    ميرٽ تي نوڪري ڏني

    مون کي ياد رهيو
    جڏھن مان ڪنهن ٻئي دوست کي
    ضرورت مهل
    پيسا ڏنا
    مون کي ياد رهيو
    جڏھن ڪنهن ٻي جي ٻار جي
    بيماريءَ ۾
    مان ان سا گڏ اسپتال ويس
    ۽ هن جو ٻار مرڪندو گهر واپس آيو
    مون کي ياد رهيو
    جڏھن اسان ڳوٺ جي مريضن لئه
    شهر ۾ گهر ورتو
    جيئن اهي علاج جي پريشانيءَ ۾
    گهر لئه پريشان نه ٿين

    اهو سڀ
    جيڪو ٻين لئه ڪيو
    مون کي ياد رهجي ويو
    جيڪو ڪجهه پنهنجي ذات لئه ڪيو
    معمول هو
    وسري ويو !


    ڪي نغما رڳو

    ڪي نغما رڳو
    ان ڪري وڻندا آھن
    جو اهي اوهان جي محبوبا کي پسند هوندا آهن

    ڪي سپنا ان لئه وڻندا آھن
    جو انهن جو تعبيرن سان
    ڪو واسطو ناهي هوندو.

    ڪي جايون ان ڪري ياد رهنديون آھن
    جو اهي اوهان کي ڪنهن جي ياد ڏيارينديون آھن

    ڪي غير معياري شعر
    ڪنهن معياري ماڻھوءَ جي ٻڌائڻ سان
    وڻي ويندا آھن

    ڪي ماڻھو رڳو ان لئه وڻندا آھن
    جو اوهان کين وڻندا آھيو..


    خون جو مُوڙو مليس

    خون جو مُوڙو مليس
    نئين زندگي ٿيس موت سان
    ميندي چٽي رت سان ٿيس
    ڳاڙھو وڳو ٿيس جسم ڀي
    زيور پيس خنجر جيان
    چوڙيون ڀَڳس ويساهه جون
    دُهري گهُٽو بڻجي ويس
    وحشي هٿن
    هي گهُٽو ان کي رڳو ناهي ڏنو
    هن گهُٽو مون کي ڏنو آ
    ھن گهُٽو توکي ڏنو آ
    ھي گهُٽو هر ڌيءَ کي آ
    ھي گهُٽو هر ماءُ کي هر پيءُ کي آ
    ھي گهُٽو آ شعور کي
    هي لاش آ سماج جو
    هي لاش آھي حسن جو
    هن لاش جي تدفين سان
    هي سنڌ ڀي ٿيندي دفن
    هي سنڌ ڀي ٿيندي دفن

    خانزادي ءَ جي موت تي لکيل جنهن کي شاديءَ جي پهرين رات مڙس ڪاري ڪري قتل ڪيو هو. (اخبار جي خبر)


    چچريل لاش

    چچريل لاش

    اها خبر هئي
    هو توکي جيئرو ڪونه ڇڏيندا
    تنهنجي وڇوڙي جا سمورا ڏينهن
    ڪوڙا دلاسا ٻڌي به
    اسين گهر ڀاتي
    پنهنجي دل جي قبرستان ۾
    تنهنجي قبر ٺاهيندا رهيا سي
    جنهن ۾ توکي نيٺ اچي سمهڻو هيو
    بس ايتري خواهش هئي
    تنهنجو جسم
    موت جي سور سوا
    ٻيو ڪو سور نه ماڻي
    پر اڄ تنهنجو رستي تي اڇلايل
    ڇيهون ڇيهون چچريل لاش ڏسي
    روح ئي ڇڄي پيو آهي
    ڪو ڪنهن کي ايئن به ماري سگهي ٿو؟
    جن تنهنجي هٿن پيرن جا
    ننهن پاڙون پٽيا هوندا
    ڇا تن جي ٻارن جي
    هٿن پيرن تي ننهن ناهن هوندا
    ڇا تن کي سور ناهي ٿيندو؟
    جن تنهنجي هٿن جون آڱريون ڀڳيون هونديون
    ڇا تن جي دل هڏن جي ٺهيل آهي ؟
    ڇا بجليءَ جا ڪرنٽ
    ماڻهوءَ جي جسم لئه هوندا آهن ؟
    جن تنهنجي گوڏن کي ڊرل ڪيو
    ڇا تن جو روح ڊرل ٿي چڪو آهي
    ڇا قاتل هُجڻ جا ڪي معيار نه ٿيندا آهن؟
    مارڻ ۽ باربار مارڻ ۾ وڏو فرق آهي
    ڪوبه جرم ان تشدد کان وڏو ڪيئن هوندو؟
    هنن تنهنجا ڪيترائي قتل ڪيا آهن
    اسان جي جسم جا ڪيترائي حصا ڪيا آهن
    تنهنجي جسم جا سڀ زخم
    اسان جي جسم ۾ منتقل ٿي ويا آهن
    تنهنجي جسم جو هر گهاءُ هاڻي
    اسان لئه تنهنجي ياد
    ۽ قاتلن لاء نفرت آهي


    بلوچستان

    بلوچستان

    جڏهن ڪجهه دير لئه ئي سهي
    منهنجو پٽ گُم ٿي ويندو آهي
    ۽ ڳولڻ سان ناهي لڀندو
    تڏهن پاڳلپڻو تمام تيزيءَ سان
    منهنجي ذهن تي سوار ٿيڻ لڳندو آ
    مان پنهنجي وسَ ۾ ناهيان رهندو
    اُبتو سُبتو ڳالهائيندو آهيان
    عجيب عجيب خيال ايندا آهن
    ڪا ڳالهه ناهي وڻندي
    دنيا جي بي معنويت تي
    يقين اچڻ لڳندو آهي
    تڏهن مان سوچيندو آهيان
    جنهن پيءُ جو جوان پٽ
    گهر کان نڪرندو هوندو
    واپس گهر نه ايندو هوندو
    پيءُ اهو سوچيندو هوندو
    الائي هن جي دل
    ڌڙڪندي به هوندي الائي نه
    هن ڪجهه کاڌو به هوندو الائي نه
    هن جون ٽنگون، ٻانهون
    اکيون ، چَپَ
    نڪُ ۽ ڪنَ
    سلامت به هوندا الائي نه
    هن جي ماءُ وري ڪڏهن
    ٽهڪَ به ڏيندي الائي نه
    هن جي ڀيڻ
    هن سان وري ڪو انگل ڪندي الائي نه
    هو مونکي وري
    بابا سڏيندو الائي نه
    هو ڪيڏو موچارو آهي
    هن جو لاش سڃاڻي سگهبو الائي نه
    سندس لاش به ملندو الائي نه
    کيس قبر به ملندي يا نه
    هر سيڪنڊ هر منٽ
    هر ڪلاڪ،
    ڏينهن ۽ رات
    مهينا ء سالَ
    موت جو مُسلسل احساس کنيون
    جوان پٽ جي
    تصوراتي تڏي تي ويٺل پيءُ
    باغي ڪيئن نه هوندو ؟
    ملڪ مان بيزار
    ڪيئن نه هوندو !!
    ڪيئن نه هوندو !!!!


    مائينڊ سيٽ

    مائينڊ سيٽ

    اسان کي فخر آهي
    اوهان کي بي چينيءَ وارا اوجاڳا
    بي سُڪونيءَ واري ننڊ ڏيڻ تي
    اهڙي ننڊ جنهن تي
    ننڊ جون دوائون اثر ناهن ڪنديون
    اسان کي فخر آهي
    ان ليڪَ تي
    جيڪا اسان رتَ سان
    اوهان جي وجود تي ڪڍي آهي
    جنهن ليڪ کي اورانگهي
    اوهان پنهنجي زندگي اورانگهي ويندا آهيو
    اسان کي فخر آهي
    موت جي کوهه وانگر
    ساڳين ساڳين دائرن ۾
    اوهان جي زندگين کي ڦيراٽيون ڏيارڻ تي
    ان جو عادي بڻائڻ تي
    اسان کي فخر آهي
    نا انصافيءَ واري انصاف تي
    اسان کي فخر آهي
    رياست ۾ مذهب
    مذهب ۾ رياست ملائڻ تي
    اسان کي تمام گهڻو فخر آهي
    پنهنجي طاقت تي
    اسان فخر۽ غرور جي
    جنهن آسمان تي پهتل آهيون
    اتي اوهان جهڙن زميني ڪيڙن جي
    اسان جي آڏو ڪا به حيثيت ناهي
    ڪا به حيثيت ناهي.........!


    اسان تماشبين آهيون

    اسان تماشبين آهيون

    اسان تماشبين آهيون
    اسان کي ڏسڻو آهي
    هر نه ڏسي سگهندڙ منظر
    اسان کي ڏسڻو آهي
    سياڻا ماڻهو ملي
    ڪنهن چرئي ماڻهو کي ڪيئن
    زندهه ساڙي ڇڏيندا آهن
    اسان کي ڏسڻو آهي
    هر اغوا ٿي ويل ماڻهوءَ جو
    گهر پهتل
    چچريل لاش
    جنهن جو آخري ديدار
    ديدار جي قابل ناهي هوندو
    اسان کي ڏسڻو آهي
    عورت جو ريپ ٿيل جسم ۽ روح
    اسان کي ڏسڻو آهي
    معصوم ٻارن جي گلابي ڳٽن کي
    گوليون رت سان وڌيڪ ڳاڙهو
    ڪيئن ڪنديون آهن
    اسان کي ڏسڻو آهي
    هر گهمندڙ ڦرندڙ
    ماڻهو جي چهري تي
    بي يقيني ۽ اجنبيت جو خوف
    اسان کي ڏسڻو آهي
    بهادر ڪردارن جو
    اذيتناڪ انت
    اسان کي ڏسڻو آهي
    پنهنجي ڪيل هر جستجو جو
    اُڏايل مذاق
    اسان کي بار بار بربادين جو
    آئينو ڏسڻ جي عادت پئجي وئي آ
    خنجر جان چڀندڙ واقعا
    اڃا اکين کي الائي ڪيترو گهايل ڪندا
    اکين مان لڙڪ کپي ويا
    خوابن اچڻ ڇڏي ڏنو
    پوٕ به پٿرائجي ويل اکيون
    انڌن وانگر سڀڪجه ڏسي رهيون آهن
    اسان بي وس
    بي حس
    منتشر تماشبين جو آهيون۔...!!!


    اختيار

    اختيار

    اوهان کي اختيار آھن
    رستي تي شريفن کي روڪي
    انهن کي بدمعاشس سمجهي
    تلاشي وٺڻ جا
    انهن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ جا
    اوهان کي اختيار آھن
    ڪنهن گهر ۾ گهري
    بنا ڏوهه ٻڌائڻ جي
    گهر ڀاتين کي حيراس ۾ آڻي
    عورتن جي بيعزتي ڪرڻ جا
    مردن کي گهلي پاڻ سان وٺي وڃڻ جا
    اوهان کي اختيار آھن
    انهن کي ڪنهن اڻ ڄاتل هنڌ
    منتقل ڪرڻ جا
    انهن جي گهر وارن جي
    احتجاجن تي
    ڪن نه ڌرڻ جا
    اوهان کي اختيار آھن
    انهن تي رحم کائي
    ڇڏي ڏيڻ جا
    يا بي درديءَ سان ماري
    رستي تي اڇلائي ڇڏڻ جا
    اوهان کي اختيار آھن
    ڪنهن وضاحت نه ڪرڻ جا
    اوهان کي اختيار آھن
    قانون جوڙڻ جا
    قانون ٽوڙڻ جا
    اوهان کي سڀ اختيارآھن
    انسانيت جي تذليل جا
    انساني حقن جي تدفين جا.


    گُلن سان بمن جو مقابلو

    گُلن سان بمن جو مقابلو

    ويلنٽائين ڊي تي
    نظم لکڻ جو سوچيندي
    آفيس پئي ويس
    رستي تي پوليس بيهاري چيو
    اڳتي ڌماڪو ٿيو آهي
    ٻئي پاسي کان وڃو
    منهنجو ڌيان
    گلابن جي سوچن مان ڦري
    بارود جي دونهين ڏانهن هليو ويو
    ڳاڙهي رنگ جي خوشبو
    رت جي بدبو ۾ تبديل ٿي وئي
    ڪجهه اڳتي وڌي
    واپس ساڳئي روڊ تي آيس
    رت ٽمندڙ جسم
    اڇي ايمبولنس کي سرخي هڻندا پئي ويا
    مون سوچيو
    ڇا گل بمن جو مقابلو ڪري سگهندا ؟
    طالبانن جي ملڪ ۾
    محبت تي نظم لکڻ لاءِ
    ضروري آهي ته
    نظم پورو ٿيڻ کان اڳ تائين
    ڪو ڌماڪو نه ٿئي
    هتي ايئن ممڪن ڪونهي
    پو۽ به هي شاعراڻي دل
    ضد ڪري چئي ٿي
    اسان ويلنٽائين ڊي ملهائيندا سي
    گلن سان بمن جو مقابلو ڪندا سي.....!


    پابندي

    پابندي

    پيار ڪرڻ لئه
    پيار واري ڏينهن تي
    سمنڊ تي نه وڃجو
    سمنڊ جي ڇولين جان
    پيار ۾ ڇُلڻ تي پابندي آ
    اوهان گل نه وٺجو
    اهي انهن هٿن تائين
    پهچڻ کان اڳ ۾ مُرجهائجي ويندا
    اوهان جي راهن ۾
    ڪنڊا وڇائجي چڪا آھن
    اوهان چنڊ ۾
    عشق جي روشني
    نه ڳولجو
    پابندين جي ڪاراڻ
    محبت جي آڪاش تي ڪرفيو هڻي ڇڏيو آ
    اوهان سمجهي ڇڏيو
    چمين جا بم ڌماڪا
    سڀ برباد ڪري ڇڏيندا
    ڀاڪرن جي فائرنگ سان
    رستا رتو ڇاڻ ٿي ويندا
    هٿن جو هٿن ۾ ڏنل خنجر
    ماڻھن جو ساهه ڪڍي ڇڏيندو
    ماڻھن جي ميڙ ۾
    پيار جو تصور نه ڪجو
    اوهان لئه سمنڊ گل ۽ چنڊ نه
    جيل ۽ ٿاڻا منتظر هوندا
    پيار جو ڏينهن
    جدائيءَ جو ڏينهن ڪري ملهائجو
    هتان جو امن بچائجو.

    )حڪومت طرفان ويلنٽائين ڊي ملهائڻ تي پابنديءَ جي اعلان جي پسمنظر ۾ لکيل )


    ڳوٺ - شهر

    ڳوٺ - شهر

    ڳوٺ جي شادين ۾
    سڄو ڳوٺ ڄاڃي ٿي ويندو آهي
    سرگس تي مڱڻھارن جي
    سازن تي
    ماڻھن سان گڏ
    گهٽيون ۽ ٻنيون به
    جهُمر هڻنديون آھن
    گهوٽ لئه سڄو ڳوٺ
    سيج ٿي ويندو آھي
    شهر جي شادين ۾
    گهر ڀاتي
    مهانگن هالن ۾
    پنهنجي شاديءَ تي
    مهمان ٿي ويندا آھن
    هال وارن جي ڏنل ٽائيم تي
    خوشي پوري ڪري
    نڪرندا آھن
    ته شھر اوپرائپ مان
    کين ڏسندو آھي
    ڳوٺ ۾ ڪير مري ويندو آھي
    ته سڄو ڳوٺ گهر ڀاتين سان
    تڏو ٿي ويندو آهي
    پورجڻ واري سان به
    سڄو ڳوٺ ستل هوندو آهي
    شھر ۾ پورجڻ وارا
    آخري ننڊ به بي چيني واري
    ڪندا آھن
    شھر ڄڻ نوڪري
    ڳوٺ ڄڻ گهر هوندو آهي
    نوڪري ۽ گهر ۾
    وڏو فرق هوندو آهي...!


    ڀورو ڀيل اڪيلو ناهي

    ڀورو ڀيل اڪيلو ناهي

    سچل ڀوري جو پاسو آ
    شاهه لطيف به ان سان گڏ آ
    سنڌ سموري ان سان گڏ آ
    ڀورو ڀيل اڪيلو ناهي
    مذهب جيڪي ماڻهو منجهايا
    هي سڀ ماڻهو تن مان هوندا
    جن تنهنجي تذليل ٿي چاهي
    سي ئي پاڻ ذليل ٿيا هن
    جيئري قبرون بڻجي ويا هن
    پاتالن ۾ دٻجي ويا هن
    ماڻهو گهر خدا جو آهي
    هي ماڻهوءَ کي مارن ويٺا
    مئلن کي آزارن ويٺا
    هي ته خدا جا خوني آهن
    هي ته جنوني رهزن آهن
    سنڌ اسان جي تن سان ناهي
    ساري سنڌ سهارو تولئه
    تولئه سنڌ جي اکين ۾ ڏس
    دريا جيڏو پاڻي آهي
    تو لئه سنڌ جي چپڙن تي ڏس
    درديلو ڪو نغمو آهي
    تو لئه سنڌ جي هٿڙن ۾ ڏس
    ڦول محبت جا ئي آهن
    توسان جيڪو ڪجهه ڀي ٿيو آ
    سنڌ کي ان تي ڪاوڙ آهي
    سنڌ سموري شرمندي آ
    سنڌ سموري توسان گڏ آ
    تنهنجو لاش اسان جو آهي
    ڀورو ڀيل اڪيلوناهي........!
    ڀورو ڀيل اڪيلوناهي........!

    وومين ايڪشن فورم پاران سنڌ ميوزم حيدرآباد ۾ ڪرايل ڀورو ڀيل مشاعري ۾ پڙهيل


    سنڌ جي شام

    سنڌ جي شام

    سنڌ جي شام
    سنڌ جي ڳوٺن
    سنڌ جي ساوڪن سان ملي
    ڪيڏي حسين ٿي ويندي آھي
    جڻ ڪا سهڻي عورت
    بنا ميڪ اپ پاڻ وڻائيندي هجي
    سنڌ جي شام
    سڪون جون سڀئي وصفون
    پاڻ ۾ سمائي ڇڏيندي آهي
    اها شام پرين جي اکين جيان
    پاڻ کان پري ٿيڻ ناهي ڏيندي
    ان شام ۾ صوفين واري نماڻائي هوندي آھي
    سج جو لهندڙ منظر
    ساوڪن سان ڀاڪر پائي
    روايتي سنڌين وانگر
    هٿ ٻڌي موڪلائيندو آھي
    سدائين گڏُ چئي
    ٻي شام جو انتظار ڏئي ويندو آھي.


    هن لاش جو ته مون کان چهرو نه ٿو لڀي

    هن لاش جو ته مون کان چهرو نه ٿو لڀي
    اي ظالمو هي منهنجو ڪئن ڀاءَ ٿو لڳي

    نالي جي لاش سان جو پرچي پيو ڏئي
    سو ديس جو تشدد نالو کڻي رکي

    جو ساههَ سان کڻان پئي سو آ کڄي ويو
    هاڻي ته درد بڻجي هر ساههُ ٿو کڄي

    ناحق مري وڃڻ جو هتڙي رواج آ
    ڪو حَقَ سان جيئڻ جو سوچي نه ٿو سگهي

    هڪ رات ٿي کٽي ۽ ٻي رات ٿي ڦٽي
    ڪنهن باک کي کڻي ڪو سورج نه ٿو اچي


    تو وٽ زوال آھي مون وٽ ڪمال آھي

    تو وٽ زوال آھي مون وٽ ڪمال آھي
    تو وٽ رڳو ڌماڪا مون وٽ ڌمال آھي

    وڇڙي وڃن ٿا شايد جيڪي ملي وڃن ٿا
    جيڪي ملي ٿا وڇڙن تن سان وصال آھي

    تعبير تي نه سوچن بس خواب هو لهن ٿا
    هر معجزي جي پويان هڪڙو خيال آھي

    ڪنهن سان به هن جي عظمت ڇا لئه ملايون يارو
    هو پاڻ ئي سڀن لئه هڪڙو مثال آھي

    ساري عمر لکڻ ۾ گذري وڃي سڀن جي
    هي موت زندگي کان اهڙو سوال آھي


    سارَ کي سمجهائجي ڇا

    سارَ کي سمجهائجي ڇا
    موت کي پرچائجي ڇا

    اڄ نصيبن سان ملي آن
    ايئن پو شرمائجي ڇا

    روح کي راضي رکون
    جسم کي ترسائجي ڇا

    هي رٺل نظرون ته کڻ
    ايئن ڀي لهرائجي ڇا

    ها ڪئي غلطي برابر
    پو رڳو پڇتائجي ڇا

    ڳالهه جي آھي غلط
    پو اها ورجائجي ڇا

    شاعريءَ جي باهه ۾
    روح کي گرمائجي ڇا


    آ گهڻي گهري اُداسي شامَ ۾

    آ گهڻي گهري اُداسي شامَ ۾
    ڄڻ پيو سورج لهي ڪنهن نامَ ۾

    جُستجو آغاز جي ئي ڪا ڪيون
    جيڪڏهن ڪجهه ڪو نه آ انجام ۾

    چين ٿو تنهنجي اندر ڪاٿان اچي؟
    چين جي آهي خدا ۽ رامَ ۾؟

    بس اهو سوچي اکيون سانوڻ ٿيون
    تو ن اسان سان گڏ هُجين هان گامَ ۾

    عشق منهنجو ڪيترو بي چين آ
    حسن تنهنجو ڪيترو آرام ۾

    ٿو خيالن ۾ اُڏين پنڇين جيان
    پر عمل ۾آن سدائين دامَ ۾

    شاعري سائي پرين ٿيندي امر
    جا وڃي مقبول ٿيندي عامَ ۾


    هوءَ مون کي ڪڏهن نه ملڻي آ

    هوءَ مون کي ڪڏهن نه ملڻي آ
    جنهن سوا دل ڪٿي نه لڳڻي آ

    امن کي عشق جي ضرورت آ
    جنگهٿيارَسان نه وڃڻي آ

    مان وڃان ٿو پيو ڏسڻ هن کي
    هوءَ دلڪش، حسين لڳڻي آ

    پيار تنهنجو به مون قبوليو هو
    تنهنجي ناراضگي به مڃڻي آ

    ڀاڳَ تي ريس ٿي اچي ان جي
    جنهن ڏي تنهنجي نگاههَ کڄڻي آ

    ڦولَ وانگر هُجي محبت ٿي
    جا ڇڻي بار بار ڄمڻي آ

    جنهن بنا جي سگهڻ به آ مشڪل
    سا بِه مون کي اُميد پلڻيآ

    شاعريءَ سان سَلي ڇڏي آهي
    ڳالهه جيڪا به توکي چوڻي آ


    سمنڊ کي ڏسندو ئي مان رهجي ويس

    سمنڊ کي ڏسندو ئي مان رهجي ويس
    سارَ جي ڪنهن سمنڊ ۾ پهچي ويس

    تون سدائين ڇو نه ٿي مون وٽ رهين
    سمنڊ جون ڇوليون ڏسي سمجهي ويس

    سمنڊ پاتو ايئن ڀاڪر مينهن کي
    ڄڻ پراڻو يار ڪو گڏجي ويس

    وقت سان هي سمنڊ مَٽجي ئي نٿو
    آءٌ پوءِ ڇو وقت سان مَٽجي ويس ؟


    سيارو ساوڪ سڀ ڪجهه آھي

    سيارو ساوڪ سڀ ڪجهه آھي
    بس تنهنجو ئي درشن ناهي

    پنهنجون نظرون آڪاسن تي
    ٻار پڇي ٿو اڳتي ڇاهي؟

    هر ڪو لاهي ميرا ڪپڙا
    ميرو من ڀي ڪوئي لاهي

    پاڻي رستو پاڻي منزل
    مير بحر ٿو ٻيڙي ڪاهي

    منهنجي دل هئي هن کي چاهيم
    هن جي دل آ جنهن کي چاهي

    جنهن ۾ رهندي چين ملي ٿو
    شاعر دنيا اهڙي ٺاهي


    مون سان هڪڙو فرد مليو هو

    مون سان هڪڙو فرد مليو هو
    جنهن مان سارو درد مليو هو

    خوابن ۾ ڀي پن ڇڻ ماڻي
    ايڏو جيون زرد مليو هو

    عورت جهڙي دل رکندو هو
    هڪڙو اهڙو مرد مليو هو

    علم اٿوَ سڀ فيلڊ ۾ چوندي
    هو آواره گرد مليو هو

    اهڙو مليو ديس اسان کي
    ڄڻ ڪو دهشتگرد مليو هو


    عيد تي لڙڪ پيو هو لاڙي

    عيد تي لڙڪ پيو هو لاڙي
    پنهنجو وڇڙيل نينگر ساري

    توبن ڪير اجايو هاڻي
    ايڏو ويٺو جيون گهاري

    ايئن لڳي ٿو هتڙي هوندين
    هوندين ڪاٿي اوڙي پاڙي

    ڄڻ ته ستل آهن جي سامهون
    جنهن تي ويٺو گلڙا هاري

    جسم مري ويو آهي هاڻي
    يادن کي ڀي ڪوئي ماري !


    لطف پيرزادي تي لکيل (جنهن جي پُٽ سرويچ جو چچريل لاش مليو هو)


    ڳوٺ پُڳاسي ڪوهيڙي ۾

    ڳوٺ پُڳاسي ڪوهيڙي ۾
    ٿَڪَ ڀَڳاسي ڪوهيڙي ۾

    ڪي ته اسان کي ڏسندا هوندا
    ڪو نه ڏِٺاسي ڪوهيڙي ۾

    جيون ۾ ڪنهن ڪو نه سڃاتو
    ڄڻ ته رَهياسي ڪوهيڙي ۾

    عشق جي ڪهڙي منزل ٿيندي؟
    سمجهه مِلياسي ڪوهيڙي ۾


    مان پرين توسان ملي ناهيان سگهيو

    مان پرين توسان ملي ناهيان سگهيو
    پر جُدا توکان رهي ناهيان سگهيو

    جسم ملندو ڀي ته ڇاٿيندو پرين
    روحَ تنهنجي ۾ لهي ناهيان سگهيو

    چنڊ کي چُمندي پيو مان سوچيان
    مان ڪڏهن توکي چُمي ناهيان سگهيو

    حسن تنهنجي جي پهاڙن تان پرين
    آبشارن جان وهيناهيان سگهيو

    هر گهڙيتوکي ڪيو محسوس آ
    هر گهڙي توتي لکي ناهيان سگهيو

    بس اهو افسوس آهي عشق۾
    دردَ تنهنجا مان سهي ناهيان سگهيو

    شاعري توکي اُهو چوندي رهي
    جو ڪڏهن توکي چئي ناهيان سگهيو


    بي رخيءَ جو دليل مڃڻو آ

    بي رخيءَ جو دليل مڃڻو آ
    هاڻ هن سان وري نه ملڻو آ

    هي جدائي پئي چئي مون کي
    هاڻ تو کان جدا ئي رهڻو آ

    مان سنورجان پئي رڳو تو لئه
    مون کي ڪاڏي به ڪونه وڃڻو آ

    ڪو تعلق رهيو نه آ پو ڀي
    دل کي تنهنجو سماءُ لهڻو آ


    قتل هر صاف ٿي وڃي ٿو هتي

    قتل هر صاف ٿي وڃي ٿو هتي
    ايئن انصاف ٿي وڃي ٿو هتي

    روز رت سان لباس جيڪو ٽمي
    روز ڪئن صاف ٿي وڃي ٿو هتي

    خون تاريخ جو کنيو ٿو وتي
    بو به اشراف ٿي وڃي ٿو هتي

    درد جيڪو اُڀامجي روح ۾
    سو ته بس ٻاف ٿي وڃي ٿو هتي


    شاعري جي ڪرين ته دل سان ڪجان،

    شاعري جي ڪرين ته دل سان ڪجان،
    عاشقي جي ڪرين دل سان ڪجان.

    ڪنهن جي دل جي اُماس راتين ۾
    چاندني جي ڪرين ته دل سان ڪجان.

    ذهن سان دشمني ڪري ٿو سگهين،
    دوستي جي ڪرين ته دل سان ڪجان.

    ڪنهن به ڏيکاءَ لئه فنا ڇا ڪبي
    عاجزي جي ڪرين ته دل سان ڪجان.

    عشق جي پنڌ منجهه وقف امر
    زندگي جي ڪرين ته دل سان ڪجان


    خوابن بنا اکيون هيون

    خوابن بنا اکيون هيون
    ڏسندي به سي انڌيون هيون

    غربت گناهه ٿي لڳي
    زندان ڄڻ جهڳيون هيون

    شهرن ۾ ڪيڏو خوف آ
    ٻهراڙيون چڱيون هيون

    هلندي جتي ٿڪ ٿي لٿو
    سي ڳوٺ جون ڳليون هيون

    ڪو وقت هو مون دل ڀري
    توکي چميون ڏنيون هيون

    حاصل ڪري غم عشق جو
    مون سڀ خوشيون پليون هيون


    هوا گهلڻ سان گهلن ٿيون يادون

    هوا گهلڻ سان گهلن ٿيون يادون
    هوا جيان پو وڻن ٿيون يادون

    هي لڙڪ پاڻي ته يار ناهن
    ڳلن تي ڪنهن جون ڳڙن ٿيون يادون

    سٽون جي يادُن ڪري لکيون مون
    سٽون سي هاڻي لڳن ٿيون يادون

    ملن جي ٿورا ٿا پَلَ تو سان
    سنڀالي ڪيڏو رکن ٿيون يادون

    سفر سڄي عمر ياد جو آ
    وڃي به آخر بچن ٿيون يادون


    دل چوي ٿي ته جاني سان ملجي وري

    دل چوي ٿي ته جاني سان ملجي وري
    هاء رلجي وري هاء کلجي وري

    هي گهٽيون هي هوائون اهي ئي ته هن
    پر نه دلبر اسان جو ٿو ڏسجي وري

    رنگبرنگي رلهي ڪا هئي ساٿ جي
    سا اکيلي وئين ڪيئن سبجي وري

    اچ سنڌوچوڪ تان ٿا پهاڙي هلون
    هي ته جاني هُيو دل ٿي ڀُلجي وري

    (سنڌوچوڪ ۽ پهاڙي گلشن حديد جا مشهور ٿاڪ )

    ايازجانيءَ جي وڇوڙي تي


    حياتي ايتري فاني !

    حياتي ايتري فاني !
    اهو تو ڇا ڪيو جاني؟

    چوان ٿو ڪوڙ ھي هوندو
    چوين تون ڇو نه ٿو ها ني

    ٻڌن ٿا موڙ جو پُٽڙا
    رُئن سارا پيا ڄاڃي

    دراوڙ دل نه ٿي ڌڙڪي
    ويو ان جو هليو باني


    ايازجانيءَ جي وڇوڙي تي


    دوستي ٽوڙي نه تو پر زندگي ٽوڙي وئين

    دوستي ٽوڙي نه تو پر زندگي ٽوڙي وئين
    تون اسان لئه درد جو درياهه ڄڻ ڇوڙي وئين

    تو چيو هو ساڻ آھين ڇو گهٽي پوري ٿئي
    ڇو اسان کي موت جي منزل طرف موڙي وئين

    ايتري غمگين تنهنجي ياد اڳ ۾ ڪو نه هئي
    سارَ ۾ هي درد جو خنجر نئون کوڙي وئين

    هي وڇوڙا عارضي هن پاڻ ملندا سي وري
    زندگيءَ جا موت سان تون رابطا جوڙي وئين


    ايازجانيءَ جي ياد ۾


    حسن مجتبيٰ تي لکيل

    حسن مجتبيٰ تي لکيل

    هو جرنيلن سان وڙهندو آ
    ظلمن تي ڏاڍو چڙندو آ
    هو لفظن جا هٿيار کڻي
    هر ظالم تي آ وار ڪندو
    پر يارن سان گڏ رئندو آ
    هو ٻارن وانگي سادو آ
    هو ڳوٺن جان محسوس ڪندو
    هو ملڪن جان سوچيندو آ
    هو ورَق پڙهي ٿو جام جيان
    هو ڄاڻ ڏئي ڪنهن هام بنا
    هو شعر نه ڪو جوڙيندو آ
    بس جڙندو آهي شعرن سان
    هو هندو آ هو مسلم آ
    هو مندر آ هو مسجد آ
    هر مذهب هن جو مذهب آ
    هو انسانن جو عاشق آ
    هو مرد هجي ڀي عورت آ
    جا پيار ڪرڻ ڀي ڄاڻي ٿي
    جا پنهنجا حق ڀي ماڻي ٿي
    هو آزاديءَ جو نعرو آ
    هو زنجيرن جو دشمن آ
    هو ڄڻ ته هوامان جنميو آ
    هر سرحد کي ٽوڙيندو آ
    هو روز نئون آ جيون جان
    هو جسم کڻي پرديس ويو
    پر روح روانو ڪونه ٿيس
    پرديس به هن کي وڻندو آ
    پر ديس تي ويٺو مرندو آ
    هو سنڌ کڻي هو ساڻ ويو
    هو سنڌ ۾ اڳ ۾ رهندو هو
    هو سنڌ سان هاڻي جيئندو آ


    امر سنڌو لئه

    امر سنڌو لئه

    ڪيئن مان ٻڌايان هي
    تون اسان جي شڪتي آن
    ڪو به ظلم ٿيندو آ
    اک توڏي ڏسندي آ
    تون اهو ڪندي آھين
    جو اسان جي سپنن جي
    ساڀيان ئي هوندو آ
    روڊ تي تون
    اس ۾ تون
    ٿڌ ۾ تون
    ظلم کان بغاوت آن
    ها اسان ڪڏھن توکي
    هي نه سڀ ٻڌايو آ
    ڪيئن اڄ ٻڌايان مان
    ڇا اسان جي اکين جا
    هٿ پيرڙن تي
    تو ڪڏھن ڏٺا ناهن
    ڇا اسان جي خاموشي
    تو ڪڏھن ٻڌي ناهي
    ساڙ۾ سڙيل ماڻھن کي
    ڪو جواب نه ڏيندي ڪر
    تون اداس نه ٿيندي ڪر
    تون نراس نه ٿيندي ڪر.


    پنهنجي بابا انور پيرزادي تي لکيل

    پنهنجي بابا انور پيرزادي تي لکيل

    تون هليو وئين
    تنهنجي بينڪ اڪائونٽ ۾
    ڪجهه ڪو نه هو
    پر تو اسان جي دلين ۾
    محبت جي ايڏي دولت
    ڀري ڇڏي
    جيڪا کٽي ئي نه ٿي
    تو ڪا وصيت
    ڪا نه ڪئي
    پو به اسان کي
    هر گهڙي رڳو
    تنهنجي ڪمن کي پورو
    ڪرڻ جي ڳڻتي رهي
    تو ڪڏھن جيئڻ نه سيکاريو
    تو اسان کي جي ڏيکاريو
    تو ڪنهن ڳالهه کان نه روڪيو
    پر تنهنجا ٺاهيل اصول
    اسان لئه آدرش ٿي ويا
    تنهنجا عمل تنهنجا درس ٿي ويا
    تو پنهنجي ساٿ سان
    بنا چوڻ جي
    پيءُ هجڻ جون وصفون
    سمجهايون
    توسان گزريل جيون جو پل پل
    اسان لئه
    تربيت آهي
    اصول آهي
    آدرش آهي


    پنجويهين جنوري انور پيرزادي جو جنم ڏينهن

    پنجويهين جنوري انور پيرزادي جو جنم ڏينهن

    پنجويهين جنوري ايندي آهي
    روشنيءَ ۽ روشن خياليءَ جو
    رستو کلندو آهي
    ڏک شادمانين ۾ تبديل ٿيندا هن
    عشق جو سنڌو درياهه وهندو آ
    مهين جو دڙو ٻيهر آباد ٿيندوآ
    ڀٽائي ٽھڪ ڏيندو آ
    ٿر ۾ مينهن پوندو آ
    ڊيلٽا پنهنجو پنڌ پورو ڪندو آهي
    عورت حق وٺندي آهي
    ماڻھپي جي موسم ايندي آهي
    حُسن جو جنم ٿيندو آهي
    سُک جو سفر ٿيندو آهي...!


    امداد حسينيءَ کي ڀيٽا

    امداد حسينيءَ کي ڀيٽا

    سگريٽ کي دکائي
    هو شعرٿو ٻڌائي
    ٻوليء ۽ فڪر سان ھو
    ڪيڏو پيو لڀائي
    ٿو روح ۾ سمائي
    ان ريء ڪير آھي
    امداد جو سڏائي
    امداد جو سڏائي...!


    مڌرس ڊي

    مڌرس ڊي

    موبائيل تي
    هيپي مڌرس ڊي جو ميسيج مليو
    مون اهو جملو امان کي وڃي چوڻ گهريو
    تڪڙ ۾ اُٿي ان ڪمري ڏي ويس
    جتي امان رهندي هُئي
    جتي هن جي ننڍڙي ڪائنات هوندي هئي
    جتي هوءَ رلهيون سبندي هئي
    جتي هن جي سلائي مشين رکيل هوندي هئي
    جتي هن جا چيل لوڪ محاورا
    سنڌي ٻوليءَ جي حفاظت ڪندا هُئا
    جتي هوءَ پُٽن جي شاديءَ جا سهرا جهونگاريندي هُئي
    جتي هوءَ پنهنجي پوٽن پوٽين سان
    ٻاتي ٻولي ۾ ڳالهيون ڪندي هُئي
    جتي هوءَ پنهنجي شين کان وڌيڪَ
    مڙس جي شين جو خيال رکندي هئي
    جتي مان هن جي ٿڪل ٻانهن ۽ پيرن تي زور ڏئي
    هن جون دُعائون وصول ڪندو هئس
    جتي هن جون دوائون هن جو انتظار ڪنديون هيون
    جتي هن جي پيل عينڪ
    هن جي هجڻ جي گواهي ڏيندي هئي
    اڄ ان ڪمري ۾
    اهڙو ڪجهه به ڪونهي
    مان ڪمري مان واپس موٽي
    اکيون بند ڪيان ٿو
    هوءَ منهنجي آڏو اچي وڃي ٿي
    هن کي ڀاڪر پائي
    هيپي مڌرس ڊي چوان ٿو
    هن کي ڏاڍو مِس ڪيان ٿو
    هن کي ڏاڍو مِس ڪيان ٿو


    غلام حسين رنگريز جي پُٽ جي وفات تي لکيل تعزيتي نظم

    غلام حسين رنگريز جي پُٽ جي وفات تي لکيل تعزيتي نظم

    مان هر هر موبائيل تي
    ان پيءُ جو نمبر ڊائل ڪندي
    رڪجي وڃان ٿو
    جنهن جو جُوان پُٽ روڊ حادثي ۾
    گذاري ويو
    مان ان حساس پيءُ جو
    درديلو آواز ڪيئن ٻڌان
    جنهن ماڻهن کي ڪڏهن ڏک نه ڏنو هو
    جنهن ماڻهن جا درد گهٽائن جا خواب ڏٺا ها
    جيڪو ڪنهن انسان جو رت
    وهندي ڏسي نه سگهندو آ
    نه ئي مون وٽ
    اهڙا لفظ آهن
    جيڪي هن جي روح لئه
    آٿت ٿي سگهن
    جوان پُٽ جي موت جي تعزيت
    ڪيئن ٿيندي
    موت برحق
    صبر ۽ شڪر واري
    روائتي لفاظي سندس ڏک آڏو
    بي معني آهي
    مان موبائيل تي تعزيتي ايس ايم ايس
    لکي هر هر ڊليٽ ڪري ٿو ڇڏيان
    شاعر هوندي
    لفظ مون کان باغي ٿي وڃن ٿا
    هو غير معياري تعزيت لکڻ تي سراپا احتجاج آهن
    مان نيٺ تعزيتي نظم لکڻ لڳان ٿو
    شاعري چئي ٿي
    ڪو به نظم
    سندس پُٽ جهڙو حسين
    سندس ڏک جهڙو شديد
    سندس لڙڪن جهڙو پاڪ
    سندس دل جهڙو گهايل
    ٿي نه ٿو سگهي
    مان سوچان ٿو
    هن سان تعزيت ڪيئن ڪيان
    ڪاش ڪنهن ماءُ پيءُ کي
    اهڙو ڏک نه ملي
    جنهن جي ڪا تعزيت به نه ڪري سگهجي ... !!


    سبين محمود لئه

    سبين محمود لئه

    دل جي ڳالهه
    ڪرڻ جي ڏوهه ۾
    گولين هن کي
    مارڻ چاهيو
    پر هوء زنده ٿي وئي
    ۽ اسان سڀ مري ويا سي
    زنده رهڻ بيحد ڏکيو آ
    ان لئه ساهه ڏيڻو ٿو پوي
    مرڻ روز جو معمول آھي
    جن ھن کي ماري زنده ڪيو
    سي وساري ويٺا
    مري زندهه ٿيندڙ انسان
    وڌيڪ خطرناڪ ٿيندا آھن
    اهي سڀني جو آواز هوندا آھن
    انهن جي لفظن جو
    ڪير خون وهائي ناهي سگهندو
    انهن جي جدوجهد قيد ناهي ٿيندي
    اهي سوچن جي خوشبو هوندا آھن
    دلين جا ترانا هوندا آھن
    هاڻي هي گوليون
    قاتلن جو چين اڏائي ڇڏينديون
    کين روز قتل ڪنديون
    فرق ايترو هوندو
    انهن گولين سان
    هو روز مرندا رهندا
    هن وانگر وري وري
    جي نه سگهندا


    بهادري اسان ۾ ناهي رهي

    بهادري اسان ۾ ناهي رهي
    ( عاصمه جهانگير لئه )

    بهادري اسان ۾ ناهي رهي
    اها خبر ٻڌندي
    ڪي ڏاڍا خوش
    ڪي ڏاڍا اداس ٿيا هوندا

    اڄ اهي ڏاڍا خوش ھوندا
    جن جي منهن تي
    ڀونڊي وانگي سچ ڏيکاري
    تون انهن جون
    ننڊون ڦٽائيندي هئينء
    اڄ اهي ڏاڍا خوش ھوندا
    جن جي هٿيارن کي
    تنهنجا لفظ ماري وجهندا ها

    اڄ اهي ڏاڍا خوش ھوندا
    جن جي ظلم جي ڊيوٽي ۾
    تنهنجي ردعمل جو خوف شامل هوندو هو
    اڄ اهي ڏاڍا اداس هوندا
    جن جي بيوسي جي
    تون آخري اميد هئينء
    اڄ اهي ڏاڍا اداس هوندا
    جيڪي هر ظلم جو مقابلو
    تنهنجي ڏنل
    حوصلي سان ڪندا ها
    اڄ اهي ڏاڍا اداس هوندا
    جيڪي اداسي جا عادي ها
    جيڪي هار تي هريل ها
    جن کي وري مايوسين ۾
    جيئڻ جو يقين ٿيو آھي

    اڄ موت ڏاڍو خوش هوندو
    جو پنهنجي اکين ۾ گهوريندڙ کي
    هن ماڻيو آھي

    اڄ زندگي ڏاڍي اداس هوندي
    جنهن ان کي وڃايو آ
    جنهن ان جو پورو حق نڀايو ھو

    پر تون ڪيڏي پرسڪون آھين
    تو جيئن چاهيو هو
    جي ڏيکاريو
    سچ منهن تي چئي ڏيکاريو
    سچ منهن تي چئي ڏيکاريو


    پنهنجي چاچي ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادي کي ڀيٽا

    پنهنجي چاچي ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادي کي ڀيٽا

    پيسا هن لئه ڪاغذ جان هن
    رشتا سارا سون جيان هن
    هن وٽ ڪا موبائيل نه آھي
    هن جا پر contacts هزارين
    هن وٽ ڪنهن جو نمبر ناهي
    پر سڀني لئه نمبر ون رهيو آ
    ڊاڪٽر ڄڻ خرابين جو آ
    عمل جي prescription سان ويٺو
    ماڻھن کي انسان ڪندو آ
    فرق جو روزو رکندو آھي
    قرب زڪوات ۾ ڏيندو آھي
    سجده هن جا محبت کي هن
    حاجي آ انسانيت جو هي
    مذھب جو هي ماڻھو آ پر
    ماڻھو هن جو مذھب آھي


    ڀڳت ڪنور رام کي ڀيٽا

    ڀڳت ڪنور رام کي ڀيٽا

    زندگي جي فلسفي جهڙيون سٽون
    تو ڪنور ڳايون هيون
    ”ڪيئن ريجهايان توکي
    ڪئن پرچايان
    ڏس ڪو ڏانءُ
    ڏس ڪو ڏانءُ“
    ڪو پاڻ پرچائي پيو ڪنهن
    ساز سان
    ڪو پاڻ پرچائي پيو جهومي نچي
    ڪو پاڻ پرچائي پيو تخليق سان
    ڪو پاڻ پرچائي وري ڪنهن خون سان
    خون جو رڪڻو نه آ
    خون جنهن ۾ دين آ
    خون جنهن ۾ ذات آ
    خون جنهن ۾ ملڪ هن
    خون جنهن ۾
    اقتدار جو آفيم آ
    پاڻ ته هر ڪو ٿو پيو پرچائي
    پاڻ ته هر ڪو ٿوپيو ريجهائي
    پر پاڻ پرچائي
    جو پرين کي ريجهائي
    سو ڏان ء ئي آھي امر
    سو ڏان ئي آھي امر


    ناليواري ڳائڻي ريشما جي موت تي لکيل

    ناليواري ڳائڻي ريشما جي موت تي لکيل

    آرٽسٽ، شاعر
    راڳي
    دهشتگرد ناهن
    جن جي مرڻ سان
    خوف وچان شهر بند ٿي وڃي
    شهر ۾ هڙتال ٿي وڃي
    هنن جي مرڻ سان
    شهر هلندو رهندو آهي
    گلن جا دڪان کليل هوندا آهن
    ماڻهو ايمرجنسيءَ ۾
    اسپتال پهچي سگهندا آهن
    هو دهشت ۽ خوف
    ناهن ڦهلائيندا
    هنن جي سوڳ ۾
    رُڳو مداحن جون اکيون بند ٿينديون آهن
    جن جي کلڻ سان
    لڙڪن جو شهر روان ٿي ويندو آ....


    سچو پيار

    سچو پيار

    امان
    مان دل جي
    ڊڪشنري کولي
    سچي پيار جي معني ڳولي
    اتي تنهنجو نالو
    لکيو پيو هو..!


    خاميون ڳوليندي ڳوليندي

    خاميون ڳوليندي ڳوليندي
    هو پاڻ خامي ٿي ويو
    خوبيون ڳوليندي ڳوليندي
    هو پاڻ خوبي ٿي ويو


    هوا سان هي ٿڌيون بوندون

    هوا سان هي ٿڌيون بوندون
    اچي هن وٽ پُڳيون هونديون
    پرين جي مُکَ تي سمجهو
    اسان طرفان چُميون هونديون


    مِينهُن

    مِينهُن

    ڳوٺ وسي ٿو مينهن
    آلو آلو ٿي ويو
    ماروئڙن سان نينهن


    مٺيءَ ۾ رات

    مٺيءَ ۾ رات

    مٺيءَ ۾ رات يارن سان
    گَڊيءَ جي ڀٽ تي بيهي
    لڳو ڌرتي پَئي چمڪي
    هزارن ڄڻ ستارن سان


    هوا ۽ بوند توسان آ

    هوا ۽ بوند توسان آ
    وڻي هر پل پيو توسان
    اسان جي چونڊ توسان آ
    حياتي هوند توسان آ


    مصروف زندگيءَ مان

    مصروف زندگيءَ مان
    جيڪو ٿورڙو وقت
    پاڻ لئه بچائيندو آھيان
    توکي ۽
    شاعري کي ڏيندو آھيان
    نئين سر
    تخليق ٿي ويندو آھيان


    جسم جي جيڪٽ

    جسم جي جيڪٽ
    ساٿ جي لوئي
    حسن جي سگري
    ڳالهين جي ڪافي
    ٿي سگهي ته کنيون اچجان
    جدائيءَ جو ڏاڍو سيءُ پيو آ
    وصل جو مچ ئي وِسي ويو آ...!


    تون ايندي آن

    تون ايندي آن

    تون ايندي آن
    ته هر شي ۾ ساهه پئجي ويندو آ
    آسمان ۾ چمڪندڙ چوڏينهن جو چنڊ
    منهنجي اڱڻ ۾ لهي ايندو آ
    سمنڊ جي بيقراري
    ڪنهن ڊوڙندڙ ٻار جي خوشيءَ ۾
    تبديل ٿي ويندي آ
    ٿڌي گهلندڙ هوا
    سرمستيءَ ۾ اچي
    جهومڻ لڳندي آ
    ٽڙيل گلن جي تازگيءَ ۾
    اضافو ٿيندو آ
    بارش اڃا به رومينٽڪ ٿي ويندي آ
    ۽ منهنجي خالي ڌڙڪندڙ دل ۾
    زندگي موٽي ايندي آ
    تون ايندي آن
    ته هر شي ۾ ساهه پئجي ويندو آ


    اسپتال جي هڪ ئي وارڊ ۾

    اسپتال جي هڪ ئي وارڊ ۾
    هڪ پوڙهي
    درد مان دانهون ڪري
    موت کي پُڪاري رهي آ
    ساڳئي وارڊ ۾
    نئون ڄاول ٻار
    رئڻ جي وڻندڙ آواز سان
    هن دنيا ۾ اچڻ جو
    اعلان ڪري رهيو آ
    هڪ ئي وارڊ ۾
    ڪفن ۽ مٺائيءَ جون
    تياريون ٿي رهيون هن
    زندگي به هن پراسرار وارڊ وانگر
    لڙڪ لاڙيندي
    ٽهڪ ڏيندي
    هلندي رهي ٿي
    ڏکندي رهي ٿي
    وڻندي رهي ٿي


    اسين درياهه تي پلجندڙ ماڻهو

    اسين درياهه تي پلجندڙ ماڻهو
    پنهنجي حصي جي پاڻي سان
    ٻين کي آسودو ٿيندي ڌسندا آهيون
    پنهنجي ٻارن جان
    فصلن سان به
    اکيون ملائي ناهيون سگهندا
    ڌرتي ڌوڙ
    دريا واري ڏسي
    آسمان ڏي ڌسندا آهيون
    تتل سج جون چٿرون
    اسان جا ڪنڌ
    جهڪائي ڇڏينديون آهن
    اسان پگهر ۽ ڳوڙهن جي ٻوڏ ۾
    ٻڏي ويندا آهيون.


    امن ڏي پنڌڙا

    امن ڏي پنڌڙا

    زخمي پکي
    ڦٿڪي اچي
    گهر ۾ ڪريو
    ٻارن ڊُڪي ان کي کنيو
    جيئرو ڏسي
    ٻهڪي پيا
    هي ڪيئن ٿيندو ٺيڪَ هو پُڇندا رهيا
    ان کي ملم هڻندا رهيا
    ڪنهن ماءَ جا ڏسندا رهيا
    تن کي ڏسي
    دل ٿي چيو
    جيڪر وڏو ڪو ڪو نه ٿئي
    يا سڀ وڏا ننڊڙا ٿين
    ڪي امن ڏي پنڌڙا ٿين
    ڪي امن ڏي پنڌڙا ٿين


    سُر ۽ سازن سان جنگ

    سُر ۽ سازن سان جنگ

    لتا جي ڪويل جي ڪُوڪَ
    جهڙي آواز مان
    انهن کي
    بارود جي بوء آئي آ
    مهدي حسن جي مٺي پاڻيءَ واري
    چشمي جهڙي آواز مان
    انهن کي جنگي اعلان ٻڌڻ ۾ آيا هن
    سرحدن تي هلندڙ
    گولين جا آواز
    سازن ۾ تبديل نه ٿيا
    مڌر آوازن
    جو منهن پابنديءَ جي تارن سان ٻڌو ويو آھي
    سرن۽ سازن سان جنگ ڪئي وئي آھي،


    اووَرٽائيم

    اووَرٽائيم

    آفيس ۾ گهڻي ڪم ڪري
    گهر ايندي ايندي رات ٿي وئي
    منهنجي ڌيءَ جيڪا منهنجي گهر پهچڻ تي
    خوشي ۾ ڊانس ڪندي آھي
    سا ساڪت حالت ۾ ننڊَ پئي هئي
    هن جي ڊانس جا لمحا
    آفيس جي اوور ٽائيم
    کسي ورتا
    مون سوچيو
    آفيس جو ٿڪ
    ننڊ ڪرڻ
    پگهار ملڻ
    پروموشن ٿيڻ سان نه
    گهر اچي ٻارن جا ٽھڪ ٻڌڻ سان
    لهندو آھي....


    پهرين اپريل

    پهرين اپريل

    پهرين اپريل تي
    توسان عشق جو اظھار ڪيان
    تون خفا ٿين
    ته اپريل فول چوان
    تون مرڪين
    ته ان ڏينهن کي
    سچ جو ڏينهن سڏيان


    ڄڻ

    ڄڻ

    جيون ۾ هڪ ساز وڄي ٿو
    ۽ رقص ڪري ٿي سمبارا
    هر باک اسان جي پياري آ
    هر رات امر ڄڻ پنهنجي آ


    گورک

    گورک

    گورک هلڻو آ
    خوابن جهڙي سنڌ جو
    چهرو ڏسڻو آ


    اڌ ۾

    اڌ ۾

    هلندي هلندي
    اڌ ۾ رڪيو
    پو به لڳي ٿو پورو
    جيون هن جو اهڙو


    زندگي

    زندگي

    زندگي ڪيتر ي گذاري مون
    عشق سان جيتري گذاري مون
    ڳالهه جيڪا ڇهي وئي دل کي
    روح سان شعر ۾ اتاري مون


    عشق بنا جئڻ

    عشق بنا جئڻ
    به
    معذوري آهي
    ڄڻ ....!


    ٻاراڻي

    ٻاراڻي

    جواني ۾ اسان
    تيار ٿي
    هڪ ٻئي کي ڏسڻ جا
    بهانا ڳوليندا هئا سي
    ھاڻي ٻارن کي تيار ڪري
    هڪٻئي تي اوچتو
    نظر پوندي آھي
    ته تيار ٿي هڪ ٻئي کي
    ڏسڻ واري ياد
    ڪيڏي ٻاراڻي
    ڪيڏي پياري لڳندي آھي..!


    جمهوريت

    جمهوريت

    ڀڳل روڊن جهڙي جمهوريت
    عوامي غربت واري بس
    مسئلن جي کڏ ۾ ڦاسي
    اونڌي ٿي وئي آهي
    پويان بيٺل
    ستايل ماڻهن جي
    قطار جو سڪون
    ڏينهن ڏٺي جو
    رستي تان کنڀجي ويو آ
    جنهن جي موٽڻ جو
    پري پري تائين
    ڪو امڪان ئي ناهي.


    اڄ ته دل لڳي نٿي

    اڄ ته دل لڳي نٿي
    زندگي جي شور ۾
    فيس بڪ جي بازار ۾
    ھر ڪو نمائش جا
    دڪان سجايون ويٺو آ
    ھر ڪو پاڻ کپائي ويٺو
    هر ڪو پنهنجو هوڪو ڏي ٿو
    ماڻھن جي ڪنهن ماڻهو ءَتي
    جيڏي گهڻي رش ٿئي ٿي
    اوڏو ئي سو خوش ٿئي ٿو
    ڪير وري واقعي وڻي وڃي
    ته دل جو آئي ڪون رکي نه سگهجي
    ان کي دل ۾ لائيڪ ڪري
    بيوٽيفل چئي اڳتي ٿو وڌجي
    پو ڀي دل لڳي نه ٿي اڄ
    واهه واهه جي هن گوڙ
    مان نڪري
    موبائيل کي اڄ ننڊ ڪرائي
    ڪنهن درياهه ڪناري وڃي ويهان ٿو
    سانت ۾ ڌيمو ڌيمو هلندڙ
    درياهه جو اڄ ساز ٻڌان ٿو
    پکين جا آواز چٽا هن
    ٻيڙي جا هو ونجهه وڻن ٿا
    ڪيڏو هتڙي چين ملي ٿو
    دل کي ڪجهه آرام ملي ٿو
    دل کي ڪجهه آرام ملي ٿو


    شوقين فيمنسٽ

    شوقين فيمنسٽ

    جڏھن
    عورت جو پاسو وٺي چوين
    عورت جي لحاظ کان سٺو ڪتاب آ هي
    عورتن ۾ سٺي شاعره آھي
    جڏهن تون عورت کي دل سان
    مرد کي دماغ سان ملائين
    جڏهن تون عورت جي
    پورهئي کي ساراهين
    .پر سندس زهانت کان
    لنوائين
    جڏهن خراب مرد
    ۽ عورت مان
    عورت تولئه وڌيڪ خراب ھجي
    جڏھن تنهنجا لفظ وڏا
    عمل ننڍا هجن
    جڏھن تنهنجي روشن خيالي
    تنهنجي گهر کان پري هجي
    تڏھن اي شوقين فيمنسٽ
    تون شائونسٽ مرد بڻجي ويندو آهين...!


    جيستائين تون

    جيستائين تون
    انڌيرن ۾ قيد آھين
    هي سج اسان لئه اونداهو رهندو
    تنهنجي وجود تي لڳل هٿڪڙي
    اسان جي آزاديءَ تي به لڳل آھي
    جيڪو چوڻ ڪري
    تون گم ڪيو ويو آن
    سو نه چئي اسان پنهنجي اندر ۾
    گم ٿي ويا آھيون
    ندامت هٿان اسان به اغوا ٿي ويا آھيون
    اسان جي ماٺ به دشمني آھي
    اسان تنهنجا ڏوهاري سهي
    اسان تي ڪاوڙجڻ لئه سهي
    تون ئي هاڻي واپس ور کڻي...!


    الوداع A 64 گلشن حديد

    الوداع A 64 گلشن حديد

    ڪنهن دل گُهرئي ماڻھوءَ سان
    ڪو سهڻو منظر ڏسبو آ
    سو منظر ئي ڪيڏو وڻندو آ
    يادن جو حصو بڻبو آ
    محبوب سان ڪنهن وڻ جي هيٺان
    ڪن پلن جي ڇانوَ جي ملندي آھي ته
    ساري عمر
    ان ڇانوَ مان محبت ملندي رهندي آھي
    هي گهر ته هڪ عمر جو قصو آ
    جنهن گهر ۾ ٻار ٿي آيو هوس
    جنهن گهر ۾ جُواني ماڻي مون
    جنهن گهر ۾ منهنجو بابا هو
    جنهن گهر ۾ مان ڀي بابا بڻيس
    جنهن گهر کي بابا وڻندو هو
    جنهن گهر جو بابا عاشق هو
    جنهن گهر کي امان ٺاهيو هو
    جنهن گهر کي امان چاهيو هو
    جو گهر زبير ٺھرايو هو
    جنهن گهر ۾ ڀيڻ اسان سان هئي
    ۽ هاڻي هن جو پيڪو آ
    جنهن گهر ۾ ڀاءَ جي پارڪ به آھي
    جنهن گهر جا ٻُوٽا ڀاتي هن
    جنهن گهر ۾ ٻارن اکيون کوليون
    جنهن گهر ۾ سپنا رهندا هن
    جنهن گهر اڳيان هو جاني مليو
    جنهن پاڙي ۾ آ عابد رهندو
    جنهن هنڌ لئه بابا چوندو هو
    گلشن حديد ڪراچي جي اسلام آباد آ
    هتان جي هوا ۾
    واڪ ڪرڻ وارو مزو
    ٻيو ڪٿي ناهي
    منهنجو ويسٽ اوپن گهر آئيڊيل آھي
    اهو گهر جيڪو
    بابا جي ڪري هتان جي عزت آ
    جيڪو هتان جو ثقافتي ورثو آ
    اهو گهر ڇڏڻ هڪ صدمو آھي
    هڪ سو ويهه گزن کان ٻه سو ويهه گزن تائين وڃڻ لئه
    ۽ ڪجهه ڪلوميٽرن جو مفاصلو گهٽائڻ لئه
    هي عشق اسان کان کسجي رهيو آهي
    ڪيڏو اداس ڪري رهيو آهي

    اياز جاني ۽ عابد جيڪي گلشن حديد ۾ منهنجا دوست ٿيا
    زبير - منهنجو وڏو ڀاءُ ، بابا - انور پيرزادو


    مصنوعي رشتا

    مصنوعي رشتا

    هو ڪڏهن به
    شاديءَ جي سالگرهه جو
    ڪيڪ ڪٽڻ ناهن وساريندا
    هڪٻئي کي تعفا ڏيڻ
    سندن فرضن ۾ شامل آ
    هنن کان سندن جنم ڏينهن
    ڪڏهن ناهي وسرندو
    رات جو ٻارهين وڳي ئي
    هڪ گهر ۾ رهندي
    واٽسيپ تي
    جنم ڏينهن مبارڪ لکندا آهن
    هڪٻئي کي قيمتي تعفا ڏئي
    زماني کي ڏيکارينداآهن
    ويلنٽائن ڊي تي
    ڪنهن هوٽل ۾ وڃي
    ماني کائي پاڻ کي عاشقن جي
    فهرست ۾ شامل ڪندا آهن
    پر ڪڏهن اجايو سجايو
    هوا جي جهوٽن سان
    مهڪندڙ چانڊوڪي رات ۾
    واڪ لاءِ ناهن نڪرندا
    مينهن ۾ گڏجي ناهن ڀِڄندا
    هڪٻئي جي تعريف ڪرڻ کي
    ڏيکاءُ سمجهندا آهن
    هڪٻئي سان انتهائي تڪلف سان
    سوچي سمجهي صرف ڪم جي ڳالهه ڪندا آهن
    ٻار بيمار ٿئي ته ڊاڪٽر ڏي ويندا آهن
    پر ٻارن سان پڪنڪ ڪرڻ ناهن ويندا
    هڪ ڪمري ۾
    روم ميٽس بڻجي رهندا آهن
    هڪٻئي کان پري ڀڄڻ جا بهانا ڳوليندا آهن
    مڙس تي وي تي خبرون
    زال ڊراما، ڏسندي آ
    مڙس کي
    زال جي ڊرامن
    زال کي مڙس جي خبرن سان
    ڪا دلچسپي ناهي هوندي
    هو پاڻ ۾ راز ناهن سليندا
    اُهي تي ذاتي دوستن لاءِ هوندا آهن
    مضبوط سماجي رشتو هوندي
    ڪمزور تعلق جو عذاب ڀوڳيندا آهن
    روايتي شاعريءَ وانگر
    سندن رشتو بي اثر رهندو آهي
    سماج جون گهڙيل مصنوعي خوشيون
    وقتي آسائشيون
    نڀائيندي نڀائيندي هو ٻئي ٿڪجي پوندا آهن
    زندگيءَ جي اصل تازگي
    کين پري کان تڪيندي رهندي آهي...!


    اسان هن کي

    اسان هن کي
    گهڻو مضبوط سمجهيو هو
    ايڏو مضبوط
    جو اسان سمجهيو
    جيئن هوء
    اسان کي پٿر لڳڻ کان
    بچائيندي هئي
    ائين اسان هن کي پٿر
    هڻندا سي
    تڏھن به هن کي ڪجهه نه ٿيندو
    اسان اهو وساري ويٺاسي
    هن جي مضبوطي
    اسان جو اعتماد هئو
    ان اعتماد جي هٿ ۾ پٿر ڏسي
    هن جي
    شيشي جهڙي دل
    پرزا پرزا ٿي وئي
    ۽ ھن جو وجود
    پٿر ۾ تبديل ٿي ويو...!


    خوشبو

    خوشبو

    مان توکي
    وساري ويٺو هيس
    ايئن جيئن
    ماڻھو پنهنجيون خاميون وساريندو آ
    رسمي ملاقاتن ۾
    تنھنجو سامهون اچڻ
    دل جي ڌڙڪن ۾
    ڪا به تيزي نه آڻيندو هو
    پر ڪلهه رات الائي ڇو
    خواب ۾
    تون ايڏي تيار ٿي آئينء
    پنهنجي چپن سان
    منهنجي جسم ۾ داخل ٿي
    مون کي الائي ڇا چئي ويئين
    صبح اک کلي
    نه تون هئين
    نه خواب
    نه ڪا آرزو
    پر پو به مان توکي محسوس ڪندو رهيس
    جيئن ڪنهن اُچي پرفيوم جي خوشبو
    دير تائين
    ڪپڙن ۾ رهجي ويندي آهي...!


    عشق جو پيرو

    عشق جو پيرو

    مون وٽ ڇاهي؟
    مون وٽ يارن جي دولت آ
    مون وٽ ٻارن جي محبت آ
    مون سان منهنجي ڀيڻ جي دل آ
    مون سان ڀائرن جي طاقت آ
    مون سان منهنجي پي جي تربيت
    مون سان دعائون امان جون هن
    مون سان قربت شعرن جي آ
    منهنجي محبوبا آ دنيا
    مون وٽ هي ڪائنات سڄي آ
    چنڊ ستارا منهنجا آھن
    سمنڊ ڪنارا منهنجا آھن
    مون وٽ يارو سڀڪجهه آھي
    جيئڻ لئه هڪ مقصد ڀي آ
    جنهن ۾ ماڻھو جي عظمت آ
    جنهن ۾ ڪا تذليل نه آھي
    ڪائي عورت ڪاري ناهي
    پيٽ بکايل ماڻھن لئه
    ماني کائڻ مسئلو ناهي
    سک ورهائڻ سولو آھي
    مذھب جنهن ۾ جهيڙو ناهي
    ٻولي جنهن ۾ گولي ناهي
    سرحد جنهن ۾ ڪائي ناهي
    اهڙي ڪنهن سنسار اڏڻ لئه
    پنهنجو حصو ڏيڻو آ
    عشق جو پيرو کڻڻو آھي
    عشق جو.پيرو کڻڻو آھي


    چارسده واقعي تي لکيل

    چارسده واقعي تي لکيل

    اڳي خوف ٿيندو هو
    آفيس وڃڻ کان
    بازار ۾ گهمڻ سان
    متان ڪٿي ڪنهن
    انڌي گولي , بم ڌماڪي کي
    لڀي نه وڃون
    پر پاڻ خطري ۾َوجهي
    به نڪربو هو
    ٻارن لئه
    پر هاڻي خوف ٿئي ٿو
    ٻارن کي اسڪول موڪلڻ کان
    هنن کي پڙهائڻ کان
    ڪٿي پشاور چارسده
    جهڙا سانحا
    ساهه نه ڪڍي ڇڏين
    جاهل دهشتگردن جي خوف کان
    ٻارن کي جاهل رکجي؟
    پڙھندا نه
    جيئرا ته هوندا
    ڊگرين تي شهادتن جون مُهرون
    ڪهڙا ماءُ پيءُ
    ڏسڻ چاهيندا؟
    پڙھڻ جو مرڻ سان ڇا ؟
    علم جو خون سان
    ڪهڙو رشتو؟
    اسڪول جو وقت ڀي
    ماءُ پيءُ لئه
    خوف جي علامت !
    ٻارن جي يونيفارم ڀي
    ريٽي رنگ کان
    بچي نه سگهي
    پو اي محافظو
    رانديڪن جهڙيون
    بندوقون ڦِٽي ڪريو
    اسان کي شھيد سڏي
    پاڻَ يزيد نه ٿيو ...!


    احساس

    احساس

    گلاسگو جي ٿڌين هوائن ۾
    گورک جي پراسرار چوٽيءَ تي
    ملائشيا جي جينٽين هائيلينڊ تي
    ڪڪرن کان مٿي
    لنڊن برج جي هيٺان وهندڙ نديءَ ۾
    ٿائيلينڊ جي دلفريب ڪورل آئيزلينڊ ۾
    ڪينجهر جي سج لهندڙ منظر ۾
    سينڊس پٽ جي ٿڌي واريءَ تي
    مريءَ جي پهاڙن جي تارن ڀري رات ۾
    گلشن حديد جي رومينٽڪ مينهن ۾
    ڳوٺ درياهه جي ڪناري تي
    آئون توکي ڳوليندو آھيان
    سوچيندو آھيان
    هي حسين نظارا توکان سوا
    ڪيڏا نه اڌورا هِن
    ڄڻ مون وانگي
    ڪنهن کان وڇڙي ويا آهن...!


    مِلي وڃ

    مِلي وڃ

    اڄ رات ملي وڃ تون
    پرڀات ڪري وڃ تون
    کڻ نازڪڪر جا ڪي
    برسات ڪري وڃ تون
    سڀ لُڙڪ سُڪي ويندا
    هڪ وار کِلي وڃ تون
    اڄ رات مِلي وڃ تون
    پرڀات ڪري وڃ تون


    نئون سال

    نئون سال

    هر سال کي الوداع
    ان آس تي ڪندا آهيون ته
    ايندڙ سال
    گولين، بم ڌماڪن
    کان محفوظ رهنداسي
    هر نئين سال جي آجيان پر
    گولين ۽ ٺڪائن سان
    ٿيندي آهي
    اهڙا آواز
    پوءِ سڄو سال
    ٻڌاندا رهندا آهيون....!


    جيسيتائين

    جيسيتائين

    جيسيتائين تون
    موبائيل تي
    ميسيج ٽائپ ڪندي آھين
    تيستائين منهنجي دل
    الائي ڇا ڇا ٽائيپ ڪري ويندي آھي
    جنهن کي تنهنجا جملا
    ٻيهر ڊليٽ ڪندا آھن
    ڪيڏو نه بي چين ڪندا آھن...!


    ڳوٺ جي ياد

    ڳوٺ جي ياد

    هڪ ريل آھي ياد جي
    جا سانت جو سينو
    پئي چيريون وڃي
    ڪيڏي ڊگهي تنهن رات کي
    ڪيڏيون ٽيشنيون ڪنديون سوڙھو هيون
    نيٺ ڪوڪون ريل جون
    سج جون ننڊاکيون اکيون
    کڙڪائيندون هيون
    مهين جو دڙو اسٽيشن
    اجازت فلم جهڙو پليٽفارم
    وات مان دونهون ڪڍندا ٻارڙا
    ٽانگي طرف ها ڊوڙندا
    ٽانگو ريل کان ڀي سست
    ڳوٺ جي سڪ کي وڌائيندو هيو
    ڳوٺ ۾ چاچو اسان جو
    ڀاڪر وڏي سان آجيان ڪندو هيو
    چاچي چلهي تي چانهن چاڙھي
    ڀوڳ ماني سان گهڻا ڏيندي هئي
    چلهه جي چوڌاري
    محبت جو پيو هو مچ ٻرندو
    ڀوڳ ڪنهن جي دل ڏکائيندا نه هئا
    فارم هائوس جهڙي ان گهر جو
    ڪوئي ڪرايو ڪو نه هو
    ساوڻ هجي
    سيارو هجي
    ايترا ماڻھو گڏجي گذاري ڏينهنڙا
    شھر ڏي ورندا هئا
    ڳوٺ جي تنهن قرب کي پو
    شھر کي ڏيندا هئا
    ايئن هو جيئندا هئا
    ايئن هو جيئندا هئا


    احتجاج

    احتجاج

    جنهن جاءِ تي
    اسان جي گهر
    پاڙي جي
    نم جي ڇانو ٿيندي هئي
    اهاڇانو
    نم سان گڏ وڍجي قتل ٿي وئي
    اسان ڪا ايف ائي آ ر
    درج نه ڪئي
    نه ڪوئي سوڳ
    نه احتجاج ڪيو سي
    اتي هاڻي بس
    پکي احتجاج ڪندا آھن
    ۽ اُۡسَ تڏو وڇايون ويٺي آهي


    اچ ته ...!!

    اچ ته ...!!

    برف جهڙي آ ھوا
    اچ ته ٻاهر ٿا هلون
    باهه جهڙا چپ کڻ
    مَچَ مچائي ٿا اچون...!


    شرط

    شرط

    ميڪ اپ تي
    تنهنجو چهرو ڏاڍو سوٽ ڪندو آهي

    موبائيل ڪيمرا
    تنهنجي سيلفي لئه ايجاد ٿي آهي

    پارڪ جي ڇٻر
    تنهنجي پيرن کي ڏسي
    وجود ۾ آئي آهي

    رنگ توکي
    پائڻ لئه
    ڪپڙن جي ٿانن مان وڇائجي ٿا وڃن

    آبشار
    تنهنجي وارن جو حسن
    بيان ڪرڻ لئه وهندا ٿا رهن

    چنڊ توکي وڻائڻ لئه
    روز نوان نوان
    روپ پيو مٽائي
    مينهن تنهنجو جسم ڇهڻ لئه
    آسمان مان پنڌ ٿو ڪري

    سمنڊ تنهنجا پير ڇهڻ لئه
    ڇوليون هڻي رهيو آهي

    آئينو تو لئه
    ليئا پائيندو ٿو رهي

    شاعري، موسيقي، مصوري
    تنهنجا مختصر تعارف آھن

    ۽ عشق تنهنجو حسن بيان ڪرڻ لئه
    بنيادي شرط آھي


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 822
    ڪتابن جو مشاهدو: 1874948
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 508878
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ