ڪتاب جو نالو: مانجو ڪوھستان
مصنف: ج.ع منگهاڻي
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 17 جون 2019 ع
پڙهيو ويو: 452 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 129 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هيءُ ڪتاب سنڌي ادب جي مانائتي ليکڪا ۽ شاعرہ محترمہ ج.ع. مُنگهاڻي صاحبه جو ڪوهستان جي سگهڙن ۽ سٻاجهڙين شخصيتن جي خاڪن تي مشتمل هڪ تحقيقي تصنيف آهي، جنهن ۾ پاڻ ڪوهستان جي گمنام شخصيتن جي ادبي، ثقافتي ۽ سماجي زندگيءَ سان گڏو گڏ اُنھن جي اُٿڻي ويھڻي، ثقافت ۽ روايتن کي نمايان انداز ۾ بيان ڪيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • ڇپائيندڙ پاران
  • مهاڳ
  • مقدمو : (مانجو ڪوهستان)
  • مانجو ڪوهستان: (خاڪا)

  • هڪ ڏاهو، ڏات وند، سچو ۽ منصف ڪردار ڇُٽو خان بِڪَڪُ (مُنگهاڻي)
  • هڪ غير معمولي ڪردار: سناسي خان بڪڪ (جمعاڻي)
  • مالدار، سخي ۽ مهربان ڪردار : رُهيل بڪڪ (ڀوراڻي)
  • هڪ سگهارو ۽ ڀرجهلو ڪردار سيٺ علي محمد بڪڪ (مُنگهاڻي)
  • هڪ خوبصورت ۽ بهادر ڪردار سيٺ غلام محمد بڪڪ (جمعاڻي)
  • هڪ شاندار ڪردار حاجي مريد خان بڪڪ (چاڪراڻي)
  • هڪ سگهارو ۽ دادلو ڪردارقادر بخش بڪڪ (منگهاڻي)
  • ڏاهو، بهادر ۽ ويڄ ڪردار عمر خان بڪڪ (ڀوراڻي)
  • هڪ معجزاتي ڪردار صاحب ڏني بڪڪ (جمعاڻي)
  • هڪ وضع دار ڪردار وڏيرو ملهه خان پالاري (ڪَلاڻي)
  • هڪ سريلو ڪردار ۽ نڙ جو بي تاج بادشاهه نابين شاهه محمد بڪڪ (ٽوڪاڻي)
  • ڪوهستان جي مدر ٽريسا : ماسي مهران بڪڪ (زهرياڻي)
  • ٽي لطيفي ڪردار حاجي اسماعيل بنديجو، گلو بنديجو (ساجناڻي) ۽ وڏيرو غلام قادر بنديجو
  • هڪ ڄاتل سڃاتل ڏاهو ۽ پڙهيل ڪردار الله بچايو يار محمد سمون (بهلول/ڇٽو)
  • هڪ اڻ ورچ ۽ محنتي ڪردار سائين بشير احمد جوکيو (هميرڪا)
  • سماجي ڪارڪن محمد عرف ممون بڪڪ باراڻي
  • هڪ سريلو ڪردار ۽ نئون ٻيجل استاد محمد جمن (سخيراڻي)
  • هڪ متنازعه ڪردار دادلي گڊي

  • ارپنا

    بيحد ذهين، سائنسدان، اليڪٽريڪل انجنيئر ۽ محبوب ڀاءُ محمد بخش بڪڪ (منگهاڻي) جي نانءُ
    جنهن هن ڪتاب جو سڄو سفر مون سان گڏ ڪيو پر منزل تي پهچڻ کان اڳ اوچتو، نئين دنيا جي سفر لاءِ سنڀريو ۽ روانو ٿي ويو پاڻ ڪتاب جي صورت ڏسي نه سگهيو.
    آءٌ ڪتاب هٿن ۾ جهليو، اکيون در ۾ وجهي پئي واجهايان.

    مَران، مَٿَو پِٽيان، نِهاريان نَيڻان،
    سُخن جي سَندانِ، آءٌ نَه جِيندي اُن رِي.
    (شاههؒ )

    سندس ڪمهلي وڃڻ وارو وڇوڙو سهڻ منهنجي لاءِ، هڪ امتحان آهي جنهن جي نتيجي جي مون کي ڪائي خبر ڪانهي.

    منهنجا ڪيچي قول ڪري ويا، هئي نه ويل وڃڻ جي......

    ج.ع.مُنگهاڻي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”مانجو ڪوھستان“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هيءُ ڪتاب سنڌي ادب جي مانائتي ليکڪا ۽ شاعرہ محترمہ ج.ع. مُنگهاڻي صاحبه جو ڪوهستان جي سگهڙن ۽ سٻاجهڙين شخصيتن جي خاڪن تي مشتمل هڪ تحقيقي تصنيف آهي، جنهن ۾ پاڻ ڪوهستان جي گمنام شخصيتن جي ادبي، ثقافتي ۽ سماجي زندگيءَ سان گڏو گڏ اُنھن جي اُٿڻي ويھڻي، ثقافت ۽ روايتن کي نمايان انداز ۾ بيان ڪيو آهي. مھاڳ (مقدمي) ۾ منگهاڻي صاحبہ لکي ٿي:
    ”ڪوهستان ۽ ڪوهستان جي انهن ڪردارن بابت لکڻ ٿي چاهيان جن کان دنيا ۽ دنيا وارن سان گڏ پنهنجا ويجها بہ بيخبر ۽ اڻواقف آهن. کين خبرئي ناهي تہ جبل جا اهي سگهارا ڪردار سندن ئي عزت ۽ طاقت آهن جن جي واکاڻ ۽ ساڏ (تعريف) سنڌ ۽ سنڌين جو مانُ ۽ شان آهي. جبل جي سڀني ڪردارن تائين پھچڻ منهنجي لاءِ مشڪل نہ پر ناممڪن آهي. تنھن هوندي بہ آئون انھيءَ ڪم جي شروعات ڪري رهي آهيان. جيڪي ڪردار منهنجي پھچ ۾ آهن، انهن جو تعارف ڪرائڻ منهنجو حق ۽ فرض آهي. جيئن جيئن جبل جي عظيم ڪردارن تائين رسائي حاصل ٿيندي ويندي، تيئن تيئن اهي پنهنجي روشن نالن ۽ سُرهن ڪارنامن سان گڏ متعارف ٿيندا ويندا.“
    ھي ڪتاب 2014ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو، اسان ٿو رائتا آھيون مُنگهاڻي صاحبہ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ڇپائيندڙ پاران

    هيءُ ڪتاب ”مانجو ڪوهستان“ سنڌي ادب جي مانائتي ليکڪه ۽ شاعره محترم ج.ع. مُنگهاڻي صاحبه جو ڪوهستان جي سگهڙن ۽ سٻاجهڙين شخصيتن جي خاڪن تي مشتمل هڪ تحقيقي تصنيف آهي، جنهن ۾ پاڻ ڪوهستان جي گمنام شخصيتن جي ادبي، ثقافتي ۽ سماجي زندگيءَ سان گڏو گڏ اُنهن جي اُٿڻي ويهڻي، ثقافت ۽ روايتن کي نمايان انداز ۾ بيان ڪيو آهي.
    محترمه ج.ع مُنگهاڻي صاحبه جي قلمي پورهئي کي مانُ ڏيندي سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڪوهستان جي سگهڙن جي خاڪن تي مشتمل هيءُ سندس تحقيقي ڪتاب ”مانجو ڪوهستان“ کي ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي.
    هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ شايع ڪري سُرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان. جنهن لاءِ آئون جناب مخدوم جميل الزمان صاحب چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ، جو تهدل سان شڪر گذار آهيان، جنهن پنهنجي مفيد مشورن سان منهنجي رهنمائي ڪري اشاعتي مرحلي کي آسان ڪيو.
    اميد آهي ته، اسان جو هيءُ پيار ڀريو پورهيو ادب سان دلچسپي رکندڙن وٽ مانءُ لهندو.


    الهڏتو وگهيو
    سيڪريٽري
    21- جمادي الثاني 1435هه
    22- اپريل 2014ع


    مهاڳ

    پکين جي پرن جهڙي نرم ۽ گرم احساسن جهڙو، ڪوهستان جنهن کي آئون هڪ خطونه، پر ڪائنات سمجهندي آهيان.
    ائين سمجهڻ لاءِ اهڙو ئي گداز احساس هئڻ ضروري آهي جهڙو ڪوهستان لاءِ ڪوهستانين جو آهي.
    آئون ڄاڻان ٿي ته هر ماڻهو پنهنجي علائقي لاءِ اهڙائي جذباتي ۽ نفيس احساس رکندو هوندو، جڏهن ته آئون پنهنجي ڏکئي سنگلاخ پهاڙن جي ڏکين، سخت جان ۽ ساهو رهواسين جي احساسن بابت اهڃاڻي ڏيڻ چاهيان ٿي جن کان شايد هرڪو واقف نه هوندو.
    ڪتاب، مانجو ڪوهستان جي مهاڳ ۾ ڪي اهڃاڻيون ڪوهستان ۽ ڪوهستانين بابت ڏنيون اٿم. جيڪي اڃا مختصر ۽ ڄڻ ته مبهم آهن ۽ جن جي اظهار ن جا واضح ۽ تفصيلي اهڃاڻ اڃا باقي آهن. انهن جي وضاحتن لاءِ ڪيئي ضخيم ڪتاب گهرجن.
    ڪوهستان تي لکڻ منهنجو فرض هو، مونتي قرض هو، جيڪو لاهڻ چاهيندي به لاهي نه ٿي سگهيس. هيڏو سارو ڪوهستان هو، اُڪ جي ماکي ته نه هو.
    منهنجي گهراڻي جا ماڻهو/ منهنجي ڪٽنب جا فرد ڪوهستان بابت ڄاڻ ۾ انسائيڪلوپيڊيا جو درجو رکن ٿا. منهنجو سنڌي ادب ۾ وارد ٿيڻ تهائين آسانيون پيدا ڪندڙ هو. وري لطيف پاڪ جي لفظن تي ڪم ڪرڻ ڄڻ هن ڪتاب کي لکڻ لاءِ هڪ قوت ۽ سگهه جو باعث بنيو.
    اهي ئي همٿون هيون جن همٿون ڏنيون، ۽ مون ڪتاب ’مانجو ڪوهستان‘ لکڻ جو فيصلو ڪيو. جڏهن ڪتاب لکڻ شروع ڪيم تڏهن جتي منهنجو سڄو گهراڻو مون سان ٻيلي ٿيو هو. اتي ادبي دنيا جا گهڻگهرا پڻ منهنجي آٿت ۽ مدد گار بڻيا هئا. آئون سمجهان ٿي ته اهيئي هاڪاري حالتون هيون جن جي ڪري ڪتاب ’مانجو ڪوهستان‘ لکي سگهي آهيان.
    سڄي ڪم ۾ جتي امان، بابا، ڀائرن، ڀينرن ۽ دوستن جهڙي ننڍي پڦيءَ جو ساٿ هيو، اتي مون کي اعتراف ڪرڻ ڏيو ته محترم تاج بلوچ صاحب جهڙي وڏي شاعر ۽ ايڊيٽر جي به حوصلا افزائي گڏ هئي. محترم بشير احمد جوکيو صاحب جون محبتون ۽ وڙ وسارڻ جهڙا ناهن. هو جيستائين جيئرو هو فون ڪندو رهيو ته، ’مانجو ڪوهستان‘ ڪڏهن ٿو اچي؟ ۽ منهنجو پيارو ٻالڪو ڊاڪٽر شير مهراڻي ۽ سندس ڊوڙون ۽ هلاکيون پڻ اعتراف لائق آهن.
    هاڻي انهيءَ شخص جو ذڪر، جيڪو منهنجو سڳو ۽ وڏو ڀاءُ هو. جنهنجي ذڪر ڪرڻ کان سواءِ منهنجي زندگي اڌوري آهي. اهو محبوب، مشفق، مهربان ۽ ذهين ترين شخص، جنهن جي محبتن ۽ توجهه جو مرڪز آئون پاڻ کي سمجهندي هيس. آئون به اعتراف ٿي ڪريان ته منهنجي محبتن ۽ توجهه جو مرڪز پڻ اهوئي هو.
    زندگيءَ جي هر مصروفيت ۾ ۽ ادبي ڪم ۾ پاڻ مون سان ڳنڍيل هو. ”ڇا کپي؟ پين کپي؟ پنا کپن؟ ٽي.سي.ايس ڪرڻو آهي؟ فيڪس جو رول آهي؟ صدر پيو وڃان، ڪو ڪم ڪار آهي؟ ڪجهه کپي؟“
    سڄي زندگي سندس ذات کان ڪنهن کي به ڪا شڪايت نه ٿي. سڀني جو محبوب سڀني جو پيارو. پنهنجي گهر ۾ ريڊيو اسٽيشن قائم ڪئي هئائين، جتان سڄي ڳوٺ لاءِ پروگرام نشر ڪندو هو ۽ سڀني جون فرمائشون پوريون ڪندو هو. ريڊيو پروگرامن جي شروعات، ’جيئي سنڌ‘ سان ٿيندي هئي.
    سندس هيرن جهڙا لفظ ۽ موتيءَ داڻن جهڙي لکڻي سڄي ڳوٺ ۽ ڄات سڄات ۾ مشهور هئي. جڏهن هو پشاور انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هو ته سڄي ڳوٺ (حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ) جو مرڪز هو. گهر جي هڪ هڪ ڀاتيءَ سان گڏ خاندان جو هڪ هڪ فرد ۽ ڳوٺ جو هڪ هڪ ماڻهو کيس ڌار ڌار خط لکندو هو. جن ۾ ڳوٺ ۾ رهيل وڏي تعداد ۾ بلوچ ۽ ٻيا سڀ درزي، حجام، ڊاڪٽر، ڪمپائونڊر، ڊرائيور، ڪلينر ۽ پيش امام. مطلب ته هر قسم جا ماڻهو کيس خط لکندا هئا ۽ پاڻ هُو هڪ هڪ کي پابنديءَ سان جواب ڏيندو هو، سندس خطن جي عبارت ۽ مضمون ايڏا ته خوبصورت هوندا هئا جو ماڻهن اهي خط سانڍي رکيا هئا.
    منهنجو مامون سيٺ غلام محمد بڪڪ صاحب (جيڪو هن ڪتاب ۾ هڪ خوبصورت ۽ معجزاتي ڪردار جي حيثيت ۾ آيل آهي)، پڻ کيس مستقل خط لکڻ وارن ۾ شامل هو. موٽ ۾ کيس لکيل خطن جا مضمون ۽ اکر نهايت اعليٰ، نفيس ۽ منفرد هوندا هئا، ڄڻ ته ڇپائي هجي، ڄڻ ته پرنٽ ٿيل هجن جيڪي مامي غلام محمد بڪڪ صاحب پير سائين پاڳاري کي فخر مان ڏيکاريندي چيو هو ته، ”هي منهنجي ڀاڻيجي جا مون ڏانهن لکيل خط آهن.“
    جڏهن هو پشاور مان موڪلن تي ڪراچي ايندو هو ته سڄي ڳوٺ وارا سندس دعوتون ڪندا هئا. اهو ئي هر دلعزيز ۽ محبوب شخص جيڪو هن ڪتاب لکڻ ۾ منهنجو ساٿي ۽ ڀر جهلو هو اهو هاڻي ڪتاب جي صورت ڏسڻ مهل اڻمندائتو پري هليو ويو آهي، جنهن لاءِ هي لفظ لکندي منهنجي دل جي رفتار گهٽ وڌ ۽ هيٺ مٿي ٿي رهي آهي، ۽ لڙڪ لارون ٿي وهي رهيا آهن.
    اهو منهنجو غير معمولي ۽ ايڪسٽرا آرڊنري ذهين ڀاءُ اليڪٽريڪل انجنيئر محمد بخش بڪڪ آهي جنهنجا پيار ۽ وارفته محبتون جنم جنم ۾ مون سان جڙيل ۽ ڳنڍيل رهنديون. جنهن جي سُرهي ساٿ لاءِ آئون هر جنم ۾ ائين ئي سرگردان ۽ متلاشي رهنديس جيئن گلن لاءِ پوپٽ ۽ شمع لاءِ پتنگ هوندا آهن يا لطيف رح چواڻي، جيئن سو هرڻ هماءُ، سرگردان سنسار ۾.
    تيئن ئي آئون سندس ڳولا ۾ سموري سنسار ۾ سرگردان رهنديس!!!
    جوانيءَ ۾ سندس اوچتي وڇوڙي وارو حادثو منهنجي لاءِ اڻ وسهندڙ واقعي مثل آهي. شايد آئون به سندس جهڙي ئي ساهو آهيان ۽ ڄاڻان ٿي ته منهنجي اها مضبوطي کيس ضرور وڻندي، ڇو جو هن ڪڏهن به منهنجي اکين ۾ لڙڪ ڏسڻ نه چاهيا هئا، پر آئون سندس جهڙا لوهي لڱ ڪٿان آڻيان؟ هو ته پنهنجي هر تڪليف لڪائي ڇڏيندو هو ته متان اسان کي تڪليف ٿِئي.
    بس، آئون پنهنجو هي قلمي پورهيو کيس ارپيندي خوشي محسوس ڪري رهي آهيان.
    لڳي مون کي لوه، وره واٽون لائيون
    راز جنهين سين روح، سو ڪوهيارو ڪيچ ويو. (شاهه رح)
    ڄاڻان ٿي ته جتي به هوندو خوش هوندو. آمين ڇو جو هُن ڪڏهن به ڪنهن کي به ڏک نه ڏنو هو.
    ڌڻي شال کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏي. آمين ثم آمين.

    ج. ع. منگهاڻي


    مقدمو : (مانجو ڪوهستان)

    ڪوهستان تي لکڻ لاءِ جڏهن قلم هٿ ۾ جهليم ته هَٿُ ڏڪي ويو. ظاهر ظهور دانهن ڪيائين، ”لکي سگهندس؟“
    لمحي لاءِ ته آئون پاڻ به ڌڏي ويس پر ٻَلاتو (طاقتور) لطيف رح اڳيتا (اڳيان) ڦري آيو.
    ڇَپَرُ ۽ ڇَمَرُ ڀانيان، ڪانڀو ۽ ڪارو،
    پَٻُ وجهنديس پُٺِ تي، صُبح سَوارو
    وڃڻ مون وارو، ڪِينَ وهنديس وِچَ ۾.
    اها همٿ ۽ هڪل ته ٿي سگهاري ۽ ٻلوان لطيف رح جي. آئون اَپهُچُ ڳُوڀُ ڪريان پنهنجي، ’جنهن جي هَٿُ نه ساٿُ‘
    اُڳرڻ ۽ اُلارون ڪرڻ رهيا پنهنجي ماڳُ، هَٿَ ٻڌڻ سان به ڪِين (ڪجهه) ملي ته لک کٽيم،
    آڏَ تِرِ ڇا آهَڙا، ڏاڪا ڏونگر کي،
    هو جي وَرَ وِندُر جا، ماريندا مون کي،
    هاڙهو هيڻيءَ کي، لنگهائج لطيف چئي.
    اها ٿي ڳالهه اَڳُتُ (اڳتي) وڌڻ جي ۽ لطيف سائين کي پنهنجي ۽ لفظن جي وچ ۾ آڻي ڪجهه لکان ته لکان، نه ته لفظ وڏا استاد آهن. ڪڏهن به کٿا بي بنجڻ نه چاهيندا آهن. کٿا بي ليکڪ کي ئي بنجڻو پوندو آهي (کلي يا روئي).
    ٿي سگهي ٿو ته زماني ۾ ڪو لفظن جو استاد بنيو هجي ۽ ڏنڊي جي زور تي لفظن کي مڃائي پنهنجي مرضيءَ سان هلايو هجي. باقي مون موٿاڄ (محتاج/ معذور) اڳيان لفظ هميشه استاد. ۽ آئون سدائين کٿابي رهي آهيان. جيڏانهن وڻين تيڏانهن وارين. ڪوشش ڪندي آهيان/ ٻاڏائيندي آهيان ته، ”آئون وريو نه ٿي وران، جيئن وران تيئن واريو ڙي يار.“ پر ائين ٿيندو ڪونهي، کٿابيءَ جي چوڻ تي استاد جو ورڻ سندس نيم (عادت) جي خلاف هوندو آهي. ائين آئون هميشه سندن وس، واڳ سدائين انهن هٿ!
    اهڙي اَپُهچائي واري آڍاڍمر ماحول ۾ لطيف سرڪار جون همٿون ساڻ آهن ته نڪو لهر نڪو لوڏو.
    وَرَ وَراڪا وِچَ ۾ ، لکين آڏا لَڪَ،
    هو جي آڏا حق، سي ڪندا ڪَوههُ ڪُٺيءَ کي.
    لکڻو اٿم، مانجو ڪوهستان. مهربان، مشفق، ڍاول ۽ شاهوڪار ڪوهستان، جنهن لاءِ قلم کي به مهربان، مشفق، ڍاول ۽ شاهوڪار ٿيڻو پوندو.
    لفظن کي به ٻُچُڪَاري، چُٻُڪَاري (ٻارن وانگي) تَاتَاري (خوشامد ڪري) ڌُتاري وارڻو پوندو جيڪي ذهن تي اچي مِچِڪا ڏئي، ٽمڪي، لِمِڪا ڪري، اچي تِرڪي ڀڳا ٿا وڃن. وري لفظن کي به سُڌا تورو ٿي ساٿ ڏيڻ گهرجي. پرجي ڏنگا ۽ ڪُڌا تورا به ٿيا ته، ”سانگي سکيا هون اسان جي اوٽ الله تي.“
    شروعات لطيف رح جي بيت سان ڪندي برڪت ۽ ڀاڳڀري ڀائينديس.
    ڇَپَر ۽ ڇَمَرَ، ٿا لڳههُ لڳن پاڻ ۾،
    ڏاڍا ڏونگر ڪَرَڪَرا، وَيڌُ ونگايون وَرَ،
    آئون پيادي پَٽِئين، نماڻي نِڌر
    سوڙهي جِتِ سَڳَر، اُتِ ٻاتاڙيءَ ٻيلي ٿيئين.
    ڪوهستان، جيڪو خزانن مان پِنبِڻِيڪَر، (تارون تار) ڌن مان ٻُچُڪيل (تمام گهڻو ڀريل) تنهن کي آئون سُڃيو، سکڻو، ڏکيو ڏڪاريو ڪيئن چوان؟
    بظاهر ڏکيو، ڏڪاريو، ٺوٺ ملڪ چئي سگهجي ٿو جو، لوڪ جي ظاهري ۽ اکين ڏٺي حالت لڙڪ لاڙڻ جهڙي آهي، ڏکيءَ تو ءِ ڏڪار، توڻي وسن مينهنڙا، صاحب هٿ سڪار، هِن وَسِ آهن هٿڙا. (شاهه رح)
    وَسَ (مينهن جي مند) ته وَسَ (اختيار) ۾ ڪونهي، هٿ ضرور کڄيل (کنيل) آهن.
    وسي ته نخلستان نه ته ريگستان. اهو آهي مان جو ڪوهستان. ڪوهستان جي پکڙيل وڏي ايراضي جنهن ۾ جَبلن، ڪَوهن، ڇَپَرن، ٽَڪَرن، ڏُونگرن، پَهاڙن، لَڪن، بُٺين، لَڪِين، ڇِپُنِ، مُٽڪَنِ ۽ پٿرن جو شَرو (حساب) نڪو پاند، حد نڪو حساب، ڇَيههُ نڪو دَنگ، عدد بي عدد شمار بي شمار، حد لاحد. پَٻُ، کيرٿر، مَهَيرُ، لاکاڻُ، هَمَليگُ، مَري مُڱٿر، ڪانڀو، ڪارو، جَائَو جمر... هتي ڪوهستاني شاعر پَرئي باريجي جو هڪ طويل شعر ڏينديس جيڪو ڪوهستان جي جبلن بابت آهي.
    اڳيون مڙيئي اڳ ٿيون، جَوڙُون سِين جنسار
    دادلي تنهن ’دنبار‘ تي آهي داتا جو ديدار
    سا سائي هوندي سدائين، نشانبر نروار
    رَهندا مَنجهس راڄوئي، جن جو ونگو نه ٿيندو وار
    ويچاري تنهن ’مَهڙ‘ جو بُنڊُڪَ‘ کنيو آبار
    ڀٽاري تنهن ’بنڊڪ‘ تي آهي مينهن جي ملهار
    ڏاتر ڏاجهو، سدائين سٻاجهو، مولي ڪيو منٺار
    ٻنيون ٻارا، دميون ديرا، کڻندا شال خرار
    ونگ، گُرونڊي، ڏاجهي ڏيندو، ڀاڱو شال ڀتار
    اپر اڃ ’اُلر‘ کي آهه، ’بَهنير‘ جي بسيار
    هليوڪين ’هُنڊيءَ‘ سين، کهجي پيو کوٿار
    ’سورجاڻي ‘جي سڳٽ ۾ آهي ، ’گڏو لڙيو‘، غفار
    ’سُنبڪَ‘، سان صلاح ڀائي، ’ميٽارڙيو‘، ’ڪارو نڀار‘،
    موڙهو رند منجهي ويو، جنهن جي سنگتي لڌي نه سار
    گنجو، گهاري واڳون واري، پري اکتو پرار
    ’ڪانڀو‘ ’ڄٽينگ‘ ’ڏا ڦرو‘، ڏسن ڪونه ڏڪار
    تن وڏين جي وچ ۾ پيو، ’رئڻو‘، رند يار
    ’غئبي‘ ’سگهاني‘ پاڻ ۾ ڀلا جيئن بهار
    ’بَڊو‘ ڇارڻ سک سنڀارڻ، جن جو عمر پير پار
    ’ڀِت، ’نَئيگُ، ’نَورڀين‘، جنهن جي نبيءَ سندي نهار
    کيرٿر ٿيو ڇپر، وڏو ئي وينجهار
    ’کيرٿر، سدا سَٻَرُ، گارو ڙي گرنار
    ’بن، ڀاڙيو آهي اگهاڙو، جنهن ۾ سُجهي ڪو سنگهار
    ’گَزُ ڀيئرو‘، وطن وارو، جنهن جي ڪَوٽَر ڪڀ ڪنار
    پِيا مَڪڙ ميهئي تان، ٿيو آنڌار کي آزار
    ڀيڏر ڀايون سدا سايون، جن جي ’اُتي جانيءَ‘ توار
    ٻڌين ٻارو، کڏين کارو جنهن جي ’ڇاڀار‘ تي ڇٽڪار
    ’هَمَليگُ‘ سدا سوڀيگ، جنهن جي ’لاکاڻ‘، تي لغار
    پُٻ، نوراني ڏِسي ڏاني، جو آهه سڀني جو سردار
    ’مَهَيرُ‘، ’مڱٿر‘ پاڻ ۾ ملي ٿيا مهند يار
    ’مَهَيرُ‘ موچارو، ٻڌين وارو جنهن جي ڪَنڊِ ڪڀ ڪنار
    ’مول‘ موچاري، پاڻيءَ واري ٻي اُتُسُ ناهه ميار
    ڪن ڪکين جودن، جنهن ۾ پاڻيءَ جي پچار
    ڦَنگَ وريون، مَوريون، سايون شال اپار
    باريءَ ڀوٿا سدا سَهو ٿا، ڪامل ڪلا دار
    ڇوريا ڪنهن نه چُرن، جن جون پاڙون ۾ پاتار
    ماني تن کي موڪ ڏني، باريءَ پير بسيار
    پريو چوي ٿو. ڄهنڊي، کي، آءُ ته ڏينءَ ڇپرن جا پار
    ڪلمي جي قطار، سڀيئي اُڪرندا سين پرار.
    لطيف سرڪار چواڻي، ’لَيڙن جو لطيف چئي، ڏُونگر آهي ڏَسُ،.... جتي ڏونگر ڏَسُ، جبل پَتو هجي اتي جا احوال به انهن ڏونگرن، جبلن ۽ ڇپرن کان ئي پڇبا جن کي لاکيڻي لطيف رح جو راڻو/ عزرائيل/ ملڪ الموت سڏيو آهي. ’واقف نه وڻڪار جي، جِت جبل جوراڻُو‘ اهو ئي جَو رَاڻو جبل، جبل وارن لاءِ وري جياپو، ڪوٽ قلعو، عزت، بانور، ڀَرُ، آڏَ، پناهه، کاڌو خوراڪ، پاڻي پنجڻ، اَوڇڻ اَڍَ، ساهه پساهه سڀ آهي.
    حيرت جي ڳالهه اها آهي ته جبل جو ماڻهو ڪيڏو به ڏکيو بکيو هجي جبل جي گلا ۽ گهٽتائي نه ڪندو. نه ئي اُڇَل ڏئي هَٿُ ڇَنڊي. اُکُڙ چُکُڙُ (آخري حد) اَڀرو لئُزُ وات مان جيئن آيو تيئن اَوَائَو (بي سمجهيءَ وارو ڇڙ واڳ)، ڇَڙِهَو پَڙِ هَو (ظاهر ظهور) بنا آڏ ۽ اٽڪ جي ڪڍي ڇڏيندو.
    جيئن پاڻ چئون ٿا ته، ڳالهه هڪ طرفي نڪو ٺهي نڪو جُڙي، يا هڪ هٿ جي تاڙي ڪونه وڄي، تيئن جبل به کين هٿان (هٿن) سکڻو ڪونه ٿو ڇڏي. جيڪو به وٽس ويندو اهو وٽائنس ڀرجي تُرجي، هَروِٿ ۽ ڌن مان جهوليون، جَهولاڻَ ۽ ڀاڪُر ڀري ايندو. اهو تڏهن جڏهن جبل وٽ هلي ملهي، ڪشالا ڪڍي وڃبو نه ته،
    جَي ڪَو ڏُٿُ ڪري، ته ڏونگر ڏَورڻ ڏاکڙو
    ڇَپَرُ ڪين ڏي، سوکڙيون سُتن کي. (شاهه رح)
    ائين ته ماءُ به بنا گهرڻ/ روئڻ جي ٻار کي نه ٿي ڌارائي. اٿي لڱ جهلي، وکون وجهي وڃبو تڏهن، جبل پاڻ هلي ته وٽن ڪونه ايندو؟
    البته وَسَ وسي ته جبل بُودُ ۾ ڀرجي ڄڻ ته وٽن هليو ايندو آهي. ڏُٿ، ساوڪ، سُرهاڻيون، جبلن جي چوٽين، اِنڊن (پاسن) ڪنڊن، پاسن، ڪَورَن، ڪپرن، گُرينَ تان ڇَڻندو، لَهندو، ڳنڍيرن جي ڳنڍين سان ڳنڍ جندو هيٺ تري تائين ڪڙو منجهه ڪڙي وانگيان هلندو، جَڙندو لهي ايندو آهي. اهڙيءَ مهل ائين لڳندو آهي ته ڏوٿي ڏٿ کي ڳولڻ نه پر ڏٿ ڏوٿين کي ڏوريندو وٽن اچي پهتو آهي. پوءِ ته منڊل منڊجي ويندا آهن. جيڏانهن نهار ڪر/ نظر وجهه تيڏانهن ٻارٻچو، ڇورو ڇنڀر، مائي مرد، ننڍو وڏو، سڀڪو جبل ۾ چُهٽيو، چَپِڙيو (چنبڙيو) پٽن ۾ پکڙيو، مُوچارا (گهڻا گڏ) ٿيو پيو ڏٿ ميڙيندو. ۽ چونڊيندو. نظر نهار تائين ڏسبو ته ڪو جبل جي تَرَ ۾ ڪو چوٽيءَ تي، ڪو اڌ ۾ ڪو کڏي کوٻي، کانٽي، ڪَورَ، ڪَپَر، اَڏَ، جُهڏَ، ڏَرِ، ڏَرَڙَ ۾ ڏٿ ميڙيندو نظر ايندو، جِتِ (جتي) پير پير اڳيان، ڳاڱا، ڳاڱيون، پَيرُون، چِڀڙَ، اٺانگڙا، رَيَبڙَ، جَهنگولا، وَهَر، پِڇِرا، مُنڍيرِيُون، ڪِڙِمَت، ڪرياتو، گيدوڙا، ڪَونريُون، جهنگ بصر، ليهار، کٽاليون، ٻير، ڪو ڍير، مُنگها، ڦنگيون، پِنبِر، ڏونرا، واڙيل، هَنجهَو، هزار داڻي، حُسين ٻوٽو، مَڪَ، سِنڱو ٽيون، پٽ ڪنوار/ رَسول/ ايريالَ، انجير، گولُون، لُلُرُ، لاڻو، مليرو گهوگهيٽا، ڏِنگڻي، چِيچَن، سِنڱريون، ٻَروڙ، پونگرو، مِزِليون، مَريڙو، زَهَمَر، گولاڙا، وَاهَو، هَرڙو، سِنهارُ، ڊاک، ڏَڌَر، ٽانڪاري، کنڀيون، ڍامڻ، ڊَڀَ، کُنبَ، مانڌاڻو، ٽُوهه، لاڻي، توهه. الله جي ماني، آهر.... پر هرهڪ نعمت مان جبل اندر توڙي ٻاهر ڀريو بيٺو هوندو. جبلن جا ماڻهو سَرَهنِ (جابلو ٻڪر) ۽ گَڊَن (جابلو گهيٽن) وانگي ٽپ ڏيندا. ڇالون هڻندا، لانگون وَرائيندا جبل جي ذري ذري، پِچي پِچي تي نگاهه رکندا، لهندا، چڙهندا، ڪڏندا پيا.
    پنهنجي ڪتاب ”شاهه لطيف جي ٻولي- تحقيقي جائزو“ ۾ هڪ لفظ ’کرڪاڻ‘، جي معنيٰ ڏيندي ذڪر ڪيو هوم ته، جبل جا ماڻهو وَسَ ۾، ”ٻوڪيون ٻڌيون، جهولاڻ جهليو، پڇيراڻيون ڪڇيو، پيرا اَرِهَاڻَا (اگهاڙا) ڏٿ چونڊيندا، گڏ ڪندا آهن. جن غريبن وٽ، انگ نه سڄي اڳڙي، تن وٽ ڪهڙا اٺ ڪهڙا گهوڙا! اٺ ۽ گهوڙي تي سوار ’هزار داڻي‘ (ڏٿ جو قسم) ڪيئن لکيندا! (ڏسندا). جنهن وَلِ جي پاڙئي نه ٿيندي آهي. اهي چڀڙ، (ڏٿ جو قسم) ڪيئن چونڊيندا، جيڪي زمين سان لِتل/ چپڙيل، پنن ۾ لڪل هوندا آهن. اهي ڳاڱيون ۽ ڳاڱا ڪيئن ڏسي سگهندا، جنهنجو ننڍڙو ٻوٽو پيادا مَسَ ٿا پَسن. اهي ”ڪوڍير“ (ڏٿ جو هڪ قسم) ڪيئن ڪڍندا، جنهن جي اڻ لکي وَلِ ڏسڻ لاءِ پيرڙي به هٿوراڙيون ۽ داڦوڙا هڻي موراٿا ڏين ته، ”ڪَو ڍِيرَ ڍَمَ ڍِيرَ پاڻ نه ڏيکار ته به وَلڙي ڏيکار“. ”ڪَوڍير“ جنهن کي جهنگ بصر به چون جيڪو نظر نه ايندو آهي. ڇو جو اهو ڦٽاٽي، موري، گجر وغيره وانگر زمين جي اندر هوندو آهي، جنهن جي نازڪ اَڻَ لکي ول هوندي آهي، جنهن کي ڏوٿي به ڏکيائيءَ سان لهندا آهن. ڏٿ چونڊيندڙن جو پنهنجو ڌار مزاج ٿيندو آهي. اهي ڏٿ جي هرهڪ قسم سان بيحد گهڻو پيار ڪندا آهن ۽ هر هڪ قسم جي ڏٿ کي چونڊيندي لطف وٺندا آهن، محظوظ ٿيندا آهن ڇو جو هو انهن جي فائدن، نقصانن ۽ اهميت کان مڪمل طرح واقفيت رکندڙ هوندا آهن.
    جبل جا سُچيت، سُڄاڻ ۽ سُڌير رهاڪو پاڻ ئي پنهنجا ۽ پنهنجي مال جا ويڄ، طبيب، حڪيم، ڊاڪٽر ۽ سرجن هوندا آهن. دَوائون، سُتيون، ڦَڪيون، پَٽيون، پِنيون، چَتيون ۽ ڊَڀ سڀ انهيءَ مهربان جبل جي وٿن ۽ خزانن مان ٺاهينِ ۽ جوڙينِ جنهن جبل ۾ ساهه پساهه اٽڪيو/ ٽنگيو اٿن.
    لفظ ’وڄا‘ بابت ساڳئي مٿين ذڪر ڪيل ڪتاب ۾ لکيو اٿم، ”جبل ۾ طبيب ۽ حڪيم جو ڌار تصور ڪونهي. نه ئي جبل ۾ طبي وديا ۽ حڪمت بابت ڪي ڪلاس ٿيندا آهن. يا ليڪچر ڏبا آهن. جبل جا ماڻهو پاڻ ئي پنهنجا ويڄ طبيب آهن ستيون، ڦڪيون، پٽيون سڀ پاڻ ڪن. لطيف رح چواڻي، پاڻ ئي ٻڌن پٽيون، پاڻ ئي چڪيا ڪن.“ مصداق، جَواڻِ، سُڪو ليمون، کٽا ڏاڙهون، سَونفَ، سُنَ مَڪائي، چَمَبرَ ڪاٺي، نَوشادَرُ، وَهَرُ، وَڏف، سڪا اٺانگڙا، ايريال، جَلَ ڦُلَ، اِينَجڻيون، سُڪي سُنڍ، ڪِرِياتَو، سَونا، سُڪا ڦودني پَنَ، اُهُرَ، جَئورٽڪي، سِنهار، پٽ کٽالي، حُسين ٻوٽو، اڇو زيرو، ڪَپُئي، بَوئَي مادرُ، موريءَ ٻِجُ، مصري، ٻاٻريچي، ڪَئو جاپن، هِنڱ، هنجو، مورِتا سنگ، مُنڍيري، ڪِڙِمت، اهي سڀ سندن دوائون، سُتيون، ڦَڪيون، پِنيون ۽ پٽيون آهن. انهن کي سڪائي اُکَرِيءَ ۾ جَهجَهري ڪُٽي ڪَپَڙ ڇاڻ ڪري ماکيءَ ڳاڙ، گِههَ پچو، مَصريءَ ڳَڙي، لوڻ ڪڻو وجهي ٺاهي جوڙي سنڀالي رکن، اهي ستيون ۽ ڦڪيون اهڙيون ته ساڪُرِيون، سُپڪُ ۽ سوادي ٿين جو اگهو (بيمار) ته گهوريو (ٺهيو) پر اَرو (سگهو/ تندرست) به پيو چَٽي ۽ ڦڪي. ٿوري ڪا ڇار گودڙائي (بدهضمي) ۽ هَينئن ڀِرَڻُ (الٽي اچڻ) ٿيو ته چپٽي ڀري وات ۾ وجهن يا تريءَ تي رکي ڦڪي هڻن ته ڪيڏي وئي ڇارگودڙائي ڪيڏي هينئن ڀِرَڻَ. ماڻهو نئون نمرو ”هَرَ پيو جهليندو“ (محاورو) اهيئي سندن ڪل ڪائنات آهن.
    جبل اهڙي جاءِ جتي ڪنهن به احتياط ۽ حفاظت جو ڪو بندوبست هجڻ ته ڇا اهڙي ڪنهن تصور جو به تصور ڪونهي. اتي جيئري بندي سان موسم جون مستيون به ٿين، اُسَ ۽ لَڪَ به تکي ته سيءُ ۽ پارو به ڇتو.
    گرميءَ ۾ جبل تپي تندور ٿي پوندو آهي. زمين ٽانڊو ٿي وڃي. ماڻهو ڀائين ته پير نه اکيون رکجن. ڪاڙهو اهڙو جو ڀونگن کي باهيون لڳيو وڃن، سج به سو انيزي تي لهيو اچي ته ماڻهوءَ ويچاري جي ڇا مجال آهي جو سينو ساهي مقابلو ڪري سگهي. سج جو تئُه ۽ اس ۾ اُساٽجڻ جنهن کي شهري ماڻهو سَن اسٽروڪ (sun stioke) چون اُهو ته سندن لاءِ اڌري پڌري کٽي (موت) آهي. لُڪَ، اُسَ، ڪاڙهو ته گهڻي کان گهڻو جنهن لاءِ وري وٽن جَهلو (حفاظتي قدم) ڪوبه نه! پر جيڪو کين جياري ٿو (الله جلھ) اهو کين سُرت ۽ جياپي جا پار به ڏي ٿو. اهڙيءَ مهل ۾ جبل جا جوان همٿون ڪونه هارين، لُڪاٽيل (لڪ ۽ اس لڳل) کي هڪدم ٿڌي پاڻيءَ ۾ تڙ ڪرائي/ وهنجاري، آمري ۽ کنڊ جو شربت پيارين ته نئون نمرو ٿيو پوي.
    سرديءَ جي موسم ۾ جبل ٺريو پارو ٿيو وڃي. ايڏي سِههَ (سردي) جو ڦڦڙ پيا رڦن (ڏڪن). راتين جو ته باقائده جبلن تي برف پوندي آهي. جبل به ايڏا اُچا جن جي اڌ مان ڪڪر لنگهين ته چوٽين کي ڪشڪاءُ (پرواهه/ احساس) ئي نه ٿئي.
    لطيف سرڪار ته ڪوهستان ۾ آيو/ رهيو/ ٽڪيو آهي. جنهن اهي سڀيئي لقاءَ ڏٺا، سٺا ۽ پنهنجي روشن ماڻڪين ۾ انهن جا جيئرا عڪس چِٽي ماڳ موٽيو هو. ڇَپَرَ ۽ ڇَمَرَ، ٿا لڳهه لڳن پاڻ ۾....! يعني، جبلن ۽ ڪڪرن جو ميلاپ پيو ٿيئي/ جبل ۽ ڪڪر ميلاپ پيا ڪن.
    سيارو وري ماڻهن ۽ مال لاءِ نوان مسئلا ۽ مشڪلون آڻيندو آهي. گندي پُچُ (ڪپڙا)، ليڙ لڳڙ به محدود. گرم سوئيٽر، ڪوٽ، شالون، جراب، دستانه ۽ ٽوپيون رهيا پنهنجي ماڳ، هتي ته هٿن سان ڪڏهن ڇاتي ته ڪڏهن پُٺي ٿي ڍڪجي، وٺي جو سُو سَڙاٽُ ڪري جبلن مان واءُ ورندو ته جهڳيون جهڻ ڪري ويندو. ڏريون (ڀونگن جا پاسا) ڏري (ٽڪر ٿي) اڌ ٿي وڃي پَٽُ وٺنديون. هانءُ هيرڻ پن کان به وڌ ڦڙڪي ڦُرِش (ذرا) ٿي ويندو. مال جون واڙيون ڪاٺي ڪاٺي ٿي وڃي مَلُڪَ کڻنديون ۽ مال ويچارو سکڻي ڪاري پٽ ۾ ڪَن ڪڍيو پيو ڏڪندو.
    مال به ساهدار ساسي آهي خاص ڪري گهرو/ پاليل مال تي موسمن جو اثر ماڻهوءَ جيترو ئي پوي. ٻڪريون ٻئي مال جي ڀيٽ ۾ سياري جي سٽ سهي نه سگهن. کنگهه ۽ ڇڪ جو ٺڪاءُ پيو پوندن. کين هڪ زڪام جهڙي بيماري ٿيندي آهي، جنهن کي ”پرسينڻ“ چون نڪ پيو وهندو ڇاتي بند ٿي ويندن، چُرڻ ڦِرڻ، کائڻ پيئڻ کان لاچار ٿي پوندا. دوا، دارون، ٽهل ٽڪور ته اهي به لهڻا. ڪارو تماڪ اڳڙي ۾ ٻڌي ساري رات پاڻيءَ ۾ پُسائي/ ڇوڙي صبح جو تيل ۾ ملائي نڪ ۾ وجهن ته ٻڪرين کي ڇڪون اچن ۽ ڇاتي کلي پوين.
    مال جو پاڻ کان به مٿي خيال رکن ۽ انهن سان هلاکيون (محنتون) ڪندي پاڻ به سيءَ ۾ جهلجي، وڍجي پون. لَيسُ/ مَڏِهاڙُ/ ڀُتي، زڪام ۽ نمونيا، پاسا جهلجيو ڇاتيون وٺجيو وڃن ته ساهه کڻڻ کان به لاچار. پهرين ته سليماني چانهه (ڪاري چانهه) ڪاڙهي ان ۾ لونگ، دالچيني ۽ سڪي سُنڍ وجهي ڪاڙهي ڪاڙهي مريض کي ”مُنهن ڳاڙهه“ ٻاڦ (steam) ڏين ته سينو ۽ پاسا کليو وڃن. جي گهڻي تڪليف هوندي ته ڪڪڙ جا چوزا ڇلي پاسن تي ٻڌي مٿان پاهي (رڍجي) کَلَ چاڙهي ڇڏين ته ڦڦڙ کليو پون. جي ڪو غريب آهي ۽ کل جي پهچ نه اٿس ته پاهي (ريڍي) مال جو ڀاڻ ڪوسو ڪري ان جون تَتَا ڪُون ۽ سَيڪُ ڏين؛ يا زمين تي باهه ٻاري سوسي ڇار (اڌ ڪوسي رک) تي بيمار کي سمهارين ته ڇٽيو پوي. جبل وارن وٽ پلاستر به پنهنجو، ٻاجهر جي اٽي جو ڏريو (ڏارو) رڌي پاسن تي ٻڌن ته جند پند پلاستر جو ڪم ڏي.
    جبل وارا کاڌي کائڻ، خاص ڪري گوشت کائڻ جا وڏا خوراڪي ٿين سير ٻه سير گوشت ته اک تران (هيٺان) ئي ڪونه آڻين/ ليکين ئي ڪونه! سڄيون کوڊيون (ٻڪر/ گهيٽو) کرڙي کايو وڃن ته اوڳرائي به ڪونه ڏين. ڪڏهن ڪنهن مهل وِهَاٽجي، ٽِچِجي ۽ پِتاٽجي پون ته گهه جا ٻُٽا (ڍُڪ) ڀرائي (پياري) مٿان کٽاڻ کارائين ته اَوڪَارا ڪري پِتُ ڇنڊيو ڇڏين. ڪڏهن ڪا اَرِ (بدهضمي) ٿين ته کنڊ جو ڦَڪُ هڻيو ڇڏين يا کير پاڻي گڏي پي ڇڏين ته اڳوڻيءَ کان به اڳرا ٿيو پون.
    جبل سان واهپي جي ڪري ۽ لهڻ چڙهڻ دوران ڪِرَڻَ ۽ ڌڪِجڻ جا به وڏا امڪان آهن بلڪه وڏا واقعا ٿي پوندا آهن جن کي پاڻ ئي مُنهِين (مقابلو) ڏيندا آهن. هلڪي ڌڪ ۽ ڦٽ تي هيڊ ۽ تيل ملائي لڳائين ته نَسون (رڳون) کليو وڃن. رڳو جي ٻاهر جا ڌڪ ۽ ڦٽ هجن ۽ بُت جهاڳورجي پوي ته کُنڀيءَ جو پڪل اٽو ۽ گهه گڏ پيارين، جيڪڏهن نڪ ۽ وات مان رت ايندو هوندو ته بيهي ويندو. اهڙي ماڻهوءَ کي کَلَ اَوَسُ چاڙهين. کَلَ به گرمائش ڪري نسون کولي وجهي ٿي ۽ ڄميل رت وري به رڳن ۾ ڊوڙڻ لڳي ٿو.
    خارش، ڦٽ ڦرڙي ٿين ته به وڏا استاد آهن. نم جا پن ڪُٽي پاڻيءَ ۾ وجهي پاڻي ڪاڙهي ان مان وهنجا رين ته بدن صاف ٿيو پوي. ڌڪ لڳڻ سان رت ڄمي دڙٻ ٿي وڃي ته پٿرا ڪوسا ڪري تَتَا ڪُون ۽ سَيڪَ ڏين ته ڄميل رت جو نشان لهي ويندو. وري جي ڦٽ ۽ ڳڙهه نٿو ڦاٽي ته بصر ڪوسو ڪري ڦٽ/ ڳڙهه مٿان رکي اڳڙي ٻڌي ڇڏين يا اٽي ۾ هيڊ وجهي ڳوهي ڪوسو ڪري ڦٽ مٿان ٻڌي ڇڏين ته ڦٽ ڦاٽي پوي. ۽ رت پاءُ ۽ گند ڇڏي ڏيندو. پوءِ سائي رنگ جي اڳڙي سرنهن جي تيل ۾ وجهي ٿوري هيڊ ۽ لوڻ جو ڪڻو وجهي باهه تي ٽاٽاري سَوسِي سوسي ڦٽ مٿا رکن ته ڦٽ سُڪي اَرو (ٺيڪ) ٿي ويندو.
    جبل ۾ ترار، ڪهاڙيون ته عام پر ٿوپاڪ/ بندوق جو به وٽن وڏو رواج ۽ هِرس (شوق) آهي. شڪار ته شڪار پر هونئن شغل ڪندي به نشان بازيءَ جا وڏا مقابلا ڪندا آهن ائين سدائين لانچيا (مسلح)، پلاڻيا پيا گهمندا آهن. وڙهن مارڻ گهوريو پر ڀوڳ مشڪري ۾ به اهڙو ڌڪ هڻن جو زخم ٿي پوي. کلندي کلندي لاڳيون (هٿ جي حرڪت سان ڀوڳ مشڪرو) ڏيندي به وڏا ڌڪ لڳيو ويندا اٿن. لاڳ (ڀوڳ مان هڪ ٻئي سان هٿ چراند ڪرڻ) ۾ لڳل ڌڪ تي ڪاوڙجن ڪونه. پر ڌڪ ته ڌڪ آهي. اهو جي اونهون لڳي وڃي ته پَنِ جو شيرو، ناس ۽ آنڃڻ (سومو) وجهن. پَنِ جو شيرو ۽ ناس زخم سڪائي رت بند ڪري ۽ آنڃڻ رڳو زخم کي ٿڌي ڪرڻ جو ڪم ڪري.
    جبل ۾ نانگ بلائون بي شمار، خاص ڪري واسينگ نانگ/ڪاريهر (King Cobra) کي خطرناڪ ۽ زهريلو سمجهندا آهن ۽ کيس عزت به ڏيندا آهن. بلڪه کيس ’پير‘ به سمجهيو ويندو آهي. چوندا آهن ته جي ڪا باس باسيل نه ڏبي آهي ته پير يا اولياءُ واسينگ نانگ جي روپ ۾ ايندا ۽ جي ڪنهن جي خواب ۾ واسينگ نانگ ايندو آهي ته هو ضرور ڪانه ڪا وسريل باس ياد ڪري ڏئي ڇڏيندو آهي. جبل ۾ اهو پڻ مشهور آهي ته، واسينگ سان ڇيڙ نه ڪجي ته هو ماٺ ميٺ ۾ ڀر مان به لنگهي هليو ويندو، وڙهندو يا ڏنگيندو ڪونه. پر جي ساڻس ڇيڙ ۽ چرچ ڪبي، يا کيس چيڙائبو ۽ هڪل ڪري شانڪاربو (للڪاربو) ته هو پُڇَ جي چوٽيءَ تي بيهي مقابلو ڪندو. ڪوهستان ۾ اها ڳالهه به مشهور آهي ته، هڪڙو ماڻهو گهوڙي تي سوار پي ويو. سامهون واسينگ به پنهنجي واٽ وٺيو پي ويو ته اوچتو گهوڙي سوار کي ڪو ڀوڳ سُجهيو ۽ هڪل ڪري واسينگ کي شانڪاريائين، ”ڪيڏانهن پيو ڪنڌ هيٺ ڪري وڃين؟ مڙس آهين ته مقابلو ڪر“. چون ٿا ته اڃا اهي لفظ سندس وات ۾ ئي هئا ته واسينگ هڪدم سنئون ٿي پڇ ڀَرَ بيهي گهوڙي سوار جي نرڙ تي ڏنگ هنيو ۽ گهوڙي سوار اچي پٽ ورتو ۽ تڙپي دم ڏنائين (حالانڪه چوندا آهن ته نانگ کي ڪَن نه ٿيندا آهن/ نه هوندا آهن).
    جبل ۾ واسينگ نانگ کي شينهن جو درجو مليل آهي (بلائن ۾)، ٻئي نمبر تي جبل ۾ ”ڪَوراڙِ“ بلا کي خطرناڪ سمجهيو وڃي ٿو جيڪا واسينگ نانگ جي ابتڙ بنا ڪنهن چُرچ ۽ ڇيڙ جي ٽڪو ڏئي هرو ڀرو ماڻهوءَ سان وڙهندي ۽ ڏنگيندي آهي. ڪوراڙ بلا مختلف خوبصورت رنگن جي هوندي آهي، جنهن جي بُت تي نهايت سهڻا چِٽ چٽيل هوندا آهن. هوءَ نهايت زهريلي بلا سمجهي ويندي آهي. جبل ۾ کيس واسينگ نانگ کان ٻئي نمبر تي چِٽي/ چيتي جو درجو مليل آهي.
    جبل ۾ ڪيئي نانگ بلائون آهن جيڪي ماڻهو لاءِ کُٽي (موت) آهن. پر جنهن بلا سڄي جبل ۾ وڏا قهر ۽ خُنام ڪيا آهن اها آهي کَپُڙ ڏيڍ فٽ جي ڊگهي. سنهڙي ميرانجهڙي رنگ جي ڪُشاهيگِ (ڪوجهي/ بدصورت) بلا جنهنجو رنگ صفا مٽي ۽ مُٽُڪَن (پٿرن) جهڙو ٿيئي. بي خياليءَ ۾ ته ڪڏهن به نظر نه ايندي آهي. هونئن به جبل ۾ بي خيالو ٿي نڪري نه سگهبو آهي. ’کپر‘ جي فطرت ئي اها هوندي آهي ته واٽ تي ڪنهن پٿر يا سڪل ڪاٺيءَ جي آڏ ۾ بيهي ڏنگ هڻڻ. جبل جا ڪيترائي ڪوپا ان هچاخور بلا ڏنگي شهيد ڪيا آهن. لطيف سرڪار به مٿس ڪاوڙيل آهي.
    کَپُرَ، گاروڙين سين، وڏو وِڌئي ويرُ
    نانگَ نه ويندين نڪري، تو ڏَرِ مَٿي پَيرُ
    هي تِنين جو ڍيرُ، جِن جَهونا ڳڙُهه جَلائيو.
    ائين ئي جبل ۾ ڪيئي نانگ بلائون آهن جن لاءِ لطيف بادشاهه چوي ٿو، ڪَرَڙا ڏُونگر کِههَ گهڻي،جت نانگ سُڄن نيلا. جتي نيلا... نانگ ڦڻيون ڦُلُهاريو ڦوڪا ريندا ڦِرَن ۽ فطرت جي عين مطابق پَٽَ، پٿر، وَڻَ، وَٽَ، ٻَوٽي ڪاٺيءَ جي رڱ ۾ رڱجي انوکن اندازن سان سارو سنسار سراپيو ويٺا هجن. اتي ڪيئي ڏنگجڻ ۽ ڪکجڻ جا واقعا به ٿيندا آهن. پر جبل جي قدرتي ويڄن وٽ نانگ جي ڏنگيل لاءِ به وڏيون وِٿون ۽ اَوٽَون (طريقا) آهن. اهڙيءَ مهل اهي اَوٽَاتا حڪيم ڇَڙَڪا ۽ متحرڪ ٿي ويندا آهن. سندن وِڄائون (لياقتون) ۽ ڊَڀَ (دوائون) لوڪ جا درد لاهيو کين موت جي منهن مان ڪڍيو زندگيءَ سان هَمَڪِنار ۽ ڀاڪر پارايو ڇڏين.نانگ جو ڪَکيل/ ڏنگيل جي بروقت، هڪيو تڪيو ويڄ وٽ پُنَو (پهتو) ته معنيٰ کينئُن (خير) ٿيو. ڏنگيل کي هڪدم ڏنگ واري هنڌ کان ٿورو مٿي ڪنهن ڪپڙي سان سَڪُ (سخت) ٻڌي ڏنگيل جاءِ کي ڪَپَ/ ڇريءَ سان ڪراس (+) جي شڪل ۾ چيرا ڏئي رَتُ وهائيندا آهن. رت بيهي ويندو ته ڏانگي (ڏنگ جو علاج ڪرڻ وارو) وات سان چوهي/ چوسي به رت ڪڍندو آهي. پوءِ ڏنگيل کي بصر کارائي گهه جا ٻٽا (ڍڪ) ڀرائيندا (پياريندا) آهن، ۽ ان کي الٽيون ڪرائي زهر جو اثر ختم ڪرائيندا آهن. پوءِ به خاطري نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڏنگيل حصي کي اَوجَهه ۾ وجهي ڪجهه وقت ڇڏي ڏين، ائين ڪرڻ سان زخم مان رت جاري ٿيندو آهي ۽ سڄو زهر نڪري ويندو آهي.
    ائين ئي مال جي ڀڳي ٽُٽي ۽ اگهائي سگهائي جا به پاڻ ڪاريگر آهن. جيڪو جتي رهي ٿو تنهن کي تِتي (اتي) قدرت سڀ جو علم ڏئي ڇڏيو آهي.
    جيئرو جيءُ آهي ته کائيندو، پيئندو، ڪرندو، ڌڪجندو، اگهو ٿيندو. انهن سڀني جا علاج، دوا، دارون جيڪي به وٽن آهن اهي سڀ صدين جي تجربن ۽ آزمائڻ جا نتيجا ۽ ثمر آهن. جيڪي وقت سان گڏ سڌرندا ۽ کين فائدا پهچائيندا رهندا آهن.
    اڄ به جبل جا ماڻهو ڏک بک ۾ به شهري ماڻهوءَ کان وڌيڪ تندرست ۽ طاقتور آهن. شهري ماڻهو سکيو ستابو، کاڌو ڍئوتي، چربيون چاڙهي، گوشت جا بُٺا بڻيو هلڻ کان هلاک ٿيو ويهي رهن. وري ٿولهه ۽ چرٻي لاهڻ لاءِ علاج، ورزشون، کاڌي پيتي جون بندگيرون (ڊائيٽنگ) انهن هلاکين ۾ ته مرڳو نِزِيگُ (ڪمزور) ٿيو ڇُڙُيَو (چمڙي لڙڪايو) پون.
    روز پاڻي رازق جي هٿ ۾ آهي. پر جبل وارن جو ڄڻ وَسَ (مينهن جي مند) جي هٿ ۾ آهي. وَسَ وسي ته ڍئو، نه ته بک. وَسَ به مُدامَ (وقت) تي اچي. ائين جبل جو ماڻهو نئون نيرانو پيو جَهنگ جَهڙِيندو آهي. اها ٿي جبل وارن جي ڊائيٽنگ ۽ ايڪسرسائيز سو، هاٺيءَ ڪاٺيءَ سنوان سِڌا، وڏا قد، ويڪريون ڇاتيون، چيلهه چهٻڪ، شَنبيءَ (اسٽيڪچر) سوهڻا، کهيءَ ملوڪ. جُهجَهه (وڏا پيٽ) ڇڻيل ۽ ڀڀ ڀريل بي ڊولا ڳولي نه لڀندا. ٿلهائيءَ جي ڀيٽ ۾ سنهائيءَ ڏانهن مائل آهن. ٿورو ڪه گهڻو جيڪو به کائين اهو بت تي لڳين باقي بوگَ (گوشت) ۽ ڪلها وس ۾ به ڪونه چاڙهين پوءِ به بيساها ۽ نزيگ ناهن. ڀت ماني جي ناهي ته به خير آهي. جبلن ۾ ٿيندڙ قدرتي ميون (ڏٿ وغيره) جي ذات ذات جا رَسَ اندر ۾ ٿا پون. جيئن ماکيءَ جي مک گل گل ۽ ميون جا رس چوسي اچي ماناري ۾ وجهي ماکي ٺاهيندي آهي تيئن ئي جبل جي ماڻهن جا اندر به ڄڻ ته مانارا آهن. جتي ميون، گلن، پنن، ولين ڇوڏن، پاڙن ۽ کونئرن جا مختلف رس گڏجي ماکي بنجن ٿا. ائين اهي هر وقت مستعد ۽ چاڪ چو بند نظر اچن ٿا. لطيف چواڻي، جن جو ويڙهين سين واپار، سي ڏوٿي هُونِ نه ڏُٻرا.
    يعني- جن جو جهنگ، جبل سان وهنوار آهي/ تعلق ۽ واسطو آهي، اهي ڏٿ چونڊيندڙ ڪڏهن به جسماني طور ڪمزور نه هوندا. ڇو جو جهنگ ۽ جبل ۾ وس جي مند ۾ ته طرحين طرحين کاڄ جبلن ۽ پٽن ۾ پکڙيا پيا هوندا آهن. جبل جو ماڻهو ڀلي هڪ هنڌ تي بيهي يا ويهي نه به کائي پر جي رڳو هلندي، گهمندي، ڦرندي ڪٿان ڳاڱي، ڪٿان ڳاڱو، ڪٿان ليهار، ڪٿان ٻير، ڪٿان چڀڙ ۽ ڪٿان کٽالي ڇِنَدو وات ۾ داڻو داڻو، ڪڻو ڪڻو وجهندو چٻيندو هلندو ويندو ته به بکيو ڪين رهندو. جڏهن جسم ۾ مختلف قوت ۽ طاقت جا ميوا پوندا ته اهي ڏوٿي ڪيئن ڏٻرا ۽ بيساهارهندا! اهي ته سَٻَرَ ۽ ساهيٽا هوندا. وَسَ ۾ انهن مضبوط ۽ طاقتور ماڻهن سان ڪو پهرين جوڙ جو ملهه به پڄي نه سگهندو. سَٽَ سان ڪنڌ ڀر ڪيرائي وجهنس.
    وَسَ وسي ته سڀيئي اُڍُڪا لهيو وڃن، ستن پٽن جا پيئر ٿيو مڇيون وٽيو پيا مُرڪندا. مينهن تَريون ڏئي پيو وسندو. پاڻي ڇاروڙا ڪري پيو وهندو. ڀونگن ۾ مينهن جو ڪهڙو جَهلو (رڪاوٽ)، جهڙو ٻاهر تهڙو اندر پيو وسندو. سامان سڙهو، رلي رانٽو، ليڙ لڳڙ سڀ پسجي سُڙُٻَ (پاڻيءَ مان ڀريل) ٿي ڀَتُ ٿي ويندا. ڦڙيءَ جو ٺڪاءُ پيو پوندو. تنوڻ تندي جي ڪا وار ئي ته ملندن ته به چوندا، ’اُٺا مڙيئي ڀلا.‘
    ڪڪر ڪارونڀار ڪري ڪڙڪن ته ڏينهن به رات جيان ڪاري ڪُونٽ ٿي وڃي ڳَئيءَ (ڪڪرن جي ٽڪرائڻ جو آواز) جو ڌڌڪو پيو پوندو. وٺي جو ڪڙڪو ڪري وِڄِ لڳندي ته سندس پڙلاءَ ۾ پسبو ته سڀيئي مُک سَرها ۽ چهرا خوشيءَ مان ٻهڪيل نظر ايندا. سندن ڄَوڙيون (ڄاڙيون) کل مان ڪنن سان لڳيون پيون هونديون. وَاتَ مُرڪ مَنجهان ٻوٽجندا ڪونه، وَيلون (واڇون) چولاٽ (ڪياڙي) سان وڃي لڳنديون. اَٿرا ۽ کيچلا ته لاڳين ۽ کڳين ۾ پورا هوندا. پر ماٺيڻن جي مُشڪ به چپن ۽ اکين مان پئي ڦٽندي. ڌوتل آسمان مان مَسَ مينهن اوڪاڻبو (بند ٿيندو) ته تيز تکي اُسَ نڪري ايندي سڀڪو ڊوڙي ٽپڙ ٽاڙي، گندي پُچَ (ڪپڙا) کڻي آڻي رَوهه (اُسَ) تي لاڙيندو (اڇلائيندو). ٻاهر پٽ ۾ مارينگن (چلهي جي ٽن پٿرن) ۾ ڦشَ ڦوهر، ڪک ڪانا وجهي ڦوڪون ڏئي، ٽانڊا ٻاري جيڪو ٿورو گهڻو هوندو اهو رڌي پچائي وٺندو. وري جا رَڱَڻِ (مسلسل مينهن) ڍَرندي (ڪڙڪندي) ته الائي ڪڏهن اوڪاڻجي.
    اسين شهر وارا ٿوري مينهن تي به بيزار ٿيو الله کي قرآن ميڙ ڪريون. روڊ، رستا، ڳليون، گهيڙ سڀ گٽر ٿيو وڃن ماڻهو نه نڪرڻ جهڙو نه هلڻ جهڙو. جٿان ڪٿان نڪ تي رومال رکي پانچا گوڏي تائين کڻي گذر جي ته گذر جي نه ته گهر اچي اوڪارا (الٽيون) ڪجن.
    جبل ۾ مينهن وسي ته دل چوي ته ڀلي پيو سدا وسي. مينهن جون ڦڙيون ڄڻ عطر جا قطرا هجن. چوڏسائن مان هڳاءَ پيا ايندا، سُرهاڻيون، مهڪارون، هٻڪارون، ٻي ڳالهه نڪا ڳت. اسين شهري ماڻهو ڪنهن ڪذاني وڃون ته مينهن جا منظر ۽ حسنا ڪيون ڏسي مبهوت ٿيو وڃون. پر جبل وارن لاءِ اهي مينهن جا نظارا رڳو منظر، حسنا ڪيون ۽ مهڪارون ناهن. مينهن ته انهن جو جياپو آهي جنهن ۾ سندن ساهه پساهه اٽڪيل آهي. ڀلي ڪيترو به مينهن وسي کلندا ٽهڪ ڏيندا پيا نعرا هڻندا، ڀيڄ مولا چانديءَ جا گولا. اصل مينهن مان ڍئوئي ڪين ٿيندن. جي ڪجهه چئبو ته مشڪي چوندا، چلهه به ڪڏهن اڱارن مان ڍائي آهي.
    ٻارن جو ته رونشو لڳو پيو هوندو، پَٽن ۾ پِڙيُون (ڊوڙون) ڪريو خوشيءَ مان ڪُوچُ (سنهيون ڪيڪون) لڳون پيو هوندن. مس اڃا اڀ تي ڪڪر مُچ (گڏ) ٿيندا. ڦڙ ڦڙ شروع ٿيندي ته پڙيون ڪري ڊوڙي مائرن جي مٿن تان گنديون جهڙپي جهوليون جهلي کلندا راڳ ڪندا گهر گهر ويندا. ’ڪارڙو ڪنڀارڙو الاڏي مينهن وسي‘ گهر گهر مان ڪٿان اٽو، ڪٿان ڳڙ، ڪٿان گهه، پني اچي هڪ هنڌ ٽامڙو چاڙهي ڏريو رڌي پاڻ به کائيندا ته گهر گهر ورهائي به ڏيندا. وَسَ جا مزا ماڻڻا آهن حسنا ڪيون ڏسڻيون آهن ته وڃي جبل ۾ ڏسو.
    مينهن وسي بَس ڪندو آهي ته سڄو وايومنڊل سرهاڻين سان هٻڪار جي ويندو. مٽيءَ جي مقدس مهڪار سان گڏ گلن ڦلن، ڪکن پنن، ولين گاهن ۽ ڏٿ جي هڪ هڪ قسم جي ڌار ڌار خوشبوئن سان جبل مهڪي پوندو آهي، ۽ پَٽَ پُوٺا مئخانه بنجي نشو اوتڻ لڳندا آهن.
    جبل جي هڪ سڄاڻ شاعر ۽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي ڪلام کي اردوءَ ۾ منظوم ترجمو ڪندڙ مولا بخش علي محمد بڪڪ جو وَسَ (مينهن جي مند) بابت هڪ نظم جنهن جو عنوان ئي وَسَ آهي اهو پيش خدمت آهي.

    وَسَ

    ڪَڪَرُ ڪارو ڪَري ڪَڙڪا
    ڏُڪَر کي ڏي اچيو دَڙڪا
    ڏڪر ويو ڀَر نه تون سڏڪا
    امان ڌرتي مٺي ڌرتي
    آهن چوڌار گجگوڙيون، ننڍا ڍورا به ڪَن بوڙيون
    پنهوارن جون ڳنوارن جون، لڳن ڪَنَ سان ٿيون اڄ ڄوڙيون
    وڄون ٿيون ڪَنِ اجهو تِڙڪا
    امان ڌرتي مٺي ڌرتي
    اچي سانوڻ ڪيا سَرها، اَيون گابا رڍون ڪرها
    سڀيئي ساوا سڀيئي سڻڀا، اکين پَسِجن نٿا اَرها
    هَڪَلَ هُلَ سينڍ ۽ ڳِٽڪا
    امان ڌرتي مٺي ڌرتي
    ڦُٽن پيا گاهه جا ذرڙا، چَرَن چَوٽين چڙهي ڦرڙا
    ٻڌيو ٻارا اچيو هيجئون، ڏين هاري ٿا اڄ هرڙا
    لٿا خوراڪ جا کٽڪا
    امان ڌرتي مٺي ڌرتي
    وطن سرسبز آسارو، اڀاڳن جو وريو وارو
    غريبن جو اٻوجهن جو، اچي ڏس هاڻ اوتارو
    برهه باهيون ٿيون ڪن ڀڙڪا
    امان ڌرتي مٺي ڌرتي
    کَٽَالِيون ٻَير ڳاڱِيون ڏس، مُنگها ڦُنگيون ۽ ڪَونئريون ڏس
    چِڀِڙَ ڪَوڍِيرَ گَهوگِهيٽا، مِٺا لِيهارَ پَيرُون ڏس
    ڌراڙن جا لٿا اُڍڪا
    امان ڌرتي مٺي ڌرتي
    بَنيا بَرَ باغَ باغيچا، وِڇايا گاهه غاليچا
    غريبن تي اٻوجهن تي، اِهي احسان آڳيجا
    نيون سوسيون نوان پَٽِڪا
    امان ڌرتي مٺي ڌرتي
    وسيو سانوڻ آ راڳن سان، مليو آ مينهن ڀاڳن سان
    ڪڏن جهومن ڪريو سوهڻيون، بَڪڪ ڏس ڪيئن چاڳن سان
    مکڻ جا سِرَ مٿي مٽڪا
    امان ڌرتي مٺي ڌرتي.

    يا، لس ٻيلي جي هڪ آڳاٽي شاعر ولي محمد رُونجهي جو هڪ طويل شعر آهي.

    وَٺوَ مينهن وَسَ ٿي، مَوريا ٻج ٻيهرَ
    ڪانههَ، ڪانڍيرا اٿيا سُڻ موچارا سَرَ
    لنب لوت لڳي پيا، پٽين ۾ پُوتَر
    ميها، مُنگها، مَزليون، ڇُڳا ڪيا ڇَاٻَر
    ڊڀ، ڊامڻ اٿيو، ڪَيا مَنڌِيئڙي مڃر
    ڳَمَ، ڳنڍير، ساوڪون، سنگيو، چيهي لاءِ چَرَ
    کِههَ، کٽهڙيون، خوب کُنبهيون، ڏنهون ڪيا ڏيهر
    ڀَن، ڀِچِڻيءَ، موڪ مَرِيڙو، لاڻا، لوت، للر
    کيرڻيءَ جا خوشيءَ سين ٿا چَرن ٻُورَ ٻَڪَرَ
    لال لاٽي ڦڳي، ٻي پوئي پٽ پٿر
    ڪڏ ڪوتَڪ اٿي، اڃا زور ڦلي زَهَمَر،
    ٽوپ ڪلهوڙي پنيون پڪيون، جوپ جهجهاتِتِ جَرَ
    واهو، ويکو، جوپ جوانسو، ڊمائو، ڊڪر
    ڦانگ، سنڱو ٽيون ڦليون، ٿا ڪن گولاڙن تي گذر
    نرو، هرڙو، سڱيا، ڦٽا ڇل ڇٻر
    ريڪ، مُنڍيري، سِنيَار سوايو، ڌڻين لاءِ ڌَنوَرَ
    ڏڌر، ٽَانڪارِي، اُڻند انگي پيو، ٻيلوڙا گنجڪ منجهه گهر
    ڏيڏو، ڪڙمتُ، ٻيل، ٻريڙي، ڊاک جهنگين تي جر
    آئون ڇَل چونڊيندس ڇٻ ۾، ٻاٻاڻن سين ٻر
    چڀڙ ميڙي، وليون ويڙهي، ڀريو ڪوڙي ڪانبا ڪر
    ميها آندم چونڊي پاند ۾، ڪيم کاٽَونبن سين کر
    ڏونرا، پيرون پوڄ پٽن ۾، لال پڪا ليهر
    درس ديڳوڙا ديسين ۾، ٻيا ڦاروئڙن ڪيا ڦر
    لال ليسوڙيون پڪيون، ٻيون ڪوڍيريون ڪثر
    آڻيو ڳاڱا ڳوٺ ۾، پتيون ڪن پنهور
    کَوريون، ٻيريون، گگريون، ٿرين ڦليا ٿوهر
    بيد، ڄميون باغ ٿيون، ڪيا گهوگهيٽي گُگُر
    ڀرٽ، ڀونگر، ڪرنگهه، ڪتي پڇ، حاجيئڙي هونگر
    اُست، ابتيون، ٿيو ڳوهينڊيو، ٻي جا بيحد گهڻي بتر
    ٻاجهه، ٻڪني، هنڌ هنڌ هيرڻ، پَٽَين پَڇُو نگر
    کوب کيروليون، هار هسڳريون، چندني ڪيا چڪر
    ٽهِ پُنيون ٽهڪن، منگليون مرڪن، ڦٽيون ٻڪر هاليون ٻيهر
    بَڙَ، انجير، سرنهه ساڄو ٿيو، ويڙيون ويءَ ولر
    ڪَهُوءَ، مَهوءَ وڻ ڪيترا، ٻيا پهڻيرا پڌر
    لڏي لوهيڙا نڱيا، پاٻوهيا پِپِر
    ٻَيل ٻٻورين ٻور ٻڌا، آئون چونڊيان ساڪڙ ساڻ سڳر
    ڪورڻ، مينديون، چونڊڻ وينديون، جتي جال جڳر
    گُرُڙُ، ڳاراٺي، ويڙ ورينگڻ، کاڌم سونهاري سڳر
    اَڪَ، ٻُوههَ، اباڻن اوڏڙا، نِمَ تِتِ نشانبر
    ٽانت، هشنگ، کار، کپون، ميشڪ ڪيا مڃر
    ڦَوڙَ، گرؤڙ، خوب کرڪ، ٽيو تِتَي وڻ تمر
    تنهنجا ڪم نه اچن ڪيوڙا، آما، انب اپر
    ليما، ڪويون، آمريون، تو وٽ نت پڪا ناير
    سرکن، ونجهه ولاتي، پر قوت اسان جو ڪؤنر
    سرها سانبين سومرا، گام اسان جا گهر
    کٿوريءَ خوشبو ڪئي، اوتيائون عطر
    ساريم وڻ وطن جا، ساڄا سڀ سکر
    واحد جي وڏائيءَ جي ڪمي ناهي ڪر
    مون کي عقل ايترو آيو منجهه اندر

    هي طويل شعر ٽيهٺ (63) بندن تي ٻڌل آهي جنهن جا پويان بند غير واسطيدار آهن، تنهن ڪري آخري شعر شاعر جي نالي وارو هيٺ ڏجي ٿو.

    سندي دوساڻي در، شل وينديس ولي محمد چئي.

    اهو منظر نامو ته ٿيو وَسَ ۽ سڪار جو جنهن ۾ سوين سک ۽ خوشيون آهن، جيڪي سڀ مهربان ۽ ڏاتار جبل کان حاصل ٿيندڙ آهن، جنهن جي مڃتا اهي سٻاجها منهن مٿي ڪري دل کولي مڃيندا آهن. اهو ته سِڪي جو هڪڙو پاسو ٿيو، ٻيو پاسو آهي ڏڪار، جڏهن ساڳيو ئي مهربان ۽ ڏاتار جبل کين ڏيڻ کان بيوس ۽ لاچار ٿي پوندو آهي، تڏهن به جبل ۾ الائي ڪهڙي ڪرامت آهي جو، جبل جو ماڻهو ڪڏهن به جبل کي مياري ڪونه ڪري، ڀلي جبل کين ڪجهه به نه ڏي. پوءِ به هو خالي سکڻي ڪُونٽي (ٺوڙهي/ گنجي) جبل ۾ به رڳو نهاري به پيا ٺرندا. چَندا (ڄڻ) ڪو هير (هينئر) وٽانس ڀرجي ترجي آيا هجن.
    ڏاڏي اَڇَرَ تي ڏاڍي حيرت ٿيندي هيم جيڪا پنهنجي اسي (80) ورهين جي ڄمار ۾، مس ڪي ٻه ٽي ڀيرا ئي جبل مان هتي اسان وٽ ڪراچي شهر ۾ آئي هوندي. اها به ڪنهن وڏي لاچار ۽ ضرور سان آئي هوندي. جڏهن به آئي هوندي ايندي ساڻ روز وڃڻ جا ساهيا هوندا هئس. اَنَهَرِي انهري (ناخوش/ اداس/ بيزار) ٽپڙ ٽاڙي ٻَڌندي، پُچَ لُڳڙ (ڪپڙا) ويڙهيندي، سَمهاڙا ڪندي، وڃڻ جي سانڀاهن ۾ لڳي پئي هوندي. ايڏي اٻاڻڪي ۽ اتاولي هوندي هئي ڄڻ هتي قيد ۾ هجي. ڏاڏي اَڇَرَ کي ڏسي مون کي مارئي ياد اچي ويندي هئي. ساڳي ئي اڪير، ساڳي ئي زهير (اُڪنڊ)، ۽ ساڳي ئي درماندگي هوندي هيس پنهنجي ملڪ (جبل) لاءِ.
    سُنديءَ (علائقو) واري ڪُونٽي (گنجي) جبل جي چَوٽ تي رهيل ڏاڏي اَڇَرَ جو گذران ڪو سکيو سَهنجو ڪونه هو. جبل وارن وٽ ڪهڙا سک ڪهڙا سَهَنج؟ ڪهڙا ڌن ڪهڙيون دولتون؟
    زمينون گهڻيون ئي پر اُٺي بنا ائين ڄڻ ابن ڏاڏن هَٿَ- سَڃَ ئي نه ڪئي اٿن. ڪُوڪُ (ڪنڌ ورائي) ڀَيري (ڦيري) ڏسندا به ڪونه ته ڪا اباڻي به اٿن! زمينون، زمينن جهڙيون، مٽي، مٽيءَ جهڙي نڪا ٻنڌ نڪا وَٽِ.
    ٻني ٻارو به وَسَ تي. وَسَ وَسي ته ٻئي هٿ وجهن زمين ۾. انچ انچ جو حساب رکن. ليکي (حساب) ۾ وٽانِ (انهن کان) ڪوبه ڪونه کٽي. مجال ڪو سندن زمين مان وِرِٿَ (گرانٺ) به کڻي. ٿوپاڪون (بندوقون) ڇُٽي وينديون. پنهنجي اباڻي ٻَنيءَ جي عزت ۽ سنڀال ڪن. پنهنجي زمين جي کسجڻ کي پنهنجي مڙسيءَ جي شان جي خلاف سمجهن. پاڻ ڏيڻ چاهين ته سڄيون ديهون ڏئي ڇڏين. باقي زور زبردستيءَ سان کسجڻ کان اڳ ساهه ڏين. ٻنيءَ ۽ ونيءَ کي ڪونه گڏين يا ملائين جيئن ڪن هنڌن تي مشهور آهي ته، ”ٻني ۽ وني ڇڏين ڪين جوان“. ٻنيءَ جي پنهنجي عزت ۽ اهميت آهي ۽ ونيءَ جي پنهنجي عزت ۽ اهميت آهي.
    ڪوهستان ۾ عورت جي عزت ۽ اهميت تمام گهڻي آهي. باقي ٻني ته ٻني آهي، جنهن جي آباديءَ لاءِ ڪوهستان ۾ نڪو درياهه نڪي شاخون. نڪو واهه نڪي نهرون، پهرين ۽ آخري آس مينهن جي. مينهن ناهي ته ٻنيءَ ڏي لوڻو به نه هڻن. وڃي پنهنجي ڪک ڪاني، ڦڙهي ڪاٺيءَ جي ڪندا.
    جبل جي اڏن ۽ ڪنارن ۾ ڦڙها جام ٿين. اهي وڍي، بَند ٻڌن. ائين ئي ڪاٺين ۽ گاهه جا بند ٻڌي باريگن (بار کڻڻ وارا اٺ) تي رکي اوڏ ڇڪ جي شهرن ڏانهن وڪڻڻ وڃن. اتان کاڌي پيتي ۽ ضرورت جون ٻيون شيون وٺيو موٽن. پٺيان سندن ٻارٻچا/ گهر ڀاتي ساٿَ (اٺن جو اهو وڳ جيڪو خريد فروخت لاءِ شهر وڃي)، جي گَسَ گسين ۾ اکيون ٽنگيو ويٺا هوندا. سَاٿُ ايندو ته عيدون ٿي وينديون.
    جبل جي ماڻهن جي اها خوبي آهي ته ٿورو ڪي گهڻو سڀ ونڊي ورهائي کائيندا آهن. اتي ائين ڪونهي ته هڪڙو بک مري ۽ ٻيو ڦاٽي مري. نه ئي هو ائين سمجهن ته پاڻ ڍائو، جڳ ڍائو. پاڻ سائو جڳ سائو. ساٿ ايندو ته هڪ هڪ کي ساري سنڀالي، سَڏَ ڪري ذري مان ذرو ورهائي ڏيندا. هيڪلا ڪُرِڪِ (ڪُنڊ) ۾ ويهي کائي اوڳرائي ڪونه ڏين، انڊَ پاسي جي به خبر رکن. پنهنجي هُوند جي مستي ڪونه ڪن. وٽن هوندو ته به کمي (نمي) کائيندا، اُرکُل (سڱن سان) هڻي ڪنهن کي پري ڪونه ڪندا.
    روز پاڻي رب تي پر جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پِريان (پرين کي) ڪن. ’هوندي‘ مان اٻالو وٽان ڪوبه نه وڃي. ڪَٿي ڪوٺي، گوڏو گوڏي سان گڏي ويهاري کارائيندا. باقي اڻهوند تي ميار به ڪانهي. نه هوندو ته نوان نيرانا گندي کُڙيءَ ۾ هڻي لت کوڙي ائين سمجهي رهندا، ڄڻ سَتَ رڇيون کائي کاڄ مان وات ڪڍي (ڍئو ڪري) ستا آهن.
    جبل جو مينهن به ڄڻ اکين جو ڍئو، هِيڏانهن وَٺو هوڏانهن ويو. پَلُرَ جا پياڪ سِپُن وانگي وات ڦاڙيو ويٺا هوندا. ۽ مينهن جو پاڻي ڇَرَڪا ڪري وهندو. جبل جي اَڏن، چَرُن، کڏن، کوٻن، کانٽن، ڏرڙن مان ڇڻي (لهي) وڃي ترُ (ترو) وٺندو. جنهن کي پياسا پَٽَ چوهي، چٽي، چُڪائي، ڄنڀيون چٽي، وات اگهي ويهي رهن ۽ ماندا ماڻهو مِرمِرِ، جَنبِ جَنبِ نهاريندا رهجي وڃن.
    جيئرن لاءِ وري به قدرت وٽ عجيب انصاف ڀر يا قانون آهن. سُندِيءَ (علائقو) واري جبل جي مٿان گُرِيءَ تان بيهي چوڦير اکيون ڦيرائبيون ته رڳو بُسِ ۽ مُٽِڪَا (مٽي ۽ پٿر) پيا لکجندا (ڏسجندا). پر جڏهن گُريءَ تان هيٺ ڇڻي جبل جي وَرَ وَڪَڙَ، گس گسين تان هيٺ لهي اچبو ته ويساهه ئي نه ايندو ته ڪو هي ساڳي ئي سڪل پوٺي جو منظر نامو آهي.
    هيٺ لهي اچي ڏسبو ته جبل جي اڌ منجهان اندران ئي اندران پاڻي جهرڻن جيان ڦٽي ڇاروڙا ڪري ڪِري هيٺ وڏي ٽوڀي جي صورت ۾ ڀريل نظر ايندو، جتي چوطرف وڏا وڏا بُجا (گهرا گهاٽا) قديم وڻ هڪ عاليشان باغ جو ڏيک ڏئي رهيا آهن. جتي ٻين شاندار قديم وڻن سان گڏ هڪ تمام گهرو ۽ وڏو قديم پراسرار کجيءَ جو وڻ آهي، جنهن لاءِ مشهور آهي ته اهو هزارين سال پراڻو وڻ آهي. جنهن ۾ ’جنات‘ رهي ٿي. کجيءَ جي ان وڻ کي ڏسڻ ساڻ ئي ان جي قدامت ۽ پراسراريت تي يقين به اچي ٿو، جو ان نهايت گهاٽي وڻ جي مٿان ۽ پاسن کان مٿي ئي مٿي ٻيا به ست- اٺ مختلف ميون ۽ ڏٿن جا وڻ ۽ ٻوٽا مُريل آهن. اُهي ان کي قديم ۽ پراسرار کان سواءِ عجيب به بنائي رهيا آهن. ساڳي ئي جبل جي اڌ ۽ اڏن ۾ انجيرن جا وڏا شاهي درخت پڻ آهن جيڪي ان عجيب ۽ حيرت ڀري تصوراتي تصوير جهڙي منظر جو حصو بڻيا بيٺا آهن.
    اهو آهي ڏاڏي اَڇَرَ جو پيارو ۽ محبوب جبل. ۽ سندس اباڻو پڍَ، جنهن جي چوٽ تان هر روز اويُون (مشڪون) کڻي، گُريءَ واري ڏکئي ۽ جان جوکم ۾ وجهڻ جهڙي مشڪل پيڃري تان، الائي ڪيترا سو فٽ هيٺ واري ٽوڀي تان پاڻي ڀرڻ ويندي هئي. جبل تان لهڻ ۽ چڙهڻ وارو روز جو اهو معمول شهر وارن لاءِ جيڪر وڏو ڪارنامو هجي، جيڪو ڏاڏي اَڇَرَ روز سرانجام ڏيندي هئي. بنا ڪنهن فخر ۽ مڃتا جي.
    ماني ۽ ڏرئي لاءِ به ان ڪڻا يا ڪڻڪ داڻا به پاڻ اُکَرِيءَ ۾ ڇڙهي، ڇَنڊي، اُپڻي، چُونڊي صاف ڪري ڳري پٿرائين جنڊ ۾ پيهي/ ڏري ماني ۽ ڏريو پاڻ ئي پچائيندي ۽ رڌيندي هئي.
    اَيُون (ٻڪريون) ۽ پهون (رڍون) به پاڻ ڏهي، چوڪي، ڪاڙهي، سُنباڻ وجهي ڄاڻي (ڄاڻڻ معنيٰ، کير ۾ کٽاڻ وجهي ڌونئرو ڄمائجي). جَهڻِ (لسي) جُهڳيندي (ولوڙيندي) هئي.
    جبل ۾ ڪهڙا رڇ (ٿانوَ) ڪهڙا سَنڍَ (ٿانوَ)، ڪهڙا سيٽ، ڪهڙا ڊش! پاڻي ڀرڻ لاءِ، اوئي جهڻ جهڳڻ لاءِ ”اِيزِڪَ“، جهڻ کڻي وڃڻ لاءِ، مثال ڌراڙ وغيره ٿوري مقدار ۾ لسي کڻي وڃي ان لاءِ ’کلي‘ ۽ مکڻ ڳاري گهه بنائي ان کي محفوظ رکڻ لاءِ ”زِڪَ“ ڪتب آڻيندا آهن، جيڪي سڀ ننڍي مال (ٻڪرين) جي کل مان جبل جا سچيت، سڄاڻ ۽ سڌير مايون ۽ پُرِههَ (مرد) پاڻ ئي ٺاهيندا، جوڙيندا آهن.
    پاڻيءَ لاءِ اَوئِي ٺاهڻ واري کَلَ تي ايڏي مشاقي ۽ هلاکي ڪونه ڪن. البته کل کي نرم رکڻ ۽ سُڪَڻَ کان بچائڻ لاءِ ٻٻر جي ڇوڏي جو اندريون ڪچو ۽ نرم پاسو ڪُٽي ۽ ڪانهيريءَ (وڻ) جو ڇوڏو وجهي پاڻيءَ مان ڀري زِڻُ (تمام گهڻو ڀري) ڪري رکن. جڏهن رَتُ پِتُ سڪِي وڃي ته پاڻي هاري کَلَ کي ابتائي صاف ڪري ڌوئي آکاري (صاف ڪري) آڇِلائي (ٻن ٽن پاڻين سان صاف ڪري) ٻاهرين پاسي وارا وار لاهي کُري صفا ڪري پاڻي لاءِ ڪتب آڻين.
    کير کي ڄمائي جَهڻِ جُهڳڻ (لسي ولوڙڻ) لاءِ ”اِيزِڪَ“ بنائين ته ان کل تي ”اوئيءَ“ کان وڌيڪ ڌيان ڏين. کل ۾ پاڻي، ٻيروليءَ ۽ ڏاڙهون جون کلون/ ڇليون وجهي رکن ته کل رچيو ڪُونئري (نرم) ٿيو وڃي ۽ رنگ به بدلجي پِيئَرَو (پيلو) ٿيو وڃي پوءِ پاڻي هاري صاف ڪري ان ۾ ڄمايل کير وجهي هڪ پاسو بند ڪري ٻيو پاسو کليل رکن. ٻڌل پاسي کي هڪ ماڻهو جهليندو ۽ کليل پاسي کي هٿ سان بند ڪري ٻيو ماڻهو جهليندو. پر جي ڪو ٻيو ماڻهو نه به هجي ته بند پاسي کي رسي سان ڪنهن وڻ جي ٿڙ ۾ ٻڌي، کليل پاسو پاڻ هٿ ۾ جهلي پوءِ کَلَ کي يڪو ڌونڌاڙ بو رهبو تان جو سڄو مکڻ کليل پاسي وٽ اچي مُچَ (گڏ) ٿيندو. اهو ڪڍبو ويندو ۽ کل کي ڌونڌاڙبو رهبو. جڏهن مکڻ سڄو نڪري ويندو ته آخر ۾ وڃي لسي بچندي ته،” اِيزِڪَ“ آهستي وڻ تان کولي هيٺ لاهي رکندا. مکڻ ٽامڙي ۾ وجهي رکندا. لسيءَ جا ڪٽورا ڀري پيئندا جنهن ۾ مکڻ جا ذرا ذرا به شامل هوندا، اها پاڻيءَ واري گهاٽي/ ڳَٽِ مکڻ مليل لسي وڏي ڳَمَ (طاقت) واري آهي. اها بنا کاڌي جي به کين توانو رکي ٿي.
    گِههَ کي محفوظ رکڻ لاءِ جيڪا کل ٺاهين اها نهايت پاڪائيءَ سان لاهين، ۽ وڏي محنت، مشاقي ۽ احتياط ڪن. ۽ ان کَلَ کي وڏي اهميت ڏين. کل ۾ مينديءَ جا پن، کورِ (وڻ) جو ڇوڏو، رسدار وليون ۽ سُرهن ٻوٽن جون ڪچيون ٽاريون وجهي، پاڻيءَ مان ڀري ڊانِئين (مڪمل ڀري) ڪري رکن، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جڏهن ڏسن ته کل اندران سُڪي، رَچي (رڱجي) وئي آهي ته پاڻي هاري کل کي ابتائي گهه لڳل ڳوهيل اٽي سان اهڙي صاف ڪن ته اها تمام گهڻي نرم ۽ نفيس ٿي پوندي آهي. اصل جهڙي ريشم ٿي ويندي آهي. ان کي چون، ”زِڪَّ“. پوءِ ان ۾ مکڻ ڳاري گهه ٺاهي وجهن.
    مکڻ کي ڳارڻ مهل به وڏي ڪاريگري ڪم آڻين. مکڻ ۾ ڳرڻ مهل ڳاڙهن چانورن جو اٽو ۽ هڪ ٻه ايلاچيون وجهي ڳارين ته گهه صاف، شفاف ۽ سُرهو ٿيو پوي جنهن کي ٺاري ”زِڪَ“۾ وجهن.
    ڳاڙهن چانورن جو اٽو وجهڻ جو مقصد اهو آهي ته اهو مکڻ ۾ شامل لسيءَ جي کٽاڻ/ کٽاس کي چوهي ۽ چوسي وٺي. واقعي به جڏهن گِههُ کي ڇاڻي اٽي کان ڌار ڪبو آهي ته اهو اٽو چکڻ/ کائڻ مهل کٽو هوندو آهي جيڪو گهه ۾ رڌجي بيحد لذيذ ٿي پوندو آهي جنهن کي ’وِشِنَاڻُ‘ چوندا آهن، جنهن ۾ ٿوري کنڊ ملائي وڏي شوق سان کائيندا آهن. ”وِشِنَاڻُ“ جبل وارن جي بيحد پسنديدهه ۽ مرغوب غدا آهي.
    ”زِڪَ“ ۾ گهه کي وڌيڪ سوادي ۽ مزيدار بنائڻ لاءِ مَنجهس (ان ۾) ”دَوشَا“ ملائيندا آهن.
    ”دَوشا“ بنائڻ به وڏي محنت ۽ ڪاريگري ۽ هلاکيءَ وارو ڪم آهي. کڄور کڻي ان جون ککيون ڪڍي صاف ڪري ڳوهي مُڃَ ڪري وڏي ٽامڙي ۾ وجهي، سڄو ٽامڙو پاڻيءَ مان ڀري مُنهن ڪَرَ (تارون تار) ڪري ٽانڊي تي رکن. جڏهن پاڻي لهرون کائي ته ڏوئي سان هلائي رڌڻ لاءِ ڇڏي ڏين جيڪا ڪلاڪن جا ڪلاڪ پئي رڌجندي آهي. رڌجڻ مهل ڏوئيءَ سان چِلي چلي هلائبي آهي. رڌجڻ کان پوءِ اها کڄور ماکي ۽ منڌ ٿي ويندي آهي جنهن کي چلهي تان لاهي ڏوئيءَ سان هلائي هلائي ٺاري سنهي ڪپڙي سان ڇاڻي پوءِ ”زِڪَ“ ۾ پيل گهه ۾ شامل ڪبي آهي. ڪي ته کڄور ۾ رڌجڻ مهل سونف ۽ ايلائچون به وجهن ائين ”زڪَ“ ۾ گهه کي محفوظ ڪندا آهن.
    ”دَوشا“ مليل ”زڪَ“ وارو گهه تمام گهڻو سوادي ٿيندو آهي جنهن جو رنگ به عام گِههِ کان گهڻو بدليل، شفاف ۽ سون جهڙو هوندو آهي. ۽ سواد هلڪو مٺو ۽ بيان کان ٻاهر آهي.
    جنهن به اهو ”زڪ“ جو ”دوشا“ مليل گهه نه کاڌو آهي اهو ان جي لذت ۽ سواد جو تصور به نٿو ڪري سگهي. ڇو جو اهو عام ڏٻن وارن گهن کان ته بلڪل مختلف آهي. پر جبل جي انهيءَ سچي گهه کان به مختلف آهي جيڪو ڏٻن ۽ بوتلن ۾ هوندو آهي.
    کَلَ مان ٺهيل اهي سَنڍ ۽ ٿانو جبل وارن لاءِ ته بلڪل وڏيون سِٽَائُون ۽ وِٿَ آهن ئي پر شهر وارن لاءِ به عجيب حيرت ۾ وجهندڙ آهن. مثال ننڍي ٻڪرجي کَلَ مان بنايل کَلِي جنهن ۾ ٿوري مقدار ۾ لسي پوندي آهي جيڪي ڌراڙ مال چارڻ لاءِ ويندي لسيءَ مان ڀري کڻي ويندا آهن، اهڙي ئي ننڍي کل مان بنايل اَوئي ۾ پاڻي ڀري ڌراڙ ساڻ کڻن. سياري ۾ به کڻن پر گرميءَ ۾ هروڀرو تاگيدي (تاڪيد ۽ تياري) سان کڻن. انهن ۾ حيرت ڀري ڳالهه اها آهي ته ڀلي ڪيڏي به گرمي ۽ اُس هجي، اوئيءَ مان پاڻِي ڪڍبو ته اهو ايڏو ٿڌو هوندو ڄڻ ريفريجريٽر مان نڪتل آهي. ائين ئي ”کليءَ“ واري لسي به يخ ٿڌي هوندي آهي.
    گرميءَ ۾ مال چاريندي ٿڌو پاڻي ۽ ٿڌي لسي ڌراڙن ۽ مسافرن لاءِ هڪ نعمت هوندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو جبل وارن جو مال سان ايڏو قرب ۽ چاهه هوندو آهي جيڏو پنهنجي اولاد سان هجي، گهرڀاتين سان هجي. مال جي حوالي سان جبل وارن ۾ اها چوڻي معروف آهي، ”سون رتيءَ کان، رت رتي ڀلي.“ پاڻ ڀلي ڏکيا بکيا هجن مال جو ڪک پاڻي چُڪو (ختم ٿيو) ته سندن وَچ چڪي پوندا/ واهون کٽي ويندن. مال جو انهرو منهن ڏٺائون ته ڳچ ڳري پوندن، ڳولي ڦولي، وڙولون ڪري مال جوگاهه پاڻي وڃي لهندا. پوءِ مال ڪاهي، ”وانڍا“ ٿي وڃي اتي رهندا.
    ڏاڏي اَڇَرَ ڪراچيءَ ۾ اسان سان گڏ ويٺل هوندي به جبل سان جَڙيل هوندي هئي. اسين ڀلي پيا ساڻس ڳالهايون ۽ مارڪا ڪريون پر جواب ندارد هوءَ اسان وٽ هجي ته اسان جون ڳالهيون ۽ مارڪا ٻڌي. سندس تانگ ته جبل سان لڳي پئي هوندي. هَري هَري (آهستي آهستي) پئي ڀڻڪندي ۽ بُٽڪندي، ”الاجي مالُ پَهِرايائُون (چرڻ لاءِ جهنگ ۾ وٺي وڃڻ)، واريائون (موٽايائون) ڪِين نه الاجي تور (ٻڪرين ۽ رڍن جا ننڍا ٻچا) تَندُ (نندڙي رسي) ۾ اڙايائون ڪين نه! پَڙايُون (ٻچن -تور جي ڪنڌن ۾ وجهڻ واريون گول ڦاسي نما رَسيون) ڇڄي ويون هيون، جوڙيائون ڪِين نه، الاجي تور اَجهو (ويٺو) ڪي ٽَهِي (ڌار ڌار ٿي ڀڄي) ويو. اَيون (ٻڪريون) ۽ پَهُون (رڍون) الاجي ڪيئن ڇُون (ٿيون) هونديون؟ واڙ کي کڙهه ڏنائون ڪي نَهَارَنِ (بگهڙ/درندن) حوالي ڪيائون، اَوَٺُون (جوان ٻڪريون) الاجي جهليائون ڪي بُرَ (ڇڙوڇڙ) ڇِي (ٿي) وييون.ڇَيڪَ (آزاد) ڍُڪيون (پيٽ سان) اُرُکُلَ (سڱن سان ڌڪ هڻن) هڻي هڪ ٻئي جا پيٽ ڦاڙي وجهنديون. اواڳيا ڇيڪ ڇوڪرا ٽَاڏوڙَنِ (هل مستيون، ڊوڙون) ۾ پورا هوندا. ڌڻ (رڍون جو ميڙ) ۽ ڪَيراڳُ (ٻڪرين جو ميڙ) به ڌڻيءَ سان، هيڪلو مَڙِهو (پوڙهو بيمار) پُرُههُ (مرد سندس گهر وارو) پڄي ڪونه سگهندو. شڪر جو آئون ٽَرڏ (ڳئن جو ميڙ) ۽ وڳ (اٺن جو ميڙ) ٻين حوالي ڪري آيس. هيڪلو مڙهو ته ٽڪرڀور (ماني/کاڌو) ۾ به ڏکيو ڇَو (ٿيو) هوندو. ڪِرِيانِي (تئي ۽ سِرَ کان سوءِ ٽانڊن تي پڪل ماني) جو رهيگ (عادي) آهي. مُورِ (عام) ماني ڪونه کائي سگهيو هوندو.“
    پوءِ ڄڻ ته ڊيهو کائي (ڇرڪ ڀري) سجاڳ ٿي چوندي، ”هاڻ موڪل ڏيوم ته وڃي ڪکن ڀيڙي ٿيان، وڃي پنهنجي پکي ۾ پوان.“ اهو ئي اَوسَو (فڪر) اهوئي اُڍُڪو (ڳڻتي) هوندو هيس. ڪراچيءَ ۾ مائٽ ست رڇيون (ست کاڌا،ست ٿانوَ) اڳيتا (اڳيان) رکنس ته جبل ساريو پئي اَنجهڙي (لڙڪن سان) روئندي. شهر ۾ اچي کاڌي پيتي ڏانهن ٻَنڌُ اچي ويندو هئس. ڄڻ ٻُنجو هجيس. چئبوس ته ، نه ٿي کائين ڇو؟ ته بيوسيءَ مان چوندي، ”اسين کُلن پَٽن جا رهيگ (عادي) هتي بند جاين ۾ ٻوساٽجو مرون ٿا. اسان جو نج کاڌو پيتو، ٿورو ڪي گهڻو، پاڻ هٿن سان پيهي پچائي کائون، شهر جا ته اَٽا اَنَ به الائي ڪهڙا آهن. اسان جا ته پيٽ ئي بند ٿي اُڦُرُڪي آڀامي ٿا پون.“ ڏهه پندرهن ڏينهن ملهه وڙهي رهائبو هئس ته لڙڪ لاڙي چوندي، ”گهر ۽ مال به گهوريو (ٺهيو) آئون ته هڏ (اصل) جبل لاءِ زَهِيرِجي (اڪنڊجي) پئي آهيان.“
    ڏاڏي اَڇَرَ ته گذاري وئي، پنهنجي ئي ٿڌي ڇِتَرَ (تڏي) تي پنهنجن ئي پُٽن ۽ ڌيئن جي هٿن ۾. نڪا وڏي بيماري ۽ تڪليف ڏٺائين نڪا سڪرات ڪڍيائين. ماٺ مٺيءَ ۾ جبل ڄائي وڃي جبل پيٺي.
    اها ئي ڪار اها ئي سار اڄ به جبل جي هر ماڻهوءَ کي جبل سان آهي. هڏ ماڳهين ڪجهه به نه ٿو مِلينِ ته شهر ڏي مهاڙ ڪن ٿا، نه ته سَوَ سور سهي به سنهرا ويٺا آهن. ڀلي ست نيرانيون (بکون) هجن حرام ڪو ڏک بک جي ٻُڙُڪَ به ٻاهر ڪڍن! لکاءُ ئي ڪونه ڏيندا ته ساڻن ڪهڙي ماجرا آهي.
    ڪارو سکڻو دَڪَڙُ (اڌ مٺو اڌ ٻاڙو) لُڙو (مٽيءَ هاڻو) پاڻي پي منهن تان هٿ ڦيري گندي (اجرڪ کي جبل ۾ گندي به چون) مٿان ڪري ليٽي پوندا الله جي آسري ۾، ”سڀاجو سج سَرهائي (خوشي) آڻيندو، جي نه آندائين ته به مٿس ميار ڪانهي، سک به ته ڏنائين آهي. هي جو جيئرا ساهه کڻي پيا هلون چلون اهي به ته سندس ئي ٿورا آهن.“ اوپروڪو ڏسي ته طاق لڳي وڃن. (حال نه ڏٺو ڀلو).
    جبل جي ماڻهن جو گذر سفر ڏکيو ۽ آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي.... جي مصداق هوندي به سڪون مان چڪار آهي، جيڪا ڳالهه سندن ظاهري حالت ڏسڻ کان پوءِ سمجهه سان ٻاهر آهي، بي سبب آهي. لاشڪ ته اهو ئي سبب هوندو جيئن پيار، محبت، عشق وارو جذبو بي لوث ۽ بي عرض هوندو آهي، تيئن ئي جبل وارن جو ڏک ۽ بک ۾ به پر سڪون رهڻ، سندن جبل سان بي لوث ۽ بي غرض عشق واري جذبي جي موجودگي آهي.
    وَسَ بنا جبل ڪارو ڪورو پوٺَو. ڪَکُ پَنُ به رَوهه (اُسَ) تي ڪڙهي کامي ڪارو ڪلور ٿيو وڃي. پوءِ به ماڻهن جا جبل ۾ سوين آسرا سوين اميدون آهن.
    هڪ جهڙا سکڻا ڏينهن کيرپاڻي، ڦَشَ ڦُوهَرَ تي گذارين پرپَڍَ ڪونه ڇڏين. ڪٿان اچي ڪو جي سندن گهڻگهرو ڏک ڪري وڌي اچي پنهنجائپ مان کين چوندو، ”ٻارٻچو بک نه ماريو، هلي ڪو شهر ۾ هٿ پير هڻو.“ ته هڏ ماڳهين ڪاوڙ جي پوندا، ”اسين چندا (ڄڻ) ڪو بک جون دانهون کڻي وٽن ويا آهيون جو متيون ٿا ڏين. ڪهڙو اسان جا ٻار رَوسي (روئڻ) ڪري وٽن ٽڪر (ماني) لاءِ ويا آهن جو اباڻن پڍن تان اٿڻ جون صلاحون ٿا ڏين! اڄ اَڀَرا سڀان سَڀَرا ٿينداسين. اڃا الله مان آسرو ڪونه پليو آهي. جيڏو الله تيڏو آسرو، شهر ۾ ماڻهو هڪ ٻئي کي ڪُتان گَهان (ڪتن وانگي) وات ٿا وجهن. ايڏي دنيا جو لٺ هنئين پَٽَ تي نه پوي . اسان لاءِ شهر ۾ ڪهڙا جريدا (تيار) دستر خانا وڇايل آهن. ڇيلا (ڇا لاءِ) وڃي شهر ۾ جَهپا (ڌڪا) جهليون، ٻار روليون، پَران (پراون) جا منهن جَوهيون (چتايون) پاڻيءَ مٿان ڦَش ڇون (هلڪا ٿيون).

    ڏُونگا آڇ مَ تِنِ کي، ڪاسا جِنين نه ڪَمُ
    پِنندي پَرڏيهه ۾، تِنِ سَوڍِين ٿئي شُرمُ
    اُٿن گهڻي اَدَبَ سِين، ڳالهائين نَرمُ
    قادر ڪَرِ ڪَرَمُ، ته اُنِ جي وَطن ۾ وَسَ ٿيئي.
    (شاهه رح)

    اهوئي سندن خواب آهي. اها ئي سندن خواهش آهي ته سندن وطن ۾ وَسَ ٿئي. باقي ٻيو ڇا کپي انهن صابرن، شاڪرن ۽ ٿور گُهر جائن کي.
    خدا ڪارڻي ڳالهه به اها ئي آهي ته جبل ۾ هو پٿري، مُٽڪي جا پاڻ ڌڻي آهن. جِتِ وڻين اُتِ گُسَ (زمين کوٽڻ لاءِ خاص بنايل ٿلهو ڪِلي نما لوهي اوزار) کڻي کڏون ڪُڻي (کوٽي) ڪاٺيون ٺوڪي پکا اڏي ويهي رهن. اها بي گوندري ريت جبل ۾ ڪانهي ته ڪو ڪنهن کي چوي، ”هِتان اٿي هُت ويهه.“ نه ئي ڪو ڪنهن کي اَڀَرو اکر چوي. ڇُڙُ ٻُڪُ (ڇينڀ) ۽ دَڙَ (ڪاُڙ مان ڳالهائڻ) رهيا پنهنجي ماڳ، جي رڳو ڪنهن جو انهرو (ناخوش) منهن ڏسندا يا رکو ڳالهاءُ ۽ نراڙ ۾ سِٺِ (گهنج) ڏٺائون ته او.... ست ڪوهه ڏور وڃي رهندا. اندر جو سور اندر ۾ ئي سانڍي ڇڏيندا. پرائي دنيا کي دانهون ڏئي پڌر ڪونه پوندا. ڏمر ۾ به پنهنجن جي خبر کان بيخبر نه رهندا، آئي وئي کان پيا خير خبر وٺندا، پنهنجن سان دليون ائين جڙيل ۽ ڳنڍيل اٿن جو شل نه ڪنهن جي مٿي جي سور يا ٻَري (تپ/ بخار) جو ٻڌن. اُڇَرِي (بيساخته) اچي مٿان پوندا، ڪيڏي ڏمر، ڪيڏي ڏک، اگهي (بيمار) جي مٿان پيرن ڀَرَ بيهي سج اڀاريندا. لاڙهي (مريض جو کاڌو) پاڻيءَ لاءِ پيا پِڙِيُون (ڊوڙون) ڪري پڇائون ڪندا. وري تهڙي جا تهڙا ڏِسُ ته هڪ ٻئي جي منهن جا چَئوڻا (لاڏ، قرب) پيا وٺندا، هٿن جو ڇانئون پيا هَڪَ ٻئي تي ڪندا. گهوريا پاڻي پيا ٿيندا.
    جيڪو وٽن هوندو ورڇي ورهائي کائيندا. بکيا به گڏ هوندا ته ڍئيل (ڍاول) به گڏ هوندا. تِرَ مان تيرهن پتيون ڪندا جُوڦَ (ڪنجوسي) ڪري پاڻ لاءِ رکي ڪنو ڪري ڪونه لاڙيندا (اڇلائيندا) سک ۾ ساڻ، ڏک ۾ ڏور رهڻ واري رسم جبل ۾ ڪانهي. اتي اهيئي چوڻيون آهن ته، ”جن سان مِٺاپيئجن، تِنِ سان ڪَڙا به پيئجن.“ دنيا ته ائين آهي جو، ”بکئي کي ڏئي ڪونه، سکي کي سهي ڪونه.“ اهي سڀ ڪُريتون جبل کان ٻاهر جون ريتون آهن. هي ته اها ئي ڪن جيڪا سڀن کي سينڀائي (ڀانءِ پوي). هَٿُ ڇڏي اِرِڪِ (ٺونٺ) چٽڻ کي عيب سمجهن، پنهنجا ته پنهنجا پر ڌارين سان به ڪنهن ڳالهه ۾ ڪونه گُسائين. ڏئي نه سگهندا ته ڏکوئيندا به ڪونه. ٻيو جي پُڄي نه سگهندا ته گَٺِيُون (هلاکيون، محنتون ڪري) گَهي وَهندا (ڪم ڪندا) ۽ شاديءَ مراديءَ ۾ ڪم ڪار ڪري بوجا (بار) لاهيندا. ”ڀري اٺ تان وڃڻي لهي ته به سٺو.“ ڪوجي سندن لاءِ هُٻَ (حب) مان ٻه وکون وجهي اڳيان ايندو ته هي پاٻوهه مان پنج وکون کڻي اڳت (اڳتي) وڌندا.
    منهن جي مائٽي وَٽَانِ (انهن کان) ڪانه پڄي. نه ئي ڪنهن جي اڳيان پٺيان خوشامندون ڪندا ڦِتِ ڦِتِ ڪندا ڦرندا. ڳالهه نه وڻندن ته تيڏيءَ مهل منهن تي ٻولائي (منهن مقابل) چوندا، ”سيڌي ڳالهه سوٽي جي ....“ پرپٺ گلا ته گهوريو اڃا اُتَر ورندي ڏئي اٿندا. جي ڪنهن سندن ويريءَ تي به بَوڇ (بهتان) وڌو ته کيس اَڇو (سچو) ڪري ايندا. ڀلي ڏهه ڏک هجن پر اڱڻ. آئي کي وات جي گلا به ڪونه ڏين. ابتو هٿ ڏئي منهن انهرو ڪرڻ کي پنهنجي اڱڻ ۽ گهر جي بي عزتي سمجهن. گهر آئي ويريءَ سان به سنهرا ٿي ملن، حرام ڪنهن وير وَڍ جو لکاءُ ڏين. کينڪاري، اَوڍَ مان خاشو هنڌ وهاڻو ڪڍي، وڇائي ويهاري خبرون چارون وٺي کارائي پياري ڀاڪر پائي موڪلائي گَسَ تائين گڏجي وڃي رواڻي ايندا. تڏي تي آيل سان نڪو وير نڪو وَڍُ، پلاند پراڻا ناهن ٿيندا، ميارون مورچا ٻڌي ٿيون بيهن ۽ وَيرَ پيا وقت سان هلندا، نبيرجندا.
    جبل جي اها ئي مانائتي ريت آهي، ”ڏي عزت، وَٺُ عزت“. ٻيو سڀ سهي ويندا پر هلڪو حَرَفُ (لئزيا ڏوهه) اصل نه سهن. بيعزتي وارو اَڻَ لَکو اکر به اندر ۾ وَڍَ وجهي ڦَٽُ بنجندو اٿن. بي گوندرائي (بيغيرتي) جو پِزَو (ڄمڻ وقت ڏنل پهرين خوراڪ) ستيءَ ۾ ئي ڪونه سَنڀرن؟ سهن به ڇو؟ هو ته پرائي پاڻيءَ کي به اوڏا ڪونه وڃن ڀلي نوان نيرانا ويٺا هجن. ڀَرَ ۾ ڀلي ديڳيون دَمِيُون (دم تي) هجن، ڪُوڪُ ڀيري (ڪنڌ ورائي) ڏسندا به ڪونه ته اِنڊَ (پاسي) ۾ ڪي چَرُون آهن.
    ڪَوٺَ ڏئي عزت سان گهرائيندن ته وڃي ڏئي وٺي، کائي پي ايندا نه ته بي دعوتيا ڪنهنجو گراهه به حرام کائين. غريب هوندو ڀلي ڏهن ويلن جو لنگهڻ (بک) هجيس. ڪو کاڄ جا ٿال ڀري آڻي گهر ۾ ڏي، دعوت نه هوندي ته موٽائي منهن ۾ هڻندا. اڳيون ڏوهه مڃي زور ڪري کاڄ ڏي ته وٽانس ٿال وٺي سندس ئي اڳيان کاڄ اڇلائي هاري ٿانوَ اُڳاڙي (خالي ڪري) ڏيندو. جهڙي تهڙي نموني ۾ کاڌي تي پاڻ کي لاڙين (اڇلائين) ڪونه. نه ئي چڙهين ديڳين دعوت قبولين ديڳيون چاڙهي پوءِ جي ڪو دعوت ڏي ته چون، ”اسين ڪي لورا لنگها آهيون جو چڙهيءَ ديڳ تي وڃي چانپ (ناچ) ڪڏون؟“
    باقي جي ڪو عزتون ڏئي شاديءَ کان اڳ کين گهرائي ساڻس صلاحون ڪري کُڻُ (تاريخ) ٻڌي سڄي ڪاڄ جو هَشَنگُ (ذميداري) هٿ ۾ ڏي ته مڙس اهڙا مهلاتا (مهل تي منهن ڏيڻ وارا) جو سڀ مٿي تي کڻي ڌڻيءَ کي ڪِمامُ (کاڌو ۽ انتظام)، سُرهو ڪري جڳ ۾ واهه واهه ڪرائي ڏيندا. وَارَا (ڦيرا/ چڪر/ وَرَ) ڪري کاڄ مان پنهنجا گهر ڀري ڌڻيءَ جو ڪاڄ ڪنو ڪونه ڪندا. اڃا به جي ڪَسَ ڪَسَرَ (گهٽتائي) اکين سان رهيل ۽ کٽل ڏسندا ته وڌي ڌڻيءَ کي دانهن ڏئي دُرُتُلُ (پريشان) ڪونه ڪندا. ماٺ مٺوڙيءَ ۾ (چپ چاپ) پنهنجو به مَنڊي (ملائي/ ڳنڍي) پورت ڪري مٿي ڪري ڇڏيندا. پيرن ڀر بيهي، ديڳين تان وَرَ ڏئي ساري سنڀاري راڄ کارائي اٿندا. تيسين پاڻ وات تي ڦُلُوشُ (ذرو) به نه رکندا، واري ورائي پيا کوٽ ٽوٽ ڏي ڏسندا. پڇاڙيءَ ۾ هٿ ڇنڊي اٿندا ته ڌڻي به کين ڏهه ڏهه عزتون ڏئي وڏي مانَ ۽ پاٻوهه مان اَوچون اَوڇون (سٺا ڪپڙا) اوڍائي شالون، اجرڪون ڪلهن تي وجهي. کاڄ واتو ڪري (کارائي) موڙيون ڀري ٻڌي ڏئي رواڻيندا (اماڻيندا). پوءِ جي ڳاٽ کڻي، ٻانهن هڻي (لوڏي) هلن ٿا ته ٺهن ٿا، اهڙو اڀرو ڪم ئي ڪونه ڪن جو کين پٺيرا ڀونڊا ملن. پَرَ پُٺِ جي گلا ۽ پٺيان واري ڦِٺِ لعنت کان موت کان به مٿي ڊڄن.
    ٿوري ۾ خوش. نه هَئهِ نه کَئهِ. نه وَٺِ نه کُوندَ نه هُڻُ دُنبُڻُ، نڪو ٺَٽُ ٺنگر، نڪاٽٽ ٻَٽاڪ، نڪا جَتِ پَتِ، نڪا اُتُڦُتَائي، گيرب گذاري ويندا. پر سُڃائي ڪين سليندا. وٽن امُونگَڙَو (بيحد گهڻو) نه هوندو پر ڏيک اهڙو ڏيندا جو سندس اڳيا هوند هستيءَ (پيسي وارو) وارو به هِينمائي (جرئت ڪري) نه سگهندو. ڀلي ڪو پاسَنگ (شاهوڪار) گهر جو ٽِشِينگُ (ٻٽاڪي) مڙس هجي، اک جي پَوڇِڻ سان مَيڇَ ڏئي بيگر لاءِ سڏي ڏسي! ساڳي ئي اک جي پَڇَنڊ واري ورنديءَ سان مٽيءَ ۾ ملائي اٿي ويندا. گِيتَگِيُون گَهَڻَ (ليٿڙيون پائڻ) جارهيگ ئي ڪونهن. تَنهنُبولَ (موڊ/ مزاج) نه ٿين ته ڪک ڀڃي ٻه به نه ڪن. ڪرڻ تي اچن ته جيل به کڻيو وڃن. سَپَنِ جُون سِيندون ڪَڍڻ (عقل ڪل) جي دعويٰ ئي ڪونه ڪَن پر آهن سڀ ۾ سَراز (ماهر).
    ماٺيڻا اهڙا جو وٽن ويهه ته ڪَنَ پيا شُونشَڙَاٽ ڪندا، گهڻي هُلَ ۽ اجائي بَڪَ سان ڪانه پوين. ڳالهائين ته اکر توري تڪي ڳالهائين. ميڙي سيڙي، ايڙ ميڙ جا اکر گڏي سڏي اِڍون (ڍڳ) ڪونه ڪن، باقي ڪچهريءَ جا ڪوڏيا. اوجاڳي جا پڪا، وِهَڪَ جا ڏاڍا (مضبوط). ڪانڀون ڪڍي وهن ته سج اُڀاري ڇڏين. البته اَرندي (بنا واٽ جي فضول) وات سان ڪانه پوين نڪو ماين وانگي چِرِ چِرِ ۽ چاهوڙاڪن. ماين جي وچ ۾ به ڪونه پون مايون پاڻ ۾ وڙهنديون، ڳالهائينديون. هنن کي ڪِشِڪَاءُ (پرواهه) ئي ڪونه هوندو پر جي گهڻي دير تائين ماٺ نه ڪيائون ته کَرڙاپُ (ڪاوڙجي) ڪري اٿندا ته مَنجهان (انهن مان) هٿ ٺاري وهندا.
    جبل وارن جو اهو حيرت جهڙو مزاج آهي ته ڪوبه بنا سبب جي پاڻ کي نمايان ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندو آهي. اڃا چاهيندو آهي ته پس منظر ۾ هجان. جڏهن ته جبل کان ٻاهر گهڻن هنڌن/ علائقن جا ماڻهو ارادتن پاڻ کي نمايان ۽ پيش پيش ڪرڻ چاهيندا آهن. بلڪه ڪوشش ڪندا آهن ته کين وڌيڪ اهميت ڏني وڃي. يعني اهي پنهنجي حيثيت کان وڌيڪ حيثيت چاهيندا آهن جنهن جا لائق به نه هوندا. نتيجي ۾ پنهنجي حيثيت کان به ڪري پاڻ کي کلڻ هاب ڪندا آهن.
    جبل جو ماڻهو مٿين ڳالهين جي برعڪس پنهنجي اَپچاري (بنا موضوع) ذات کي پَچاري (موضوع بنائي) شِينشَلوَ (ڀوڳ جو نشانو) نه ڪرائيندا آهن. جيترو به ٿي سگهندو آهي ٻُهڙَنِ (بيلحاظ، وات خورن) جي ٻَوٿَ ڪونه لڳن. ڳالهه سان واسطو نه هوندن ته اَپُڇيا ٿي پُٺي ڏئي ٻئي ڪنهن غير واسطيدار سان مارڪو ڪندا. پر جي ڳالهه سان ٿورو به واسطو ۽ تعلق هوندن ته هَرَ (هرڻ) وانگي ڪَن کڙا ڪري، ڇَهَئي حِسون سجاڳ ڪري ڇَپَ کوڙي وچ تي ويهي رهندا. اکر اکر تي ڌيان ڏيندا، ميار هوندي ته اکين سان مڃيندا ۽ ڀري ڏيندا. ميار نه نڪتي ته مياري ڪندڙ کي ڇڪي رکندا. ۽ پنهنجي ميار ۽ وَاوارُ (حساب، وهنوار) مُئي مارائي کان سواءِ نه ڇڏيندا.
    سخت جان اهڙا جو لنگهڻ (بک) ۾ وَقت گذري وڃي، سڪي ٻَڙُههُ (ڪاٺي) ٿي ويندا پر زبان مان لفظ به نه ٻوليندا. مينهن واءَ جا سا ٽوڪ، اُس لُڪَ جا پَڪا، جاڳڻ جا استاد، ۽ ڏک ڏاڍ جا ساهو. سندن حال ڏسي حيرت ٿيندي آهي ته ڪيئن ٿا جالين؟ پر هو ته اهڙن حالتن ۾ به سڀ ۾ پورا سڀ ۾ شامل آهن. مرڻي پرڻي، ڏيڻ وٺڻ، فاتحه ڦوڙي، پوئو بجار، ڏَنُ پوت، خير خيرات سڀ ۾ نشانبر. نڪ تي مَرُ (پاڻ تي گلا يا ميار) ڪونه سهن. مٿي تي آيل هَڙَ (سڀ) ڀَرِتي (ڏنڊ وغيره) ڀري ڏيندا. ڪو جي ساڻن ڏک ۾ ڀاڱي ڀائيوار ۽ حال ڀائي ٿيو ته پاڻ به ڏَيجِگيرَ (ڏيڻ وارا) اهڙا ٿي بيهندا جو مال وڪڻي تڪڻي به سندن لڙ لاهي ويهندا.
    ڪيئن ٿا اهڙي سَڃَ ۾ پورت ڪن. اهو به رب جو هڪ راز ۽ ڳجهه آهي. پاڻ ٿو هلائين پاڻ ٿو جيارين. اسين شهري ماڻهو اهڙي اڻ هوند ۽ اوکاين ۾ نه ته ڇَههُ ٿي (ٿڪجي) ڪِري پئون ۽ ڇِرِجي (ڇتاٿي) هڪ ٻئي ۾ وات وجهون ۽ گهٽرو (نڙي) ڦاڙي ڀاروڙا (رڙيون ۽ روئڻ) ڪري جڳ کي اڻهوند چِتايُون (چتاءُ/ موت جو اطلاع). ڪَڪَڙاٽَ (دانهون) ڪري ملڪ ڪِنو ڪريون. الله به سڃاڻي سڱ ٿوڏي، اسين ٿوري تڪليف ۾ به ويهي جيئرن لاءِ پار ٿا ڪڍون ۽ وتائي فقير جيان رڙيون ڪري الله کي به آزمائش ۾ وجهيو ٿا ڇڏيون. جيئن هڪ ڀيري وتائي فقير کي پير ۾ ڪنڊو لڳو ته وٺي جو دانهون ڪيائين ته راڄ اچي گڏ ٿيا. سڀني پڇيو، ”ڇا ٿيو وتايا، ڇو ٿو رڙيون ڪرين؟“ وتائي فقير پنهنجو پير مٿي ڪري پير ۾ لڳل ڪنڊو ڏيکاريو، ننڍڙو ڪنڊو ڏسي ماڻهن چيس، ”واهه ڙي وتايا واهه، هيڏ ڙي ڪنڊي تي ايڏيون دانهون ڪري ملڪ مُچَ (گڏ) ڪيا اٿئي؟“ وتائي فقير معصوميت مان چيو، ” ابا، آئون ايوب عليه صابر ڪونه آهيان جو سهندس. اڄ ڪنڊو هنيائين آهي. اهو سهندس ته سڀاڻي ڀالو هڻندو!!“
    جبل جا ماڻهو به واقعي ايوب عليه صابر (حضرت ايوب عليه) آهن اهڙا اهڙا ڌڪ ۽ ڦٽ ٿا سهن جو اڳين جون ٻِڪُون ڦري، متيون منجهي پون. ڦٽن مان رَوڳَ ۽ رَيشَ (ڦٽن جو گند) پيا ڳڙندا. اٿي ٻير جا پَن ڪُٽي رکيائون ته رکيائون نه ته جبلن ۾ هلندي، ڦرندي، لهندي، چڙهندي پاڻ ئي سندن ڦٽ ڀرجي، ڦاٽي، ڪڙيون ڏئي سڪي وڃن.
    هر ڳالهه، هر فن جا سَرازَ (ماهر) پاڻ کائڪ (پنهنجو ڪمائي ۽ محنت کائڻ وارا). پرائي ڌن ۽ ڌڻ ڏي اک جي پوڇڻ به نه ڀيرين. (ورائين) ڌاڙو ۽ چوئري ته گهوري (ٺهيو) پَرائي دَرَ ڏانهن اک به ڪونه کڻن. ڀونگن/ جهوپن کي ڪهڙا در ڪهڙا تاڪ، ڪهڙا ڪڙا، ڪهڙيون تاڪيون ۽ تاڙيون. ڦاٽَڪ کُلا پيا هوندا، حرام ڪو بنا آئِڪَرَ (ڀليڪار) جي ڪو ڪنهن جي گهر ۾ گهڙي يا بڇڙائيءَ جي نيت سان ڪو آڌيءَ جو اٿي. نيت نيڪ ته منزل آسان. ڪو جي مَنجهَنِ (انهن ۾) ڏامَيچ (بچڙو) هوندو ته ان کي نظرن تان ڪيرائي ٻاهرين پٿرين (برادري ۽ رت ڀت) کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندا. هَٿَ رکي اُرُتُڪُ گُرُتُڪُ (جيئن تيئن) ڪري وچ ۾ هَڻي ڪونه اگهائيندا. (قبول ڪرائيندا) جي ڪو اَسِتَو مَستَو (زور زبردستي) ڪري پنهنجي اونڌي سُونڌي ڳالهه مڃائڻ چاهيندو ته اهو ٿڪيارو ٿي نڪري ويندو. نڪو پرائو تڏو تڪين نڪا پنهنجي نُکَ (نسل) لڄائين. ننڍِ وَڏائيءَ جو لحاظ. نياڻي سياڻي جي ساڃهه، نياڻيءَ کي ته ست قرآن سمجهن. ڀلي ڏهه خون هجن نياڻي ميڙ سندن در تي آئي ته سڀ معاف ڪري کين پوتيون اجرڪون اوڍائي عزتون ڏئي، مٿي تي هٿ رکي رواڻيندا (اماڻيندا).
    ’ڪارو ڪاريءَ‘ جي ريت جبل ۾ ڪانهي. اڄ تائين ڪابه عورت ’ڪاري‘ ڪري ماري نه وئي آهي. جبل ۾ عورت جو وڏو احترام ۽ عزت آهي ۽ عورت به انهن ڀروسن جو ڀرم رکڻ ڄاڻي ٿي ۽ رکي ٿي.
    اوڏي ماضيءَ ۾ انگريزي صحافت سان لاڳاپيل خيرپور جي اڳوڻي ناظمه ۽ هاڻي قومي اسيمبلي جي ميمبر محترم نفيسه شاهه کي ڪنهن انگريزي رسالي لاءِ، ’ڪارو ڪاريءِ‘ جي موضوع تي ڪا رپورٽ يا آرٽيڪل لکڻو هو. (جيڪو پوءِ سندس پي.ايڇ.ڊي ٿيسز جو موضوع پڻ رهيو). انهيءَ سلسلي ۾ هوءَ مون سان ملڻ اسان جي گهر آئي هئي ۽ ڪوهستان ۾ ٿيندڙ ’ڪارين‘ بابت مونکان پڇيائين. مون کيس اهو ئي جواب ڏنو هو، ”جبل ۾ اڄ تائين ڪنهن به عورت کي ڪاري ڪري ماريو نه ويو آهي.“ اهو ٻڌي هوءَ حيران ٿي وئي هئي. سچ به اهي حيران ڪندڙ وصفون جبل سان واڳيل ۽ لاڳاپيل آهن/ هيون!! ڇو جو ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته ’ڪارو ڪاري‘ واري موضوع کي ميڊيا پاران گهڻي اهميت ملڻ جي ڪري، (over coverage) هاڻي جبل جو ماڻهو (مرد) به انهن ڪڌين ڪاررواين کي مڙسي سمجهڻ لڳو آهي ۽ ريس ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪري پيو. شال ڌڻي کين انهن ڏوهن ۽ قتلن کان پناهه ۾ رکي (آمين).
    آئون ڄاڻا ٿي ته عورت جي عزت ۽ احترام ڪرڻ ماڻهپي جي عظمت ۾ ڳڻبي ڇو جو عورت ’ماڻهو‘ آهي.
    جبل وارن جا عجيب فيصلا، حڪمتون ۽ عدالتون آهن ڇا مجال جو ڪنهن کي حق پلئه نه پوي. بيمار جو ڊڀ نه ٿيئي، ڏوهيءَ کي سزا نه ملي. سندن سزا جا نمونا ئي نرالا آهن. رڳو جوڻيت (چغلخور) جي اڏيل جوڻي ڇا اهميت رکي ٿي! وٽن ڪو چغل چاڙي ثابت ٿيو ته ان جي ياد داشت، سزا جي سزا، ننڍن لاءِ آئندي جو سبق. وهندڙ (مصروف) واٽ تي پٿرن جو ڍير رکي ان ۾ سُڪي ڪاٺي ٽُنبيو ڇڏين، جنهن ۾ اتان لنگهيندڙ هرڪو ماڻهو ڪاٺي ٽنبي ٿڪ هڻيو هليو وڃي. اهڙي عبرت ناڪ سزا سبب ڪنهن کي جرئت ئي ڪانه ٿيئي جو لائي چائي ڪري ٻه گهر ٻاري . اهڙي طرح هرهڪ چڱي مَٺي ڳالهه جي ياد داشت لاءِ وٽن نرالا نمونا آهن. شاديءَ جي ياد داشت لاءِ هو پڙهيل ڪين آهن نڪي وٽن داخلا دفتر ئي آهن. تنهنڪري ڪنهن واٽ جي ويجهو گول چڪر ۾ پٿر رکي وچ ۾ ٻه ٽي وڏيون روهيون ياڇِپون (پٿر) رکيو ڇڏين جي ڄڻ لنگها آهن. دهل پيا وڄائين. ٻاهران گولائيءَ ۾ رکيل پٿر ڄاڃي آهن جي ڏانڊيو پيا ڪڏن يا چانڀ (ناچ) پيا ڪن.
    وري جي ڪنهن مانجهي مڙس ڪَڙيو ڪڏندي (ويڙهه وڙهندي) جنگ ۽ جهيڙي ۾ شهادت جو جام پيتو هوندو ته ان جي يادگيري لاءِ بُٺي (ٽڪريءَ) تي مائي (يادگار) اڏيو ڇڏين. اهڙيءَ طرح ڳڻن ۽ اوڳڻن کي پشتن (نسلن) کان ڳائيندا اچن.
    جيئن سر رچرڊ فرانسز برٽن پنهنجي ڪتاب ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون“ (Sindh and the races that inhabit the valley of the Indus) ۾ انهيءَ شاعر جو ذڪر ڪيو آهي جنهن ۾ ديشن دروهين جي خلاف عام ماڻهن پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيل آهي، جنهن جو مختصر مثال به ڏئي ٿو جيڪو ”مهرو“ نالي هڪ مڱڻهار جو چيل آهي ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڀَٽَ شاعر ڳائيندا آهن. ان ۾ محمد خان ٺوڙهي ڪؤڙي ناريجي ۽ ٻين ديش دروهين خلاف شعر جو اظهار آهي.

    ڪل نه پئي مير کي قيد جي، ڏاڍو رب ستار
    لکيا خط فريب جا، سڙيل صوبيدار
    ڪنڌ ڀڳو ڪؤڙي جو، پئي منشيءَ تي مار
    کهنبڙيا وارو خراب ٿيو، جنهن کي لعنت جي لغار
    لک لعنت ٺوڙهي کي، جنهن لائي هنڀاريا باهه
    ٺوڙهو ڀڳو ٺاهه سي، سُڻ ’گانڊوءَ جا پار
    لک لعنت ٺوڙهي کي جنهن لائي داروءَ کي باهه
    ڪلڪتي کان ڪوٺايائين، اچي چاچا پڳ ٻڌاءِ،
    ڪنجون وٺو ڪوٽ جون، ويهي سنڌ هلاءِ
    ............... مهرو مگڻهار چوي،
    سگهو وجهي تو شير ۾ اوهان جي والي واڳ وراءِ.

    شاعر ميرنصير خان جي حماقت تي افسوس ٿو ڪري جو هن انگريزن تي ڀروسو ڪيو، ۽ مير صوبدار تي لعنت ٿو ڪري ڇو جو هن چارلس نيپيئر کي پڳ نسبت خط لکيو هو. هٿيار بند ڪوهستاني قومن کي فاتح سنڌ تي حملي ڪرڻ کان روڪيو هو. شعر جي باري ۾ رچرڊ برٽن چوي ٿو ته، هن شعر جي طرز ٿلهي ۽ سادي آهي. پر اها ڳالهه يورپي مطالعو ڪندڙن کي به قبول ڪرڻي پوندي ته، ان جا جذبا حب الوطني ۽ بلند خيالن کان خالي ناهن ۽ مهرو بيشڪ جَسُ جو حقدار آهي.“
    ائين ئي سڄي جبل ۾ هاڪاري ڪم/ قدم لاءِ جَسُ ۽ محبت ڀريا شعر ۽ مورا ڏبا آهن، ۽ ناڪاري ڪم/ قدم لاءِ نفرت ۽ ڌڪار طور پڻ شعر ۽ مورا هوندا آهن . اهڙي طرز ۽ طريقي جي ڪري ماڻهو غلط ڪم ڪرڻ کان ڊڄن ٿا ۽ سٺي ڪم ڪرڻ لاءِ اڳيان وڌي ٿا اچن.
    سندن اهڙن انوکن نمونن، فيصلن، سزا ۽ جزا جا نتيجا، ٿڏي تي ملڻ ڪري ماڻهن جا حوصلا وڌن ٿا. سچي ۽ حقدار جو حق ڪڏهن به نه ويندو ۽ ڪوڙي، ظالم ۽ بڇڙي لاءِ سزا ۽ ڌڪار به اَوس وٽن آهي.
    فيصلي مهل ساک ڏيڻ جي وٽن وڏي اهميت آهي. اول ته ساک ڏين ئي ڪونه، جي ڏين ته پنهنجي اوڏي/ ويجهي تي به ڪک ڪونه رکن (پردو ڪونه رکن). جيڪا ڳالهه هوندي اها پيرائتي جيئن جو تيئن امين/ جج جي اڳيان رکن. نڪو وَٽُ نڪو وَڪَڙُ، نڪو فَندُ نڪو ڦيرُ، ڀلي پوءِ ان جو نتيجو ڪيڏو به خراب نڪري. يا وير وَڍُ ۽ دشمني وڌي . هو بنا ڪنهن متڀيد جي ايچو پِيچو (ذرو ذرو) پڌرو ڪري پَٽَ تي رکندا، ۽ سچ وڏي وات (زور سان) هَڪَڙُ (کلو ۽ رکو) ڳالهائي ويندا. گِنجِ مِنجِ ڪونه ڪن، ڪوڙي جي وائيءَ ۾ وَرَ گهڻا، سچو اڇو، سنئون سيڌو، اکيون اکين ۾ وجهي منهن منهن تي ٻولائي چئي ويندا. اهڙا سَرِ جواب (حاضر جواب) جو اڳيتا (اڳيان) ڀلي ڪيڏو به ڏهيسر ڏيادار هجي چوڻو چئي ڏيندا. باقي جهڙي تهڙي ڪُساکئي (ڪوڙي ساک وارو) جي ساک ڏيڻ ته گهوريو. پر اهڙي کي ڪچهري ۾ ئي ڪونه وهارين. جي ڏوهي هوندو ته سندس ڪنهن وڏي ۽ ساکائتي (سچي ساک واري) ماڻهوءَ کي گهرائي وٽانس ساک وٺندا. اهو به پنهنجي سِرَ جي ساک ڏيندو.
    لٺ ڌُڪي جي ڳالهه هوندي ته اوڙي پاڙي لاءِ به دِلِيان وِچان اُٿي بيهندا. پر جي ساکَ پَتِ جي ڳالهه هوندي ته پَري ٿي بيهندا، ڀاءُ تي به هٿ ڪو نه رکن (پناهه ڪونه ڏين). اها ئي ڳالهه آهي ته، لٺ هڻجي ڀاءُ پاران، ڳالهه ڪجي خدا ڪارڻي.
    موت کان ڪونه ڊڄن خبر اٿن ته موت ايندو ۽ پنهنجي مهل تي ايندو. ائين ڪيڏي به هائيءَ (ظلم جي آخري حد) ۾ اڇري (بيساخته) وڃي پوندا. باقي ان ڳالهه کان ڊڄن ته، هرڪو پنهنجي قبر ۾ پوندو پاڻ جواب ڏيندو. دنيا چئن ڏينهان جو چٽڪو آهي. پوءِ اها ئي قبر جي اونداهي ۽ اڪيلائي، ڪلهن وارا همراهه (ملائڪ/ ڪرامن ڪاتبين) حرام ڪو ڪنهن کي ڌڻائين (بچاءُ ڪن). جيڪو پوکبو سولڻبو، جَوَ پوکي ڪڻڪ ڪانه لڻبي. رت ڀلي دانگيءَ تي تپي ڪارو ٿيئي. پر ڳالهه سچي ڪندا. ساک جا اهڙا سچا جو هڪ ڏني ته ٻئي کان نه پُڇ. پوءِ ڏوهيءَ جو بچڻ ڏکيو، جيڪو به ڏوهه گناهه ثابت ٿيو ان جي ميار ۽ ڏنڊ هَڏ گُڏ ڀڃي، گينداڙي به وٺن. ائين تڪڙي سزا ۽ جزا جي ملڻ ڪري ڏوهه به گهٽ ٿين.
    ساڌا سوڌا (سنوان) ٿوري تي خوش ٿيڻ وارا، وٽن نڪو جوڦ (لالچ) نڪا جُکي (هٻڇ). هوندو ته گڏ کائيندا. نه هوندو ته ميار ڪانهي. جهڙي به مهل/ وقت مِلين اکين تي رکي گذارين. ڇِنَ پَٽَ کَوهَه ڪونه ڪن نڪو پرائي ڪٿي ۾ هٿ وجهن. نڪو پنهنجو پَٽُ ڦاڙائين. ڳالهه کي ڳالهه سان مارين. چَوَڻو چون اَچوڻو ڪونه چون، جيڪا ڏند سان ڇڄي تنهن لاءِ ڪاتي ڪونه ڪڍن. وات جي وار کان ترار (تلوار) جي وار کي سٺو سمجهن. دشمن کي دسڻ جو ٻل ٻانهن ۾ آهي ته اَرندو (بنا واٽ جي) وات ڇو وڄائجي. سکڻي جهڳي (اجايو ڳالهائڻ) ڪونه هڻن. گارگند ۽ اگهاڙو وات هڻڻ جبل وارن وٽ ڪونهي گار ڏيڻ کي وڏو عيب سمجهن. بدزبان ۽ گاريال کي ڀاڙيو ۽ نامرد سمجهن. ڪنهن ٻار به گار ڏني ته اهڙي ڏوئي تپائي ڄِنڀ (ڄڀ) تي رکنس ته يا عمريءَ لاءِ گيسي ٿي وڃنيس. لائي چائي، ٻچاڦوڙي ۽ کونس ڦٽائي ڪري وچ ڪٽوراٿي ڪونه ويهن. گڏجي ويهندا ته پنهنجي ئي ڏک سک ۽ اُڌيءَ کُٽيءَ (کوٽ ٽوٽ) جي ڳالهه ۽ اوسو (فڪر) هوندن. موسَو (بهانو) ڪري هاسيڪار، ڳالهه ڳالهه تان پئي ڪنهن ويريءَ جي به هَري (گهٽتائي) ڪونه ڪن، نه ئي گُتَ گُسِٽِي (ٻي کي ٺونٺ يا هٿ) هڻي ڪنهن تان ڦِشِڪَڙِي (ڦشري) ڪن. مڙس ماڻهو، مڙساڻيون ڳالهيون ڪري اٿن.
    ڪوهستان، جيئن ته ننڍي ايراضي تي ٻڌل ناهي. ڪراچيءَ کان هلي ٿو ته لسٻيلو لتاڙي وڃي وَڍُ. خضدار ۽ ڪنراڇ مان نڪري ٿو. ٻئي پاسي دادوءَ وٽان نڪريو وڃي. پنج آڱريون به هڪ جهڙيون ۽ هڪ جيڏيون جيئن ته ناهن، تيئن ئي ڪوهستان جي ان وسيع ۽ عريض ايراضيءَ ۾ ڪي اهڙيون به برادريون، نُکُون ۽ وراڻيون (شاخون) آهن، جتي اهڙيون ڪيئي ڪُسَرِيون (اڻ وڻندڙ) ڳالهيون ۽ حرڪتون عام جام ٿينديون آهن جن کان مٿي نفي ۽ بڇان ڏيکاريل آهي.
    مثال، هلڪڙائي، گارگند، ٽرڙائي، فِتِ فِتان، جَتِ پَتِ، اَتَڪائي (ناسمجهيءَ واري تڪڙ)، ڦُتُڪُ ڏئي وچ ۾ پوڻ (هلڪائي مان ٽپ ڏئي وچ ۾ پوڻ) گُتَ ۽ گُسِٽي هڻڻ، ڦِشِڪَڙي ڪرڻ، اک جي پوڇڻ (ڪناري) ۽ ڀرونءَ جي ڀير (ڦيڙي) سان اُهُڃُون (سڃاڻپون اشارا) ڏيڻ، چَپُ اُبتائي ڪنڌ کي سَٽَ ڏئي اٿڻ (پاڻ کي ڪجهه سمجهڻ)، سِٺِ (نرڙ ۾ گهنج) وجهي ڳالهائڻ، ٿوري ڳالهه تي لَلَڪَو (ڪڙڪو)ڪري دَهَدُورُ (منهن مقابل) ٿيڻ ٻارٻچي جي ڳالهه تان هَٻڙاٽُ (وڏو آواز) ڪري وَاتارَڻ (ڳالهائڻ سان وڙهڻ)، سنئين سُبتي حُرف کي اُبتائي چِڙي
    بي لحاظي ڪري تَوارَ (لئز) ڪرڻ، ٻٽاڪ ۽ وڏائيءَ مان اک هڻي ٺٺول ڪرڻ، ننڍوڏائي جي ساڃهه، نڪا عمر ۽ رتبي جو خيال، نڪو گَهرَ جي گُذر فڪر جو اَوسو (فڪر) ۽ نڪوزال ٻار جو اونو. ٽوپي ڏِنگِ تي ماني راڄ تي. گهر ۾ ڀلي اَٽي جي ڇِرِڪَ ۽ اَنَ جي لَپَ به نه هجي. پاڻ کُري کائي جها ٻن جهوڙن وارو اَٺَاڳ (اڳٺ) لوڏي، رومال ڪلهي تي رکي کنگهڪر ڪري گانگهارو ’ٿُو‘ ڪري لاڙي، پانجو ڇنڊي، جتو ٺوڪي سُڃي گهر مان منهن مٿي ڪري ائين نڪرندا ڄڻ ڀرئي ڀُڪُلي گهر مان ڀڳيو چُڳيو کائي نڪتا آهن.
    چئبو آهي ته هوند تي هَوڏِ آهي اڻهوند لاءِ جهڙو اُڀريو تهڙو نه اُڀريو. پَرَڪِن پِتي کان وانجهيلن جي سُڃائي به سڻڀي آهي! ’سکڻي ڪُني گهڻو اُڦامي‘ وانگيان ايندي ويندي پيا وَات وِجهندا. آئي وئي کي پيا ڏاڙهيندا، ڪنهن واٽهڙو سان سندن ڪوليڙ لڳڙ لڳو ته اُڇنگ (ٽاهه) ڏئي ڦِنڊِڪ (شاهد آڱر) سان پُچَ (ڪپڙا) پيا ڇنڊيندا. ذريءَ ڳالهه تي به ٽڪو ڏئي وڙهي پوندا. جي ڪنهن سَنئون حُرف وات مان ڪڍيو ته ڀائيندا سندس ڄنڀ (ڄڀ) ڪاڪڙي مان ڇني ڪڍون. نه سونت نه ساڃاهه. نه ادب نه احترام. سڀني کي هڪ ئي لٺ سين هڪليو ڪاهيو وڃن. ڄڻ ٻيو هرڪو لئيءَ مان لٺ وڍي آيو آهي (اوپرو آهي). باقي پاڻ راڄ ڌڻي آهن. ٻُرُ ٻُرُ اهڙي ڄڻ ملڪ جا والي هجن لَهي لَوههَ لِک به نه نالو سَونَ ٻائي. پاڻ ٽَڪي جا بصر به نه لهن، ٻئي تي اَڳري اُلارون ڪن. دنيا واستي ٺونٺيون هڻي اڳتي ٿين.
    اها ٿي پنهنجي پَسِتُوري (اوقات) ڏيکارڻ، نه ته جن سڀاڳن وٽ هُوند (ڌن) ۽ هُنڊِيُون (ملڪتون) آهن. اهي به کمي ٿا کائين، هلندي زمين به ڪونه ڏکوئين. هي الله جا سنواريا سکڻي هَڙَ، بکئي پيٽ به ائين زمين تي دڙا هڻي هلندا ڄڻ ڌرتيءَ جا ڌڻي هجن. زالون ٻار اڃ بک مرن ته ڀلي سو ڀيرا مَرن، چڙهن اڱوٺي جي مٿي تان. پاڻ وري اُڃ بک جا اهڙا ڪچا ۽ ڪانئر جو جئان تئان (جتان ڪٿان) گُهري گَهتِي پنهنجي ڪُکِ ڀري، مُڇَ تان هٿ ڦيري، اوڳرائي ڏئي، پاڻ کي مَکي چَکي، جُتو چَيّڪائي لوڏو ڏئي ائين هلندا، ڄڻ چيلهه تي ناڻي جون واسَڻِيُون (چمڙي جو پاڪيٽ نما پٽو جنهن ۾ پيسا وجهي چلهه تي ٻڌبو آهي. واحد: واسڻي) ٻڌل اٿن. اجايو وات وڄائي، وڏيون ڳالهيون ڪري پيا پاڻ کي پڏائيندا. اَڀَري جي اوڏو به نه ويندا، سڀرن جا سلامي هوندا. گار به اهڙي وجاهتي ۽ اگهاڙي ڏيندا جو اندر ڪڙهي کامي ڪَلور ٿي وڃي. وٺي جو ڪَنان ڪڍي (زور سان) ٻَرِڪَرَ (رڙ) ڪري گار ڏيندا ته کلا پٽ پڙا ڏي جيان ٻُري ويندا. سامهون به اهڙي ئي سُپَڪَ ۽ ڪلاسيڪل گار ايندي. پوءِ جي امُهون سَمُهون زائفائون هونديون ته اوگهاٽي گهاٽي (گهڻي گهڻي) وِرِمَ (دير) تائين، هڪ ٻئي جا چگهه (يار) به آڱرين تي ڳڻي هٿ- تريءَ تي رکي ڏينديون. پر دل ۾ اصل ڪونه رکن. پنهنجا عيب به ڪونه لڪائين.
    ائين دنيا ۾ گهٽ هوندو ته مايون پنهنجن عيبن تي به پردو نه رکنديون هجن! مرد ته مرد پر مايون به بنا ڪنهن خوف ۽ ڊپ ڊاءَ جي ته ان جو نتيجو ڪهڙو نڪرندو، کلم کلو سڀني کي ٻڌائي وينديون. حرام ڪو مُهرو (منهن جو رنگ) مُڙين. چَندا (ڄڻ) پرائي ڳالهه ٿيون ڪن. مردن اڳيان نه باقي پاڻ ۾ زائفائون پنهنجي ته پنهنجي پر پنهنجي ماءُ ڀيڻ، ڏاڏي ناني جا عيب به ساري تريءَ تي رکن. عورتن جي اهڙي بهادري، سواءِ هڪ برادريءَ جي ٻي ڪنهن به برادري ۾ ڪانهي. اها اڪيلي ڪوهستان جي برادري آهي جنهن جون مايون نه رڳو پنهنجي ذات ڀاين سان پر ٻيءَ ذات جي عورتن اڳيان به پنهنجي عيبن کي ڦلورڻ ۾ عار (عيب) ڪونه ڀائين. ٻارن واري معصوميت سان پنهنجو ڳجهيون ڳالهيون به بنا ڪنهن خوف جي ٻڌائي ڇڏينديون. انهيءَ برادري جا ماڻهو خاص ڪري عورتون نهايت خوبصورت آهن. ۽ پنهنجي مرضيءَ واريون پڻ.
    انهن عورتن مان ڪن سان مون ڪچهريون به ڪيون جن گهڻيون ئي ڳالهيون، واقعا ۽ قصا ٻڌايا ۽ ڪراس بريڊ بابت به ڄاڻ ڏنائون، هڪ نهايت حسين عورت پنهنجي باري ۾ ٻڌايو، منهنجي شادي پنهنجي ئي سؤٽ سان ڪيائون، جيڪو ڪُشاهِيگُ (ڪوجهو) هو. آئون راضي نه هيس. مائٽن کي به چيم. پر انهن نه مڃيو. آئون پنهنجي ئي هڪ مائٽ لاءِ مرندي (ڀائيندي) هيس جيڪو شَاهِيگُ (سوهڻو) هو. منهنجي شادي زور زبردستيءَ سان ڪُٽي سَٽي ان ڪوجهي سان ڪيائون. پر آئون ساڻس ڪانه ٺهيس، روز رات جو ساڻس وڙهي،، لتون هڻي، چَڪَ وجهي پاڻ کان پوئتي ڪندي هيس . هو جڏهن ساڻو ٿي سمهي پوندو هو ته آئون پنهنجي مائِٽَ ڏانهن هلي ويندي هيس جيڪو پڻ مون لاءِ بيٺو هوندو هو. آئون صبح کان اڳ وري اچي سمهي پوندي هيس. ٻين کي خبر نه هئي پر منهنجي مڙس کي ته هئي تنهن پنهنجن ۽ منهنجن مائٽن سان ڳالهه ڪئي. منهنجو به وات هيڏو ڍوري جيڏو سو مڃائي نه سگهيا. آئون مڙس کي ڪوڙو ڪري ويس! نيٺ هڪ فيصلو ڪيائون ته رات جو هن کي ٽنگ ۾ رسو وجهي ٻڌي ڇڏينداسين. مون کي به خبر پئجي وئي سو ڇا ڪيم جو رات کان اڳ ئي هڪ ننڍي ڄاتي (قينچي نما اوزار) پنهنجي چولي جي کيسي ۾ وجهي ڇڏيم. رات جو مون کي ٽنگ ۾ رسو وجهي ٻڌي ڇڏيائون. آڌيءَ جو آئون اهو رسو ڄاتيءَ سان وڍي جيئن پنهنجي مائٽ سان ڀڳي آهيان تيئن اڄ سوڌو وٽن نه وئي آهيان. ٽن ٻارن جي ماءُ آهيان.“ پڇيم، ”مائٽن ۽ ساهرن مان ڪوبه پٺيان نه آيو؟“ جواب ڏنائين، ”ساري راڄ کي خبر هئي ته آئون شاديءَ ۾ راضي ڪونه هيس، گهڻو ئي رنم گهڻو ئي پٽيم، آئون ڪانه ٺهنديس، ڪانه ٺهنديس. سڄي راڄ منهنجي مائٽن کي مياري ڪيو. ساهرن به چيو. اسان جو ڇورو ڪشاهيگ. هوءَ ڇوري شاهيگ هئي. ٻه ٽي سال وڏو وير هو. اسين به لڪا ڀڳاسين پي. ڏاڍا ڌڪا کاڌاسين. هاڻي اوڙي جا اوڙا (تهڙي جا تهڙا) آهيون. مائٽ اچن وڃن ٿا. آئون وري اوڏانهن نه ويس. ته الائي هچاخور ٽنگن ٻانهن مان ڀڃي وجهن يا هڏ مارين.“
    هڪڙي مائيءَ جي مٿي ۾ پراڻو گهرو گهاءُ هو جنهن لاءِ پڇيم ته چيائين، ”امان آئون به ڏينهن تي (جوانيءَ ۾) خاشل (سٺي) نه هيس. اُت ڦُتُ (هلڪائي) گهڻي هيم. هيڏانهن هوڏانهن جهڙپ جهٽ پي ٿيندي هيم، جوتا موچڙا به پي کاڌم؛ هڪ ڀيري ثابتي سان جهلجي پيس، ڪهاڙي جيڪر ماري وجهيم پر ڦڙتيءَ سان ڌڪ گسائي ڀڳيس، پوءِ به ڌڪ اونهون لڳي ويو. اتان ڀڳيس وڃي وڏيري جي گهر پناهه ورتم، جنهن وهاري دوا دارون ڪري ٺيڪ ڪيو. پوءِ مائٽن کي سمجهائي ته، ڇوريون پاڻ آزاد ڇڏيو. پوءِ وري ڏوهه انهن کي ڏيو!‘ وڏيري منهنجي مائٽن کان ڏاڙهين ۽ سينڌين جون ساکون وٺي پوءِ مون کي سندن حوالي ڪيو. ۽ منهنجي شادي به وڏيري ان سان ئي ڪرائي جنهن سان آئون جهلي هيس، اڄ خوش آهيان.‘
    ائين ٻين به ڪيترين پنهنجا ڦَولَ ڦُلَورِيا (راز ٻڌايا). سندن چوڻ هو، ’اسان کي گناهه ثواب جي خبر ڪانهي نه ئي مذهب جي ڪا ڄاڻ اٿئون.‘
    سچ به اهي ماڻهو دل جا صاف صفا مومن آهن. ڪابه ڳالهه ڪوبه راز دل ۾ ڪونه رَهَينِ. سٺا ته سٺا، بڇڙا ته بڇڙا، نڪو پوش نڪو پردو، نڪو روپ نڪو پهروپ، نڪا کوٽ نڪو فند. (سازش) نڪو پوز. نڪا ايڪٽنگ. ٻارن جا ٻار ائين ئي جهڳڙا، ائين ئي پيار. پاڻ ۾ وڙهي چَانبوَٽ (چنبڙي) ٿي لڳڙ ليڙون ڪري، ڀونڊا، جَهانڦا (چنبا) هڻي وري تهڙي جا تهڙا، ٿوري ويرم ويندي ڏس ته هڪ ٻي جي هٿ تي تاڙيون هڻيو پيا ٽهڪ ڏين. وچ ۾ ڪو ڦٽائڻ ۽ ٿوڙڻ (جدا ڪرڻ) وارو ڪوبه ڪونهي، جيڪو شگاڻُ (طعنو) مهڻو هڻي ڏور ڪرين ڏک ۾ ته هڪ ٻئي مٿان گهوريا پاڻي پيا ٿيندا (قربان پيا ٿيندا). ائين ڪونه ڀائيندا ته سندن ڏک ڪونهي؟ پنهنجو ئي ڏک سمجهي، گوڏا سَٽي ڪُٽي، رانڀوڙا (رڙيون) ڪري روئي ڳوڙا (ڌوڏا) سُڄائي ويهندا. اٿي هڪ ٻئي کي ڪٿي ڪوٺي پاڻيءَ جو ٻُٽَو (ڍُڪ) نڙيءَ تان ڇاڻيندا، وڃي پنهنجي گهر مان رڌي پچائي آڻي گراهه وات ۾ وجهي اَنَ واتو ڪندا. پنهنجو پوءِ به پنهنجو آهي ماري به ڇانو ۾ رکندو. ڌارين سان ڪهڙي يا ري رات رهي ڪن صبح تياري . پنهنجا هونئن به پنهنجا آهن. ڏک سک ۾ هڪ ٻي جي مَٿان پِئي (مدد ڪري) هڪ ٻئي کي پَڪَرَنِ (مددگارٿين). سڱ مائٽيءَ جا اهڙا مٺا جو ستين دِسين (ستن ڏيهن/ ملڪن) مائٽي شُونشيَ (ڳولي نهاري) وڃي لهن. پَرَپُٺ جي گلا کي هَڏِ (اصل) الله جا عيب سارڻ سمجهن. ڪير پنهنجي ڏَگَرِي (عيب ظاهر ڪري) کڻي ته کڻي نه ته ٻيو هاسيڪار اٿي ڪنهن جو به ڪچو (گلا) ڪونه ڪري. ٻه گهر ٻارڻ، ٻه دليون ڌار ڪرڻ، اڀري کي ٻوٿ تي ٻُوچُو (ٻنجي/ ڍڪڻ) ڏئي دينا داستي بَوڇُ وجهڻ، نياڻي سياڻي جي ساڃاهه نه ڪرڻ، اَستَو مَسَتَو (هروڀرو) بڇڙي اک وجهڻ، اُرُتُڪائي گُرُتڪائي پاڻ کي وچ تي لاڙڻ، اکيون ٺَپي ٺِيپُ ٿي (بيغيرت بنجي) واندا ويهي جريدو (تيار) کائڻ وارا به ڳولڻ سان ملي ويندا ته، اتي ئي ڪي اهڙا به ٽانڪئان ۽ اَڻَ سَهو ماڻهو به ملندا جيڪي ميارون ۽ خواريون سهڻ کان موت کي مٿي ڀائين. اَپَرَ پٺيءَ (پنهنجي غير موجودگيءَ ۾ ٿيل) ڪنهن ذريءَ ڳالهه تي به ڪومائجي پُژ ٿيو وڃن. اهڙن ئي ٻن حدن جو نانءُ آهي ’ڪوهستان‘.
    ڪوهستان رڳو هڪ خطو ڪونهي ڪائنات آهي، جتي رنگ رنگ جون ريتون، قسمين قسمين رواج، طرح طرح جون رسمون، رويا، جذبا، احساس، لهجا ۽ سندن جبل جهڙي ئي مضبوط، طاقتور، شاهوڪار ۽ معتبر ٻولي آهي جنهن ۾ جَڙيل ۽ واڳيل انوکا، نرالا مضبوط/ نِزِيگُ (ڪمزور) اَڀرَا/ سَڀرا، سَٻر/ ڏُٻرا، ٽانڪئان/ ڏاڍا، ساهو/ اڻ ساهو، بهادر/ ڀاڙيا، ماٺيڻا/ واتخور، بااخلاق/ بداخلاق، حيادار/ بيحيا، مهذب/ گاريال، ٻاجهارا/ هٺيلا، لحاظ ڀريا/ بي لحاظ، شريف/ بدمعاش، مومن/ ڪافر سڀيئي پنهنجي ڀرپور رعناين/ ڪرتوتن سان صدين/ جنمن کان رهيا پيا آهن. ها، باقي هڪڙي ڳالهه سڀني ۾ هڪجهڙي ۽ مشترڪ آهي ته پنهنجي علائقي ۽ ٻوليءَ سان شديد پيار بلڪه عشق اٿن. ٻئي ڪنهن به علائقي ۾ نڪو وڃن نڪو ڪنهن کي تنگ ڪن! وڙهن پرچن پنهنجا پاڻ ۾.
    ڪوهستان جون مايون/ عورتون به مردن جهڙيون سگهيون (مضبوط/ بهادر)/ سچيون ۽ هڪ سخنيون آهن. جيڪا ڳالهه ڪنديون اها پارينديون جي نه پاري سگهيون نه ڦڪيون (شرمنده) ٿي ڪنڌ هيٺ ڪري لڄياريون ٿي هلنديون، ڌَڏَروَ (اُتون لانگ) ڪري ٻئي تي ڳالهه لاڙي ڪَرُ کڻي ٻانهن لوڏي ڪونه هلنديون. ڪَمَ ڪَار ۾ مردن سان ٻيل هونديون. ٻني ٻارو، ڪاٺي پاڻي، مال وٿاڻ، گهرٻار سڀ ۾ برجستيون، پوريون هونديون.
    منهن مهانڊي ۾ ملوڪ، ٺهيون جڙيون هونديون. ڪپڙو کڻي اَوچو (قيمتي/ مهانگو) نه هوندو پر ڦاٽل ۽ ميرو نه هوندو. ڌوئي پوئي، ڳنڍي سنڍي، وجهنديون (پائينديون) ته سونهنديون پيون، وڏيون ٿلهيون پوتيون ۽ کلا ٿلها ڪپڙا پائين. وضعدار ۽ معتبر اهڙيون جو مردن سان گڏ بيٺيون هونديون ته ٺهنديون به مردن وانگيان ئي پيون. اها ئي سندن وضعداري ۽ معتبرائي کين نمايان رکي ٿي. اهو ئي سبب آهي ته ڪوهستاني عورت جو رايو (راءِ) ۽ ڳالهه وڏن فيصلن ۽ جرڳن تي پڻ اثرانداز ٿيندي آهي.
    ڪوهستان ۾ مرد، پوءِ اهو وڏيرو هجي يا عام غريب ماڻهو، پنهنجي گهر جي عورتن ماءُ، ڀيڻ، زال ۽ ڌيءَ جي ڳالهه ٻڌندو آهي. انهن کي اهميت ڏيندو آهي ۽ ڏکين فيصلن ۾ ساڻن صلاح مشورو پڻ ڪندو آهي.
    ڪوهستان ۾ غربت به دنگ هر شيءِ جي تنگي پرجي ويسريندي (اوچتو) ڪو مهمان مڙهو لنگهي آيو ته اڻهوند جو لکاءُ ئي ڪونه ڏيندا. ڇِتَرُ (تڏو) ڪَرَئو (ڪونئرو) ڏئي اَوڍَ جا رسا، سڳا (رليون، وهاڻا ۽ سوڙيون سوهڻي نموني ويڙهي قطار ۾ هڪ ٻي جي مٿان ديوار وانگر رکن. ان کي ’اَوڍِ‘ چئبو آهي جنهن کي خوبصورت ريشمي رسا ۽ پنهنجي هٿن سان ٺاهيل جهوڙن، ڦلن وارا سڳا ٺاهي ان سان ٻڌن ته سڄو گهر بنا ڪنهن فرنيچر ۽ ڊيڪوريشن پيسز جي سينگارجي ويندو آهي). کولي وهاڻا رليون ڪڍي ڏينديون پوءِ پِنڊي، شيڪڻ (جنڊ جي هيٺيان رکيل ڏاس ۽ اُنَ مان بنايل تڏو جنهن ۾ پيسل اٽو پوندو آهي يا ماني رکبي آهي) ڇنڊي، بڇيو سچيو اَنُ اٽوڪُڻي (کوٽي) کڻي رڌي پچائي مزمان اڳيتا (اڳيان) رکنديون. پاڻ ڀلي بکيون هجن، ٻارٻچو ڀلي نيرانو ٻاٿون ڏي... ٻارن جي اهڙي تربيت ڪن جو مجال ناهي جو ٻار مزمان جي مانيءَ ڏانهن اک کڻي به نهاري. ڪاٺي، ٺڪري، مُٽڪي/ پٿري سان ائين رَهَمُورَو (ريڌو، ريجهيو) پيو ڪڏندو ڄڻ هينئر کاڄ مان وات ڪڍي ڍائو پُنو ريڌو (وندريو) پيو کيڏي.
    جبل جو پُرهه (مرد) توڙي مائي هڪ صلاح هڪ سوچ رکندڙ آهن. ڏاڏي ڀنڀي جيڪا هر ڳالهه مهاڙ، هر ڪم ڪار ۾ مردن جهڙي يا اڃا ڪن مردن کان ڪَسَر (مٿي) هئي. اها جبل ۾ اهڙي شان سان رهندي هئي ڄڻ مٿي هيٺيان خزانن جون کُرزينون (خرزينون) رکي سمهي ٿي. ڏڪار ۾ هرڪو ڏکيو ۽ هيڻو ٿي پوندو هو. پر ڏاڏي ڀنڀيءَ جي همٿ، حوصلو ۽ عقل سڀني جو ڏڍ ٿي پوندو هو. سندس حيثيت ۽ رتبو، ’ماتا ديوي‘ (Mother goddess)جهڙو هو. سَاٿُ (اٺن جو اهو گلو/ وڳ جيڪو گهر جو سيڌي سامان لاءِ جبل جون جنسون گهه، ماکي، مک، ڇتر، تڏا، پنڊا، کيس، کٿا، اوجا، مرئا، ڦڙها، ڪاٺيون، گاهه وغيره کڻي شهر وڃي ۽ بدلي ۾ گهربل سامان شهر مان وٺي اچي) دير ڪري، گهر ۾ چاڙهڻ لاءِ مس ڪين، هجي نه هجي، پر ڏاڏي ڀنڀي هر اوکي ويل کي مڙسي سان منهن ڏئي ويندي هئي. هڪ ڀيري ڍل وٺڻ لاءِ تپيدار وٽن آيو. ساٿ ويل هو جنهن سان وڏا مرد ويل هئا. ڏاڏي ڀنڀيءَ وٽ مال (ٻڪريون، رڍون) جون پِرِ ڄُون (بيحد گهڻائي) هيون، سو هڪدم هڪڙو سٺو ٻڪر ڪهارائي، ڪجهه ٽانڊن تي پچارايائين (سَجِي). ڪجهه جو ٻوڙ رڌي ڪڻڪ جي ماني (جيڪا جبل ۾ مانائتي ٿيئي. جبل ۾ گهڻو جوار ۽ ٻاجهر ٿيئي. ڪڻڪ جو اٽو سِٽاتيون (سگهڙ مايون) ڪنهن خاص مهمان لاءِ سِٽَ ڪري رکنديون آهن). پچائي، جهڻ جو ڪٽورو ڀري جنهن ۾ چنبي جيترو مکڻ جو چاڻو وجهي تپيدار جي اڳيان رکيائين. رڻ ملڪ ۽ ڏڪار ۾ تپيدار کي جو اهڙو ٻلاتو کاڄ مليو ته ڦَلوش (ذرو) به نه ڇڏيائين اوڳرائي ڏئي لت کوڙي سمهي پيو. شام جو موڪلائي گهوڙي تي چڙهي ٻئي ڳوٺ پهتو جتي رات جي مانيءَ جي مهل هئي. سڀ ئي مرد ٻرد هئا جن تپيدار سان کينڪاري کيس، ويهاري ماني آڻي ڏني. ٻاجهر جي ماني ۽ لسي ڏسي تپيدار حيران ٿي ويو. هُتي مائيءَ وٽ ڏينهن جي مانيءَ مهل ڪي وڏا مرد به ڪونه هئا. ساٿ سان ويل هئا، ٻارٻچا ۽ ڪي ڇوڪرا ٽاهئا ۽ پاڻ پوڙهي مائي هئي جنهن اهڙي شاهي ماني کارائي جو دنگ هئي. هتي ته سڀيئي ننڍا، وڏا مرد به پيا ڏسجن؟ تپيدار کي ماٺ ڏسي گهر ڌڻيءَ چيو، ”ماٺ ڇو آهيو؟ ماني کائو!“ تپيدار به ايندڙ ويندڙ هو، ۽ ساڻن هجات به هو. ان ماني ڏانهن اشارو ڪري چيو “هي ڇا؟“ گهر ڌڻي سمجهي ويو چيائين، ”ادا ، ڏڪار آهي ڇا ڪريون، اهو ئي اسان جو گذران آهي. جهڙو حال حبيبان، تهڙو پيش پريان.“ تپيدار مرڪي چيو، ”ادا، ڏک نه ڪجانءِ ڏينهن جي ماني مون فلاڻي ڳوٺ ۾ کاڌي هئي. ڏڪار ۽ اڻهوند سڄي جبل ۾ ساڳي آهي پر ان گهرجي ماني واهه واهه... ڄڻ ڪا دعوت هجي. جڏهن ته اتي وڏو ڪو مرد به نه هو. هڪ پوڙهي مائي هئي جيڪا عزت ۽ مانَ ۾ مردن کان به گهڻو مٿي هئي.“ سڀني حيران ٿي پڇيو، ”ڪهڙي مائي؟“ تپيدار احترام سان چيو، ”امڙ ڀنڀي!“ تنهن تي سڀني مردن پيار ۽ احترام مان مشڪي چيو. ”ادا، اها مائي اڄ نه پر اڳ ئي اسان مردن کان گهڻو مٿي ۽ زور آهي. ان جي هڪ هڪ وڙ ۽ ڳالهه سان اسين پڄي ڪونه سگهون.“
    ڏاڏي ڀنڀيءَ کي مشڪلن ۽ مصيبتن کي منهن ڏيڻ جو ڏانءُ ايندو هو. ڪڏهن به ڪنهن ڏڪار ۽ ڏکيائيءَ، ڏاڏي ڀنڀيءَ کي مات نه ڏني. ڀلي ست ورهيو ڪُونٽَو (گنجو) ڏڪار هجي. چون ٿا اهو ڏڪار راڻي وڪٽوريه جي گنجي پٽ ڊيوڊ، جيڪو موجوده راڻي ايلز بيٿ جي ڏاڏي جي دور حڪومت ۾ آيو هو جنهن ۾ ست سال مينهن نه وٺو هو، ۽ ڪَکَ پَنَ جو وجود ئي ختم ٿي ويو هو. زمينون ۽ جبل ڪُونٽا/ ٺوڙها ٿي ويا هئا (جبل ۾ ٺوڙهي کي ”ڪُونٽَو چئجي ٿو)، ۽ اهو ڏڪار آيو به ڪُونٽي بادشاهه جي دور ۾ هو ۽ اسم با اسم جيان ڏڪار به ملڪ کي ڪونٽو ڪيو هو جنهن سبب اڄ به جبل جا ماڻهو انهيءَ وڏي ڏڪار کي ”ڪُونٽڙو ڏڪار“ چوندا آهن.
    ڪونٽڙي ڏڪار ۾ ماڻهو حالان بدحال هجن، کاڌي پيتي جو منهن نه مهاڙ، واٽ نه گس هجي. مالُ سندس اڳيان پيو بک مان پاهه ٿيو مري. ڏاڏي ڀنڀيءَ گاهه پاڻيءَ لاءِ وڙولون ڪيون، ڪک پن لاءِ ماڻهو موڪليائين ڪٿان به ڪو ڏس پتو ڏاڏي ڀنڀيءَ کي ملي ته، ”فلاڻي هنڌ يا جوءِ ۾ مال لاءِ ڪو ذرو گاهه پاڻي آهي.“ ته ڏاڏي ڀنڀي هڪدم سَٽَ ڏئي اٿندي، لٺ هٿ ۾ جهلي، پٽ، ننهن ۽ پوٽن سان گڏجي، ڌراڙن سان مال ڪاهائي نڪري، پويان هڪل ڪندي ته سڄو ڳوٺ ساڻس گڏ پنهنجو ٻارٻچو ۽ مال ڪاهي گڏ هلندو. هوءَ سڀني سان گڏ اچي انهيءَ جوءِ ۾ وانڍي ٿي رهندي. ٻيو ته هرڪو ٿڪو کٽو اٺن تان ٽپڙ ٽاڙي لاهي اچي وڻن هيٺيان وسامندو (ساهي پٽيندو). ڏاڏي ڀنڀي ڪات کڻي ٻين کي به سڏي، شانڪاري جبلن جي ڪورن، ڪنارن مان ڦڙها وڍي آڻي، پُسائي، ڪُٽي، چِلي انهيءَ مان پَڙڇ (وڏو تڏو) اڻڻ ويهي رهندي. پاڻ سان گڏ ننهن ۽ پوٽين کي به ساڻ ڪري پڙڇ اڻي تيار ڪندي. گُسَ کڻي کڏون کوٽي ڪاٺيون وڍارائي بيهاري مٿان پڙڇ وَڇائي، سُوئَو (لوهه جو سئيءَ جهڙو اوزار) کڻي پڙڇ کي ڪاٺين سان سبي ڇڏيندي، ڄڻ ته تنيو لڳي ويو هجي. پاسن تان ڏريون ۽ پَتَريُون ڏئي بند ڪندي. صبح ٿيندو ته ٻيو هرڪو زل تتي (ڪاڙهو، اُسَ) ۾ آسمان هيٺان هوندو ۽ ڏاڏي ڀنڀي پنهنجي وَڳَرَ (خاندان) سُوڌو (سميت) ڇانوَ ۾ ويٺي هوندي. پوءِ ته صبح ساڻ سڀني کي ڌڙي، ڳالهائي پنهنجي اڏيل وشال ڀونگي ۾ آڻي ويهاري، متيون ڏئي سمجهائي، ساڻن گڏجي وڃي ڦڙها وڍائي، پڙڇ اُڻائي، ڀونگا اڏائيندي هئي. ائين هرڪو ڀونگن ۾ سکي هوندو، ۽ بَرَ ۾ بستي ٿي ويندي هئي. سڄي عمر ۾ ڏاڏي ڀنڀيءَ کي ڪنهن به اُسَ ۾ يا وڻ جي هيٺان ستل/ ويٺل نه ڏٺو. ڀلي ملڪ ۾ ڏڪار هجي. ڀلي ڏاڏي ڀنڀي مال جي سانگي وَانڍِي هجي. پر هوندي پاڻ پنهنجي هٿن سان ٺاهيل/ اڏيل گهرجي ڇانو ۾. وڻ هيٺان زائفان جي سمهڻ کي عيب سمجهندي هئي. چوندي هئي، ”اها بيشدائي (فحاشي) آهي. زال ذات جو ننڊ ۾ سُتي گندي، پُچُ (ڪپڙو) لهي يا هٽي ٿو وڃي. ۽ مرد ۽ مائيءَ ۾ فرق آهي.“
    ساڳين ڦڙهن مان ڇتر، تڏا، ڏريون، پَتَرَيون، ڇتريون، پنڊيون/ پنڊا، ڇنڊڻا/ ٻوهارا پڻ ٺاهيندي هئي، ۽ ٻين به سڀني ماين کي پار ڏئي سيکاري دُرُ (ماهر) ڪري ڇڏيائين کين متيون ڏيندي هئي ته اهي سڀ ٺاهيو ته مرد کڻي وڃي شهر ۾ وڪڻي اچن. پاڻ ته اهڙا ڇِتَر ۽ پَٺِيُون (تڏا) اُڻندي هئي جو دنگ هئا. اڻڻ ۾ اهڙا نقشا ۽ ڊزائين بنائيندي هئي جو هرڪو حيران ٿي ويندو هو. پوءِ رڍن جي لُڻيل اُنَ کي ٻير جي لاک مان رڱي، وَٽي سڳو بنائي اهو اُوني رنگين سڳو اُڻيل ڇتر جي نقشن ۾ سُوئي سان وجهندي ته ڇِتر غاليچو بنجي پوندو. ڏاڏي ڀنڀي نه رڳو ڦڙهن مان اهي سِٽائون بنائيندي هئي. پر هوءَ هڪ ماهر قالين ساز پڻ هُئي. جڏهن لَوبُ (اُنَ ۽ ڏاس جي ڪتر جي مند) ٿيندو هو ته هوءَ مردن سان گڏ اُنَ (رڍن جي) ۽ ڏَاسَ (ٻڪرين جي) جا پُٺَا (پُٺَو، معنيٰ- هڪ رڍ جي اُنَ يا هڪ ٻڪريءَ جي ڏاس) کڻي ڌار ڪري رکندي هئي. جبلن مان ٻير ۽ ٻٻر جا ڪچا ڇوڏالاهي پاڻيءَ ۾ وجهي ڪاڙهي تنهن ۾ اُنَ وجهي رڱيندي هئي. ٻير ۽ ٻٻر جي وڻ مان لاک به ڪڍن جنهن کي ”مڃٺ“ چون. ٻٻر جي لاک گهڻي ڪانه لڀي، ٻير جي لاک به ساڳي ئي نموني ڪاڙهي اُنَ رڱي رکندي. پوءِ ’جَلَڪَ مَڪَڙِي‘ (سڳي بنائڻ لاءِ ڪاٺيءَ مان ٺاهيل اوزار) کڻي سڳو جوڙي ڍيرا ۽ آٽيرڻا ڀري رکندي، جنهن مان ننڍا غاليچا جنهن کي’اَوجَا‘ چون، فراسيون، کٿيون/ کٿا، خرزينيون، مَرَئا (ڳوڻين جهڙا وڏا ٿيلها جنهن ۾ گهر جو سامان رکجي) ۽ گهر جي سينگار لاءِ ڦل، جُهوڙا، جهالرون، اٺن لاءِ سينگار وغيره ٺاهيندي هئي. مرد جڏهن ڪاٺيون، گاهه ۽ ڦڙها بَندَ ٻڌي شهرن ڏانهن ساٿ کڻي ويندا ته، ڏاڏي ڀنڀي جا جوڙيل اوجا، مَرئا، فراسيون وغيره پڻ شهر ڏانهن وڪڻڻ کڻي ويندا هئا، جتي ڏاڏي ڀنڀي جي هٿ جو هنر وڏو مانُ ۽ وڏي قيمت ماڻيندو هو، جتان پوءِ ضرورت جو سڀ سامان وٺي ايندا هئا. ائين سُڃَ ۾ به ڏاڏي ڀنڀي پنهنجي هٿن جي سَڄائي (مهارت) جي ڪري سکي گذاريندي هئي، ۽ ٻين تي ٿورا ڪندي هئي. اڄ به سندس نالو هرڪو احترام سان وٺندو آهي.
    سُڪار ۾ جڏهن ڳوٺ موٽندي هئي ته جنهن به جوءِ ۾ هوءَ وانڍي ٿي رهيل هوندي، اتان جي ڪو گذرندو ته اهي اڇا، ڇنڊيل ۽ راڳيل پڍ ڏسي هرڪو مشڪي پيار مان چوندو، ”هي امڙ ڀنڀيءَ جا پَڍَ آهن.“ هوءَ جتي به رهندي مٽيءَ سان پَٽَ راڳي رهندي هئي، ٻين کي به پار ڏئي چوندي هئي، ”ڪُتو به جتي ويهي ٿو اهو هنڌ پُڇَ سان صاف ڪري پوءِ ويهندو آهي اوهين ته ماڻهو آهيو.“
    هڪ ڀيري مال ۾ ’ٺَڪَاڻُ‘ پيو (مال جي بيماري جنهن ۾ رڍ يا ٻڪري هڪ ٻه رڙ مس ڪري مري ويندي آهي) ڏاڏي ڀنڀيءَ وٽ مال جون پِرِڄُون (تمام گهڻيون) هيون، اها نڀاڳي بيماري سندس مال ۾ به پئي، جيڪا واڙن جا واڙا، وٿاڻن جا وٿاڻ ختم ڪريو ڇڏي. هڪ ڏينهن ڏاڏي ڀنڀيءَ جي هڪ وڏي ٻڪري، ’ٺڪاڻ‘ ۾ جهلجي پئي، ٻڪريءَ رڙ ڪئي، ان وقت گهر ۾ ڪوبه مرد نه هو. ڏاڏي ڀنڀيءَ کي جبل ۾ رهندي به مذهب جي ڄاڻ هئي ته جي مال ’گانورو‘ (مردار) ٿئي ته عورت ڪنهن بلنديءَ تي بيهي زور سان ٽي سڏ ڪري ڪنهن مرد کي حلال ڪرڻ لاءِ سڏي پوءِ جي ڪاورندي نه ملي ته ڀلي عورت مال کي سيرَ (ذبح ڪري) وجهي اهو حلال ٿي ويندو. سو جيئن ئي ٻڪريءَ رڙ ڪئي، ڏاڏي ڀنڀيءَ نڪا هم ڪئي نڪاتم ڊوڙ ڪري ٽڪريءَ تي چڙهي وئي، ۽ زور سان سڏي چوڻ لڳي، ’اباڪو آهي، اَئي (ٻڪري) ٿي گانوري (مردار) ٿيئي اچي سير وجهو“. ٽي ڀيرا ائين سڏي وري ڊوڙي گهر ڏانهن آئي ته ٻڪري زمين تي ڦٿڙي رهي هئي، ايندي ساڻ تکي ڇري کڻي لت ڏئي ٻڪري ڪهي (ذبح) وڌائين. سڀئي مايون اچي گڏ ٿيون. چون، ”مائيءَ جي ڪٺل اَئي (ٻڪري) مردار آهي. اسين ڪونه کائون“. ڏاڏي ڀنڀيءَ نڪو ڪڇيو نڪو پڇيو، هيڪلي ٻڪريءَ جي کل لاهي، گوشت وڍي اڌ ٽانڊن تي پچايائين“. حالانڪه جبل ۾ سَجِي مرد بنائيندا آهن. پر جئين ته ڏاڏي ڀنڀي هر فن مولاهئي، سگهاري، سچيت، سڌير ۽ سَنگهار هئي، ان لاءِ ڪوبه ڪم ڏکيو نه هو. سو اڌ ٻڪري پچائي اڌ مان وڏو ٽامڙو ڀري ٻوڙ لاءِ چاڙهي ڇڏيائين. تازي گوشت ۾ سڄا سُڪا ڳاڙها مرچ، سڄا ڌاڻا، بصر لوڻ وجهي ڇڏيائين. گوشت پنهنجي ئي پاڻيءَ ۾ رڌ جي مِرجُهه (صفا نرم) ٿي ويو ته، سچي گهه جون ڏويون ڀري مٿان وجهي ڀڳي ڀڳي گوشت کي ڳاڙهو ڪري ٽامڙو هيٺ لاٿائين، ۽ سڀني ماين کي چيائين، سَنڍ (ٿانو) کڻي اچو ته ٻوڙ ڏيانوَ گوشت ڀڳل ڏسي ماين جي وات ۾ پاڻي ته ڀرجي ويو هو پر دل جي مٿان چون، ’نه نه، اسين گانورو گوشت ڪونه کائون!‘ ڏاڏي ڀنڀيءَ سَٽَ ڏئي ٽامڙو اوڏو ڪري ڀوڳيل گوشت پنهنجي ٿانون ۾ وجهي پنهنجي ننهن، پوٽن ۽ پوٽين کي سڏي پاڻ سان گڏ کارائيندي ماين کي چيو، ”نٿيون کائو نه هنيون آڱوٺي جي مٿي تان. نڀاڳيون آهيو ڀاڳ ۾ ئي هي ڀڳيل حُلُواڻُ (نرم گوشت) ڪونه اٿوَ مَرُ (ڀلي) وڃي مُٽڪا (پٿرا) چٻيو“. ڏاڏي ڀنڀي جي اڳيان مايون ته ڇا مرد به جواب ڏئي نه سگهندا هئا. هوءَ ٻاجهاري هئي، ڪَندَل (ڪرڻ واري) وَجاهتي هئي. پر سَگهي (مضبوط) ۽ چيڙاڪ به هئي ڳالهه نه وڻنديس ته ڀَرَ ۾ رکيل لٺ وهائي ڪڍندي هئي. ماين ماٺ ڪري سڀ ٻڌو.
    ورانڊڪيءَ (شام) جو سڀ مرد مال چاري ورائي گهر آيا.زالن ڊوڙي وڃي کين سربستي ڳالهه ٻڌائي. ڳالهه ٻڌي سڀ ئي ڏاڏيءَ وٽ آيا ۽ پڇيائون. ڏاڏيءَ جيڪا ڳالهه هئي اها ٻڌائي چيو، ”کائو ٿا ته پڪل گوشت به آهي، ڀڳل ٻوڙ به، کائو ٿا ته کائو نه ته آئون ڪٿينديسانوَ ڪونه!“ سڀني ڳالهه ٻڌي. هڪڙا چون حلال آهي؛ ٻيا چون، مردار آهي. ڳوٺ واري ملي کان پڇيائون. ڏڪار ۾ گوشت جو ٻڌي ملون سَرهو ٿيو چوي، ”آئون پاڻ هلي ٿو امان (ڏاڏي ڀنڀي) کان ماجرا پڇان.“ ملون آيو. ڏاڏيءَ سڄي ڳالهه جيئن جو تيئن ٻڌائي ته، هن ٽڪريءَ تان زور سان سڏ به ڪيا... سڄي ڳالهه ٻڌي، جنهن جي ساک سڀني ماين پڻ ڏني ته ملي چيو، ”امڙ ڀنڀي اڳ ئي سچي آهي. سندس ڳالهه ويساهه جهڙي آهي جنهن جي شاهدي سڀني ماين به ڏني آهي. ۽ اهو سڄو عمل عين مذهب جي مطابق آهي، آئون فتوا ڏيان ٿو ته امڙ ڀنڀيءَ جي هٿان ذبع ٿيل ٻڪريءَ جو گوشت حلال آهي! ”پوءِ سڀني مردن، ملي، زالن سميت اهو گوشت کاڌو. يعني اهو ڪريڊٽ پڻ ڏاڏي ڀنڀيءَ کي مليو ته، عورت جو ذبح ڪيل مال مردن بلڪه ملي به کاڌو. ائين ڏاڏيءَ جون ڪيتريون ڳالهيون اڄ به جبل ۾ مقبول آهي.
    جبل ۽ ڏڪار لازم آهن. ڏڪار معنيٰ ڏک، بک ۽ ڏکيائون/ اوکايون، ان هوندي به ڪي کِل جا پهلو به نڪريو پون. هڪ ڀيري سخت ڏڪار هو هڪ مائيءَ ميڙي سيڙي ڪي ٻاجهر ڪڻا پيهي ٻاهر پڌر تي مارينگن ( ٽي پٿر جن تي ٽامڙويا سرَ رکجي) تي سِرَ (پٿر جو تئو) رکي تپائي ماني وڌائين. اڃا مس پڪي اڌ پڪي ٿي ته پري کان ڪنهن اوپري کي ايندي ڏٺائين. جهنگ، جبل ۾ ڀلي ڪو اوچتو اوپرو مسافر يا واٽهڙو ڀونگو ڏسي اچي ته معنيٰ اهو مزمان (مهمان) ٿيو. ڇو جو جبل ۾ ڪي هوٽلون ۽ مسافر خانه ته ڪونهن جتي وڃي رهجي. جبل ۾ ڪنهن به مسافر کي ڪاڀونگي نظر آئي ته اتي لڙي ايندوم ٻيو نه ته به لسي پاڻي پي ساهي پٽي اڳتي پنڌ پوندو.
    جيل جا کلاپٽ، پري کان هرڪو پڌرو. ڏڪار ته هو پر مائي به ڪاشُوم (ڪنجوس) هئي يا ته ويچاري مجبور هئي. پري کان جو ڪنهن اوپري کي ڏٺائين ته تڪڙ ڪري اڌ ڪچي ماني سِرَ تان لاهي ڪپڙي ۾ ويڙهي پنهنجي هيٺان رکي ڇڏيائين. پري کان اهو سڄو لقاءُ مسافر ڏسي ورتو هو. مائي ته ساڌ ٿي ويهي رهي، مسافر اچي سلام ڪيو. مائيءَ رکو (سرد مهري) جواب ڏنو ته، ”ادا، گهر ۾ ڪاٻي پَهَرَ (ماڻهو) ڪانهي“. پُرهه (مرد) ساٿ سان ويا آهن، ڏڪار ۾ ٻار به بک مان ٻاٿون ٿا ڏين.“ وري ٻارن کي هڪل ڪيائين، ”ڀائو کي پاڻي ڏيو ته پي وڃي“. پاڻي پي مسافر ويٺو رهيو. مائي جيڪا ڪوسي مانيءَ تي ويٺي هئي اها کامي پچي رهي هئي ۽ آسيري پاسيري ٿيڻ لڳي. مسافر کي ته سب خبر هئي ته مائي سان ڪهڙي ماجرا آهي (هن پري کان ڏسي ورتو هو) پڇائين، ”ادي، ڪا تڪليف اٿئي ڇا؟“ مائيءَ انهري ٿي تڪليف مان چيو، ”ادا، هڪڙو ڌڪ نڪتو اٿم ان ۾ گهڻو سور آهي.“ مسافر به ڪو حرامي هو سو کيس تڪليف ڏيڻ لاءِ هرو ڀرو وٽس ويهي ڳالهيون ڪرڻ لڳو ۽ پوءِ موڪلائي اٿيو، ”ادي، تنهنجي منهن جا رنگ پيا ڦرن ضرور گهڻو سور هوندو“ ۽ مشڪندو هليو ويو. مسافر جي وڃڻ کان پوءِ مائي مانيءَ تان اٿي ته جسم جون کلون ئي لهي ويون هيون ۽ ٻاجهر جي ٿلهي سِرَ جي پڪل ماني پنهنجو ڪم ڏيکاري وئي هئي. مائي ويچاريءَ سان ته حشر ٿي ويو. پوءِ ته سچ به اهو وڏو ڦٽ ٿي پيو جيڪو مَس پنيون، پها ڪري اَرو (ٺيڪ) ٿيو.
    ڪجهه سالن کان پوءِ ساڳيو مسافر ساڳي ئي مائيءَ وٽ لنگهي آيو. (شايد اها ئي واٽ هيس) تڏهن سڪار جا ڏينهن هئا، وَسَ پئي هئي. جبل ۾ سڪار هجي ته سڀئي ڏک ۽ ڏنجهه لحظي ۾ لهيو وڃن. دنيا جا سک ڇا، دنيا ئي وسريو وڃي. مال مڙهو ڍائو پنو ٺينگ ٽپا پيو ڏيندو. ٻار ٻچو نَاچ ڪَاري ۾ پورو هوندو، مائي ۽ مرد جي کِل چَپن تي اٽڪي بيٺي هوندي. وڏو ڀوڳ مشڪرو ٺهيو. پر عام اهڙي ڳالهه جيڪا جي ڏڪار مهل ڪجي ته دڙڪو ڏئي ماٺ ڪرائجي؛ اهڙي ڳالهه تي به هرڪو ٽهڪ ڏئي ٺري ويندو. ساڌي سوڌي ڳالهه به هرڪو هڪ ٻئي کي سڏ ڪري ٻڌائي پيو کلندو ۽ کلائيندو. اهڙي مهل ته کاڄ جي ڪا کوٽ ئي ڪانهي. مُورُ مڙيئي ڊوڙ ڪري ماڻهو جبل تي چڙهي ته ڏٿ مان جهول ڀري موٽي. خاص ته ڇا ڪنهن عام مهمان يا واٽهڙو مسافر اڳيان به ست کاڄ رکبا. سو، مائيءَ به رڌي پچائي مهمان اڳيان رکيو، مهمان ته اهو ئي حرڪتي مسافر هو تنهن پڇيو، ”ادي، اڳ ڏڪار مهل آيو هئس تڏهن توکي ڪو ڦٽ هو، اهو هاڻي ڪيئن آهي؟ مائي به موسم جي مهربانين سان کل ڦل هئي تنهن سَرهائيءَ مان چيو، ”ادا، ڦٽ ته ٺيڪ آهي پر سَرَٽ (نشان) رهجي ويو آهي. مهمان مرڪي چيو، ”ادي، ڏڪار مان سڪار ٿيندا. پر ڦٽ جا سرٽ نه لهندا.“ اها ڳالهه اڄ به ڪوهستان ۾ هڪ پهاڪي جي صورت ۾ مشهور آهي.
    جبل ۾ ائين ئي بنا مند ڏسڻ جي اوير سوير مهمان مڙهو، آڌي مانجهيءَ اچي سَهڙندو آهي. هوند (ڌن) وارا ته منهن ڏئي ويندا آهن پر اڻهوند وارن لاءِ ميارون مٿي تي اچي وينديون آهن.
    ڪوهستان ۾ سڄاڻ سگهڙيون اهڙي ڏکئي وقت ۾ به پاڻ تي ميار ۽ هَرو اکر (گلا) نه سهن ۽ دانائي سان مهمان سان گڏ گهر ڀاتين کي به کارائي ڇڏين.
    ڪنهن سمي، ڏڪار ۾ هڪ سگهڙ مائي جي گهر هڪ وڏيرو مهمان ٿي آيو. وڏيرو به سڃاتل ۽ مانائتو، گهر ۾ هجي به ڪجهه نه، چانور، ڪڻڪ، جوار ۽ ٻاجهر جا ڪي اڀراسڀرا داڻا ڪڻا هئا. گهه ته کڻي سٽاتيون زالون گهر ۾ ڪِينَ چُڪائين، زِڪَ، جي ڪُنڊ ۾ اوکي وقت لاءِ بچائي رکن. پر اٽو ۽ اَنُ ته کپي جيڪو ڏڪار جي سٽ جهلي نه سگهيو. مڙس چيس، ”گهر ۾ جيڪي به داڻا ڪڻا آهن اهي پيهي پچاء ته آئون ٻڪر ڪهي پچايان.“ زال هئي عقلمند ۽ سيبتي چيائين، ”ٻڌ، هن ڪاري ڏڪار ۾ جتي هٿ نه ڏسي هٿ کي، آئون نڪو ٻچا بک ماريان نڪو توکي بکيو رکان. سڀئي ڪڻا پيهي پچايان ته به مس ڪي ٽي چار مانيون ٿين. وڏيرو به ماڻهو آهي. ڏسي سمجهي ٿو ته ڏڪار آهي. مڙس چيو، پوءِ؟ زال چيس، ”پوءِ ائين جو تون وڃي وڏيري سان ڪچهري ڪر. آئون کاڌو رڌي پچائي توکي سڏيان ٿي.“ مڙس اڳ ئي پنهنجي زال جي سمجهه ۽ عقل کان واقف هو. اهو مطمئن ٿي آرام سان وڏيري کي لسي پاڻي ڏئي ڪچهري ڪرڻ لڳو. مائيءَ ڇا ڪيو جو مختلف اَنَنَ (چانورن) جا قسم گڏي جنڊ ۾ ڏري وڏو ٽامڙو چاڙهي اُنَ ۾ سچي گهه جون ڏويون ڀري وجهي، ٽهڪائي ان ۾ ڏريل اٽو وجهي ڀڃڻ لڳي ڀڃي ڀڃي جڏهن اٽي جو رنگ اڇي مان ڦري ڳاڙهو ٿيو ته ان ۾ پاڻي جو پتيلو ڀري وڌائين ۽ ڪجهه ڳڙ جا ڳنڍا وجهي ڏوئيءَ کي مسلسل هلائي رڌڻ لڳي، رَجهي رَجهي (رڌجي) جڏهن ڏريو پَٿُ (گهاٽو -ٿِڪِ) ٿي ويو ته مائيءَ ان ڪوسي ڪوسي ”ڏرئي“ مان ڏويون ڀري ڪٽورن ۾ وجهڻ لڳي. ڪٽورا ڀري رکندي آئي. وري ڇا ڪيائين جو ٿال ۾ پاڻي ڀري ان ۾ ڏرئي مان ڀريل ڪوسا ڪٽورا رکي ٺارڻ لڳي. جڏهن ڏريو اڌ ڪوسو اڌ ٿڌو يعني سَو سَو ٿيو ته بلڪل جيلي ۽ ڪسٽرڊ جو ڏيک ڏيڻ لڳو. مائيءَ ٻه وڏا ڪٽورا ڀريل ڏرئي جا هڪ وڏي ٽري نما ٿالهي تي رکي مڙس کي سڏيو. مڙس آيو، زال ٽري هٿ ۾ ڏنس! مڙس حيران ٿي چيو، ”ڇاهي؟“ زال چيس، ”کاڌو آهي“ مڙس ٿورو تکو ٿي چيو، ”نوا ۾ عقل ۾ آهين ڪي نه؟ هي ڏريو وڃي وڏيري کي کارايان؟“ زال کيس ٽامڙو ڏيکاري چيو، ڪاوڙج نه، ڏس ڪيترو کاڌو ٿي پيو آهي. اسين به کائون، ٻار به کائين، ته مهمان به کائي ڍئو ڪري يا رڳو مهمان کي کارايان؟“ مڙس به سَمجُهو هو سو زال جي هٿن مان ٿالهي وٺي وڃي وڏيري جي اڳيان رکيائين. وڏيرو به هڪ وار ڏريو ڏسي حيران ٿيو (ڏريو، غريباڻو کاڌو آهي). هڪ ڏڪار ٻيو جبل ۽ ٽيون بک.... هٿ ڌوئي کائڻ شروع ٿي ويو. جبل ۾ چمچا ڪٿي! ڏريو ٿيئي پَٽَو/ پٽڙو. جيئن جيئن وڏيرو کائيندو وَيو تيئن تيئن سندس آڱرين جي وِٿين مان ڏريو ڪرندو ويو، ائين وڏيري جي سڄي سُونهاري. (ڏاڙهي) ۽ شهپر (مُڇون) سڀ ڏرئي مان ڀرجي ويا. ڏريو هو سوادي ۽ لذت ڀريو، سوکائي ڍئو ڪري وڏيرو اٿيو ته گهر ڌڻي سندس ڏاڙهي ۽ مڇون ڏرئي مان ڀريل ڏسي چپن ۾ مُرڪ لڪائي ڪونئرو کڻي چيو، ”سائين، هٿ ڌئو!“ وڏيرو به هو حال ڀائي سو ٽهڪ ڏئي چوڻ لڳو، ”ادا، هٿن ٻٿن ڌوئڻ جو ڪم ڪونهي سڄو ٻوٿ ڌوئڻو آهي پاڻي گهڻو کپندو“. وڏيري جي ٽهڪ سان گڏ گهر ڌڻيءَ جو ٽهڪ به اڀريو. مائيءَ جنهن اهو لقاءُ ڏٺو پي اها مرڪي مرڪي ڏرئي جا ڀريل ڪٽورا ٻارن جي اڳيان رکڻ لڳي. وڏيري مائيءَ ۾ نهاري کلي چيو، ”امان، واهه جو کاڌو کارايو اٿئي سڄي ڄمار نه وسرندو. ڀوڳ ڪونه ٿو ڪريان تمام گهڻو سوادي کاڌو آهي.“
    وڏيرو مزيدار ۽ سوادي کاڌو کائي هٿ منهن ڌوئي لت کوڙي سمهي پيو. مائي ٻارن کي ڍئو ڪرائي پوءِ پاڻ به مڙس سان گڏجي مشڪي مشڪي کائڻ لڳي. مڙس پيار ۽ تعريفي نظرن سان پنهنجي سگهڙ ۽ لائق زال ڏانهن نهاري مشڪي ساڻس گڏ هڪ ئي ڪٽوري ۾ کائڻ لڳو. جنهن ڏڪار ۽ اڻ هوند ۾ ٿوري مان به مهمان ۽ گهر ڀاتين کي ڍؤ تي کاڌو کارايو.
    ڪوهستان ڏکيو ملڪ ته آهيئي جتي سک واري ڪابه ريت ڪانهي. ٻيا سک ته وڃي سک ۾ پون پر ايترو به ڪونهي ته ڏڪار مهل ماڻهو ٻه وقت آرام سان ماني کائي سگهي يا ڪنهن اويري سويري آيل مهمان کي ڪجهه کارائي سگهي. اڳ ته اڳ پر اڄ به ڪوهستان انهن سهولتين کان وانجهيل آهي. محروم آهي. جيڪي ڌارين کي ميسر آهن جن جا اهي پر ڏيهي حقدار به ناهن. تنهن هوندي به ڪوهستان جون ڏڪارن جون عادي سگهڙ مايون آئيءَ ويل لاءِ اڳواٽ اٽو پيهي رکنديون آهن. پر ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو پيٺل اٽو کٽي ويندو آهي ۽ اوچتي آيل مهمان جي اڳيان جنڊ جوٽڻو پوندو آهي، جيڪو ڪوهستان جي سگهڙ ماين جي اڳيان هڪ عيب آهي. ڇو ته هو جنڊ جي ”رُون، رُون“ کي مهمان جي ڪنن تائين پهچڻ پنهنجي گهٽتائي سمجهن ٿيون. پر مجبوري ته نه ڪنهن جي ڀيڻ نه ماءُ. ائين ئي ڪنهن گهر ۾ آڌيءَ رات جو مهمان آيو. ظاهر آهي ماني ته ڏبي. الائي ڪڏهن گهران نڪتو هوندو. اولاڪن (اٺن) هڻي اڌ مئو ڪيو هوندس. سو اچڻ سان گهر ڌڻيءَ کيس گهر کان ٻاهران ڀر ۾ ئي تڏو، هنڌ ۽ پاڻي آڻي ڏنو. جبل ۾ کاڌي پاڻيءَ لاءِ پڇڻو ڪونهي آڻي ڏيڻو آهي. گهر ۾ پيٺل اٽو نه هو، گهر ڌڃاڻيءَ جنڊ جوٽيو جيڪو کيس وڻيو نه ٿي پر مجبوري هئي. جنڊ ۾ ان جو ڳارو (هٿ ۾ لپ جيترو اَنُ/ ڪڻڪ وغيره) وجهي جيئن ئي جنڊ جي هٿئي کي جهلي ڦيرو ڏنائين ته، هٿيو (ڪاٺ جوڳن) کُڙي (نڪري) آيو ۽ جنڊ جو پُڙ ڪڙڪو ڪري ڪِري پيو. مائيءَ چڙ مان چيو، ”مٿو کاڌو.... ڏاڙهي جو!“ مائيءَ چيو ته آهستي هو. پر هڪ رات جي خاموشي ٻيو مهمان گهر جي ڀر ۾ هو، تنهن ٻڌي چيو، ”ادي، جنڊ جو ڳالهاءُ ڳرو آهي.“ مائي به حاضر جواب هئي کلي چيائين، ”ادا، اويرا مهمان جنڊ جو ڳرو ڳالهاءُ سهندا.“
    اڄ به جبل جون سگهڙ سنگهاريون ڪڻي مان ٻه ڪري گهر هلائين ٿيون. مائي لالي، جيڪا ڀرت ڀري گهر هلائيندي هئي. سندس مڙس ويچارو غريب لوهه ڪُٽيندو هو (لوهار هو) کيس هڪ ئي ڌيءَ هئي جيڪا جهڙس ئي هئي. مائي لالي پهرين جبل ۾ رهندي هئي. جبل ۾ هرڪا مائي کُڻَ (ڀرت) ڀرڻ جي استاد آهي. اتي کيس پورهيو ملي نه سگهيو ته لڏي ڪراچيءَ ۾ آئي. ڪراچيءَ ۾ اچي اهڙا اهڙا ڀرت ڀريائين جو ڏسي ڏندين آڱريون اچي وينديون هيون. لڳندو ئي نه هو ته هي هٿ جو ڀرت آهي. ائين لڳندو هو ڄڻ ڪپڙي جو. پنهنجو ئي ڦور (چٽ) ۽ پرنٽ آهي. ڪپڙا، گنديون، چنيون، چادرون، وهاڻا، پرس، ساڙهيون، گاديون، ڪشن وغيره، ساڙهين جا ته اهڙا ڊزائين ايجاد ڪيائين جو ڪراچيءَ جون مايون ڇتيون ٿي پيون. مائي لاليءَ جو تعلق حالانڪه اهڙي برادريءَ سان هو جتي گهري کائڻ عيب نه پر ”پَرِ“ (ريت) سمجهي ويندي آهي، ان جي باوجود مائي لاليءَ سڄي زندگي ڪنهن جي اڳيان هٿ نه ٽنگيو. سڄي زندگي پنهنجي پورهئي جوکٽيو (ڪمائي) کاڌو. مون به کائونس سوٽ ۽ پوتيون ڀرايون جيڪي حيران ڪندڙ آهن.
    مشهور ٽي.وي پروڊيوسر ۽ ”هم“ چينل جي ڌڃاڻي محترم سلطانه صديقي، سندس ڀيڻ شاهجهان جعفر ۽ ڀاڻيجي مشهور بيوٽيشن نبيلا جعفر ۽ ٻين به گهڻين مشهور ماين کانئس ڀرت ڀرايا هئا. مطلب ته هوءَ غير معمولي ۽ حيران ڪندڙ ڀرت ڀريندي هئي.
    مائي لالي پورهئي خاطر ڪراچي شهر ۾ آئي هئي. پر سندس تانگ سندس ڇڪ اها ئي جبل ڏانهن هئي. سدائين انهري، سدائين ناخوش ۽ اداس. اسان کيس سنهري (مسرور) ۽ کلندي گهٽ ڏٺو. هونئن به ويچاريءَ کي سک ۽ خوشيون گهٽ مليون هيون (سندس زندگي هڪ المناڪ داستان آهي جيڪو ڌار ڪتاب گهري ٿو).
    مائي لالي پاڻ ته مستقل پنهنجي ننڍڙي ڪٽنب (مڙس ۽ هڪ ڌيءَ) سان گڏ ڪراچي هلي آئي هئي. پر سندس ڀائر ۽ ويجها مائٽ جبل ۾ ئي رهيل هئا، جيڪي ساڻس ملڻ وٽس ڪراچي ايندا هئا. پر پاڻ پنهنجي مصروفيتن جي ڪري جبل ڏانهن نه ويندي هئي. سدائين ائين ئي پئي چوندي هئي، شل منهنجا ڏينهن جبل ۾ وڃي چڪن (ختم ٿين)، ۽ منهنجا ڀائر ڪلها ڏئي مون کي جبل ۾ ڍڪين (دفن ڪن). پر جي آئون هتي ڪراچيءَ ۾ مئيس ته به اها ئي پارت اوهان کي ٿي ڪريان ته منهنجو مڙهه ڪراچيءَ ۾ نه رولجو. الله اوهان کي درجا ڏيندو. منهنجو مڙهه وڃي جبل پڄائجو.“ اسين کلي چونداسين، ”ڇو، ڪراچيءَ ۾ قبرستان ڪونهن؟“ چوندي، ”اوهان جي مقامن ۾ قبرن مان هڏا ڪڍي اڇلائي ٻيا ٿا ڍڪين. منهنجا هَڏَ جبل ۾ نجو.“ ٿيو به ائين ئي، جو پنهنجي ڀاءُ جي سخت بيماريءَ جو ٻڌي هڪدم تيار ٿي جبل وئي، اتي ئي اوچتو گذاري وئي، ۽ سڀني سندس ڀائرن (بيمار ڀاءُ سميت) ۽ مائٽن ڪلها ڏئي جبل جي سُرهين ولين جا واس ڏئي کيس مهربان جبل جي مشفق هنج ۾ دفن ڪري سندس روح کي مسرور ۽ سکي ڪيو.

    واجهائي وطن کي، ساري ساهه ڏيان
    هي سِرُ ساڻيهه سامهون، منهنجو نج ميان
    مقامياڻي ماروئين، وڃي ٿر ٿيان
    ميائي جيان، جي وڃي مڙهه ملير ڏي. (شاهه رح)

    ڪوهستان ۽ ڪوهستان جي انهن ڪردارن بابت لکڻ ٿي چاهيان جن کان دنيا ۽ دنيا وارن سان گڏ پنهنجا ويجها به بيخبر ۽ اڻواقف آهن. کين خبرئي ناهي ته جُبل جا اهي سگهارا ڪردار سندن ئي عزت ۽ طاقت آهن جن جي واکاڻ ۽ ساڏ (تعريف) سنڌ ۽ سنڌين جو مانُ ۽ شان آهي.
    جبل جي سڀني ڪردارن تائين پهچڻ منهنجي لاءِ مشڪل نه پر ناممڪن آهي. تنهن هوندي به آئون انهيءَ ڪم جي شروعات ڪري رهي آهيان.
    جيڪي ڪردار منهنجي پهچ ۾ آهن، انهن جو تعارف ڪرائڻ منهنجو حق ۽ فرض آهي. جيئن جيئن جبل جي عظيم ڪردارن تائين رسائي حاصل ٿيندي ويندي، تيئن تيئن اهي پنهنجي روشن نالن ۽ سُرهن ڪارنامن سان گڏ متعارف ٿيندا ويندا.
    ’مانجو ڪوهستان‘ ۽ سندس رهاڪو لائق آهن ته اهي جڳ اڳيان نشان بر ٿين. جن جون ريتون رسمون، قدر، اخلاق ۽ سندن غريباڻي ۽ ڏکي رَهَڪَ (رهڻي ڪهڻي) جي ابتڙ نهايت شاهوڪار ۽ ڌنو ان آهن. جن جي ٻولي ۽ لهجي جي وسعت، معنويت، عظمت ۽ پراسراريت سواءِ ڀٽ جي گهوٽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه جي اڃا ڪو ٻيو ڄاڻي ۽ پرکي نه سگهيو آهي.
    ٻيا به گهڻائي گنجي ۾ گُنَ (جبل ۾ هنر) آهن جن جي آشڪار ٿيڻ سان نئين دنيا سان متعارف ٿيڻ برابر راز کلندا. شرط هي آهي ته ماڻهو پنهنجي ذهنن ۽ دلين جا در بنا ڪنهن منافقت، ساڙ، ڪيني، ۽ ڪثافت جي سچائي ۽ خلوص سان کُليا رکن، ۽ ’مانجي ڪوهستان‘ کي ڄاڻڻ ۽ سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪن.
    مانجو ڪوهستان پنهنجي سڃاڻپ، شناخت چاهي ٿو. ٻئي ڪنهن کان به نه رڳو پنهنجن کان.

    پَيرُ پَروُڙَي پاءِ، گَنجي ۾ گُنَ گهڻا
    کاهوڙي کَرا وِيا، نَڪا اَوڏي ماءِ
    جنهين ڏٺي جاءِ، تنهن موٽڻ ميهڻو. (شاهه رح)

    اهو آهي مانجو روهه (جبل) ۽ اهي آهن مانجارو هيلا (جابلو)

    سُڪا مُنهن سَندن، پَيرين پُراڻا کيٿرا
    سَاجُوءِ ڏوري آئيا، سُونهان جِتِ مُنجهن
    ڳُجها ڳُجهيون ڪَن، تِهان پَراهين پَنڌ جُون.
    (شاهه رح)

    مددي ڪتاب
    1- شاهه جو رسالو (پاڪيٽ سائز) محمد عثمان ڏيپلائي.
    2- ٻيلاين جا ٻول- ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ.
    3- ماهوار نئين زندگي رسالو- مضمون صالح محمد يار محمد سمون.
    4- سير ڪوهستان- الله بچايو يار محمد سمون.
    5- سنڌ ۽ سنڌو ماٿري ۾ وسندڙ قومون- رچرڊ برٽن.
    6- مددگار- پروفيسر رسول بخش سيٺ علي محمد بڪڪ
    7- مددگار- انجنيئر محمد بخش سيٺ علي محمد بڪڪ
    8- مددگار- مولابخش سيٺ علي محمد بڪڪ


    مانجو ڪوهستان: (خاڪا)

    هڪ ڏاهو، ڏات وند، سچو ۽ منصف ڪردار ڇُٽو خان بِڪَڪُ (مُنگهاڻي)

    ڪوهستان جي ڪردارن تي لکڻ مهل لطيف سائين لفظ لفظ تي ساٿ ڏيندو آهي.
    هاڻي به جڏهن محترم ڇٽو خان بڪڪ تي لکڻ لاءِ قلم کنيم ته مون کان اڳ لطيف پاڪ فرمائڻ لڳو،
    ماڻڪ مِٽُ سندم، اونداهيءَ ۾ سوجهرو.
    رحم، انصاف ۽ سچ جو اهڙو علم بردار جنهن جي لفظ لفظ تي اکيون ٻوٽي اعتبار ۽ يقين ڪيو ويندو هو.
    جنهن وٽ فيصلو آڻيندي هرهڪ ماڻهو مطمئن هوندو هو. اندر مان اهو پڪو پختو ويساهه اڀرندو هو ته، ’مون سان ناانصافي نه ٿيندي‘. سندس فيصلا اهڙائي سچا، ديانت ڀريا ۽ انوکا هوندا هئا.
    اهو دور اهڙو هو جڏهن عورت جو درجو ٽيون، چوٿون يا اڃا به گهٽ هو، تڏهن به آئون ڀانيان ٿي ته جبل جي عورت خوشنصيب آهي جو اهڙي دور ۾ به سندس اهميت هئي، ۽ عزت هئي. سندس ڳالهه جو وزن ۽ رتبو هوندو هو، ۽ جنهن جي راءِ وڏن وڏن فيصلن تي به اثرانداز ٿيندي هئي. آئون ته ايترو به چونديس ته، يورپ جي عورت جڏهن سماج جي هٿن ۾ رانديڪو هئي تڏهن جبل جي عورت راڄ ڌڃاڻي (ڌياڻي) هئي.
    نه رڳو وڏ گهراڻن جي عورتن لاءِ احترام هوندو هو. پر جبل ۾ عام پورهيت عورت جو به وڏو قدر هو ڇو ته عورت پنهنجي عزت جو وڏو خيال رکندي هئي/ آهي. ڪٿي به ڪنهن به ڳالهه ۾ هوءَ پاڻ کي نه ڪيرائيندي هئي/آهي.
    بک ڏک هزار هجن پر زبان سان سلڻ معنيٰ سڄي وڳر (خاندان) کي ٽِڪو (بي عزتيءَ جو نشان) سمجهندي هئي. اهڙي صورت ۾ هوءَ پنهنجي ذات جو فيصلو گهڻو ڪري پاڻ ئي ڪرڻ چاهيندي هئي. وڻند اڻوڻند (پسند/ ناپسند) جي ڳالهه بنا هٻڪ جي ڪري ويندي هئي.
    ادلي بدلي ۾ سڱ ڏيڻ جي ريت اڳ به هئي. هاڻي به آهي. ڀاءُ، سؤٽ ۽ چاچي جي بدلي ۾ ڌيءَ جو سڱ ڏبو آهي. جي مائٽ سڱ نهاري ڏين يعني برابريءَ وارو ڏين ته چڱو. انڌو، منڊو، چريو، کريو، ڪوجهو، سٺي سڱ جي بدلي ۾ نه وٺجي ته سٺو جڏهن ته ادلي بدلي مهل انهيءَ ڳالهه کي گهٽ اهميت ڏني ويندي آهي. بس، سڱ جي بدلي ۾ سڱ مليو....
    ائين ئي جبل ۾ هڪ سوهڻي ڇوڪري بدلي ۾ هڪ ڪوجهي ۽ بي عقل ڇوڪري کي ڏني وئي. ڇوڪري وڏي ٿي، سمجهو ٿي ته، شادي ڪرڻ کان انڪار ڪيائين. آسي پاسي جي ماڻهن به ڇوڪريءَ جي انڪار جو ٻڌو. انهن ڇوڪريءَ جي مائٽن کي سمجهايو جن جواب ڏنو ته، ”ڇوڪري مس سامائي آهي. شادي ٿينديس، پرڻجي جڏهن گهر جو مڏالو (زميداري) مٿي تي ايندس، ٻار ٿيندس ته خوش ٿي ويندي“.
    شاديءَ جون تياريون هيون، ڇوڪريءَ جو يڪو اهو ئي چوڻ، ”آئون نڪاح مهل انڪار ڪنديس“. نيٺ نڪاح جو وقت به آيو، شاهد پڇڻ آيا ته، ”فلاڻو پٽ فلاڻي جو توکي قبول آهي؟“ ڇوڪريءَ جواب ۾ انڪار ڪيو. ماءُ، پڦي ۽ ماسيءَ زوريءَ سندس مٿو، ’هاڪار‘، ۾ لوڏيو ۽ ’ها‘ چيو. شاهدن وڃي، ’قبول آهي‘ چيو. ائين نڪاح ٿي ويو.
    اڃا مس رات ٿيڻ واري هئي ته ڇوڪريءَ ’ٻاهر وڃڻ‘ جو عذر ڪيو. جبل ۾ ڪهڙا واش روم ڪهڙا ٽو ائليٽ ۽ باٿ روم! هوءَ ٻاهر نڪتي پيءُ جي بيٺل اٺن مان هڪ مهري اٺ تي ٽپ ڏئي چڙهي. اٺ کي ڊوڙائيندي ويڙهي کان ٻاهر نڪتي. هُلُ مچي ويو، ”ابير، رحمي اٺ تي چڙهي هلي وئي“. مرد ڊوڙي ٻاهر نڪري اٺن تي چڙهيا، ۽ تڪڙائي پويان نڪتا.
    ڇوڪري ’رحمي‘ اٺ کي مينهن واءُ ڪندي ڪراچيءَ ڏانهن راهي ٿي. ۽ اچي ٺڪاءُ ڪيائين (اچي هڪدم پهتي). ڇٽي خان بڪڪ جي گهر.
    اڃا هوءَ مس پهتي ته پويان مرد به اٺن کي ڊوڙائيندا اچي ڇٽي خان بڪڪ جي گهر سهڙيا. وڏا هُل هنگامه ٿي ويا.
    ڇٽو خان بڪڪ نهايت ماٺيڻو، گهٽ ڳالهائو ۽ نهٺو هو. هو کين اطمينان سان ٻڌندو رهيو. وري اندر گهر ۾ وڃي ڇوڪريءَ کان پڇيائين. خبرون ورتائين جنهن کيس سهڪندي سڀ ڪجهه ٻڌايو ته، ”منهنجو نڪاح زوريءَ ڪيو ويو آهي مون نڪاح مهل انڪار ڪيو هو.“
    ڇٽو خان بڪڪ گهر کان ٻاهر نڪتو، مردن کي ويهاري پاڻي ماني کارائي چيائين، ”بابا، ناحق نه ڪريو، ڇوڪري به اوهان جي، ڇوڪرو به اوهان جو. پوءِ برابري ڇو نه ٿا ڪريو؟ اهڙا نمونا ڪريوئي ڇوٿا جنهن جو نتيجو اهڙو نڪري.“
    اهي سڀيئي ماڻهو سندس عزت ۽ احترام ڪندڙ هئا. کيس چڱيءَ طرح سان سڃاڻندا هئا، کين اها به خبر هئي ته وٽس سام وٺندڙ کي ڪوبه سندس مرضيءَ خلاف نه ٿو وٺي وڃي سگهي. اهي سڀ سندس ڳالهيون ڌيان ۽ توجهه سان ٻڌندا رهيا. سندس هٿ ۾ اهو فيصلو ڏنائون جنهن فيصلو ڪندي چيو، ”ڇوڪري منهنجي به نياڻي آهي. هي گهر اوهان جو به پنهنجو گهر آهي. ويهو ٿا ٽِڪو ته ويهو. ڇوڪري اوهان کي نه ڏيندس. بلڪه آئون کيس پاڻ ئي هتي پرڻائي ڏيندس. ڇو ته ڇوڪريءَ جو ڪوبه نڪاح نه ٿيو آهي.“
    سڀني هڪ ٻئي ۾ نهاريو. پاڻ ۾ سس پس ڪيائون. ٻانهن سندس حوالي ڪري، ۽ سندس مرضيءَ تي ڇڏي پاڻ وري جبل ڏانهن روانا ٿي ويا.
    ڇٽي خان بڪڪ کي پاڻ به پنج نياڻيون ۽ ٻه پٽ هئا. کيس نياڻيون ڏاڍيون پياريون هيون، جن جا سڀ ئي لاڏ، ڪوڏ ۽ چاڳ هو پٽن کان به مٿي کڻندو هو.
    ڇوڪري رحميءَ جي همٿ ۽ جرئت کيس ڏاڍي وڻي. ڪڏهن ته مشڪي کيس چوندو هو ته، ”اٺ کي ايڏو تيز ۽ تکو ڊوڙائڻ ڪيئن آيئي؟“ رحميءَ کلي کيس ٻڌايو ته، ”جبل ۾ اهو ئي ته ڪم هوندو هو. گاهه ۽ ڪاٺيون اٺن تي لڏيندا هئاسين. جي ڏڪار ۾ وانڍا ٿيندا هئاسين، ته به لڏو اٺن تي ئي لڏيندا هئاسين. اٺن کي تيز ڊوڙائڻ ۾ آئون سڀني کان زور هوندي هيس. ته مشڪي چوندو هئس، ”تڏهن ته مردن کان به اڳ مون وٽ پهتي آهين، نه ته ڪٿي جبل ۽ ڪٿي ڪراچي؟ وڏا پنڌ، وڏا ڪشالا آهن. سٺو ٿيو مون وٽ پهتي آهين نه ته الائي ڇا ٿئي ها. جس آهي توکي ان همٿ تي.“
    رحميءَ معصوميت مان چيو، ”اتي ڪيئن رهان اهي ته مون کي گناهه جي زندگي گذارڻ لاءِ مجبور ڪري رهيا هئا.“ ڇٽي خان بڪڪ سندس مٿي تي چمي ڏئي، ”هاڪار“ ڪئي.
    ڇوڪري رحميءَ جو سڄو خاندان هونئن ته مذهب کان واقف هو. پر الائي ڪهڙيءَ مائٽيءَ جي مصلحت انهن کان اهو سڀ ڪرايو. رحمي قرآن شريف پڙهيل هئي، ۽ نماز جي پڻ پائبند هئي. اهو سڀ کيس سندس مائٽن سيکاريو هو.
    حالانڪه جبل ۾ مذهب بابت ڪا جذباتي يا گهڻي ڄاڻ ڪانهي. پر رحميءَ جو نانو جبل کان ٻاهر اڪثر واپار خاطر ويندو هو، جنهن دوران سندس واسطو تبليغي جماعت وارن سان ٿي ويو هو. جنهن پنهنجي نياڻي کي ۽ ڏوهٽين، پوٽين کي قرآن شريف پڙهايو ۽ مذهب جي باري ۾ معلومات ڏني. جنهن جي ڪري اهي گناهه، ثواب ۽ پنهنجي حقن کان واقف هئا.
    ڇٽي خان بڪڪ ڇوڪري رحميءَ جي شادي ڪراچيءَ ۾ رهيل سندس مائٽن مان هڪ سٺو ڇوڪرو ڏسي، پوءِ رحميءَ جي مرضي پڇي ۽ هن جي ’هاڪار‘ کان پوءِ ڪرائي هئي.
    اڄ ڪراچيءَ ۾ سندس اولاد جو به اولاد رهي ٿو، جيڪي سڀ تعليم يافته ۽ مذهب ڏانهن لاڙو رکندو آهن. سندس پٽ يوسي ناظم ٿيو، ۽ پوٽا / پوٽيون پڙهيل ۽ قرآن مجيد جا حافظ آهن. سندس هڪ ڏوهٽي گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ مذهبي تعليم وڏن عالمن کان ورتي. هاڻي درس، تدريس جي شعبي سان وابسته آهي. نعت خواني ۽ واعظ به ڪندي آهي. ڏاڍي سٺي، مهذب ۽ ماٺيڻي ڇوڪري آهي.
    ڇٽو خان بڪڪ نهايت رحم دل ۽ ٻاجهارو هو. ڪنهن کي به ڏک ۽ بک ۾ ڏسي نه سگهندو هو. پاڻ جيئن ته سڪيلڌو هو. پر سندس ڀينرون (سمي، ڪمي، صاحب ڏني ۽ آسودي جيڪي هن ڪتابن جي ڪردارن ۾ شامل آهن،) هيون جيڪي پاڻ ته سڀ نهايت ذهين، قابل ۽ بهادر هيون. پر سندن اولاد به بيحد قابل ۽ نامور ساماڻو، جيڪي پڻ هن ئي ڪتاب ۾ ڌار ڌار ڪردارن جي صورت ۾ موجود آهن.
    يادگيريءَ لاءِ وري به ٻڌايان ته سميءَ جا پٽ، لونگ ۽ پنهون، ڪَميءَ جو پٽ حاجي مريد بڪڪ، صاحب ڏنيءَ جو پٽ سيٺ غلام محمد بڪڪ.
    ڇٽي خان بڪڪ جي ڳوٺ ۾ جڏهن ڪي جبل مان ڏڪار ڪري لڏي اچي رهندا هئا ته هو انهن جي پر گهور لهڻ پنهنجو فرض سمجهندو هو. انهن کي کارائڻ جي شروعات پنهنجي گهر مان ڪندو هو، ۽ پنهنجي خوبصورت ۽ سلڇڻي گهر واري حاجاڻي الله رکي کي چوندو ته، ’گهر ۾ جيڪو به هجي انهيءَ مان حصو ڪڍي ڏي.‘ هوءَ اٽو، چانور ۽ گهه وغيره ڪڍي ڏيندي هيس ته هو وري پنهنجي ڀيڻن ۽ ڀاڻيجن ڏانهن ويندو هو ۽ انهن کان به حصو وٺي انهن غريب لڏي آيلن تائين پهچائيندو هو. ايستائين، جيستائين اهي پاڻ ڀرا (پنهنجي حيثيت وارا) نه ٿا ٿين.
    ڇٽو خان بڪڪ ڇهن فٽن جو نهايت خوبصورت سرخ سفيد رنگت جو ٻاجهارو ماڻهو هو. جنهن کي رڳو ٻه شوق هئا. هڪ گهوڙي سواري جو ۽ ٻيو شاعري ڪرڻ جو، گهوڙن جا وٽس سٺا نسل هئا، ۽ پاڻ وڏو شهسوار هو. شاعريءَ جي ڏات کيس ورثي ۾ مليل هئي. سندس والد مُنگهو خان بڪڪ پڻ شاعر هو.
    ڇٽو خان بڪڪ ننڍپڻ ۾ ئي ٻين کان مختلف ۽ ذهين هو. اڃا صفا ننڍو هو. مائٽن جو سڪيلڌو ۽ دادلو هو ته کيس پنهنجي مال مان هڪ ننڍو ٻڪر ڏاڍو وڻندو هو. جيڪو هو به تمام گهڻو سوهڻو هرڻيءَ جهڙو هو، جنهن کي کارائيندو پياريندو به پاڻ ئي هو. هڪ ڏينهن هڪ مهتي نالي واڻيو وٽن آيو جيڪو اڳوڻي زماني موجب مال جي بدلي مال ڏيندو وٺندو هو. تڏهن هو جبل ۾ رهيل هئا. هنن سامان ورتو ته بدلي ۾ واڻئي چيو ته،’مون کي اهو ٻڪر ڏيو‘. ان وقت نه رڳو هو پاڻ پر ڪوبه مرد گهر ۾ موجود نه هو. سندس ماءُ ۽ ڀينرن واڻئي کي چيو ته، ”اسان جو ڇوڪرو داد لڙو آهي. هي ٻڪر ان جو آهي تون ٻيو ٻڪر کڻ“. واڻيو نه مڙيو چوي ته، ”ٻڪر اهو ئي ڏيو.“ مجبورن سامان جي بدلي ۾ کيس ٻڪر ڏنائون جيڪو کڻي هو هليو ويو.
    شام جو جڏهن پيءُ سان گڏ هو گهر آيو، ۽ کيس سڄي ڳالهه جي خبر پئي ته، سڀني اهو سمجهيو ته ڏاڍو گوڙ ۽ غصو ڪندو. پر هو ماٺ ٿي ويو. ننڍڙي عمر ۾ به هو عقل جو اڪابر هو ، مائٽن جي مجبوري سمجهي نڪو ڪڇيائين نڪو پڇيائين. باقي واڻئي جي ضد تي کيس ڪاوڙ لڳي. هن انهيءَ ننڍڙي عمر ۾ به ڄڻ شعر چيو. بلڪه واڻئي کي پٽيائين،

    واءُ (بيماريءَ جو نالو) ڪڍندو وجود مان
    ٽانڪي (چمڙيءَ جي بيماري) ڪڍندو ٽنگن مان
    نزلو ڪڍندو نڪ مان، ڪوڙهه ڪڍندو ڪڇن مان.

    وري ٻيو شعر چيائين،

    گاءِ جي گوشت لاءِ ٿو مهتو مري
    ڪنو ڪندس ڪين ڪي کائيندس تري
    ڏي ڪُرُڪَو (خوبصورت) ٻڪر ڀري، ته ڇوٽڪو ڇيئه (ٿيئي) ’ڇوڪري‘ مان“. هو جيئن ته خاندان جو اڪيلو پٽ هو، ۽ عقلمند هئڻ جي ڪري هو ننڍپڻ ۾ ئي گهڻو معتبر ۽ عزت وارو هو. جنهن جي ڪري شعر ۾ پاڻ کي ”ڇوڪرو“ چوڻ تان سڀني کيس روڪيو ته، ”پاڻ کي شعر ۾ ڇوڪرو نه چئو“ ته وري بدلائي چيائين،
    ”ڏي ڪُرُڪَو ٻڪر ڀري، ته ڇوٽڪو ڇيئيه بڪڪ مان“ چون ٿا ته پوءِ واقعي به مهتي واڻئي کي اهي سڀيئي مٿيون شعر واريون بيماريون لاحق ٿيون ۽ هن ڳئون جو گوشت به کاڌو (جيڪو برهمڻ نه کائيندا آهن). يعني بيمارين کيس اهڙو چريو ڪيو جو برهمڻ ذات سان تعلق هئڻ جي باوجود هن ڳئون جو گوشت کاڌو. جڏهن کيس خبر پئي ته کيس اهي بيماريون ”پٽڻ“ جي ڪري ٿيون آهن، ته هو پاڻ کي بيماريءَ واري حالت ۾ کڻائي جبل ۾ ڇٽي خان بڪڪ وٽ آيو . پيرن پئي هٿ ٻڌي معافي ورتائين، ۽ پنهنجي ”ضد“ ڪرڻ تي کيس ڏنڊ ڀري ڏنائين. اهو سندس والد مُنگهي خان بڪڪ موٽائي ڏنو ته، ”معافي وٺڻ وڏي ڳالهه آهي.“
    هو وڏو ٿيو ته عمر سان گڏ سندس شاعري به پختي ٿيڻ لڳي ۽ هو جبل جي طاقتور ٻوليءَ جي آڌار طاقتور شعر چوڻ لڳو.
    مون پنهنجي شعري مجموعي، ”رولاڪ خواب“ جي ارپنا کيس ڪندي سندس هڪ اهڙو ئي شعر ڏنو هو،
    سڻ سسئي سمجهه ڳالهه، آهي پنڌ پري
    منزل مٿو ئي ڪين ڪو، ويا ڪيچي قهر ڪري
    تون اَسُونهين (اڻواقف) اڃ نه مرين، کڻ پاڻي پوڄ (گهڻو) ڀري
    اَمَيا (اڻ ماپيل) پنڌ اٺن جا، هلن هوت هَري (آهسته)
    ڪوهيارو ڪري، نظر هن نماڻيءَ تي.
    ۽ لکيو هيم ته، ”مٿين سٽن جي خالق ڇل ڇل وهندڙ دريائن جهڙي اَجهل (اڻ جهل) شاعر پنهنجي مانائتي ڏاڏا سائين محترم ڇٽو خان بڪڪ ولد مُنگهو خان بڪڪ جي نانءُ.“
    هُو جي هُئا هِتِ ته مٿن هوند حق ٿيو.
    مڻيون مورت مَتِ، مَانَ وِسريون ڪي لهان.
    (شاهه رح)
    سندس شاعري جبل ۾ مشهور ٿيڻ لڳي ۽ سندس شعر جو هڪ ٽڪ (هڪدم) اثر ڪرڻ تي، هو جبل ۾ هڪ سچي ۽ الهامي شاعر طور مقبول ۽ معروف ٿيڻ لڳو. جبل جا ماڻهو پنهنجون مصيبتون ۽ ڏک لاهڻ لاءِ وٽس ايندا هئا. جڏهن هو ڪراچيءَ ۾ هوندو ته کيس جبل ڏانهن وٺي ويندا هئا ته، هي قدرتي مصيبتون ۽ آفتون اسان تي آيل آهن انهن کي ٽارڻ لاءِ ڪو شعر چئو ته اهي ٽري وڃن.
    تڏهن سچي ۽ الهامي شاعر جي چيل لفظن تي وڏو ڀروسو، اعتقاد ۽ يقين ڪيو ويندو هو ته، هُو (شاعر) جيئن چوندو تيئن ئي ٿي ويندو.
    هڪ ڀيري جبل جي علائقن ’ڪِيريءَ‘ ۽ ’اُوڪَي‘ ۾ ڀڳاڙن (ٻگهڙن) جي جُهڙي (گهڻا ڀڳاڙ، جبل ۾ ڀڳاڙن جي اهڙي ميڙ کي جيڪو گڏجي حملو ڪندو آهي انهن کي ’ست ڀڳاڙي‘ به چيو ويندو آهي)، نمودار ٿي. انهن مال کائي ناس ڪري ڇڏيا هئا. غريب ماڻهو ويچارا پريشان انهن درندن سان ڪيئن پڄي سگهن؟ اهي جبل مان هلي ملهي ڇٽي خان بڪڪ وٽ ڪراچي ۾ آيا ۽ اچي کيس ’ست ڀڳاڙيءَ‘ جي دانهن ڏنائون ۽ چيائون ته، اسان سان گڏجي جبل هل، ۽ هلي اتي سر زمين تي ڀڳاڙن کي ”سِٺِ.“ (’سِٺَڻ‘ معنيٰ شاعريءَ ۾ ڪنهن کي بد دعا ڏيڻ يا پٽڻ/ پٽ ڏيڻ.) هو کيس وٺي جبل ۾ آيا جتي هن هڪ بيت چيو،
    امر ٿيو الله جو، ڀڄي ويا ڀڳاڙ
    ڪونه ڏين ڪيريءَ تي نڪو اُوڪي تي اوناڙ
    ڌڻ چارين ڌراڙ، بي ڊپا بڪڪ چوي.
    چون ٿا ته پوءِ واقعي به انهن علائقن مان ڀڳاڙن جو وجود ختم ٿي ويو ڇو ته پوءِ هونه ڪٿي نظر آيا نه ئي وري ڪنهن انهن جي اوناڙ ٻڌي.
    ڀڳاڙن، هاتارن، گدڙن (جيڪي اڄ به جبل ۾ آهن) کان سواءِ اڳ جبل ۾ چِٽا (چيتا) به گهڻا هوندا هئا، جن جو ماڻهن ۾ وڏو خوف هوندو هو.
    جبل جا ماڻهو وڏا بهادر ۽ مضبوط آهن. پر جي ڪٿان اوچتو اهڙو خطرناڪ درندو حملو ڪري وجهي ته وڏي مصيبت ٿي پوندي هئي. پر جبل جا مانجهي مرد اهڙن درندن سان به دهَدُور (مدمقابل) ٿيا ۽ سوڀارا ٿيا. جن ۾ پوپٽ بڪڪ سر فهرست آهي. ان جو ذڪر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي مرتب ڪيل ڪتاب، ’واقعاتي بيت‘ ۾ ڪيو آهي. جنهن چيتي سان آمهون سامهون، دوبدو مقابلو ڪري کيس ماريو هو. سندس ان بهادريءَ تي کيس تڏهوڪي انگريز سرڪار بندوق، ترار (تلوار) ۽ سند ڏني هئي.
    ائين اهڙن ئي مقابلي ۾ ٽن ڀائرن ڏِتو (جيڪو جسم ۾ ڪمزور هو پر دل جو وڏو مضبوط ۽ بهادر هو)، هاڙهو ۽ ٻاڙو (جيڪي ٻئي مضبوط جسم جا نهايت بهادر هئا)، انهن ٽنهي ڀائرن گڏجي چٽي کي سندس غار ۾ اندر گهڙي ماريو هو. جنهن جبل ۾ باهه ٻاري ڏني هئي. انهن کي پڻ ڇٽي خان بڪڪ پنهنجي هڪ طويل شعر ۾ خراج تحسين ڏنو آهي،
    ساراهيان سچو ڏڻي، صاحب رب ستار
    سوڀون آهين سائينءَ وس، ڏيندڙ آ ڏاتار
    مِرون (درندو، سوئرنه) آهي ملڪ ۾، چِٽو چون چؤ ڌار
    بڪڪ آهن بهادر، مانجهي مڻيا دار
    ويٺا ڇوهه ڇپر ۾، جتي گهرو جبل گرنار
    تنهن کاڌا ٿي مال ماڻهن جا، زوريءَ ۽ زبار
    نه ڪنهنجي وَرُ چڙهيو، نه ڪَيُسِ ڪنهن پچار
    امر ٿيس الله جو، ڏنس مَت ڏاتار
    اَئي (ٻڪري - اَئي) ماريائين اوڏڙي، ٻَرِڪَرَ (دانهن) ڪئي ٻڪرار
    سڏ سان ساڻي ٿيا، مانجهي مڻيادار
    آيا ته ويٺو آهي، گهڙيو منجهه (اندر) گرنار
    هُلَ ڪري ٿو هيبت مان، ڪري ڏيل ڏڪار
    اُتي ’ڏِتي‘ ڏنگي ڏيل مان، نرتون کوڙيو نار
    سو سامهون ٿيو شير کي، جُهلَههَ ڪري جهونجهار
    ورايائين وات ورهيام کي، قابو منجهه ڪپار
    اتي ’هاڙهو‘ هَمُتُ (بروقت) آيو، تونگر تنهين وار
    پوءِ ’ٻاڙو‘ ڌار آيو، ڌنئير (بهادر) ڪري ڌڌڪار
    اچي چهٽيا چٽي کي، کونسي منجهان خار
    بازو ڀري ڀَر چڙهي، آيو هرسي (شوقين) هڻڻ هار
    ته هي ماري هليا مانجهي، سو مَوکي مردار
    هُن جو مرڻ هو مرتبو، هنن کي سوڀ ڏني ستار
    کيرَ پُٽَ ڏنن رب، ڏنسن ڏات ڏاتار
    سکي ساوا آهن سي، جن جو پاڙو منجهه پاتار
    بڪڪ بيت بنايو، تنهن سوڀاري وينجهار
    ڪلمي جي قطار، ڇُٽي ويا ڇُٽو چوي.
    ائين ٿوري ٿوري ڳالهه لاءِ جيئن ماڻهو وٽس فيصلا آڻيندا هئا، تيئن ئي هو وٽس شاعريءَ لاءِ به ايندا هئا. سندس ڪيئي شعر اڄ به ماڻهن کي ياد آهن.
    شاعري سندس رت ۾ شامل هئي. سندس والد منگهو خان بڪڪ به شاعر هو. پر جيئن ته جبل ۾ اها ڳالهه مشهور آهي ته سچو شاعر لاولد هوندو آهي يعني هن کي پٽ جو اولاد نه ٿيندو آهي. گهڻو ڪري ته هو بي اولاد هوندو آهي، اها پڻ حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته لطيف سرڪار کي به ڪو اولاد نه هو، جنهن جي خبر جبل وارن کي هئي. رهائشي طور تي لطيف سرڪار جو واسطو جبل سان نه هو پر هو جبل وارن جي وجودن ۾ ٽڪيل هو، اها ڳالهه آئون هنڌ هنڌ چونديس ۽ هر هر چونديس.
    واقعي به دنيا ۾ ائين ئي هو. مرزا غالب پڻ هڪ سچو شاعر هو ۽ بي اولاد هو. اهو سڀ جبل وارن کي ڪيئن پتو پيو هو، جو هو ڇٽي خان بڪڪ کي شاعري ڪرڻ کان منع ڪرڻ لڳندا هئا. تڏهن، جڏهن کيس ٻن پٽن جو اولاد ٿيو هو. پاڻ جيئن ته اڪيلو پٽ هو. پر جڏهن کيس ٻه پٽ ٿيا ته سندس خاندان ۾ خوشيون جهمريون هڻڻ لڳيون. هو پاڻ ۽ سندس شاعري مسرور ۽ مطمئن ٿي ويا هئا، جيڪا جبل ۾ ماڻهن جي دلين ۽ ذهنن ۾ ديرا دمائڻ لڳي هئي.
    جبل وارن جو اهو خوف تڏهن سچ ٿيو جڏهن سندس وڏو پٽ نوت بڪڪ جيڪو سندس جهڙو ئي ڏاهو ۽ سڌير هو. اهو شاديءَ جي پهرين ئي مهيني ۾ گذاري ويو!! پوءِ ته سندس مائٽ سندس شاعري جي خلاف بيهي رهيا، ۽ کيس شاعري“ کان سخت طريقي سان منع ڪرڻ لڳا.
    نوجوان پٽ جي وڇوڙي ڇٽي خان بڪڪ جهڙي عقل جي اڪابر کي به انهن ڳالهين تي ويساهه آڻڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو. پوءِ هن پنهنجي ٻئي لائق ۽ غير معمولي پٽ سيٺ علي محمد بڪڪ جيڪو ان وقت 16-17 سالن جو هو ان ۾ نهاريو. پوءِ ڄڻ کيس به پنهنجي ٻئي پٽ جي وڃائڻ جو اڳواٽ خطرو محسوس ٿيڻ لڳو. ۽ هن ڇرڪي شاعري تان هٿ کنيو، ۽ پنهنجو پٽ کنيائين. جنهن سامائي کيس وڏا سک ۽ مانَ ڏنا. پاڻ سندس ڪابه خواهش اڌوري نه ڇڏيائين. 41- 1942ع ۾ جڏهن اڃا گاڏيون عام نه هيون تڏهن به وٽس گاڏي/ موٽر هئي تڏهن هو شاعري ڇڏي پٽ کڻڻ واري پنهنجي فيصلي کي درست سمجهڻ لڳو، جيڪو ڄڻ ته پڇتاءُ بڻجي ساڻس وڙهڻ لڳو هو.
    هن سنجيده شاعري ڪرڻ ته ڇڏي ڏني هئي، پر پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن ڀوڳ ۾ کائونس ڪا سٽ نڪري ويندي هئي. سندس هڪ دوست هو لکمير فقير بڪڪ جيڪو سندس ريس ۾ شاعري ڪندو هو.
    ڪنهن ڏڪار مهل ڇٽو خان بڪڪ پنهنجو مال وٺي ٺٽي ۾ آيو هو. لکمير فقير وري ڪنهن ٻئي هنڌ پنهنجو مال ڪاهي ويو هو. جڏهن ٻئي ڪراچيءَ ۾ اچي گڏ ٿيا ته لکمير فقير بڪڪ کيس چيو،
    ڇٽا آئين ڇڏي، ڪيئن ننگر مان نڪري.
    ته کيس انهيءَ مهل جواب ڏنائين،
    لکو آئين لڏي
    ڪيئن ڇپر کي ڇڏي.
    اهڙيون ڪيئي سٽون اڄ به جبل وارن کي ياد آهن جيڪي اڳ ئي سندس شاعريءَ جا معترف هئا. ۽ سندس شاعري جهونگارڻ لڳندا هئا.
    ڇٽي خان بڪڪ جي شخصيت جبل ۾ سچ جي علامت سمجهي ويندي هئي. ۽ جبل وارا پنهنجي هر ڳالهه ۾ کيس ”امين“ مقرر ڪندا هئا.
    بڪڪ برادري پنهنجي برادريءَ کان ٻاهر ڌيءَ جو سڱ نه ڏيندي آهي. مرد ڀلي ٻاهران شاديون ڪري اچن، جيئن ڇٽي خان بڪڪ جي پنهنجي ماءُ به بروهڻ هئي ۽ بزنجو ذات سان تعلق هئس. هو نهايت بلند ڪردار جي اڪابر مائي هئي.
    ڇٽو خان بڪڪ پاڻ ته مائٽن جو سڪيلڌو پٽ هو. پر کيس چار ڀينرون هيون جيڪي پنهنجي ماءُ ۽ پي وانگر غير معمولي هيون. انهن جون شاديون پنهنجي ئي خاندان ۾ ٿيل هيون جن مان هڪ ڀيڻ (سمي) جا پٽ لونگ ۽ پنهون، ٻيءَ ڀيڻ (ڪَمي) جو پٽ حاجي مريد بڪڪ، ٽي ڀيڻ صاحب ڏنيءَ جو پٽ سيٺ غلام محمد هو. جيڪي سڀ ئي پنهنجي مامي جي شخصيت مان گهڻو متاثر ۽ مرعوب هئا.

    هڪ ڀيري هڪ بڪڪ (سکيو بڪڪ) شيخ برادريءَ مان شادي ڪئي ۽ بدلي ۾ انهن کي پنهنجي ڀائٽيءَ جو سڱ ڏنو، جنهن جو گواهه ڇٽو خان بڪڪ هو جيڪو انهن ريتن ۽ رواجن تي يقين نه رکندو هو.
    سکيو بڪڪ شيخ برادريءَ مان پرڻجي آيو. ان وقت سندس ڀائٽيءَ جي عمر ننڍي هئي، اها جڏهن وڏي ٿي ته شيخ برادريءَ سڱ جو مطالبو ڪيو. شاديءَ جي تاريخ وٺڻ آيا ته، ڇوڪريءَ جا سؤٽ، ماسات (ڀاءُ نه هئس) اٿي بيٺا، ته، ’ڇوڪريءَ جو سڱ ٻاهر نه ڏينداسين!‘ جن جي حمايت ۾ ڇٽي خان بڪڪ جو پٽ سيٺ علي محمد بڪڪ ۽ ڀاڻيجا لونگ بڪڪ، سيٺ غلام محمد بڪڪ ۽ حاجي مريد بڪڪ هئا. اهي نوجوان، باهمٿ، باحيثيت ۽ جذباتي هئا.سڀني جي انڪار ڪرڻ تي شيخ برادريءَ جي بزرگن چيو ته، ”سڱ ڏيڻ جو اسان سان واعدو ٿيل آهي، جنهن جو شاهد ڇٽو خان بڪڪ آهي.“ سندس نالو ٻڌي سڀ ماٺ ٿي ويا، اهو شرط رکيائون ته، ’جي ڇٽي خان بڪڪ سڱ ڏيڻ بابت ساکيءَ واري ڳالهه مڃي ته اسين سڱ ڏينداسين!‘ اهو ٻڌي شيخ برادري مطمئن ٿي وئي ۽ چيائون، ”بيشڪ جي ڇٽو خان بڪڪ چوي ته سڱ وٺڻ مهل سڱ ڏيڻ جي ڳالهه نه ٿي هئي ته، اسين پاڻ به سڱ تان هٿ کڻي وينداسين.‘

    ويٺي جنين وٽ، ڏکندو ڏور ٿيئي
    تون تنين سين ڪٽ، اوڏا اڏي پکڙا.
    (شاهه رح)
    ڇوڪريءَ جا سڀ سؤٽ، ماسات ۽ سندس پٽ ۽ ڀاڻيجن سان گڏجي وٽس ميڙ آيا ته، ”توهان انڪار ڪريو پوءِ اسين ڄاڻو اسان جو ڪم ڄاڻي.“
    انهن سڀني سندس آڏو گهڻائي مٿا مونا هنيا. پر سندس هڪ ئي ڳالهه هئي ته، ”سڱ وٺڻ مهل سکئي خان بڪڪ منهنجي اڳيان سڱ ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي هئي.“ هو سڀني سان گڏجي اتي آيو ۽ شيخ برادريءَ جي اڳيان اچي سڱ ڏيڻ بابت ’هاڪار‘ ڪئي ته، سڀئي نوجوان بڪڪ ڇَههُ (ٿڪجي، هارائي) ٿي ويا. سندس بهادر، زوراور ۽ چيڙاڪ ڀاڻيجو سيٺ غلام محمد بڪڪ اتان ائين چئي اٿي ويو ته، ”هن گامو سچار اسان جا هٿ وڍائي ڇڏيا نه ته شيخ برادري جيڪو اسان کان سڱ وٺي اهو جڳ ڏسي ها!!“

    ڇٽو خان بڪڪ ماڻهپي جو اهڙو مثال هو جنهن تي جبل کي بجا طور تي فخر آهي. هُو اهڙو ماڻهو هو جيڪو ذات پات، مذهب فرقي جي وَرَ وڪڙ کان آجو هو. سندس لاءِ ٻين برادرين جي پڻ اها راءِ هئي ته هو سچو ۽ اصول پرست ماڻهو آهي. ائين هرهڪ جي اڳيان هُو ساک ۽ انصاف جو ماپو هو ۽ هرڪو کيس عقيدت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسندو هو، کيس ڀائيندو هو ۽ پنهنجا فيصلا سندس حوالي ڪندو هو.

    ورهاڱي کان اڳ ڪراچيءَ ۾ رهيل پنجابين، پٺاڻن ۽ ڇاڇين جا سڀيئي فيصلا وٽس ايندا هئا. ورهاڱي کان پوءِ وٽس مهاجر به پنهنجا فيصلا آڻيندا هئا. جيڪي پوءِ سندس لائق ڀاڻيجو حاجي مريد خان بڪڪ ڪندو هو جنهن کان بعد ۾ سندس ئي بيمثال پوٽو قادر بخش سيٺ علي محمد بڪڪ اهي ذميداريون نڀائڻ لڳو هو (جيڪو جوانيءَ ۾ ئي سنڌ جي ٻين ڀاڳن جيان هليو ويو).

    ڇٽو خان بڪڪ ڏور نظر رکندڙ هڪ حساس انسان هو. ورهاڱي واري هلچل کان به اڳ ڄڻ ته کيس خبر پئجي وئي هئي ۽ هن جبل وارن کي آگاهه ڪيو هو ته، هاڻي حالتون تبديل ٿيڻ واريون آهن جيڪي شايد اسان جي حق ۾ نه هجن!!
    اهو احساس جبل جي هڪ لاجواب پٽ سناسي خان بڪڪ وٽ به هو، جيڪو ڇٽي خان بڪڪ جو سؤٽ ۽ ڀيڻويو هو جيڪو پڻ هڪ ڪردار جي حيثيت ۾ هتي شامل آهي. ان مان اها خبر پڻ پئجي سگهي ٿي ته جبل جا ماڻهو ڪيڏا سچيت ۽ سجاڳ آهن.

    عقل، هوشياريءَ ۽ چالاڪيءَ بابت جڏهن هن کان پڇبو هو ته اهو ماڻهن، جانورن ۽ پکين ۾ ڪنهن ڪنهن کي آهي؟ ته پاڻ چوندو هو ته، ’ماڻهن ۾ لنگهو، جانورن ۾ گدڙ ۽ پکين ۾ ڪانگ وٽ اهي وصفون آهن. ۽ اهي وڌيڪ عقلمند، هوشيار ۽ چالاڪ آهن.‘

    ڇٽي خان بڪڪ تي لکندي ۽ سندس وڏي شخصيت جي باري ۾ ٻين کان ڳالهيون ٻڌي، ائين لڳو ته يوناني فلاسافر ڊايرجنيز جيڪو ماڻهوءَ جي ڳولا ۾ ڏينهن ۾ به بتي کڻي گهمندو هو، اهو پڻ اهڙي ئي ماڻهو جي تلاش ۾ هو يا جيئن مولاناروم رح فرمايو آهي ته.
    ڪر ديو ملو لم
    انسانم آرزو ست.

    (ديون جهڙا منهن ڏسي ڪڪ ۽ بيزار ٿي پيو آهيان، ماڻهو ڏسڻ چاهيان ٿو). ڇٽو خان بڪڪ اهڙو ئي ماڻهو هو جنهن تي ماڻهپو به فخر ڪري ڇو ته هو ماڻهپي جو شانُ هو/ مانُ هو.

    ڪَلاَ لَنئُون ڪَاءِ، مَتِ نَه سِکين مُون هِنيان
    روئندي رَاتِ وِهاء، چِڪَائيندي بَٺِيُون.
    (شاهه رح)


    هڪ غير معمولي ڪردار: سناسي خان بڪڪ (جمعاڻي)

    سڄي ڪوهستان ۾ اهڙو خوبصورت ۽ بهادر ماڻهو گهٽ ٿيو هوندو. ظاهري ڏيک ويٺ بيحد شانائتي. ڳورو/ سفيد رنگ، بدن جو قدرتي طور گهڙيل، قداور، دانا، سگهارو، بهادر اهڙو جو وڏا وڏا هنئاتا (بهادر، دل وارا) ملهه به جي خبر پوندن ته، ڪنهن شاديءَ يا غميءَ ۾ سناسي خان بڪڪ آيل آهي ته سوچي سمجهي ايندا ۽ نوڙت وارو لهجو اختيار ڪندا.
    جبل ۾ ڪهڙا اسڪول، ڪهڙا ڪاليج ۽ يونيورسٽيون (جيڪي اڄ به خواب آهن اهو زمانو ته صديون اڳ جو هو). پر جڏهن سناسي خان بڪڪ ڳالهائيندو هو ته، سندس گفتگو ۽ انداز پڙهيلن کي سوچڻ تي مجبور ڪندو هو.
    هو، انگريزن جي دور ۾ پوليس جي محڪمي ۾ اٺ سوار هو. انگريزن سان سخت نفرت ڪندو هو. انگريزن جي زماني ۾ پوليس جو اٺ سوار معنيٰ وڏي حيثيت ۽ دٻدٻي وارو. پر سناسي خان بڪڪ کي جيئن ته انگريزن سان نفرت ۽ چڙ هئي تنهن ڪري هن اها نوڪري (ٽوڪري) ٿڪ هڻي ڇڏي ڏني.
    هو اهڙو لباس پائيندو هو جو حاڪم به حيران ٿي ريس ڪندا هئا. هٿ ۾ هميشه لٺ هوندي هيس، ۽ ان لٺ لاءِ به ڪيتريون ئي ڳالهيون مشهور هيون ته، اها لٺ وڍجڻ کان پوءِ به وري مُري، وڌي ايڏي ئي ٿي ويندي آهي. ان لٺ جي ڪاٺيءَ بابت آخر تائين اها خبر پئجي نه سگهي ته ڪهڙي وڻ جي آهي.
    لٺ سدائين مينديءَ سان رتل ۽ چمڪندڙ هوندي هئي. سناسي خان بڪڪ لٺ هلائڻ جو ايڏو ماهر هو جو اڳيون اڃا مس لٺ ۾ هٿ وجهي ته، سندس لٺ وڄ وانگر وراڪو ڪري حملا آور کي ٻوٿ ڀر ڪرائي وجهندي هئي.
    جيئن ته هرهڪ علائقي جا پنهنجا قدر، ماڻ ۽ ماپا هوندا آهن تيئن وري ڪوهستان ۾ (ان وقت) اهي قدر هئا. اهو ماڻهو مانائتو ۽ مڙس ليکبو هو جيڪو پنهنجي علائقي کان ٻاهر ڪنهن زورائتي ۽ طاقتور ماڻهوءَ جي گهر ۾ گهڙي ڌاڙو هڻي مال ۽ ملڪيت کڻي ايندو هو. ان کي ”ڌاڙو“ نه پر ڪارنامو سمجهيو ويندو هو.
    باقي ڪنهن ڪمزور کي لٽڻ ۽ ڦرڻ جي ريت جبل ۾ ڪانهي. اهڙي حرڪت عيب ليکي ويندي آهي. ۽ ان تي ٿڪ لعنت ڪئي ويندي آهي.
    سناسي خان بڪڪ به انگريز جي اٺ سواري ٿڏي پاڻ جهڙا بهادر ۽ زورائتا ساٿي ساڻ ڪري هندستان (موجوده) جي سفر جو سعيو ڪيو. ان وقت سندس عمر 26- 25 سال هوندي. هو سڀ ئي ريل جي رستي اتي پهتا ۽ ’سورت‘ جي شهر جي شهرت ته اتي مندرن جي گهڻائي آهي، کين سورت جي شهر ۾ پهچايو. ان ماڳ تي رڳو هندوڪار هو. سناسي خان بڪڪ جيئن ته بهادري ۽ دانائي سان گڏ خوبصورت به هو، سو اتي ٻاون/ پنڊتن جو لباس پهري تلڪ لڳائي، مالا جپيندو مندرن ۾ وڃڻ لڳو. هندو اهڙي خوبصورت ۽ نوجوان ٻاوي کي ڏسي ٻلهار ٻلهار ٿي، سندس چرنن (قدمن) ۾ ڪري کيس پوڄڻ لڳا. هن کان پڇا ڪندا هئا ته، ”ڪٿان آيا آهيو؟“ ته هو مالا جپيندو سنڌ ڏانهن اشارو ڪندو هو ته هو کيس سجدا ڪرڻ لڳندا هئا.
    سناسي خان بڪڪ جا ساٿي ڪنهن جاءِ ۾ لڪل هوندا هئا، ۽ پاڻ مندرن جي جانچ ڪندو رهندو هو.
    هڪ مندر ۾ گهڙيو ته حيران ٿي ويو ته اتي رڳو سون ئي سون هو. ديوتا به سون جا ته ديويون به سون جون، مورتيون به سون جون ته ڳئون ۽ هاٿي به سون جا. مندر جا محافظ ۽ رکوال ان حسين ۽ نوجوان ٻاوي (سناسي خان بڪڪ) کي مندر گهمائيندي فخر ۽ عزت سمجهي رهيا هئا. وڃڻ مهل مٿس زور به ڀريندا رهيا ته، اسان وٽ رهي پئو ۽ هو بنا ڪنهن اهميت جي کين حيرت ۾ وجهي موڪلائي هليو ويندو هو.
    هو روز اهي روئدادون ۽ وارداتون اچي ساٿين کي ٻڌائيندو هو ۽ سڀ ئي گڏجي صلاحون ڪندا هئا ۽ پنهنجي واپسي جا انتظام ڪرڻ لڳندا هئا.
    نيٺ هڪ رات جو، ’سورت‘ جي انهيءَ گولڊن مندر کي، آڌيءَ رات جو ڌاڙو هنيائون. مندر جا گهڻائي محافظ ۽ رکوال هئا پر سناسي خان بڪڪ ۽ سندس بهادر ساٿين اڳيان ڪوبه بيهي نه سگهيو. اهي ڪامياب واردات ڪري سون جا مڻ کڻي سنڌ ڏانهن روانا ٿيا. باحفاظت مال سميت جبلن واري شينهن علائقي ۾ پيهي ويا.
    مندر کي لٽڻ مهل ڪنهن به مذهب سان نفرت مقصد نه هو. نه ئي ڪو مذهب وارو تعصب جبل جو نِيَمُ هو، اها ڳالهه قطعي نه هئي. پنهنجي علائقي کان پري وڏي ڌاڙي جي ۽ گهڻي کان گهڻو مال حاصل ڪرڻ جي ۽ اهو به گهڻي کان گهڻي خطري اندر. اهو ڪوهستان جي قدرن جي عين مطابق هو ته جيترو به غير علائقي مان وڏو ۽ ڪامياب ڌاڙو هڻي ايندو، اهو اوترو ئي مانُ ۽ عزت پنهنجي علائقي ۾ ماڻيندو.
    باقي پنهنجي علائقي ۾ جنهن به اهڙي حرڪت ڪئي اهو ٿڪيارو ٿيندو.
    سناسي خان بڪڪ جو ’سورت‘ واري مندر لٽڻ واري واقعي کي جبل ۾ محمود غزنوي جو سومناٿ مندر لٽڻ واري واقعي سان تشبيهه ڏني ويندي هئي.
    سناسي خان بڪڪ ۾ هڪ اهو به حيران ڪندڙ ڳڻ هو ته هو، ڪنهن مظلوم جي دانهن تي ڪيڏي به وڏي ظالم سان ٽڪرائجي ويندو هو.
    ڪوهستان ۾ جبل جي ايراضي وڏي ۽ ماڻهن جي آبادي گهٽ آهي، جيڪا پڻ ڇڙو ڇڙ ۽ هڪ ٻئي کان پري پري رهيل. پر سناسي خان بڪڪ پنهنجي براق گهوڙي تي چڙهي پنهنجي هڪ هڪ ماڻهوءَ جي سار لهندو هو. ايتريقدر جو ڏڪار وارن ڏينهن ۾ ڪي سندس ذات ڀائي (بڪڪ) غريب لڏي جبل مان ڪنهن سائي سبز مقام ٺٽي، سجاول يا دڙي واري پاسي ۾ وڃي وانڍا ٿيندا هئا ته، انهن جي سار سنڀال لهڻ لاءِ اوڏانهن به ويندو هو.
    هڪ ڀيري ائين ئي سار سنڀال لهڻ لاءِ هو دڙي ۾ آيو جتي ڪي غريب بڪڪ وانڍا ٿي آيا هئا. اهي کيس ڏسي خوشي ۽ فخر مان ٽڙي پيا ته هيڏي بهادر ۽ خوبصورت نوجوان جا اسين به ذات ڀائي آهيون.
    سناسي خان بڪڪ جو خبرون چارون وٺڻ جو انوکو نمونو هوندو هو. هو ڪنهن هڪ هنڌ يا ڪنهن اوطاق وغيره ۾ ويهي خبرون ڏيندو ۽ وٺندو نه هو. بلڪ هو هڪ هڪ گهر ۾ وڃي خبرون چارون ڏيندو ۽ وٺندو هو. ائين کيس اگهي، سگهي، اڀري سڀري، غريب ۽ اڻ پهچ جي خبر پئجي ويندي هئي. ائين ئي خبرون چارون وٺندي جڏهن هو هڪ گهر ۾ آيو ته ان گهر جو ڌڻي هڪ وڏي عمر جو ڪمزور ۽ غريب ماڻهو هو. سناسي خان بڪڪ وٽس ويهي رهيو. حال احوال وٺڻ لڳو ته، ”جبل کي ڇڏي اچڻ کان پوءِ جا ڪهڙا حال آهن؟“ ته پوڙهي جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا ۽ سندس هيڻن حالتن وارا پٽ به لڙڪ لاڙڻ لڳا. سناسي خان بڪڪ سندن لڙڪ ڏسي حيران ٿي ويو!
    جبل جو ڪيڏو به ڏکيو بکيو مرد هجي پر روئندو ناهي. سناسي خان هڪدم پوڙهي جي ڪلهي تي آٿت جو هٿ رکي چيو، ”چاچا، مون کي سچي ڳالهه ٻڌاءِ ته توسان ڇاٿيو آهي؟
    ”ابا، جيڪو ماڳ کان ٿڙندو آهي اهو هيڻو هوندو آهي!“ ايترو چئي پوڙهو سڏڪڻ لڳو ته، سناسي خان بڪڪ اتاولو ٿي چيو، ”چاچا مهرباني ڪري مون کي ٻڌاءِ ته هتي توسان ڇا ٿيو آهي؟“ پوڙهو هڪدم ڇلڪي پيو، ”ابا، اسين بي پهچ هيڻا ماڻهو....“ وري پوڙهو روئڻ لڳو ته سناسي خان بڪڪ جي نرڙ جون رڳون تاڻجي ويون ۽ هن پوڙهي کي دلاسو ڏئي چيو، ”چاچا، تون بي پهچ، هيڻو ۽ بيوس ناهين. بس مون کي سڄي ڳالهه ٻڌاءِ.“ پوڙهي کي سندس ڏنل دلاسو اندر تائين همٿون ڏئي ويو. هن چيو، ”ابا، اسين هتي وانڍا (مال جي گاهه پاڻيءَ خاطر پنهنجو علائقو ڇڏي ٻي پاسي رهيل) آهيون، هتي نڪو اسان جون زمينون نڪو پَٽَ- مال سانگي آيا آهيون. نڪو ڪنهن کي ستايون نڪو تنگ ڪريون. اسين ته ڪنهن جي ٻاڙي پاڻيءَ جي به اوڏا ڪونه وڃون. پنهنجي ٻچن ۽ مال کي واڙ هڻي مُرُڪُٽُ (منهن مونن ۾ هڻي) ڪريو پيا آهيون..... پرائو هنڌ آهي مُئي ساهه ٿا کڻون، پوءِ به هتي جا وڏيرا ۽ زميندار اسان کي نه ٿا سهن!!“
    سناسي خان بڪڪ جا ڀرون ڪاوڙ مان مٿي ٿي ويا، ۽ سندس عقاب جهڙيون تيز تکيون اکيون ٽانڊن جيان جرڪي پيون. ”ڪيئن نٿا سهن؟ ڇا ٿا چون؟ اوهين ته ڪنهن جي به زمين تي رهيل ناهيو. هي ته جهنگ آهي. جيڪو سرڪار جو آهي؟“ پوڙهي انهرو ٿي چيو، ”ابا، اهي سرڪار به ته پاڻ آهن نه...“ سناسي خان تکو ٿي چيو، ”نه چاچا، اهي سرڪار ناهن، هاڻي ٻڌاءِ ماجرا ڪهڙي آهي؟“ پوڙهي جا لڙڪ وري ڇلڪڻ لڳا، ”ابا، وڏيرن جا نوجوان پٽ ڳاڙها ريشمي رومال ڪنڌن ۾ وجهي، گهوڙن تي چڙهي اچي اسان جي واڙن ۽ لوڙهن مٿان بيهي هل هڪلون ڪندا ڳالهائيندا، اسان جي ڀونگن ڏانهن اَوڪاسي (ڪنڌ مٿي کڻي) نهاريندا ٽهڪ ڏيندا رهن ٿا. اها روز جي ڳالهه آهي. اسين ڪمزور ۽ هيڻا، بيعزتي ۽ بيغيرتي ته گهڻو ئي لڳي پر ڇا ڪريون وس ئي ڪونهي. ڇوڪرا گهڻيون ئي اُپَڪون (اڇلون) ڏئي اٿن. پر آئون کين جهليان ته مارجي ويندا. هڪ ڏينهن آئون لوڙهي کان ٻاهر ويٺو هئس ته هي پيادل ٽهڪ ڏيندا ٺٺوليون ڪندا پي آيا. مون کي دڙڪو ڏئي چيائون، ”اڙي کوڳ، ڪهڙا پيو نظارا ڪرين. اندر ڇو نٿو وهين؟“ چيم، ”ابا، نظارا ڪهڙا. واسري تي ويٺو آهيان، پنهنجي ئي واڙ جي اڳيان،“ مون بس رڳو ايترو چيو، منهنجي ايتري چوڻ تي انهن نڪا ڪئي هم نڪاتم. اچي مون کي لتن ۽ چماٽن سان ورايائون.....“ ائين چئي پوڙهو ڍنڍڪارون ڏئي روئڻ لڳو. سناسي خان جو خوبصورت گلابي چهرو ڪاوڙ مان ڳاڙهو رت ٿي ويو. هڪدم ٽپ (ٽپو) ڏئي اٿيو ۽ پوڙهي کان پڇيائين، ”تون انهن کي سڃاڻين ٿو؟“ پوڙهي ورندي ڏني، ”ها، آئون کين سڃاڻا ٿو، ٻه وڏيري جا پٽ هئا ۽ ٻيا سندن مائٽ ۽ دوست آهن. وڏيرو پاڻ به گهڻو بڇڙو ۽ ظالم آهي آئون جڏهن کيس اها دانهن ڏيڻ ويس ته ان وري ٻيڻو بيعزت ڪيو ، سناسي خان بڪڪ انهيءَ مهل وڏيري سان ڳالهائڻ لاءِ پوڙهي جي پٽ کي ساڻ وٺي سندس اوطاق تي پهتو ته، وڏيرو پاڻ وڏي ٺاٺ سان ڇپر کٽ تي ويٺو هو، ۽ ٻيا سندس ڪارندا هيٺ پٽ تي ويٺل هئا. سناسي خان بنا ڪنهن سلام جي اندر اوطاق ۾ گهڙيو ته، وڏيرو هن ارڏي خوبصورت جوان کي ڏسي ٿورو هٻڪيو. پر وري ساڳئي وڏيرڪي ٽٽ ٻٽاڪ مان هيٺ پٽ ڏانهن اشارو ڪري چيائين، ”اچو، اچو، ويهو.“ سناسي خان بڪڪ بنا ڪنهن ورندي ڏيڻ جي بيپرواهيءَ مان وٽس اچي چيو، تنهنجا پٽ ڪٿي آهن؟“
    وڏيرو هن بهادر، ارڏي ۽ بي ڊپي نوجوان ڏانهن حيرانيءَ مان نهارڻ لڳو، جيڪو سندس ئي اوطاق ۾ اچي کيس نظر انداز ڪري رهيو هو. وڏيري جا ماڻهو اکيون ڦاڙي کيس حيرانيءَ مان تڪي رهيا هئا سناسي خان وري به کيس چيو، ”تنهنجا پٽ ڪٿي آهن؟“ وڏيرو سامت ۾ اچي ويو، ”ڇو“ سناسي خان بڪڪ نهايت سپاٽ لهجي ۾ چيو، ”ڇو ته اهي مياري آهن. بلڪ ڏوهي آهن. انهن ڏوهه ڪيو آهي.“ وڏيرو ويتر حيران ٿيو چيائين،“ ڇاڪيو آهي انهن؟ تون ڪير آهين؟“ سناسي خان بڪڪ برف جهڙي انداز ۾ چيو، ”آئون ڪير به آهيان، پر تنهنجي پٽن هڪ پوڙهي جي بيعزتي ڪرڻ ۽ کين مارڻ وارو ڏوهه ڪيو آهي.“ وڏيري اطمينان سان چيو، ”اڇا، اڇا. اهو پوڙهو جيڪو جبل مان اچي هتي وانڍو ٿيو آهي.“
    ”ها!“ سناسي خان مختصر جواب ڏنو ته وڏيري مشڪي بي پرواهي مان چيو، ”جوان مڙس آهن، رت ۾ جوش اٿن، پوڙهي به ضرور ڪا حرڪت ڪئي هوندي، چريا ته ڪونهن....“ سناسي خان چڙي چيو، ”حرڪت پوڙها ڪندا آهن يا جوان؟ ۽ چريا ته آهن جو ائين ڪيائون.“
    وڏيرو جيئن ته کيس سڃاڻندو نه هو، سندس لفظن ڏانهن بنا ڪنهن توجهه ڏيڻ جي، هيٺ پٽ تي ويٺل پنهنجن ماڻهن ڏانهن نهاري مشڪي چيائين، ”ابا، جوان مڙسن سان اسين ته پڄي نه ٿا سگهون ، الهڙ آهن ڇا ڪريون.... ٻار ته ناهن جو مار ڏيونِ.“
    اهو ٻڌي سناسي خان بڪڪ بس رڳو ايترو چيو، ”ٺيڪ آهي جوان مڙسن ۽ الهڙن سان اسين پڄي وينداسين. تون فڪر نه ڪر.“ پوءِ هڪدم وڏيري کي پٺي ڏئي وڏيون وکون کڻندو اوطاق مان ٻاهر نڪري ويو. پوڙهي جا پٽ جيڪي ساڻس گڏ هئا، اهي ڊوڙندا سندس پويان ٻاهر نڪتا.
    پوڙهي وٽ اچي کائونس پڇيائين، ”اهي ڪهڙي مهل ايندا آهن؟ پوڙهي جواب ڏنو،“ ابا، واٽ اها ئي اٿن، گذرندا روز آهن. باقي انهن جي اچڻ وڃڻ جي ڪائي مهل ڪانهي....“ چيائين، ”ٺيڪ آهي چاچا، اڄوڪو ڏينهن ۽ رات اوهان جو مهمان آهيان.“
    پوڙهو ۽ سندس پٽ رڳو کيس حيرانيءَ مان ڏسڻ لڳا جنهن وٽ ڪنهن به خوف ۽ ڊپ جو ڪو نالو ۽ نشان نه هو.
    وچينءَ (ٽپهريءَ) جي ويل ٽري وئي هئي. سانجهي ٿيڻ واري هئي ته، لوڙهي جي ٻاهران کل ۽ ٽهڪن جو هُل ٿيو. پوڙهي جا ڪن کڙا ٿي ويا ته سناسي خان بڪڪ پڇيو، ”ڇاجو گوڙ آهي؟“ پوڙهي چيو،“ ابا، اهي ئي ڇوڪرا آهن.“
    سناسي خان پنهنجي لٺ هٿ ۾ جهلي اٿيو ۽ لوڙهي جي کَڙَههَ (در) وٽ آيو ته ڏهه پندرهن نوجوان لاڳيون ڏيندا، مستيون ڪندا، کلندا بي پرواهيءَ مان لوڙهي ۾ لوڻا هڻندا کڙهه وٽ آيا. سناسي خان جيڪو کڙهه تي ايسَتاده (بيٺل) هو ان کي ڏسي ٿورو هٻڪيا. پر وري پوڙهي کي ڏسي همٿ ٿين جيڪو سناسي خان جي پٺيان بيٺل هو. چيائون، ”اڙي، هي ڪهڙا رنگ رنگيلا مهمان پيو آڻين. اڃا سبق نه مليو اٿئي ڇا؟“
    انهن جو ايترو چوڻ ۽ سناسي خان بڪڪ جي لٺ وڄ وراڪا ڪري حضرت موسيٰ عليه واري عصا وانگر ڄڻ پاڻ ئي وڙهڻ لڳي. کن پل ۾ اهي ڏهه پندرهن نوجوان مُچَ/ گڏجي هيٺ ڪري پيا. پوڙهو ۽ سندس پٽ اهو لقاءُ ڏسي سڪتي ۾ اچي ويا. انهن کي هڪل ڪري سناسي خان رسيون گهرائي سڀني کي ٻڌايو. پاڻ گهوڙي تي چڙهي وڏيري وٽ آيو ۽ کيس چيائين، ”چاچا سان وهنوار/ حساب ڪتاب ڪر، نه ته تنهنجا ڇيڳڙا ڇورا مون وٽ ٻڌل آهن. آئون کڻيو ٿو وڃان جبل.
    وڏيري جي مٿي ۾ به اڃا مڳي هئي چيائين، ”ڇوڪرن کي ڇڏائڻ لاءِ مون وٽ وڏا هٿ آهن.“ اهو ٻڌي سناسي خان جهڙپ هڻي وڏيري کي ڪنڌ ۾ جهلي، گهوڙي تي اونڌو ليٽائي کڻي اتي آيو جتي وڏيرڪا ٻار ٻڌل هئا. ڇوڪرن کي هوش اچي ويو هو. هو سناسي خان بڪڪ جي هٿن ۾ وڏيري کي قابو ڏسي ڏڪڻ لڳا. سناسي خان، وڏيري کي گهوڙي تان هيٺ اڇلائي پوڙهي ڏانهن اشارو ڪري وڏيري کي چيو، ”ڇورن کي چئو ته چاچا کان پيرن پئي معافي وٺن.“

    وڏيرو ڪو بنيادي بي حياءُ هو. چيائين، ”ڇوڪرا مرضيءَ وارا آهن....”ڇوڪرن دانهون ڪري چيو،“ اسين معافي وٺون ٿا. پيرن پئي معافي وٺون ٿا!“ وڏيري ڇوڪرن کي چيو، ”ٿُڪ هَجيو ڀاڙيا!“ سناسي خان ڪاوڙ مان هڪل ڪري چيو، ”سڄي بيغيرتائي وڏيري جي آهي.“ وري جو وڏيري کي ڪنڌ ۾ جهليائين ته هو هيڊو ٿي ويو، ۽ ٽنگون گهريندو هلڻ لڳو. سناسي خان وڏيري کي سندس ڇورن سميت گهرن کان پري جهنگ ۾ وٺي آيو. ساڻس گڏ پوڙهو ۽ پوڙهي جا پٽ ۽ ڀائٽيا هئا.
    جهنگ ۾ پهچندي ئي سناسي خان وڏيري کي چيو، ”آخري ڀيرو ٿو چوان ته تون ۽ تنهنجا ڇورا چاچا کان پيرين پئي معافي وٺو نه ته....”وڏيري چيو، ”پوڙهي سان جيڪو ڪيو مون ڪيو ۽ سٺو ڪيو.“ وڏيري جو ايترو چوڻ ۽ سناسي خان سٽ ڏئي وڏيري کي جهلي، ان جا ڪپڙا لاهي کيس سندس پٽن اڳيان اگهاڙو ڪري وڻ سان ٻڌو. پوڙهي کي چيائين، ”توکي جيڪا به وڻي اها سزا ڏينس.“
    پوڙهي ۾ بدلي جي باهه ڦڙتي آڻي ڇڏي. ۽ پوءِ پوڙهي سڀني جي اڳيان کيس اهڙي اذيت ناڪ سزا ڏني جو سندس ماڻهن شرم کان اکيون پوري ڇڏيون، ۽ وڏيري جي رڙين سان جهنگ ٻُري ويو. جنهن کان پوءِ سناسي خان سڀني کي آزاد ڪيو ته، وڏيري جا پٽ پيءُ جي سزا ڏسي پاڻ مرادو پوڙهي جي پيرن تي پئي معافيون وٺڻ لڳا. سناسي خان بڪڪ کين اها ڌمڪي ڏئي گهوڙي تي چڙهي جبل ڏانهن روانو ٿيو ته، ”هاڻي اوهان جي ڪا به شڪايت مون کي ٻڌڻ ۾ نه اچي.“ ۽ واقعي ان واقعي کان پوءِ جيترا سال به پوڙهو اتي وانڍو ٿي رهيو، سندس ڪکن جي ويجهو ڪو به نه آيو.
    اهڙو ئي ۽ ان سان ملندڙ ٻيو به واقعو آهي ته ائين جبل جا ڪي ماڻهو وانڍا ٿي، ڪنهن ٻئي علائقي ڏانهن ويل هئا جن کي اتي جي پوليس وارن ڏاڍو تنگ ڪيو هو. ٻئي ٽئي ڏينهن گهوڙن تي چڙهي اچي چون ته، ”اسان کي کاڌي لاءِ ٻڪر ڏيو“. هي غريب ويچارا جيڪي رهيل ئي مال سانگي هئا. اهي کين ننڍن ٻڪرن مان هڪڙو ٻڪر ڏئي ڇڏيندا هئا. هڪ ڀيري آيا ته انهن جواب ڏنو ته، ”هاڻي اسان وٽ ڪوبه ننڍو ٻڪر ڪونهي.“ ته انهن وڏو ٻڪر گهريو ته وڏو ٻڪر ڏيڻ کان انهن وانڍن انڪار ڪيو تڏهن پوليس وارا ڇرجي (مڇرجي) پيا. وانڍن جي پرئي مڙس کي بانٺن سان ڍاڻي رکيائون، ۽ مٿان سوائي ڌمڪي ڏئي ويا ته ٿاڻي تي اوهان جي مٿان ڪيس داخل ڪنداسين.“
    اتفاق سان سناسي خان بڪڪ اوچتو انهن وانڍن وٽان وڃي نڪتو. خير اتفاق ته نه ٿو چئي سگهجي جو اهو سندس معمول هو ته پنهنجن جي سار لهجي. پر اتفاق ائين ٿو چئي سگهجي ته پوليس وارو واقعو اڃا تازو هو. سناسي خان بڪڪ اتي پهتو. اهي هرا سيل هئا. خبرون ورتائين ته انهن سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. پڇيائين، ”وري ايندا؟“ چيائون، ”ها، اڄ اچڻ جو چئي ويا آهن.“
    سناسي خان بڪڪ جيڪو مڙسن جو مڙس هو ان اطمينان سان چيو، ”اوهان بنا ڪنهن فرق جي اڳ وانگيان ئي سندن سڏ تي ٻاهر نڪري وڃجو.“ اڃا ٿوري دير مس ٿي هئي ته گهوڙن جي ٽاپ ۽ هڻڪ ٿي ته انهن ٻڌايو ته، ”اچن پيا.“ کين چيائين ويٺا هجو. اٿجو نه. ”هي ويٺائي رهيا. پوليس وارا گهوڙن سوڌو واڙ لتاڙي اندر اچي ڀونگن جي در تي بيهي هڪلون ڪرڻ لڳا. ”اوٻڍا. ٻاهر نڪر“. پوڙهي کي سناسي خان اشاري سان ٻاهر وڃڻ جو چيو ته پوڙهو ٻاهر نڪتو. پوڙهو جيئن ئي ٻاهر نڪتو پوليس وارن گارين جي ريهه لائي ڏني. ”اڙي حرامي ڀڙوا، اڄ به ٻڪر ڪونه ڏيندين ڇا؟“ انهن جو ايترو چوڻ سناسي خان بڪڪ شينهن وانگيان ٽاهه ڏئي اٿيو، ۽ گجگوڙ ڪري ٻاهر نڪتو. پوليس وارا ڪي ٽي چار هئا. انهن سڀني جي مٿان ائين ڪاهه ڪري آيو جو، انهيءَ اوچتي ڪاهه انهن جا حوصلا خطا ڪري ڇڏيا. سناسي خان جي لٺ سندن ڀيرا ڀيري وئي. جڏهن سڀيئي پوليس وارا پٽ سان ملي پٽ ٿي ويا ته، ساڳي ئي شينهن واري گجگوڙ ڪري چيائين، ”اوهان جي پيءُ جو مال آهي جو ٽيسو تاريخ ٻڪر لاءِ بيٺا آهيو؟ هلو، آئون ٿو هلان ٿاڻي تي.“ ”پوليس وارا هٿ ٻڌي معافيون وٺڻ لڳا ته سناسي خان چيو،“ چاچا جي پيرن تي پئو حرامي، جيڪو اوهان جي پيءُ جيڏو آهي.“ پوليس وارا پوڙهي جي پيرين پئي هٿ ٻڌي روئي معافيون وٺڻ لڳا. کين لٺ جي ٺوڪر سان اٿاري چيائين، ”پگهارون حرام جون ٿا کڻو جو غريبن جون کلون ٿا لاهيو، آئون اوهان جي وڏن کي به سڃاڻا ٿو... ساڻن ملندس ته پتو پوندو.“ انهن هٿ ٻڌي چيو، ”سائين، هن پاسي رڳو نهاريون ته ڏوهي ٿيون.“ سناسي خان چيو،”هنن جي حفاظت ڪجو هي مسافر وانڍا آهن. سندس ملڪ وسندو ته هليا ويندا.“ پوليس وارا هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندا گهوڙن جون واڳون هٿن ۾ جهلي جوتا گسڪائيندا، ۽ گهريندا لوڙهي کان ٻاهر نڪري ويا.
    سناسي خان بڪڪ جي شخصيت ايڏي باوقار ۽ رعب دار هئي جو ڪنهن کي به ساڻس اڳرائي ڪرڻ جي همٿ نه ٿيندي هئي. پوءِ اڳيان ڀلي ڪيڏو به وڏي پاور ۽ طاقت وارو ماڻهو ڇو نه هجي.
    پهرين مهاڀاري جنگ کان پوءِ جڏهن ترڪن خلاف انگريزن ڌرتي ٽامو ڪري ڏني هئي ته، ننڍي کنڊ جي مسلمانن سان گڏ ڪوهستان جا ماڻهو پڻ ترڪن جا حمايتي هئا.
    اهو ڪو مذهب جو معاملو نه هو. پر ظالم ۽ مظلوم جي ڳالهه هئي. انگريزن جي سياست ۽ حڪمت عملي هر ڪنهن وٽ ساريل هئي ته، هو پنهنجي مفاد خاطر ڪيئن هنڌ هنڌ، جتي ڪٿي ننهن اٽڪائيندا آهن.خلافت تحريڪ به انهن ئي انگريزن جي کونس ڦٽاين ۽ ظلمن جي خلاف تحرڪ ۾ آئي.
    جبل جي ماڻهؤ وٽ اسڪولي تعليم نه هئڻ جي باوجود شعور ۽ آگهيءَ جي ڪا ڪمي نه هئي ۽ اهي دنيا سان ڳنڍيل رهيا. اها وڏي حيرت جي ۽ سڄيءَ سنڌ لاءِ نئين ۽ قابل فخر ڳالهه آهي ته جڏهن انگريز، ترڪ جنگي قيدين کي بحري جهازن ذريعي کڻي ڪراچيءَ جي بندر گاهه جي ويجهو اچي سمنڊ ۾ ٻوڙي ماريندا هئا (جڏهن ته پنهنجي واريءَ مهل ”جنگي قيدين“ سان سٺي سلوڪ وارا معاهدا عمل ۾ آندائون جن جي پوئواري نه ڪرڻ جي سزا طور جاپان ٿي ايٽمي حملا ڪري لکين ماڻهو ماريا ۽ کاريا).
    ترڪ فوجي قيدين کي سمنڊ ۾ ٻوڙي مارڻ جي پروڙ سڀ کان پهرين ڪراچي ۾ رهندڙ بڪڪن کي پئي جيڪي تڏهن سرڪاري ملازمت ۾ هئا. انهن اها ڳالهه سناسي خان بڪڪ تائين پهچائي. پوءِ ته اها ڳالهه سڄي ڪوهستان ۾ هُلي وئي. ڪوهستان جو شينهن سناسي خان بڪڪ ڪراچي پهتو ۽ سڀني گڏجي هڪ صلاح سان حڪمت عملي جوڙي، جنهن ۾ سناسي خان بڪڪ سان گڏ حاجي نورمحمد بڪڪ، ابراهيم بڪڪ ۽ جهونجهار بڪڪ (ٻئي سناسي خان جا ڀائر)، گل محمد جورڪاڻي، دريائي ڇٽو ۽ ٻيا شامل هئا. اهي رات جو لڪي ٻيڙين ۾ چڙهي اڌ رات جو برٽش نيوي جي جهاز کان پري ٻيڙيون لڪائي پاڻ تري اندران ئي اندران پاڻيءَ مان ترڪ فوجين کي کڻي پنهنجي ٻيڙين ۾ چاڙهي محفوظ ڪنارن تائين بچائي آڻي پهچائيندا هئا. اتان کين وٺي ڪراچيءَ ۾ ئي پنهنجن گهرن ۾ آڻي کارائي پياري سندن ورديون لهرائي، پنهنجا ڪپڙا پارائي وري لڪ ڇپ ۾ ترڪي اماڻي ڇڏيندا هئا. ائين انهن تمام گهڻن ترڪيءَ جي فوجين جي جان بچائي کين ترڪي موڪليو. الائي ڪيئن انگريزن کي خبر پئجي وئي پوءِ ته ڪوهستانين لاءِ انهن رڻ ٻاري ڏنو. سندن گهرن تي ڇاپا ۽ جهڙتيون ڏنيون. ٻارن ٻچن کي ڌڪا ٿاٻا.... اهو سڀ ڪجهه ساهوڪوهستاني سهندا رهيا. پر حاجي نور محمد بڪڪ (جيڪو سرڪاري ملازم هو) ان جي گهران جهڙتي ڏيندي ترڪ فوجين جون قيدين واريون ورديون ملي ويون، جنهن کان پوءِ گرفتارين لاءِ ڇاپا هنيائون. ڇاپن ۾ مقامي ماڻهن جي ئي ساٿ دغا ۽ سازشن سان حاجي نورمحمد بڪڪ، ابراهيم ۽ جهونجهار بڪڪ گرفتار ٿيا. انهن کي پوءِ بصره (عراق) جي قيد خانن ۾ وڃي قيد ڪيائون. (ڪوهستانين جو انگريزن سان نفرت ڪرڻ جو هڪ اهو به مثال آهي ته ٻي مها ڀاري جنگ ۾، جڏهن ترڪن جرمنين جو ساٿ ڏنو ته ڪوهستاني ماڻهو جيڪي اڳ ئي ترڪن جا حمايتي هئا، انهن جو هٽلر هيرو ٿي ويو ڇو جو هٽلر ترڪن کي سٺو رت ۽ سٺو نسل قرار ڏنو هو. اڄ به ڀلي دنيا هٽلر کي ظالم يا ڊڪٽيٽر يا ڇا به چوي پر ڪوهستانين جي نظر ۾ هو هيرو آهي. ڇو جو هو پنهنجي قوم لاءِ سچو هو. ڪوهستانين ۾ اهو شعور آهي ته جيڪو ماڻهو پنهنجي قوم لاءِ سچو آهي. اهو ٻين به سچن جي عزت ڪندو ۽ ٻي وڏي ڳالهه ته هو غيرتمند هو، جنهن شڪست کان پوءِ به دشمن جي هٿان پاڻ کي گيندڙا ئي مارڻ بجاءِ پاڻ کي پاڻ موت جي حوالي ڪيو (اهڙي غيرت ڪوهستان جي قيمتي وٿ آهي.)
    سناسي خان بڪڪ لاءِ مسلسل ڇاپا هنياپي ويا. پر هُو ته پنهنجي علائقي جي پٿري، مُٽڪي جو واقف هو. کيس خبر هئي ته ڪٿي خطرو ۽ ڪٿي حفاظت آهي.
    هو جبلن ۾ پنهنجي ساٿين سان سفر ڪندي هڪ جاءِ تي آرام ڪري رهيو هو ته، اتان ڪو انگريز فوجي (ميجر) پنهنجي ماتحتن سان لانگهائو ٿيو. هو ڇرڪي پيا. پر اهي سناسي خان کان واقف نه هئا. بس مڳي ۽ وڏاندري ڪندي انگريز ميجر انهن کان پڇيو، ”اوهان ڪير آهيو؟“ سناسي خان کي سندس انداز ۽ سوال نه وڻيو. چيائين، ”ڇو؟“ انگريز ميجر ساڳي مڳيءَ ۾ چيو، ”ان لاءِ ته اهو سوال پڇڻ جو آئون حق رکان ٿو“ سناسي خان جيڪو اڳ ئي انگريزن کان سخت نفرت ڪندو هو ان کي انگريز ميجر جو لهجو ڪاوڙائي ويو. چيائين،“ ڪنهن به پرڏيهيءَ کي ڪنهن به ڏيهي کان اهو پڇڻ جو ڪوبه حق ناهي ته تون ڪير آهين؟ ها اهو اسان جو حق آهي ته اوهان کان پڇون ته اوهين ڪير آهيو؟“
    نوجوان انگريز ميجر اهو ٻڌي تپي ويو. چي، ”آئون حاڪم آهيان ۽ تون غلام....“ اهو جملو اڃا اڌ ۾ هو ته سناسي خان جو هٿ مٿي ٿيو، ۽ انگريز ميجر جي گلابي منهن تي وڏين آڱرين جا گهرا ڳاڙها نشان ڇڏي ويو. انگريز ميجر ڌڏي ته ويو. پر پنهنجي سخت ٽريننگ جي ٻل تي هڪدم پاڻ سنڀالي پنهنجي بندوق سنڀالي ۽ پنهنجي ماتحتن کي حڪم ڏنو ته، ”هن کي گرفتار ڪريو.“ هو اڃا ڪجهه ڪن تنهن کان اڳ سناسي خان جي لٺ ٻاتاڙيل انگريز ميجر کي ڪيرائي وڌو. سندس ساٿين بجليءَ وانگر انگريز ميجر جي ماتحتن کي قابو ڪري ورتو.
    سناسي خان، انگريز ميجر کي ٻڌي پنهنجي گهوڙي تي اونڌو ليٽايو ۽ سندس ماتحتن کي اتي ئي وڻن سان ٻڌو ۽ پاڻ انگريز ميجر کي کڻي روانا ٿيا.
    اڃا مس ڪو پنڌ ٿيو هوندو ته سناسي خان سٽ ڏئي انگريز ميجر کي وارن کان جهلي مٿي کنيو ۽ کيس نفرت سان ڏٺو. پوءِ هڪدم پنهنجي کيسي مان چاقو ڪڍي ان جو نڪ وڍي ڇڏيائين. هو دانهون ڪندو رهيو ۽ هو کيس موٽائي سندس ماتحتن وٽ آيو. پوءِ انهن جا سڀيئي بندوقون ۽ هٿيار کڻي کين وڻن مان کولي آزاد ڪري پاڻ روانا ٿيا ۽ پنهنجن رازدان گونا گون جبلن جي پناهن ۾ هليا ويا.

    اهو ڪو معمولي واقعو نه هو. پوءِ ته وٺ وٺان ٿي وئي. سناسي خان جيڪو اڳ ئي حڪومت کي گهربل هو. انهيءَ جي تلاش ۾ سڄو ڪوهستان اٿلائي ڇڏيائون.
    جڏهن کيس لهي نه سگهيا ته سندس ڳوٺ تي ڪاهه ڪيائون جتي سندس گهر هو. ٻه ننڍڙا ٻار، 8 سالن جي هڪ ڌيءَ ۽ 6 سالن جو هڪ پٽ ۽ سندس گهر واري جيڪا سندس سوٽ هئي ۽ جهڙس ئي سوڀياوان ۽ سورهيه هئي ۽ سندس صابر سڌير ماءُ هئا.
    سناسي خان جي عمر ان وقت تقريباً 30- 31 سال هئي. سندس مڙسي ۽ دانائيءَ جي هاڪ هنڌ هنڌ سرهاڻ جيان پکڙجي وئي هئي. سندس چاهيندڙن ۽ دوستن جو به وڏو حلقو هو جنهن ۾ ڪراچيءَ جو بيرسيٽر عبدالرحمان صاحب پڻ هو (جنهن جا پٽ بيريسٽر حسن علي عبدالرحمان، جنهن جي ڌي شيري رحمان جيڪا هن وقت امريڪا ۾ سفير آهي ٻيو پٽ طفيل علي عبدالرحمان جيڪو ملڪ جو اٽارني جنرل ٿيو هو/ هئا)

    پوليس جڏهن سناسي خان بڪڪ جي گهر ۾ ڇاپا هڻڻ لاءِ سندس ڳوٺ پهتي ته، انهن سان حڪومتي رول موجب بيرسيٽر عبدالرحمان پوليس اٽالي سان گڏ هو. اتي اچي کيس خبر پئي ته پوليس سناسي خان بڪڪ جي گهر ۾ ڇاپو هڻڻ آئي آهي ته هن پوليس کي چيو، ”آئون اڪيلو ئي گهر جي اندر ويندس. مون سان گڏ اندر هلڻ جي ڪنهن کي به ضرورت ناهي.“ هن کان اڳ بيريسٽر عبدالرحمان ڪڏهن به سناسي خان جي ڳوٺ يا گهر نه آيو هو. گهر ۾ اندر گهڙيو ته سناسي خان جي پرده نشين گهر واري وڏي چادر ۾ ويڙهجي سندس سامهون آئي، جنهن کي ڏسي ۽ جنهن جي ڏاهپ ۽ شائسته انداز واري گفتگو ٻڌي هو ڏاڍو متاثر ٿيو. سندس مٿي تي شفقت مان هٿ رکي چيو، ”بابا، سڀ خبر ٿي ويندو.“ سناسي خان جي ماءُ کي دلاسو ڏئي ۽ ٻارن کي پيار ڪري گهر مان ٻاهر نڪري پوليس کي چيائين، ”گهر ۾ ڪجهه به ڪونهي هلو...“

    بهادرن جا دوست ۽ ساٿي به بهادر هوندا آهن. پر ڪي بدنيت ڪانئر وچ ۾ وار ڪري ويندا آهن. پوليس سناسي خان بڪڪ جي ڳولا ۾ سرگرم هئي. پر کيس لهي نه ٿي سگهي.
    هڪ ڀيري هو ڪراچيءَ ۾ پنهنجي هڪ دوست وٽ ساٿين سميت آيل هو ته، سندس ڪنهن دشمن مخبري ڪري پوليس کي سندس موجودگي جو اطلاع ڏنو، پوليس اوچتو گهيرو ڪري کيس سندس ساٿين سميت گرفتار ڪري ورتو. سندس مڙئي دوست پهچي ويا. پر انگريزن کي ڊپ هو ته جي ڪيس ڪراچيءَ ۾ هلندو ته هو کين سنڀالي نه سگهندا، انهن ڪراچي ۾ ڪيس هلائڻ نه چاهيو. ۽ کيس هڪدم ممبئي وٺي وڃڻ جو حڪم ڏنائون.
    جڏهن کيس سندس ساٿين سميت ممبئي وڃڻ لاءِ پوليس جي سخت گهيري ۾ بندر گاهه تي آندو ويو ته، انهيءَ ڪوهستاني شينهن کي ڏسڻ لاءِ دنيا اٿلي پئي هئي جيڪي روئي رهيا هئا. جڏهن کيس بحري جهاز ۾ سوار ڪيوپي ويو ته سندس گهر واري، ٻه ننڍڙا ٻار، ماءُ، ڀائر، سؤٽ ۽ سڀ ئي مائٽ، عزيز ۽ دوست بندر گاهه تي ساڻس موڪلائڻ آيا هئا، جيڪي ملاقات جي اجازت نه ملڻ ڪري سڀ ئي پري کان کيس ڏسي هٿ مٿي ڪري لوڏي، ساڻس موڪلائي رهيا هئا ته اوچتو پاڻ هڪل ڪري چيائين ته، ”منهنجا ٻئي ٻار مٿي کڻو ته آئون ڏسان“. جڏهن سندس مائٽ ۽ دوست اوڇگارون ڏئي ٻارن کي مٿي ڪلهن تي چاڙهي جهليو ته سندس به اکيون آليون ٿي ڏيئن جيان ٻرڻ لڳيون. سندس روشن پيشاني تجلا ڪري رهي هئي. مائٽن جي وچ ۾ بيٺل سندس ڀر جهلي گهر واري باوقار بيٺي گونگا ڳوڙها ڳاڙي لاکيڻي لطيف جا بيت جهونگاري رهي هئي،

    مُون اُڀي تَڙَ وَٽَ، پِرِينَ پَڳهَه ڇَوڙِيا
    ڪا مُنِهين ۾ گَهٽِ، نا ته سڄڻ سٻاجها گهڻو
    ....
    مون اڀي تڙ جهل، پرين پڳهه ڇوريا
    ڪا منهين ۾ ال، ناته سڄڻ سٻاجهر گهڻو

    سناسي خان بڪڪ جي ممبئي اسهڻ کان پوءِ جبل ڄڻ ته ٻسو ٿي پيو. سندس گهر واري جنهن جي عمر ان وقت 27 سال هئي.

    سَيئي جَوڀن ڏينهن، جڏهن سَڄڻ سَفر هليا
    رُوئان رَهن نَه سپرين، آيل ڪريان ڪِيئن
    مون کي چاڙهي چِينئن، وِيو وَڻجارو اُهِرِي.
    (شاهه رح)

    اها سندس وڇوڙو نه سهي بستري حوالي ٿي وئي، ٻار ڏاڏي ۽ چاچن جي حوالي هئا. سناسي خان جي سؤٽ ڇٽي خان بڪڪ جڏهن ممبئي وڃڻ چاهيو، ته سناسي خان جي دوستن کيس جهليو ته متان اتي اوهان کي به سؤٽ هجڻ جي ناتي سان گرفتار ڪيو وڃي، اسين وڃون پيا ملاقات به ڪنداسين ۽ وري اچي اوهان کي حال احوال به ڏينداسين
    هو روانا ٿي ويا.
    سناسي خان کي ويندي به اٺ نو مهينا ٿي ويا هئا ۽ سندس دوستن به ورڻ ۾ دير ڪئي هئي. ان وچ ۾ سندس گهر واري جيڪا چوندي هئي ته، ’شال آئون سڄڻ (سناسي خان) کان اڳ وڃان، سندس وڇوڙو نه سهندي 28 سالن جي ڄمار ۾ گذاري وئي.

    ٻارو چا ٻيا به گهڻا، منهنجو اجهو آرياڻي
    چونڊي رکيم چِتِ ۾، ساجن سڃاڻي
    جاوندروڪاڻي تنهن جو موٽڻ مَسَ ٿيئي.
    (شاه رح)

    ڏک ۾ ڏک آيو سڀ ئي مائٽ هيڻا ۽ ڏکويل ٿي پيا. اوچتو اها خبر هُلي وئي ته سناسي خان جا اهي دوست ممبئيءَ مان موٽي آيا آهن جيڪي ساڻس ملاقات ڪرڻ ويا هئا. سڀڪو انهن ڏانهن ڊڊي ڊوڙيو ته انهن اوڇنگارن سان ٻڌايو ته، ”انگريزن اسان سان ڊوهه ڪيو ۽ انهن بنا ڪيس هلائڻ جي سناسي خان کي کاڌي ۾ زهر ڏئي شهيد ڪري ڇڏيو.“

    ڪوپا ڪلي ڪوڏيا، راوت ڪين رهن
    يُجَاهِدُونَ فِي سَبِيلِ الله، ڪم اهو ئي ڪن
    حورون هار ٻڌن، سهرا شهيدن کي.
    (شاهه رح)

    دوستن ٻڌايو ته جوڌي جوان اتي به کين ڪين مڃيو. ممبئي جيل جي قيدين ٻڌايو ته جڏهن جيل ۾ کيس دال ماني ڏنائون ته هن اها وٺي هيٺ رکي. جيلر کي به شايد کٽيءَ کنيو هو سو اهڙي اڻموٽ سان ڇيڙ ڪندي چيائين، ”نهارين ڇا ٿو دال ۾، هتي اها ئي ملندئي“. قيدين ٻڌايو ته اسين ان وقت دم بخود ٿي وياسين جڏهن سناسي خان پنهنجون ٽانڊا اکيون مٿي کڻي جيلر کي ڏٺو ۽ وڄ جيان دال واري پليٽ کڻي زور سان جيلر ڏانهن اڇلائي ته جيلر جو نرڙ ٻه اڌ ٿي ويو. ائين پي لڳو ته سندس مٿو ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو هو. پوءِ ته کيس سڀني کان ڌار اڪيلي کوليءَ ۾ الائي ڪٿي بند ڪيائون. پوءِ ته جيڪو ساڻس ٿيو اهو اڪيلي ٿيو. قيدين ٻڌايو ته اسان هيڏو بهادر ماڻهو نه ٻڌو نه ڏٺو هو....
    سڀئي ڊنڊ ڪرون ڏئي روئڻ لڳا. سندس دوستن ممبئي مان آندل سناسي خان جا ڪپڙا ۽ لٺ سندس ڀائرن ۽ سؤٽن جي حوالي ڪئي ته نئين سئين پٽڪارو پئجي ويو.
    دوستن ٻڌايو ته ساڻس گڏ ويل ساٿين کي سزا اچي وئي آهي، جن ۾ سندس دل گهريو دوست گل محمد جورڪاڻي به شامل هو.
    سناسي خان بڪڪ جهڙن پٽن تي ڪوهستان جيترو ناز ۽ فخر ڪري اهو ان جو حق آهي جن سر ڏنو پر آڻ نه مڃي.

    طبعي بهم رسان ڪھ، بسازي بعانمي،
    يا همستي ڪھ ازسر، عالم توان گذشت.

    (يا اهڙي طبيعت ڌاريو جو دنيا سان ٺهي ۽ منجهس کپي وڃو، يا اهڙي همٿ جو مورڳو دنيا کان ٻاهر نڪري وڃو).


    مالدار، سخي ۽ مهربان ڪردار : رُهيل بڪڪ (ڀوراڻي)

    ڏيڍ پوڻا ٻه صديون اڳ ڪوهستان واري رَوههَ ملڪ جو ’روهيلو‘ رُهيل بڪڪ پنهنجي راڄ ڀاڳ پٽن پوٽن سان گڏ جبل جي شينهن علائقي ۾ رهندو هو. ساڍن ڇهن فوٽن جو قد رکندڙ اڇي ڳاڙهي رنگت وارو ڏاڏو رُهيل بڪڪ (منهنجي تڙ ڏاڏي رکئي بڪڪ جو وڏو ڀاءُ هو)، هاٺي ڪاٺي، منهن مهانڊي ۾ يوناني ۽ رومي بادشاهن سان مشابهت رکندڙ هو.
    سندس لباس جي باري ۾ سندس پوٽو عمر بڪڪ (جنهن جي ڄمار به سؤ سالن کان مٿي آهي). چوي ٿو ته، هو رڍن جي اُنَ ۽ ٻڪرين جي ڏاس مان ٺهيل لباس پائيندو هو. جيڪو هو پاڻ ئي رڍون ٻڪريون لُڻي، ڪَتي، تاڃي، اُڻي ۽ سِڀِي پائيندو هو. چون ٿا ته اهو اوني ڊگهو چوغي جهڙو لباس پائي هو بلڪل رومي ۽ يوناني نسل جو لڳندو هو.
    وڏو مالدار هو. وٽس هزارن جي تعداد ۾ ڌڻ، ڪيراڳ ۽ وڳ هئا (رڍن، ٻڪرين ۽ اٺن جا ميڙ).
    هو پنهنجي مال سان پاڻ ئي ڌراڙن سان گڏ ويندو هو. اهو ئي سندس شوق ۽ اها ئي سندس مصروفيت هئي. مال ۾ ساهه هوندو هئس. مال جي سک لاءِ جتي ڪٿي وانڍو ٿي وڃي رهندو هو.
    هڪ ڀيري مال سان گڏ پنهنجي علائقي کان ٻاهر وانڍو ٿي ويل هو. ڪوهستان مڙيئي ڪوهستان، ڪنهن جي ذاتي ملڪيت نه هئي. وڏو جهنگ هو جتي گاهه پاڻي هو. مال چاريندي اچي هڪ هنڌ پاڻي جي تلاءَ تي پهتو. مال کي پاڻي پيئڻ لاءِ ڇڏي پاڻ پنهنجي ڪلهي تان لسيءَ جي کَلي لاهي پيئڻ لڳو. اوچتو گهوڙي جي هڻڪ ٻڌائين ۽ ڇرڪي اٿي بيٺو.
    ڏسي ته هڪ ٺهيو ٺڪيو همراهه گهوڙي تي چڙهيو وٽس آيو. رهيل بڪڪ ڪاوڙ جي چيس، ”بنا هڪل جي کَرَ کَرَ (گڏهه جي) ڪندو آيو آهين ڇو؟ پوئتي ٿي منهنجو مال ٿو ٽاهين (ڇڙو ڇڙڪرين).“
    گهوڙي سوار رعب مان چيو، ”هي علائقو منهنجو آهي. آئون وڏيرو آهيان ۽ تون بنا موڪل جي اچي مال ٿو چارين!“ وري هزارن جي تعداد ۾ سندس مال ڏانهن نهاري چيائين، ”هنن مان جيڪو به سٺو پهرو (مال) هجي اهو چونڊي ڏي“.
    رُهيل بڪڪ جيڪو اهڙي لهجي جو رهيگ (عادي) نه هو. اهو تپي باهه ٿي ويو. هڪدم گهوڙي سوار کي ٻانهن کان جهلي وٺي جو سَٽَ ڏنائين ته همراهه اچي پَٽَ تي ٻُوٿَ ڀَرَ ڪريو.
    رُهيل بڪڪ چڙي چيو، ”ڪهڙو پڻهين جو علائقو اٿئي؟ جهڙو تون تهڙو آئون، سڀني جو ساڳيو پَٽُ آهي. هي وري مڙس ڌڻي ٿي آيو آهي گهوڙي تي چڙهي پِنَ گهرڻ، تون ته گهرجائو آهين، گهوڙي تان هيٺ لهي نوڙت سان گُهر ته پِنَ به ملئي هيئن ٿو هٺ سان پنين؟ پڻهين جو مال آهي جو چُونڻَا هَو (جوان مال) چونڊي ڏاڙهي کي ڏيان؟“
    وري همراهه جي منهن ۾ نهاري جيڪو رنگ جو سانورو، بت ۾ اڀرو ۽ سندس قد جي اڌ جيترو مسَ هو، جيڪو هيٺ ڪرڻ جي ڪري پاڻ تان مٽي ڇنڊي رهيو هو، ۽ هٿ تي ڪو ڌڪ هئس ان کي کنهي به رهيو هو. تڏهن پڇيائينس،”نالو ڇا اٿئي؟“ همراهه جيڪو هيسيل هو تنهن جواب ڏنو، ”ڪالَوخان!“ رُهيل بڪڪ منهن ۾ گهنج وجهي ناگواري مان چيو، ”ڪالَو، اهو ڪهڙو نالو آهي؟“ جواب ڏنائين، ”مائٽن اهو نالو رکيو آهي.“ وراڻيائين، ”مائٽن ڌوڙ وڌي اٿئي“. وري ڏانهسن نهاريائين ته هو پنهنجي هٿ کي يڪو کَنُهِي رهيو هو ته چيائينس، ”هٿ کي ڇا اٿئي يڪو پيو کنهين؟ ”جواب ڏنائين، پِتَ ڦُرُڙي آهي.“
    رُهيل بڪڪ جيڪو پاڻ نهايت صحت مند هو اهو نفرت مان پوئتي هٽيو ۽ چيائين، ”پري ٿي ڏاڙهي (چڙمان جبل ۾ ڪنهن کي ڏاڙهي چئبو ته معنيٰ هن کي لئز ڪيائين يا گار ڏنائين)، گَرَ (چمڙيءَ جي بيماري) اٿئي، پري ٿي منهنجي مال کان به، نه ته موچڙا ڏئي ٻاهر ڪڍندو سانءِ.“
    پوءِ هن کي گهوڙي تي چڙهڻ به نه ڏنائين ۽ هو گهوڙي جي واڳ هٿ ۾ جهلي تيستائين پيدل ويندو رهيو جيستائين رُهيل بڪڪ نظرپي آيس.
    چون ٿا ته اهو وڏيري جو پٽ هو، جنهن وڃي جڏهن اها ڳالهه سربستي پنهنجي پيءَ کي ٻڌائي ته سندس پي مٿس ڪاوڙجي پيو ۽ کيس ڇڙٻ ڏيندي چيو، ”اڙي تو رُهيل بڪڪ سان وڃي ائين ڳالهايو آهي؟ جنهن کان اسين کانهاري کانهاري (پيار مان هٿ گهمائي) پوءِ ئي ڪجهه وٺندا آهيون. هو وڏو مالدار آهي، مهربان آهي، سخي آهي. جيڪو گهربو اٿس ڏئي ڇڏيندو آهي ۽ تو.... اڙي ڀاڳ وارو هئين جو توکي وڃڻ ڏنائين، نه ته اڳ ڪنهن ائين تو وانگي ساڻس ڳالهايو هوندو، ته ان کي اگهاڙو ڪري وڻ سان ٻڌي پاڻ مال ڪاهي هليو ويو هو، ۽ پوءِ سندس ماڻهن ڏي چوائي موڪليائين ته، ”فلاڻي هنڌ تي اوهان جو همراهه ٻڌو پيو آهي. کولي وڃو نه ته ڀڳاڙ ڀيرا ڀيري ڇڏيندس.“
    اهڙا به ڪردار جبل جا هئا جن کي ياد ڪندي، ساريندي خوشي ۽ فخر محسوس ٿيندو.
    اَڄُ گُهرِ جَين تُون، بَڊَا ماڻي پُنِرا
    مَٿان اَچِي مُون، وَيرِين وَاٽُون لاَئِيُون.
    (شاهه رح)


    هڪ سگهارو ۽ ڀرجهلو ڪردار سيٺ علي محمد بڪڪ (مُنگهاڻي)

    آيا آس ٿيام، ٻاروچا ڀنڀور ۾
    پسي پهر پنهونءَ جي، نُنهن سئين نيڻ ٺڙيام
    گُوندر وِسريام، سُکن شاخون ڪَڍيون.
    (شاهه رح)

    سيٺ علي محمد بڪڪ جو ڄمڻ سچ ته لطيف سرڪار جي مٿئين بيت جي تعبير هو. سندس ڄمڻ پڻ غريبن جا گوندر لاهڻ ۽ سکن جون شاخون ڪڍڻ جو باعث بڻيو.
    سيٺ علي محمد بڪڪ جا ڪاروبار، ڌنڌا ۽ ڪم عام ڪوهستانين جي مزاج جي برعڪس هئا، جن جي وسعتن جي ڪري سندس علائقي جي غريب بيروزگار ماڻهن کي مختلف ڪم مليا ۽ بيروزگاري ڄڻ غائب ٿي وئي هئي. هاري ناري، ڌراڙ، نوڪر، ڊرائيور، ڪلينر، مستري، منشي، مزدور ۽ چوڪيدار مطلب ته هر قسم جا ڪم ماڻهن کي مليا ۽ اهي روزگار سان لڳا ۽ کين سک، خوشي ۽ پاڻ ڀرائي ملي. هونئن به سندس فطرت خوشي ڏيڻ واري هئي. سندس هٿان ڪنهن کي به ڏک نه رسيو، ”هٿان حبيبن، ڪڏهن ڪونه ڏکويو.“
    ڪوهستان جو ذڪر جڏهن به جتي به ايندو تڏهن اتي سيٺ علي محمد بڪڪ جو ذڪر سٺن، بلڪ شاندار لفظن ۾ ڪيو ويندو. ان وٽ ڪوهستان جي ڏکن ۽ سورن جي خاتمي جو مشن هو.
    سيٺ علي محمد بڪڪ هڪ بهادر، سخي، عقل جو اڪابر، صابر، ساهو، بي انتها ذهين، هر ريت ۾ حسين، شانائتو، وضعدار، مشڪلون آسان ڪندڙ ۽ مهان ماڻهو هو.
    هن پنهنجي سڄي زندگي محنت ڪندي گذاري. هو سخت محنت ڪش هو. محنت واري ڪم کان ڪڏهن به نه ڪيٻايائين. پنهنجي زمينن ۾ لابارو ٿيندو هو ته هارين سان گڏجي لابارو ڪندو هو. روڊن رستن ۽ جبلن ٽوڙڻ وارو سندس ڪم هوندو هو ته، پنهنجن ئي پگهاردار نوڪرن ۽ مزدورن سان گڏجي پاڻ به پٿر کڻندو ۽ ڍوئيندو هو. محنت وارو ڪم ڪندي کيس راحت ملندي هئي.
    پيسي جي وٽس ڪڏهن به ڪا ڪمي نه هئي. سندس ٽجوڙيون هميشه پيسن مان ڦڦڪنديون هيون، جن جا دروازه نوڪر لتون ڏئي بند ڪندا هئا. پاڻ پوءِ به نهايت سادي زندگي گذاريندو هو. وٽس گاڏين جي ڪابه ڪمي نه هئي. سڄي بلوچستان ۽ ڪوهستان ۾ ٽرانسپورٽ جو پايو وجهندڙ هو. جبل ۾ جڏهن ماڻهن گاڏيون اکين سان نه ڏٺيون هيون، تڏهن پاڻ روڊ ۽ رستا جوڙي اتي گاڏيون پهچايائين.
    جابلو علائقا جتي وِرِٿَ (گرانٺ) جيترو به سنئون سيڌو پٽ نه هو، اتي ڊائنا مائيٽ سان جبل ٽوڙي رستا ٺاهي ماڻهن لاءِ سک ۽ سهولتون پيدا ڪيائين.
    سندس ڪاروباري ڪوٺي لي مارڪيٽ ڪراچي ۾ هُئي/آهي، جتي پنهنجو ڪم پورو ڪري اٿندو هو ته، گهر وڃڻ لاءِ پنهنجي خاص گاڏي ۽ ڊرائيور کي نه ڏسي بنا ڪڇڻ پڇڻ جي ٽيڪسي يا بس ۾ گهر هليو ويندو هو.
    عجيب قلندر شخص هو جنهن پنهنجا ماءُ ۽ پيءُ ٻچن وانگي سنڀاليا. ٻچا ته شهزادن وانگي پاليائين. پاڻ علم جو عاشق ۽ روشن خيال هو. پنهنجي سڀني ٻارن کي اعليٰ تعليم ڏياريائين. سندس وڏو پٽ قادر بخش بڪڪ ٽرپل ايم اي ۽ ايل ايل. بي هو. ٻيو پٽ پروفيسر ڊاڪٽر رسول بخش بڪڪ پيٿالاجيءَ جو پروفيسر آهي ۽ آمريڪا ۽ يورپ جي ڪيترن ملڪن جو ڊگري يافته آهي. ٽيون پٽ محمد بخش بڪڪ اليڪٽريڪل انجنيئر آهي ۽ چوٿون پٽ مولابخش بڪڪ سنڌ گورنمنٽ ۾ هڪ اعليٰ آفيسر، لطيف جو ڄاڻو، اعلانثر نويس، شاعر ۽ هن وقت (جولاءِ 2009ع)”شاه جي رسالي“ جو منظوم اردو ترجمو ڪرڻ ۾ مشغول آهي. سيٺ صاحب جون نياڻيون پڻ تعليم يافته آهن.
    سيٺ علي محمد بڪڪ شروع ۾ مال ڌاريو ته وٽس ڍڳين جا ٽرڊ (ميڙ) هئا. جن جي ڪوٿ/ داڻي، گاهه ۽ چاري لاءِ وڏا دڪان کولي ڇڏيائين. جڏهن سندس مال جا ڌراڙ ۽ نوڪر مال جو داڻو ۽ ڪوٿ وڏين سيمنٽ جي ڪونڊين ۾ ڇوڙيندا/ پسائيندا هئا ته، سندس چوڻ هو ته ڳوٺ ۾ جنهن به غريب وٽ هڪ ٻه ڳئون يا ٻڪريون هجن ته، انهن کي ٻئي وقت سندن مال لاءِ ڪوٿ ڏنو وڃي. ڳوٺ جا غريب ماڻهو جڏهن سيمنٽ جي وڏين ڪونڊين مان ڇُڙيل ڪُوٿ جون بارديون ڀري ڇلڪائيندا، هاريندا پنهنجي مال لاءِ کڻي ويندا هئا ته، ڪوٿ هارڻ تان چڙي جڏهن ڌراڙ کين هڪلون ڏئي چوندا هئا، ”ڪوٿ ته کڻون ٿا پر هاريو ڇو ٿا؟“ تڏهن ماڻهو کلي چوندا هئا، ”ڏي ڏاتار، ڦاٽي.... ڀانڊار جي.“
    ائين ئي جڏهن پاڻ ٽرانسپورٽ جو ڪاروبار شروع ڪيائين ته، سندس گاڏين ۾ غريب ماڻهو بنا ڀاڙي جي ايندا ويندا هئا.
    اهو دور ورهاڱي کان اڳ جو هو. جڏهن اڃا گاڏيون عام نه ٿيون هيون ۽ بلوچستان ۽ ڪوهستان جي ماڻهن جي عام سواري اٺ، گهوڙو يا ڍڳي گاڏي هئي. ڍڳي گاڏي به ات هلندي هئي جتي ڪو سنئون سيڌو پٽ هوندو هو. نه ته ڍڳا حضرت آدم عليه السلام جي ڍڳن وانگيان پاڻ ڳالهائي بيهي رهندا هئا، ”ڪيئن هلون، سنيئن زمين ڪٿي آهي؟“ سيٺ صاحب اهڙن هنڌن تي روڊ رستا بنائي ڪراچيءَ کان حب، دريجي، ٻيلو، اٿل، وندر، پٻني، خضدار، وڍ، ڪنراچ، هنگلاچ، اورماڙو، گوادر، مند، پنج گور، تربت، قلات، وغيره تائين گاڏيون هلايون.
    جبل جا ماڻهو جن ڪڏهن گاڏيون ڏٺيون ئي نه هيون اهي ته، پهرين پهرين گاڏين جو آواز ٻڌي خوف مان ڀڄي لڪي ويا هئا. هڪ هنڌ جڏهن سيٺ علي محمد بڪڪ جي وڏي گاڏي"walkeshaw" جنهن کي عرفِ عام ۾، ”واقعي شاهه“ چيو ويندو هو. اها گاڏي تمام وڏي ۽ نهايت غير معمولي هئي، جنهن جي اڳيان پراڻن بحري جهازن وانگي هڪ وڏو لوهي چڪرو هو جنهن ۾ ٿلها لوهي رسا ويڙهيل هوندا هئا.
    انهي گاڏيءَ جو اهو ئي مخصوص ڪم هوندو هو ته جتي به ڪا گاڏي/ ٽرڪ/بس وغيره ڦاسي پوندي هئي ته، ان کي لوهي رسن سان ٻڌي ڇڪي ڪڍي ايندي هئي. اها گاڏي غير معمولي وڏي گاڏي هئي. اهڙي گاڏي اڄ تائين ڪٿي به نظر نه آئي. اها گاڏي جڏهن پهرين جبل ۾ پهتي ته ان کي ڏسي پهرين ته ماڻهو ڊڄي ڀڳا. پر جڏهن کين ٻڌائي، سمجهائي موٽائي آندو ويو ته به پري پري کان پيا ڏسن ته هيءَ آفت اسان کي کائي ويندي. نيٺ کين ويجهو آڻي گاڏيءَ تي هٿ رکايائون ته دل جهلي بيٺا ۽ پوءِ اهي ويا ۽ گاهه جا وڏا بُٺا ۽ پاڻي کڻي آڻي گاڏيءَ جي اڳيان رکيائون ته اها کائي ۽ پئي. انهن سمجهيو ته گاڏي به اٺ ۽ مال وغيره جيان گاهه پاڻي کائيندي.
    رات جو سيٺ علي محمد بڪڪ جڏهن پاڻ پنهنجي جيپ ۾ اتي پهتو ته، وري به جبل جا ماڻهو ڊوڙي آيا ته رات وڏي گاڏي ويامي آهي ۽ (جيپ ڏانهن اشارو ڪري) هيءُ ٻچو ڄڻيو اٿس.
    اهڙي دور ۾ جڏهن غربت عروج تي هئي. تڏهن هُن ماڻهن لاءِ سک ۽ سهنج ڪيا، غريبن کي ڪراچيءَ مان پنهنجن پيسن تي سامان وٺي ڏئي، پنهنجي گاڏين ۾ کڻائي سندن علائقن ۾ دڪان کولائي ڏنا.
    ”وَڍَ“ جيڪو اڄ هڪ شهر جي صورت اختيار ڪري ويو آهي ۽ جيڪو سردار عطاءُ الله مينگل جو اباڻو علائقو ۽ مرڪز آهي. اتي اڳ ڪجهه ڀونگن ۽ لوڙهن کان سواءِ ڪجهه به نه هو. وڌ ۾ وڌ سردارن جا ڪچا مٽيءَ جا گهر اڏيل هئا جتي ماڻهن جو گذر سفر مال ۽ باراني زمينن تي هو. يا ته رڍن ۽ ٻڪرين جي لڻيل اُنَ/ ڏاس تي هو، جنهن جو ملهه مال جي بدلي مال يعني جنس جي بدلي جنس واري ريت ۽ ڪاروبار هو.
    سيٺ علي محمد بڪڪ جون گاڏيون جڏهن اتي پهتيون ته وَڍَ ۽ خضدار جا بروهي اُن ۽ ڏاس جا ڪيئي مڻ ۽ ٽن وزني ننگ (وڏيون ڳوڻيون)، گاڏين ۾ وجهي ڪراچيءَ ڏانهن اماڻيندا هئا. جيڪي ڪراچي ۾ سيٺ علي محمد بڪڪ جي وڏن گدامن ۾ رکبا هئا. مال سان آيل ماڻهن کي سيٺ علي محمد بڪڪ پاڻ وٽ رهائي کارائي پياري سندن مال جو سٺو سودو ڪرائي وڪڻي کين پيسا ۽ راشن وٺي ڏئي گاڏين ۾ سوار ڪرائي سندن گهرن ڏانهن روانو ڪندو هو.
    روڊن ۽ رستن جي سلسلي ۾ جڏهن پاڻ وَڍَ (علائقو) ۾ ويو ته، اتي ماڻهن جي ڏکئي گذر سفر کيس گهڻو ڏکويو. انهن کي ضرورت جي ذري ذري شيءِ لاءِ گاڏين جو انتظار ڪرڻو پوي ٿو، پوءِ پاڻ اتي جو اتي نقشو تيار ڪري قطار ۾ آمهون سامهون دڪان اڏڻ جو چئي پاڻ ڪراچي موٽي آيو. دڪانن لاءِ ضروري سامان سودو، راشن ۽ ضرورت جون سڀ شيون موڪليائين. جڏهن دڪان اڏجي تيار ٿيا ۽ منجهن راشن ۽ سودي وغيره جو سامان رکجي ويو ته، دڪانن جو افتتاح ڪرڻ لاءِ سردار عطاءُ الله مينگل، سيٺ علي محمد بڪڪ کي وڍ وٺي ويو جتي ٻنهي گڏجي دڪانن جو افتتاح ڪيو.
    افتتاح ڪرڻ واري پهرين ڏينهن سردار عطاءُ الله مينگل دعوت ڪئي (سندس گهر به وَڍَ ۾ آهي). ان ۾ سيٺ علي محمد بڪڪ ۽ سڀني دڪاندارن شرڪت ڪئي. ماني کائڻ کان پوءِ هڪ دڪاندار اٿي چيو، ”سڀاڻي منهنجي پاران دعوت آهي.“ اڃا سيٺ علي محمد بڪڪ ڪجهه چوي تنهن کان اڳ سردار عطاءُ الله مينگل چيو، ”سڀاڻي سيٺ صاحب جو ڪراچيءَ ۾ ضروري ڪم آهي جنهن لاءِ کيس اتي پهچڻو آهي.“ اهو ٻڌي سيٺ علي محمد بڪڪ حيران ٿي ويو، ڇو جو ٻئي ڏينهن تي کيس ڪوبه ضروري ڪم نه هو. جڏهن سڀئي ماڻهو موڪلائي هليا ويا ته سردار عطاءُ الله مينگل کلي چيو، ”اسين جي سڀاڻي اُن دڪاندار جي ماني کائون ها ته، پوءِ انهن سڀني دڪاندارن جي ماني کائڻ لازمي ٿي پوي ها، جن جو تعداد اوهان کي خبر آهي ته سو کان به مٿي آهي ۽ جي هڪ جي ماني کائي ٻئي جي نه کائون ها ته جيڪر اهي پنهنجي بيعزتي سمجهي ڪاوڙجي پون ها ته، فلاڻي جي ماني اوهان کاڌي اسان جي ڇو نه ٿا کائو. ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙي صورتحال تي بندوقون به کڄي وينديون آهن.“
    انهي ڳالهه جو ذڪر پوءِ به سردار عطاءُ الله مينگل ساڻس ڪندو هو ته، ”اتي جي اسين هڪڙي دڪاندار جي ماني کائون ها ته الائي ڪيترا مهينا اتي رهڻو پوي ها.“ اهڙي ريت سيٺ صاحب سڄي بلوچستان ۾ روڊن جو ڄار وڇائي ڇڏيو.
    لطيف سرڪار سان هر هڪ جبل واسي عشق ڪري ٿو (جيڪو به سنڌي ٻولي ڳالهائيندو آهي). سيٺ علي محمد بڪڪ به لطيف سائينءَ جو عاشق هو (جنهن جو ذڪر مون پنهنجي ڪتاب ”ڇپر ڪين ڏي...“ ۾ ڪيو آهي، جيڪو ڪراچي يونيورسٽيءَ جي لطيف چيئر ڇپايو آهي). پَٻُني ناڪي وٽ سيٺ علي محمد بڪڪ جي گاڏين جو اسٽاپ هوندو هو. اها ئي پٻني جتي اچي سسئي ويچاري ٻاتاڙجي وئي هئي رڳا جبل ئي جبل ڏسي.

    آڏ تِرڇا آهڙا، ڏاڪا ڏونگر کي،
    هي جي وَرَ وندر جا، ماريندا مون کي،
    هاڙهو هيڻيءَ کي، لنگهائج لطيف چئي.
    (شاهه لطيف)

    سسئيءَ جو ته هونئن ئي پهڻن ۾ پير پيو هو جو ڀنڀور به پٿرائين ٽڪريءَ تي واقعه آهي. پوءِ به نج جبل جي مقابلي ۾ کيس ميداني علائقو چئي سگهجي ٿو.
    پاڻ (سسئي) اصل ته الائي ڪٿي جي هُئي. سيوهڻ جي يا.... پر جن کي ”ڳڙو“ ٿي اچي ملي هئي انهن به اکين جو نور ڪري سانڍي هئي جو، ”ڄائي کان نيپاڄ مٿي“ ۽ ”مُور کان لاڀ مٺو“ هوندو آهي. پر سسئيءَ ويچاريءَ کي ته ڪرم جا ڪي ڌڪا لکيل هئا جو اچي پهاڙن ۾ پئي. لطيف بادشاهه به حق تي چيو آهي.

    سِرِ جي تانُ سُورَ، سامائي تان سک ويا،
    اهي ٻئي پُورَ، نماڻيءَ نصيب ٿيا.

    پٻنيءَ وٽ اچي جبلن ته کيس گهڻو ورچايو ۽ ڏکويو پر اتي هڪ ڀنوارئين (ڀنوائتي) بئوش (وحشي) ڌراڙ ’للي ليڏڻي‘ کي ڏسي ڊني ۽ هيڪاري پريشان ٿي وئي. للو جيڪو مال چارڻ لاءِ نه ٿي ويو ته کيس ماءُ چيو هو، ”ابا، مال چارڻ وڃ، اتي توکي ’ڏندان‘ (ڏندن) ڪَرِڪِي ڪنوار ملندي“. سسئيءَ کي ڏسي هن ڀانيو ته اها ئي امان جي ڏسيل ڪنوار آهي سو جيئن ئي هو، سسئيءَ ڏانهن وڌيو ته سسئي هرڻ وانگيان ڇال ڏئي وٺي ڀڳي ته سندس چنڊ چهري تان چادر سرڪي پئي. سندس سونهن جو تجلو ٿيو ۽ سامهون وار جبل جرڪي پيو، جنهن کي اڄ به مقامي ماڻهو ’مُنهن ٻار‘ جبل چوندا آهن. يعني جتي سسئي جو منهن ٻاهر ۽ ظاهر پڌرو ٿيو. اهو جبل اڄ به سج ۾ انڊلٺ وانگيان ست رنگي لڳي ٿو. انهيءَ جبل ۾ چون ٿا ته ’چرولي‘ نالي پٿر آهي. سسئيءَ، ڀنوارئين للي ليڏڻي کي ڏسي هر اسيل هرڻيءَ جيان ڇال ڏيندي ڀڄندي پي وئي. اڳيان جيڪو به وڻ واٽ ۾ پي آيس ان تان ٽپ ڏيندي ٻرانگهون ڀريندي لطيف چواڻي پي وئي،

    ولاڙئو وڻين چڙهي، ڏئي پٽولي لانگ،
    ٽاريءَ ٽاريءَ ڇانگ، سسئي مور ٻچن جيان

    قصو ته وڏو ۽ تفصيلي آهي. مختصر ائين ته اتان هڪ سوڙهي پيچري تان ڀڄندي ڊوڙندي پي وئي. للو سندس پويان حيران پريشان پي آيو. سوڙهو پيچرو پار ڪري سسئيءَ ڏٺو ته اها هڪ وادي هئي جيڪا چؤڦير جبلن جي گهيري ۾ هئي. ”ڪرڙا ڏونگر ڪه گهڻي، جت ماٿر مٿاهين.“ انهيءَ مٿاهين ماٿري ۾ پاڻ کي جبلن ۾ ڦاٿل ڏسي دعا گهريائين ته زمين ڦاٽي پئي ۽ پاڻ انهيءَ ۾ پيهي وئي. انهيءَ واديءَ جو نالو ’سنگهر‘ آهي ڇو جو اتي جبل سنگهر/ زنجير وانگر ڪڙو منجهه ڪڙي جيئن جڙيل آهي.
    سيٺ علي محمد بڪڪ، ’سنگهر‘ واري علائقي ۾ اٺن ذريعي آيو، ڇو جو جبل جي سوڙهي پيچري تان ڪنهن به گاڏيءَ جو گذر ناممڪن هو. سواءِ اٺن ۽ پيادن جي ٻيو ڪنهن به ذريعي اتي پهچڻ ممڪن نه هو. سيٺ علي محمد، سسئي ۽ پنهون جي قبر (گڏيل) وٽ آيو جيڪا مٽيءَ جي هڪ بُٺيءَ جي صورت ۾ هئي. لطيف بادشاهه جي دادلن ڪردارن کي جبلن ۾ هينئن اجڙيل، بيجلو ۽ ننڌڻڪو ڏسي کيس گهڻو ڏک ٿيو ۽ پاڻ سندن قبر ٺاهڻ جو ارادو ڪيائين پر ڪيئن؟ اتي اڏاوت وغيره جو سامان ڪيئن پهچائجي؟ سسئيءَ وٽ پهچڻ لاءِ ته هڪ ئي گذرگاهه هو، جيڪو جبلن جو اهو اوکو سوڙهو پيچرو هو، جتان هڪ ماڻهو يا ڪو اٺ ئي گذري سگهيو ٿي.
    سيٺ علي محمد بڪڪ جيڪو هڪ ماهر قدرتي انجنيئر هو ۽ روڊ ۽ رستا بنائڻ جو ايڪسپرٽ هو (جنهن جي ڪيل ماپ کي ڪو وڏو انجنيئر به رد ڪري نه ٿي سگهيو). تنهن انهيءَ سوڙهي پيچري کي وڏو، موڪرو ۽ گاڏين جي هلڻ لائق بنائڻ لاءِ پنهنجي تيز ۽ روشن اکين سان پيچري جو جائزو ورتو ۽ جانچيو. جنهن کان پوءِ موٽي ڪراچي آيو جتان ضروري سامان ۽ ماڻهو کڻي پٻني (علائقو) پهتو ۽ ان سوڙهي پيچري واري جبل کي ڊائنامائيٽ سان ٽوڙي پيچري کي ايڏو وڏو ڪرايو، جو اتان ڪا جيپ، ڊاج وغيره آسانيءَ سان گذري سگهي. جنهن کان پوءِ هُن سسئي ۽ پنهونءَ جي گڏيل خوبصورت قبر هڪ ڇاپري جي هيٺيان بنائي. قبر جي سار سنڀال ۽ خدمت لاءِ هڪ پگهاردار مجاور نالي لاهوتي وهاريو، جنهن کان پوءِ کيس اطمينان ٿيو ته هاڻي مائي سسئي لطيف سرڪار کي دانهن نه ڏيندي.
    سسئيءَ جي قبر تي هاڻي ته مقبرو پڻ بنايو ويو آهي ۽ اتي خير خيراتون ۽ لنگر ورهايا وڃن پيا. پر جڏهن سسئي ۽ پنهونءَ جي آخري آرام گاهه سنگهر جي ماٿريءَ ۾ مٽيءَ جي هڪ ڍڳ جي صورت ۾ ننڌڻڪي حالت ۾ هئي جتي پهچڻ به ناممڪن هو. تڏهن سيٺ علي محمد بڪڪ جبل ٽوڙي، رستا جوڙي سسئي جي آخري آرام گاهه بنائي دنيا سان متعارف ڪرايو. هاڻي ڀلي اتي ڪو تاج محل تعمير ڪري (آمين) پر سسئي جي مقام جي سڃاڻپ سيٺ علي محمد بڪڪ ڪرائي. ان لاءِ هاڻي اهو به پيو ٻڌڻ ۾ اچي ته ڪن ڪامورن جا پونيئر اهو ڪريڊٽ پنهنجي وڏن کي ڏيڻ ۾ رڌل آهن، جن جي وڏن تيار رستي تان گذري سسئيءَ جي بنيل قبر جي ڀر ۾ لطيف جا ڪجهه فريم ٿيل بيت رکيا.
    ضلعي خضدار جي مشهور درگاهه حضرت شاهه بلاول نوراني جي مزار تائين، ائين ئي جبل ٽوڙي سيٺ علي محمد بڪڪ رستو بنايو، جتي اڳ ميڙي (ميلي) تي ويندڙن کي وڏي ڏکيائي هوندي هئي.
    شاهه نوراني تي ويندڙ جا ٽي (زيارتي) هڪ مقام ’محبت فقير‘ وٽ گاڏيون بيهاري پاڻ اٺن تي يا پيدل حضرت شاهه بلاول نوراني جي مزار تائين ويندا هئا. ڇو جو شاهه نورانيءَ جي ’پِڙَ‘ تائين پهچڻ لاءِ اڳيان جبلن ۾ هڪ سوڙهو ۽ ننڍو رستو بلڪه واٽ هئي. ان جي ڀر مان هيٺ هڪ ’ڍورو‘ وهندو هو/ آهي، جتي انبن، کجين، آمرين ۽ ڄموئن جا بيحد وڏا ۽ گهڻا وڻ آهن. انهيءَ مقام کي ’ڏندڻو‘ چيو وڃي ٿو. روايت آهي ته انهيءَ ڍوري وٽ حضرت شاهه بلاول نوراني ڏندڻ ۽ وضو ڪندا هئا، جنهن نسبت سان انهيءَ جاءِ کي، ’ڏندڻو‘ چيو وڃي ٿو. جبلن جي انهيءَ سوڙهي واٽ تان زيارتي پاڻ ۽ سندن ٻار ٻچا گِهرِ جي پِڙَ ۽ مزار تائين پهچندا هئا.
    ’محبت فقير‘ تائين به تڏهن (1950- 1951ع) سڀئي گاڏيون رڳو سيٺ علي محمد بڪڪ جون هلنديون هيون ۽ پاڻ سڄي بلوچستان جو تڏهن اڪيلو ئي ٽرانسپورٽر هو. جنهن پوءِ ساڳئي نموني ڊائنا مائيٽ سان جبل ٽوڙي، موڪرو (ويڪرو) ڪري گاڏين جو رستو بنائي ماڻهن لاءِ آسانيون پيدا ڪيون، ان کان پوءِ ننڍيون گاڏيون (جيپ/ ڊاج وغيره) محبت فقير جي زيارت کان پوءِ، سڌيون پِڙَ تائين پهچڻ لڳيون ۽ وڏين گاڏين جا زيارتي پڻ محبت فقير کان پوءِ ننڍين گاڏين ۾ ويهي پِڙَ ۾ پهچڻ لڳا.
    شاهه نورانيءَ جي ميلي ۾ ماڻهو پهچائڻ لاءِ جيئن ته سيٺ علي محمد بڪڪ جون 10- 11 گاڏيون هلنديون هيون، ۽ ميلي تي ويندڙ آخري گاڏي غريبن، فقيرن ۽ ملنگن لاءِ مفت ويندي هئي. انهي زماني ۾ سيٺ علي محمد بڪڪ جون گاڏيون هڪ ته سندس لي مارڪيٽ واري اسٽاپ تان وينديون هيون، ۽ ٻيون سندس گهر واري وڏي گيراج مان وينديون هيون.گاڏين جا ڊرائيور جن جون وڏيون پگهارون، وڏيون عزتون، سٺا کاڌا، جتي گاڏيون بيهن اتي انهن لاءِ ڪڪڙ ٻڪر ڪسجيو وڃن ۽ وڏيون دعوتون ٿيو وڃن. ڇو جو تڏهن اڃا گاڏيون نيون نيون ماڻهن ڏٺيون هيون ۽ انهن کي هلائڻ وارا ته وڏي ڳالهه هئا. معنيٰ ته عام کان مٿي ۽ منفرد هئا.
    سيٺ علي محمد بڪڪ جا سڀئي ڊرائيور نوجوان ۽ برجستا هئا ۽ جڏهن اهي تيار ٿي اچي ڊرائيونگ سيٽ تي وهندا هئا ته عام کان مختلف لڳندا هئا. بوسڪيءَ جا ڪپڙا، قراقليون ٽوپيون، ڪارا چشما، ڪارا ايراني ريشمي وڏا رومال ڪلهن تي، سونيون زنجيرون ڪنڌن ۾، سونهري پٽن واريون گهر گليون روليڪس واچون ڪراين ۾، وڏن ڳاڙهن ٻُڙن واريون ٿلهيون سونيون منڊيون آڱرين ۾، ڪارا چلڪڻا چيڪاٽ ڪندڙ بوٽ پيرن ۾ پائي، گاڏين جون چاٻيون آڱرن ۾ رنگائي اهڙي ته ٺاٺ سان هلندا هئا جو هوائي جهاز جا پائلٽ پري ٿي بيهن.
    شاهه نوراني تي ويندڙ آخري مفت هلڻ واري گاڏيءَ جو ڊرائيور، هاشم بڪڪ هو جيڪو نهايت حاضر جواب ۽ ڀوڳائي هو. گاڏيءَ ۾ چڙهڻ لاءِ سڀيئي غريب، فقير ۽ ملنگ اچي گڏ ٿيا هئا. انهيءَ ڳوٺ (حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ) جو هڪ چريو جنهن جو نالو مصري هو ۽ ذات جو ’ٻُرو‘ هو. اهو به پراڻن ڪپڙن جي هڪ وڏي هڙ ۽ پنهنجي زورائتي ڪتي سميت اچي سهڙيو. هيڏي هوڏي پيو لوڻا هڻي. هر ڪو پيو کيس ڌڪي ٻاهر ڪڍي ته اوچتي سندس نظر گاڏيءَ جي ڊرائيور، هاشم بڪڪ تي پئي جيڪو گهوٽ بڻيو ٽلي رهيو هو. هڪل ڪري چيائين، ”هاشو، او هاشو. ڪهڙي گاڏي نورانيءَ تي وڃي پئي؟“
    سيٺ علي محمد بڪڪ جي وڏي گيراج ۾ سندس ڪيئي گاڏيون بيٺل هيون، جن ۾ هڪڙو خراب کيکڙو بنا ٽائرن جي بلاڪن تي رکيل هو. هاشم بڪڪ مشڪي بلاڪن تي رکيل کيکڙي ڏانهن اشارو ڪري چيو، ”او، هو پريون کيکڙو پيو نوراني تي وڃي. ڊوڙي وڃي هنڌ والار نه ته جاءِ ڪانه ملندئي.“ اهو ٻڌي مصريءَ هڪدم ڊوڙ ڪري بلاڪن تي رکيل کيکڙي ۾ پنهنجي بيحد وڏي ميرن پراڻن ڪپڙن واري هڙ اڇلائي ۽ پنهنجي ڪتي کي به چاڙهي پاڻ ٽپ ڏئي کيکڙي ۾ چڙهي ويهي چوڻ لڳو، ”سٺو ٿيو جو سويرو آيوس. اويرو اچان ها ته هنڌ ئي ڪونه ملي. اڃا ته سڄي گاڏي خالي آهي.“ ميڙي تي وڃڻ واري گاڏيءَ ۾ ماڻهو ويهندا ويا ۽ گاڏي رواني ٿي وئي. مصريءَ کي جڏهن گهڻي دير ٿي ته سڏ ڪرڻ لڳو، ”هاشو، اوهاشو، ماڻهو نه ٿا هلن ته ڇڏين کڻي. مون کي ته وٺي هل نورانيءَ جي ميڙي تي.“
    اهو هو سچو ڀوڳ جيڪو ياد اچي ويو. انهيءَ ساڳي ئي چرئي سان لاڳاپيل هڪ دکدائڪ واقعو پڻ آهي ته، هڪڙو پٺاڻ مڇي وڪڻڻ وارو آيو. مصريءَ هن کان مڇي ورتي. جڏهن پٺاڻ پيسا گهريا ته چوي، ”آهين ئي ڪونه!“ پٺاڻ چيو، ”مڇي موٽائي ڏي.“ ته مصريءَ هڪدم مڇي اڇلائي پنهنجي ڪتي کي ڏني. مڇيءَ وارو پٺاڻ اچي ڪاوڙيو ۽ جيئن ساڻس وڙهڻ لاءِ اڳيان وڌيو ته، مصريءَ يڪدم ڦڙتيءَ سان پنهنجو ڪتو کڻي اڇلائي مڇيءَ واري پٺاڻ کي هنيو. ڪتو به زورائتو ۽ پاڻ مصري چريو به سگهارو سو جيئن ئي پٺاڻ کي زور سان ڪتو هنيائين ته، وڃي سيني ۾ لڳو ته پٺاڻ زيپوڙو ڪري هيٺ پٽ تي ڪريو ۽ بيهوش ٿي ويو. اهو سڀ اک ڇنڀ ۾ ٿيو. ماڻهن ڊوڙي اچي پٺاڻ کي مٿي کنيو ته پٺاڻ ۾ ساهه جڙي ئي ڪونه. وري ڊوڙيا ۽ ڊاڪٽر کي وٺي آيا جنهن اچي ڏسي تپاسي چيو ته، ”هي مري ويو آهي.“ پوءِ ته پٺاڻ جي مائٽن وٺ وٺان لائي ڏني. مصري چرئي کي پوليس ٻڌي کڻي وڃي بند ڪيو. ڪيس هليو ۽ جڏهن مصريءَ کي عدالت ۾ بيان ڏيڻ لاءِ آندو ويو ته هن چيو، ”پٺاڻ کي مون نه، ڪتي ماريو آهي.“ ڪجهه مهينا جيل ۾ بند رهيو ۽ پوءِ کيس چريو چئي آزاد ڪري ڇڏيائون.
    مصري چرئي جي واقعن جو هن مضمون سان واسطو ڪونهي پر اها به هڪ ڪوهستاني چرئي جي روئداد آهي جنهن لاءِ هتي گنجائش نڪري پئي.
    شاهه نوراني تي ويندڙ گاڏين جا ڊرائيور اتي ويساهين (ساهي پٽڻ) کائڻ لاءِ ٽڪي پوندا هئا. جيئن ته شاهه نوراني جي مزار هڪ ماٿريءَ ۾ آهي جيڪا تمام وڏن جبلن جي ٻانهن ۾ ويڙهيل آهي.
    اتي جا جبل ايڏا وڏا ۽ ڊگها آهن جو ڪڪر به انهن جبلن جي اڌ مان گذرندا آهن. لطيف چواڻي، ”ڇپر ۽ ڇمر، ٿا لڳهه لڳن پاڻ ۾...“ اهي جبل اهڙا پراسرار ۽ قديم آهن جن جي پراسراريت ۽ قدامت تي لکجي ته ڪيئي ڪتاب لکجي وڃن، جن جو ٿورو ذڪر مون پنهنجي ڪتاب، ”شاهه لطيف جي ٻوليءَ جو تحقيقي جائزو“ ۾ ڪيو آهي اهو ڪتاب ڪراچي يونيورسٽي (لطيف چيئر) ڇپايو آهي.
    انهيءَ پراسرار واديءَ ۾ شاهه نورانيءَ جي درگاهه پڻ هڪ جبل جي اڌ ۾ آهي. جيئن ته اتي زمين اڻ لڀ آهي سو، سيٺ علي محمد بڪڪ پنهنجي گاڏين جي ڊرائيورن، ڪلينرن، مسترين، منشين ۽ پنهنجي نوڪرن جي رهڻ، سمهڻ وغيره لاءِ شاهه نورانيءَ جي درگاهه جي ڀر وارن جبلن کي ٽوڙي هيٺ مٿي وڏا وڏا ٿلها ٺهرايا، ڇو جو ميڙي ۾ تمام گهڻا ماڻهو ايندا هئا جن لاءِ پِڙَ ۾ هنڌ ئي نه ٿيندو هو.
    وڏن ڌنڌن ۽ ڪاروبار ۾ وير ۽ دشمنيون پڻ وڏيون ٿينديون آهن. ائين ئي بلوچستان جي بااثر ماڻهن پنهنجي اثر کي گهٽ ٿيندو ڏسي سيٺ علي محمد بڪڪ سان وير رکيو. هيڏانهن هوڏانهن رنڊڪون ۽ رڪاوٽون وجهڻ لڳا، جن کي پاڻ ڪا اهميت نه ڏيندو هو. ڇو جو سندس سڄو ڪاروبار سچ تي ٻڌل ۽ قانون جي تحت هو. پر ويري ته ويري آهن سو هڪ ڀيري شاهه نوراني جي ميلي جي موقعي تي اتي گهات هڻي ويهي رهيا. جڏهن سيٺ علي محمد بڪڪ جون سڀ ئي گاڏيون زيارتن/ جاٽين کي شاهه نوراني جي پِڙَ ۾ پهچائي، اچي محبت فقير جي مزار تي بيٺيون (جتي سندن اسٽاپ هو) ۽ سڀ ئي ڊرائيور، ڪلينر وغيره آرام ڪرڻ لاءِ شاهه نوارني جي ڀر وارن جبلن ۾ ٺهيل ٿلهن تي هليا ويا ته، آڌي رات جو گهات ۾ ويل هچارن خالي گاڏين تي فائرنگ شروع ڪري ڇڏي. گاڏيون وڏيون هيون (ٽرڪون ۽ بسون وغيره)جن ۾ هڪ هڪ گاڏيءَ ۾ 10-12 ٽائر لڳل هئا. اوچتي فائرنگ جي آواز تي سڀ ئي ڊوڙي اچي اتي پهتا. پرويري ڀڄي ويا.سيٺ علي محمد بڪڪ پاڻ ڪراچيءَ ۾ هو جنهن کي اطلاع ڪيو ويو، جيڪو اطلاع ملڻ شرط هڪدم سڀني گاڏين جا سڀيئي نوان ٽائر ۽ گهربل سامان ۽ مستري ساڻ کڻي اتي پهچي ويو ۽ سڀني گاڏين کي نوان ٽائر لڳرائي ڇڏيا. پاڻ ميلي جي پڇاڙي تائين نورانيءَ جي پڙ ۾ رهيو ۽ ميلي جي پڄاڻيءَ تي سڀني گاڏين کي زيارتين سميت موٽائي آيو. پوءِ خبر پئي ته ويرين جو خيال هو ته سندن ڪارروائيءَ سبب گاڏيون اتي ئي بيٺيون رهنديون ۽ مسافر رلي ويندا. پر سيٺ علي محمد بڪڪ جهڙو بهادر ۽ ذهين ماڻهو اهو سڀ ڪٿي برداشت ٿي ڪري سگهيو. جنهن کان پوءِ دشمني ويتر وڌي وئي. پٻني ناڪي واري اسٽاپ تي بيٺل سيٺ علي محمد بڪڪ جي هڪ بس کي باهه ڏئي ساڙيو ويو ته سڄي خلق ڪاوڙجي پئي. مجرمن کي جهلڻ لاءِ سرڪاري مشنري به حرڪت ۾ اچي وئي، دريجيءَ جو ايماندار نائب تحصيلدار راجه منظور جيڪو ڏاڍو متحرڪ عملدار هو. ان هڪ هڪ مجرم کي ڳولي ڳولي گرفتار ڪيو. انهن پوءِ ڏوهه باسيو ۽ بااثرن جا نالا ظاهر ڪيا. اهڙيءَ صورتحال ۾ سيٺ علي محمد بڪڪ جا جذباتي چاهيندڙ ڪاوڙجي پيا، جن ۾ بروهين جي اڪثريت هئي جن بدلي طور ويريين کي وڏا نقصان ڏنا.
    انهيءَ سڄي ڇڪتاڻ ۽ جهڳڙي ۾ سيٺ علي محمد بڪڪ جو پنهنجي ماڻهن کي اهو ئي حڪم جهڙو چوڻ هو، ”مال جو، گاڏين جو، زيان ۽ نقصان ٿيئي ته ٿيئي، باقي ڪوبه جاني نقصان ٿيڻ نه کپي . نقصان ته نه ٿئي بلڪه ڪنهن به ماڻهوءَ کي ڪوبه جسماني ڌڪ نه لڳڻ کپي.“
    سيٺ علي محمد بڪڪ جو راڄ ڀاڳ به وڏو هو ته، کيس چاهيندڙن جو حلقو به نهايت وسيع هو جيڪي پڻ بدلي وٺڻ لاءِ آتا ۽ مستعد هئا، تنهن کان علاوه سندس جانثار ڊرائيور جيڪي نهايت بهادر ۽ سگهارا هئا ۽ مقابلي لاءِ سدائين مسلح ۽ لانچيل هوندا هئا انهن چيو، ”اسين وڙهڻ لاءِ اڳرائي نه ڪنداسين. پر جي اهي پنهنجن علائقن ۾ اسان جي سامهون آيا ته اسين به کين نه ڇڏينداسين.“ پر سيٺ علي محمد بڪڪ جي کين اهائي هدايت هئي ”وڙهجو نه!“ هُو قتل ۽ خون جي سخت خلاف، نرم دل ۽ ٻاجهارو انسان هو.
    دشمني ۽ وير جي انهيءَ طويل سلسلي جو جڏهن پير سائين پاڳاري، ڄام آف لسٻيلا ڄام مير غلام قادر عالياڻي ۽ سردار عطاءُ الله مينگل پرچاءُ جي صورت ۾ خاتمو ڪيو ته، سيٺ علي محمد بڪڪ سان اهي روئي ڀاڪر پائي مليا. حالانڪه پير سائين پاڳاري ۽ سڀني منصفن مٿن ڏوهه ڏنڊ پڻ رکيو هو. ان جي باوجود جڏهن اهي کليءَ دل سان مليا تڏهن سيٺ علي محمد بڪڪ کين چيو، ”اڄ اسين هڪ ٻئي سان سينو سيني سان ملائي مليا آهيون ته اسان کي ڪوبه ڏک ۽ پڇتاءُ ڪونهي. ڇو جو انهيءَ سڄي ويڙهه ۾ ڪو هڪ به جاني نقصان نه ٿيو آهي.“ سڀني اها ڳالهه مڃي ۽ کليءَ دل سان اعتراف ڪيو ۽ ان جو ڪريڊٽ سيٺ علي محمد بڪڪ کي ڏنو.
    پير سائين پاڳاري سان سيٺ علي محمد بڪڪ جي شروع ۾ سڃاڻپ به سندس گاڏيون ۽ جبل جي ڏکين علائقن سان سندس وابستگي هئي.
    سيٺ علي محمد بڪڪ جون گاڏيون جيئن ته، بلوچستان جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين هلنديون هيون جن ۾ هنگلاچ جهڙو ڏکيو علائقو پڻ شامل هو. هڪ ڏينهن سيٺ علي محمد بڪڪ پنهنجي لي مارڪيٽ واري ڪاروباري ڪوٺي ۾ ويٺل هو ته هڪ ماڻهو آيو، جنهن پنهنجو تعارف ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب طور ڪرايو ۽ چيائين، ”پير سائين پاڳاري جو هنگلاچ وڃڻ ۽ پٻ جبل ۾ شڪار ڪرڻ جو پروگرام آهي جنهن لاءِ اوهان جي رهنمائي کپي.“
    سيٺ علي محمد بڪڪ حامي ڀري ۽ شڪار جي پروگرام جو ٻڌي هيڪاري سرهو ٿيو. سيٺ علي محمد بڪڪ هڪ نهايت ماهر شڪاري هو جنهن وڍ، خضدار، ڪنراچ ۽ پٻ جبل ۾ وڏا شڪار ڪيا، جن ۾ چِٽي (چيتي) جو شڪار پڻ شامل آهي. مصروفيتن جي ڪري شڪار لاءِ وقت گهٽ ملندو هئس. پر پوءِ به شڪار لاءِ وقت ڪڍي ويندو هو. ان وقت جبلن ۾ بي انداز شڪار هوندو هو. تنهن هوندي به پاڻ احتياط سان شڪار ڪندو هو. پوءِ ته شڪار ڪرڻ بلڪل بند ڪري ڇڏيو هئائين.
    پير سائين پاڳاري سان هنگلاچ ۽ پٻ جبل ۾ شڪار جو پروگرام بنيو جنهن ۾ ساڻس گڏ سندس سؤٽ سيٺ غلام محمد بڪڪ پڻ شامل هو. پير سائين پاڳاري جون پنهنجون گاڏيون ۽ پنهنجون تياريون هيون. جڏهن ته سيٺ علي محمد بڪڪ پڻ پنهنجي طرفان مڪمل تياري ڪئي هئي، ڇو جو پاڻ انهن رستن ۽ جبلن جي ڏکيائين کان واقف هو.
    سائين پير پاڳارو پنهنجي مريدن (حرن) ۽ دوستن سان گڏ انهن علائقن ۾ پهريون ڀيرو وڃي رهيو هو. کيس انهن علائقن جي باري ۾ معلومات نه هئي.
    سيٺ علي محمد بڪڪ ۽ سيٺ غلام محمد بڪڪ پنهنجي پنهنجي جيپن ۾ هئا. قافلي ۾ گاڏيون گهڻيون هيون جن ۾ پير سائين پاڳاري جون مختلف گاڏيون هيون، جن ۾ راشن پاڻي، کاڌو پيتو بلڪه هر طرح جو سازو سامان موجود هو.
    سائين پير پاڳاري جي اسپيشل جيپ سڀني کان اڳيان هئي، جنهن جي پويان ٻيون سڀيئي گاڏيون هيون. سڀ ئي گاڏيون جبلن جون چڙهايون چڙهنديون ويون. جيئن پوءِ تيئن جبلن جون چڙهايون وڌنديون ڏکيون ٿينديون ويون. ننڍيون گاڏيون چڙهنديون ويون. وڏيون گاڏيون جن ۾ راشن پاڻي ۽ کاڌو پيتو هو اهي وڏيون ۽ ڏکيون چڙهايون چڙهي نه سگهيون ۽ پٺيان هيٺ ئي رهجي ويون. تان جو آخر ۾ پير سائين پاڳاري جي گاڏي، ڪي سندس مريدن جون گاڏيون ۽ سيٺ علي محمد بڪڪ جي جيپ ۽ ڊاج ۽ سيٺ غلام محمد بڪڪ جي جيپ مٿي جبل جي چڙهاين تائين پهچي ويون. رات ٿيڻ واري هئي. سائين پير پاڳاري پنهنجي خاص ماڻهن (حُرن) کي چيو، ”پاڻي ۽ ڪافي کپندي.“
    حُر ڏسن ته سائينءَ جي انهن گاڏين مان ڪا هڪ گاڏي به مٿي پهچي نه سگهي آهي، جن ۾ سائين پير پاڳاري جو اسپيشل فرانس جو پاڻي ۽ سندس مخصوص ڪافيءَ جا ڀريل ٿرماس هئا. پوءِ ته ڏاڍا پريشان ٿيا. بلڪه حر ته اصل ٻاتاڙجي ويا. سائين پير پاڳارو به کين حيرانيءَ مان ڏسڻ لڳو ته اوچتو سيٺ علي محمد بڪڪ چيو، ”سائين ڳڻتيءَ جي ڪا به ڳالهه ڪانهي. کاڌو پاڻي سڀ ڪجهه موجود آهي.“ چانهن، ڪافي، پاڻي ۽ ٻيون کاڌي جون چيزون سائينءَ جي اڳيان رکيائين ۽ ٻين به سڀني موجود ماڻهن اڳيان رکيائين ته سيٺ غلام محمد بڪڪ پڻ پنهنجي جيپ مان خاص بنايل مٺايون، ڪيڪ ۽ بسڪيٽ کڻي آيو. اهو سڀ ڏسي سائين پير پاڳارو گهڻو خوش ٿيو ۽ چيائين. ”بڪڪن جي مهرباني آهي نه ته حال برا هئا.“ کاڌي پيتي وغيره مان فارغ ٿي شڪار لاءِ تيار ٿيا. پير سائين پاڳاري جو پٻ جبل ۾ يا انهن ڪرڙن ۽ ترڇن جبلن ۾ شڪار ڪرڻ جو اهو پهريون ڀيرو هو جن لاءِ لطيف سائين فرمايو آهي،

    ڪرڙا ڏونگر ڪه گهڻي، جِتِ جبل گوناگون
    يا
    آڏ ترڇا آهڙا، ڏونگر کي ڏاڪا

    پير سائين پاڳارو انهن ڪرڙن گوناگون جبلن جي آڏن ترڇن ڏاڪن تان، بنا ڪنهن پرواهه ۽ خوف جي جبلن جي گڊن ۽ سرهن وانگيان ڇال ڏيندو مٿي چڙهندو پي ويو. اهو لقاءُ ڏسي حُر پريشان ٿي ويا ته الائي ڇا ٿيندو؟ جيئن جيئن سائين پير پاڳارو اوکن اڙانگهن جبلن تان مٿي چڙهندو وڃي، تيئن تيئن حُرن جو ساهه ويڙهجندو مٺ ۾ ايندو وڃي ۽ هو حيران پريشان، سائينءَ جي پٺيان پٺيان مٿي چڙهندا وڃن. سائين پير پاڳارو بيهڻ جو نالو ئي نه وٺي. هڪ هنڌ سائينءَ جو پير ٿورو آٿڙيو ته حُرَ خوفزده ٿي سيٺ علي محمد بڪڪ کي منٿون ڪرڻ لڳا، جيڪو پڻ سائينءَ جي پويان ئي مٿي چڙهندو پي ويو، ”اسان کي ايڏي جرئت ناهي جو سائينءَ کي مٿي چڙهڻ کان جهليون يا چئون. خدا جي واسطي اوهان کين مٿي چڙهڻ کان جهليو. هي چاڙهيون نهايت خطرناڪ آهن. خدا نه ڪري سائينءَ کي ڪجهه ٿيو ته اسين سڀ حُرَ هڪ ٻئي کي گوليون هڻي ماري ڇڏينداسين. وري جيئرا موٽي گهرن ڏانهن نه وينداسين.“
    سيٺ علي محمد بڪڪ به محسوس ڪيو ته سائين، واقعي خطرناڪ چاڙهين تان چڙهي رهيو آهي ڇو جو پاڻ انهن جبلن جو ڄاڻو هو. اڳيان وڌي اچي سائين پير پاڳاري کي جهليندي چيائين، ”سائين، هي جبل اوکا آهن خاص ڪري پٻ جبل جي لاهين چاڙهين جو ڪو پتو ستو ڪونهي.“

    ڀُڻي ڏونگر ڏوريان، ڪيچين لاءِ ڪڙيو،
    پهاڙن پٻ جي، وڃا چوٽ چڙهيو،
    ڪري ساجن سوگهو، سندم جيءُ جڙيو،
    لڪن تان لڙيو، پير نهاريان پرينءَ جو.
    (شاهه رح)
    پير سائين سيٺ علي محمد بڪڪ جو چيو مڃيو ۽ بس ڪئي. هنگلاچ ياترا ۽ پٻ جبل ۾ شڪار ڪرڻ کان پوءِ سائين پير پاڳاري سان محبتن جا ناتا جڙي پيا. سائين پڻ کيس گهڻو ڀائيندو هو.
    سيٺ علي محمد بڪڪ جي مخالف ’ڌر‘ تي پرچاءُ مهل ڏنڊ ۽ ڏوهه پڻ سائين پير پاڳاري رکيو. انهيءَ مهل سائينءَ کيس ڀاڪرپائي چيو هو، ”سيٺ صاحب، هي ڏنڊ اوهان جي کيسي جي خرچي به ناهي پر ڏنڊ مڙيئي ڏنڊ آهي.“
    جڏهن آئون سنڌي ادب جي معتبر رسالي، ’سوجهرو‘ جي ايڊيٽر انچيف هيس ته، خيرپور مان محترم غلام عباس ڀنڀري فون تي ڳالهائيندي ٻڌايو هو، ”تازو هڪ پرچي ۾ سائين پير صاحب پاڳاري تي نمبر پي ڪڍيوسين جنهن لاءِ سائينءَ جون تصويرون کپيون ٿي. آئون ڪراچيءَ واري، ’ڪنگري هائوس‘ ۾ سندس خدمت ۾ حاضر ٿيس ۽ هن کي تصويرن لاءِ عرض رکيم ته پاڻ اٿيا ۽ تصويرن جا ’البم‘ کڻي آيا. هڪ البم ۾ سندس پراڻيون شڪار جون تصويرون هيون. پير سائين پاڳاري صاحب هڪ تصوير تي هٿ رکي چيو ته، هي تمام بهادر ماڻهو هو ۽ مون اهڙا بهادر ماڻهو زندگيءَ ۾ گهٽ ڏٺا آهن...“
    وڌيڪ ٻڌايائين، ”جڏهن مون عرض ڪندي پير صاحب کان ان ماڻهوءَ جو نالو پڇيو ته پاڻ فرمايائون، ’هن بهادر شخص جو نالو سيٺ علي محمد بڪڪ آهي.“

    واٽن وَهي ويا، وَرَ مَنجهائي واسيا،
    اهڙا هوت هيا، سُڃ ڪيائون سُرهي.
    (شاهه رح)

    سيٺ علي محمد بڪڪ هميشه هيڻن جو همراهه رهيو. جنرل ايوب جي آمراڻي دور ۾ جڏهن قوميتن، خاص ڪري سنڌين ۽ ٻروچن کي چلڻ ۽ چٿڻ لاءِ فوجي حڪومت سرگرم هئي. سنڌي ۽ ٻروچ سندس حڪم مڃڻ کان نابري واري ويٺا هئا. فوجي حڪومت جي سندن خلاف وٺ پڪڙ لڳي وئي ته، ٻروچ پنهنجي قدرتي محفوظ پناهه گاهن/ جبلن، ڇپرن، اڏن ۽ غارن ۾ هليا ويا ۽ فوجي حڪومت سان دل گهريو مهاڏو اٽڪائي ويٺا. ويڙهاڪن جي اڳواڻي خير بخش مري ۽ شير محمد مري المعروف جنرل شيروف ڪري رهيا هئا. انهن سان بلوچستان جا ٻيا قبيلا پڻ ٻيل ۽ همراهه هئا، جن ۾ بڪڪ، مينگل، جکراڻي، کوسا وغيره شامل هئا.
    فوجي حڪومت ڌرتيءَ ڌڻين لاءِ رڻ ٻاري ڌرتي تپائي ڏني هئي. خاص ڪري مري قبيلي تي حڪومت بمباري ڪري قيامت برپا ڪري ڏني. سڀ ئي مرد جيلن ۾ هئا يا جبلن ۾. بمباري ڏاس مان اڻيل تنبن ۽ کٿن جي ڀونگن ۾ لڪل اڃين، بکين ۽ هراسيل زالن ۽ ٻارن جي مٿان ٿي رهي هئي، جيڪي ڊنل هيسيل دانهون ڪندا جبلن جي گهيري ۾ هڪ ڇيڙي کان ٻي ڇيڙي تائين پِڙيُون (تيز ڊوڙن) ڪندا شهيد ٿي رهيا هئا. انهن جو ڪو به اوهي واهي ۽ خبر رکندڙ نه هو. فوجي جنرل جا ماڻهو بدمست هاٿيءَ وانگيان بي پرواهيءَ سان کين چيڀاٽي رهيا هئا.
    فوجي حڪومت طرفان ويڙهاڪن جي علائقن بلڪه سڄي ٻروچ ۽ سنڌي علائقن ۾ هٿيارن تي ته پابندي لڳائي وئي هئي. ان سان گڏ راشن وغيره تي پڻ پابندي لڳائي وئي هئي جنهن ڪري لوڪ بک مرڻ لڳو. حالانڪه ساڳين علائقن ۾ فوجي حڪومت پنهنجن حمايتن/ دلالن جا گهر راشن پاڻيءَ مان ٿَهي (مڪمل ڀري) رهي هئي. ماحول اهڙو خطرناڪ هو جو حق ۽ سچ چوڻ موت کي سڏڻ برابر هو ۽ غريب ويچارا وات تي ماٺ جو چُونو هنيو ويٺا هئا.
    سيٺ علي محمد بڪڪ جون گاڏيون جيئن ته ڪراچي کان حب، دريجي، پٻني، سنگهر، وندر، وڍ، خضدار، ڪنراچ، مستونگ، قلات، هنگلاچ، اورماڙو مڪران، گوادر، پنچ گور، مند، خاران، تربت.... مطلب ته سڄي بلوچستان ۾ هلنديون هيون، جن کي فوجي حڪومت محدود ڪري ڪن مخصوص علائقن تائين هلڻ جي اجازت ڏني هئي.
    سيٺ علي محمد بڪڪ هڪ بهادر ۽ سچو قومپرست هو، جنهن جا قلات جي خان، لسٻيلي جي ڄام ۽ بلوچ سردارن سان گهرا قريبي واسطا ۽ دوستيون هيون. سردار عطاءُ الله مينگل ۽ سندس والد نواب رسول بخش مينگل سان ته بيحد گهرائيءَ وارا واسطا هئا. نواب رسول بخش مينگل سيٺ علي محمد بڪڪ کي تمام گهڻو ڀائيندو هو، ڇو ته جڏهن سرداريءَ واري ڇڪتاڻ ۾ سندس ئي مينگل قبيلي ۾ خون ۽ قتل جا سلسلا شروع ٿي ويا ته، نواب صاحب پنهنجو اباڻو پڍ ’وڍ‘ ڇڏي ڪراچي هلي آيو هو تڏهن سيٺ علي محمد بڪڪ ساڻس وڏيون نيڪيون ڪيون. جن جو پنهنجن پونيئرن جي برعڪس پاڻ سدائين معترف رهيو ۽ جڏهن به سيٺ علي محمد بڪڪ ساڻس ملڻ ڪراچيءَ واري سندس رهائش گاهه تي ويندو هو ته، وڃڻ مهل نواب صاحب گهڻو جهلڻ جي باوجود، وڏي عمر ۽ بيمار هوندي به پاڻ سيٺ علي محمد بڪڪ کي هيٺ لهي گاڏيءَ تائين موڪلائڻ ايندو هو.
    نواب رسول بخش مينگل نهايت ئي دلبر ماڻهو هو. کيس فنڪارن سان ڏاڍو چاهه هوندو هو، مهان ڪلاڪار استاد محمد جمن جو ته اصل عاشق هو ۽ کيس غلام فريد صابري قوال به وڻندو هو. هو نهايت خوش طبع، ٻاجهارو ۽ ڳڻ ڳڻيندڙ انسان هو. شاهه نورانيءَ جي ميلي تي اڪثر ويندو هو ۽ اتي محفلون وغيره ڪرائيندو هو. هڪ ڀيري شاهه نوراني جي ميلي تي وڃڻ جو سندس موڊ نه هو ته ڪنهن ٻڌايس، ”سائين، هن ڀيري ميلي تي استاد محمد جمن به اچي پيو.“ ته خوشيءَ مان سندس اکين ۾ چمڪ اچي وئي، ”هان، جمن به اچي ٿو؟“
    ”ها سائين ۽ غلام فريد صابري قوال وارا به پيا هلن.“
    ”هان، صابريءَ وارا به اچن پيا!“ هڪدم اٿي چيائين، ”پوءِ ته ميلي تي ضرور هلبو. جمن به اچي پيو، صابريءَ وارا به اچن پيا. پوءِ ته رسول بخش جا ڪم ڏسڻ وٽان هوندا. ڪٿي هونديس قميص ته ڪٿي هونديس گنجي.“ معنيٰ خوشيءَ مان آپي کان ٻاهر نڪري ويندو. سو، بيرحم فوجي آمرن جڏهن سردار عطاءُ الله مينگل ۽ سندس ننڍي ڀاءُ مهر الله مينگل کي ٻين قومپرستن سان گڏ گرفتار ڪيو تڏهن نواب رسول بخش مينگل جهڙي نفيس انسان کي به گرفتار ڪيو. اهو ٻڌي سيٺ علي محمد بڪڪ کي گهڻو ڏک ۽ فڪر ٿيو. ڇو جو کيس خبر هئي ته نواب رسول بخش مينگل جيل وڃڻ کان ڊڄندو هو (۽ ڊڄڻ به کپي اهڙن وحشي دشمنن کان). اڳ به کيس فوجي آمرن سردار عطاءُ الله مينگل جي والد جي حيثيت ۾ گرفتار ڪري ڏاڍيون تڪليفون ۽ اذيتون ڏنيون هيون جنهن کان پوءِ هو سيٺ علي محمد بڪڪ کي چوندو هو، ” سيٺ، عطؤَ (سردار عطاءُ الله مينگل) کي سمجهاءِ ته ماٺ ڪري ويهي. هي جڏهن به اها ڳاڙهڪي ٽُوپي (روسي ڪيپ) پائيندو آهي ته پاڻ ته جهلجي ويندو آهي پر حرامي فوجي مون کي به سندس پيءُ جي ناتي جهلي ويندا آهن. مون اڳ به فوجين کي چيو هو ته آئون عطوءَ جو پيءُ ناهيان. پر انهن حرامين چيو، ”بڊها جهوٽ بولتا هـﻶ.“ ڇو جو سردار عطاءُ الله مينگل پنهنجي والد نواب رسول بخش مينگل جو بلڪل هم شڪل آهي.
    سردار عطاءُ الله مينگل ماڻهن جي اڳيان اهي ڳالهيون ٻڌي مرڪي اٿي هليو ويندو هو. پر پوءِ اڪيلائيءَ ۾ سيٺ علي محمد بڪڪ کي چوندو هو، ”اتان اٿڻ ۾ ئي منهنجي عافيت آهي نه ته آئون جيڪر اتي ويهان ته بابا سڀني ماڻهن اڳيان ’عطوعطو‘ پيو چوندو.“
    ٿيو به وري ائين ئي هو ۽ نواب رسول بخش مينگل جو ڊپ سچ ثابت ٿيو، کيس سردار عطاءَ الله سان گڏ گرفتار ڪري کين ڪوئيٽا جيل ۾ بند ڪيائون. پوءِ ته جنرل شيروف (شير محمد مري) سميت سڄي ويڙهاڪ قيادت گرفتار ٿي وئي.
    جبلن ۾ وڙهندڙ جوڌن تائين ڪير پهچي؟ ڪير کين راشن پاڻي، هٿيار بارود ۽ ضرورت جو سامان پهچائي؟ ڪنهن جي به وس جي ڳالهه نه هئي. حساس علائقن مٿان فوجي هيلي ڪاپٽرن جي جانچ جاري هئي. ڪو ڪک پن به سندن اجازت کان سواءِ چُري ڦري نه ٿي سگهيو. حڪومت حيران هئي، ”سڀ واٽون ۽ دڳ بند آهن. سڀ گهيڙ گهٽ بلاڪ آهن. تنهن جي باوجود ڇپرن ۾ ويٺل ويڙهاڪن کي سڀ ڪجهه ملي رهيو آهي ۽ اهي زور شور مان وڙهي رهيا آهن.“
    سيٺ علي محمد بڪڪ جي لي مارڪيٽ (ڪراچيءَ) واري ڪاروباري ڪوٺي ڄڻ ته ويڙهاڪن جو هيڊ ڪوارٽر بنيل هئي. سندس ٽرڪون سخت پائبندين جي باوجود مقصد تائين رسائي حاصل ڪري رهيون هيون. ٽرڪن جا ڊرائيور سيٺ علي محمد بڪڪ اهڙا ٽرينڊ ڪيا هئا، جو اهي ويڙهاڪ جوڌن جو روپ اختيار ڪري ويا هئا. اهي ساهه ڏيندا پر راز نه سليندا/ ڳجهه نه ڳرهيندا.
    سيٺ علي محمد بڪڪ ۽ سندس سؤٽ سيٺ غلام محمد بڪڪ، هڪ ڏينهن لي مارڪيٽ واري ڪوٺيءَ ۾ ويٺل هئا ته سندن دوست محمود هارون صاحب (سنڌ جو اڳواڻو گورنر ۽ هاڻوڪي ملڪ جي گڏيل قومن ۾ نمائندي حسين هارون جو وڏو چاچو)، لالا اسرار احمد خان، غفار پاشا ۽ ڪي ٻيا دوست وٽن آيا. جن اچي کين ٻڌايو ته، ”اوهان ٻنهي (سيٺ علي محمد بڪڪ ۽ سيٺ غلام محمد بڪڪ)، ۽ اوهان جي ٽن ڊرائيورن (عظيم محمد بڪڪ، شفيع محمد بڪڪ ۽ غلام شفيع بڪڪ) جي گرفتاريءَ جا وارنٽ نڪري ويا آهن. اسان چاهيون ٿا ته اوهان گرفتاريءَ کان اڳ پنهنجي ضمانت ڪرائي ڇڏيو.“
    سيٺ علي محمد بڪڪ ۽ سيٺ غلام محمد بڪڪ اڳ ئي فوجي آمرن جي وعده خلافين کان واقف هئا. ڇو جو ساڳئي فوجي آمر جنرل ايوب، اڳ سردار نوروز خان سان ويساهه گهاتي ڪئي هئي جو پهرين کيس گرفتار ڪيو هو ۽ پوءِ هن کان سندس نوجوان ۽ سورهيه پٽ ۽ ڀائٽيا گهريا هئا، جيڪي فوجي جنرلن کي رڪ جا چڻا چٻائي رهيا هئا. جڏهن پوڙهي سردار نوروز خان ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته جنرل ايوب ڪجهه معتبرن جي اڳيان قرآن پاڪ تي هٿ رکي قسم کڻي سردار نوروز خان کي چيو، ”توهان پنهنجا پٽ ۽ ڀائٽيا اسان جي اڳيان پيش ڪريو ته، اسين سندن مطالبا مڃي کين توهان سميت آزاد ڪري ڇڏينداسين. ڇو جو اسان خون خرابي جي خلاف آهيون.“ سردار نوروز خان پاڻ نهايت سچو، ويساهه وسوڙو، معصوم ۽ مهربان هو سو انهن ڪوڙن ڪُساکين فوجي آمرن جي قرآن پاڪ تي هٿ رکي قسم کڻڻ واري ڳالهه تي ويساهه ڪري ويو ۽ پنهنجن پٽن ۽ ڀائٽين کي سمجهائي زوريءَ مڃائي کين آڻي فوجي آمر جي اڳيان پيش ڪيو، اهو جنرل ايوب جنهن قرآن پاڪ تي هٿ رکي سردار نوروز خان کي حلفيه چيو هو ته، هو سندس پٽن ۽ ڀائٽين جا مطالبا مڃي کين آزاد ڪندو، ان ڪوڙي ۽ ظالم آمر جنرل ايوب، پوڙهي سردار نوروز خان جي اکين اڳيان سندس ڇهن نوجوان سورهيه پٽن ۽ ڀائٽين کي ڦاهيءَ تي لٽڪائي ڇڏيو.
    سيٺ علي محمد بڪڪ پنهنجا اهي خدشا دوستن جي اڳيان رکيا ته، انهن چيو ته بيشڪ اوهان جا خدشا وزن دار آهن. پر اسين به سڀ ئي اوهان سان گڏجي هلون ٿا ۽ ڪوئيٽا مان ضمانت منظور ڪرائي وري گڏجي ڪراچي اينداسين. ڇو جو حڪومت اها ذميداري اسان جي مٿان رکي آهي ته اسين اوهان کي ڪوئيٽا ۾ آڻي ضمانت ڪرايون.
    سيٺ علي محمد بڪڪ وارا سڀيئي دوستن سان گڏجي ڪوئيٽا آيا ۽ سندن خدشا درست ثابت ٿيا. ڇو ته فوجي حڪومت سندن ضمانت رد ڪري کين گرفتار ڪري ڪوئيٽا جيل ۾ اماڻي ڇڏيو. محمود هارون وارا انهيءَ ويساهه گهاتيءَ تي حيران پريشان ٿي ويا. پوءِ خبر پئي ته اهو سڄو پلان سيٺ علي محمد بڪڪ جي هڪ مخالف ايم.اين.اي جي چوڻ تي جنرل ٽڪا خان بنايو هو. انهيءَ ايم.اين.اي ٽڪا خان کي وڏيون دعوتون ڏنيون. تحفا ۽ شڪار ڪرايا هئا. اهوئي جنرل ٽڪا خان جنهن پوءِ 1971ع ۾ ڊاڪا ۾ چيو هو ته، ”ڀلي ڪيترا به لک بنگالي مرن انهن کي ماريو، اسان کي ماڻهو نه، زمين ٿي کپي.“
    محمود هارون وارن کين ضمانت تي آزاد ڪرائڻ لاءِ پوءِ وڏا وس ڪيا، پر سندن ڪوبه وس هلي نه سگهيو ۽ هو مڙس ٻڌائي موٽي ڪراچي آيا.
    سيٺ علي محمد بڪڪ وارن کي ڪوئيٽا جيل ۾ مڃائڻ لاءِ ڏاڍيون اذيتون، اوجاڳا،بکون، گهر وارن سان ملاقات بند..... پر اهي کين مڃائي نه سگهيا.
    جيلن ۾ بيان کان ٻاهر اذيتون ۽ سزائون ۽ جيل کان ٻاهر غريب مسڪين عام ماڻهن جي مٿان ڏاڍ جو ڏنڊو پي هليو. هر ڪو ماڻهو هيسيل ۽ ٻاتاڙيل هو. چوڏسائن ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل هو ۽ فوج جنهن کي وڻي کنڀي کڻي پي وئي ۽ جيڪو کڄي ويو اهو ونئون ويو. نڪا پڇا نڪا تات. نڪا ڳالهه نڪا ڳت. قومپرست جبر جي جنڊ ۾ ڏرجي ۽ پيسجي رهيا هئا، جن جي باري ۾ ٻاهر جي دنيا کي ڪو پتو ستو نه هو. تڏهن ميڊيا مس بانبڙا پائي رهي هئي جنهن جي مٿان به شيپاڪن جو شپڪو لڳو پيو هو/ لٺ جو وسڪارو هو.
    حڪومتي ذريعا، ”سڀ خير آهي“ جو راڳ سُر سان آلاپي رهيا هئا. عام ماڻهوءَ جو ملڪي ميڊيا تان ارواح کڄي ويو هو. اهي باقاعدگيءَ سان بي بي سي ريڊيو ٻڌي رهيا هئا. رات جا اڃا مس اٺ ٿيندا هئا ته بي بي سي ريڊيو جون خبرون جهر جهنگ، جبل ڪوهه ۾ ٻري پونديون هيون. ماڻهن جي دلين ۾ بي بي سي ريديو جي نيوز ڪاسٽرز رضا علي عابدي، اطهر علي، ۽ ياور عباس، جا نالا چٽجي ويا هئا، جتان کين ٽِڙي ڦِڙي ڪا خبر هتي جي سنگين حالتن بابت پئجي ويندي هئي. پر جڏهن بي بي سي نيوز جي هڪ ليڊي رپورٽر جي هڪ رپورٽ بي بي سي ريديو تان نشر ٿي ته دنيا ڇرڪي پئي ۽ سندن اکيون حيرت مان ڦاٽي ويون. رپورٽ ۾ ڄاڻايل هو ته ”ٻروچ قبيلن خاص ڪري مري قبيلي تي بمباريءَ بابت خبرون حاصل ڪرڻ ۽ حقيقتون ڏسڻ لاءِ جڏهن اسين فوجي حڪومت جي اجازت سان، فوجي هيلي ڪاپٽرن ذريعي متاثره علائقن جو جائزو وٺي رهيا هئاسين ته، مٿان کان اسان کي هيٺ جبلن جي وچ ۾ هڪ گڏهه نظر آيو جيڪو ويران ۽ تباهه حال علائقي ۾ گهٻرايل ڊوڙون ڪري رهيو هو. اسان پائليٽ کي اتي هيلي ڪاپٽر لاهڻ لاءِ چيو. جڏهن هيلي ڪاپٽر اتي لٿو ۽ اسين ان مان هيٺ لٿاسين ته اتي اسان کي ويراني نظر آئي ۽ بمباريءَ جا واضح ۽ چٽا پٽا نشان مليا. اسان انهيءَ گهٻرايل ۽ ڊوڙون ڪندڙ گڏهه کي مشڪل سان قابوءَ ۾ ڪيو جيڪو هيلي ڪاپٽر کي ۽ اسان کي ڏسي وڌيڪ گهٻرائجي ويو هو. اسان ڏٺو ته گڏهه جي مٿان ڪجهه لڏيل هو جيڪا شايد ڪپڙن جي ڪا هڙ هئي. اسان جڏهن مٿس ٻڌل ڪپڙن جي موڙي/هڙ کي کوليو ته ان مان ٻن ٻارن جا لاش مليا جن جي ڄمار مشڪل سان 2-3 مهينا هوندي. انهن کي شايد مائرن محفوظ هنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ مهل گڏهه تي نرم ڪپڙن ۾ آرام ده ۽ حفاظت سان ٻڌو هو ۽ پاڻ بمباريءَ جي نظر ٿي ويون هيون. گڏهه بمباريءَ کان گهٻرائجي ڊڄي جبلن ڏانهن ڀڳو هو ۽ تباهه حال ويرانن ۾ ڊوڙي ڌڻين کي ۽ ٻارن جي مائرن کي تلاش ڪري رهيو هو. ٻارن جا لاش ڳريل هئا جن ۾ ڪيڙا پئجي ويا هئا ۽ شديد بدبوءِ اچي رهي هئي.“
    البرٽ ڪاميو چوي ٿو ته، ”اهي سڀ جيڪي اڄ آزاديءَ خاطر جدوجهد پيا ڪن دراصل انهن جي ويڙهه سونهن جي بقاءَ لاءِ ٿي رهي آهي.“
    بي.بي.سي ريديو جي انهيءَ رپورٽ اچڻ کان پوءِ حالتن ڦيرو کاڌو. دنيا جي طاقتور ملڪن جون نظرون انهيءَ خطي تي کپيون ۽ فوجي آمرن جو رويو بدليو. قومپرست قيدين سان ملاقات ڪرڻ جا در کليا. سندن مائٽ ۽ دوست ديوانه وار ڪوئيٽا جيل ڏانهن ڀڳا ۽ ساڻن ملاقات ڪيائون جن جو تقريبن سال کان ڪو پتو ستو نه هو . اهي ملڻ وارا جذباتي منظر به وڏا داستان گهرن ٿا.
    ملڻ کان پوءِ خبر پئي ته مٿن ملڪ ٽوڙڻ، بغاوت ڪرڻ ۽ باغين کي هٿيار ۽ راشن پهچائڻ وارا الزام لڳايا ويا آهن. اتي ساڻن گڏ، نواب رسول بخش مينگل، سردار عطاءَ الله مينگل، سندس ننڍو ڀاءُ مهر الله مينگل، شير محمد مري (جنرل شيروف) گل محمد جکراڻي، عرض محمد جکراڻي (جيڪب آباد وارا) ۽ ٻيا ڪيئي جوڌا هئا.
    حڪومت جي ڪجهه نرم رويي سبب کين ڪوئيٽا جيل کان مچ جيل ۾ منتقل ڪيو ويو هو، جتي کين پنهنجي گهر جو کاڌو کائڻ جي پڻ اجازت ڏني وئي هئي. ان کان پوءِ سيٺ علي محمد بڪڪ جي چوڻ تي سندن گاڏيون راشن، بورچي ۽ ٻيا ڪم وارا ماڻهو کڻي مچ جيل پهچي ويون، جتي سيٺ علي محمد بڪڪ جي چوڻ تي روز ديڳيون چڙهڻ لڳيون ۽ ساڻس گڏ قيد ۽ ٻين ڌار بيرڪن ۾ قيد ٿيل سڀني ساٿين کي سندس پاران کاڌو پيتو ۽ چانهيون وغيره ملڻ لڳيون.
    نواب رسول بخش مينگل اڳ ئي سيٺ علي محمد بڪڪ کي گهڻو ڀائيندو هو. اهو چوڻ لڳو، ”سيٺ علي محمد بڪڪ اسان کي پنهنجو نمڪ کارائي خريد ڪري ڇڏيو آهي.“
    نواب رسول بخش خان مينگل جي سرشت ۾ نمڪ حلالي ۽ وفا شامل هئي. سندس ٻي شادي ڄام آف لسٻيلا ڄام غلام قادر عالياڻي جي ڀيڻ سان ٿيل هئي، جنهن مان کيس ٻه پٽ مهرالله خان مينگل ۽ ضياءَ الله خان مينگل ٿيا. جڏهن نواب رسول بخش مينگل، قلات جي خان الله يار خان جي عتاب ڪري پنهنجو اباڻو پڊ، وَڍ ڇڏي ڪراچي آيو هو ته لسٻيلي جي ڄام غلام قادر خان کيس وڏو ڏڍ ۽ تحفظ ڏنو، جنهن کي نواب رسول بخش مينگل زندگيءَ جي پڇاڙ ڪن لمحن تائين ڳائيندو رهيو، ايتري قدر جو جڏهن لسٻيلي جي ڄام مير غلام قادر خان جا سردار عطاءُ الله مينگل سان سياسي اختلاف ٿيا ته نواب رسول بخش مينگل پنهنجي موڀي پٽ سردار عطاءُ الله مينگل جي خلاف اٿي بيٺو. اليڪشن جا ڏينهن هئا ڄام مير غلام قادر جي مقابلي ۾ سردار عطاءُ الله مينگل لسٻيلي جي سيٽ تي پنهنجي مضبوط اميدوار ماسٽر مجيد حسين رونجهي کي بيهاريو. اهو ٻڌي نواب رسول بخش مينگل جيڪو اڳ ئي بيمار هو، اهو ڊپريشن ۾ اچي سخت بيمار ٿي پيو. سيٺ علي محمد بڪڪ کيس ڏسڻ ۽ طبيعت پڇڻ ويو ته نواب صاحب جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا. چوڻ لڳو، ”سيٺ، ڄام سان مقابلو ڪري عطوءَ سٺو نه ڪيو آهي. ڄام کيس سانڍي سنڀالي وڏو ڪيو آهي.“ سيٺ علي محمد بڪڪ جيڪو پاڻ به ڄام صاحب جو حامي هو، ۽ ساڻس گڏ ورڪ ڪرڻ ۾ به شامل هو ان نواب صاحب کي آٿت ڏيندي چيو، ”نواب صاحب، اوهان فڪر ڇو ٿا ڪريو، ڄام صاحب ته دهلن دمامن سان کٽي ويندو.“ نواب صاحب جيئن ته خوش طبع هو تنهن ان بيماريءَ واري سخت حالت ۾ به ڪمزور ۽ جهيڻي آواز ۾ چيو، ”سيٺ، دهل دمام گهوريا (ٺهيو) ڄام صاحب رڳو زور ڏئي کٽي ته به سٺو.“ بيماري ۽ فڪر واري ماحول ۾ چيل سندس اهو خوشگوار جهونڪي جهڙو جملو ماحول کي مهڪائي سڀني کي کلائي ويو.
    ٿيو به ائين. ڄام وڏي اڪثريت سان کٽي دهلن ۽ دمامن سان نواب رسول بخش مينگل وٽ مبارڪون وصول ڪرڻ آيو. خوشيءَ واري اها خبر به سندس خراب طبيعت کي درست ڪري نه سگهي. هو ڄڻ ته ڄام صاحب جي فتح جي خبر ٻڌڻ جي انتظار ۾ پنهنجو ساهه روڪي ويٺو هو.
    سيٺ علي محمد بڪڪ جڏهن ڄام صاحب جي کٽڻ جون مبارڪون ڏيڻ وٽس آيو ته، نواب صاحب جي طبيعت ٺيڪ نه هئي ۽ وٽس سردار عطاءُ الله مينگل به پريشان ويٺو هو. سيٺ علي محمد بڪڪ کي ڏسڻ شرط هن سردار عطاءُ الله مينگل جي موجودگيءَ ۾ چيو، ”سيٺ، منهنجي وصيعت ٻڌي ڇڏيو. مرڻ کان پوءِ منهنجي مڙهه کي وَڍَ واري منهنجي اباڻي بروهين واري مقام ۾ نه ڍڪجو. بلڪه مون کي لسٻيلي ۾ ڄامن جي خانداني قبرستان ۾ دفنائجو.“ وصيعت ڪرڻ جي ٻئي ڏينهن ئي پاڻ وفات ڪيائين.
    سندس وفات کان پوءِ سندس ميت گاڏين جي وڏي جلوس ۾ جڏهن ڪراچيءَ کان لسٻيلي پهتي هئي، ته ڄام غلام قادر خان اتي سڀ ئي انتظام ڪري ڇڏيا هئا. سردار عطاءُ الله مينگل پنهنجي پيءُ نواب رسول بخش مينگل جي ميت ڄام غلام قادر جي حوالي ڪندي چيو، ”ڄام صاحب، وصول ڪريو پنهنجي ماڻهوءَ جي ميت. هي زندگيءَ ۾ به اوهان جو هو ۽ هاڻي به اوهان جو آهي. پنهنجي ميت سنڀاليو.“ ڄام غلام قادر خان روئندي نواب رسول بخش مينگل جي ميت وصول ڪئي ۽ سردار عطاءُ الله مينگل اوپرن جيان پري بيهي رهيو. اهڙوئي هونمڪ حلال، وفادار ۽ مهربان نواب رسول بخش مينگل.
    سيٺ علي محمد بڪڪ جي ذڪر سان گڏ نواب صاحب جو ذڪر ڪرڻ ان لاءِ ضروري ٿي پيو هو جو جيل ۾ گڏ رهڻ ڪري هُو وڌيڪ سيٺ جي قريب ٿيو ۽ ساڻس وڌيڪ پيار ڪندو هو.
    مچ جيل ۾ قيد رهندي کين ڏهه مهينا ٿي ويا هئا. جنهن دوران ملڪ جي صورتحال اهڙي ابتر ٿي وئي هئي، جو مجبورن فوجي آمر اليڪشن ڪرائڻ تي آماده ٿيو ۽ بغاوت وارن ڪيسن بابت به سندس رويو نرم ٿيو ان جي نتيجي ۾ سيٺ علي محمد بڪڪ وارا ۽ ٻيا سڀيئي سياسي قيدي آزاد ٿيا.
    شيڪسپيئر چوي ٿو، ”منهنجو ذڪر ڪجو، ڇو جو آئون ڏوهاري ڪونه آهيان.“ آزاديءَ کان پوءِ به سيٺ علي محمد بڪڪ جون پنهنجي قوم لاءِ ساڳيون ئي سرگرميون رهيون. پر ڪن مفاد پرست ٻروچ اڳواڻن جي فوجي حڪومت سان ٺاهه ڪرڻ جي نتيجي ۾، آزاديءَ واري قومي تحريڪ کي ڪاپاري ڌڪ لڳو ۽ اها بيساهي ٿي وئي.
    سيٺ علي محمد بڪڪ بلوچستان جي هر اهم جرڳي جو ميمبر رهيو. قلات ڊويزن ۽ لسٻيلي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو پڻ ميمبر هو. سندس ڪيل فيصلا مثالي هئا. سندس گهر ۽ ڪاروباري ڪوٺي راڄ ڀاڳ جي فيصلن جو مرڪز هئي.
    حضور صلعم جو ارشاد پاڪ آهي، ”سڀ کان وڌيڪ پرهيزگار ماڻهو اهو آهي، جيڪو حق ڳالهه چوڻ مهل پنهنجي فائدي ۽ نقصان جو خيال نه ٿو ڪري.“ سيٺ علي محمد بڪڪ اهڙوئي امين ۽ منصف هو.
    سندس مهمان نوازي به حيران ڪندڙ هئي. بلوچستان جي غريب علائقن جا ماڻهو رمضان شريف جي مهيني ۾، بنا ڪنهن ڪم ڪار جي ڪراچي ۾ اچي سندس اوطاق ۾ رڳو خاص روزا رکڻ لاءِ ايندا هئا ۽ سڄو رمضان شريف وٽس ٽڪي روزا رکي پوءِ ويندا هئا. انهن کي کارائڻ پيارڻ ۽ هنڌ بسترا ڏيڻ سڀ ڪجهه پاڻ پنهنجن هٿن سان ڪندو هو. نوڪرن جي هوندي به پاڻ پاڻيءَ جا ڪرئا (ڪونئرا) کڻي بيهندو هو.
    اهڙا ئي انسان ڌرتيءَ جو مانُ، شان ۽ سونهن هوندا آهن. انهن جي هئڻ سان انسانيت ڪنڌ مٿي کڻي هلندي آهي. ماڻهپو مرڪندو آهي.
    هڪ فارسي شعر آهي،
    آدميت نه به نطق، نه به ريش، نه به جان
    طوطيان نطق، بزان ريش، خران جان دارد-
    (معنيٰ: ماڻهو نه ڳالهائڻ تي آهي نه ڏاڙهيءَ تي ۽ نه ساهه تي آهي. ڳالهائين طوطا به ٿا، ڏاڙهيون ٻڪرن کي به آهن ۽ ساهه گڏهه کي به آهي.)

    لطيف بادشاهه جو بيت آهي:
    راڻا پَسان نَه رَاڄَ ۾، مَٿي جِن مَڻي،
    ڪَوههُ ڄَاڻا ڪيڏانهن وِيا، ڌُروڙين ڌڻي،
    اُتر لڳن آڪرا، ڇا ها پين ڇَڻي،
    کٽون تِن کَڻي، نِئِي لُڊاڻين لاَٿِيون.


    هڪ خوبصورت ۽ بهادر ڪردار سيٺ غلام محمد بڪڪ (جمعاڻي)

    هڪ اهڙي شخصيت جيڪا مقناطيسي ڇڪ جي جيئري جاڳندي تصوير هئي. هر شخص وٽس ڇڪجي ويندو هو.

    بيحد خوبصورت، بهادر ۽ سگهارو، جنهن جي اکين سان اکيون ملائي ڳالهائيندڙن جو تعداد تمام گهٽ هو. سچ به ته سندس اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائڻ ڀوڳ يا معولي ڳالهه نه هئي. ايڏو ئي رعب ۽ تجلو هو سندس اکين ۾.
    ڪوهستان ۾ سندس بهادريءَ جا قصا ائين ئي مشهور آهن، جيئن پراڻي زماني جي سورهين جا قصا ۽ ڳالهيون.
    هو هڪ ديو مالائي ڪردار لڳندو هو. ڄڻ يونان جو ديوتا، ڄڻ روم جو ڪو شهنشاهه هلندو هو ته ڄڻ زمين هلندي آهي. آسمان هلندو هو.
    سدائين مهڪيل، سدائين ٻهڪيل. خوشبوئن جو شيدائي. مهانگو ترين عطر، مشڪ، اگر، خس.... الائي ڇا ڇا؟ ڪٿان ويهي اٿي ويندو هو ته اهو هنڌ اها جاءِ ڏينهن جا ڏينهن مهڪندي رهندي هئي. جنهن واٽ تان لنگهيندو هو. اها واٽ گلستان بنجي ويندي هئي. گلابن جو چمن بنجي ويندي هئي. سندس محفل مان ڪو اٿي ويندو هو ته اهو به واسوند ٿي هٻڪاريندو ويندو هو.
    راڻي جي رهاڻ مان، ڪو آيو آديسي
    خستوري خوشبوءَ سين، تنهن ولات سڀ واسي
    سوڌو سناسي، اتاهين ٿي آيو.
    (شاهه رح)
    يقين ڪريو اهو مبالغو ڪونهي حقيقت آهي. ڳالهائيندو هو ته ڏاهپ جا دريا ءَ اٿلائي ڇڏيندو هو. گفتگوءَ جو انداز نهايت دلڪش ۽ رشڪ جهڙو. آواز اهڙو جنهن کي ڪنهن سان به تشبيهه ڏئي نه سگهجي!! کلندو گهٽ هو، ٽهڪ ڏئي کلڻ وارو منظر اڻ لڀ هو.
    سندس پسند اعليٰ ۽ لاجواب هئي. هر شيءِ جو معيار جڏهن مٿاهون هوندو هو تڏهن سندس استعمال ۾ ايندي هئي. لباس پائڻ جو اهڙو سليقو هوندو هئس جو چاهيندي به ڪو ائين پائي نه سگهي. سندس ريس ڪندي ڪيترن سندس انداز ۽ لباس پائڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ڄڻ ته پاڻ کي کلڻ هاب ڪيائون.
    سندس دوستن جو تعداد تمام گهڻو هوندو هو. شايد ان ڪري جو ساڻس دوستي رکڻ جي خواهش هر ڪنهن کي هوندي هئي.
    سورهيه سناسي خان بڪڪ جو اهو ئي ڇهن ورهين جو سڪيلڌو پٽ جنهن کي پاڻ اسيريءَ جي حالت ۾ ممبئي وڃڻ مهل دوستن ۽ مائٽن جي ڪلهن تي چاڙهي پري کان بحري جهاز مان آخري ڀيرو ڏسي الوداع چئي هئائين، جنهن ۾ پنهنجي بي مثال پيءُ جا جينس مڪمل منتقل ٿيا هئا، هو ڄڻ سندس تصوير بنجي ويو هو. ساڳي ئي خوبصورتي، ساڳيوئي بهادر ۽ سگهارو، ساڳيو ئي غريبن جو ڀرجهلو، ساڳيوئي رعب ۽ دٻدٻو ۽ ساڳيو ئي ظالمن لاءِ ڊيهو ۽ ڇرڪ.
    مشهور صحافي ۽ مترجم محترم مظفر شاهه بخاري ٻڌايو ته، سندس والد محترم غلام علي شاهه بخاريءَ کيس ڳالهه ٻڌائي ته، سيٺ غلام محمد بڪڪ هڪ غير معمولي شخص هو. جنهن جي بهادري ۽ ذهانت دنگ هئي. هن هڪ واقعو ٻڌايو جيڪو سندس بهادري ۽ ذهانت جو مثال آهي. هڪ ڀيري سندس هڪ ٽرڪ گهاري جي پوليس، ٿاڻي ۾ بند ڪئي، جنهن ۾ اهڙو سامان هو جنهن کي ڇڏائڻ لاءِ پوليس کي وڏي خرچي جي اميد هئي. سيٺ غلام محمد بڪڪ کي سندس ماڻهن اطلاع ڪيو، هو هڪدم جيپ ۾ هڪ ماڻهوءَ سان گڏ ٿاڻي تي پهتو. ٿاڻي وارا پنهنجا ڪپڙا ڇنڊي ڦوڪي اٿي بيٺا ته هو اچي ڪا ڏي وٺ ڪندو. غلام محمد بڪڪ ٿاڻي جي اندر آيو ته سندس ٽرڪ جيئن جو تيئن بيٺل هئي. هن پنهنجي ماڻهوءَ کان پڇيو، ”ٽرڪ هلائي سگهندين؟“ سندس ماڻهوءَ انڪار ڪيو ته چيائين، ”ٺيڪ آهي ٽرڪ مان ٿو ڊرائيو ڪريان. تون جيپ کڻ پر جيپ کي ٽرڪ جي بلڪل پويان رکج. ۽ جڏهن مان اشارو ڪريان ته هڪدم جيپ کي ٽرڪ جي اڳيان کڻي وڃج. ”ايترو چئي جيپ جي چاٻي هن کي ڏئي پاڻ جيپ مان ٽپ ڏئي لهي، هڪدم ٽرڪ جي ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺو. اهو سڀ ڪجهه لمحن ۾ ئي ٿيو هو. هن جيئن ئي ٽرڪ اسٽارٽ ڪئي پوليس وارن ۾ ڦڙڦوٽ پئجي وئي. ڇو جو اهو سڄو منظر سندن سوچن کان به ٻاهر هو. اهي هڪدم ڏانهس ڊوڙيا ته هو ٽرڪ کي ٿاڻي مان ٻاهر ڪڍي چڪو هو. ۽ سندس پويان ئي سندس جيپ به ٿاڻي کان ٻاهر نڪري وئي هئي. پوليس وارا پنهنجي گاڏيءَ ڏانهن ڀڳا ۽ گاڏي انهن کي پويان لڳي. جڏهن گهارو ڪراس ٿيڻ تي هو ته منظرنامو اهو هو ته اڳيان ٽرڪ، پويان جيپ ۽ ان جي پويان پوليس جي گاڏي. سڀيئي گاڏيون تيز اسپيڊ ۾ وڃي رهيون هيون. جڏهن سيٺ غلام محمد بڪڪ ڏٺو ته گاڏيون هڪ ٻئي جي لڳو لڳ اچي ويون آهن ته هن جيپ کي اڳيان نڪرڻ جو اشارو ڪيو. سندس ماڻهو ان ئي اشاري جو منتظر هو. اهو تيز رفتاري سان جيپ کي ٽرڪ جي اڳيان کڻي ويو. جيئن ئي جيپ اڳيان نڪتي ته پوليس گاڏيءَ جوبمپر ٽرڪ کي ڇهڻ لڳو. هن هڪدم ايڪسيليٽر کي دٻائي بريڪ هنئي ته، پوليس جي گاڏي زوردار ٽڪر سان اٿلجي پري هلي وئي. هو ٽرڪ کي اڏائيندو کڻي ويو، پوليس وارن پاڻ کي سنڀالي هڪدم آءِ جي پوليس کي ڪراچي ۾ وائرليس تي ٻڌايو ته، ”فلاڻي رنگ جي ٽرڪ ۽ فلاڻي نمبر پليٽ واري گاڏي جيڪا اسان جهلي ٿاڻي ۾ بند ڪئي هئي، ان جو مالڪ ان کي زبردستي کڻي هليو ويو آهي جيڪو ڪراچيءَ ڏانهن پيو وڃي، ان کي گرفتار ڪيو وڃي. انهيءَ ٽرڪ کي پٺيان ڌڪ لڳل آهي.“ آءِ.جي پوليس ڪاوڙ جي چيو، ”ڪوڙا، اهڙي رنگ ۽ نمبر واري گاڏي ته مون وٽ آهي ۽ هينئر به بيٺي آهي. جنهن کي پٺيان ڪوبه ڌڪ لڳل ناهي.“
    سندس اهڙيون ئي پراسرار سرگرميون هونديون هيون جيڪي عام ماڻهن لاءِ هاڪاري هيون.
    پاڻ پنهنجي بي مثال پيءُ وانگر هميشه سفر ۾ هوندو هو. سندس جيپ سدائين سفري سامان سان ليس هوندي هئي. هڪ ئي وقت ۾ هو الائي ڪيترن هنڌن تي پهچي ويندو هو، ڪنهن به ڏکئي جي دانهن تي بنا دير ۽ بنا ڳڻڳوت جي پڄندو هو. جتي به ٻڌندو هو ته ڪنهن غريب سان ناانصافي ۽ ظلم ٿي رهيو آهي ته، هو انهيءَ مهل اتي پڄندو هو. پوءِ اهو جبل جو ڀلي ڪيڏو به ڏورانهون ۽ ڏکيو علائقو ڇو نه هجي. ظالم ڀلي ڪيڏو به طاقتور هجي، هو اتي پهچي غريبن سان انصاف ڪري ۽ کين حفاظت ڏئي محفوظ ڪري ايندو هو. جتي هو پهچي انصاف ڏئي اچي اتي ڪو نا انصافي ڪرڻ جو سوچي به نه سگهندو هو.
    هڪ ڀيري ڪوهستان جي علائقي مول ۾ سنڌي هندن جي گدامن ۾ ڪن بااثر ماڻهن جي چرچ تي ڌاڙو هنيو ويو، جتان چاليهه ڳوڻيون ايلائچي ۽ ٻيو سامان چوري ڪيائون. واڻئا ويچارا روئندا دانهن کڻي ڪراچيءَ ۾ سيٺ غلام محمد بڪڪ وٽ آيا جنهن انهن کان شڪ ۽ پڪ وغيره پڇيا. انهن پنهنجا شڪ کيس ٻڌايا ته پاڻ کين دلاسو ڏئي کارائي پياري گهرن ڏانهن اماڻيو ته اوهان سان انصاف ٿيندو. پاڻ هڪدم انهن چورن ۽ ڌاڙيلن جي ڳوٺ پهتو. سندن وڏن کي گهرائي چيائين، ”سڀاڻي تائين توهان چوري ڪيل سامان ۽ چاليهه ڳوڻيون ايلائچين جون ساڳين گدامن تائين پهچائي ڇڏجو، نه ته ٻيءَ صورت ۾ توهان جو مقابلو واڻين سان نه مون سان ٿيندو ۽ ها هڪڙي به ايلائچي گهٽ ٿي ته ان جو به حساب ڪتاب ٿيندو.“
    پوءِ واقعي به ائين ئي ڪيائون. واڻين جي دانهن جي اهڙي طرح داد رسي ٿي جو ڪوهستان ۾ واهه واهه ٿي وئي. جنهن کان پوءِ سندس چيل اهي لفظ سڄي ڪوهستان ۾ ڄڻ ته محاورو بنجي ويا ته، ”هڪڙي به ايلائچي گهٽ ٿي ته ان جو به حساب ڪتاب ٿيندو.“
    اهڙا سيڻ سڌير، ڪين لهنديءَ ڪي ٻيا.
    سيٺ غلام محمد بڪڪ انتهائي درجي جو بهادر ۽ ذهين هو جنهن جا ڪيل ڪارناما ڳڻڻ کان مٿي آهن. جيئن اهو به هڪ واقعو آهي ته، ڪنهن برادريءَ جي ٻن گروپن ۾ وڏي دشمني هئي، ۽ انهن جو هڪ ٻي سان جهڙپون ٿينديون رهنديون هيون. هڪ ڀيري ٻنهي گروپن ۾ پنهنجي علائقي کان ٻاهر جهڳڙو ٿيو، جنهن ۾ هڪ گروپ جو سگهارو ماڻهو مارجي ويو، جنهن تي ٻئي گروپ جي ٻن ٽن ماڻهن جي مارڻ جو الزام هو، جنهن جي ڪري انهن چيو ته اسين سندس لاش کي ڳوٺ ۾ آڻڻ نه ڏينداسين. انهن چؤ طرف سخت گهيرو هڻي ڇڏيو ۽ ڳوٺ جي واٽ به انهن جي پاسي کان ئي هئي، ان ڪري انهن چيو ته جيڪو به لاش کڻڻ ايندو اسين ان کي به مارينداسين. ٻي ڪا واهه نه ڏسي ماڻهو ڊوڙي سيٺ غلام محمد بڪڪ وٽ آيا ۽ سڄي سربستي ڳالهه ٻڌايائون. ڳالهه ٻڌي کيس ڏاڍي ڪاوڙ آئي ته مارڻ کان پوءِ وير ڪهڙو؟ پاڻ انهن سان گڏجي لاش وٽ آيو، ۽ لاش کي پنهنجي جيپ ۾ اڳئين سيٽ تي ٻڌي ويهاريو. پاڻ اڪيلو ئي جيپ ڊرائيو ڪري لاش کي سندس گهر ۾ پهچائي موٽي آيو. سڀ ئي حيران ٿي ويا ۽ جڏهن مخالفن کي خبر پئي ته اهي منهن مٿو پٽڻ لڳا ته لاش گهر ۾ ڪيئن پهتو؟! اهڙي ئي غير معمولي ۽ پراسرار شخصيت هئي سيٺ غلام محمد بڪڪ جي.
    ظالمن سان مهاڏو اٽڪائڻ کيس وراثت ۾ مليل هو. جنهن سبب جي ڪري دشمنن جو تعداد به گهڻو هو، جيڪي زندگيءَ جي پڇاڙ ڪن لمحن تائين ساڻس پڄي نه سگهيا هئا.
    هو بيحد طاقتور هو. جسم جو نارمل ۽ ڪثرتي. وٽس ڄڻ ته خدائي طاقت هئي جيڪا هرهڪ کي حيران ڪري ڇڏيندي هئي.
    هڪ ڀيري شڪار ڪرڻ دوران سندس گاڏيءَ جو ٽائر برسٽ ٿي ويو. گاڏيءَ ۾ ساڻس گڏ چار پنج ٻيا به ماڻهو هئا. سڀ ئي گاڏيءَ مان هيٺ لٿا ته پاڻ اسپيئر ٽائر کڻي چيائين، ”گاڏيءَ کي هڪ پاسي کان ٿورو مٿي کڻو ته ٽائر بدلايان، ڇو جو جيڪ کڻڻ رهجي ويو آهي.“ سڀ ئي جوان ۽ زورائتا ماڻهو هئا. گاڏيءَ کي هڪ پاسي کان مٿي کنيائون پر گاڏي ايترو مٿي نه ٿي سگهي جو ٽائر بدلائي سگهجي. جڏهن تمام زور ۽ ڪوشش جي باوجود گاڏي مٿي ٿي نه سگهي ته پاڻ ٿورو ڪاوڙجي چيائين، ”هٽو، آئون ٿو گاڏي مٿي کڻان اوهين ٽائر بدلايو.“ سڀني چيو، ”اسين به ٿورو ساٿ ڏيون؟“ پاڻ سڀني کي پري ڪري اڪيلي ئي گاڏيءَ کي مٿي کنيائين ته گاڏي مٿي ٿي وئي ۽ ماڻهن کي ايڏي حيرت ۽ اچرج ٿي جو انهن کان ٽائر به بدلجي نه پي سگهيو ۽ ٽائر بدلائڻ ۾ به ڪافي دير لڳي. پاڻ اڪيلو ئي گاڏيءَ کي مٿي ڪري بيٺو رهيو. اهڙيون ڳالهيون به تمام گهڻيون آهن.
    ڪنهن غريب سان ڪنهن ڏاڍي ماڻهوءَ بي واجبي ڪئي ته، پاڻ اتي پهچي ويندو هو ۽ غريب جي جند ظالم کان آجي ٿي پوندي هئي يا عمر لاءِ....
    ڪوهستان ۾ سندس لقب ”شينهن“ ۽ ”شهباز“ هئا. هو سچ به شينهن ۽ شهباز هو. هر هنڌ بنا دير پهچڻ سندس ”شهباز“ واري صفت هئي، ته بي ڊپائي، طاقت ۽ جرئت ”شينهن“ واري علامت هئي.
    ڊپ سندس سرشت ۾ ئي نه هو. هُو ڪوهستان جي جهنگن ۽ جبلن ۾ گهمندو ڦرندو هو جتي هن ڪيئي عجيب ۽ خوفناڪ لقاءَ ڏٺا. ساڻس ڪيئي حيرت ناڪ ۽ پراسرار منظر منهن مقابل ٿيا، جيڪي ڪنهن عام ماڻهوءَ سان ٿين ته جيڪر انهن جا هانءَ ڦاٽي وڃن.
    هڪ ڀيري آڌيءَ رات جو جيپ ۾ گهري جهنگ مان گذري رهيو هو. ساڻس گڏ هڪ ماڻهو هو جنهن ٻڌايو ته، جهنگ مان گذرندي گاڏيءَ جي لائيٽ ۾ اسان ڏٺو ته سامهون رستي تي هڪ انساني کوپڙي پئي هئي، ان جي اکين مان روشني ائين نڪري رهي هئي ڄڻ سرچ لائيٽون هجن.“ هن ٻڌايو ته، ”مان بلڪل هوش وڃائي ويٺس پر سيٺ غلام محمد بڪڪ پاڻ گاڏي بيهاري هيٺ لٿو ۽ پنهنجي ٻنهي هٿن سان کوپڙيءَ کي کڻي رستي تان هٽائي، هڪ پاسي رکي وري اچي گاڏي ۾ ويٺو ۽ پنهنجو سفر جاري رکيائين.“
    سيٺ غلام محمد بڪڪ نهايت عبادت گذار هو. نماز تهجد سميت پڙهندڙ ۽ چوويهه ڪلاڪ وضوءَ ۾ رهندڙ هو. قدرت پاران کيس وڏيون طاقتون مليل هيون. هڪ اها به ته هو جنهن به بند تالي ڏانهن هٿ وڌائيندو هو ته اهو کلي ويندو هو! هو هڪ ئي رات ۾ لکين درود شريف پڙهڻ جوپڻ وظيفو ڪندو هو.
    سندس خوبيون بي انت ۽ بي شمار آهن. سندس شخصيت جا ڪيئي روپ ڪيئي رخ هئا. ڳالهائيندو ۽ فيصلا ڪندو هو ته ڄڻ ججن جو جج هوندو هو. هلندو هو ته هڪ ايٿليٽ لڳندو هو. شڪار ڪندو هو ته سندس نشان بي مثال هو. ڊرائيونگ ڪندو هو ته هڪ لاجواب ڊرائيور لڳندو هو. سندس گاڏيءَ جي اڳيان پنهنجي گاڏي وڌائڻ جو ڪو ڊرائيور تصور به ڪري نه سگهندو هو. وڏا وڏا ڊرائيور سندس ڊرائيونگ جا معترف هئا. هونئن به سندس شخصيت ايڏي باوقار ۽ بارعب هوندي هئي جو گهٽ ماڻهو سندس سامهون اچڻ جو سوچي سگهندا هئا.
    هڪ محفل ۾ غلام مصطفيٰ جتوئي صاحب (جيڪو ان مهل سنڌ جو وزير اعليٰ هو)، تنهن جڏهن سيٺ غلام محمد بڪڪ جي شخصيت ۽ بهادريءَ جي واکاڻ ڪندي چيو ته، ”غلام محمد خان بڪڪ جي اکين ۾ اکيون وجهي نهارڻ سان وڏن وڏن جو به..... نڪري ٿو وڃي.“ ته اتي انهيءَ محفل ۾ ويٺل سندس هڪ مخالف سردار چيو، ”جتوئي صاحب، اهي پراڻيون ڳالهيون آهن. هاڻي ائين ڪونهي.“ اهو ٻڌي اتي ئي ويٺل ڪوهستان جي هڪ معروف شخصيت چيو، ”جتوئي صاحب، ٺيڪ آهي غلام محمد خان بڪڪ جي هاڻي جواني ناهي. پر آئون هاڻي به پنهنجي سڄي دولت ۽ زمينون انهيءَ شرط تي رکان ٿو ته هاڻي به هي سردار صاحب سندس اکين ۾ رڳو هڪ منٽ نهاري ڏيکاري ته آئون سڀ ڪجهه ڏئي ڇڏيندس.“ پوءِ سردار صاحب کڻي اکيون هيٺ ڪيون.
    انهيءَ ساڳئي سردار سان سندس مخالفت ان ڪري هئي جو سردار جي راڄ ۽ علائقي جا ماڻهو پنهنجا فيصلا ۽ دانهون سيٺ غلام محمد بڪڪ ڏانهن کڻي ايندا هئا. سيٺ غلام محمد بڪڪ جي ڪيل فيصلن کي رد ڪرڻ جو اهو سردار سوچي به نه ٿي سگهيو، ڇاڪاڻ ته هن جا فيصلا ماڻهن کي قبول هوندا هئا، جنهن جو ازالو هو پنهنجي گهر ۽ علائقي ۾ ويهي ائين ڪندو هو جو سندس خلاف ڳالهائيندو رهندو هو ته، ”هو اهي رعب ٻين کي ڏيکاري آئون راڄ جو ڌڻي آهيان سردار آهيان. ماڻهو ته الائي ڇو مڙئي اجايو هن کان مرعوب ۽ متاثر آهن.“ ائين ئي هو گهڻو ڳالهائيندو هو، ۽ ڪڏهن ته هو ماڻهن کي چوندو هو ته، ”وڃي کيس چئو ته آئون ڊڄڻ وارن مان ناهيان.“ ماڻهو وڃي اهي سڀ ڳالهيون ڪجهه وڌائي، اچي سيٺ غلام محمد بڪڪ کي ٻڌائيندا هئا جيڪي پاڻ خاموشيءَ سان سڀ ٻڌندو رهندو هو.
    سيٺ غلام محمد بڪڪ ۾ سگهه، بهادري ۽ بي ڊپائيءَ سان گڏ، صبر تحمل ۽ برداشت ڪرڻ واريون خوبيون ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏينديون هيون ته، هيڏو سگهارو ماڻهو ڪيئن ٿو سڀ سهي وڃي. هو ته ڄڻ لطيف سرڪار جي هن بيت جي مڪمل تشريح هو ته،
    سوڍا صَبر تنهنجو، لَڄاين مَرَڪُ
    نه ڪُڇڻ سِين نَڪُ، رِيءَ رُڪَ راڻي وَڍيو.
    سچ به وٽس صبر جا انبار هئا. حيرت جهڙو ماڻهو جنهن ۾ هرهڪ خوبي وافر مقدار ۾ موجود هئي.
    ڳالهائڻ/ ماٺ. ڌڪ/ دلاسو ٻئي حدون، ٻئي سطحون، هڪ ئي وقت ڪارگر ۽ متحرڪ. هڪ ئي ماڻهوءَ ۾ هئڻ وسهڻ جهڙي ڳالهه ناهي پر ائين هو.
    عبادت گذار هو ته تهجد سميت سڀ نمازون پڙهندو هو. ۽ چويهه ڪلاڪ وضوءَ ۾ رهندو هو. هڪ ئي رات ۾ لکين صلاتون ۽ درود وظيفا ڪندو هو.
    ٻيو دنگ اهو ته ڪنهن سٺي سينيما هائوس ۾ ڪا سٺي انگريزي فلم آئي ته هڪدم ماڻهو موڪلي ٽڪيٽون گهرائيندو ۽ پنهنجي لائق ۽ ڀرجهل ڀاڻيجي قادر بخش بڪڪ کي ساڻ وٺي فلم ڏسڻ ويندو هو، پنهنجي وفادار ماڻهن سميت.
    سندس پسند جا ايڪٽر چارٽن هسٽن، گريگري پيڪ، ڪرڪ ڊگلس هئا. سندس پسنديده فلمون بن حر، لارنس آف عربيا، مڪناز گولڊ، گنز آف نيوران، اسپارٽيڪس، ڪلوپترا ۽ اهڙيون ئي تاريخي ۽ ڪلاسيڪل فلمون هيون.
    هڪ ڀيري دستور موجب پنهنجي ڪا وڻندڙ فلم ڏسڻ لاءِ سنيما ۾ آيو، ته اتي سندس مخالف سردار به پڻ فلم ڏسڻ آيو هو. ٻنهي کي سندن ماڻهن هڪ ٻئي جي موجودگيءَ جي خبر ڏني. سيٺ غلام محمد بڪڪ پنهنجي ماڻهن کي چيو.“ ڏسجو، متان نڪري وڃي.“
    سردار صاحب کي به شايد پنهنجا موڪليل پيغام ياد آيا ۽ هو ٿڙ ڦٿڙ ڪري انٽر ويل کان اڳ سنيما کان ٻاهر نڪتو. سيٺ غلام محمد بڪڪ جي ماڻهن جي نظر ۾ هو جيئن ئي هو ٻاهرين دروازي ڏانهن وڌيو ته هنن سيٺ غلام محمد بڪڪ کي ٻڌايو ته، ”سردار صاحب ٻاهر پيو نڪري.“ سيٺ غلام محمد بڪڪ بجليءَ وانگر پنهنجي سيٽ تان اٿيو ۽ سينيما کان ٻاهر نڪتو ته، سردار صاحب جيڪو پنهنجي سؤٽ ۽ باڊي گارڊن سان گڏ هو سو پنهنجي گاڏيءَ ۾ چڙهي رهيو هو. قداور سيٺ غلام محمد بڪڪ وڏيون وکون کڻي وٽس پهچي ويو ۽ سندس ڪالر جهلي چيائين، ”ماڻهن کان ڏاڍا پيغام موڪليا اٿئي. بيهي جواب ٻڌُ.“ سردار صاحب پنهنجي قميص جي ڪالر ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو، ”مون کي جوابن جي ضرورت ناهي....“ هن جو جملو اڃا اڌورو هو ته سيٺ غلام محمد بڪڪ شينهن وانگر پنهنجو هٿ مٿي کنيو ۽ هڪ زوردار چماٽ سنهڙي سيپڪڙي سردار صاحب جو منهن وڄائي وجود ڌوڏي وئي. انهيءَ وچ ۾ حيرت ۽ عجب اهو ٿيو ته چماٽ سردار صاحب کي لڳي ۽ سندس سؤٽ چڪرائچي ٺڪاءَ ڪري اچي پٽ تي ڪريو.
    سيٺ غلام محمد بڪڪ به ڏانهس نهاريو ۽ گارڊ جيڪي کيس ڏسي سڪتي ۾ اچي ويا هئا، انهن ڇرڪي اچي کيس مٿي کنيو جيڪو بيهوش ٿي ويو هو. سيٺ غلام محمد بڪڪ موٽي وري سينيما ۾ آيو ۽ فلم ڏسڻ لڳو.
    ٻئي ڏينهن تي اها خبر هُلي وئي ته سردار صاحب جو سئوٽ هارٽ اٽيڪ سبب اسپتال ۾ گذاري ويو. خبر پئي ته جڏهن سيٺ غلام محمد بڪڪ، سردار صاحب کي چماٽ هنئين هئي، تڏهن سندس رعب، ڪاوڙ ۽ دهشت ڏسي خوف مان کيس اٽيڪ ٿيو.
    سيٺ غلام محمد بڪڪ کي رب تعاليٰ گهڻيون خوبيون ڏنيون هيون. هُو پٿرن جي وڏي شناس رکندڙ هو ۽ پٿرن جو ماڻهن تي سٺن ۽ خراب اثرن کان پڻ چڱي ريت واقف هو.
    اڪثر هُو ڪوهستان جي پراسرار ۽ گونا گون جبلن ۾ شڪار ڪرڻ لاءِ ويندو هو. کيرٿر جبل جي چوٽين ۾ هن هڪ اهڙو به سَرَه (Ibex) شڪار ڪيائين جنهن جا ڏند سون جا هئا. ان جي تصديق صرافن به ڪئي. پاڻ چوندو هو ته، ”جبلن ۾ وڏيون قدرتون ۽ راز آهن. اتي جا وڻ ٻوٽا ڪيميا آهن، اتي جا پٿر پارس آهن.
    هڪ ڀيري پٻ جبل ۾ شڪار دوران جبل جي چوٽين ۾ کيس هڪ سِپَ (سيپي) جهڙو پٿر مليو، جنهن جو ڍڪڻ کولڻ سان کلي ويو ته ان جي اندر مختلف خانا هئا، جن ۾ مختلف رنگ رنگ جا سفوف پيل هئا. پاڻ چوندو هو ته، ’اهي انسانن لاءِ رب پاڪ جي طرفان سوکڙيون آهن جيڪي فرشتا جبلن جي چوٽين تي رکي ويندا آهن.‘ پاڻ پنهنجي منڊين ۾ فيروزا ۽ يعقوت (روبل) پٿر پائيندو هو جيڪي اڇي سون جون هونديون هيون.
    پنهنجي ماڻهن جي ڏک سور ۾ گڏ رهڻ وارو هي جري جوڌو حڪومت جي ڪڌن قانونن خلاف هميشه ڪاوڙيل ۽ سرگرم رهيو. جدوجهد ڪندڙ بلوچ ساٿين سان گڏ سختيون ۽ قيد به ڪاٽيائين.
    پنهنجي سؤٽ (ٻنهي جا ڏاڏا سڳا ڀائر هئا) ۽ ماروٽ سيٺ علي محمد بڪڪ سان گڏ پاڻ به جيل ۾ رهيو، جنهن جو تفصيلي ذڪر، سيٺ علي محمد بڪڪ“ جي پروفائل ۾ آيل آهي.
    هُو ايڏو غير معمولي بهادر هو جو دشمن هن کان ڏنئون ڏيندا هئا. هو دوستن جو دوست ۽ يارن جو يار هو. ڪنهن ڳالهه ۾ جي ’نه‘ ڪيائين ته ان ڳالهه ۾ ’ها‘، ڪرائڻ جي طاقت ڪوبه نه ساري سگهندو هو.
    سائين پير پاڳاري سان سندس واسطا گهرا ۽ عقيدت وارا هئا. هُو سائين پير صاحب پاڳاري کي پنهنجي زمينن واري بنگلن ۾ دعوت ڏئي وٺي ويندو هو، جتي ڪوهستان جي مهان ڪلاڪار استاد محمد جمن جون يادگار محفلون ٿيون هيون.
    سيٺ غلام محمد بڪڪ ڀٽائي گهوٽ جو عاشق هو. هر هفتي راڳ ٻڌڻ ڀٽ شاهه ويندو هو. جوانيءَ ۾ ته هر جمعي جي رات ڀٽ شاهه ۾ گذاريندو هو. پر آخري ڏينهن ۾ به هُن ڀٽائي رحتان ڀيرو نه ڀڳو.
    ائين پاڻ شاهه بلاول نوراني (خضدار بلوچستان) جو معتقد هو. هر جمعي جي نماز اتي ئي پڙهندو هو ۽ اهو سلسلو زندگيءَ جي پڇاڙيءَ تائين قائم رهيو. حيرت جي ڳالهه اها آهي جو آخر ۾ بيماري ڪري هو گاڏي ڊرائيو ڪري نه سگهندو هو، ته پنهنجي ڀرجهل ۽ پاڻ جهڙي ئي بهادر پٽ سليمان خان بڪڪ سان گڏ زيارت ۽ نماز پڙهڻ لاءِ شاهه نوراني ويندو هو. پڇاڙيءَ ۾ ڊاڪٽرن کيس سختيءَ سان منع ڪئي ته اهي ڊگها ۽ اوکا سفر سندس صحت لاءِ صحيح ناهن. پر جنهن سڄي زندگي پنهنجي مرضيءَ سان گذاري هئي اهو آخر ۾ ڪيئن ٿو ڪنهن جي مڃي سگهي!
    سائين پير صاحب پاڳاري کي به دعوت ڏئي شاهه نوراني وٺي ويو هو. اتي پير سائين پاڳاري جيڪو هڪ لاجواب فوٽو گرافر پڻ هو تنهن پنهنجي ڪيمره کڻي چيو، ”غلام محمد خان، چون ٿا ته جوانيءَ ۾ اوهان جي اکين ۾ نهارڻ جي ڪنهن ۾ به جرئت نه هوندي هئي. مهرباني ڪري ساڳي نهار ڪريو ته آئون فوٽو ڪڍان.“ سيٺ غلام محمد خان بڪڪ، سائينءَ سان هجت ڪندي ساڳئي انداز سان، ڏانهس نهاريو ته سائينءَ فوٽو ڪڍي کلندي چيو، ”سچ به غلام محمد خان آئون هاڻي به اوهان جي اکين جو تاب جهلي نٿو سگهان.“
    سائين پير صاحب پاڳاري جو ڪڍيل سندس اهو فوٽو نه رڳو سندس گهر ۽ اوطاق ۾ لڳل آهي. پر پير سائين پاڳاري جي ڪراچيءَ واري رهائشگاهه ’ڪنگري هائوس‘ ۾ پڻ لڳل آهي. جڏهن ته سائينءَ جي خليفن ٻڌايو ته، ’سيٺ غلام محمد بڪڪ جي اها تصوير سائينءَ جي پير ڳوٺ واري ’ڪنگري هائوس‘ ۾ به لڳل آهي.
    مٿي جيئن ذڪر ڪيو اٿم ته سيٺ غلام محمد بڪڪ، لطيف سرڪار جو عاشق هو ۽ هميشه زيارت ڪرڻ ۽ راڳ ٻڌڻ لاءِ ڀٽ شاهه ويندو هو. شاهه سائينءَ جا خليفا ۽ راڳائي فقير ساڻس ڏاڍي محبت ڪندا هئا. آخر ۾ بيماريءَ دوران جڏهن پاڻ ڀٽ شاهه تي ويو هو ته سندس قابل موڀي پٽ سليمان خان بڪڪ، کيس پنهنجي مضبوط ڪلهي جو سهارو ڏئي وٺي اچي رهيو هو ته، لطيف سرڪار جا اهي راڳي فقير جن کان اڪثر هو لطيف رح جو ڪلام ٻڌندو هو. انهن کي سندس شاندار هلڻ ۽ خوبصورت سراپو ياد هو. اهي کيس سهاري تي هلندو ڏسي روئي پيا.جيئن ئي هو آهستي آهستي قدم کڻندو وڌي رهيو هو، تيئن ئي راڳي فقير لڙڪ لاڙي لطيف رح سرڪار جو هي بيت پڙهي رهيا هئا،

    جَهرَ جَهنگ جَبَلَ ڪَوههَ، مَئي سَڀُ مَنَاڙِيا
    اڱڻ اَسي ڪَوهَ، مَئي لئه مُشڪل ٿِيا.
    سناسي خان بڪڪ جو سڪيلڌو پٽ، جنهن کي ڪوهستانين، ’شينهن‘ ۽ ’شهباز‘، جا لقب ڏنا- جيڪو پنهنجي خاندان جي بهادرين کي ۽ ڪوهستان جي عظيم روايتن کي ملهائي پاڻ کي سرخ روءُ ڪري ويو.
    اهڙا شينهن مڙس جيڪي انسانيت جو ڪَرُ آهن، ڀَرُ آهن، ڏڍ آهن، اهڙن باڪمال انسانن کان دنيا جي بي خبري ڄڻ ته هڪ سانحو آهي.

    چار تراريون چيلهه سين، ٻڌي ٻه پاڳون
    اڳين جون آڳون، ڪونئر ڪلي ۾ موکيون.
    (شاهه رح)


    هڪ شاندار ڪردار حاجي مريد خان بڪڪ (چاڪراڻي)

    مارشل بلاوسڪي (امريڪن ميٿو لاجسٽ) چيو آهي ته، ”اسين چهرن مٿان چهرن ۽ شڪلين مٿان شڪلين جي دنيا ۾ جيئڻ لاءِ مجبور آهيون. اسين ڀلجي ويا آهيون ته ڪڏهن حقيقت ۾ آسمان هو به سهي! حقيقت ۾ ڪا غذا به هئي! حقيقت ۾ ڪڏهن ڪا شيءِ به هئي!“

    سچ به مٿين ڳالهه حقيقت آهي. اسان جي اڳيان، اسان جي سامهون اهڙيون شخصيتون زندگي گذاري، نيڪيون ڪري هليون وڃن ٿيون. پر اسين اهو يقين ڪرڻ کان ائين قاصر آهيون، جيئن مارشل بلاوسڪي چيو آهي ته، ”ڪڏهن حقيقت ۾ آسمان هو به سهي!“
    جڏهن ته آسمان پنهنجي حقيقت نه ٿو لڪائي ان جي حقيقت ازل ابد کان قائم آهي. پر جڏهن اسين پاڻ انهن حقيقتن کان ذهني طور انڪاري آهيون ته پوءِ ڀلي مٿي تي خوبصورت آسمان موجود هجي. پر اهو منظر نظر نه ٿو اچي.
    اهڙيون ئي ڀرپور شخصيتون ڪوهستان ۾ موجود هيون/ آهن، جن جي حقيقين کان اهي ماڻهو واقف ناهن، جن جي انهن سان سڃاڻپ ۽ واقفيت نه ٿي سگهي آهي.
    حقيقت ۾ آئون خوشنصيب آهيان جو اهڙن حقيقي آسمانن کان واقف آهيان ۽ انهن جو تعارف فخر سان ڪرائي به رهي آهيان.
    اهڙيون ئي آسمانن جهڙيون ٻاجهاريون شخصيتون ڪوهستان ۾ پڻ ڄايون، نپنيون ۽ اُڀريون جن ۾ حاجي مريد خان بڪڪ جي پڻ هڪ شخصيت آهي.
    ’ڪوهستان‘، جنهن جي باري ۾ پنهنجي لکيل مهاڳ ۾ پڻ چيو اٿم ته، ”وَسي ته نخلستان نه ته ريگستان. اهو آهي مانجو ڪوهستان“
    ڪوهستان ۾ وَسَ (مينهن جي مند) وري پنهنجي وَسَ (اختيار) واري آهي، جيڪا ڪوهستان تي گهٽ مهربان رهندي آهي. جنهن جي ڪري اتي جي رَهَڪَ (رهڻي ڪهڻي) ڏکي ۽ غريباڻي آهي. پر صبر ۽ شڪر واري دولت سان مالا مال ماڻهو ڪڏهن به هيڻا ۽ پَرَوَسِ (ٻين جي اختيار ۾) نه رهيا آهن. اهي پنهنجا ڏک پنهنجي ئي اندر ۾ سانڍي وهندا ۽ پنهنجا وَيرَ وَڍَ (جهڳڙا ۽ معاملا) ڌارين اڳيان ظاهرئي نه ڪندا، پنهنجا پاڻ ۾ هڪ هنڌ ويهي گڏجي نبيري اُٿندا.
    نبيرا اهي ڪندا جن جي ساک هوندي، جن تي اعتماد هوندو.
    اها ساک، اهو اعتماد جبل وارن کي انهن پنهنجن ساکائتن (سچي ساک وارا) ۽ پُر اعتماد ڏاهن تي هو، جن جو چوڻ سندن لاءِ وحيءَ سمان هو. جن ۾ حاجي مريد خان بڪڪ پڻ نشانبر هو جيڪو سندن فيصلا سندن ئي مزاج موجب ڪندو هو، ۽ اهي سڀيئي کير کنڊ ٿي ويندا هئا.
    ”بڪڪ برادريءَ لاءِ اهو مشهور آهي ته هو نه ڪنهن کي سردار يا وڏيرو مڃيندا آهن. نه ئي وري پنهنجن مان ئي ڪنهن کي سرداريءَ جي يا وڏيرڪي پڳ ٻڌندا آهن.“
    لس ٻيلي گزيٽيئر (1907ع) ۾ سي.ايف منچن (جنهن جي نالي پويان پنجاب ۾ ”منچن آباد“ ضلعو آهي) لکي ٿو ته، ”بڪڪ برادري جيڪا ٻين برادرين جي ڀيٽ ۾ پاڻ کي زمين جا فرزند ڪوٺائيندي آهي (جيڪي سچا به آهن) جڏهن ته اتي جون ٻيون برادريون پاڻ کي شام، عراق وغيره کان آيل ٻڌائين ٿيون (جيڪو ڪوڙ آهي) ۽ بڪڪ برادري جيڪا تعداد ۾، ڳڻپ ۾ ٿورائي ۾ آهي ان جي باوجود هو نه ڪنهن ٻي برادريءَ جي ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو سردار يا وڏيرو تسليم ڪري ٿي، نه ئي هو پاڻ ۾ ئي ڪنهن تي سرداري يا وڏيري جي پڳ ٻڌن ٿا.“
    بڪڪ برادريءَ جو اڄ به ڪو سردار ۽ وڏيرو ڪونهي، اهي سڀ ئي پاڻ ۾ گڏجي اهڙن پنهنجن ماڻهن کان پنهنجن مسئلن، ويرن وڍن ۽ پلاندن جا فيصلا ڪرائيندا آهن جيڪي سچا، ساکائتا ۽ بااعتماد هجن.
    حاجي مريد خان بڪڪ اهڙو ئي سچو، ساکائتو ۽ بااعتماد ماڻهو هو، جنهن تي هو اکيون ٻوٽي ڀروسو ڪندا هئا.
    حاجي مريد خان بڪڪ پنهنجي ڪراچيءَ واري گهر ۽ اوطاق ۾ به فيصلا ڪندو هو. پر اڪثر فيصلا هو ٻاهر ۽ سر زمين تي ڪندو هو جتي اهي لاڳاپيل ماڻهو هوندا هئا يا جن زمينن تي جهيڙو جهڳڙو هوندو هو. سندس ڪيل فيصلا نهايت مدبرانه هوندا هئا، جن تي واهه واهه ٿي ويندي هئي. وٽس هر قسم جا فيصلا ايندا هئا. نه رڳو پنهنجي برادريءَ جا پر ٻين به گهڻين برادرين ۽ ذاتين جا فيصلا وٽس ايندا هئا، جن ۾ چريا کريا ماڻهو يا زالون مڙس پاڻ ۾ وڙهن ته اهي به سڀ فيصلا وٽس ايندا هئا.
    اهي ۽ اهڙا فيصلا هو وري مختلف انداز سان ڪندو هو. پاڻ جيئن ته خوش طبع ۽ خوش مزاج هو سو فيصلا به ڀوڳ خوشي سان ڪندو هو. هونئن به سندس محفلن ۾ ٽهڪ ٽڙندا رهندا هئا. ڪٿي جي ڪنهن محفل ۾ ماٺ هوندي ته ماڻهو چوندا، ”هجي ها حاجي مريد خان بڪڪ ته ماٺ ۽ اداسيءَ جي خبر پوي....“
    هڪ ماڻهو پنهنجو فيصلو کڻي وٽس آيو ته، ”سائين، منهنجي زال مون سان ڏمرجي جيئن مائٽن ۾ وئي آهي تيئن وري ئي نه ٿي. ڪيترا ڀيرا آئون وٺڻ ويس مون کي ته پُڇي ئي نه ٿي، ميڙيون به موڪليم. اهي به موٽائي ڇڏيائين. وڏي وات خور آهي. ڄڀ تاروءَ سان ئي نه ٿي لڳيس، وات هڻي ماڻهوءَ ماڻهوءَ سان پڄي جواب ڏئي ويٺي آهي. هاڻي آئون تو وٽ آيو آهيان خدا ڪارڻ زال موٽائي ڏيم.“
    حاجي مريد خان بڪڪ جيڪو ڇهن فٽن کان به مٿي قد رکندڙ، وڏي ڀريل بت جو زورائتو خوبصورت شخصيت جو شاندار ماڻهو هو جنهن جي اڳيان مائي ته ڇا پر مرد به انڪار ڪري نه سگهندو هو. تنهن، ان ماڻهوءَ کي چيو ته، ”مون کي پنهنجي زال جي مائٽن جي گهر وٺي هل.“ حالانڪه هو کين پاڻ وٽ گهرائي به سگهيو ٿي. پر جيئن ته سندس طبيعت بيحد مختلف ۽ خوش مزاج هئي. اهو ماڻهو کيس وٺي زال جي مائٽن جي گهر آيو جتي سندس زال رهيل هئي.
    ماڻهن جو حاجي مريد خان بڪڪ جي اچڻ جو ٻڌو ته سڀني جي ڊڊي ڊوڙ ٿي وئي (هرڪو ڊوڙندو آيو). هو سڀني سان ملي گهر اندر آيو. سڀني ماين اُٿي ساڻس کيڪاريو، کٽون هنڌ وڇائجي ويا. سڄو گهر ۽ اڱڻ ماڻهن سان ڀرجي ويو ته پاڻ ان ماڻهوءَ کان پڇيائين، ”تنهنجي زال ڪٿي آهي؟“ ان ماڻهوءَ هٿ جو اشارو ڪري چيو ته، ”فلاڻي آهي.”جيڪا واقعي به تيز ۽ چالاڪ نظر پئي آئي.
    حاجي مريد خان بڪڪ ان مائيءَ کي سڏي پاڻ وٽ گهرايو، ”امان، هيڏي مون ڏي اچ.“ مائي هيڏي وڏي ماڻهو کي پنهنجي گهر ۾ ڏسي اڳ ئي گهٻرائجي وئي هئي. اها سڏ ڪرڻ تي ويتر ڊڄي وئي. آهستي آهستي هلي وٽس آئي ته سندس مٿي تي هٿ رکي سندس مڙس ڏي نهاري گهروڙي ڀونڊو ڏئي چيائين، ” اڙي حرامي، هن لاءِ ٿو تون چوين ته گهر نه ٿي هلي؟ هيءَ ته صفا بي زبان آهي. ضرور تو کيس رنجايو هوندو. تڏهن ته گهر ڇڏي آئي آهي. هيءَ ته اهڙي آهي ئي ڪانه جو گهر هلڻ کان انڪار ڪري. تون وڏو ڪوڙو آهين. ڪيئن ٿو چوين ته گهر نه ٿي هلي! پنهنجي گهر ڇونه هلندي؟ پنهنجو گهر ته پنهنجو آهي مائٽن جو گهر ٿورو ڪي پنهجو اٿس، هينئر آئون هن جو هٿ تنهنجي هٿ ۾ ڏيان ٿو، هاڻي جو هاڻي وٺي پنهنجي گهر وڃينس. باقي بي حياءَ هاڻي ڪو جهڳڙو ٻڳڙو ڪيئي ته اهڙا موچڙا کائيندين جو جڳ ڏسندو.“
    سڀ ئي کلڻ لڳا. حاجي مريد خان بڪڪ مائيءَ کي هٿ ۾ جهلي سندس مڙس کي سڏيو، ”اچ ڀيڻسان ڀڙوا لائق ته ڪونهين پر جهلينس هٿ ۾....“
    مڙس خوش ٿي اچي زال جي هٿ ۾ جهليو. حاجي مريد خان بڪڪ مائيءَ جي هٿ ۾ خرچي ڏئي چيو، ”وڃ امان، مڙس سان گڏجي پنهنجي گهر وڃ، هاڻي جي ڪا شڪايت ٿيئي ته پنهنجي مائٽن جي گهر متان وڃين. سڌي مون وٽ منهنجي گهر اچجين پوءِ ڏسجانءِ ته ڪهڙو ٿو حشر ڪريانس.“ مائيءَ به مشڪي پنهنجا گنديون ڪپڙا کنيا ته حاجي مريد خان بڪڪ وري به سندس مڙس کي دڙڪو ڏئي چيو، ”هٿ ۾ جهلينس ڀاڙيا، لائق ته ناهين هن زال جو پر...“ مڙس خوشيءَ مان زال جي هٿ ۾ جهليو ته زال به ڦڪي ٿي مرڪي مڙس کي هٿ ڏنو. تڏهن سڀ ئي ٽهڪ ڏئي کلي پيا جن ۾ حاجي مريد خان بڪڪ جو اُچو ۽ شاندار ٽهڪ به نمايان هو.
    هڪ ڀيري هو پنهنجي وڏي گهر جي وڏي اڱڻ ۾ گهري ڇانوَ واري وڏي نم جي وڻ هيٺيان ڇپر کٽ تي ليٽيو پيو هو ته، ڪنهن مائيءَ جي روئڻ جو آواز ٻڌائين جيڪا سندس در ٽپي اندر آئي هئي. هُن مٿو مٿي کڻي ڏٺو ته اها سندس ئي پاڙي جي ڇوڪري ’شني خاصخيلڻ‘ هئي. جنهن کي هن سڃاتو ٿي ته اها ڏاڍي ڏالي ڀولي ۽ معصوم آهي. هو اٿيو، کيس اٿندو ڏسي شنيءَ در کان ئي دانهن سان چيو، ”طلاق، طلاق، طلاق... مون کي مڙس کان طلاق ٿي کپي.“ هن مشڪي کيس پاڻ وٽ سڏيو، هوءَ وٽس اچي هيٺ پٽ تي ويٺي ٿي ته هُن کيس پاڻ سان گڏ کٽ تي ويهاريو.
    شني، عام بلڪ گهٽ ذهن واري هئي ۽ کيس جيڪو مڙس ڏنو ويو هو ان جو نالو ’ربو‘ هو. اهو سندس ماسات هو. اهو مرگهيءَ جو مريض هو. گڏهه گاڏي هلائي گهر جو خرچ پکو ڪڍندو هو. پر ڪڏهن ته جڏهن کيس مرگهيءَ جو دورو پوندو هو ته گڏهه گاڏيءَ تان پڻ ڪري زخمي ٿي پوندو هو. گهر ۾ جيڪو به ٽڪو آن رکيل هوندو هو ته، اهو به ڊاڪٽرن ڏي اچڻ وڃڻ ۾ ختم ٿي ويندو هو. روز گهر ۾ کٽ پٽ لڳي پئي هوندي هئي. حالانڪ سندس ماسي (سس) به پورهيو وغيره ڪري کيس ڪجهه نه ڪجهه ڏيندي هئي. پر غربت وڏي آفت آهي جنهن ڪري جهڳڙو روز جو معمول بنيل هوندو هو گهر ۾. اڄ شايد وڏو جهيڙو ٿيو هو جو نوبت طلاق وٺڻ تائين پهتي هئي.
    حاجي مريد خان بڪڪ پنهنجي وڏيءَ گهر واري (سيٺ علي محمد خان بڪڪ جي ڀيڻ) جيڪا سندس ئي طبيعت جهڙي ۽ سندس ئي هم مزاج هئي تنهن کي سڏ ڪندي چيائين، ” آمنه، شنيءَ جي ڪاسار ته لهه، ڪو پاڻي ڪا ماني ته کارائينس.“ سندس گهر واري جيڪا پڻ مهمان کارائڻ ۽ فريادين جو فرياد ٻڌڻ جي رهيگ (عادي) هئي. اها مشڪندي آئي ۽ شنيءَ کي ڀليڪار ڏنائين ته شنيءَ چيو، مون کي نڪو پاڻي کپي نڪا ماني! مون سان انصاف ڪريو.“
    حاجي مريد خان بڪڪ مشڪي چيو، ”تون اسان جي گهر جي ماني پاڻي نه ٿي کائين پئين ته پوءِ تنهنجو فيصلو ڪيئن ڪنداسين؟“
    شنيءَ معصوميت مان چيو، ”صبح کان وٺي گهٽڪو ڪونه کاڌو اٿم سو مٿي ۾ ڦيري اٿم. ڪجهه به وڻيئي نٿو.“ سڀني سمجهيو ته گهٽڪي جي نالي تي هوڪاوڙجي پوندو ڇو جو هو گهٽڪي جي سخت خلاف هو. پر هن شنيءَ ۾ نهاري مشڪي چيو، ”پوءِ کائين ڇو نه ٿي گهٽڪو؟“ شني چيو، ”پيسا آهن پر ڪير وٺي آڻي ڏي.“، حاجي مريد خان بڪڪ چيو، ”اڳي ڪير آڻي ڏيندو هو؟“ چيائين، ”اڳي آئون پاڻ ئي ڪبين (ڪيبن) تان وٺي ايندي آهيان.“ هُن چيو، ”هاڻي به پاڻ وٺي اچ“. شنيءَ معصوميت ۽ حيرانيءَ مان چيو، ”هاڻي ڪبين تي ڪيئن وڃان؟ منهنجو پيءُ، ڀائر ۽ ڏير واٽ تان ئي جهلي موچڙا ڏيندا ته تو طلاق جو نالو ڇو ورتو؟ ڇو جو آئون گهر مان ئي طلاق، طلاق ڪندي نڪتي آهيان.“
    حاجي مريد خان بڪڪ مشڪي پاڻ اٿيو، پٽڪو ٻڌي، پنهنجو چانديءَ جي مُٺِ وارو بانٺو هٿ ۾ کڻي چيائين، ”هل مون سان گڏ، ڏسان ٿو ته ڪهڙو ٿو مُتُبر (معتبر) اڳيان اچي ۽ توکي مارڏي.“ حالانڪه هو ڪنهن کان به سندس لاءِ گهٽڪو گهرائي سگهيو ٿي، پر اهي ئي ته سندس عجيب انداز هئا، جنهن جي ڪري هو نهايت مشهور ۽ معروف هو.
    اهي ماڻهو سندس جي نالي واري ڳوٺ، ’حاجي مريد خان بڪڪ ڳوٺ‘ ۾ رهندا هئا ۽ هو انهن غريبن جو ساٿي ۽ محبوب هو.
    هو اڳيان، شني پٺيان. جڏهن هو انهن جي گهرن وٽ پهتا ته پاڻ شنيءَ کي چيائين، ”تون وڃي گهٽڪو وٺي آءُ آئون هتي بيٺو آهيان.“ هوءَ هلي وئي ته پاڻ اُچي (بلند) آواز ۾ (سندس آواز ڳرو ۽ وڏو هوندو هو) هڪل ڪري مشڪندي چيائين، ”عبدو (شنيءَ جو پيءُ)، خيرو، ربو، گلو، نبو (شنيءَ جو مڙس، ڀاءُ ۽ ڏير) شني گهٽڪو وٺڻ پئي وڃي، جهلڻو اٿو ته ٻاهر نڪرو.“
    حاجي مريد خان بڪڪ جو آواز ٻڌي اهي سڀ ئي مرد ۽ مايون ٻاهر نڪتا ۽ کلي ساڻس مليا. عام خير خيريت جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا ته، حاجي مريد خان بڪڪ نهايت سنجيدگيءَ مان کين چيو، ”شنيءَ سان ٺهي هلو، نه ته سٺو نه ٿيندو. اڳ ئي اوهان ساڻس بيواجبي ڪئي آهي (مرگهيءَ جو مريض نوجوان ڇوڪريءَ کي مڙس ڏئي). هاڻي کيس وڌيڪ رنجايو ۽ ستايو نه نه ته جيئن هو چوي ٿي آئون کيس طلاق ڏياري ڇڏيندس.“
    هو سڀيئي رنجيده ٿي ڪنڌ هيٺ ڪري کيس ٻڌي رهيا هئا. ايتري ۾ شني گهٽڪا هٿن ۾ کنيو آئي ۽ حاجي مريد خان بڪڪ کيس پاڻ سان وٺي پنهنجي گهر آيو.
    هن ايندي ساڻ گهٽڪو کولي کاڌو، گهٽڪو کائي بس ڪيائين ته کيس ماني کارائي چانهه پياري پوءِ پڇيائين، “ربوءَ (شنيءَ جو مڙس) کان طلاق ته وٺين ٿي پوءِ ڇا ڪندينءَ؟ هونئن ته ربو توکي ڏي وٺي، کارائي پياري ٿو. سندس ماءُ جيڪا تنهنجي ماسي آهي، اها به تنهنجو خيال ڪندي آهي. ڏوڪڙ پيسو به ڏئي ٿي. پر جي تون ربوءَ کان طلاق وٺنديءَ ته پوءِ اهي توکي ته ڪونه سنڀاليندا. تنهنجو پيءُ ۽ ڀائر به ته توکي گهر ۾ ڪونه ڇڏيندا. پوءِ ڪيڏانهن ويندينءَ؟“
    هو ساڻس برابريءَ واري نموني ڳالهائي رهيو هو. سڀ ئي گهر ڀاتي (حاجي مريد خان بڪڪ جي گهر جا ڀاتي سندس ٻار ۽ ڀائٽيا وغيره) مشڪي مشڪي دلچسپيءَ سان اهو ڪيس ٻڌي رهيا هئا. شنيءَ ڪو جواب نه ڏنو ته حاجي مريد خان بڪڪ جيڪو اهڙن فيصلن ڪرڻ جو ماهر هو تنهن مشڪي شنيءَ کي چيو، ” ڀلا ڪو اک ٻک ۾ جهليو اٿئي ڇا؟“ ان تي سڀني ٽهڪ ڏنا ته شنيءَ به مشڪي چيو، ”ها“. ٽهڪ وڌيڪ وڏا اڀريا. حاجي مريد خان بڪڪ پنهنجي کل روڪي چيو، ”ڪير؟“ شنيءَ بنا ڪنهن خوف ۽ ڦڪائيءَ جي چيو، ”نوريءَ (سندس ڀائٽي) جو ڏير!“ پوءِ ته ٽهڪن جو طوفان کڙو ٿي ويو. جڏهن ماٺ ٿي ته حاجي مريد خان بڪڪ کيس چيو، ”ڀلاجي آئون هينئر ئي سڀني کي گهرائي توکي طلاق ڏياري ڇڏيندس ته پوءِ توکي ڪوبه گهر ۾ اندر گهڙڻ نه ڏيندو ۽ تنهنجو سامان به ڪو توکي کڻڻ نه ڏيندو. جيڪا به تنهنجي قيمتي چيز تنهنجي گهر ۾ رکيل آهي اها به توکي نه ڏيندا، پوءِ؟“ شنيءَ نهايت اطمينان سان چيو، ”اهو آئون سڀ کڻي آئي آهيان.“ سڀني حيرت مان کيس ڏٺو جنهن وٽ ڪابه چيز نه هئي.
    حاجي مريد خان بڪڪ چيس، ”ڪهڙي قيمتي چيز يا سامان کڻي آئي آهين؟ نظر ته اچي ئي نه ٿو؟“ هن مشڪي پنهنجي کيسي مان ٻه ٽي سو روپيا ۽ هڪ فوٽو ڪڍي ڏيکاري چيو، ”هي ٽي سورو پيا ۽ هي رشيد (ڇورو جنهن سان شادي ڪرڻ ٿي چاهيائين) جو فوٽو .بس ٻيو ڪجهه به ڪونهي منهنجو گهر ۾.“
    شنيءَ جي سادگي ۽ معصوميت تي سڀني مشڪيو ۽ سندس ڏک به ٿين. حاجي مريد خان بڪڪ کيس نهايت سنجيدگيءَ سان سمجهائي چيو، ”ٻڌ، تنهنجو ماسات ربو تنهنجي لاءِ سهي آهي. نه ڪو وڙهي ٿو، نڪو نشو ٿو ڪري، تون سڀني پنهنجن جي وچ ۾ ويٺي آهين، سڀاڻي جي اهو ڇورو جنهن سان تون شادي ڪرڻ چاهين ٿي ۽ جنهن کي آئون سڃاڻان ٿو ته اهو لوفر ۽ نشائي آهي. اهو توکي ٻه ٽي مهينا به نه رکندو. پوءِ تون ڪيڏانهن وينديءَ؟ هاڻي منهنجو چيو ڪري تون پنهنجي گهر وڃ، اڃا تنهنجي شاديءَ کي به ٻه ٽي سال ٿيا آهن. اولاد ٿيندئي ته سڀ وسري ويندئي.“
    شني سندس ڳالهائڻ تي يڪو ”ها“ ۾ مٿو ڌوڻيندي رهي. ۽ مشڪي سندس فيصلو مڃيائين. تڏهن حاجي مريد خان بڪڪ مشڪي چيو، ”هاڻي اها پنهنجي قيمتي ملڪيت، ڇوري رشيد جو ڦوٽو منهنجي اڳيان ڦاڙي ڦٽو ڪر ته آئون به ڏسان ته تو منهنجو فيصلو دل سان قبول ڪيو آهي.“
    شنيءَ هڪدم کيسي مان ڦوٽو ڪڍي سندس اڳيان ڦاڙي پرزا پرزا ڪري هوا ۾ اڇلائي ڇڏيو، تڏهن حاجي مريد خان بڪڪ خوش ٿي سندس مٿي تي شفقت مان هٿ رکي چيو، ”شاباش...“ پوءِ سندس مائٽن ۽ ساهرن کي گهرائي، سمجهائي، دڙڪا ڏنا، ”هاڻي هن معصومڙي کي ڪابه تڪليف نه اچڻ گهرجي.“ سڀني سندس فيصلو مڃيو ۽ سڀ ئي خوش خوش شنيءَ کي ساڻ وٺي هليا ويا. پوءِ واقعي به هوءَ پنهنجي مڙس سان خوش رهڻ لڳي ۽ کيس اولاد به ٿيو.
    حاجي مريد خان بڪڪ جڏهن ٻاهر جبل ڏانهن فيصلن وغيره لاءِ ويندو هو ته ماڻهو کيس پنهنجن گهرن ۾ وٺي ويندا هئا. گهر ڇا، ڀونگا، جهوپڙيون اتي سندس لاءِ کٽون هنڌ وڇائجي ويندا هئا. وڏي عمر جون يا شادي واريون عورتون ته پنهنجن مردن سان گڏ اچي ساڻس کينڪا رينديون هيون. باقي نوجوان ڪنواريون ڇوڪريون جيڪي کيس پري کان ڏسي تجسس وچان ويجهو کان ڏسڻ چاهينديون هيون. پر جيئن ته جبل ۾ ڪنواري ڇوڪري سواءِ پنهنجي خاندان جي باقي ڪنهن به غير مرد جي منهن تي نه پوندي آهي/ سامهون نه ايندي آهي، اهي به حاجي مريد خان بڪڪ کي ڏسڻ لاءِ حيلا هلائينديون هيون.
    هڪ ڏينهن هو اسان جي گهر آيو (هو منهنجي والد سيٺ علي محمد بڪڪ جي پڦي ڪميءَ (ڪمل) جو پٽ ۽ منهنجي والده حسن جان جيڪا سناسي خان بڪڪ ۽ صاحبڏني بڪڪ جي ڌيءَ آهي ان جو ماسات هو). اهڙي ويجهي سڱ هئڻ جي ڪري هو اڪثر اسان جي گهر ايندو هو، ۽ ڪن پيچيدهه فيصلن جي باري ۾ بابا سان صلاح مشورو پڻ ڪندو هو. ائين ئي هو اسان وٽ آيو هو، سندس ڳالهيون هونئن ئي دلچسپ ۽ وڻندڙ هونديون هيون، سو ڳالهين ڳالهين ۾ هڪ ڳالهه ٻڌايائين ته، آئون ڪنهن فيصلي جي سلسلي ۾ پنهنجي برادريءَ کان ٻاهر جبل ڏانهن ويو هئس. اتي اندر گهر ۾ ويٺو هئس ته اوچتو منهنجي نظر ڀونگيءَ (گهر) جي هيٺئين پکي (ڏَرِي، پَتَرِ) تي پئي. ڏسان ته پکو مٿي کنيل آهي. ۽ نوجوان ڇوڪرين جا منهن قطار ۾ نظر آيا، جيئن ئي منهنجي نظر مٿن پئي ته انهن هڪدم پکي کي هيٺ ڇڏيو ۽ غائب ٿي ويون. مون کليو ته گهر ۾ ويٺل به سڀ کلي پيا. جن پڻ اهو منظر ڏٺو هو. چيائون ته، ”اسان جون نياڻيون به اوهان کي ڏسڻ چاهين ٿيون سو....“ مون کين چيو، ”اهي منهنجون به نياڻيون آهن ٻچا آهن. کين وٺي اچو“. هو اٿيا ۽ ڇوڪرين کي وٺي آيا جيڪي ڦڪيون ٿينديون وات تي پوتيون رکي اندر گهر ۾ آيون ۽ مون کي کيڪاري ويهي رهيون.“
    حاجي مريد خان بڪڪ وٽ هر هڪ ماڻهو مانائتو هو. ڳوٺ ۾ هڪڙو ”محبوب شاهه“ نالي مست هوندو هو. جيڪو رڳو وٽس اچي کاڌي جون فرمائشون ڪندو هو ته فلاڻي شيءَ به ڏي، فلاڻي شيءِ به ڏي. هو سندس سڀ فرمائشون پوريون ڪندو هو ۽ محبوب شاهه ڪڏهن کائيندو هو، ته ڪڏهن سڀ ڪجهه اڇلائي هليو ويندو هو. پر حاجي مريد خان بڪڪ جي رويي ۾ ڪو به فرق نه ايندو هو.
    تيئن ٺٽي جو سائين گل حسن شاهه مست اوچتو سندس ڳوٺ ۾ وارد ٿيو ۽ اتي ئي رهجي ويو. سندس مائٽن کيس وڃايو هو جيڪي کيس ڳوليندا ڳوليندا ’حاجي مريد خان بڪڪ ڳوٺ پهتا‘ پر هو ساڻن نه ويو. سندس ماءُ جيجي حليمان روئندي روئندي موٽي وئي. هو جيترا ڏينهن به رهي هئي حاجي مريد خان بڪڪ جي گهر ۾ رهي هئي، ۽ پوءِ پنهنجي مرضيءَ سان موٽي وئي هئي. پٽ کان نامراد ٿي، جنهن کي حاجي مريد خان بڪڪ دلاسو ڏنو هو ته هي منهنجو گهر به اوهان جو آهي. جڏهن به اچڻ چاهيو اچي ٿا سگهو. باقي سائين هينئر اوهان سان هلڻ نه ٿو چاهي ته، آئون به زور زبردستيءَ سان کيس نه موڪليندس.“
    پوءِ سائين گل حسن شاهه وٽس ئي رهڻ لڳو. سائين ڪنهن سان به نه ڳالهائيندو هو. کيس گهر جي ٻاهران وڏي وڻ جي هيٺيان کٽ، هنڌ، دلو ۽ گلاس رکي ڏنو هو. ماني رکي وڃبي هئي ته، کائيندو هو نه ته بس.... رڳو پيو هلندو ۽ چڪر پيو هڻندو هو.
    تڏهن منهنجو ادا مولا بخش بڪڪ سنڌ مدرسةالاسلام ۾ پڙهندو هو. روز سائين گل حسن شاهه کيس ايندي ويندي ڏسندو هو. هڪ ڀيري ادا اسڪول کان گهر پي آيو ته، سائين سندس پويان پويان گهر تائين آيو ۽ واپس هليو ويو. ٻئي ڏينهن هو وري اسان جي گيٽ وٽ آيو، ۽ ٻاهران زور سان چيائين، ”اي مولابخش مون کي هڪڙي ڪاپي ۽ قلم ته ڏي“ اسين سڀ ئي حيران ٿي وياسين ته بظاهر چريو نظر ايندڙ، يعني بي ترتيب وڌيل مٿي جا وار ۽ ڏاڙهي جا وار، ڳاڙهيون خوفناڪ اکيون، جنهن کي ڏسي ٻار رڙيون ڪري ڀڄي ويندا هئا، اهو ڪاپي ۽ قلم پيو گهري! ڇاڪندو هو ڪاپي ۽ قلم کي؟ ڇاهو پڙهيل آهي؟ لکي سگهي ٿو؟
    ادا مولا بخش ڊوڙي وڃي کيس ڪاپي ۽ قلم ڏنو جيڪي وٺي هو خاموشيءَ سان هليو ويو.
    پوءِ ادا مولا بخش اها حيران ڪندڙ خبر ٻڌائي ته اسڪول ايندي ويندي آئون جڏهن ڏانهنس نهاريندو آهيان ته هو مون ڏانهن شڪر گذار نظرن سان ڏسندو آهي، ۽ پوءِ زور شور سان لکڻ لڳندو آهي. پوءِ ته هيڪاري اسان کي تجسس ٿيو ته هو، ڇا ٿو لکي؟ پر سواءِ حاجي مريد خان بڪڪ جي ٻيو ڪوبه سندس ويجهو يا کٽ تائين نه ويندو هو. ۽ حاجي مريد خان بڪڪ کي ڏسي هو ڪاپي بند ڪري ڇڏيندو هو، اٿندو هو ته ڪاپي کڻي ويندو هو.
    هڪ ڀيري ادا مولا بخش اسڪول کان موٽيو ته ڏٺائين، سائين گل حسن شاهه ڪاوڙيل هو ۽ نهايت جلال ۾ هو. ڪاپيءَ مان ٻه ٽي پنا ڦاڙي مروڙي اڇلائي پاڻ ڪاپي کڻي هليو ويو. ادا مولا بخش ٻڌايو ته آئون ڊڄندي ڊڄندي، هيڏانهن هوڏانهن نهاري ته سائين ته نه پيو ڏسي يا اچي، مون هڪدم اهي مروڙيل ڪاغذ کنيا ۽ ڀڄندو آيو آهيان.“
    اسين اهي ڪاپي جا مروڙيل پنا ڏسي حيران ٿي وياسين. اهو انگريزيءَ ۾ لکيل هڪ خط هو جيڪو چين جي عظيم رهنما مائوزي تنگ جي نالي لکيل هو.... (تڏهن عظيم مائو جيئرو هو.) خط ۾ لکيل هو، ”عظيم سائين، مون کي چيني ٻولي نه ايندي آهي تنهن ڪري آئون انگريزي ٻوليءَ جو سهارو وٺي رهيو آهيان. تون مهان آهين جنهن اهڙو سرشتو متعارف ڪرايو آهي، جنهن جي ڪري امير ۽ غريب جو فرق مٽجي وڃي ٿو. آئون توهان وٽ پهچي توهان جي وڏي شخصيت جي اڳيان پنهنجو سر نمائي نه ٿو سگهان. پر هتي چين جي جهنڊي اڳيان پنهنجو سر جهڪايان ٿو.“
    ٻيو خط امريڪا جي صدر جان.ايف.ڪينڊي جي نالي هو، جنهن ۾ لکيل هو ته، ”امريڪا غريب ملڪن سان بيواجبيون ۽ ظلم بند ڪري. ۽ تنهنجي خوبصورت پرسنلٽي مان آئون اميد رکي سگهان ٿو ته تون اهڙو ڪم ڪري سگهين ٿو ۽......“ اسين ته رڳو حيراني مان هڪ ٻئي ڏانهن تڪيندا رهياسين ته هو پڙهيل لکيل ۽ سياسي شعور رکندڙ آهي.
    سائين گل حسن شاهه ماني رڳو حاجي مريد خان بڪڪ جي گهرجي کائيندو هو. سڄو ڳوٺ چاهيندو هو ته هو سندن به ماني کائي. پر ٻين جي ڏنل ماني اتي ئي پئي هوندي هئي. البته ڪپڙا هو رڳو ادا مولابخش کان ئي گهرندو هو. اهي به تڏهن جڏهن سندس ڪپڙا بلڪل ڦاٽي ويندا هئا ته، هو اسان جي در وٽ اچي زور سان چوندو هو، ”اي مولابخش، مون کي ڪپڙن جو هڪڙو جو ڙو ته آڻي ڏي“. ادا مولا بخش ننڍڙو هو اهو امان کي چوندو ۽ امان وڏن ادن جي ڪپڙن مان هڪڙو جوڙو ڪڍي ڏيندي هئي. هو وٺندو به رڳو ادا مولابخش جي ئي هٿن مان هو. ٻين ڀائرن مان ڪو وڃي کيس ڏيندو هو ته هو بنا وٺڻ جي ڪنڌ هيٺ ڪري هليو ويندو هو ۽ ٻئي ڏينهن وري ايندو. ادا مولابخش کيس ڪپڙا ڏيندو هو ته وٺي هليو ويندو هو، ۽ ٻئي ڏينهن ڏسبو هو ته اهي ڪپڙا پاتل هوندا هئس. ٻيا جي کيس ڪپڙا ڏيڻ چاهيندا هئا ته اهي به اسان جي گهر ڏئي ويندا هئا ته، ڀلي ادا مولا بخش کيس ڏي ۽ واقعي هو اهي ڪپڙا ادا مولابخش کان وٺي ويندو هو ۽ پائيندو هو.
    اهڙا ڪيئي ماڻهو حاجي مريد خان بڪڪ وٽ رهيل هوندا هئا. ماڻهن سان سندس محبت جو اندازو انهيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو ته، سندس اوطاق تي اوير سوير ماڻهوءَ کي کاڌو ۽ هنڌ مليو ٿي. ڀلي ڪو ٽڙيو ڦڙيو مسافر آڌيءَ رات جو اچي ته کيس ڀت کير ۽ رلي وهاڻو ضرور ملندو هو.
    سندس پٽ غلام قادر بڪڪ ٻڌايو ته، آڌي رات هئي ته گهر جي ٻاهرين ڏيڍيءَ واري در تي کڙڪو ٿيو، بابا ننڊ ۾ هو. ٻيو به هرڪو ستو پيو هو ته امان جي اک کلي. هن اچي مون کي اٿاريو، منهنجي عمر تڏهن 9- 10 سال هوندي. آئون اکيون مهٽيندو اٿيس ۽ وڃي در کوليم ته ٻاهر ... (معروف ماڻهو) بيٺو هو. تڏهن هو نهايت غريب هو ۽ مون ننڍڙي سان به جهڪي مليو هو. چيائين، ”ڪاڪا، حاجي ته ستل آهي نه؟“ مون چيس، ”ها.“ ته نهايت آهستي چيائين، ”متان ڪو کڙڪو ڪيو اٿئي. ڪاڪو جاڳندو ته ڪاوڙ جي پوندو؛ اسان جا افعال ئي اهڙا آهن سو تون آهستي ڪاڪيءَ کان کاڌو ۽ هنڌ وٺي آءُ“. آئون موٽي امان وٽ آيس ۽ کيس سڀ ٻڌايم. امان کير ڀت ڏنو جيڪو آئون ڇلڪائيندو ڇلڪائيندو کيس ڏئي موٽي آيس ته امان رلي ۽ وهاڻو ڏنو. آئون وهاڻو ڪلهي تي رکي رلي گهريندو گهريندو کيس ڏئي آيس. هو سڀ وٺي هليو ويو.“
    جبل ۾ رهندڙ برادرين جي فيصلن کان علاوه هو ڪراچيءَ ۾ رهندڙ پراڻن يعني ورهاڱي کان اڳ آيل پٺاڻن، پنجاپين ۽ ڇاڇين وغيره جا پڻ فيصلا ڪندو هو، ۽ انهن جا مسئلا حل ڪندو هو. مينهن وسندو هو ته غريبن جي اوني ۾ وسندڙ مينهن ۾ گهر کان ٻاهر نڪري پوندو هو ۽ ڪچن گهرن ۾ رهندڙ غريبن ۽ نيئن جي ڀر ۾ رهندڙ ڇاڇين کي گهرن مان ڪڍي، سرڪاري اسڪول کولائي انهن ۾ رهائيندو هو، ۽ انهن جي ضرورتن جا بندوبست ڪندو هو.
    هو وڏو مال دار هو. سندس مال جا واڙا سندس ڳوٺ کان علاوه ڪراچي جي ٻين علائقن موکي، صفوران، سونگل وغيره ۾ پڻ هئا. اهي خوبصورت علائقا ورهاڱي مهل آفتن جي شڪلن ۾ آيل هچائن جهڙن ڌارين ڌوتن کي ڪوڙن ڪليمن ۾ ڏنا ويا، جيڪي هاڻي گلستان ڦلهار ۽ گلشن ڌوڙڇار بنجي ويا آهن.
    ڪراچيءَ جي معروف علائقي رنڇوڙ لائين ۾ پڻ سندس مال جو واڙو هو. انهيءَ علائقي ۾ مارواڙين جي گهڻا ئي هئي جيڪي ڄڻ ته سڀ ئي سندس عاشق هئا. محمد هاشم گذدر (ميئر ڪراچي)، حاجي عبدالله گذدر ۽ حاجي ابوبڪر گذدر تقريباً سڀيئي سندس گهرا دوست هئا.
    مارواڙي قوم ۾ وري عورتون به پنهنجا ڌار ڪارو بار ڪنديون هيون، جن ۾ ڪن جا دڪان هوندا هئا ته ڪن جا مال جا واڙا هوندا هئا.
    ڪراچيءَ جي پراڻي جوبلي سينيما جي مالڪ غلام محمد مارواڙيءَ جي پڦي ۽ ان وقت جي مشهور هوٽل، ’احسان هوٽل‘ جي مالڪ جي پڦي مائي زينا مارواڙي، مردن جهڙي حشمت واري هئي جنهن جو پڻ وڏو مال جو وارو هو. اها حاجي مريد خان بڪڪ جي ڀيڻ بنيل هئي.
    ڪراچيءَ ۾ وري مال جا چور به گهڻا سو جڏهن به ڪنهن مارواڙيءَ جو مال چوري ٿيندو ته، اهي مائي زينا مارواڙيءَ ڏانهن دانهن کڻي ايندا هئا. اها وري حاجي مريد خان بڪڪ وٽ ايندي هئي، جيڪو چورن ۽ پاٿاري دارن کي به سڃاڻندو هو ته سندن ٿمن (ٿم- جتي چوري جو مال لڪائي رکجي.) کان به واقف هو. اهو انهيءَ مهل اتي وڃي مارواڙين جو مال موٽائي ايندو هو. مارواڙي ويچارا شروع ۾ ته ائين سمجهندا هئا ته هو ڀُنگ (تاوان) ڏئي مال ڇڏائي ايندو آهي. اهي ساڻس ڀنگ بابت ڏي وٺ جون ڳالهيون ڪندا هئا ته حاجي مريد خان بڪڪ جو وڏو ٽهڪ فضائن ۾ ٻُري ويندو هو. ڇو جو هو چورن جو دشمن هو. هڪڙو واقعو آهي ته ٿاڻي ۾ ڪي ماڻهو جهليل هئا جن کان ايس.ايڇ.او پڇا ڳاڇا ڪري رهيو هو جيڪي چوري ڪندي جهليا هئا. انهن چورن مان هڪ ماڻهوءَ ايس.ايڇ.او کي چيو ته، آئون چوريءَ ۾ نه دشمنيءَ ۾ جهليو آهيان. مون کي منهنجي دشمنن جهلايو آهي. هن پڇيس ”ڪير تنهنجو دشمن آهي؟“ چور جواب ڏنو، ”حاجي مريد بڪڪ:“ ايس ايڇ او جو وڏو ٽهڪ اڀريو ۽ کيس چيائين، ”ها واقعي حاجي مريد خان بڪڪ چورن جو دشمن آهي.“
    ڪراچيءَ جو ميئر محمد هاشم گذدر (آرڪيٽيڪ) سندس گهرو دوست هو، جيڪو کيس اجمير شريف (انڊيا) ۾ خواجه معين الدين چشتي رح جي زيارت لاءِ پڻ وٺي ويو هو.
    حاجي مريد خان بڪڪ حج جو فرض پڻ پنهنجي انهن ئي مارواڙي دوستن ابوبڪر گذدر وغيره وارن سان گڏ ادا ڪيو جتي کيس حضوراڪرم نبي سڳوري ﷺ جي زيارت مبارڪ خواب ۾ نصيب ٿي هئي. پاڻ ٻڌايائين ته، ”حج جي ادائگي دوران مديني پاڪ ۾ حضورجن جي روضي اقدس ۾ حاضري ڏيندي سندس ڄاري مبارڪ تي مٿو رکي روئي رهيو هو هئس ته مون کي خبر ئي نه پئي ته ڇا ٿيو. ڪيئن ننڊ اچي وئي، ڪيئن خواب ڏٺم، خواب ۾ ڏسان ٿو ته ڪو ماڻهو مون کي اٿاري چوي ٿو ته، ’اٿي اٿي هلي حضور. آئون هڪدم ٽپ ڏئي اٿان ٿو ۽ ٻاهر نڪري ڏسان ٿو ته ماڻهن جا هشام (هجوم) لڳا پيا آهن. آئون ماڻهن کي هٽائيندو هٽائيندو پاڻ لاءِ جاءِ جوڙيان ٿو، ۽ اچي ماڻهن جي وچ مان ڪنڌ ڪڍي ڏسان ٿو ته، سبحان الله سامهون نبي آخر الزمان صلعم بيٺل آهي. کين جبو مبارڪ پاتل آهي. مٿي مبارڪ تي رومال ائين ويڙهيل هو ۽ پاڻ ائين بيٺل هو جو آئون رڳو سندس چهري مبارڪ جو هڪڙو پاسو ئي ڏسي پي سگهيس. آئون سندس ديدار مبارڪ ڪندو رهيس. منهنجون اکيون ۽ اندر ٺرندو ۽ روشن ٿيندو رهيو ته اوچيو سندس آواز مبارڪ اڀريو، ”اوهان سڀني کي حج ادا ڪرڻ جي سعادت مبارڪ هجي. پر اها ڳالهه ضرور ياد ڪري ان تي عمل ڪجو ته حج ڪري واپس گهر وڃڻ کان پوءِ ڪو به گناهه جو ڪم نه ڪجو.“ ۽ پوءِ منهنجي اک روضي جي خدمت گذارن جي جاڳائڻ ڪري کلي وئي، جيڪي روضي مبارڪ کي سجدو ڪرڻ کان منع ڪري چئي رهيا هئا ته، ”سجدو رڳو الله کي ڪرڻو آهي.“ اک کلڻ کان پوءِ مون کي ويساهه ئي نه ٿي آيو ته آئون ايڏو خوش نصيب ٿي ويو آهيان، ۽ پوءِ روئندو خدا جي اڳيان سجدي ۾ ڪري پيس.“ هو اها ڳالهه ڪندي روئي ڏيندو هو. پوءِ جڏهن سندس دوستن کي انهيءَ خواب مبارڪ جي خبر پئي ته اهي سندس ديدار ڪرڻ لاءِ بار بار ايندا هئا. اهي هر بار خواب ٻڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪندا هئا، جن ۾ مشهور عالم (جيڪو سندس دوست به هو) مولانا محمد شفيع اوڪاڙوي سر فهرست هو، جيڪو هميشه ڪنهن نه ڪنهن وڏي عالم کي وٺي 30- 35 ماڻهن سان گڏجي وٽس ايندو هو. نئين سر کائونس خواب مبارڪ ٻڌندو ۽ روئندو هو. حج تان واپسي وارو سندس تاريخي استقبال پڻ يادگار واقعو آهي، جيڪو سندس ماروٽ سيٺ علي محمد بڪڪ ارينج ڪيو هو، سيٺ علي محمد بڪڪ جيڪو بلوچستان ۾ ٽرانسپورٽ جو پايو وجهندڙ هو، ان جون الائي ڪيتريون گاڏيون ماڻهن سان ڀرجي ويو هيون. انهن سڀني جي هٿن ۾ گلن جا هار هئا. اهو دور 1951ع جو هو جڏهن اڃا نوٽن جي هارن جو رواج گهٽ بلڪ نه هئڻ جيترو هو. تڏهن سيٺ علي محمد بڪڪ ۽ سندس سؤٽ سيٺ غلام محمد بڪڪ (سناسي خان بڪڪ جو سڪيلڌو پٽ) کيس نوٽن جا وڏا وڏا هار پارايا جن کي ڏسي ماڻهو حيران ٿي ويا هئا.
    حاجي مريد خان بڪڪ جا فيصلا رڳو جبل تائين محدود نه هئا. ان جي ڪري سندس دوستيون به لامحدود هيون، جن ۾ سندس ويجها دوست، سائين علي محمد شاهه عرف سائين علو شاهه (سائين قادر ڏني شاهه جو والد ۽ سائين اعجاز شاهه شيرازي ۽ سائين شفقت شاهه شيرازي جو ڏاڏو)، جت برادريءَ جو سردار مامون خان ملڪاڻي، ڪيهر برادريءَ جو نواب حاجي عارب ڪيهر، غلام رسول ڪيهر (سنڌ اسمبليءَ جو اسپيڪر)، سردار الله بخش گبول، (نبيل گبول جو ڏاڏو)، محمد هاشم گذدر، (اڳوڻو ميئر ڪراچي) مير بند علي خان ٽالپر، حسن علي آفندي (وڏي حسن عليءَ جو پٽ)، وڏيرو ملهه خان پالاري، رئيس يوسف چانڊيو، سائين قادر ڏنو شاهه، سيد روشن علي شاهه، (سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس سجاد علي شاهه جو والد) وغيره.
    جڏهن 1952ع ۾ ڳوٺ جو نقشو بنيو ٿي، تڏهن ڪراچيءَ جو ڪليڪٽر محمد اسحاق خان هو جيڪو پڻ کيس گهڻو ڀائيندو هو، سندس جو پٽ ناميارو وڪيل خالد اسحاق خان پڻ سندس دوست هو. ڇو جو وٽس ڪيئي ماڻهو اهڙا به مدد لاءِ ايندا هئا جن جا ڪيس عدالتن ۾ هلندڙ هوندا هئا. حاجي مريد خان بڪڪ کين خالد اسحاق خان کي پنهنجو وڪيل مقرر ڪرڻ جي صلاح ڏيندو هو.
    جبل ۽ لاڙ واري پاسي جي ماڻهن جا ڪيس گهڻو ڪري سيشن ڪورٽ ۾ ويندا هئا. جتي مرزا ارشاد بيگ جج هو جيڪو مرزا اسلم بيگ (سابق چيف آف آرمي اسٽاف) جو ڀاءُ هو. سيشن ڪورٽ ۾ اچڻ وڃڻ جي ڪري جج ارشاد بيگ حاجي مريد خان بڪڪ جي شخصيت کان بيحد متاثر ٿيو. ماڻهن جو مٿس اعتماد ڏسي هو اڪثر ٻهراڙين جا فيصلا ڪورٽ ۾ ڪرڻ بجاءِ سندس حوالي ڪري ڇڏيندو هو. چوندو هو ته، ”هتي ويچارا غريب رلي ۽ وڏن خرچن ۾ پئجي ٿا وڃن، توهان راڄوڻي نموني سان انهن ڪيسن جو نبيرو ڪريو.“
    يعني سيشن ڪورٽ جي جج مرزا ارشاد بيگ کي حاجي مريد خان بڪڪ جي سچائي ۽ تدبر تي ايڏو اعتماد هو، جو هو ڪورٽ جا فيصلا به سندس حوالي ڪري ڇڏيندو هو.
    نه رڳو راڄوڻي فيصلا پر ماڻهن جي هر طرح جي مدد ڪرڻ به ڄڻ سندس ذاتي ذميدارين ۾ شامل هو. کيس ڄڻ رب ماڻهن جون بي لوث خدمتون ڪرڻ تي مامور ڪيو هو.
    زمانو 1952ع وارو، سهوليتون گهٽ، غربت گهڻي، پاڻ حج ڪري آيو هو، ته پنهنجي ڏاهپ جي ڪري وڏو تجربو پڻ حاصل ڪري آيو. سو نه رڳو سندس برادريءَ ۽ علائقي جا ماڻهو پر سڄيءَ سنڌ جا ماڻهو خاص ڪري لاڙ واري پاسي جا ماڻهو ۽ عام طور تي لاڙڪاڻي، ۽ شڪارپور وغيره تائين جا ماڻهو، هڪ ٻئي کان سندس باري ۾ ٻڌي حج تي وڃڻ مهل وٽس ايندا هئا. هو انهن سڀني ماڻهن کي رهائڻ، کارائڻ پيارڻ، حاجي ڪيمپ وٺي وڃڻ، ٽڪا لڳائڻ، دوائون پيارڻ، ۽ پاسپورٽ ٺهرائڻ کان وٺي معلمن تائين کين مدد فراهم ڪري حج تي روانو ڪندو هو.
    هن ٻه شاديون ڪيون جن مان کيس اٺن پٽن، نياڻين ۽ پوٽن جو اولاد آهي جن کي سندس ڪارنامن تي فخر آهي

    تلڪ آثارنا، تدل علينا
    فانظرو وابعدنا، الي الاثار.
    (اهي اسان جا ڪارناما آهن جي اسان جي سڌ ڏين ٿا. اسان کان پوءِ انهن ڪارنامن ڏي ڏسجو).

    يار سڏائي سڀڪو، جاني زباني
    آهي آساني، ڪم پئي ٿي ڪل پوي.
    (شاهه رح)


    هڪ سگهارو ۽ دادلو ڪردارقادر بخش بڪڪ (منگهاڻي)

    ڪَوڪَو وَڻا چَو وَيڙهه ۾، وِيا سَڀُ وَرِکَ
    سَدي مَيَنِ سِڪُ گَڏَ گَونئرن نه لهي.
    (شاهه رح)

    پيار ڌرتيءَ تي به پير نه ٿو رکي ۽ نه ئي انساني سرن مٿان گهمي ٿو، جيڪي بهرحال ايترو نرم ڪونه آهن. پر اهو دنيا ۾ وجود رکندڙ سڀ کان نرم شئي يعني انساني دلين ۾ موجود آهي.
    اهو اتي رهي ٿو، پسار ڪري ٿو ۽ اتي ديرو دمائي ٿو، ائين به ناهي ته سمورين دلين ۽ روحن ۾، پر جتي ڏاڍائي، شوخي ۽ ڪٺورتا آهي اتان اهو پر پکيڙي اڏامي وڃي ٿو ۽ اتي وڃي واهيرو ڪري ٿو، جتي نرمي، نزاڪت ۽ مڙڻ، جڙڻ آهي. پوءِ هو نه رڳو پنهنجن پيرن سان پر پنهنجي پوري وجود ۽ هستيءَ سان ان سڀ کان نرم جاءِ تي پنهنجو آستانو اڏي ٿو. ڇا؟ پوءِ پيار کان وڌيڪ ٻي ڪا انمول ۽ نازڪ نفيس شئي ٿي سگهي ٿي!“
    يونان ۾ سقراط واري دور جي سٻاجهي شاعر اگيٿون جا هي مٿيان وڻندڙ ۽ اثرائتا جملا ڄڻ ته عڪس آهن خوبصورت، جوان، تعليم يافته، سجاڳ روشن ذهن ۽ رحمدل قادر بخش بڪڪ جي ڪومل دل جا، جتي پيار جو اهو نازڪ نفيس ۽ حساس پکي مڪمل سنڀال ۽ پوري تحفظ سان رهيل هو.
    برک صحافي ۽ ناليوارو دانشور مرحوم ف.م. لاشاري صاحب پنهنجي مضمون ”قادر بخش بڪڪ کي ڪير وساري سگهندو؟“ (هلال پاڪستان اخبار، فيبروري 1988ع) ۾ لکي ٿو ته، ”جيڪڏهن گڏيل قومن واري اداري کي هڪ بااختيار ادارو بنائجي ته انسان ذات جي اجاين ٽڪرائن کي ختم ڪرڻ لاءِ، اهو جذبو اهم ڪردار ادا ڪري جيڪو دنيا جهان جي خير لاءِ قادر بخش بڪڪ جي دل ۾ هو.“ قادر بخش بڪڪ جهڙا امر انسان صدين پڄاڻا پيدا ٿيندا آهن، انهن جي دلين ۾ رب پاڪ رڳو پيار، محبت، خير، نرمي، ٻاجهه ۽ رحم رکندو آهي، جن جو نصب العين ماڻهوءَ جا آزار، تڪليفون، غم ۽ درد ختم ڪرڻ ۽ کين خوشيون، سڪون، سک ۽ آرام ڏيڻ هوندو آهي. اهي انسان ذات جا وارث، نمائندا ۽ ترجمان هوندا آهن، جيڪي ذات ۽ برادرين کان مٿانهان هوندا آهن. انهن جي اڳيان هر هڪ ساهه وارو مستحق هوندو آهي: تحفظ جو، پناهه جو، خوشين جو ۽ امن جو.
    قادر بخش بڪڪ انهن سڀني خوبين سان سينگاريل ۽ سنواريل هو جيڪي هڪ ڀلي انسان لاءِ ضروري هونديون آهن. ڪراچيءَ جي تاريخ ۾ اهڙا ماڻهو گهٽ ٿيا هوندا، جن ڪراچيءَ جي ماڻهن جي سک ۽ خوشحاليءَ لاءِ ايترو سوچيو، پتوڙيو، جاکوڙيو ۽ ڪيو هوندو.
    ڪراچيءَ جو هڪ هڪ ڳوٺ، هڪ هڪ ماڻهو سندس نظرن ۾ هو ۽ وٽس هرهڪ جي سک ۽ خوشحاليءَ جي خوابن جهڙا پيارا ۽ مڪمل پروگرام هئا. جن مان ڪن تي عمل ڪري سگهيو، باقي ٻيا سڀ سندس ڪمهلي وڃڻ سبب ملتوي ٿي ويا هميشه لاءِ!
    ”ٻين جا بار کڻي پنهنجيون سموريون صلاحيتون، وقت ۽ وت ڏئي، ايتري مختصر حياتيءَ ۾ هن ايترا ڪم ڪيا جيڪي ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڊگهيون حياتيون گهرجن.“ (ف.م. لاشاري 1988ع).
    قادر بخش بڪڪ ڪراچيءَ جي ڳوٺن جي بچاءَ ۽ کين سهوليتون ڏيڻ جي شروعات، پنهنجي ڳوٺ ”حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ“ کان ڪئي، جتي اڳ ڪا به بنيادي سهولت نه هئي، اتي هن سيوريج جو اهڙو سسٽم آندو جيڪو اڳ سڄي ڪراچيءَ ۾ نه هو. پاڻيءَ جو اهڙو جامع ۽ روان سلسلو هلايائين جو اڄ سندس وڃڻ جي 20 سالن پڄاڻا به، بنا ڪنهن رڪاوٽ جي صاف، مٺو ۽ مفت پاڻي جاري آهي. سڄي ڪراچيءَ ۾ ڀلي پاڻي بند هجي پر هن اولياءَ صفت انسان جي ڳوٺ ۾ پاڻي وافر مقدار ۾ موجود هوندو آهي. جتي ماڻهن پنهنجي گهرن اڳيان باغ باغيچا لڳائي ڇڏيا آهن. بجلي، گيس، ٽيليفون ۽ هر جديد سهوليت اڄ ”حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ“ ۾ موجود آهي. جيڪي هن پنهنجي مختصر زندگيءَ ۾ مهيا ڪيو هيون. ائين ئي ڪراچيءَ جي هر هڪ ڳوٺ لاءِ وٽس پروگرام هئا.
    مشهور صحافي ۽ روزاني اپيل ڪراچيءَ جي ايڊيٽر محترم شيرمحمد کهاوڙ پنهنجي مضمون، ”سنڌ جو دادلو فرزند قادر بخش بڪڪ“ ۾ لکيو آهي ته، ”جڏهن جماعت اسلامي جو عبدالستار افغاني ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي.ايم.سي) جو ميئر هو ته، انهن ڏينهن ۾ ميئر صاحب عالمي بئنڪ ۽ يو.اين.اي کان امداد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ جي ڪيترن ڳوٺن کي نيون ۽ ڪچيون آباديون قرار ڏئي انهن جي سروي شروع ڪرائي ڏني. ان سلسلي ۾ جڏهن هڪ ٽيم ”حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ“ جي سروي ڪرڻ لاءِ پهتي ته قادر بخش بڪڪ صاحب انهيءَ ٽيم کي موٽائي ڇڏيو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ جڏهن ڪائونسلرن جي راءِ معلوم ڪرڻ لاءِ پرڏيهي وفد ڪراچيءَ جي دوري تي آيو ته، قادر بخش بڪڪ صاحب ڪراچيءَ جي قديمي ڳوٺن جي بچاءَ ۾ ڪي.ايم.سي جي ڪائونسل اجلاس ۾ مدلل ۽ پر اثر تقرير ڪندي چيو ته، ”اسان جا ڳوٺ ننڌڻڪيون آباديون يا ڌرتي ڌڪاڻن جون وسنديون ڪونهن جو، انهن کي اک ڇنڀ ۾ قلم جي هڪ جنبش سان ڪچيون آباديون قرار ڏنو وڃي. اسان وري حڪومت جي ان عمل تي خوش ٿي تاڙيون وڄايون ته هاڻي سهوليتون ملنديون.
    ڪراچيءَ ۾ قائم سنڌين جا سوين ڳوٺ اسان جا عظيم تهذيبي ۽ ثقافتي ورثو آهن، جن جي اندر ۾ سوين هزارين سالن جي تاريخ سمايل آهي. حقيقت اها آهي ته انهن عظيم تهذيبي ۽ ثقافتي ورثي جي امين ڳوٺن اڳيان خود نئون ڄميل پاڪستان، هڪ ڪچي آبادي آهي ان ڪري حقيقت جو ادراڪ ڪندي انهن ڳوٺن کي ڪچيون آباديون نه پر قديم آباديون قرار ڏنو وڃي.“
    جڏهن عالمي وفد سندس اهي ڳالهيون ٻڌيون ته هو هن کان گهڻو متاثر ٿيو ۽ وفد جي ميمبرن ”حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ“ جو دورو ڪيو. قادر بخش بڪڪ صاحب کين ڳوٺ جي گهٽيءَ گهٽيءَ جو سير ڪرايو ۽ ماڻهن سان ملاقاتون ڪرايون ۽ کين سنڌ جي قديم ڳوٺن جي مسئلن کان واقف ڪرايو. ان بعد ڪي.ايم.سي به مجبور ٿي ”حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ“ سميت ڪيترن سنڌي ڳوٺن تان ڪچي آبادي واري ڇاپ لاهي، کين قديم آبادي طور تسليم ڪيو جيڪا سچ ته سنڌ واسين جي موقف جي وڏي ڪاميابي هئي. (2 فيبروري 2004ع)
    قادر بخش بڪڪ ڪراچيءَ جي ڳوٺن لاءِ نهايت فڪرمند هو ۽ هر هڪ ڳوٺ جي ننڍي وڏي تقريب ۾ شريڪ ٿي سندن مسئلا ۽ تڪليفون معلوم ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته وٽس ڪراچي ۽ سندس پس گرداين وارن ڳوٺن ۾، هڪ ئي ڏينهن تي ٿيندڙ شادين جا چاليهه پنجاهه ڪارڊ ايندا هئا ته پاڻ مشڪي پنهنجي ڊرائيور کي چوندو هو ته، ”ادا، هلو ته هڪ هڪ گراهه کائيندا سڀني سان شريڪ ٿيندا هلون!“ ائين هو هڪ ئي ڏينهن تي ٿيندڙ چاليهه پنجاهه شادين ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ اتي رواج موجب بجارون، پونت ۽ پوئا (پاهت) پڻ ڏيندو ۽ ڀريندو هو. موٽ ۾ کيس وڏيون عزتون ۽ وڏا مان ملندا هئا ۽ گهوٽ پنهنجن ڪلهن ۽ ڪنڌن مان اجرڪ ۽ هار لاهي کيس پارائيندا هئا.
    ڪراچيءَ جي ڳوٺن لاءِ پتوڙيندي ۽ جاکوڙيندي کيس ڪاميابيون پڻ مليون. برک شاعر، دانشور ۽ هر دل عزيز ادبي پرچي ”سوجهرو“ جي ايڊيٽر محترم تاج بلوچ صاحب پنهنجي مضمون ”سنڌ جو سچو ۽ گمنام سپاهي قادر بخش بڪڪ“ ۾ لکيو آهي (سوجهرو، فيبروري 2004ع) ته، ”قادر بخش بڪڪ بنيادي جمهوريت واري سرشتي کان پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات ڪئي ۽ هڪ بي لوث شخص وانگيان، هڙان وڙان نه رڳو پنهنجي ڳوٺ جي غريب ۽ پٺتي پيل رهواسين جي هر طرح سان مدد ڪئي، پر هن ماڙيپور، نيو ڪراچي، گلشن اقبال ۽ گلستان جوهر جي چوڌاري جيڪي به سنڌي ڳوٺ آهن انهن کي بچائڻ لاءِ وڏو جهاد ڪيو. جنهن کي سنڌ جي تاريخ ۾ اڃا اجاگر نه ڪيو ويو آهي.
    هن پنهنجي والد سيٺ علي محمد بڪڪ جي بلوچستان تائين وڌيل ڪاروبار ۽ ملڪيت سان ڪراچيءَ جي سنڌي ڳوٺن کي بچائڻ ۽ سنڌي ماڻهن جي جانين جي حفاظت لاءِ پيسو پاڻيءَ جيان وهايو ۽ ڳوٺن جي گهڻائي بچائي ورتي.
    جڏهن هڪ سنڌي ڳوٺ جنهن کي هن پاڻ پناهگيرن جي قبضي گيريءَ کان بچايو هو، ان ڳوٺ جا رهواسي وٽس آيا ته انهيءَ ڳوٺ جو نالو ”قادر بخش بڪڪ ڳوٺ“ رکيو وڃي ته پاڻ سختيءَ سان منع ڪيائين. ان ڳوٺ جو نالو پاڻ ئي ”ماروئڙا ڳوٺ“ تجويز ڪيو هو (ڳوٺ جي ماڻهن پوءِ به سندس نالي جو بورڊ ”قادر بخش بڪڪ ڳوٺ“ لڳائي ڇڏيو هو جيڪو پوءِ سندس ئي ناراضگيءَ جي ڪري لاٿو ويو). هو ڪراچيءَ جي ڳوٺن کي بچائڻ لاءِ سدائين متحرڪ هوندو هو. سندس انهيءَ ڊوڙ ڊڪ جي نتيجي ۾ ڪراچيءَ جي مقامي ماڻهن کي وري به سڪون جون ننڊون مليون هيون ۽ هو بي اونا ٿي ويا هئا. سندس انهن اعليٰ ڳڻن کي ساريندي محترم فقير محمد لاشاري صاحب پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته، ”شهرت جي شوق واري پکڙجندڙ وبا جي هن دور ۾ قادر بخش بڪڪ انهن سڀني ڳالهين کان مٿان هو، کيس پنهنجي وقار وڌائڻ لاءِ ڪنهن به فالتو ۽ اڌاري شئي جي مدد وٺڻ جو ڪو تصور ڪونه هو. لڳيم ٿو ته هو قاصد ٿي آيو هو ۽ چڱائيءَ جا پيغام ڏئي، چڱاين جو عملي مظاهرو ڪري، دنيا کي ڪجهه ياد ڪرائي هليو ويو.“
    محترم شير محمد کهاوڙ پنهنجي مضمون، ”مڙس ماڻهو“ ۾ لکيو آهي ته، ”قادر بخش بڪڪ نه رڳو ڳوٺ واسين پر ڪراچيءَ جي سمورن سنڌين جو ڀرجهلو ۽ مددگار هو. وٽس وڃڻ لاءِ وقت به مقرر ٿيل نه هوندو هو. اڌ رات هجي يا تتل ڏينهن، جنهن وقت به ڪير سڏ ڪندو هو ته، پنهنجا ڪم اڌ ۾ ڇڏي ان جي مدد کي پنهنجي زندگيءَ جو مقدس فرض سمجهي نڪري پوندو هو.
    ضلعي ٿرپارڪر جي تڏهوڪي هڪ غير سنڌي ڊپٽي ڪمشنر، ڪوڙن ڪاغذن جي آڌار تي ڪراچيءَ جي ”کنڊو ڳوٺ“ جون زمينون پنهنجي نالي ڪرائي، ورهين کان آباد ڳوٺاڻن کي گهرن مان بي دخل ڪرڻ شروع ڪيو. ضياءَ آمريت جا اهي ڏينهن هئا جڏهن ماڻهو اڃا گهرن ۽ ڳوٺن جي تحفظ لاءِ رستن تي اچڻ نه سکيا هئا. نيٺ هو بڪڪ صاحب وٽ پهتا جنهن ڊي سي طرفان ڪيل هيراڦيرين کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو، جنهن جي ڪري ڊي.سي زمين جي مالڪيءَ تان ۽ پنهنجي ڪوڙي دعويٰ تان هٿ کڻي ويو. ڳوٺ واسي اڄ تائين قادر بخش بڪڪ کي دعائون ڏئي رهيا آهن
    قادر بخش بڪڪ صاحب جو شمار سنڌ جي انهن سورهيه مڙسن ۾ ٿئي ٿو، جن کي مائرون ٿڃ ۾ سنڌ ۽ سنڌيت سان محبت جي ستي پيارينديون آهن. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته ڀنڊ ڳوٺ هاڪس بي کي ليز نه ملي ها.
    هي ڏاڍو ڏکوئيندڙ ۽ عجيب قسم جو واقعو آهي. ڪراچيءَ جا ادارا ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سنڌين خلاف ڪات ڪهاڙا کنيو بيٺا آهن. ضياءَ جي ڏينهن جي ڳالهه آهي ته ادارن جا ڪرتا ڌرتا، ڀنڊ ڳوٺ کي ڊاهڻ لاءِ ميدان ۾ نڪري آيا. ڳوٺ واسي پاڻ کي ننڌڻڪو سمجهڻ لڳا نيٺ ڪنهن طريقي سان هو قادر بخش بڪڪ صاحب وٽ پهتا. جنهن سندن ڳالهه ٻڌي کين چيو ته، ”ڪنهن به ماءُ ڄائي کي اها طاقت ڪانهي جو توهان ڌرتيءَ ڄاون کان پنهنجا ڪک ۽ اجها خالي ڪرائي. مان توهان سان واعدو ٿو ڪريان ته ڳوٺ کي ليز ڏياري پوءِ ساهه کڻندس.“
    2 فيبروري 1988ع جي ان نڀاڳي گهڙيءَ کان ٿورو اڳ جڏهن هي مانجهي مڙس مرڪندڙ منهن سان پنهنجي گهر ۾ داخل ٿيو ته، هڪ فائيل پنهنجي الماريءَ ۾ رکي گهر وارن سان کل ڀوڳ ۾ لڳي ويو ۽ کلندي کلندي ڳوٺ واسين جي اکين ۾ لڙڪ ڏئي ويو.
    سندس وفات کان اٽڪل ٻن مهينن کان پوءِ انهيءَ ڳوٺ جا 20-25 ماڻهو بڪڪ ڳوٺ ۾ آيا ۽ اچي سڀ کان پهرين سندس گهر جي دروازي وٽ بيهي پنهنجا گوڏا ۽ ڇاتيون سٽي ماتم ڪري پار ڪڍي رنا ۽ پوءِ سندس ڀائرن کي چيائون ته، ”سائين قادر بخش اسان سان واعدو ڪيو هو ته هو اسان جي ڳوٺ کي ليز ڏياريندو. اسان کي ته آفيسر آفيسن ۾ گهڙڻ ئي نه ٿا ڏين. توهان مهرباني ڪري سندس فائيل جاچي ڏسو. اسان کي پڪ آهي ته بڪڪ صاحب اسان کان موڪلائڻ کان اڳ، پنهنجو واعدو پورو ضرور ڪري ويو هوندو ڇو ته هو واعدو نه پاڙڻ سکيو ئي ڪونه هو.“
    انهن ٻن مهينن ۾ ڪنهن به گهرڀاتيءَ بڪڪ صاحب جي الماڙين يا ڪاغذ پٽن کي ڏٺو به نه هونه وري ائين ڪرڻ جي ڪنهن ۾ همٿ به هئي. نيٺ دل تي پٿر رکي جڏهن سندس الماڙي کي کوليو ويو ته مٿئين خاني ۾ ڀنڊ ڳوٺ هاڪس بي جو فائيل پيل نظر آيو، جنهن ۾ ڳوٺ کي ليز ڏيڻ جي حڪم وارو ڪاغذ سڀ کان مٿان لڳل هو. قادر بخش بڪڪ وڃڻ کان اڳ ڀنڊ ڳوٺ جي رهواسين سان سندن ڳوٺ کي پڪي ڪرڻ وارو واعدو پاڙي چڪو هو.
    قادر بخش بڪڪ صاحب جي زندگي اهڙن ڪيترن ئي انوکن واقعن سان ڀريل آهي جنهن ۾ هن پنهنجي ذاتي صلاحيتن ۽ اباڻي ملڪيت کي ڪراچيءَ جي غريب ۽ ڏتڙيل سنڌين جي مالي، اخلاقي ۽ سياسي واهر لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو. ڪراچيءَ جي چوڌاري سنڌين جا جيڪي به مشهور ڳوٺ آهن انهن کي پڪو ڪرائي ماڻهن کي پنهنجي جڳهين ۾ حفاظت سان رهائڻ ۽ آباد ڪرڻ ۾ قادر بخش بڪڪ صاحب جو وڏو هٿ هو، خدا کيس جنت ۾ ضرور جاءِ ڏني هوندي ڇاڪاڻ ته انهن ڳوٺن جا رهواسي زندگيءَ جون بنيادي سهوليتون ماڻيندي اڄ به کيس هٿ کڻي دعائون ڪندا آهن ۽ هن المناڪ وڇوڙي تي سندن هانءَ هيڻا نظر پيا ايندا آهن. نوڪرين جي سلسلي ۾ ڪراچي ايندڙ سنڌي نوجوانن کي پڻ همٿائيندو ۽ مددون ڪندو هو.
    سنڌي ادب جي مشهور ڪهاڻيڪار صديق منگئي پنهنجي مضمون، ”پلاڻي پنڌ پيا“ (سوجهرو، فيبروري 2006ع)، ۾ لکيو آهي ته، ”قادر بخش بڪڪ تمام وڏو ماڻهو هو، ڪچهريءَ جو مور، وڻندڙ سڀاءُ، ملنسار مزاج ۽ دردمند هردي وارو انمول انسان هو. پنهنجي سوچ ۽ نظرين ۾ اڏول ۽ فڪر ۾ مدلل هو.
    گفتار جي غازين جي اڻ کٽ قطار ۾ مون قادر بخش بڪڪ جهڙا ڪردار جا غازي گهٽ ڏٺا آهن. نه اجائي اوک ڊوک، نه وڏي پٽاڙ، ڳالهه ڪم جي ۽ انداز اثرائتو. سندس شخصيت جي اڀريل خوبي هئي.
    ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي پيڙهيل ۽ مظلوم جي ڳالهه ڪڏهن کيس جذبات ۾ ضرور آڻيندي هئي پر شائستگي ان ۾ به هوندي هئي. هو مصلحتن جي ڳنڍڙي ۾ سن ٿي ويل وجودن جي وچ ۾ پنهنجي جملي حواسن سان متحرڪ انسان هو. هو سچو، کرو ۽ آدرشي انسان هو. حق گوئي ته کيس ستيءَ ۾ پيل هئي.
    هڪ ڀيري سال 1977ع ۾ هڪ تعصبي ڪامورو اسان استادن جي ڳچيءَ ۾ فٽ ٿي ويو. رڪاوٽون وجهي تنگ ڪرڻ لڳو. ڳالهين مان کڙ تيل نه نڪتو ته احتجاج ڪيوسين. فرحانه اسڪول پاپوش نگر ناظم آباد ۾ استادن جو احتجاجي ميڙاڪو ٿيو. قادر بخش بڪڪ تڏهن ڪائونسلر هو. منهنجي چوڻ تي استادن جي ان احتجاجي گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيو. هن پنهنجي تقرير ۾ ان تعصبي ڪاموري کي اها ڇنڊ پٽي جو ٻئي ڏينهن اهو آفيسر اسان وٽ هلي آيو اهو ڏينهن ڏهاڙو ڄڻ ڪتيءَ ڪن وڍايا.
    ”قادربخش بڪڪ ڪي.ايم.سي اسڪولن ۾ سنڌي استاد مقرر ڪرائڻ لاءِ پڻ ڀرپور ڪوششون ورتيون. سندس ڪوششن سان ڪجهه اسڪولن ۾ سنڌي استاد مقرر پڻ ڪيا ويا هئا.“
    قادر بخش بڪڪ جو ادراڪ ۽ شعور غير معمولي هو. ڪراچي ۾ جڏهن وڏا وڏا رهائشي پلان جوڙيا پي ويا، گهڻ ماڙپلازه، فليٽز، لگزري شاپنگ سينٽرز ۽ مارڪيٽون بنيون پي ۽ جڏهن اسٽيل مل ۽ پورٽ قاسم وجود ۾ آيا پي تڏهن پاڻ انهن اسڪيمن تي خوش نه هو ۽ ان وقت سندس مشهور مقولو وجود ۾ آيو هو ته، ”اسان کي سنڌ خوشحال نه ٿي کپي، سنڌي خوشحال کپن ٿا.“
    ساڳي ڳالهه سماجي ڪارڪن شعيب بڪڪ پنهنجي مضمون، ”سياسي شعور جو ڌڻي“ (سوجهرو، فيبروري 2006ع)، ۾ لکي آهي ته، ”جڏهن ماڻهو ترقيءَ جا حوالا ڏيندي اسٽيل مل ۽ پورٽ قاسم وغيره جي ڳالهه ڪندي ٺرندا هئا ته، ان سڄي ماحول ۾ ان سحر ۽ نشي کان آزاد جبل جيڏو ارادو رکندڙ، هڪ انسان قادر بخش بڪڪ هو جنهن جو ڳالهائڻ به سچ ته هلڻ به سچ هو. هو هر هنڌ هڪڙي ڳالهه ضرور چوندو هو ته، ”بابا، ڌرتي بچايو، بگهڙ سڃاڻو، هي وڏا منصوبا جيڪي صبح شام پيا ڳڻايو اهي اوهان جا نه آهن. اهي اوهان کي غلام بڻائڻ وارا منصوبا آهن، اکيون کولي هلو، هوش ڪريو، انهن منصوبن جي ڪري ڪراچيءَ ۾ غير سنڌي ماڻهن جي يلغار ٿيندي ۽ اسين اقليت ۽ ٿورائيءَ ۾ تبديل ٿي وينداسين. اسان جو نسل تباهه برباد ٿي ويندو ۽ اسين ريڊ انڊين ٿي وينداسين.“ وقت وڏو گواهه آهي جيڪو گواهي ڏئي رهيو آهي ته، هن جيڪو به چيو اهو سچ هو، حقيقت هئي. جنهن کي قادر بخش بڪڪ ارڙهن سال اڳ پڌرو ڪري ويو هو ۽ اڄ اسين ڏسي رهيا آهيون ته جيڪا اوسر ٿئي پئي اها ڪنهن به صورت ۾ سنڌ ۽ سنڌين لاءِ نه آهي.“
    پنهنجي ماڻهن سان هر مشڪل مهل ۾ ساٿي ٿيڻ ۽ ساٿ ڏيڻ واري سندس املهه وصف ڏانهن اشارو ڪندي محترم صديق منگئي جي مضمون ۾ آهي ته، ”1975ع ۾ بنگالي ملازمن جي بنگلاديش وڃڻ ڪري جهانگير ويسٽ، ايسٽ ڪواٽرس، جمشيد ڪواٽرس، فيڊرل بي ايريا ڪواٽرس ۽ ٻين هنڌن تي سوين ڪواٽر خالي ٿيا. اهي اسٽيٽ آفيسر ڀڳڙن مٺ تي ڌارين کي وڪرو ڪرڻ لڳا.
    انهن ڏهاڙن ۾ اسان لينگئيج ٽيچرس ائسوسيئيشن، سنڌي استادن جي حقن لاءِ جوڙي هئي. تنظيم جو بنياد ”حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ“ ۾ پيو هو ۽ سرگرمين جو مرڪز به ”حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ“ هو. ان رات ڳوٺ ۾ تڪڙي گڏجاڻي گهرائي ٻئي ڏينهن ور کنجي ڳوٺ جو نالو ٽپي جهانگير ڪواٽرس ۾ ڪاهي پياسين. پهريون ڏينهن ڏهه ڪواٽر قبضي ۾ ڪري ورتاسين اهو سلسلو شروع ٿي ويو جيڪو به سنڌي استاد يا سنڌي ملازم مليو پئي کيس ڪواٽر قبضي ۾ ڪري پئي ڏنوسين. اڄ جهانگير ڪواٽرس کان سواءِ ٻين هنڌن تي به سوين ملازم ڪواٽرن ۾ رهيا پيا آهن. ان سموري ڪم ۾ نه رڳو قادر بخش بڪڪ جي عملي واهر ۽ پٺڀرائي شامل هئي. پر سندس وڏائي جو ان کان وڏو مثال ڪهڙو ڏئي سگهجي ٿو جو، سندس ڪنهن به ماڻهوءَ ڪنهن به ڪواٽر تي قبضو نه ڪيو ۽ نه ئي اهڙي خواهش ڏيکاري.
    قادر بخش بڪڪ دوستن ۾ ۽ ڪڙم قبيلي ۾ مقبول هو. ننڍا وڏا سندس عزت ڪندا هئا. هو هئو به دل ۾ وهارڻ جهڙو. ذاتي ڪچهرين ۾ هو بڪڪ ڳوٺ جي باڙه مارڪيٽ بنجڻ ۽ نوجوانن جي مستقبل جي باري ۾ گهڻو فڪر مند نظر ايندو هو. هو ڳالهيون ذهن سان گڏ دل تي به وٺڻ وارن ماڻهن مان هو ۽ اهڙا حساس هردن وارا ماڻهو گهڻو جي به ته نه سگهندا آهن.“
    صحافي شير محمد کهاوڙ پنهنجي مضمون، ”مڙس ماڻهو“ (سوجهرو فيبروري 2006ع) ۾ لکيو آهي ته، ”فقير محمد لاشاري چوندو هو ته يا ٿجي مڙس ماڻهو يا ويهجي مڙس ماڻهوءَ جي پاڙي ۾. اسين مڙس ماڻهوءَ جي پاڙي ۾ رهيل آهيون جنهن جو نالو قادر بخش بڪڪ آهي. هو نه رڳو پنهنجي خاندان جو ڀرجهلو آهي پرڄڻ ته سڄي ڳوٺ جو گاڊفادر آهي.“
    سماجي ڪارڪن گلزار شفيع بڪڪ پنهنجي مضمون، ”هر دل تي نقش...“ (سوجهرو، فيبروري 2006ع) ۾ هڪ شعر جو مفهوم لکيو آهي ته، ”پاڻ لاءِ ته هن جهان ۾ هرڪو جيئي ٿو پر زندگيءَ جو مقصد آهي ٻين جي ڪم اچڻ... اهو شعر منهنجي عزيز جناب قادر بخش بڪڪ صاحب جي وڏي شخصيت تي مڪمل ٺهڪندڙ آهي. جنهن پنهنجي سڄي زندگي ٻين جي ڪمن لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي.
    کيس اسان کان جدا ٿيندي 18 سال ٿيڻ وارا آهن. پر اڄ به ماڻهو سندس نالو وٺي روئي ڏيندا آهن. ڪنهن لاءِ لڙڪ لاڙڻ معمولي ڳالهه ناهي، تڏهن ئي ته ماڻهو اڄ به اهو نعرو هڻن ٿا ته، هر دل تي نقش، قادر بخش قادر بخش....“
    برک صحافي ۽ دانشور ف.م. لاشاري صاحب سندس ڪمهلي وڃڻ تي هڪ آرٽيڪل، ”قادر بخش بڪڪ کي ڪير وساري سگهندو“ (هلال پاڪستان، فيبروري 1988ع) ۾ لکيو آهي ته، ”ڪراچيءَ جي وچ ۾ بڪڪ ڳوٺ تي 2- فيبروري کان ماتم ۽ اوندهه جا ڪارونڀار ڇانيل آهن. اکين مان وهندڙ ڳوڙهن جا سلسلا بند ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿا وٺن. گهرڀاتي، اوڙو پاڙو، ڪراچيءَ جا سوين ڳوٺ، غريب مسڪين، هڪ ڏکوئيندڙ احساس جي وڻ ويڙهي ۾ وڪوڙجي ويا آهن. مٿن ڇانورو ڪري بيٺل ڪڪر اوچتو ئي اوچتو هٽي ويو آهي ۽ ماڻهو تيز تکي ساڙيندڙ نٽهڻ اس ۾ بيهي رهيا آهن. سمورن گمانن تي غالب ايندڙ ڀوائتي حقيقت موت، هڪ پياري حقيقت قادر بخش بڪڪ کي جسماني طرح سموري خلق کان ڌار ڪري ڇڏيو.
    چڱاين، محبتن، نيڪين ۽ انسان دوستيءَ جا ونڊ ورهائيندڙ قادر بخش ائين اوچتو هليو وڃي، سمجهه ۾ نٿو اچي. لڳي ٿو ته معمول مطابق ڪنهن ڏکويل جو اهنج اڪلائڻ لاءِ نڪري ويو آهي ۽ ايترو ته مگن آهي جو واپس اچڻ جو اطلاع ڏيڻ وسري ويو اٿس.“
    محترمه ف.م لاشاري صاحب جي لائق نياڻي نصرت لاشاري پنهنجي مضمون، ”خوشبوءَ جهڙو ماڻهو“ (سوجهرو، فيبروري 2006ع) ۾ لکيو آهي ته، ”هن مهڙ کان ئي پنهنجي سماج سڌراڪ واري سڃاڻ برقرار رکي ۽ خاص طرح سان ڪراچيءَ ۾ رهندڙ بي پهچ سنڌين جي سماجي ۽ قانوني واهر لاءِ پاڻ پتوڙيو. پاڻڻن سبجيڪٽس ۾ ماسٽرس سان گڏ لا گريجويٽ پڻ هو.
    قادر بخش بڪڪ صاحب پنهنجي نهٺي طبيعت ۽ سماجي خدمتن جي ڪري ماڻهن کي ڏاڍو پيارو هو. اهو ئي سبب هو جو کيس ڪائونسلري جي سيٽ تي ٿيندڙ اليڪشن ۾ هر ڀيري برتري حاصل ٿيندي هئي ۽ ماڻهو سندس بي لوث سماجي خدمتن جي ڪري کيس ووٽ ڏيندا هئا. ان ووٽ جي موٽ ڪو قادر بخش بڪڪ صاحب کان سکي. هر ننڍي وڏي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ پوءِ اهو ڪنهن سان به درپيش ايندو هجي. بنا ڪنهن مت ڀيد جي پاڻ وڃي حل ڪرائي ايندا هئا ۽ سندس اوطاق جا دروازا هر وقت هرڪم لاءِ ايندڙ ماڻهو لاءِ، کليل هوندا هئا. ڪو ضرورت مند سندس در تان خالي نه موٽندو هو، جنهن در تان ڪو سوالي خالي نه موٽي اتي خدا جا خاص بندا رهندا آهن.
    هڪ ڀيري بابا (ف.م لاشاري) ۽ بڪڪ صاحب پاڻ ۾ ڪچهري ويٺي ڪئي ته، ٻاهران هڪ ماڻهو گوڙ ڪندو ڪمري ۾ داخل ٿيو ته بڪڪ صاحب پڇيس ته، ”ڇو ٿو گوڙ ڪرين؟“ ته ان ماڻهوءَ وراڻيو، ”اسان جي پاڙي جو نلڪو خراب آهي اسين پاڻيءَ لاءِ ڏاڍا پريشان آهيون.“ اهو ٻڌي قادر بخش بڪڪ صاحب پاڻ سان ٻيا ٻه ماڻهو ساڻ ڪري اتي وڃي بيهي اهو نلڪو ٺيڪ ڪرايو. واپسي تي بابا (ف.م لاشاري) کيس چيو، ”بڪڪ صاحب، اهو ڪم ته توهان جا ماڻهو به ڪرائي پي سگهيا پوءِ توهان پاڻ ڇو تڪليف ڪئي.“ بڪڪ صاحب وراڻيو، ”فقير سائين، اسان کي ووٽ ڏئي هي ماڻهو اسان تي نه فقط اعتماد ڪن ٿا پر ڪي اميدون به رکن ٿا. هنن جون ضرورتون تمام ننڍڙيون ۽ بنيادي آهن. انهن کي پورو ڪرڻ اسان جي ئي وڏي ۽ اهم ذميداري آهي. ائين نه ڪريان ته شايد رات جو سڪون جي ننڊ ئي نه اچي ها،پاڻ کي ۽ پنهنجي ضمير کي مطمئن رکڻ لاءِ به ماڻهن جا ڪم ڪندي مزو ايندو آهي. ان اطمينان جي ڪري ئي زندگي ڪارگر گذري ٿي.
    اهي ئي ڳڻ هئا قادر بخش بڪڪ صاحب ۾ جنهن جي ڪري هو، هلندڙ ڦڙندڙ سماجي ڀلائيءَ جو ادارو سڏجڻ لڳو. اهڙيون ئي اڻ ڳڻيون يادون هر ان ماڻهو وٽ هونديون جيڪو هڪ ڀيرو به قادربخش بڪڪ صاحب سان مليو هوندو.“
    حضرت عيسيٰ عليه السلام فرمايو آهي ته، ”نيڪ عمل اهو آهي جيڪو ماڻهن جي توقع کان بي نياز ٿي ڪيو وڃي.“ قادر بخش بڪڪ ساڳئي فرمان تي پورو لهندڙ بي مثال انسان هو. سندس محبتون ۽ خدمتون بي لوث هيون، هو ماڻهن جي توقع کان سچ به بي نياز ٿي سندن لاءِ آسانيون ۽ سک پيدا ڪندو هو. پنهنجي ذات لاءِ هن ڪڏهن به ڪنهن ۾ ڪا توقع نه رکي، البته هو ماڻهن کان اها توقع رکندو هو ته هو پنهنجا حق سڃاڻن ۽ انهن جي ادائگيءَ ۾ ڪن لاٽار نه ڪن.
    ”سندس گهر غريبن ۽ ضرورتمندن لاءِ ڄڻ عافيت ۽ ڇوٽڪاري جي پناهه گاهه هو. طرح طرح جا ماڻهو قسمين قسمين مونجهارا کڻي الائي ڪٿان ڪٿان کان وٽس ايندا هئا. هو اڪيلو ۽ تنها سڀني جا مسئلا حل ڪري هر هڪ ماڻهوءَ کي خوش ۽ مطمئن ڪري موٽائيندو هو جيڪا ڳالهه عام ۽ معمولي ناهي.
    ڪراچيءَ جي قديم ڳوٺن جو کيس وڏو اونو ۽ فڪر هوندو هو ۽ ڪراچي جي سوين ڳوٺن جا هزارين ماڻهو پڻ کيس ئي پنهنجو رهبر ۽ رهنما مڃيندا هئا. پوءِ اهو کنڊو ڳوٺ هجي يا ڀنڊن ۽ ڀانگورين جا ڳوٺ. ريڪسر هجي يا حسن اوليا وليج. پراڻي گوليمار جا ڳوٺ هجن يا نئين گوليمار جا ڳوٺ. ماڙيپور جون قديم وسنديون هجن يا شير شاهه ۽ حسين آباد جا پراڻا ڳوٺ. ٽه هٽيءَ جون قديم وستيون هجن يا ڳجهڙي جا ڳوٺ. پاڻيءَ جو، روڊن جو، بجليءَ جو، گيس جو يا عدالتن جو مسئلو هجي، نوڪرين جو يا اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽين ۾ ڪنهن داخلا جو مامرو هجي، اهي سڀ مسئلا ۽ معاملا هو ائين نڀائيندو ۽ حل ڪندو هو ڄڻ سندس پنهنجا ڪي ذاتي مسئلا هجن. ايتري قدر جو انهن جو سڱاوتيءَ جو جهڳڙو هجي يا ٻن ڀائرن جو ڪنهن ديوار يا گهر جي ڪنهن ڇڳي يا ڇاپري جو ڪو تڪرار هجي، سڀ ئي دانهن کڻي وٽس ايندا ۽ هو ان ئي مهل ساڻن گڏجي وڃي واقعي واري هنڌ تي پهچي فيصلو ڪري کين پرچائي کير کنڊ ڪري ايندو.
    ڪراچيءَ ۾ هٿوڙا گروپ نڪتو جنهن جو نشانو حسن اوليا وليج ۾ هوت قبيلي جو هڪ معزز گهر بنيو، ان ۾ نوَ (9) قيمتي جانيون ضايع ٿيون. صبح جو سويل سڀ کان پهرين کيس اطلاع ڪيو ويو. ايتري قدر جو گهر جي دروازي کان ٻاهر نڪرندڙ رت ڏسي ويجهن مائٽن دروازو کولڻ کان اڳ ۾ کيس اطلاع ڪيو (ايڏو ئي ته اعتماد هو ماڻهن جو سندس ۾).
    پاڻ انهيءَ ئي مهل اتي پهچي پنهنجي نگرانيءَ ۾ دروازو کولائي سڀ ڪم ڪيو ۽ ماڻهن جي مٿان طاري ان خوف کي ختم ڪيو. پر ان دکدائڪ واقعي جو سندس دل تي وڏو اثر پيو هو. پاڻ اڪثر انهن مظلوم شهيدن جو ذڪر ڪندي ۽ کين ياد ڪندي ڏکارو ٿي پوندو هو. جنهن کانپوءِ هن هر هڪ ڳوٺ ۾ ميٽنگ گهرائي حفاظتي اپاءَ ورتا ۽ ماڻهن کي ذهني ۽ جسماني تحفظ ڏنو. پوءِ ئي کيس ڪجهه سڪون مليو هو.
    ٻوليءَ جا جهيڙا ٿيا، جنهن ۾ ڪراچيءَ جا معصوم بي ڏوهه سنڌي ڪٺا ويا هئا. ڪلاڪوٽ جو 15 ورهين جو معصوم عبدالرشيد جدگال، جيڪو پاڪ ڪالونيءَ ۾ رهيل پنهنجي ماسيءَ جي خير خيريت لاءِ آيو هو، جنهن کي ڌارين ڌوتن ”سنڌي آيا..... سنڌي ڪومارو.....“ چئي کيس ورائي ويا ۽ مٿس اهڙو تشدد ۽ ظلم ڪيائون جو دنيا جا ظالم ترين انسان چنگيز خان ۽ هلاڪو خان به جيڪر شرم کان ڪنڌ جهڪائي ڇڏين. ظالمن بيڏوهه معصوم عبدالرشيد جدگال جون ٻئي اکيون گولين سان اکوڙي ڇڏيون، ان کانپوءِ سندس ٻئي ٻانهون ۽ ٻئي ٽنگون ڌڙ کان ڌار ڪيون. ان معصوم ڌرتيءَ ڌڻي جي لاش کي ايڏو ته چٿيو ۽ چچريو هو، جو سندس ماءُ جنهن کيس ڄڻيو هو اها به سڃاڻي نه سگهي هئي. لس ٻيلي اٿل جي ”صابرو“ ذات جي ستن ڄڻن کي گوليمار ۾ سندن گهرن ۾ جيئري ئي باهه ڏئي ساڙي ماريو ويو هو. ائين ئي اسان جو سڄو شهر ڪراچي اسان سنڌين لاءِ مقتل گاهه بنيل هو. گهر گهر، گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ سنڌي ڪٺا ۽ ماريا پي ويا. ڪراچيءَ جا ٻه جوکيا ڊاڪٽر ڀائر جيڪي عباسي اسپتال ۾ ڊيوٽي تي هئا، انهن کي اسپتال مان گهلي ڪڍي ٻاهر روڊ تي آزاديءَ سان بنا ڪنهن خوف ۽ پرواهه جي گولين سان پروڻ ڪيو ويو هو. سنڌي ٽوپي، اجرڪ ۽ پٽڪو جرم بنيل هو، ڪيترن عمر رسيده معزز سنڌين جا پٽڪا ۽ ٽوپيون لاهي مٿن تشدد ڪيو ويو هو. سنڌين جي حڪومت هوندي به سنڌي حڪمران بيوس تماشائي بڻيل هئا. تڏهن قادر بخش بڪڪ ذاتي طور مسلح نوجوانن کي ڳوٺن جي پهري لاءِ مقرر ڪيو هو ۽ ائين سڀئي ڳوٺ محفوظ ڪيا هئا.
    سَرها ڏٺم سي، جِن سَاڃاهه سِراڻِ سِين
    تيغ تِنين جي کي، ڪَٽُ نه لڳو ڪڏهين.
    (شاهه رح)
    (ج. ع. منگهاڻي، سوجهرو، فيبروري 2004ع).
    ساڳي ڳالهه محترم فقير محمد لاشاري صاحب پنهنجي مضمون ۾ ڪئي آهي، جيڪو هلال پاڪستان اخبار 1989ع ۾ قادر بخش بڪڪ جي پهرين ورسيءَ تي ڇپيو هو ته، ”ڪراچيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ وڳوڙن جي چڪر ۾ اچي وڃي، پر بڪڪ ڳوٺ ۾ نسلي توڙي فرقي وارانه فساد نه ٿيڻا آهن ۽ اهو سمورو سهرو قادر بخش بڪڪ تي آهي.“
    قومن جون، برادرين جون ۽ ذاتين جون دشمنيون ۽ وير هوندا آهن. پر جڏهن به ڪو اهڙو واقعو ٿيو ته هو سختيءَ سان پنهنجي ذات ۽ برادريءَ وارن کي منع ڪندو هو ته، ”مون کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو!“
    ماڻهن جا اهنج سهنج ڪرڻ وارو سندس دائرو نهايت وسيع هو.
    نڪو سَنڌو سور جو، نڪو سنڌو سِڪَ
    عدد ناهه عشق، پڄاڻي پاڻ لهي.
    (شاهه رح)
    ماڻهو به سندس مٿان پروانن جيان نثار ٿيندا هئا، الائي ڪٿان ڪٿان کان رڳو ساڻس ملڻ ۽ کيس ڏسڻ لاءِ ايندا هئا ۽ وٽس رهي پوندا هئا.
    ويٺي جِنين وَٽ، ڏکندو ڏور ٿيئي
    تون تنين سين ڪَٽِ، اوڏا اڏي پکڙا.
    (شاهه رح)
    محترم ف.م لاشاري صاحب به ائين چيو آهي ته، ”منهنجي ساڻس ڏيٺ ويٺ 1980ع ۾ ٿي هئي، جڏهن حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ جي مسئلن تي هڪ اردو اخبار لاءِ جتي آئون ملازم هئس فيچر لکڻو هو، قادر بخش بڪڪ سٺ واري ڏهاڪي کان بنا وقفي علائقي مان چونڊبو ايندو هو. ٻن سالن کان پوءِ سندس ڳوٺ ۾ سندس ئي هڪ جاءِ ۾ مسواڙي طورٻن سالن لاءِ رهيس. وري آگسٽ 1987ع ۾ آئون لڏي سندس ئي پاڙي ۾ وڃي رهيس. جيڪڏهن قادر بخش نه هجي ها ته مان نه ٿو سمجهان ته اتي وڃي رهان ها.“
    قادر بخش بڪڪ هڪ اهڙو بي مثال ڪردار هو جنهن جو مثال ممڪن ئي ناهي. هو ايترو ته حساس ۽ انسان دوست هو جو ڪنهن کي به ڏک ۽ تڪليف ۾ ڏسي نه سگهندو هو.
    ائين به نه هو ته هن ڪنهن غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو هو، يا پاڻ ڪي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏک ۽ تڪليفون ڏٺيون هئائين، هو سيٺ علي محمد بڪڪ جهڙي شاهوڪار ۽ مالدار شخص جو پهريون پٽ هو، جنهن جي پالنا لاڏ ڪوڏ مان شهزادن جيان ٿي هئي. جنهن سڄي زندگي ڪا ملازمت ۽ سروس نه ڪئي هئي، جنهن کي ڪڏهن به ڪا مالي ۽ معاشي پريشاني نه رهي هئي. هو ڪنوارو هو ۽ مٿس ڪا به گهريلو ذميداري به نه هئي سندس والد جون ڪيتريون ئي گاڏيون هيون تنهن هوندي به پاڻ هميشه غريبن سان گڏ پيدل يا بسن وغيره ۾ سفر ڪندو هو. ڪنهن کي به ٿوري تڪليف ۾ ڏسندو هو ته تڙپي پوندو هو. ڪنهن بيمار کي ڏسي هڪدم ان کي پاڻ اسپتال کڻي وڃي علاج ڪرائيندو هو. ڪنهن عورت جو ڪو مسئلو هوندو هو ته هڪدم ليڊي ڊاڪٽر گهرائيندو هو يا وري ايمبولينس ۾ اسپتال پهچائيندو هو. ڪنهن ٻار جي داخلا وغيره جو مسئلو هوندو ته مائٽن کان اڳ ان جي آڱر جهلي وٺي وڃي حل ڪرائي ايندو هو.
    محترم گلزار شفيع صاحب پنهنجي هڪ ليک ۾ لکيو آهي ته، ”هڪ ڀيري منهنجو هڪ بلوچ دوست مون وٽ آيو ته، سندس ننڍي ڀاءُ کي پوليس بي گناهه جهلي وئي آهي. مون چيس، ”اچ ته ادا قادر بخش ڏانهن هلون!“ اسان اچي ادا سان اها ڳالهه ڪئي. ادا هڪدم انهيءَ وقت اسان سان گڏجي ٿاڻي تي آيو. ادا کي ڏسي سڀ ئي پوليس وارا اٿي ڊوڙي اڳيان آيا ۽ فورن چانهه بسڪيٽ کڻي آيا. جنهن کان پوءِ انهن ادا کان پڇيو ته، ”ڪيئن اچڻ ٿيو“، ادا چيو، ”اسان جي علائقي جو هڪ ٻار اوهان گرفتار ڪري آيا آهيو ان لاءِ آيو آهيان.“ ايس.ايڇ.او چيو، ”بڪڪ صاحب، هڪ نه ٻه ڇوڪرا آهن!“ ٻنهي ڄڻن کي ادا جي سامهون آندو ويو. ادا چيو، ”بلوچ ڇوڪرو بي گناهه آهي ان کي اوهان غلط گرفتار ڪيو آهي، ڇو جو ان جو مجرمن سان ڪو واسطو ڪونهي.“ انهن هڪدم بلوچ ڇوڪرو ادا جي حوالي ڪيو بلڪه چيائون، ”ٻئي ڇوڪرا اوهان جي علائقي جا آهن ٻنهي کي وٺي وڃو. ادا چيو، ”نه، آئون ڏوهي نه، بيڏوهيءَ کي ڇڏائڻ آيو آهيان. وڌيڪ اوهان ڄاڻو اوهان جا مجرم ڄاڻن!“ ايترو چئي ادا قادر بخش بڪڪ صاحب بلوچ ڇوڪري کي ٻانهن ۾ جهليو ۽ کيس وٺي ٿاڻي کان ٻاهر نڪري آيو، آئون رڳو حيرت مان ادا کي تڪيندو رهيس، ڇو جو ٻيو ڇوڪرو واقعي مجرم هو ۽ هيروئن جو ڪاروبار ڪندو هو!“
    مشهور صحافي شير محمد کهاوڙ پنهنجي مضمون، ”سنڌ جو دادلو فرزند قادر بخش بڪڪ“ ۾ لکي ٿو ته، ”اها منهنجي خوش نصيبي آهي جو مون کي ساڻس ٻه ڪچهريون ڪرڻ جو موقعو مليو، جيڪي منهنجي ياد جو خوبصورت سرمايو آهن. اهي شايد مان ڪڏهن به وساري نه سگهان. انهن مان پهرين ڪچهري ان وقت ٿي جڏهن پاڻ ڪائونسلر هو ۽ ماڻهن جو انبوهه سندس آفيس ۾ ڪٺو ٿيو بيٺو هو. مان ۽ مرتضيٰ لاشاري کائونس ريڊيو لاءِ انٽرويو وٺڻ ويا هئاسون. تڏهن مون کي پهريون ڀيرو ان غريب پرور ۽ انسان دوست شخص کي ويجهي کان ڏسڻ جو موقعو مليو.
    ٻي ملاقات وري سائين فقير محمد لاشاري سان گڏ ٿي. اسان ٽي چار ڄڻا هلال پاڪستان جي آفيس مان موٽياسون ته پاڻ به ڪجهه دوستن سان گڏ، حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ جي ڪشادي روڊ تي ملي ويو. پوءِ ته ايڏي گرم جوشيءَ سان مليو جو ڄڻ عيد ٿي وئي. آڌيءَ رات جو اوطاق تي وٺي آيو جتي ڪرسيون ڪڍرايون ويون ۽ ڏاڍي سڪ سان ماني ڪرائڻ جو چيائون. پر اسان جي انڪار تي جلد گهر چانهه جو چوايائون جتان چانهه جا ٿرماس ڀرجي آيا. مون اڪثر ڏٺو ته فقير محمد لاشاري صاحب سان جڏهن دوست ملندا هئا ته هو ڪچهريءَ ۾ گهڻو وقت کيس ٻڌندا هئا ۽ دوست گهٽ ڳالهائيندا هئا پر اڄ ڳالهه مختلف هئي جتي اسين سڀ فقير محمد لاشاري صاحب سميت چپ هئاسين ۽ رڳو بڪڪ صاحب ڳالهائي رهيو هو. سندس ڳالهين مان سنڌ ۽ سنڌين سان سندس عشق جي پروڙ پئجي رهي هئي. پاڻ ڪراچيءَ جي ندين نالن ۽ ڪشادن گهرن ۾ رهندڙ ڌارين تي فلڪ ئي نه ٿي آندائين، ۽ کليل طور چئي رهيو هو، ”جڏهن به ڌرتيءَ ڄاوا اٿندا ته اهي پناهگير سندن اڳيان بيهي نه سگهندا.“
    شير محمد کهاوڙ پنهنجي مضمون، ”مڙس ماڻهو“ ۾ چوي ٿو ته، ”مون جڏهن فقير محمد لاشاري صاحب کان حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ ۾. رهڻ جو سبب پڇيو ته چيائين، يا ٿجي مڙس ماڻهو يا ويهجي مڙس ماڻهوءَ جي پاڙي ۾ سو اسان نه رڳو مڙس ماڻهوءَ جي پاڙي ۾ اچي ويٺا آهيون پر هي گهر به ان مڙس ماڻهو جو آهي جنهن جو نالو آهي قادر بخش بڪڪ، هونه رڳو پنهنجي خاندان جو ڀرجهلو آهي پر سڄي ڳوٺ جو گاڊفادر آهي.“
    صحافي رسول بخش راهب صاحب پنهنجي مضمون، ”اهڙا ماڻهو مرڻا ناهن.“ ۾ لکيو آهي ته، ”سنڌ امڙ هيرن جي کاڻ آهي ۽ سندس اولاد موتيءَ داڻا آهن. انهن موتيءَ داڻن مان هڪ عظيم هيرو مرحوم قادر بخش بڪڪ هن ڀوميءَ پيدا ڪيو. قادر بڪڪ صاحب 1938ع ۾ بڪڪ ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي نهايت قديم اسڪول ابراهام ربين اسڪول ۾ ورتائين، مئٽرڪ سنڌ مدرسة الاسلام مان پاس ڪيائين. اڳتي تعليم ڪراچي يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين جتان ايم.اي پوليٽيڪل سائنس، ايم.اي اڪنامڪس، ايم.اي انٽرنيشنل رليشنس ۽ ايل.ايل.بي پاس ڪيائين. پاڻ تمام ذهين انسان هو. سياسي زندگي 1960ع کان شروع ڪيائين ۽ بي.ڊي يونين ڪائونسل جو چيئرمين ٿيو. 1964ع ۾ ٻيهر بنا مقابلي چيئرمين چونڊ ويو جيڪو 1979ع تائين رهيو. 1979ع، 1983ع، 1987ع ۾ ڪراچي ميٽروپوليٽن جو ڪائونسلر چونڊيو ويو، جنگ اخبار اها خبر نمايان ڏني هئي ته، قادر بخش بڪڪ واحد ڪائونسلر آهي جنهن چونڊون کٽڻ جي هيٽ ٽرڪ ڪئي آهي. ان کان علاوه ڪارپوريشن طرفان جسٽس آف پيس به رهيو.
    قادر بخش بڪڪ صاحب هڪ سادي ۽ نماڻي طبيعت وارو ماڻهو هو. خداوند ڪريم پاران ايتريون صلاحيتون ملڻ کان پوءِ به هن مرد مجاهد ۾ ڪا به وڏائي ۽ تڪبر نه هو. سدائين پيو کلندو ۽ مشڪندو هو. هن تمام وڏا ترقياتي ڪم ڪرايا. بڪڪ ڳوٺ ۾ بجلي، گيس، روڊ، رستا، سيوريج سسٽم، اسڪول، پليون ۽ ٽيلي فون جون سهوليتون ڏنائين، سڄي قبرستان ۾ لائٽون لڳرايائين.
    هو وقت جو نهايت پائبند هو، جيڪو وقت ڏيندو هو ان تي پهچندو هو. صبح جو 8 وڳي کان رات جو 1 وڳي تائين آفيس ۾ ويهي ماڻهن جا مسئلا حل ڪندو هو. هر ننڍي وڏي کي عزت ڏيندو هو. هن ذات برادريءَ وارو فرق نه رکيو، پنهنجي هڙان وڙان ڏئي ماڻهن جا مسئلا حل ڪندو هو. سنڌ ۽ بلوچستان کان پري پري جا ماڻهو سندس اوطاق تي ديرو ڄمائي ويٺا هوندا هئا، سدائين ميلا متل هوندا هئا.“
    قادر بخش بڪڪ صاحب ۾ سڀني بي مثل خوبين سان گڏ، هڪ اها به حيرت جهڙي خوبي هئي ته هو هڪ لاجواب نثر نويس پڻ هو. اسڪول جي زماني کان اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون وغيره لکندو هو. ڪاليج واري لائيف دوران سندس لکڻ جو ذڪر برک شاعر ۽ دانشور محترم تاج بلوچ صاحب پنهنجي مضمون، ”سنڌ جو گمنام سپاهي قادر بخش بڪڪ“ (سوجهرو 2004ع) ۾ ڪندي چيو آهي ته، ”ايس.ايم ڪاليج ۾ مشهور ڪهاڻيڪار غلام نبي آگرو جيڪو بي.اي فائنل جو شاگرد هو ان کي ڪاليج مخزن جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. مون سندس مخزن لاءِ ڪجهه بيت لکيا جيڪي مقبول ٿيا. ائين محدود پيماني تي هڪ شاعر طور سڃاڻ ملي. ان کان اڳ واري ڪاليج مخزن ۾ قادر بخش بڪڪ نالي ڪنهن شاگرد جو مضمون شايع ٿيو هو. ان مضمون جي ٻوليءَ جو ڏاڍو چرچو هو. سائين احسان بدوي مرحوم سان ته اسين پهرين ڏينهن کان ئي نه ٺهياسين. باقي مرحوم پروفيسر اياز قادري جون اسان پارن ڏنگن شاگردن تي بيپناهه شفقتون هيون. هو لاجواب انسان ۽ بهترين استاد هو. انهيءَ قادر بخش بڪڪ جي مضمون جي ڪوهستاني لهجي جي تز واهپي جي ڳالهه ڪندي، بڪڪ صاحب جي انداز کي ”سير ڪوهستان“ جي ليکڪ جي ٻوليءَ سان پي ڀيٽيو. پر افسوس جو وڙول جي باوجود همراهه سان ملاقات نه ٿي سگهي. هو شايد ريگيولر ڪلاسز اٽينڊ نه ڪندو هو يا ڪندو هوندو ته اسان واري شرارتي عاشق مزاج ۽ شيطاني ٽولي کان ڌار هو. اهو ئي سبب هو جو مضمون جي شهرت جي باوجود ساڻس ملاقات نه ٿي سگهي ۽ پوءِ ڊگهي عرصي کان پوءِ جڏهن 1983ع ۽ 1986ع ۾ ساڻس مختصر ملاقاتون مرحوم فقير محمد لاشاري ۽ محمد عرس ملاح جي معرفت ٿيون ته، ساڻس ملي ڪاليج واري دور ۾ بي خيالي ۾ ڏٺل سندس اڻ لکائتو خاڪو ذهن ۾ جاڳي پيو. قد جو پورو پنو، بت ۾ ڀريل، جانٺو جوان، چهري تي سنجيدگي، گفتگوءَ ۾ ڌيرج ۽ باڊي لينگئيج ۾ ايڏي پختگي ۽ اعتماد ۽ نمرتا جو نه ڀانءِ ته سندس خاڪي کي ڪهڙا رنگ ڏجن ۽ ڪنهن سان ڀيٽ ڏجي.
    هن سان ملي خبر پئي ته هن واري پاليٽڪس اسان واري ئي هئي. پر هن جي سياسي ساڃاهه ۽ ڪارڪردگي جو دائرو ڪراچيءَ جا مسڪين ماڻهو ۽ انهن جون قديم وسنديون هيون. جن کي ٻاهران لوڌ جي آيل ڪيئي حيلا بهانا هلائي يا ته مسمار ڪري رهيا هئا يا کين اتان تڙي ڪڍڻ جي ڪوششن ۾ هئا ته، جيئن شهر مان هلي ويل سنڌي هندن جي جائدادن ۽ جاگيرن تي قبضي کانسواءِ، ڪراچيءَ شهر جي اندر ۽ ڀرپاسي ۾ رهندڙ مسڪين ماروئڙن جا پراڻا پڍ اصلي وارثن کان کسي پاڻ ان جا مالڪ بنجن.“
    قادر بخش بڪڪ نه رڳو ذات ۽ برادرين ۾ ڪو فرق نه رکندو هو پر سندس خدمتن، محبتن ۽ شفقتن واري ”دين“ ۾ ڪنهن به مذهب جو قيد ۽ شرط نه هوندو هو. سندس لاءِ هندو، مسلمان، عيسائي... سڀ هڪ جهڙا مستحق هوندا هئا.
    گلزار شفيع بڪڪ پنهنجي مضمون، ”هر دل تي نقش...“ ۾ پڻ ان پاسي ڏانهن اشارو ڪندي لکيو آهي ته، ”مان ۽ ٻيا سندس ڪارڪن ساڻس گڏجي هڪ علائقي حسن ڪالوني وياسين. جيئن ئي اتي پهتاسين ته اتي جا ماڻهو کيس ڏسندي ئي پري کان ڊوڙندا آيا ۽ اچڻ ساڻ کيس ڀاڪر پائي هٿ ملائڻ لڳا. پر اسين ٻيا جيڪي ادا سائينءَ سان گڏ آيا هئاسين، انهن سان ڪنهن به هٿ نه ملايو. پوءِ اهي ماڻهو ڪرسيون ۽ هڪ ميز کڻي آيا جيڪا انهن ادا قادر بخش بڪڪ صاحب جي اڳيان رکي ۽ پوءِ اهي چانهه بسڪيٽ ۽ ڪيڪ وغيره کڻي آيا جيڪي انهن ميز تي رکيا. اسان ڏٺو ته رڳو هڪڙو ئي ڪوپ هو جنهن ۾ انهن چانهه ڀري ادا سائينءَ کي ڏني جيڪا وٺي هو پيئڻ لڳو. اسين ساڻس گڏ آيل سڀئي حيران ۽ وائڙا هئاسين ته اسين به ته ادا سائينءَ سان گڏ آيا آهيون. چانهه وغيره ته ٺهيو انهن ته اسان سان هٿ به نه ملايو آهي اهو ڇا آهي؟ ڪهڙي ماجرا آهي!
    ادا قادر بخش انهن سان ڳالهائڻ، سندن مسئلا ٻڌڻ ۽ حل ڪرڻ ۾ محو ٿي ويو. واپسي ۾ جڏهن اسان هن کان اها ماجرا معلوم ڪئي ته چوڻ لڳو، ”اهي سڀ ئي عيسائي خاڪروب آهن! ڇا اوهين انهن سان هٿ ملايو ها! انهن جي آندل چانهه پيئو ها؟“ پوءِ پاڻ ڏکارو ٿي چوڻ لڳو، ”انهن ويچارن جي تڪليفن ۽ مشڪلاتن جو ته ڪو ڪاٿو ئي ناهي“. پوءِ اسان کي نصيحت ڪرڻ لڳو ته، ”بابا، ماڻهوءَ کي ماڻهو ئي سمجهو، هندو مسلم ۽ عيسائيءَ جي ورڇ نه ڪريو، غريبن جي پارت اٿو.“
    قادر بخش بڪڪ ڄڻ سائين بلهي شاهه جو پوئلڳ هو ته،
    ڇڏ جهڳڙا مسجد مندر دا
    گهن طور طريق قلندر دا.
    (بلهي شاهه سائين)
    غير معمولي ذهين، اولياءَ صفت، صوفي منش قادر بخش بڪڪ، جنهن لاءِ محترم فقير محمد لاشاري پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته، ”قادر بخش بڪڪ دنيا داري نباهيندي هڪ درويش صفت شخص هو. جيڪا ڳالهه ڏاڍي ڏکي ۽ ورلي آهي. ڪنهن کي ڪو ڪم ڪار نه هجي ۽ سٺيون ڳالهيون چوي سا ڳالهه اهميت نه ٿي رکي. ڳالهه آهي تتي ٿڌي ۾ ڪاهڻ جي باوجود قادر بخش جي مزاج ۾ اهڙيون صفتون هيون جيڪي بلاشڪ اعليٰ چئجن ٿيون.“
    قادر بخش بڪڪ نوجوان، ذهين، خوبصورت، اعليٰ تعليم يافته، پوليٽيڪل سائنس، اڪنامڪس ۽ انٽرنيشنل رليشنس ۾ پوسٽ گريجويٽ ۽ لا گريجوئيٽ هو. جنهن وٽ دنيا جي تاريخ ۽ تهذيب جي ايڏي وڏي ڄاڻ ۽ معلومات هئي، جو جڏهن هو پنهنجي پياري گنڀير، نرم ۽ ملائم آوزا ۽ لهجي ۾ ڳالهائيندو هو ته، ڄڻ ڪائنات هم تن گوش ٿي ويندي هئي ۽ ٻڌندڙ حيرت زده ٿي کيس ٻڌندا هئا. سندس علم جي پالوٽ ۾ ڀڄندا، سرشار ۽ سرسبز ٿيندا رهندا هئا.
    ڪَنُ ٿِي ڪَيچِين ڪُڇيو، ڪُڇُ مَ ٿا ڪُڇَنَ
    اِشارتون اُن جَون، سُڪُو تَان سُڄَنَ
    وٽان ويهي تِنِ، سُڻُ ته سوز پرائين.
    (شاهه رح)

    سندس ڪچهرين مان ماڻهو وڏا فيض پرائي اٿندا هئا، جن ۾ ماڻهن کي پنهنجي ذات جي سڃاڻ ۽ حق جي ساڃاهه ملندي هئي. ايڏو مهان ماڻهو ائين اوچتو ئي اوچتو ڪمهلو هليو وڃي ته، اهو نقصان ۽ هاڃو رڳو سندس گهر ۽ ڪٽنب جو ئي ناهي، پر سڄي سنڌي قوم جو نقصان بلڪه قومي سانحو آهي.
    محترم فقير محمد لاشاري چوي ٿو ته، ”مون کي اهو مفروضو سمجهه ۾ نه آيو ته ڀلوڙ ماڻهو ائين اوچتو بنا اطلاع ڏيڻ جي، موقعي مهل جي ضرورت ۽ خيال کان لاپرواهه ٿي تڙ تڪڙ ۾ ايترو پري ڇو هليا ويندا آهن. سو به سوچڻ کانسواءِ ته پٺيان ڪهڙي ڪربلا ٿيندي؟ قادر بخش بڪڪ جهڙوڪر عملي سمجهاڻي ڏئي ويو اٿم ته، هو ڊارون جي ارتقائي نظرئي جي هڪ قانون Survival of the fittest (ڏاڍو سو گابو) جي ڊوڙ ۾ حصو وٺڻ کان انڪار ڪري ٿو. هن پنهنجي محبت ۽ خلق جي خدمت جي ذريعي جيئڻ ٿي گهريو.
    هو ٺونٺيون هڻي زور زبردستي سان اڳ ڪڍڻ جي خلاف هو. پنهنجي جيئڻ لاءِ ٻين جي جياپي تي ڌاڙ ڪرڻ بدران، پنهنجي حياتيءَ جون گهڙيون ٻين کي خوش ڪرڻ جي حوالي ڪري هن پاڻ تي ڪا به ميار رکڻ نه گهري، جيئڻ جو هن پنهنجو هڪ خاص ڍنگ قائم ڪيو. ٻين کي مان ڏيڻ، ٻين کي اهنج ۾ ڪم اچڻ، ٻين جون بيواجبي ڪاوڙون سهڻ ۽ مٿن ڪاوڙ ڪرڻ وارن جي وڌيڪ ڪم اچڻ، جهيڙن فسادن کي ٽارڻ ۽ هر هڪ کي پنهنجائپ ڏيڻ اهڙا ڪم آهن، جن ۾ قادر بخش بڪڪ ڪڏهن به ڪوتاهي نه ڪئي.
    قادر بخش بڪڪ دنيا کي امن، پيار ۽ پنهنجائپ سان رهڻ جو نياپو ڏئي ويو. پر کيس ائين هليو نه وڃڻ کپندو هو. شايد کيس ٻين جي سڀني تڪليفن جو احساس هيو پر اهو نه سمجهيائين ته سندس ائين بي مهل هلئي وڃڻ سان ڪيترين دلين تي ڪاتيون وهي وينديون.
    محترم تاج بلوچ صاحب چوي ٿو ته، ”سندس وفات جو ٻڌي آئون حيدرآباد مان آيو هئس ۽ سندس ڪانڌپي ۾ آيل ماڻهن جي اشڪبار انبوهه دل ڏاري ڇڏي هئي، شام غريبان جو منظر هو.“
    شير محمد کهاوڙ صاحب چوي ٿو ته، ”اهو 2 فيبروري 1988ع جو اڀاڳو ڏينهن هو، جڏهن دردمند دل رکندڙ سنڌ جو هي دادلو فرزند هميشه لاءِ ڌار ٿي ويو هو. سندس وفات جي ڏينهن حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ ۾ ڄڻ ڪو زلزلو يا قيامت آئي هئي. هر طرف روڄ راڙو هو. 20 سالن پڄاڻا جڏهن آئون کيس ياد ڪري رهيو آهيان ته منهنجي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو آهي.“
    صديق منگيو صاحب چوي ٿو ته، ”هي جهان مانجهاندي جو ماڳ آهي. انسان جي مٽي ڀور آهي جيڪا اوس ڀرڻي آهي. هتي ڪوبه رهڻو نه آهي هر ماڻهو پنهنجي حصي جو ٿڪ ڀڃي موٽڻو آهي. پر پيار ۽ پنهنجائپ جي آوي ۾ پڪل ڪي اهڙا جيءَ جيارا ماڻهو به هوندا آهن، جيڪي پنهنجي سورن جي ڳنڍ پاسي تي رکي ٻين لاءِ سوچيندا ۽ لوچيندا آهن. اهي پنهنجي جيون مند ۾ جيڪو پوکيندا آهن ان جي لاڀ کان اڳ ئي وڇڙي ويندا آهن.
    اڄ قادر بخش بڪڪ اسان وٽ ڪونهي پر سندس يادون سينن جي لاڪرن ۽ اکين جي اوطاق ۾ اڄ به محفوظ آهن. جيستائين هن جهان ۾ هڪ به سچي انسان جو وجود آهي، قادر بخش مرڻو ناهي. مون وٽ لاکيڻي لطيف جي هن بيت کان سواءِ کيس ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي.
    لڏيو لطيفن، پلاڻي پنڌ پيا
    هٿان حبيبن، ڪڏهن ڪونه ڏکوئيو.“
    حضرت دائود عليه السلام فرمايو آهي ته، ”جيڪي ماڻهو زندگيءَ کي هڪ مقدس فرض سمجهي گذارين ٿا اهي ڪڏهن به ناڪام نه ٿا ٿين.“ گلزار شفيع بڪڪ صاحب پنهنجي مضمون ۾ لکيو آهي ته، ”ادا قادر بخش بڪڪ صاحب جنهن وقت گذاريو هو، ان وقت آئون ساڻس گڏ هئس ڏينهن جو تقريبن هڪ وڳي ادا وفات ڪئي. سندس وفات جي خبر جهنگ ۾ باهه جيان پکڙجي وئي. هونئن جڏهن به ڪو ماڻهو مرندو آهي ته ان جا عزيز دوست ۽ مائٽ مٽ واسطيدار ماڻهن کي اطلاع ڪندا آهن. پر ادا جي وفات جي خبر بلڪل جهنگ جي باهه وانگيان پکڙجي وئي هئي. جنهن هزارين دلين کي ڏک، ماتم ۽ صدمي ۾ ساڙي رک ڪيو هو. جنهن به ٻڌو ان پنهنجي اوڙي پاڙي کي ٻڌائي ڇڏيو. اسين جيڪي سندس ويجها مائٽ، دوست، عزيز هئاسين، انهن کي ته ان مهل ڪنهن ڳالهه جو هوش نه هو، خبر ئي نه ٿي پئي ته ماڻهن جو اهو سمنڊ ڪٿان اٿليو آهي، هر طرف دانهون، ڪوڪون ۽ رڙيون هيون. ماتم ۽ روڄ راڙي جو هي نظارو اسان اڳ ڪٿي به نه ڏٺو هو، اسان ڪنهن کي به نه ٿي سڃاتو ته ڪير آهي هر قوم ۽ هر مذهب جا ماڻهو اچي پهتا هئا ۽ سندس موت تي واڪا ۽ رڙيون ڪري رهيا هئا. سندس ديدار ڪرڻ لاءِ ماڻهن جون وڏيون قطارون هيون. سندس جنازي کي قبرستان تائين پهچڻ ۾ الائي ڪيترا ڪلاڪ لڳي ويا. جيڪو سندس گهر کان بلڪل ويجهو هو. جڏهن کيس لحد ۾ لاٿو ويو ته مون کي ويساهه ئي نه ٿي آيو ته هي جسم ڪو بي جان جسم آهي. الله سائين سندس مغفرت ڪري. سچ به جيڪي ماڻهو پنهنجي زندگي ماڻهن جي خدمت لاءِ وقف ڪندا آهن، اهي ڪڏهن به نه مرندا آهن سدائين جيئرا رهندا آهن. اسان جي علائقي جا سڀيئي ماڻهو پوءِ ڀلي ڪهڙي به قوميت ۽ مذهب سان واسطو رکندا هجن. اڄ به يعني 20 سالن کان پوءِ به سندس نالو وٺڻ سان روئي ڏيندا اهن ۽ ڪنهن لاءِ لڙڪ لاڙڻ معمولي ڳالهه ناهي هوندي تڏهن ئي ته ماڻهو اڄ به اهو نعرو هڻن ٿا ته، ”هر دل ۾ نقش، قادر بخش قادربخش.“
    نصرت لاشاري پنهنجي مضمون ۾ لکيو آهي ته، ”هڪ ڏينهن ڪنهن اچي ٻڌايو ته قادربخش صاحب گذاري ويو آهي! مون کي ياد آهي اهو ڏينهن، ان ڏينهن حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ جي ڪنهن به گهر ۾ ڪني نه چڙهي هئي، هر اک آلي ۽ دل اداس هئي. زندگي بيوفا ڪنهن سان وفا ڪئي آهي؟ پر قادربخش بڪڪ صاحب جو اوچتو موڪلائڻ سوين دلين کي درد ڏئي ويو. مون ڪيترا ڀيرا بابا (ف.م لاشاري) کي قادربخش بڪڪ صاحب لاءِ ڏوکويل ڏٺو. هن ماڻهن سان ايتريون ته نيڪيون ڪيون جو ماڻهو کيس وساري ئي نٿا سگهن.
    قادر بخش بڪڪ صاحب پنهنجي حيثيت ۽ وت کان وڌيڪ پاڻ ارپڻ واري جذبي سان ايڏو ته ڪم ڪري ويو آهي جو ڪراچيءَ جو چوڌاري آباد سنڌين جا ڳوٺ سندس ئي ڪري اڄ به آباد آهن. اهڙن خوشبوءِ جهڙن اندر جي اجرن ماڻهن لاءِ ئي شايد ڀٽ ڌڻي بادشاهه چيو آهي، ”ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.“
    قادر بخش بڪڪ جي پهرين ورسي (2 فيبروري 1989ع) تي هلال پاڪستان اخبار ۾ لکيل پنهنجي مضمون، ”توکي ساريندي سپرين“ ۾ محترم فقير محمد لاشاري صاحب لکيو آهي ته، حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ جي رونق کي گم ٿيئي اڄ سال پورو پيو ٿئي. قادر بخش جي هلئي وڃڻ کانپوءِ جيڪا اٻاڻڪائي پيدا ٿي، سا اڃا ختم نه ٿي آهي بلڪه ان مختلف شڪليون ورتيون آهن. هيڏو سارو خال ڪيئن ڀرجي! ڪو ماڻهو قادر بخش بڪڪ ٿي پوي ته اها ننڍڙي ڳالهه ناهي ۽ قادربخش بڪڪ اڻ مندائتو سڀ ڪم ڪاريون رڻ ۾ رولي هليو وڃي ته اها به ڪا معمولي ڳالهه ڪانهي.
    سٺو ماڻهو پنهنجي وجود سان شعوري توڙي غير شعوري طرح ننڍن توڙي وڏن نقصانن کي روڪي ٿو. قادر بخش بڪڪ جو ڇڏيل خال بڪڪ ڳوٺ ۾ بلڪل واضح آهي. زندگي موجود آهي، جايون ڀتيون، وڻ، هوا، پکي، پکڻ سڀ آهن، تعداد جي لحاظ کان ماڻهن جي به اڻاٺ ڪانهي پر جيڪو پيار ڪراچي شهر جي هن ڪنڊ ۾ موجود هو سو ناهي! قادر بخش جا ڀائر پروفيسر رسول بخش، انجنيئر محمد بخش ۽ مولا بخش به ڏاڍا قربائتا مڙس آهن. نهايت ڀلا ماڻهو. راڄ وارن هڪ ٻئي شخص کي ڪائونسلر بنائي، ڪائونسلر وارو خال ڀريو آهي.
    ڌنڌا کفا به هر ڪنهن جا هلي رهيا آهن ڪو به اڙيو نه ٿو رهي. پوءِ به هڪڙو پختو احساس ڳوٺ جي ننڌڻڪائي جو موجود آهي، ۽ اهو اسان جي هن يار جي وڃڻ سان ٿيو آهي.
    اڳي سڄي ڳوٺ جي طرفان قادربخش سوچيندو هو، هاڻي هر ڪنهن کي خدشا آهن.
    قادربخش ڳوٺ وارن لاءِ، پنهنجن پراون لاءِ، جنهن کي به اڙيل ڏٺائين، تڪليف ۾ ڏٺائين، هٿ وڌائيندو هو. اهڙو چشمو جتان هر اڃايل پوءِ اهو ڪير به هجي اڃ اجهائي سگهندو هو.
    خلق جو بنيادي مسئلو هي آهي ته ان کي خاطري کپي. ٻين لفظن ۾ ضمانت کپي، احساس جي ضمانت، ڪنهن همدرد دوست جي موجودگيءَ جي ضمانت، ڀلي ان وٽان ڪجهه به نه ملندو هجي، پر اها پڪ هجي ته هن شخص جي هوندي اڪيلائپ محسوس نه ٿيندي ته اهو تمام وڏو آٿت آهي.
    قادر بخش جي وڃڻ جيڪو خال پيدا ڪيو آهي سو ڇو نه ٿو ڀرجي؟ اهو هڪ ڌار سوال آهي.پروفيسر ڊاڪٽر رسول بخش، انجنيئر محمد بخش ۽ مولابخش ۽ ٻيا سڌا سنوان سچا ماڻهو آهن. ڏاڍو پيار ڪندڙ، گهٽ ۾ گهٽ مون کي قادر بخش جي کوٽ محسوس ڪرڻ نه ڏني اٿن. پر اصل کوٽ جيڪا پنهنجي جاءِ تي آهي سا آهي قادر بخش جي کوٽ. قادربخش جي کوٽ ان ڪري آهي جو هن پنهنجي جاءِ پاڻ ٺاهي هئي. قادربخش پنهنجي جاءِ قبضي جي پلاٽ تي نه ٺاهي هئي. هن جي ذهن ۽ روش ۾ محبتن جا جيڪي باغ هئا، تن جون چڪيون هن پاڻ پوکيون هيون. هرڪو ماڻهو پنهنجي جاءِ پاڻ پيدا ڪري ٿو. هاڻي قادر بخش پنهنجي پاڻ پيدا ڪيل جاءِ خالي ڪري هليو ويو، سا جاءِ ڪو به ٻيو ماڻهو ڪٿان ڀريندو! جيستائين وس پهتو تيستائين جاءِ ڀري وئي. قادربخش جي وفات سان ڪائونسلر جي جاءِ خالي ٿي ته اها ڀائرن گڏجي ڀري ڇڏي. هو جنهن گهر ۾ هو اتي به خير سان ٻيا گهرڀاتي آهن، هو جيڪو کاڌو کائي ها، اهو کاڌو کائڻ لاءِ به ماڻهو آهن. پر هو پنهنجي نيڪ نيتي، ساٿ ڏيڻ ۽ نباهڻ، هر ڪنهن جو هڏ ڏوکي ۽ ڪل وقتي سماجي ڪارڪن هجڻ جي حوالي سان، خلق سان جيڪو رشتو جوڙي ويو، ان رشتي جو خال ڪٿان ڀرجي سگهندو!
    ياد ٿو اچيم ته جڏهن پاڻ ڪائونسلريءَ جي چونڊ جي مهم هلائي رهيو هو، تڏهن سندس ڪنهن ڪارڪن هڪ ڌر جي ماڻهن خلاف ڳالهايو ۽ چيو ته، ”انهن جي خلاف پنهنجا ماڻهو به فلاڻي يا فلاڻي پروپئگنڊا هلائين. مون ڏٺو ته قادربخش کي اها ڳالهه صفا نه وڻي. پر اها به حقيقت هئي ته ڳالهه ڪرڻ وارو سندس حمايتي ڪارڪن هو. عام حالتن ۾ پنهنجي حمايتي ڪارڪن سان سو به چونڊن جهڙي عمل ۾ ڇينڀ نه ڪڍبي آهي. هن پيار واري انداز ۾ کيس منع ڪئي پر مون ڏٺو ته سندس اهو انداز هو به فيصلي وارو، ”ياد رکي ڇڏيو چونڊن کي دشمنيون وڌائڻ جو ذريعو بنجڻ نه ڏبو، اليڪشن کٽڻ لاءِ ڪا به ڪريل حرڪت ناهي ڪرڻي، ڪو ٻيو گند ڪري ته ان کي ڏسي پاڻ به گند ڪريون ائين نه ٿيندو!“ لڳ ڀڳ اهي لفظ هئا قادر بخش جا ۽ پوءِ هن همراهه کي توڙي ٻين کي به ٻڌائي ڇڏڻ ۽ قائل ڪرڻ لاءِ قادربخش ڳالهايو ۽ ڪنهن به ذهن ۾ ان ڳالهه متعلق ڪو مونجهارو رهڻ نه ڏنائين.
    قادربخش وٽ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ڳوٺن جي، ورهاڱي کان پوءِ ٿيندڙ لاڳيتي تباهيءَ جا وڏا احوال هئا. وٽس ان قصي جا سڀ تفصيل هئا. جنهن جي شروعات ۾ ڪراچيءَ جا سنڌي ڳوٺ سکيا، ستابا، مالوند ۽ ٻني ٻاري وارا هئا ۽ قصي جي هاڻوڪي ماڳ ۾ اهي مال، ٻني ٻاري ۽ گهرن گهاٽن ڇا ڳوٺن کان وانجهجهي چڪا آهن، بيمار آهن، بي روزگار آهن، جهيڙوڪار آهن، ڏينهن راتيون گهرن ۾ جهيڙا ڪن ٿا، وٽن زندگيءَ جو ڪو جواز نه رهيو آهي، وٽانئن زنده رهڻ جا سبب کسجي چڪا آهن. قادربخش انهن ماڻهن لاءِ آسرو ۽ اميد هو ۽ وڏي ڳالهه ته مايوس به نه هو. سنڌي ماڻهن جي مستقبل ۾ قادربخش جو ويساهه ڪڏهن ته ايڏو گهڻو هوندو هو، جو ان جا ظاهر سبب به سمجهه ۾ نه ايندا هئا. ايترو سو سمجهندو هئس ته معصوم ماڻهوءَ جو ويساهه پنهنجي جاءِ تي سگهاري حقيقت هوندو آهي. اها حقيقت ۽ اها ضمانت، پنهنجي ماڻهن جي لاءِ اها خاطري، جيڪا قادربخش جي روپ ۾ حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ ۾ موجود هئي سا هاڻي هتي ڪانهي، پر اهو به سچ آهي ته اها حقيقت هتي هئي! هڪڙي شيءِ هئي ۽ اها شيءِ ڪانهي. انهن ٻن حقيقتن جو سچ، محسوس ڪرڻ جي شيءِ آهي. ان کي بيان نه ٿو ڪري سگهجي.“ ”وڃڻ ويل سندس آخري سفر پڻ حيرت جهڙو ۽ نهايت عجيب طرح جو هو، ڪيترن ئي ماڻهن کي سندس وڃڻ واري صدمي سبب هارٽ اٽيڪ ٿيا. ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجا مٿا ديوارن سان ٽڪرائي ڦاڙي ڇڏيا، جن جي رتن جا نشان ڪيتري وقت تائين سندس گهر، اوطاق ۽ آفيس جي ديوارن تي هئا. روئڻ ۽ ماتم ڪرڻ جو اڻ ويساهه ڏيندڙ حيرت ناڪ اهو انداز، اڄ تائين ڪنهن جو ڏٺل ۽ ٻڌل ناهي نه هو. جو سندس اوچتي وڃڻ جو ٻڌي هزارين ماڻهو ديوانه وار سندس گهر پهتا ۽ مايون، مرد، ٻار سڀ ئي پنهنجا مٿا ۽ گوڏا ايڏي ته زور سان سٽي رهيا هئا، جو سٽڻ جي زوردار آوازن ۾ روئڻ جو شديد آواز دٻجي ويو هو. الائي ڪيتري دير تائين اهو سٽڪن جو هل ۽ آواز زمين ۽ آسمان ٻوري رهيو هو.
    سندس ديدار مهل الائي ڪيترا ماڻهو سندس خوبصورت نوراني ۽ دلدار چهرو ڏسي، سندس جنازي جي چوڦير ڦري پاڻ کي گهوري ۽ صدقو ڪري رهيا هئا، ۽ رڙيون ڪندي چئي رهيا هئا ته، اسان جي جان وڃي ۽ هي زنده ٿي پوي. ڪيترائي نوجوان سندس قبر ۾ ليٽي/ سمهي پيا هئا ته سندس بدلي ۾ اسان کي دفن ڪريو!
    رات جو ٻين وڳي سندس آخري سفر پورو ٿيو هو. سندس چهرو نور جا تجلا ڏئي رهيو هو. ڪنهن چيو ته، ”بتيون ڪٿي آهن؟ پري کان آيل ماڻهو ديدار ڪرڻ ٿا چاهين.“ ته ان وقت ڪي.ايم.سي جو اپوزيشن ليڊر ۽ هاڻوڪو گڏيل قومن ۾ ملڪ جو مستقل نمائندو عبدالله حسين هارون صاحب ۽ ڪائونسلر صديق راٺوڙ صاحب روئندي چوڻ لڳا. ”بتين جي ڪهڙي ضرورت آهي ! اسان جي يار جو چهرو ته چنڊ جيان چمڪي رهيو آهي.“
    قبرستان ۾ به ڪيتري دير تائين سندس ديدار جو سلسلو جاري هو. کيس دفن ڪرڻ لاءِ ڪنهن جي به دل نه ٿي چاهيو.
    سندس آخري سفر ۾ لکين ماڻهو شريڪ ٿيا هئا جن ۾ عالم سڳورا پڻ شامل هئا انهن ٻڌايو ته اسان جنازي کي ڪلهو ڏيندي ڪيترن جنن ۽ فرشتن کي به ڏٺو هو جيڪي پڻ ڪلهو ڏئي رهيا هئا. رات جو سندس جنازي سان گڏ پکي به اڏامي رهيا هئا، جن لاءِ مشهور آهي ته اهي رات جو نه ٿا اڏامن جتان جتان به سندس جنازي جو سفر هو اتان گهرن جي ڇتين ۽ گيلرين مان عورتون گلاب جا گل ۽ عرق گلاب ڇٽي رهيون هيون ۽ ٻارڙا آڌيءَ رات جو به روئندي رڙيون ڪندي، سندس جنازي کي سلامي ڏئي رهيا هئا. جنازي جي مٿان پيل ڇاڙن، اجرڪن، شالن ۽ هارن جو ته ڪو شمار ئي نه هو ۽ گهر ۾ ڪانڌپي جي موقعي تي ۽ فاتحه لاءِ هر مڪتبه فڪر، پارٽي، فرقي ۽ مذهب سان واسطو رکندڙ ماڻهو آيا هئا. جن ۾ پير سائين پاڳارو، سيد جلال محمود شاهه، سيد زين شاهه، سيد غلام شاهه، سيد قائم علي شاهه (موجوده وزير اعليٰ سنڌ)، ممتاز علي ڀٽو (جنهن سندس والد سيٺ علي محمد بڪڪ سان تعزيت ڪندي چيو ته، ”هي نقصان رڳو اوهان جو ناهي پر سڄي سنڌ جو نقصان آهي“). عبدالحفيظ پيرزادو (جيڪو پاڻ به گهڻو بيمار هو ۽ دبئي کان آيو هو). شفيع محمد ڄاموٽ، سردار مهر الله مينگل، سردار منير مينگل، سردار گهرام خان مينگل، سردار علي نواز زهري، رسول بخش پليجو، علي نواز ٻٽ، شعبان بخت، اعجاز شاهه شيرازي، اڪبر لاسي، سائين احمد شاهه ذاڪري، سردار احمد گبول، ستار گبول، نبيل گبول، محمد صالح ڀوتاڻي، وڏيرو ملهه خان پالاري، سائين منير شاهه ذاڪري، عبدالحڪيم بلوچ، رسول بخش بلوچ، مولوي نعمت الله، پروفيسر غفور احمد، حسين هارون، الحاج شميم الدين، عبدالله بلوچ، زهير اڪرم نديم، حنيف طيب، صديق راٺوڙ، محسن ڀوپالي، فقير محمد لاشاري، تاج بلوچ، شير محمد کهاوڙ ۽ ڪراچيءَ جا ته اٽڪل هرهڪ پارٽي جا ماڻهو آيا هئا. سياسي پارٽين جي وومين ونگز جون سڀئي عهديدار عورتون پڻ سندس گهر ۾ سندس ماءُ ۽ ڀينرن سان تعزيت ڪرڻ آيو ن هيون.
    لکڻ لاءِ ته قادر بخش بڪڪ تي ڪيئي ڪتاب لکجي وڃن، پر هتي وڌيڪ رڳو لطيف سرڪار جو بيت ڏيندس،
    جکرو جس کرو، ٻيا مڙيئي خان
    مٽي ان مڪان، هئي اصل ايتري.
    ٿامس ڪارلائل جي جڳ مشهور ٿيوري آهي ته، ”هيرو هر دور ۾ پيدا ٿيندو آهي پر ماحول جي ٺاپر، لاتعلقي ۽ لاپرواهي کيس اڀري اچڻ جو موقعو نه ڏينديون آهن. اهڙي ريت نامناسب ماحول سبب هيرو اڻ ڄاتل، اڻ سڃاتل، اڻ ڳاتل هتان هليو ويندو آهي.“
    ڪارلائل جي اها ٿيوري محترم قادربخش بڪڪ جي زندگيءَ تي مڪمل ٺهڪي اچي ٿي. قادربخش بڪڪ هڪ حقيقي هيرو هو جيڪو ساڳين ڪارلائل جي ڄاڻايل سببن جي ڪري سنڌ جي گهڻائيءَ تائين ٻڌجي، سڃاڻپي ۽ ڳائجي نه سگهيو، ۽ ائين ئي اڻ ڄاتل، اڻ سڃاتل ۽ اڻ ڳاتل اهو هيرو هتان هليو ويو.

    وِيو ٻَارَو چَونِڪري، هاڻي ڪَريان ڪِئين
    سِجَ اُلَٿي سِينئن، سَٽُون ڏينديس سُڃَ ۾
    (شاهه رح)

    فيبروريءَ جو مهينو هڪ گهر لاءِ نه، سڄيءَ سنڌ لاءِ سُوءَ (سوڳ) ڀريو ڀاسندو اٿم! 2 فيبروري 1988ع محترم قادر بخش بڪڪ جي وفات جي تاريخ آهي. ائين کڻي چئجي ته اها تاريخ سنڌ جي پيڙهيل، واڙيل ۽ مظلوم سنڌين جي سورن، ڏکن ۽ دردن جي واڌاري جي هڪ نئين تاريخ آهي جنهن بابت کين خبر ئي ناهي ته انهيءَ تاريخ، سندس لاءِ سوچيندڙ، لوچيندڙ، جاکوڙيندڙ ۽ پتوڙيندڙ، ڪيڏي وڏي شخصيت انهن کان کسي آهي!
    کين پتوئي ناهي ته انهيءَ اڀاڳي رات (2 فيبروري 1988ع) ۾ هو انهيءَ شخص کان محروم ٿي ويا آهن، جيڪو سندس لاءِ ڪهڙيون ڪهڙيون روشن راهون ڳوليندڙ، سندس من ۾ سنڌين جي سک ۽ آجپي لاءِ ڪهڙا ڪهڙا واسيل هٻڪاريل ماڳ هئا ۽ پنهنجن ڏکين ماروئڙن جي سک ۽ خوشين لاءِ سندس روشن ماڻڪين ۾ ڪيڏا جرڪندڙ خواب هئا.
    افسوس، اهو تعليم جي زيور سان مڪمل آراسته (ٽرپل ايم. اي ۽ ايل.ايل.بي) انسانيت جي مڪمل تصوير، خوبصورت ۽ ذهين شخص پنهنجي خوابن جي تعبير ۽ مقصد حاصل ڪرڻ کان اڳ، اوچتي سڏ تي تڙ تڪڙ ۾ دنيا ڇڏي هليو ويو. ڄڻ هُتي جن کي به پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ سندس شديد گهرج هئي.
    ڏونگر ڀُونِين ڪِيرَ، سَڄَڻَ مَيخُون ڏُونگرَين
    هَهِڙَا سَيڻَ سُڌِيرَ، ڪِينَ لَهنديئين ڪَي ٻيا.
    (شاهه رح)

    آئون ڄاڻان ٿي ۽ مون کي خبر آهي ته هو ڇا هو! هُو منهنجو وڏو ڀاءُ هو. ڪراچيءَ جا سڀ ئي اصلوڪا رهاڪو ڄاڻن ٿا ته، هو سنڌ جو ڪيڏو سچو سپوت هو، ڪيڏو سنڌين جو گهڻگهرو هو ۽ اهي سندس انهن قولن کان پڻ واقف آهن. جيڪي هو محفلن، مجلسن، ميٽنگن ۽ ڪچهرين ۾ چوندو ۽ ڳالهائيندو ۽ پوءِ انهن تي عمل به ڪندو هو.
    ماڻهوجڏهن ڪراچي جي ترقي ۽ خوشحالي جي ڳالهه ڪندا هئا ته پاڻ ان مهل چوندو هو، اسان کي خوشحال سنڌ نه ٿي کپي! اسان کي سنڌي خوشحال کپن ٿا!“ سندس اهو چوڻ/ قول اڄ به ماڻهن جي دلين تي چٽيل آهي.
    پوءِ به دل چاهي ٿي ته سڄيءَ سنڌ کي ٻاڪارون ڪري ٻڌائجي ته،
    قادر بخش بڪڪ هڪ فرد جو نالو ناهي،
    قادر بخش بڪڪ هڪ مشن جو نالو آهي،
    قادر بخش بڪڪ هڪ تحريڪ جو نالو آهي،
    قادر بخش بڪڪ هڪ روشن ماڳ جو نالو آهي.
    ڇو جو، قادر بخش بڪڪ هڪ بيحد وسيع ذهن ۽ فراخ دل رکندڙ انسان هو، جنهن وٽ هڪ هڪ سنڌيءَ جي آس، اميد ۽ گهرج ائين ساريل هئي، جيئن هڪ ماءُ کي پنهنجي هرهڪ ٻچي جي آس، اميد ۽ گهرج ساريل هوندي آهي.
    قادر بخش بڪڪ پنهنجي سڄي زندگي سنڌين جي سک ۽ خوشحاليءَ لاءِ ارپي ڇڏي هئي. ڪراچيءَ جي هڪ هڪ ڏکايل سنڌيءَ لاءِ پوءِ اهو ڪراچيءَ جي ڪنهن به ڪنڊ ۾، ڪنهن به ڳوٺ ۽ جاءِ ۾ رهندو هجي. هن سڀني غاصبن سان ويڙهه وڙهي هئي، پوءِ اهو غاصب کڻي ڪيڏو به باحيثيت ۽ طاقتور ڇو نه هجي. انهيءَ ڳالهه جي سچائيءَ جا ثبوت ڪراچيءَ جي اهم جاءِ تي واقع کنڊو ڳوٺ جي ڪورٽ ذريعي طاقتور چنبي کان آزادي، ڪلفٽن جي قيمتي خطي ۾ واقع ڀنڊن جي ڳوٺ کي ليز ڏيارڻ يا ماروئڙا ڳوٺ کي وسائڻ ۽ بچائڻ جا چٽا پٽا واضح ثبوت آهن.
    جيئن سچل ڳوٺ ۾ وسيل ماڻهو چون ٿا ته جڏهن شروع ۾ اسين ڪراچيءَ ۾ آيا هئاسين ته، قادر بخش بڪڪ خرچ پيسا ڏئي رهايو هو ته ڪراچي اوهان جي آهي! جيئن اتي جوئي تپيدار شاهد نوح پوٽو چوي ٿو ته جڏهن اسين ڪنڊياري مان ڪراچي آيا هئاسين ته ڏاڍا پريشان هئاسين. پر محترم قادر بخش بڪڪ صاحب اسان جي ڏاڍي مدد ڪئي ۽ هاڻي اسين ڪراچيءَ ۾ خوش ۽ آباد آهيون.
    ڪراچيءَ جهڙي گوناگون ۽ گياپ شهر جي هڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين، وسيل سنڌين ۽ ٻروچن جي هرهڪ ننڍي وڏي تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ، ڏک سک ۾ شامل ٿي سندن مسئلا معلوم ڪرڻ ۽ حل ڪرڻ وارا حيرتناڪ ڳڻ اڄ به ڳاتا وڃن ٿا.
    فيصلن ۽ تقريبن ۾ شرڪت دوران دلچسپ واقعا به ٿيندا هئا جيئن سندس ئي ڳوٺ ۾ رهيل مڱڻهارن جي پاڙي ۾ هڪ غريب ۽ اڌ چرئي جوڙي جي شادي هئي. شادي ڇاڄڻ ته ساراتن ۽ عقلمندن لاءِ هڪ ڀوڳ هئي، جنهن ۾ سندس ڪجهه مائٽ ئي شريڪ ٿيا هئا. اهو جڏهن هُن ٻڌو ته پاڻ اتي پهچي گهوٽ کي هار پارائي، بجار (پوت/ پوئو) ڏئي ساڻن گڏ هيٺ ويهي ڪچهري ڪرڻ لڳو. ڳوٺ وارن جو ٻڌو ته قادر بخش بڪڪ چرين جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيو آهي، ته سڄو ڳوٺ شاديءَ ۾ شريڪ ٿيو ۽ بنا کاڌي پيتي جي گهوٽ کي هار ۽ بجارون ڏئي شاديءَ کي يادگار بنائي ڇڏيائين، جنهن کي ياد ڪري اڄ به ماڻهو خوش ٿين ٿا.
    ائين ئي دڙي (بڪڪ موريءَ) ۾ رهيل بڪڪ برادريءَ جي ڪجهه ماڻهن ۾ هڪ ٻئي سان ناراضگي هئي، جنهن جي ڪري سندن ڏنا ورتا سڱ به رُڪيل هئا. دڙي ۾ ڪنهن تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ ويو ته ماڻهن اتي کيس اها دانهن ڏني. پاڻ ساڻن گڏ اتي وڃي کين پرچايو ۽ رواج موجب ڏنل ڇوڪرين کي پوتيون پارائي، هڪ ئي رات ۾ 19 مڱڻن جون تقريبون ڪرايون، جيڪي الائي ڪيتري وقت کان رُڪيل هُيون. اتي به هڪ نهايت دلچسپ ڳالهه بلڪه ڀوڳ ٿيو.
    ڪوهستان جي ريت مطابق مائرون پنهنجن پٽن جي مڱڻين جون پوتيون ڏاڍن لاڏن، ڪوڏن ۽ شوق مان ٺهرائينديون آهن. جيڪي نهايت خوبصورت ۽ قيمتي هونديون آهن. ڪي ته پوتين تي چانديءَ جو ڪم به ڪرائينديون آهن.
    مطلب اهو ته وڏ گهراڻن جي ڳالهه ڌار آهي پر غريب مائرون به مڱڻيءَ جي پوتيءَ تي وڏا خرچ ڪنديون آهن. پر انهيءَ رات سڀني مائرن پنهنجن پٽن جون پوتيون، بنا ڪجهه پڇ جي سندس هٿ ۾ ڏئي ڇڏيون جن جو تعداد اوڻيهه هو. پوءِ سڀ ئي مائٽ ۽ راڄ وارا ساڻس گڏ هڪ هڪ لاڳاپيل گهر ۾ آيا. جيڪا ڇوڪري جنهن کي ڏنل هئي ان کي مائٽن جي موجودگيءَ ۾ پوتي پارائيندو ويو. ڏاڍيون خوشيون ۽ مبارڪون ٿي ويون. پاڻ ته انهيءَ رات ئي ڪراچي موٽي آيوپر ٻئي ڏينهن دڙي ۾ صبح کان وٺي ڏاڍا خوشيءَ وارا ڀوڳ ٿيا! مائرون پاڻ ۾ ٽهڪ ڏيو پيون چون ته، ”منهنجي پٽ جي پوتي سٺي هئي جيڪا فلاڻي جي پٽ جي نالي تي پئجي وئي.“ وري کليو چون، ”هڪ ئي وقت ۾ سندس هٿ ۾ سڀ ئي پوتيون هيون، پوءِ جيڪا جنهن جي قسمت ۾ آئي، پوتي گهوري منهنجي ننهن ته مون کي ملي!“
    اڄ اهي ڌيئرون جن تي هُن پوتيون وڌيون هيون پاڻ مائرون آهن، اها ڳالهه ياد ڪري کلي پونديون آهن، ۽ وري کيس ياد ڪري روئي پونديون آهن.
    ڪراچيءَ ۾ وسندڙ هر سنڌي ۽ ٻروچ مرد، عورت ۽ ٻار ٻچو سندس حساب ۽ ڳڻپ ۾ هو. وٽس ڪراچيءَ جي تقريباً سڀني مقامي نوجوانن جي نالن، تعليم ۽ اهليت جون لسٽون هيون، جن جي نوڪرين ۽ روزگار لاءِ وٽس وڏا پروگرام ۽ پلان هئا.
    کيس خبر هئي ته ڪراچيءَ جي پراڻين وسندين شير شاهه، هارون آباد، ماڙيپور، ريڪسر، حسن اوليا وليج، ڪراچي جي لس ٻيلي، گوليمار ۽ لالوکيت جي قديمي ڳوٺن، صفوران، سونگل، موکي، ملير، گڏاپ ۽ ٻين سنڌي وسندين ۾ ڪهڙا مسئلا ۽ ڏکايون آهن!
    جڏهن کيس ماڙيپور جي سنڌي عورتن سندس جلسي ۾ شريڪ ٿي روئي پاڻي نه ملڻ جون دانهون ڏيندي ٻڌايو هو ته، ”اسين ميلن جا ميل پنڌ ڪري پاڻي آڻينديون آهيون جنهن دوران ڪيترين جا حمل به ضايع ٿي ويا آهن. اهو ٻڌي پاڻ تڙپي پيو ۽ نهايت جذباتي ٿي روئي ڏنائين. ساڻن واعدو ڪيائين ته، پاڻي اوهان کي ضرور پهچائيندس!
    هرهڪ علائقي ۾ ترقياقي ڪم ڪرائڻ يا پاڻي پهچائڻ، هڪ ماڻهوءَ جي ذاتي اختيار ۽ وس کان ٻاهر هوندو آهي. تنهن هوندي به قادر بخش بڪڪ هر ممڪن هڙان ۽ وڙان ڪوششون ڪيون ۽ ماڙيپور ۾ لاڳاپيل عورتن جي دانهن جو تدارڪ ڪيو. اتي پاڻيءَ جون لائنون پهچائي ڏنيون ۽ ٻين به ڏکين سنڌي وسندين لاءِ ڪي.ايم.سي ۾ ويٺل پوش علائقن (ڊفينس ۽ ڪلفٽن وغيره) جي ڪائونسلرن کان سندن حصي جا پيسا ائين ورتا ته، ”اوهان وٽ ڪهڙا مسئلا آهن؟ اوهان جا پيسا ته ڦٽ پاٿن کي آئل ڪلر ڪرڻ ۽ اهڙن ئي ڪمن ۾ ڪم ايندا، منهنجا ماڻهو اڃيا ۽ ڏکيا آهن.“ ائين هن نه رڳو پنهنجي ڳوٺ جا پرسڀني سنڌي وسندين جا ڏک هلڪا ڪيا. جتي جا ماڻهو اڄ به کيس هٿ مٿي کڻي دعائون ڪن ٿا ته، ”اسان کي توهان پاڻي ۽ سک ڏنا الله ڪندو ته هُتي خوش ۽ سکي هوندين ۽ بهشت جا جام پيو پيئندين.“ (آمين)
    ”اِني لا اُحُب الا فلين“ يعني، جٽاءُ نه ڪندڙ شين سان منهنجي پريت ڪانهي.
    قادر بخش بڪڪ جو سڄو پورهيو جٽاء دار آهي، ۽ ايترن سالن پڄاڻان به ماڻهن انهن سکن مان فيضياب ٿي رهيا آهن. حضرت دائود عليه السلام فرمايو آهي ته، ”جيڪي ماڻهو زندگيءَ کي هڪ مقدس فرض سمجهي گذارين ٿا اهي ڪڏهن به ناڪام نه ٿا ٿين.“
    سندس ورسيءَ جي مناسبت سان لکيل هي مختصر ۽ ننڍڙو ليک رڳو سندس ياد جو ورجاءُ آهي.
    لَائي جَو وِيا، سَو مَنجهين ٿَو مَچُ ٻَري
    سَو اُجهامي ڪِئان، جنهن جو سَوريندلُ سُپرِين.
    (شاهه رح)

    (قادر بخش بڪڪ، 02 فيبروري 1988ع تي وفات ڪئي).


    ڏاهو، بهادر ۽ ويڄ ڪردار عمر خان بڪڪ (ڀوراڻي)

    سگهاري رُهيل بڪڪ جو پوٽو عمر بڪڪ، جيڪو سوسالن کان مٿي ڄمار ماڻي گذاري ويو. جنهن کي سڄي زندگي ڪنهن بيمار نه ڏٺو، سدائين چاڪ وچوبند، لانچيو پلاڻيو سفر لاءِ اسهيل هوندو هو.

    حياتيءَ جي آخري ڏينهن ۾ به سندس نظر تيز، ڏند مضبوط، ٻڌڻ ۽ سونگهڻ مطلب ته سڀ حسون زنده، حساس ۽ ڪم ڪندڙ رهيون.
    هو عقل جو اڪابر، ڏاهو ۽ ڄاڻو هو. جبل جو ڪو به هنر هن کان ڳجهو ۽ لڪل نه هو. جبل جي خزانن کان واقف بلڪ جبل جي ڪک پن، وڻ وَٽَ (پٿر) جي فائدن، نقصانن، ڳڻن ۽ اَوَڳڻن کي سمجهندڙ ۽ انهن کان بخوبي باخبر هو. ائين کڻي چئجي ته ماڻهوءَ ۽ مال جو ويڄ هو.
    جبل ۾ وَسَ (مينهن جي مند) ۾ وسندڙ خدائي خزانن جهڙي ’ڏٿ‘ کي واپرائڻ ۽ سنڀالڻ جو کيس ڏانءُ هو.
    ڇپر ۾ ٿيندڙ گلن ڦلن، پنن ٻُورن، ولين پاڙن، ڇوڏن ۽ ڇلين جي اهميت ڄاڻندو هو، ۽ انهن مان فائدا وٺندو ۽ ونڊيندو هو.
    پاڻ جسم ۾ نه ٿلهو نه سنهو، بيحد مضبوط ۽ ڪسرتي بدن قد جو گهڻو نه ڊگهو نه بندرو، ڪڻڪائي رنگ واري وڻندڙ شڪل جي عمر خان بڪڪ جي، تندرستي ۽ جسماني بناوٽ ۾ ڪوبه راز نه هو.
    زندگيءَ جو وڏو، بلڪه تمام وقت هن هل هلان ۽ پيرين پنڌ ڪندي گذاريو. وهڻ ڄڻ ته سندس مذهب ۾ گناهه هو. کاڌو به گهٽ کائيندو هو، باقي جي مقابلو ٿئي، جيئن اڪثر جبل ۾ نوجوان مرد گهڻو کائڻ جو مقابلو ڪندا آهن ته، ڏسون ته ڪير ٿو گهڻو گوشت، گهڻو گهه ۽ گهڻي ماکي کائي سگهي؟ اهڙن مقابلن ۾ هو هڪ ئي وقت ۾ سڄاپڪل ڇيلا، گهه ۽ ماکيءَ جا ڪٽورا پي مقابلا کٽي ويندو هو.
    ڄمار جي پڇاڙيءَ واري وقت ۾ کاڌو بلڪل گهٽائي ڇڏيو هئائين. اسان وٽ ايندو هو (امان ۽ بابا جو سڱ ۾ چاچو هو ۽ اسين کيس ڏاڏو چوندا هئاسين). اسين ڏاڍا خوش ٿيندا هئاسين ۽ سڀ کان پهرين کيس کاڌي پاڻيءَ لاءِ چوندا هئاسين ته، چوندو هو، ”ماني ٿوري ڪي گهڻي گهران کائي آيو آهيان. هلاڪي (تڪليف) نه ڪجو.“
    آئون ڏک مان چونديس ته، ”ڏاڏا، سدائين ائين ڇو ٿا چئو؟“ ته مشڪي چوندو هو، ”ابا، پراڻي کَلَ آهي ڦاٽي پوندي ته موچي به سبي نه سگهندا.“ اسين سڀ ئي کلي پونداسين ته خوش ٿي چوندو، ”ها، کلندا رهو، آئون به اوهان وٽ وندر لاءِ ايندو آهيان. کاڌي جو بکيو ڪوبه ڪونهي، فقير کي به عزت سان نه ڏبو ته انهيءَ لاءِ به ٻيا در گهڻا آهن.“ پوءِ جو اچي ڏاهپ جي پالوٽ ڪندو هو ته اصل واهڙ وهائي ڇڏيندو هو. اسان کي وندرائي مالا مال ڪري ڇڏيندو هو.
    واقعا، قصا سڀ منظوم ٻڌائيندو. آئون لکڻ چاهينديس ته لکي نه سگهنديس. ٽيپ ريڪاڊر آڻينديس ته چوندو، ”ڇڏيو بابا، ائين ڳالهين مان رس چس ۽ مزو نڪري ويندو، سڄو ڌيان ايڏانهن هوندو، ۽ ڳالهيون الائي ڪٿي هونديون؟“
    هاڻي ڏک ٿيندو اٿم ته جي ٽيپ ريڪارڊر لڪائي رکان ها ته الائي ڪيترا خزانا محفوظ ٿي وڃن ها!
    تڏهن آئون به ننڍي هيس ۽ عقل به عمر سارو (ڄمار جيترو) هو. هو مومل راڻي جو قصو ٻڌائيندو هو ته جبل جي ڪيئي گمنام شاعرن ۽ سگهڙن جي سوين بيتن سان قصي جي پڄاڻي ڪندو هو. سندس ياد داشت حيرت جهڙي تيز هئي.
    عمر خان بڪڪ سڄي زندگي چانهه نه پيتي ۽ هٿرادو بنايل شربت، ڪوڪ، بيڪريءَ جون چيزون نه کاڌيون. مٺائي وغيره لاءِ به چوندو هو ته، ”جتي بنجن ٿيون اتي جي وڃي ڏسو ته ان ۾ ڇا ڇا ٿا وجهن؟“ وري پاڻ ئي چوندو ته، ”هر شئي ڪوڙي، گهه ڪوڙو، کنڊ ڪوڙي، اٽو ڪوڙو....“
    پاڻ مٺي ۾ رڳو کجور ۽ ماکيءَ کي پسند ڪندو هو. نه ته گهڻو ڪڙين شين سان رغبت هوندي هيس.
    نم جا ڪچا پن ڇني انهن کي گهوٽي پاڻي وجهي، ڪپڙي مان ڇاڻي ٽامي جي ڪٽوري ۾ وجهي پي ويندو هو. پنن، ولين وغيره کي گهوٽڻ لاءِ هو هميشه پٿر جو اکرو استعمال ڪندو هو.
    ڪڏهن هو ننڍي سائيز جا اڇي رنگ جا بصر کڻي، انهن جو کلون لاهي وچ وارو حصو ڪڍي پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي، اوٻاري، ٺاري، ڇاڻي پي ويندو هو.
    ٻي وڏي حيرت جي ڳالهه اها جو ايريال/ پٽ ڪنوار/ رس ول جيڪا سندس ڪراچيءَ واري گهر ۾ پوکيل هئي (اڄ به آهي). ان مان هڪڙو ٽڪرو وڍي ان جي وچ ۾ چاقوءَ سان چيرو ڏئي، ذرو لوڻ جو وجهي مٿي گهرجي ڇت تي رکي ڇڏيندو هو. سڄي رات ماڪ پوندي هيس. صبح جو اٿي نيراني پيٽ اهو ايريال جو ٽڪر کڻي ڇلي، کل لاهي رکو ئي رکو کائي ويندوهو.
    ايريال ايڏي ته ڪڙي هوندي آهي جو ان کي جڏهن چاقوءَ جو هلڪو چيرو به ڏبو آهي ته، ان مان اهڙي تيز ۽ ڪڙي بانس نڪرندي آهي جو ماڻهوءَ جو مٿو ئي ڦري ويندو آهي.
    عمر خان بڪڪ جو هڪ مائٽ ڪراچيءَ ۾ بيمار هو. کيس شگر/ مٺن پيشابن جي بيماري هئي تنهن کي هو پڇڻ ويو، ان جي ڪمزوري ۽ حال ڏسي کيس پار ڏنائين ته، ’روز صبح جو نيراني پيٽ ايريال جو ذرو کائي ڇڏي ته ٺيڪ ٿي ويندو‘هن ماڻهوءَ کان ڪڙي زهر ايريال جڏهن کاڌي نه ٿي ته کيس پاڻ ئي ايريال جو انچ جيترو ذرو ڇلي، جيڪو بلڪل سائي رنگ جي جيليءَ جهڙو شفاف ۽ ٿرڪندڙ هو اهو چمچي تي رکي ڏيندي چيائين ته، ”هي گوريءَ وانگر وات ۾ وجهي هڪدم پاڻيءَ سان ڳڙڪائي ڇڏ.“ بيمار ماڻهوءَ ائين ئي ڪيو ۽ روز هڪ انچ جيترو ايريال جو ٽڪرو هو پاڻيءَ سان ڳوري ڇڏيندو هو.
    قدرت خدا جي اهو شگر جو مريض بلڪل صحتياب ٿي ويو ۽ عام نارمل زندگي گذارڻ لڳو.
    پاڻ هميشه سچو/ اصلي گهه ۽ گهر ۾ پيٺل ڪڻڪ يا چانورن جي ماني ۽ گهر ۾ ڇڙهيل چانورن جو ڀت کائيندو هو.
    ٻڪر جي گوشت سان رغبت هيس. هونئن به جبل وارن جي مرغوب غدا گوشت ئي هوندي آهي. سڄي زندگي ڪوبه نشو نه ڪيائين. بلڪه ڪڏهن چانهه به نه پيتائين. ڪڏهن جي شربت جي طلب ٿيندي هيس ته ماکيءَ ۾ پاڻي ملائي پيئندو هو، يا آمري جو شربت جيڪو گهر ۾ ئي ٺهندو هو اهو پيئندو هو يا وري لسي. ٿانوَ هميشه ٽامي يا ڪنجهي جا استعمال ڪندو هو، جيڪي سدائين قلعي ٿيل، مَليل ۽ چمڪندڙ هوندا هئا. ٺڪر جي ڪُني ۾ ڄميل دهي ۽ ٺڪر جي پاٽ ۾ ماني ۽ ڀت شوق سان کائيندو هو. ڪوپر يا المونيم جي ٿانون لاءِ چوندو هو ته ، ” انهن ۾ کاڌو زهر ٿي ويندو آهي.“ آئون ساڻس چاڳ ڪندي کلي چوندي هيس ته، ”ڏاڏا، اسين ته روز اهو زهر کائڻ جي باوجود جيئرا آهيون!“ مشڪي چوندو هو ته، ”بابا، اوهان کي ته ڄاپندي ئي اهو پزو (ڄاپڻ مهل ٻار جي پهرين خوراڪ) پيو آهي اوهين زهر کي پَيٽاري (زهر پروف) ويا آهيو!“
    پاڻ پاڻي پيئڻ مهل گلاس کان وڌيڪ ٽامي جي ڪٽوري کي ترجيح ڏيندو هو.
    گوشت کائڻ جو شوقين هو. ٻڪر کي پاڻ ئي ڪهي ٺاهي ٽانڊن تي پچائي (سَجي ڪري) کائيندو هو. گوشت وڍڻ جو ايڏو ماهر هو جو چوندو هو ته، ’گوشت وڍڻ مهل ڪات جي ڪابه ضرورت ڪانهي. ڪات هڏين جا ذرا ڪري وجهندو آهي. گوشت وڍڻ لاءِ تکي ڇريءَ جي ضرورت هوندي آهي. کيس گوشت جي هر حصي جي سواد جي خبر هوندي هئي.‘چوندو هو ته، ’گوشت سَنڌن کان ڌار ڪبو ته اهي سورهن ٽڪر ٿي پوندا. يعني کوڊي (ٻڪر يا رڍ) کي سَنڌن کان ڇريءَ سان الڳ ڪبو ته اهي سورنهن ۽ جي سورهن حصن کي وچ مان هڪ هڪ ڇريءَ جو ڌڪ هڻبو ته اهي ٻٽيهه ٽڪر ٿيندا. پاڻ چوندو هو ته، ’کوڊي سورهن سڄا ۽ ٻٽيهه اڌ ٿيندي آهي، ان کان وڌيڪ ٽڪر ڪبا ته اهو ڀور ڀور ۽ بي مزو ٿي ويندو.‘
    جبل ۾ عام طرح هر مرد سجي (ٽانڊن تي گوشت پچائڻ) بنائيندو آهي پر عمر بڪڪ سجي بنائڻ جو ماهر هو، کيس گوشت پچائڻ جو ڏانءُ هو. پاڻ چوندو هو ته، ”گوشت پچائڻ مهل ڪاٺين مان دونهون نڪرڻ نه کپي، نه ئي باهه جي ڄڀين ۾ گوشت پچائجي. گوشت تڏهن پچائجي جڏهن بنڊ ٻري ٽانڊا ٿي وڃن.“ پاڻ دونهاٽيل گوشت اڇلائي ڇڏيندو هو.
    سندس پچايل گوشت مشهور هو. جبل جو ماڻهو سندس پچايل گوشت کائڻ کان اڳ ڏسڻ سان سڃاڻي ويندو هو ته، ’هي عمر بڪڪ جو پچايل گوشت آهي.‘
    سيٺ علي محمد بڪڪ جي گهر ۾ دعوت هئي. شهر جا وڏا وڏا بورچي گهرايل هئا. ڪوهستان جو مشهور ۽ حيرت ناڪ بورچي عيسڪي ٻرو به هو. حيرت ناڪ انهيءَ ڪري جو سندس رڌيل، پچايل کاڌا عجيب انوکي سواد وارا هوندا هئا، مڇي ۽ گوشت کان علاوه دال ۽ ڀاڄي به اهڙي هوندي هئي جو، ٻين جا بنايل پلاءَ به ڇڏي سندس بنايل دال کائجي. پر سَجي بنائڻ لاءِ عمر بڪڪ جي اڳيان عيسڪي ٻري سميت سڀني بورچين ڪنن تي هٿ رکيا.
    دعوت ۾ گوشت پچائڻ جي سڄي زميداري عمر بڪڪ جي مٿان رکي وئي هئي. کاڌن جا ڪيئي قسم هئا جيڪي عيسڪي ٻري جي نگرانيءَ ۾ ٻين بورچين جي حوالي هئا.
    مهمانن ۾ پير سائين پاڳارو، ڄام آف لس ٻيلا ڄام مير غلام قادر عالياڻي، ڄام مير مراد علي جوکيو، نواب رسول بخش مينگل، سردار عطاء الله مينگل، سردار دودا خان زرڪ زئي (زهري)، وڏيرو اميد علي ڀوتاڻي ۽ ٻيون ڪيئي سنڌ ۽ بلوچستان جون اهم شخصيتون شامل هيون.
    اها دعوت سيٺ علي محمد بڪڪ ۽ وڏيري اميد علي ڀوتاڻيءَ جي پرچاءُ واري سلسلي ۾ ٿيل هئي.
    سڀ مهمان آيا. سندن اڳيان کاڌو رکيو ويو. کاڌي ۾ هر چيز لاجواب هئي. پر سڀني پڪل گوشت جي تعريف ڪئي. پڪل گوشت ۾ ٻڪر جون جيراڊيون (ڪليجون)، مُنڍيون ۽ ويڙهيون هيون.
    ’ويڙهي‘ جبل جي ماڻهن جي گڏيل پسند آهي. ’ويڙهي‘ ٻڪر جي آنڊن مان بنائي ويندي آهي. جنهن جو طريقو اهو آهي ته ٻڪر جا سڻڀا آنڊا (چرٻيءَ وارا) ڌار ۽ اڻڀا آنڊا (بنا چربيءَ وارا) ڌار سڄائي، سڄا بنا وڍڻ جي پائيپن وانگر ڌوئي صاف ڪري سڻڀا، چربيءَ وارا آنڊا ڏهه، ٻارهن انچ ڊگها جهلي ان جي مٿان اڻڀا آنڊا ويڙهيا ويندا. يعني مٿان کان هيٺ، هيٺيان کان مٿي ائين ڄڻ تجريدي آرٽ هجي. آنڊن جي آخري ڇيڙي کي مضبوطي سان ڳنڍ ڏبي ته متان کلي اڊڙي پوي. اهڙي ريت ’ويڙهيون‘ ٺاهيون وينديون آهن. پوءِ انهن کي ٽانڊن مٿان رکي پچائي ڳاڙهيون ڪري ڪڍبيون آهن، جن جي سواد ۽ مزي کان اهي ئي واقف هوندا جن اهي ’ويڙهيون‘ کاڌيون آهن. ڪي ته ’ويڙهين‘ جو ٻوڙ به رڌيندا آهن جيڪو پڻ نهايت لذيذ ٿيندو آهي. دعوت ۾ پڪل گوشت ۽ ويڙهيون کائي ڄام مير غلام قادر، سيٺ علي محمد بڪڪ کي چيو، ”مون زندگيءَ ۾ گهڻائي پڪل گوشت ۽ ويڙهيون کاڌيون آهن، پر ههڙو پڪل گوشت ۽ ويڙهيون مون سڄي زندگيءَ ۾ نه کاڌا آهن! مهرباني ڪري مون کي انهيءَ ماهر سان ضرور ملاقات ڪرايو. جنهن هي ڪارنامو ڪيو آهي.“
    جڏهن ڄام مير غلام قادر عالياڻي سان سيٺ علي محمد بڪڪ، عمر بڪڪ کي ملائي ساڻس تعارف ڪرايو ته، ”هي منهنجو ڏور جو چاچو ۽ ڀيڻويو آهي.“ ته ڄام صاحب اٿي ڀاڪر پائي ساڻس مليو ۽ سندس شخصيت کان متاثر ٿيو، ۽ سندس گهڻي تعريف ڪيائين.
    پيشي جي اعتبار کان عمر بڪڪ مال (ٻڪريون ۽ رڍيون) جو واپاري هو. مال جي خريداريءَ لاءِ هوٿر کان انڊيا جو بارڊر ٽپي ويندو هو ۽ اتان هزارن جي تعداد ۾ پاهو ۽ ٻاڪرو مال خريد ڪري ايندو هو. پاڻ سندس ڀائيوار ساٿي ۽ ڌراڙ اهو سڄو سفر مال سان گڏ پيرين پنڌ ڪراچيءَ تائين ايندا هئا. ان وچ ۾ جهنگ، جبل، رڃ سڃ مان گذرندي کين ڪيئي واقعا پيش ايندا هئا. ڪٿي چورن سان مقابلو ته ڪٿي دردندن سان دهدور (مدمقابل) ٿيڻو پوندو هو. ڪيترن مفيد تجربن کان به آگاهي ٿيندي هيس. پاڻ اهي سڀيئي واقعا ۽ مفيد تجربا پنهنجي جوءِ ۾ خير سلامتي سان پهچي آرام سان ويهي ڪچهرين ۾ پلٽائيندو هو.
    سندس آواز ڌيمو ۽ انداز نهٺو هو. ڪچهرين ۾ سڄيون راتيون گذري سج اڀري اچن ڪنهن کي به وقت ۽ ٿڪ جو احساس نه ٿيندو هو. پاڻ به تازو توانو ته ٻڌندڙ به تازا توانا هوندا هئا، جن کي سندس لاجواب ۽ ڏکين تجربن جو حاصل ملندو هو.
    اسان جي گهر ايندو هو ته آئون هن کان سندس ڏکين سفرن جا عجيب واقعا ٻڌڻ چاهيندي هيس. هو اسان سان ڏاڍو پيار ڪندو هو. چوندو هو، ”ابا، هل هلان واري زندگي جيڪو به گذاري ٿو ان جي پلئه ۾ هيمشه خزانا پيل هوندا، ڇو جو دنيا عجيب واقعن ۽ خزانن مان ڀري پئي آهي. منهنجا ته پنڌ به وڏا ته ڄمار به وڏي. واقعن جو ته ڪوشرو پانڌ (دنگ، ڇيهه) ئي ڪونهي.“
    ورهاڱيءَ کان اڳ جو واقعو ٻڌايائين ته، ’راجستان مان مال وٺي وريا هئاسين، ٻنهي پاسن هند توڙي سنڌ ۾ وڏو ڏڪار ۽ ڪاڙهو هو. اسين ڏهه ٻارهن ڄڻا ساٿي هئاسين. اسان سان گڏ وڏا ڌڻ (رڍن، گهيٽن جو ميڙ) ۽ وڏا ڪيراڳ (ٻڪرين جو ميڙ) هئا. پاڻيءَ جون ڀريل وڏيون اوئيون (پخالون) ۽ کاڌي جو سامان به هو. پر اسان کي اَوسَو (فڪر ۽ اونو) رڳو مال جو هو ته، متان ڪک پن ۽ پاڻي نه ملڻ جي ڪري مال نه مري..... سو صلاح اها ڪئي سين ته رات جو ٿڌ ۾ سفر ڪجي ۽ ڏينهن جو اس ۽ گرميءَ ۾ وڻن جي ڇانو ۽ اوٽ ۾ ويهي پاڻ ۽ مال کي آرام ڪرائجي.
    ائين، سفر ڪندي ست اٺ ڏينهن ٿي ويا، هلندي هلندي وچ وچ ۾ جتي به ڪک پن ۽ پاڻي ڏٺوسين ته مال به اوڏانهن ڪاهيوسين. هيڏو سارو مال جتي بيهي اتي گاهه پاڻي چَٺُ ڪري وڃي. هونئن به پهاڪو آهي ته ”اُٺ چري ٻٽيهه ته ٻڪري چري ڇٽيهه“ يعني ٻڪريون هر قسم جو وڻ ٻوٽو کائينديون آهن. جڏهن ته اٺ ڪي ڪي وڻ ٻوٽا نه کائيندو آهي.
    واٽ تي ڪٿي ڪو پَهرو (مال) اگهو (بيمار) ٿئي ته اهو ڪهي کاڌوسين. مڙئي پي گاڏي کاتو هليو. هڪ هنڌ هڪ وڏي اَوَٺ (نوجوان ٻڪري) اگهي ٿي. هونئن ته پي ڦُنُڪِي (چمڪي ۽ چهڪي) پر وَيسريندي (اوچتو) الائي ڇا ٿيس. اها ڪٺيسين. پر ان جي کل الاهي نرم ۽ ڪونئري سٺي، ريشم جهڙي هئي. سو اها مون زِڪَ (گهه کي محفوظ رکڻ واري پخال) جو ارادو ڪري سٺي نموني ۽ خبرداريءَ سان لاٿي ۽ کيس سڪڻ کان بچائڻ لاءِ، ان تازي رت هاڻي (لڳل) کل ۾ چُڪِيَل (ختم ٿيل) تراهه (تلاءَ) جي تري مان پاڻي کُري ڪڍي وليون پاڙون تري واريون کل ۾ وڌم. وري تراهه جي اِنڊن (پاسن) تي موريل وليون ٻوٽا، ڦش ڦوهر (ڪک پن) ڇني کوهي. اهي به سڀ کل ۾ وڌم ته کل ڀرجي دبڙو (گول مٽول) ٿي وئي، اوئيون به پاڻيءَ مان ڀريل. مڙس اسين به سڀ زورائتا ۽ سگهارا هئاسين. بار ڪلهن تي کنيو اڃ بک جي پرواهه بنا هلندا رهياسين. هلندي هلندي ٻه ٽي ڏينهن ٿي ويا. ان وچ ۾ واٽ تي پاڻيءَ جو اتو نڪو پتو. گهڻو ئي نهاريوسين، گهڻو ئي ڳوليوسين. پر جيڏانهن تيڏانهن ڪارو سکڻو پَٽ. ڪک نه پن، دُڻي نه آدمي وَيَرووَڪُ (ويران بيابان) هو. مال ته ساڻو ٿيندو اَجهندو (ويهندو) ويو. پر اسين ماڻهو به بي حال هجون.
    ’اوئين‘ ۾ جيڪو پاڻي هو اهو واٽ واٽ تي چُرُڪُ چُرُڪُ (ذرو ذرو) ڪري پي ڇڏيوسين. هاڻي اوئيون به سڪل هيون، ڪنهن به ڳالهه جي مَتِ ۽ نوا نه ٿي پئي ته ڇا ڪريون؟ صلاحون ڪيوسين پر، ’ڍئوبنا ڍوليا، ڪانهي ساڃاهه سونهن جي‘ صلاحن ۾ ڪو حال نه هو جو اسين پاڻ ئي بي حال هئاسين. ڪهڙيون صلاحون ڪريون؟ صلاحن سان ڪو زمين مان ٽوڀو ڦٽي پوندو يا ڪو اسين حضرت اسماعيل نبي هئاسين جو ڇڙهيون هڻي زم زم ڪڍون. نڙيون سڪي ٺوٺ ٿي ويون. سکڻيون ڳيتون ڏئي ڏئي ٿُڪ به چڪي وئي. هڏ (بنهه) ساهه ٿي نڪتو ته مون کي اَوٺَ (ٻڪري) واريءَ کل ۾ پيل پاڻي ياد پيو. سنگتين کي چيم، ”کل وارو پاڻي وسري ويو؟ اهو به ته پاڻي آهي.“ سڀ ئي سنگتي ڇرڪي پيا. مون اوئيءَ جو منهن کولي ڪٽوري ۾ پاڻي اوتيو ته، پاڻي ڇا ڄڻ رت جو ڀريل ڪٽورو هجي. پر اڃا رت کان به ٻيءَ ڀتاڻو (ٻي طرح جو) ڳَٽ (گهاٽو/ ٿلهو)، ڳاڙهو، لچڪڻو، جرڪندڙ پاڻياٺ وارو محلول هو، جنهن ۾ ڪجهه ڪجهه ساواڻ ۽ پيئراڻ به وچ وچ ۾ هئي. اهو ڏسي سنگتين ڊڄي چيو، ”نه ادا نه اهو ته زهر آهي زهر، اکين ڏٺو موت!“ مونکان اهڙي (موت واري) حال ۾ به اساري کل نڪتي چيم، ”هاڻي وري جيئرا آهيون؟ نه منهن مهاڙ جي خبر، ويري وَڪَ ۾ وک وجهڻ کان به لاچار پيا آهيون، پوءِ ته ساهه کڻڻ کان به لاچار ٿينداسين. ليٿڙجي، ڦٿڙي مرڻ کان سٺو آهي ته سقراط وانگي وِههَ (زهر) جو پُرُ پيالو پي مرون! مون وارا سنگتي ڀاڙيا ٿي بِرُ ٿي بيٺا. منهنجي ڀر مان اٿي ڪجهندا، ڪُرُڪندا پري وڃي ويٺا. ڄڻ ڪو آئون کين زوريءَ پياريان ها. مون ڪٽوري ۾ نهاريو ۽ دير ئي ڪانه ڪيم، هڪدم ٻنهي هٿن ۾ ڀريل ڪٽورو جهلي کڻي وات تي رکيم ۽ اندر ۾ اوتيندو ويس اهو ذائقي ۾ ڪڙو صفا زهر جهڙو هو، جيئن ئي اهو زهر اندر گهڙي پيٽ ۾ پهتو، ته منهنجو اندر ۽ ٻاهر بدن جيڪو اڃ ۾ باهه وانگر تپي رهيو هو اهو هڪدم ٺري برف جا ڳڙا ٿي پيو. سنگتي اکيون ڦاڙي مون ڏانهن تڪي رهيا هئا ته، ’هاڻي ٿو مري، هاڻي ٿو مري.‘ پر منهنجي بدن ۾ ته قوت ۽ توانائيءَ جي هڪ اهڙي لهر اڀري جو آئون جيئرو ٿي ويس. ساڻو ساڻو جو مئو پيو هئس، ٽپ ڏئي اٿي بيهي رهيس. منهنجا ساٿي وڌيڪ خوف ۽ ڊپ مان مون کي ڏسڻ لڳا ته مون کين هڪل ڪندي چيو، ”ڀاڙي اٿو، هي زهر نه پر امرت آهي. آب حيات آهي.“ منهنجي چستي ۽ تازگي ڏسي اهي به سرڪي سرڪي اورتي آيا، آئون کين ڪٽورا ڀري ڏيندو ويس ۽ هو سڀ ئي پيئندا رهيا.
    ’اسين سڀ ئي ساٿي ڄڻ نوجوان ٿي ويا هئاسين. اسان منجهه (۾) ايڏي طاقت، ڦڙتي ۽ ٻل اچي ويو هو جو اسين پاڻ تي پاڻ حيران هئاسين. جنهن به ڳري (وزني) شيءِ کي کڻون اها ائين مٿي کڄي اچي منهن سان لڳي، ڄڻ ڪنهن هلڪي چيز کي بنا اندازي وزني سمجهي کڻي ويا هجون.“
    ’پوءِ ته ابا، اسان کي ڪنهن به اڃ ۽ بک جي خبر ئي ڪا نه ٿي پئي.‘ڏاڏي عمر بڪڪ ٻڌايو ته، ”تازي رت واري کل ۾ تراهه جي تري جو مٽيءَ وارو پاڻي، وليون، ٻوٽا، پاڙون، ڇوڏا، ڪک پن ۽ گرمي انهن سڀني جارس ۽ مند (موسم) گڏجي هڪ اهڙو امرت تيار ڪيو جيڪو مئل به جياري وڃي. اهي وليون، پاڙون، ٻوٽا الائي ڪهڙا هئا جن جو رت واري تازي کل ۾ گرميءَ ۾ سنڌڻ جا پار پتا ائين اوکا ۽ اڻ لڀ آهن، جيئن لقمان حڪيم وٽ ڪن مرضن جو علاج، دوا داروءَ جي خبر ۽ پتو هوندي به وٽس اهڙي دوا اڻ لڀ هئي جيڪا هو مريض کي ڏئي سگهي. جنهن جي ڪري هو اهڙن مريضن کي لاعلاج ڪوٺي موٽائي ڇڏيندو هو.“
    عمر بڪڪ هو ته جبل جو ڌراڙ ماڻهو. پر کيس نه رڳو جبل جي ڏاهپ، ادب ۽ سگهڙائپ جي ڄاڻ هئي. پر کيس دنيا جي مشهور واقعن جي پڻ پروڙ هئي.
    هونئن به هو هر ڳالهه نهايت ڌيان، توجهه ۽ دلچسپيءَ سان ٻڌندو هو. ڳالهائڻ ۾ هن ڪڏهن به تڪڙ نه ڪئي نه ئي هو وچ ۾ پئي ڳالهائيندو هو.
    ڏاڏو عمر بڪڪ اسان کي پاڻ سان (سندس پنهنجي ذات سان) رَهَمُورَو (رڌل يا ونڌريل) ڏسي لقمان حڪيم جي اها جڳ مشهور ڳالهه دلچسپيءَ سان ٻڌائڻ لڳو، جيڪا ٻڌل هوندي به نئون مزو ڏئي رهي هئي. ڇو جو اها ڳالهه هڪ اهڙو پريڪٽيڪل ماڻهو ٻڌائي رهيو هو جيڪو اهڙن آزمودن ۽ تجربن مان گذري آيو هو.
    عمر بڪڪ چيو، ”ابا، لقمان حڪيم لاءِ مشهور آهي ته سواءِ وهم جي ٻئي هر مرض جي وٽس دوا هوندي هئي. پر ڪي مرض اهڙا به هئا جن جي دوا کان واقف هوندي به، هو علاج ڪرڻ کان لاچار هوندو هو. ڇو جو اهڙن مرضن جي دوا سندس پهچ کان پري ۽ وس کان ٻاهر هوندي هئي.
    هڪ ڀيري وٽس هڪ لاچار اگهو (بيمار) آندائون جيڪو هڏ (بنهه) ختم هو. لقمان حڪيم کيس اونڌو سونڌو ڪري ڏسي تپاسي ماٺ ٿي ويو. اگهي جي سور مان ڪنجهو ڪنجهه هجي. لقمان حڪيم ٻاهر اچي اگهي جي مائٽن کي چيو ته، ”هن جي دوا مون وٽ ڪانهي. باقي قدرت وٽ ضرور آهي. اها ڪري ته ڪري نه ته هيءُ مري ويندو.“ مائٽ روئندا اگهي وٽ آيا جيڪو درد مان دانهون ڪري رهيو هو. وري هٿ ٻڌي حڪيم کي چيائون ته، ’اگهائيءَ جو دارون اوهان وٽ ڪونهي. پر ڪِين (ڪجهه) ته ڏيو، ڪو ڊڀ ڪو پهو اهڙو ته ڏيو جو هي ڪو دم ڪوپل ته آرام ڪري. لقمان حڪيم ساڳي ورندي ڏني ته، هن لاءِ مون وٽ ته ڇا ڪنهن وٽ به دارون ڪونهي سواءِ قدرت جي، هي ائين ئي لڇي، تڙپي، ڦتڪي مري ويندو. منهنجي اها ئي ورندي آهي جيڪا اوهان کي ضرور ڏکوئيندي پر اهوئي سچ، اها ئي حقيقت آهي ان کان سواءِ ٻيو جيڪو به دلاسو ڏيندس اهو ڪوڙ هوندو.“ اگهي جا مائٽ روئندا اگهي کي کڻي هليا ويا.
    لقمان حڪيم کان نا اميد ٿي گهر اچڻ کان پوءِ مريض جو مرض وڌندو ويو. سور ٻيڻا ٽيڻا ٿيندا ويا. جڏهن سور جون حدون ٽپجي ويون ته هڪ رات مريض گهر وارن کان لڪي اٿيو. دانهون اندر ۾ روڪي ٺِڪي ٺِڪي ٻاهر نڪتو. ارادو پاڻ کي مارڻ جو هئس. پر پاڻ کي مارڻ لاءِ به ٻل کپي. سوچيائين، پاڻ کي کوهه ۾ اڇلايان، وري سوچيائين اتي به الائي مران يا اڃا ڀڄي ڀُري وڌيڪ ڏَنجهن (عذابن) ۾ پوان. ائين گِهرجندو، کِسڪندو، سِرڪندو اچي مُقام (قبرستان) ۾ سهڙيو (پهتو). رات چانڊوڪي هئي. ۽ هو سڀ ڪجهه ڏسي رهيو هو. چؤ طرف رڳو قبرون ئي قبرون هيون ڪي ٺهيون ٺڪيون ڪي ڀڳل ڀُريل. ڪن مان هڏا ۽ کوپراٽيون (کوپڙيون) ئي ٻاهر نڪتل هيون. هڪ ڀڳل قبر کان ٻاهر هڪ کوپراٽي (کوپڙي) جو اڌڙ (اڌ) هڪ پيالي وانگر سنئون سڌو پيو هو. هُن ڏٺو ته انهي اڌڙ ۾ ڪجهه پاڻي پيل هو، جيڪو پراڻو ۽ سنهاري (ڪائي) لڳل هو، ۽ صفا سائو نير ٿي ويو هو. هو اڃا ڪجهه اڳتي وڌي يا نه ته اوچتو واسينگ (ڪاريهر/ ڪنگ ڪوبرا) جو شوڪارو ٿيو. موت جي آس هوندي به موت کي ويجهو ڏسي ڄُڪي، هٻڪي، اتي ئي موريل ٻوٽن ۾ لڪي ويو. رات چانڊوڪي هئي ۽ چنڊ جي تيز روشنيءَ ۾ هو سڀ چٽي طرح ڏسي رهيو هو، هُن ڏٺو ته هڪ بيحد وڏي جسامت وارو ڪارو ڪٽ واسينگ نانگ مستيءَ ۾ جهومندو، شوڪارا هڻندو پيو اچي، اچڻ ساڻ هن کوپراٽي جي اڌ وٽ اچي جنهن ۾ سنهاري لڳل پراڻو پاڻي پيل هو. ان ۾ هڪدم پنهنجو سڄو زهر اوڳاڇي ڇڏيو. بنا ڪنهن نهار نگاهه جي وري ائين ئي تڪڙو وريو، ۽ جتان آيو هو وري بنا دير اوڏانهن هليو ويو.
    ’بيمار جيڪو اڳ ئي موت جي آس کڻي گهران نڪتو هو، اهو اهڙو سولو موت اڳيان ڏسي خوش ٿي ويو ۽ وِرِمَ (دير) ئي نه لاتائين، اڳيان وڌي اچي ٻنهي هٿن سان کوپراٽيءَ جو اڌ پيالي وانگر کڻي، اکيون ٻوٽي اهو سڀ پي ويو.
    ’اهو پيئڻ شرط اهو اگهو اَرو (چڱو ڀلو) ۽ نوبنو ٿي ويو. ۽ کلندو خوش ٿيندو گهر ڏانهن موٽيو.‘
    ڪجهه ڏينهن کان پوءِ لقمان حڪيم پنهنجي مطب ۾ ويٺو هو ته هڪ تندرست، طاقتور ۽ سَٻَرُ نوجوان وٽس آيو. جنهن ايندي ساڻ حڪيم کان پڇيو، ”مون کي سڃاڻو ٿا؟“ لقمان حڪيم کيس سڃاڻڻ کان نابري واري ته نوجوان چيو، ”حڪيم صاحب، آئون اهو ئي مريض آهيان جيڪو ڪجهه وقت اڳ اوهان وٽ علاج لاءِ آيو هو، ڇو ته اوهان لاءِ مشهور هو ته سواءِ وهم جي ٻيو هر مرض جي دوا اوهان وٽ آهي. حڪيم صاحب ، آئون وهم جو مريض نه پر جسماني مريض هئس جنهن جي مرض جي دوا اوهان وٽ نه هئي. ۽ اوهان ان کي بنا دوا ڏيڻ جي نااميد ڪري مرڻ لاءِ موٽائي ڇڏيو هو. اڄ ڏسو. منهنجي مرض جي دوا هئي ۽ آئون ٺيڪ ٿي ويو آهيان.“
    لقمان حڪيم بنا ڪنهن متاثر ٿيڻ ۽ بنا هُنڊ گُنڊ جي چيو، ”ٻچا، هاڻي ياد آيم ته تون ڪير آهين. تنهنجي مرض جي دوا جي مون کي خبر ته هئي پر اها دوا ڏيڻ منهنجي وس ۾ نه هئي. بلڪه سواءِ قدرت جي ٻئي ڪنهن به ماڻهوءَ جي وس ۾ نه هئي ۽ قدرت اها دوا توکي کي ڏني.“
    نوجوان هجت مان چيو، ”حڪيم سائين، اها دوا ڪهڙي هئي جيڪا اوهان جي وس ۽ اختيار ۾ نه هئي؟“
    لقمان حڪيم چيو، ”تنهنجي مرض جي دوا اها هئي ته، ڪنهن تمام پراڻي انساني کوپڙي ۾ سالن کان مينهن جو پاڻي پيل هجي اهو مينهن جو پاڻي ايڏو پراڻو هجي جو پنهنجو رنگ ئي مٽائي وڃي، جنهن ۾ هڪ تمام وڏي ڄمار ۽ وڏي جسامت وارو واسينگ نانگ چانڊوڪيءَ رات ۾ مست ٿي اچي، ان کوپڙيءَ ۾ پيل پراڻي پاڻيءَ ۾ پنهنجو سڄو زهر اوڳاڇي ڇڏي. ان وقت مريض جو به اتي بروقت موجود هجڻ ضروري آهي ڇو جو جڏهن واسينگ، کوپڙيءَ ۾ پيل پراڻي پاڻيءَ ۾ زهر اوڳاڇي ته اهو تازو زهر پيل پاڻي بنا دير جي مرض کي پيئڻو آهي، ۽ ائين جي سڀ ڪجهه ٿي پوي ته اهو ئي علاج اهڙي مرض جو آهي ۽ توسان به ضرور ائين ئي ڪجهه ٿيو آهي. اها هئي تنهنجي مرض جي دوا، جيڪا منهنجي وس ۽ اختيار ۾ نه هئي، اهو ڪرشمو قدرت جي وس ۽ اختيار ۾ هو..... ۽ قدرت توکي بچائي ورتو آهي.“
    ’اهو ٻڌي نوجوان روئندو لقمان حڪيم جي پيرن تي ڪري پيو ۽ پنهنجي ڪوتاهين جي معافي وٺڻ لڳو.“ ڳالهه پوري ڪري عمر بڪڪ مشڪي چيو، ”اهوئي امرت اسان جي اوئيءَ (پخال) ۾ به سنڌيل هو. جيڪو لقمان حڪيم جي مريض گَهان (وانگي) اسان مئلن کي به جياري ويو هو.“
    مون ڇرڪي پڇيو، ”ڏاڏا، اوئي ته الاهي وڏي هئي ۽ ڀريل به هئي. ٻيو پاڻي ڪيڏانهن ويو؟“ عمر بڪڪ کلي چيو، ”ابا، ان مهل اها سونت ۽ نوا (سمجهه) ڪٿي هئي جو ان آب حيات جو قدر ڪري سنڀالي رکون! اسان جيئرا ٿياسين ته مال ياد آيو جيڪو پوين پساهن ۾ هو. ان کي ڍُڪُ ڍُڪُ سُرُڪُ سُرُڪُ پياريوسين ته اهو به هلڻ جهڙو ٿيو.“
    عمر خان بڪڪ ٽي شاديون ڪيون کيرن پٽن، پوٽن، ڌيئرن ۽ ڏوهٽن وارو هو. سڀ ئي زالون ۽ ٻار منجهانس (هن مان) گهڻو خوش هئا، ڪڏهن به ڪنهن گهر ڀاتي ۽ اوڙي پاڙي کي ساڻس شڪايت نه ٿي. هن ڪنهن کي به ڏک نه رسايو. ڪنهن ڪزاني پرڻيل ڌيئرن جي گهر ويندو هو ته ناٺي، ڌيئر ۽ ڏوهٽا، کيس پير وانگي پوڄيندا هئا.

    بهادر انسان هو تڏهن (ورهاڱي کان اڳ) هو مال جي سانگي سجاول ۽ دڙي جي پاسي رهيل هو. سنڌو درياهه تڏهن مست الست، موجن ڀريو هو. ٻيلا سرسبز ۽ گهرا هوندا هئا. سندس مال ٻيلن ۾ هو ۽ پاڻي پيارڻ لاءِ مال کي سنڌوءَ جي ڪناري وٺي ويندا هئا. اتي واڳوئن جي حڪمراني هوندي هئي.
    سندس وڏو ڀاءُ خان محمد بڪڪ هڪ ڀيري مال کي پاڻي پيارڻ ويو، جيڪو پڻ ڏاڍو بهادر ۽ جانٺو هو. درياهه جي ڪناري تي مال کي واڳوئن کان بچائڻ لاءِ، اهي پاڻ لٺيون هٿن ۾ کڻي چيلهه جيڏي پاڻيءَ جي اندر وڃي بيهندا هئا. پاڻيءَ ۾ لٺيون هڻي شپڪا ڪري واڳوئن کي پري ڪندا هئا. ننڍا واڳو ته هٽي ويندا ها. وڏن کي هٽائڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪرڻيون پونديون هيون ۽ وڏيون مشڪلاتون پيش اينديون هيون.
    هڪ ڀيري هڪ بيحد وڏو واڳو هيڻا هيڻي (زوران زوري) اڳيان وڌندو آيو. هنن کيس پٺيان ڌڪڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي پر هو نه رڪيو ۽ خان محمد بڪڪ تي حملو ڪري سندس ٽنگ ۾ وات وڌو.
    خان محمد بڪڪ سگهارو مڙس هو. اهو واڳوءَ کي ڪناري تائين گِهَري (گهلي) آيو. پريان بيٺل ڌراڙ کي هڪل ڪري هن کان ڪهاڙي گُهريائين پر ڌراڙ ڀاڙيو ٿيو ۽ کيس ڪهاڙي ڏيڻ لاءِ اڳيان نه وڌيو. هُو اڪيلي ئي واڳوءَ سان مقابلو ڪندو کيس لٺيون هڻندو بار بار ڪناري تي وٺي پي آيو. اهو نظارو پريان بيٺل ڌراڙ ڏسي رهيو هو. نيٺ واڳو کيس گَهِري پاڻيءَ ۾ کڻي غائب ٿي ويو. ڌراڙ ڊوڙي وڃي گهر ٻڌايو، سڀ ئي ڊوڙندا ڪناري تي آيا. پر اتي ڪجهه به نه هو سواءِ انهن هٿن جي گيساٽن (نشانن) جي، جيڪي هن واڳوءَ کي بار بار ڪناري تي آڻيندي ڪيا هئا.
    عمر بڪڪ به ڪناري تي آيو پنهنجي دلير ڀاءُ جي هٿن جا ۽ واڳوءَ سان اڪيلي سر ويڙهه ڪرڻ جا نشان ۽ گيساٽ ڏسي سندس اکين ۾ لڙڪ تري آيا جيڪي هن بيدرديءَ سان هٿن جي ترين سان رهڙي ڇڏيا.
    پوءِ ته وڏا وس ڪيائون، ٽوٻا آيا، رڇ پيا. پر لاش هٿ نه آيو. خان محمد بڪڪ جي سگهاري ۽ ڏاهي ماءُ سائينءَ ڏني، پٽ جي ملڻ جي آس ۾ چاليهه ڏينهن سنڌوءَ جي ڪناري تي ويٺي رهي ۽ ڪناري کي تڪيندي رهي. سندن پٽن ۽ پوٽن کيس گهر وٺي وڃڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي. پر هوءَ پنهنجو هانءُ درياهه کان پلي نه سگهي. چاليهي تائين اتي ئي ويٺي رهي ۽ روئندي رهي. درياهه جي ڪناري واري رائي سندس اکين ۾ پوندي رهي. هوءَ پنهنجو نور وڃائي نيٺ گهر موٽي آئي.

    عمر خان بڪڪ کي ڀاءُ جو ڏک جهوري ويو هو. پر سندس اندر ۾ واڳوءَ کان بدلو وٺڻ جي باهه ٻرندي کوروا ٿيندي وئي. هن گهڻو ئي ڳوليو پر کيس اهو واڳو نظر نه آيو. هو واڳوءَ کي سڃاڻندو هو ڇو ته اهو بادشاهه واڳو هو ۽ پنهنجي وڏي جسامت ڪري سَوَن ۾ سڃاتل هوندو هو.
    هونئن به جهنگ ۽ جبل جي ماڻهوءَ وٽ پنهنجن پَٽن ۽ پاڻين جي مخلوق ساريل هوندي آهي.
    خان محمد بڪڪ کي ته واڳو کڻي ويو. پر عمر بڪڪ اها جوءِ نه مٽائي، ۽ اتي ئي مال کي پاڻي پيارڻ ويندو رهيو.
    ڊپ ته عمر بڪڪ جي سرشت ۾ ئي نه هو، سڀني چيس ته ’اها جوءِ مٽاءِ، واڳو هچاخور آهي. هاڻي ته هيڪاري ماڻهوءَ جو رت چکيو اٿس.“ هُن کي انهن ڳالهين جو ڪو اثر نه پيو هُن جو ته پلاند هو، واڳوءَ تي اهو ڪيئن ٿو واڳوءَ جو پاڙو ڇڏي سگهي.
    هڪ ڏينهن هو ڪهاڙي هٿ ۾ جهليو مال کي پاڻي پياري رهيو هو ته اوچتو واڳو پاڻيءَ مان نڪتو. مال ٽٿو (ڀڳو) پرواڳوءَ هڪ وڏي گَهٽي کي ڀڄندي پويون ٻه ٽنگون وات ۾ جهلي ورتيون.
    عمر خان بڪڪ بروقت بيٺل هو ان بجليءَ جي تيزي سان گهٽي جون اڳيون ٽنگون جهلي ورتيون. چوندا آهن ته واڳو پاڻيءَ جو شينهن آهي ۽ پاڻيءَ ۾ ڏاڍو سگهو آهي. تنهن عمر بڪڪ کان گهٽو ڇڏائڻ ۽ پاڻيءَ ۾ اندر نئڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي. پر سگهاري ۽ بهادر عمر خان بڪڪ گهٽي جون اڳيون ٻئي ٽنگون جهلي واڳوءَ کي پاڻيءَ مان ٻاهر ڪڍي آيو. ڪهاڙي سان سندس منهن ۽ نڪ تي لڳاتار وار ڪرڻ لڳو. واڳوءَ جو وات گَهٽي جي ٽنگن مان نڪتو ته عمر بڪڪ گَهٽي کي کڻي پويان اڇلائي، بدستور واڳوءَ جي منهن تي ڪهاڙين جا وار ڪيا، ۽ هڪ اهڙو وار به ڪيائين جو ڪهاڙي واڳوءَ جي نڪ ۽ مٿي ۾ سَڪُ گچي وئي. ۽ ٻاهر نڪري نه سگهي. تڏهن هُن ڪهاڙيءَ مان هٿ ڪڍيا ۽ پري ٿي بيٺو. واڳو رت ڳاڙيندو ڪهاڙيءَ سميت پاڻيءَ ۾ اندر هليو ويو.
    ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سندس ساٿي ۽ علائقي واسي وٽس آيا ته فلاڻي هنڌ واڳو مئو پيو آهي. تنهنجي ڪهاڙي اڃا به مٿي ۾ گتل اٿس.
    عمر بڪڪ ساڻن گڏجي ان پاسي ويو ته اهو ساڳيو ئي واڳو هو. هُن وڌي واڳوءَ جي مٿي مان پنهنجي ڪهاڙي واڳوءَ جي منهن تي لت رکي ڪڍي ورتي ۽ سندس ساٿين واڳوءَ جو پيٽ ڪهاڙين سان چيريو ته پيٽ ۾ عورتن جا سونا زيور ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه نڪتو جن ۾ انساني هڏيون به هيون. يعني ان واڳوءَ عورتن سميت الائي ڪيترا ماڻهو کاڌا هئا.
    عمر خان بڪڪ پنهنجي ڪهاڙي ڪلهي تي رکي ڀاءُ جو پلاند واڳوءَ کان وٺي سرخ روءُ موٽي آيو.
    عمر خان بڪڪ جي ذهانت، بهادري ۽ شخصيت ڏسي مون کي اِن تويانگ جي چوڻي ياد اچي ويندي آهي ته، ”دنيا ۾ ڪنهن صحت مند ۽ عقلمند پوڙهي کان وڌيڪ ٻي ڪابه خوبصورت چيز ناهي.“
    سندس ڪهاڙيءَ جو واڳوءَ جي مٿي ۾ گچڻ ۽ ٻاهر نه نڪرڻ واري واقعي تان مون کي لسٻيلي جي اربيلي ۽ رزميه شاعر نم جي هڪ املهه سٽ اتي ٺهڪي ايندڙ لڳي ته، ”ڪَوسيون ڪپارن ۾، ٿيون چهٽيو چَڪَ وجهن...“

    ٻولي ٻجهارت، جوڳيان سندي ذات جي
    ڏورڻ گهڻو ڏاکڙو، هلڻ ۾ حيرت
    عجب عبادت، پهه پروڙڻ ان جو.
    (شاهه رح)

    عمر خان بڪڪ جي وڏي ڄمار جا وڏا قصا، ڳالهيون ۽ ڪارناما ٻڌي انسانيت تي فخر ٿيندو آهي.
    مون کي پاڻ تي به فخر آهي ته مون سندس ڳالهيون، سندس واتان، سندس روبرو ويهي ٻڌيون آهن.
    ميڪسم گورڪي چوي ٿو ته، ”مون وٽ سادا دل ۽ گمنام انسان پنهنجي تجربي ۽ مشاهدي جا لازوال تحفه کڻي اچن ۽ منهنجي روح کي مالا مال ڪن. اهي انهن کان بهتر آهن جو پڙهيل ڪڙهيل اچن ۽ مڪر ۽ فريب سان منهنجي روح کي رنج پهچائين.“


    هڪ معجزاتي ڪردار صاحب ڏني بڪڪ (جمعاڻي)

    سناسي خان بڪڪ (جمعاڻي) جي سؤٽ ۽ سندس جيون ساٿياڻي بيحد خوبصورت، سگهڙ ۽ علم حاصل ڪرڻ جي تمنائي، صاحب ڏني بڪڪ.
    جبل ۾ اتي رهيل جتي سواءِ پنهنجن جي ڪجهه گهرن جي، ٻيو مڙئي الو الا، نڪو اوڙو نڪو پاڙو، جبل ئي جبل، مضبوط ڪوٽن جيان اڀا، لوهي ڪلن وانگر زمين ۾ ٺوڪيل.
    ڏَونگَرَ ڀُونيين ڪِيرَ، سَڄڻ مَيخُون ڏُونگرين.
    جتي ڪنهن مزمان (مهمان) مڙهي جو اچڻ به ڏکيو. سالين ڪالين ڪوٽِڙيو ڦڙِيو اچي منهن ڪڍندو ته کيس اکين ۾ اوتارا، هانءَ ۾ هنڌ ۽ جيءَ ۾ جايون ڏيندا، نه ڀائيندا ته ڪٿي وهاريونس.
    صاحب ڏني، گهر ۾ سڀني کان ننڍي هئي ۽ گهڻي دادلي پڻ هئي. هوءَ دادلپائيءَ جي لائق به هئي، جو منجهس ڪو به ڪُرُ زياڻُ (عيب) ڪونه هو. هر نيت ۾ سوهڻي هئي.
    اڃا 11-12 سالن جي مس هئي ته وٽن هڪ نوراني چهري وارو اڌڙوٽ سٻاجهو ماڻهو منمان (مهمان) ٿي آيو. انهن حسب دستور کيس مانَ مان آئِڪَر (ڀليڪار) ڪئي. جڏهن ٻڌايائين ته، ’سيد آهيان‘ ته کٽون هنڌ وڇائجي ويا، هٿ پير ڌئارڻ لڳا. دل جي دالانن ۾ دلبر وانگي رهايائونس. هن پنهنجو نالو سيد غلام رسول شاهه ٻڌايو. مايون به سندس منهن پيون، جيڪي عام مهمان جي اڳيان نه اينديون هيون. عام مهمان کي گهر کان پرتي ڇِتَرُ (تڏو) رلي وهاڻو، ڪَرڻو (ڪونئرو)، پاڻي کاڌو ڏبو هو. هيءُ ته سيد سڳورو هو، گهر منجهه ئي رهايائونس.
    جهنگ جبل، جتي ڪنهن ملي موراڻي جو به اچڻ وڃڻ نه هو جيڪو مُئي جيئري کي سُرهو ڪري. هي ته سيد پير هو. وٽس ڪل مڏي هڪ تسبيح ۽ ٻيو بڪچو (بجڪو) هو، جنهن ۾ قرآن شريف هو. پاڻ نماز پڙهي جڏهن قرآن شريف جو دور مٺي آواز سان ڪرڻ لڳو ته، هرڪو اکين ۾ پاڻي ڀري سِرڪي اچي وٽس ويٺو.
    ڪوهستان جو ماڻهو عقيدي جو ڪمزور ڪونهي. جهڙو جبل مضبوط تهڙا پاڻ به مضبوط، مسلمان ته مسلمان، هندو ته هندو. بس، ٻي نڪا ويل (ويڪرائي)، نڪا ڊيگهه، نڪو منڊ ڪامڻ تي وسهن نڪو تعويذ پليتي کي مڃين.
    پرهي ته سيد سڳورو آيو هو، ان جو ته نمونو ئي اورُ (ٻيءَ طرح) هو. آواز جهيڻو ۽ مٺو. قرآن شريف جو دور قرئت سان ڪيائين ته، ڄڻ ڪَنجهايِڻڪا ڪري وڳا، سڀني جا پوزرا اڀري وار ڪانڊارجي ويا.
    صاحب ڏني معصومڙي به اچي سائينءَ جي ويجهو ويٺي. سائينءَ قرآن شريف بند ڪري سندس ملوڪ منهن ۾ نهاري پاٻوهه مان پڇيو، ”امان، قرآن شريف پڙهنديءَ“. صاحب ڏنيءَ جون روشن اکيون تارن وانگي ٽمڪي پيون. هن هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ته سائينءَ اٿي وڃي کيس وضو ڪرايو. پاڻ سان گڏ ويهاري کيس قرآن شريف پڙهائڻ لڳو.
    سڀ ئي مائٽ حيرانيءَ مان ڏسڻ لڳا ته، جيئن جيئن سائين پڙهائيندو وڃي، تيئن تيئن هيءَ ٻارڙي به سندس پويان پڙهندي پئي وڃي.
    سائين کيس ڏينهن رات پڙهائڻ لڳو ۽ هوءَ بنا تنگ ٿيڻ جي ڏينهن رات شوق سان قرآن شريف پڙهندي هئي. هڪ ته سائينءَ جي پڙهائڻ جو حيرتناڪ طريقو ۽ ٻيو ان ٻارڙيءَ جي ذهانت، شوق ۽ اڻورچائي. هوءَ قرآن شريف پاڻيءَ وانگر پيئڻ لڳي. اڃا هفتو مس ٿيو هو ته سائين انهن کان ائين چئي موڪلائي ويو ته، ”وري ايندس.“
    انهن کيس گهڻو ئي جهليو ته اڃا ٻه ٽي ڏينهن رهي پئو، ترسو پر هن نه مڃيو. صاحب ڏني کيس حيرت مان تڪي رهي هئي. جڏهن سائينءَ هن کان به موڪلايو ته هن رڳو ايترو چيو، ”سائين، منهنجو قرآن شريف اڃا پورو نه ٿيو آهي.“ ته سائينءَ مشڪي ڏانهنس ڏسندي سندس مٿي تي پيار مان هٿ گهمائي چيو، ”امان، تون فڪر نه ڪر! آئون توکي سڄو قرآن مجيد پڙهائي پوءِ ويندس.“ هو هليو ويو.
    سائينءَ جي شخصيت اهڙي عجيب ۽ ايڏي سنجيده هئي جو ڪنهن کي به ساڻس گهڻو ڳالهائڻ جي همٿ نه ٿيندي هئي.
    ٻه ٽي ڏينهن گذريا ته سائين موٽي آيو. سڀ ئي حيران پريشان ته ڪيڏانهن ويو هو؟ ڪيئن آيو آهي؟ نه اٺ نه گهوڙو نه ئي ٻي ڪا سواري اٿس...... پر هو پڇي نه سگهيا.
    وري به هفتو مس رهيو ۽ وري هليو ويو. نڪو ڪير پڇي سگهي، نڪو ڪير جهلي سگهي. ڄڻ مٿس صاحب ڏنيءَ کي قرآن شريف پڙهائڻ جي ذميداري رکيل هئي، جيڪا هو نڀائي رهيو هو.
    وري آيو، وري ٻه ٽي ڏينهن رهي وڃڻ لڳو ته ماڻهو به ساڻس گڏ هلڻ لڳا. جيئن جبل وارن جو دستور آهي ته مهمان کي موڪلائڻ مهل ساڻس گڏجي اڌ واٽ تائين ته ضرور وڃبو آهي. ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ به جابلو ماڻهن جو اهو ئي دستور آهي. دروازي تائين ته ضرور ساڻس گڏجي وڃبو. يا جي گاڏي آهي ته گاڏيءَ تائين گڏجي وڃبو.
    جهنگ جبل ۾ ته مانائتي مهمان سان پري پري تائين گڏ وڃي واٽ تائين ڇڏي ايندا آهن.
    سائين ته وڏي کان به وڏو مانائتو مهمان هو جنهن سان اڳ به وڃڻ چاهيائون، پر سائينءَ جو بيزاريءَ وارو رويو ڏسي ڊڄي بيهي رهيا. هاڻي جو سائين ٻه ٽي ڀيرا آيو ته کين ٿوري همٿ ٿي. اهي وڃڻ مهل ساڻس گڏ هلڻ لڳا ته سائينءَ کين سختيءَ سان منع ڪندي ائين به چيو ته، ”جڏهن به آئون وڃان ته، مون سان گڏ ۽ منهنجي پويان ڪوبه نه اچي.“ ائين چوندي سندس نوراني چهري تي قدرتي جلال اچي ويو هو ۽ ماڻهن کي ڄڻ تنبيهه ٿي وئي.
    سائين، جڏهن ائين چئي هليو ويو ته هڪ همراهه چيو، ”سائين اسان کي پنهنجي گُڏَ (پٺيان) ۾ اچڻ کان ڇو ٿو جهلي؟ سو به ڪاوڙجي، اڄ آئون به ڏسندس.“
    جبل جو ميداني علائقو هو. سائين پيرين پيادو وڃي رهيو هو. هي سڀ ئي کيس ويندو ڏسي رهيا هئا. جڏهن سائين گهڻو پري هليو ويو ۽ مس ڏسڻ ۾ ٿي آيو ته اهو همراهه اٿيو ۽ سائينءَ جي پويان پيو . اهڙي نموني سان جو سائينءَ کي ستين واءَ مان واءُ به نه پوي!
    هلندي هلندي هڪ هنڌ هڪ ننڍو وڻ آيو. سائين وڻ جي پٺيان ويو ته وري نه نڪتو همراهه جبل جو هو. جبل وارن جي نظر تيز ٿيندي آهي. هن هيڏانهن، هوڏانهن ڏٺو. پر سائين ظاهر نه ٿيو. همراهه حيران ٿي ويو. يڪو وڻ کي تڪڻ لڳو ته هير (هينئر) ٿو نڪري.... هير ٿو نڪري. جڏهن گهڻي دير ٿي ۽ سائين، اڳيان پويان، آسي پاسي ڪٿان به نه نڪتو ته هو ڊوڙندو ڊوڙندو وڻ وٽ آيو. اچي ڏسي ته اتي ڪير به نه هو. همراهه اچي پريشان ٿيو ته کلي پَٽَ ۾ جتي پٿرو مُٽِڪَو سڀ پڌرو آهي. اتي هيڏو سارو ماڻهو ڪيڏانهن غائب ٿي ويو؟ وري جان هيٺ نهاريائين ته پيرن جا نشان وڻ وٽ اچي دنگ ٿا ڪن. نه هيڏي نه هوڏي نه اڳيان نه پٺيان. همراهه جبل جو سياڻو ماڻهو هو ۽ پيرن جي سَرَٽَنِ (نشانن) جو سَراز (ماهر) هو.
    وري ڊوڙيو گهرن ڏانهن اچي سڀني سان اها روئداد اوريائين. سڀيئي ڊوڙيا ان وڻ ڏانهن. وڻ وٽ اچي ڏسن ته واقعي اها ڳالهه هئي ته، پيرن جا سَرٽ وڻ کان ٻاهر ڪيڏانهن به ڪونه ٿي ويا. هرڪو حيران پريشان موٽي آيو.
    صاحب ڏنيءَ جو اهو سڀ ٻڌو ته اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي. چوي ته، ”جڏهن سائينءَ چيو هو ته منهنجي پٺيان متان اچو ته پوءِ ڇو وياءُ هاڻي الائي اچي نه اچي...“ هوءَ روئڻ لڳي ته سڀني کي گهڻو ڏک ٿيو.
    اڃا مس ٻه ٽي ڏينهن ٿيا هئا، ڏسن ته سائين غلام رسول شاهه پيو اچي. بنا ڪنهن فرق جي اڳوڻيءَ وانگيان ماٺ ۽ سنجيده. سڀ گهڻو خوش ٿيا. زالين مڙسين ڊڊي ڊوڙ ٿي وئي، سڀ مڙي اچي مُچ ٿيا. صاحب ڏني ته گلاب وانگيان کڙي رهي هئي.
    صاحب ڏني کي قرآن شريف پڙهندي مس ڪو مهينو ڏيڍ ٿيو هو ۽ هوءَ بنا پڙهائڻ جي پاڻ ئي قرآن شريف پڙهڻ لڳي هئي. سڀ خوش ۽ حيران هئا.
    سائينءَ کي نڪا حيرت نڪا خوشي، انهن ئي ڪجهه ڏينهن ۾ صاحب ڏني قرآن شريف ختم ڪرڻ واري هئي، جيڪو هڪ انوکو معجزو ۽ ڪارنامو هو ته جبل جي هڪ 11- 12 سالن جي ڇوڪري جنهن اڳ زندگي ۾ ڪڏهن ڪو ڪتاب اکين سان نه ڏٺو هو نه ئي ڪو اکر.... اها ڪيئن ٿي ايترڙن ڏينهن ۾ سڄو قرآن شريف پڙهي سگهي!! پر ائين ٿي رهيو هو.
    سائينءَ ايندي ساڻ پاڻي پيتو. صاحب ڏني وضو ڪري قرآن شريف کنيو ۽ هو کيس پڙهائڻ لڳو. سڀ حيرانيءَ مان ڏسندا رهيا ته سائين هميشه پيرين پيادو (پيدل) ايندو آهي. پرنڪو ٿڪ نڪو ٻيو تازو توانو.
    قرآن شريف پڙهائيندي اوچتو سائينءَ چيو، ”بابا، پٽ، هاڻي تنهنجو قرآن شريف پورو ٿيڻ وارو آهي.“ صاحب ڏني خوش ٿيڻ لڳي. سندس مائٽ به حيران ۽ خوش هئا ته ٻارڙي ائين شوق ۽ باقاعدگي سان پڙهي رهي آهي.
    سائينءَ کيس آخري سورتون پڙهائيون. اهي جڏهن صاحب ڏنيءَ پڙهيون ته کيس دعاختمھ القرآن پڙهائي. 14 سجدا ڏياريائين. ۽ پوءِ دعا گهري ڪلمو پڙهي سندس مٿي تي هٿ رکي کيس مبارڪ ڏنائين. بعد ۾ سندس پيءُ مُنگهي خان بڪڪ کي پڻ مبارڪون ڏئي چيائين، ”قرآن پاڪ پورو ڪرڻ تي شڪراني جو نياز ڪريو.“ منگهي خان بڪڪ ٻڪر ڪهي نياز ڪيو ۽ سائينءَ کي اجرڪ پارايا.
    ٻئي ڏينهن تي سائين غلام رسول شاهه، صاحب ڏني جي مٿي تي چمي ڏئي کيس قرآن شريف سوکڙي ڏيندي چيو، ”قرآن پاڪ کي پڙهندي رهجانءِ هاڻي آئون هلان ٿو.“
    ڪنهن کي به کيس روڪڻ جي همٿ نه ٿي سڀ ماڻهو سائينءَ لاءِ سوکڙيون ۽ الائي ڇاڇا کڻي آيا. منگهي خان بڪڪ کيس سوکڙيءَ ۾ اٺ ڏنو ته سائينءَ چيو، ”بابا، آئون هيڏي بار کي ڇا ڪريان؟“ سڀني کي سڀ موٽائي ڏئي وڃڻ لڳو ته مڙئي ساڻس روئي موڪلائڻ لڳا.
    صاحب ڏنيءَ روئندي،لڙڪ لاڙيندي، سڏڪندي چيو، ”سائين، وري اچجو.“ سائينءَ انهرو ٿي جواب ڏنو، ”امان، پٽ، يا نصيب......“ ۽ هليو ويو.
    سائين جڏهن سڀني کان موڪلائي هليو ويو ته ساڳيو همراهه جيڪو اڳ به سائينءَ جي پٺيان ويو هو، اهو وري به سائينءَ جي ڪَڍ ويو. تجسس ته هو!!. ڪيئن ٿو وڃي؟ ڪيڏانهن ٿو وڃي؟ اٺ به موٽائي ڏنائين.
    ٻيا ته سڀ تجسس هوندي به سائينءَ جي چوڻ جي احترام ۾ سندس پويان نه ويا ته، ”منهنجي پٺيان نه اچو.“ پر ان نوجوان کي اڻ تڻ ته هئي ۽ جائز به هئي، ڇو جو وڻ جي پويان سائينءَ کي هن غائب ٿيندي ڏٺو هو.
    هُو لڪي لڪي وري به سائينءَ جي پويان ۽ پري پري کان هلندو رهيو. جڏهن تمام گهڻو پنڌ ٿيو ۽ نوجوان به هلي هلي ٿڪجي پيو ته هن اهو اڻ وسهندڙ منظر ڏٺو، جيڪو تصور کان به ٻاهر هو. هن ڏٺو ته اوچتو سائين زمين کان مٿي ٿيو ۽ اڏامندو نظرن کان غائب ٿي ويو. نوجوان جا اوسان خطا ٿي ويا. هو بيهوش ٿي ڪري پيو. سندس پويان ماڻهو کيس ڳوليندا آيا جن اچي کيس بيهوش ڏٺو. ڪنهن وٽ پاڻيءَ جي اوئي (پخال) هئي جنهن مان ٻڪ ڀري مٿس ڇٽيائون، تڏهن هو مس هوش ۾ آيو پر گهڻو ٻاتاڙيل هو.
    ماڻهو کيس گهر وٺي آيا جڏهن هو سامت ۾ آيو ته سڀني سان اها ناقابل يقين ڳالهه سربستي ڪري ٻڌايائين. سڀ ئي ڳوٺ وارا مائٽ ڊوڙي آيا. وري به سڀني کي ساڳي ڳالهه نئين سئين پيو ٻڌائي. اتي هڪ ڌراڙ ڊڄندي ڊڄندي چيو، ”مون به اهڙو لقاءُ ڏٺو.“ سڀني ڇرڪي کيس ڏٺو ۽ چيو، ”تو ته ڳالهه ئي نه ڪئي ڇو؟ ننڍي ڳالهه ته نه هئي؟“ چيائين، ”مون کي پنهنجي اکين تي پاڻ ئي ڪو ويساهه نه ٿي آيو. مون ڀانيو ته منهنجي اکين ۾ تِرِمِرِ ٿي رهي آهي. جي ٻين سان ڳالهه ڪندس ته سڀ ئي ٺٺوليون ڪري بينوايو، بينوايو چئي مٿو کڻندا (چريو ڪندا)“.
    سڀني چيس ته، “هاڻي ته ٻڌاءِ ڇا ڏٺئي؟“ چيائين، ”مال چارڻ ته روز ويندو آهيان تنهن ڏينهن به مال سان گڏ هيم. مال کي واري ورائي پي چاريم ته پري کان سائينءَ کي ڏٺم. ڏسان ته سائين وکون ته کڻي ئي نه پيو. مون کان گهڻو پري هو. پر آئون کيس ڏسي سگهيس پي ته هو زمين کان مٿي هو. ۽ هليو نه ٿي اڏاڻو پي. اکيون مهٽيم، گُٺيم (اگهيم)، ته الائي رڃ آهي يا ڇا؟ پر پوءِ چٽو ئي ڏٺم ته هو اڏامندو، اڏامندو گم ٿي ويو هو.“
    سائين غلام رسول شاهه جي اها ڪرامت، معجزو ۽ ڪرشمو جبل جي وڏڙن کي ياد آهي، ۽ اها ڳالهه ننڍن ۾ به مشهور آهي.
    صاحب ڏني جيڪا اڳ ئي پنهنجي سلڇڻيءَ طبيعت جي ڪري دادلي هئي. اها وڌيڪ عزت ۽ احترام واري ٿي وئي. هوءَ جڏهن وضو ڪري قرآن شريف جو دور قرئت سان ڪندي هئي ته ماڻهو عقيدت مان روئي پوندا هئا. سندس مٿي تان هٿ گهمائي چوندا هئا، ”ڀاڳن واري آهين. جنهن کي قرآن شريف پڙهائڻ لاءِ ڌڻيءَ عرشن مان اڏمندڙ فرشتو موڪليو. ملائڪ موڪليو هو.“
    صاحب ڏني هئي به اهڙي ئي حيادار، ننڍپڻ ۾ ئي سندس مڱڻو سندس سؤٽ سناسي خان بڪڪ (جيڪو پڻ ڪوهستان جي هڪ ڪردار جي صورت ۾ ڪتاب ۾ موجود آهي) سان ٿيل هو. اڃا مس سامائي ته سندس شاديءَ جون تياريون شروع ٿي ويون، هوءَ پرڻجي سناسي خان بڪڪ جي گهر آئي. ٻئي هڪ جهڙا سهڻا ۽ ذهين هئا، مائٽ کين گڏ ڏسي ٺرندا هئا. ڄڻ ٻنهي کي رب چونڊي هڪ ٻئي لاءِ بنايو هو.
    سناسي خان بڪڪ جون مصروفتيون انتهائي حيران ڪندڙ ۽ پراسرار هيون. جنهن جي ڪري هو گهر کي وقت گهٽ ڏئي سگهندو هو. پر صاحب ڏنيءَ ڪڏهن به منهن نه گهنجايو. سندس غير موجودگيءَ ۾ مڙئي ذميداريون پنهنجي مٿي تي کنيائين. ڇو جو گهر ۾ سواءِ سندس چاچيءَ (سس) جي ٻيا سڀ مرد هئا. يعني سناسي خان وارا پاڻ ۾ ڇهه (6) ڀائر هئا ۽ کين ڪا ڀيڻ نه هئي.
    صاحب ڏنيءَ جا مائٽ حيران هئا ته هيڏي دادلي، جنهن گهر ۾ ڪک ڀڃي ٻيڻون نه ڪيو (هن کان وڏيون ٽي ڀينرون هيون ۽ اڪابر ماءُ ڀنڀي هئي)، اها ڪيئن پئي سڄي گهر جا مَڏالا (ذميداريون) کڻي!!
    جهنگ جبل جي رَهَڪ (رهڻي ڪهڻي) ڀلي ڪيڏي به سکي هجي، پوءِ به گهڻي اوکي ۽ خطرن سان ڀريل هوندي آهي. ڪک پن، ڪاٺي پاڻي وغيره سڀ گهر لاءِ عورتن کي ئي ڪرڻو پوندو آهي. پنڌ وڏا جتي اُٺ کان سواءِ ڪا سواري به نه هجي. جبلن جي پنڌ ۾ اٺ جي سواري به گهڻي ڏکي هوندي آهي. ماڻهو ڀانئين اُٺ گهوريو (ٺهيو) پير ئي وڏي سواري آهن.
    هڪ ڀيري سندس ڀيڻ ڪَملُ (ڪَمي) وٽس آئي ته، ”امان ٺيڪ ڪانهي توکي ياد ٿي ڪري....“ هن ڊڄي چيو، ”گهڻو ٺيڪ ناهي ڇا؟“ ڪمل کلي چيو، ”امان جي دادلي آهين سو زهيري (اڪنڊي) آهي سو.....“
    سناسي خان سفر تي اسهيل هو. هُن پنهنجي چاچيءَ (سس) کان موڪل ورتي، ۽ ڀيڻ سان گڏجي ماءُ جي گهر وڃڻ لاءِ نڪتي جيڪو هڪ ٻن جبلن جي پٺيان هو.
    صاحب ڏني گهر مان نڪتي ته پاڻ سان لٺ به کنيائين ته ڪمل کلي چيس، ”پُرهه (مرد) آهين ڇا لٺ ڇو کئين اٿئي؟“ کلي ڀيڻ کي چيائين، ”تو جهڙي ڀاڙي آهيان ڇا، جو پاڻ ڦرائينديس.“
    ڪمل کلي چيو، ”طعنو ٿي هڻين؟“ ڀيڻ کي کلي ڀاڪر پائي چيائين، ”ماڻهوءَ کي ايڏو به ڊڄڻو ۽ ڪمزور ٿيڻ نه گهرجي، جيئن تون. گهٽ ۾ گهٽ ماڻهو پنهنجي سنڀال ته ڪري سگهي. لَٺ ان لاءِ کنئين اٿم ته جهنگ جبل آهي. متان ڪو نانگ بلايا گدڙ ڀڳاڙ اڳيان اچي.... ته به ماڻهو سکڻا هٿ ته نه هجي.“
    ڪمل خوف مان درڙي ڀري چيو، ”پوءِ تون ڇا ڪندينءَ! انهن سان دَهَدُور (مدمقابل) ٿيندينءِ ڇا؟ منهنجو آسرو متان ڪرين. آئون ڀڄي وينديسان.“
    صاحب ڏنيءَ ڀيڻ ۾ نهاريو جيڪا هراسجي وئي هئي. چيائينس، ”نه، نه دهدور ڪونه ٿينديس، ڪجهه ڪونه ٿيندو، هل.“
    صاحب ڏنيءَ واريون پاڻ ۾ چار ڀينرون سمل (سمي)، ڪمل (ڪمي)، آسودي ۽ پاڻ صاحب ڏني ۽ هڪ ڀاءُ ڇٽو خان بڪڪ هو (جيڪو پڻ ڪتاب ۾ هڪ ڪردار طور آيل آهي).
    وڏي ڀيڻ سمي تمام گهڻو بهادر ۽ ساهو (برداشت ڪرڻ واري) هئي. ان کي سهڻ لاءِ ڏک به وڏا آيا. کيس ٽي ٻار هئا. ٻه پٽ پنهون ۽ لونگ، ۽ هڪ ڌيءَ هئي. ٽئي ٻار جانٺا، جوان، قداور ۽ طاقتور بهادر ۽ عزت وارا هئا. جن کي ڏسي غيرن کي حيرت وٺي ويندي هئي ته هيڏا طاقتور ماڻهو به ٿيندا آهن!!
    سندس وڏو پٽ پنهون ايڏو ته طاقتور هو جو هڪ ڀيري ماءُ سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ ڪيڏانهن ويو ٿي. پتڻ تي ٻيڙيءَ ۾ ڪي اٺ ۽ جوان گورا به چڙهڻا هئا، جيڪي نه ٿي چڙهيا. ماڻهن گهڻيون ئي ڪوششون ڪيون. زور ڏنا پر گورا ٻيڙي ۾ چاڙهي نه سگهيا. هونئن به اٺ لاءِ مشهور پهاڪو آهي ته، ”ائين ٿو گَهَلَ ڪري جيئن پتڻ تي اُٺُ.“ اهو سڀ ڏسي پنهون اڳيان وڌيو ۽ هڪ هڪ گوري کي اڪيلي ئي ڪلها ڏئي ڀاڪرن ۾ ڀري اڇلائي ٻيڙي ۾ وڌو. اهو ڏسي ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي ويون ٻنهي ڀائرن کي ڏسي ماڻهو سندن ماءُ سميءَ کان پڇندا هئا ته، ”امان، پٽ خوراڪ (طاقتور قسم جي معجون) تي پاليا اٿئي يا ڍاٽيءَ (طاقتور مرد) جو نسل آهن؟“ ته سمي پٽن ڏانهن نهاري چيو هو ته، ”جيجل، پليا ته رَٻَ تي آهن. باقي ڍاٽيءَ جو نسل ضرور آهن.“
    سميءَ جو گهر وارو الله رکيو به نهايت قداور، بهادر ۽ طاقتور مڙس هو جنهن جي هڪڙي لپاٽ (چماٽ) لڳڻ سان ڪنهن ماڻهو کي نڪ وات ۽ ڪن مان رت وهڻ جاري ٿي ويندو هو. جنهن چيو ته، ”هن کي هٿن ۾ وڏيون منڊيون پاتل آهن.“ جڏهن هن پنهنجا هٿ ڏيکاريا هئا ته کيس ڪا هڪ به منڊي پاتل نه هئي.
    اولاد سان هر ماءُ پيار ڪندي آهي. پر سميءَ جو پنهنجي ٻارن ۾ ساهه اٽڪيل هئي. وري قدرت جا انصاف ۽ تماشا ڏسو ته سندس ٽيئي ٻار ڦوهه جوانيءَ ۾ سندس ئي اڳيان گذاري ويا.
    جڏهن پنهون ۽ پني لڌي (ڌيءَ) کان پوءِ سندس آخري سهارو سگهارو پٽ لونگ گذاري ويو ته، هوءَ جيڪا عقل جي اڪابر هئي ٻين کي متيون ڏيندي هئي اها پاڻ مَتِ وڃائي ويٺي. پٽ جو جنازو گهر ۾ اندر رکيل هو. ۽ هوءَ گهر کان ٻاهر نڪري چيلهه ٻڌي پٽڻ ۽ شاهه جا بيت پارن ۽ اوسارن ۾ چوڻ لڳي. هي بيت ته هرڪو سندس ڳالهه ڪندي هاڻي به ٻڌائي ٿو ته سميءَ پنهنجي پٽ جا پار ڪندي هي بيت چيو هو،

    ”گهوڙن هنئين سڀڪا، اٺن هنيس آنءُ
    جا نينهن ڳنهندي نانءُ، سامون جيئن پوندي مامري.“

    صاحب ڏنيءَ جي ٻي ڀيڻ ڪمي (ڪمل)، جيترو سندس ٻيون ڀيڻون بهادر هيون اوتري ئي هيءَ وري صفا ڊڄڻي هئي. جڏهن سندس نئين نئين شادي ٿي هئي، يعني اڃا هوءَ ڪنوار هئي. زيور وغيره به سڀ پاتل هونداهيس پر جيئن جبل جو دستور آهي ته، گهر جي ڪاٺي پاڻي عورتن جي حوالي هوندي آهي، سو ڪمي به پاڻي ۽ ڪاٺي لاءِ گهران نڪتي. ٻيون سهيليون، ساهيڙيون اڳ نڪري ويون هيون هيءَ به سندن پٺيان نڪتي. اڃا اڌ واٽ ۾ هئي ته سامهون هڪ ماڻهو سڄو چادر ۾ ويڙهيو- سيڙهيو بيٺو هو. ان نڪو ڳالهايو نڪو ٻولاهيو رڳو ماٺ ڪيو وچ واٽ تي بيٺو هو. ڪميءَ ڇاڪيو جو دانهن ڪري کيس چيائين، ”جيڪو به آهين متان اڳتي وڌيو آهين. مون وٽ جيڪو به آهي اهو پٿري تي رکيو ٿي وڃان. هڪدم پنهنجا سمورا زيور، نٿ سميت ڪڍي پٿري تي رکيا ته اهو ماڻهو، جيڪو سندس ڪو سؤٽ ماسات هو جنهن ڀوڳ ڪرڻ ۽ کلائڻ لاءِ اهو سانگ ڪيو هو. تنهن ٽهڪ ڏئي اجرڪ منهن تان هٽايو. پرهوءَ ايڏي ته ڊنل هئي جو سڀ زيور ڪڍي اڇلائي وٺي گهر ڏانهن دانهون ڪندي ڀڳي هئي. اهو ماڻهو به زيور کڻي سندس پٺيان ئي، ”ادي، ادي“ ڪندو پي آيو، گهر اچي هوءَ بيهوش ٿي ڪري پئي.
    سندس گهر واري ان ماڻهوءَ سان ڏاڍي جٺ ڪئي. کيس ڇڙٻون ڏنائين ته، ”هي ڪهڙو ڀوڳ آهي؟ توکي ته خبر آهي ته هوءَ ڊڄي ٿي، صفا ڪو چٺ آهين. منهنجي گهر واريءَ کي جي ڪجهه ٿيو ته......“
    پوءِ مس مس ڪري کيس هوش ۾ آندو هئائون. ٽين ڀيڻ آسودي جيڪا جواني ۾ ڪنواري ئي گذاري وئي، اها پڻ نهايت طاقتور ۽ سگهاري هئي. سندس مڱڻو ٿيل هو. جبل ۾ ڇوڪري پنهنجي مڱيندي کان منهن ڍڪيندي آهي.
    هڪ دفعي سندس خاندان جي مردن ۾ اهو مقابلو ٿيو ته ٿَيرَ (وڏو ٻڪر) جي وڍيل ڪچي سِسِي (منڍي) کي ڪير ٿو طاقت ۽ زور سان وات ڦاڙي ٻه اڌ ڪري سگهي؟ گهر جون عورتون به گڏ هيون. جبل جون عورتون طاقتور ۽ سگهاريون آهن، جيڪي گهر ۾ ٿيندڙ اهڙن مقابلن ۾ حصو به وٺنديون آهن. سڀني پي زور آزمايو، آسوديءَ جو مڱيندو به مقابلي ۾ شامل هو جنهن جي ڪري هوءَ گهر جي اندر ئي هئي. سندس مڱيندي کي پنهنجي مڱينديءَ جي طاقت جي خبر هئي. ڇو ته اها سندس سؤٽ هئي. ان چيو ته، ”سِسِي گهر اندر وڃي آسوديءَ کي ڏيو ته اها به سگهه آزمائي!“ سڀني چيو، ”سهي آهي.“
    عورتون سِسِي کڻي اندر آسوديءَ وٽ آيون. ۽ کيس چيائون ته، تنهنجي مڱيندي تنهنجي سگهه آزمائڻ لاءِ موڪلي آهي.“ هن عورتن کان سسي ورتي ۽ هڪ ئي سٽ سان سسي کي ٻه اڌ ڪري کين موٽائي ڏني، ته سڀني ماين، مردن جا ٽهڪ ٽڙي پيا. هر طرف واهه واهه ٿي وئي.
    صاحب ڏني ڇوٿين نمبر تي هئي ۽ سڀني کان گهڻو مختلف هئي. هوءَ بهادر، بي ڊپي ۽ بيپرواهه هئي. جهنگ جبل ۾ بنا ڪنهن خوف جي هليو ويندي هئي.
    صاحب ڏني ۽ ڪمي ٻئي ماءُ ڏانهن وڃي رهيون هيون. ٻن جبلن وارو پيٽ جهاڳي اڳئين جبل تي چڙهيون. وَسَ (مينهن) جي مند هئي. جبل سڄو ڏٿ مان چنجهڻيون (مڪمل ڀريل) هو. ٻئي ڀينرون هلنديون، کلنديون ڪٿان ڳاڱي، ڪٿان ڳاڱو، ڪٿان چڀڙ، ڪٿان کٽالي، ۽ ڪٿان ٻير، ڇننديون داڻو داڻو وات ۾ وجهنديون چٻينديون پي وييون ته، اوچتو واسينگ نانگ جو ڦوڪارو ٻڌائون. ٻئي ڇرڪي بيهي رهيون جان نهارين ته واٽ تي سامهون ئي سامهون هڪ اجگر واسينگ ڦڻ ڦلهاريو کين گهوري رهيو آهي. ڪمي ته وٺي جبل جي ٻي پاسي کان ڀڳي، پر صاحب ڏني بيهي رهي، جيئن ئي واسينگ وڌيو هُن جي لٺ وڄ وراڪو ڪري نانگ جي مٿي ۾ لڳي ته نانگ مُچَ (ڍير/ گڏ) ٿي ويو . وري ٻي لٺ به ساڳئي طرح نانگ جي مٿي ۾ هنيائين ته نانگ پورو ٿي ويو. نانگ ماري ڀيڻ کي سڏيائين ته کيس ڪوبه جواب نه مليو. هوءَ لٺ هٿ ۾ جهلي مشڪندي جبل تان هرڻي وانگي ڇالون ڏيندي، ماءُ جي گهر پهتي ته ڪمي رليءَ ۾ ڌڙڳي (ڏڪي) رهي هئي. صاحب ڏنيءَ ٽهڪ ڏئي سندس منهن تان رلي کنئين (هٽائي) ته هوءَ ٻَري (تپ) جي لُٽِ (گهڻو) ۾ هُڙِڪِي رهي هئي. کيس ڊپ مان سيئوٻرو (سرديءَ سان بخار) اچي ويو هو.
    صاحب ڏني ماءُ سان ملي، کيس ٺيڪ ڏسي کلي ڪميءَ ڏانهن اشارو ڪري پڇيائين، هِن کي ڇا ٿيو آهي؟“ ماءُ مشڪي چيس، ”نانگ، نانگ ڪندي اچي رليءَ ۾ پُتِرِي (گهڙي) آهي.“ ايتري ۾ سندس ڀاءُ ڇٽو خان بڪڪ به آيو جنهن کي نانگ مارڻ جي ڳالهه ٻڌايائين، جنهن چيو ته، ”ائين ڪڏهن به ڪاري نانگ کي ماري اڇلائي نه ڇڏبو آهي! نانگ جو مٿو چِلي (چٿي) کيس کفڻ (ڪفن) ڏئي ڍڪبو (دفن ڪبو)آهي.“
    صاحب ڏني، ڀاءُ ۽ سؤٽن سان گڏجي مٿي جبل تي آئي ۽ اچي کين مئل نانگ ڏيکاريائين. ڇٽو خان بڪڪ غير معمولي شخصيت جو مالڪ هو، جنهن هڪدم نانگ جي اکين ۾ نهاريو (چوندا آهن ته نانگ کي جڏهن ڪو ماريندو آهي ته مارڻ واري جي تصوير نانگ جي اکين ۾ رهجي ۽ چٽجي ويندي آهي، جي نانگ نر هوندو ته نانگڻ اچي اکين ۾ چٽيل تصوير ڏسندي آهي. جي نانگڻ ماريل هوندي ته نَرُنانگ اچي اها تصوير ڏسندو آهي ۽ پوءِ پلاند ڪندا آهن نانگ جو بدلو وٺڻ واري ڳالهه دنيا ڄاڻي ٿي). بلڪل ائين ئي ڇُٽي خان نانگ جي اکين کي ڏٺو پر نانگ جو مٿو ۽ اکيون چٿيل هيون ۽ وات مان ڪا شيءِ نظر اچي رهي هئي. هُن نمي (جهڪي) ڏٺو ته نانگ جي وات ۾ ڪنهن ٻيءَ بلاجي پڇڙي ظاهر ٿي رهي هئي. ڇٽي خان بڪڪ نانگ جي پڇ تي لت رکي وات ۾ پيل پڇڙي کي جو ڇڪيو ته، اها نڪرندي آئي تان جو اها سڄي ڪوراڙ بلا ظاهر ٿي، جنهن کي واسينگ نانگ ڳهي ويو هو. ٻنهي کي ماپيائون ته اهي تقريبن ست ست فٽن جون هيون. انهن بلائن کي پنهنجي قد سان ماپيائون، جيڪي پاڻ به ڇهن فٽن کان مٿي هئا ۽ بلائون ته انهن کان به ڊگهيون هيون. انهن کڏون کوٽي ٻنهي بلائن کي ڪپڙي ۾ ويڙهي دفن ڪري موٽي آيا.
    سناسي خان بڪڪ جڏهن سفر کان موٽيو ۽ کيس پنهنجي سورهيه سياڻي گهر واريءَ جي نانگ مارڻ واري ڳالهه جي خبر پئي ته ڏاڍو خوش ٿيو.
    سناسي خان کي پنهنجي گهر واريءَ سان ڏاڍو چاهه هو. هو سندس غير موجودگيءَ ۾ سندس ذڪر خوشيءَ ۽ فخر سان ڪندو هو. پنهنجا سڀ سؤٽ ماسات جڏهن گڏ ڪچهري ڪندا هئا ته، سناسي خان بڪڪ پنهنجي گهر واري ۾ پيار مان نهاري چوندو هو ته، ”مون کان پوءِ صاحب ڏني کان وڌيڪ قابل ۽ بي ڊپو ماڻهو مون کي گهٽ نظر اچي ٿو.“ صاحب ڏني ڊڄي ڇرڪي سندس چپن تي هٿ رکي چوندي هئي، ”ائين نه چئو آئون شال توکان اڳ وڃان.!!
    سناسي خان بڪڪ شاندار ٽهڪ ڏئي چوندو هو، ”الله ڪري ته آئون تنهنجي وڃڻ جو نه ٻڌان.“
    اهو سڀ ڏسي ۽ ٻڌي سندن خاندان وارا انهيءَ خوبصورت، شاندار ۽ بهادر جوڙي جي وڏي ڄمار لاءِ دعائون گهرندا هئا.
    لطيف سرڪار کي آئون هميشه پراسرار چوندي آهيان جيڪا حقيقت به آهي. جهنگ جبل، جتي ڪنهن تعليم جو ڪو تصور به ناهي، لکڻ پڙهڻ پنهنجي جاءِ تي، جتي ڪنهن ملي موراڻي جي به پهچ ڪانهي. اچ وڃ ناهي، اتي لطيف بادشاهه جو ڀرپور طريقي سان پهچڻ ۽ هر هڪ دل ۽ روح ۾ گهڙڻ، جاءِ وٺڻ وڏي ڳالهه آهي.
    پُرِههَ (مرد) گهوريو (ٺهيو) نڪرن، هلن، ڦرن، گهمن ٿا. پر اهي مايون جن جبل کان سواءِ نڪو ڏٺو نڪو وائٺو. انهن جي ڏک ۽ سک جي اظهار لاءِ لطيف پاڪ سنڀوڙو (تيار) بيٺل ڏسي حيرت جادر کلي ڦاٽڪ ٿيو وڃن ٿا.
    ائين ئي جڏهن ٻئي زال مڙس (سناسي خان بڪڪ ۽ صاحب ڏني) هڪ ٻئي جي موت جو نه ٻڌڻ جون دعائون گهرندا هئا ته، هي بيت صاحب ڏني جي واتان نڪري، ٻنهي جي وچ ۾ ڏيئن وانگيان جرڪي پوندو هو،

    اڱڻ تازِي ٻَهر ڪُنڍيون، پَکا پَٽَ سُونهَنِ
    سرهي سَيجَ پاسي پِرين، مَرُ ٿا مِينهن وَسن
    اَسان ۽ پِرين، شَالَ هُونِ بَرابر ڏِينهنڙا.

    کين ٻه ٻار هڪ پٽ غلام محمد خان بڪڪ ۽ هڪ ڌيءَ حسن جان هئا. سناسي خان وارا پاڻ ۾ ڇهه ڀائر هئا، کين ڪا ڀيڻ نه هئي. اهو ڌيءَ جي ڄمڻ تي ڏاڍو خوش ٿيو هو. جڏهن ته صاحب ڏنيءَ واريون پاڻ ۾ چار ڀيڻيون هيون ۽ کين هڪ ئي ڀاءُ هو، جنهن جي ڪري پٽ سندن اکين جو نور هو. صاحب ڏني عقل جي اڪابر هئي، سناسي خان جهڙي وڏي شخصيت جي غيرموجودگي ۾ به هوءَ بنا ڪنهن لکاءَ ڏيڻ جي معمول وانگي هڪ هڪ ڳالهه تي ڌيان ڏيندي ۽ نباهيندي هئي.
    ٻئي جوان هئا اڃا سندن نئين زندگيءَ جو ڄڻ ته آغاز ٿيو هو. اڃا ته سندن ٻارڙا به ننڍا هئا. اڃا ته سندن سِڪَ به پوري نه ٿي هئي جو اوچتو سناسي خان بڪڪ گرفتار ٿي ويو (اهو سڄو احوال سناسي خان بڪڪ جي پروفائل ۾ آيل آهي).
    سناسي خان بڪڪ جي گرفتاري ۽ سندس ممبئي روانگيءَ صاحب ڏنيءَ کي جهوري ٻه اڌ ڪري ڇڏيو هو. هوءَ ڄڻ ته دمبخود هئي. گهر ۽ پاڻ ته ڇا هوءَ پنهنجن ٻارن کي به وساري ويٺي هئي. پوءِ ته سندس ڪرت رڳو سناسي خان جي موٽڻ لاءِ دعائون ڪرڻ، کيس ياد ڪرڻ ۽ سندس بابت سوچڻ هو.
    مائٽ کيس گهڻو ئي دلاسا ڏيندا هئا. پر کيس ڪيئن تشفي ٿئي، جو سناسي خان نه رڳو پري هو. پر دشمنن وٽ قيد ۽ قابو هو، جنهن جي ورڻ جو به بظاهر ڪو آسرو نه هو.
    مائٽ ۽ عزيز سڀ ڪجهه ڄاڻندا ۽ سمجهندا هئا. سندس اڳيان لڙڪ لڪائي ڇڏيندا هئا. پر پوءِ پاڻ ۾ گڏجي روئي هانءُ هلڪو ڪندا هئا.
    هوءَ بيحد حسين ۽ روادار هئي. سناسي خان جي وڇوڙي هن کان سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو هو. سڀ وٽس ويٺل هوندا هئا. پر هوءَ پاڻ سڀني کان غافل هوندي هئي. هڪ ڀيري وضو ڪرڻ لاءِ اٿي، وضو ڪندي ٻانهون جو ڌوتائين ته ڄڻ ٻانهن مان لائٽون نڪتيون ۽ چؤڦير روشنيون ڦري ويون. ماڻهو کيس حيران ٿي ڏسڻ لڳا. هوءَ نور جي گهيري ۾ ڀٽائي بادشاهه جو بيت جهونگاري رهي هئي،

    تَنَ جِنِ جِي تَانگَ، سَي سَڄَڻ سَفر هليا
    لُئج لاَتِ لَطيف چَوي، ڪَڏهن اِيندم ڪَانگَ
    ڪَنهن سَٽاڻي سَانگَ، پِرِين پَر ڏيهي ڪَيا.
    (شاهه رح)

    سندس مائٽ لڪائي انجهيون (لڙڪ) گُهَندا (اگهندا) رهيا، هوءَ بي پرواهيءَ مان اٿي اچي قرآن شريف پڙهي دعا گهرڻ لڳي. سندس اکين ۾ اهو ئي منظر هوندو هو، جڏهن سناسي خان بڪڪ کي بحري جهاز ۾ چاڙهي ممبئي وٺي وڃي رهيا هئا ته، پاڻ پنهنجي ٻارن کي مٿي ڪرڻ جو چيو هئائين، جڏهن ٻارن کي چاچن مٿي کڻي کيس ڏيکارڻ چاهيو هيو، تڏهن صاحب ڏنيءَ ڇلڪندڙ نيڻن سان ڏٺو هو ته هو کيس ئي ڏسي رهيو هو.
    هوءَ اڳيان قرآن شريف هوندي به اهي ئي بيت جهونگاري رهي هئي، جيڪي سناسي خان بڪڪ کان موڪلائڻ مهل ڪراچيءَ جي بندر گاهه تي چيا هئاسين.

    مُون اُڀي تَڙَ وَٽَ، پِرين پڳَهَه ڇَوڙِيا
    ڪَا مُنهِين ۾ گَهٽ، نَا.... تَه سَڄڻ سَٻاجهاگهَڻُو.
    مُون اُڀي تَڙَجَهل.... پِرين پڳهه ڇَوڙيا
    ڪَا مُنهين ۾ اِلَ، نا ته سَڄڻ سَٻاجها گهڻو.
    مون اڀي تڙ هيٺ، .... پرين پڳهه ڇوڙيا
    ڪا منهين ۾ ڏيٺ، نا ته سڄڻ سٻاجها گهڻو
    مُون اُڀي تَڙَ پَاسِ.... پِرين پڳهه ڇوڙيا
    هُو الله توهار اُهريا، آئون دَم دَم دُعا ڪندياس
    آهه نه لاهيندياس، مَوٽي اِيندا مَان ڳَرَي.

    سناسي خان جي وڇوڙي جي جهوري صاحب ڏني کي ڳاريندي نيٺ کٽ جي حوالي ڪري ڇڏيو. سندس ڀينرون وٽس ئي هونديون هيون. ماءُ ۽ ڀاءُ به وٽس روز ايندا ويندا هئا. سناسي خان جي امڙ ۽ ڀائر وڏا باهمٿ ۽ حوصله مند هئا. اهي ٻارن کي ۽ صاحب ڏني کي سنڀالڻ ۽ پرڀائڻ ۾ پورا هئا، جن جي ڏک ۽ جهوريءَ جو ته ڪو ڪاٿو، ڪو ڇيهه ئي نه هو تنهن هوندي به هو صاحب ڏنيءَ لاءِ ڊنل هئا ته الائي ڇا ٿيندو؟ سندس چڱ ڀلائيءَ لاءِ هر هر دعائون پيا گهرندا هئا.
    سندس ڀينرون وٽس ئي رهيل هيون تن کي چيائين ته، ”اوهين پنهنجن گهرن تڙن، ٻارن ۽ ورن واريون آهيون، وڃي گهر سنڀاليو. آئون مران ڪانه ٿي جو پنهنجن گهرن ڏانهن نهاريو به نٿيون.“ هو روئڻ لڳيون ته کين يقين سان چيائين ته، ”هير (هينئر) اوهان وڃو، مون تي ويساهه ڪريو جڏهن به مرنديس اوهان کي اڳواٽ ٻڌائي ڇڏينديس“ (ائين ڪير ٿو چوي پنهنجي مرڻ لاءِ!!) .
    سمل ۽ آسودي روئنديون هلي ويون باقي ڪمل وٽس ئي رهي پئي هئي. ڇو جو سندس گهر ويجهو هو. ان کي به چيائين ته، ”ادي، تون به ڀلي ڪاٺيءَ پاڻيءَ لاءِ وڃ.“ ڪمل روز صبح جو پنهنجي گهر ويندي هئي ۽ رات جو موٽي اچي وٽس ئي سمهندي هئي.
    هڪ صبح جو جيئن ئي ڪمل پنهنجي گهر وڃڻ لاءِ سنڀري ته کيس سڏي چيائين، ”ادي، اڄ نه وڃ!“ ڪمل ويچاري اڳ ئي ڊڄڻي هئي اها روئڻ لڳي. کيس پنهنجي ويجهو اچڻ لاءِ چيائين. هوءَ ويجهي آئي ته کيس چيائين، ”ادي، پاڻ کي سنڀال، منهنجا ٻچا به اوهان سڀني کي پرتا آهن. چاچيءَ (سس) کي ۽ منهنجي سؤٽن (ڏيرن) کي به سنڀالجو. امان، ادا ۽ ادين کي به گهراءِ. سناسي خان ته ڪونه موٽيو. جي موٽيو ته منهنجا سلام ياد ڪري، ساري ڏجوس...“ هوءَ ڄڻ خود ڪلامي ڪري رهي هئي.
    سندس کٽ جي چؤڦير سندس ماءُ، ڀاءُ، ڀينرون، سس ڏير ۽ ٻار بيٺل هئا. سندس اکين جي روشن ماڻڪين ۾ سناسي خان جو گلاب جهڙو مهڪيل چهرو تري رهيو هو. هن ماٺ ۽ خاموش پنهنجون خوبصورت اکيون کڻي، جن ۾ لڙڪ جرڪي رهيا هئا. پنهنجن ٻنهي ٻارن ۾ آس ۽ پياس مان نهاريو. پنهنجي مٿي جي هيٺيان رکيل وهاڻو پاڻ پنهنجن هٿن سان هٽائي زور سان ڪلمو پاڪ پڙهيو، ’لا اِلهٰ اِلاَّ اللهُ مُحَمَّد رَّسُولُ الله .‘ ۽ پنهنجا هٿ پير ڊگها سڌا ڪري اکيون ٻوٽي ڇڏيائين.
    سڀ ئي مائٽ عزيز اهو معجزو اکيون ڦاڙي اچرج مان ڏسي رهيا هئا. جيڪو ويساهه کان ٻاهر هو. اِنالِله واِنا اِليه راجعون. ان وقت صاحب ڏني جي عمر 28 سال هئي. اهو جوان موت ۽ اهي غير معمولي ڳالهيون وسرڻ جهڙيون ناهن. جڏهن ساڳئي مهيني ۾ ممبئيءَ کان 32 سالن جي سناسي خان بڪڪ جي شهادت جي خبر آئي ته، قيامت جهڙي روڄ راڙي ۾ به لطيف رح جي هي سٽ سڀني کي چٽي ياد آئي، ”اسان ۽ پرين، شال هون برابر ڏينهنڙا.“ سندس سچي دعا جي قبوليت تي هرڪو حيران هو جيڪي ٻئي هڪ ٻئي کي چوندا هئا ته، ”شال آئون تنهنجي وڃڻ جو نه ٻڌان.“


    هڪ وضع دار ڪردار وڏيرو ملهه خان پالاري (ڪَلاڻي)

    ڪوهستان جي مردم خيز خطي جي هڪ نهايت مڻيادار شخصيت وڏيري ملهه خان پالاريءَ جي آهي جنهن جي تعريف ۽ساراهه کان سواءِ ڄڻ ته ڪوهستان جي تاريخ اڌوري ۽ اڻ پوري آهي.

    هن قابل احترام شخص کي قدرت وڏيون خوبيون عطا ڪيون آهن، ۽ وڌين وصفن سان نوازيو آهي جن ۾ سرفهرست سندس ماڻهپي جي شناس آهي جيڪا گهٽ ڳالهه ناهي.
    مردم شناس ماڻهوءَ وٽ خود پنهنجي شناس به هوندي آهي. جنهن وٽ پنهنجي ذات جي سڃاڻپ هجي اهو ئي بهترين ۽ لاجواب ماڻهو هوندو آهي.
    مردم شناسي ۽ ماڻهپي جي سڃاڻپ کيس لوڙايو به آهي. پر هن مانجهي مرد ڪڏهن به ان ناياب وصف مان هٿ نه ڇڏايو. بلڪه پاڻ ان ۾ پڪو ٿيندو ڪندن بنجي ويو.
    ماڻهپي ۾ ويساهه به وڏو اٿس. هن چونڊي چونڊي اهڙا ماڻهپي مان پُرُ ماڻهو هٿ ڪيا جيڪي هئا به هيرا ۽ موتي.
    سائين جي.ايم.سيد سان سندس محبت ۽ عقيدت جو اهو مثال آهي ته، سائين جي ايم سيد وٽس مهمان ٿي سَريءَ ۾ آيو ۽ وڏيري ملهه خان پالاريءَ ڄڻ ته سائينءَ کي پنهنجي دل جي خانن ۽ اکين جي ماڻڪين ۾ پوري مقيد ڪري محفوظ ڪري ڇڏيو.
    اڄ به جتي وٽس سائين جي.ايم.سيد رهيو هو اهي هنڌ، بسترا، ٿانوَ ٿپا، کٽون پلنگ ۽ اهو ڪمرو سائينءَ جي خوشبوئن سان مهڪي رهيو آهي. اهڙو ئي ڳڻائتو آهي هي مرد مٿير اسان جو پيارو ملهه خان پالاري صاحب.
    دوستي نباهڻ ۽ ساٿ ڏيڻ ڪو هن کان سکي. موٽ ۾ ڀلي ڪيڏو به نقصان ۽ ڇيهو رسي. پر ساٿ نڀائڻ واري پنهنجي رسم کي مڙس ٿي منهن ڏيڻ، ۽ سرخ رو ٿيڻ ڄڻ ته سندس ئي حصي جون وصفون آهن.
    ڪيئي دور آيا ويا، ڪيترن ئي جابر ۽ ظالم آمرن اليرون ۽ اڳرايون ڪيون. پر جبل جي هن جبل جهڙي شخصيت کي مڃائڻ وارو نڪو آيو نڪو ڄايو.
    هتي ته سائي ڍائي ملڪ ۾ به جهموريت جي ڪا خاص ريت نه رهي آهي. جڏهن ته ڪوهستان جهڙي اوکي ۽ ڏکئي ملڪ ۾ اهڙي ڪنهن ڳالهه جو تصور به اڻ ڏٺو خواب آهي. ائين ناهي ته ڪو ڪوهستان ۾ انصاف ۽ قانون اڻ لڀ آهي.
    ڪوهستاني وڏيرا ڏاڍا امن پسند ۽ انصاف ڏيندڙ آهن. ’فضل‘ ڪرڻ واري ڳالهه ٻي آهي. باقي ’عدل‘ ڪرڻ سان ڏوهي ڪڏهن به سزا کان نه ٿو بچي سگهي. جڏهن ته ڳالهه آهي جهموريت جي جيڪا ان ملڪ ۾ اڻ لڀ آهي، جنهن ملڪ سان اسان جو ڪوهستان واڙيل آهي. تنهن هوندي به جبل جي ماڻهن ۾ بڇڙي سڇڙي ۾ فرق آهي. اڀري سڀري جي مٿي تي ٻاجهه ڀريو هٿ رکن ته ظالم سان مهاڏو به اٽڪائين.
    ملڪ ۾ فوجي آمر ايوب خان جي حڪومت هئي جنهن ظلم ڪري، ماڻهو پيڙهي، ملڪ جو خزانو خالي ڪري پڇاڙيءَ ۾ پاڻ کي چونڊيل حاڪم سڏائڻ جي شوق ۾ اليڪشن ڪرائڻ جو ارادو ڪيائين.
    ظالم آمر اڳيان هرڪو ٻڌو ٻانهو ٿي بيٺو. ڪنهن به پاڻ ۾ ست نه ساريو ته سنڌ ڄائي، جناح صاحب جي جهڙس ئي سچي ڀيڻ محترمه فاطمه جناح ميدان ۾ نڪري نروار ٿي. پوءِ ته ظالم آمر ظلم جون باهيون ٻاري ڇڏيون. جنهن به امڙ سانئڻ جي حمايت ڪئي ٿي ان تي ظالم جو ظلم ڪڙڪي پيوٿي.
    اهڙي ماحول ۾ به ڪوهستان جا جوڌا ظالم سان مقابلو ڪرڻ لاءِ اٿي سنوان ٿيا. سيٺ علي محمد بڪڪ، سيٺ غلام محمد بڪڪ ۽ سندن بڪڪ برادري جا ٻيا به ڪيئي مرد مٿير، تڏهن بغاوتن جي ڪيسن ۾ ڦاسي گهاٽن ۽ سولين جا منتظر هئا، ته ڪي وري محترمه جي حمايت ۾ اٿي کڙا ٿيا هئا. انهن ۾ قادر بخش بڪڪ، سليمان بڪڪ ۽ وڏيري ملهه خان پالاريءَ جهڙا مرد مجاهد به شامل هئا. هڙان وڙان محترمه فاطمه جناح جي اليڪشن ۾ مددگار ٿي بيٺا. حالتن جو مقابلو بيڊپا ٿي ڪيائون.
    ظالم آمرن جا ته ڪم ئي ڪڌا ۽ اونڌا هوندا آهن. جنرل ايوب خان حڪم ڪيو ته ڪوهستان مان ٻڪريون ڪڍيو وڃن. ڇو جو ٻڪريون وڻ ۽ قيمتي ٻوٽيون کائي وڃن ٿيون.
    ڪوهستانين جو ته ڌن دولت بلڪ ساهه پساهه ئي ٻڪريون آهن. اهي اٻالا ۽ اپاتا ڪيڏانهن وڃن؟ ڪامورا حڪم جا بندا ڀاڳين جي پويان پئجي ويا.
    وڏيرو ملهه خان پالاري اها ڳالهه کڻي پير غلام رسول شاهه جيلانيءَ وٽ ويو ۽ صلاح مشورو ڪري پير صاحب جي اڳواڻيءَ ۾ وفد وٺي وڃي ذوالفقار علي ڀٽي (شهيد) سان لاهور ۾ مليا. ڀٽي صاحب (شهيد) جي مشوري سان پير غلام رسول شاهه جيلاني صاحب جي اڳواڻيءَ ۾، عبدالستار پيرزادي (مرحوم) کي وڪيل ڪري هاءِ ڪورٽ مان فوجي حڪم خلاف اسٽي آرڊر ورتائين.
    وڏيرو ملهه خان پالاري پنهنجي ڄمار بابت ٻڌائي ٿو ته، اسان وٽ ٻهراڙين ۾ ته ڄم جي تاريخ لکيل نه هوندي هئي. ڇو ته ايترو علم عام ڪونه ٿيو هو. انهيءَ ڪري ڪن اهم واقعن سان مشابهت جوڙي عمر جو اندازو ڪيو ويندو آهي. ائين ڪندي آئون به ٻڌائي سگهان ٿو ته پهرين مهاڀاري لڙائي جيڪا 1914ع کان 1918ع تائين هلي اها مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي انهيءَ وقت جيڪي تنگ حالتون هيون، کاڌي پيتي ۽ عام استعمال جي شين جي اڻاٺ ۽ خوف و حراس مون کي بلڪل ياد آهن. ٻيو واقعو ته هاڻي لکڻ پڙهڻ مان معلوم ٿيو آهي ته، ملڪ صوبدار خان 1921ع ۾ وفات ڪئي، مون کي اها ڳالهه بلڪل ياد آهي چڱيءَ طرح سان. آئون پنهنجي مينهن سان جوءِ ۾ هئس ته ڊَڍُ وڳو ۽ خبر پئي ته ملڪ صوبدار خان گذاري ويو آهي. انهيءَ وقت اٽڪل 17- 18 سالن جو هوندس. انهيءَ مان اندازو ٿئي ٿو ته ويهين صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي جي پهرين سالن ۾ ڄائو هوندس.“
    ماشاء الله ماشاء الله يعني هن وقت سندس ڄمار تقريباً هڪ سو 6-7 سال هوندي. پنهنجي اها ڊگهي ڄمار هُن رائگان يا اجائي نه گذاري آهي. ان ڊگهي ڄمار ۾ سندس ڪيئي ڪارناما، انصاف ڀريا فيصلا، ملهائيتون ڪچهريون، دوستن سان اوڄون (مددون)، مڙسيون، ظالمن ۽ جابرن سان مقابلا، شوق، ذوق ۽ محبتون درج آهن.
    پنهنجي شوق/ ذوق بابت چوي ٿو ته، ”منهنجو ننڍپڻ کان ئي ٻهراڙيءَ جي حساب سان اٺن ۽ گهوڙن جي سواريءَ جو شوق رهيو، جيڪو ان وقت ضرورت به هئي. سٺو گهوڙو عزت جي به نشاني سمجهي ويندي هئي. شادين، غمين، ميلن ملاکڙن ۾ اٺن ۽ گهوڙن جا مقابلا ٿيندا هئا ۽ کٽ- هار به ٿيندي هئي. مون کي سٺن وهٽن ڌارڻ، سواري ڪرڻ ۽ گهمائڻ جو خفت هوندو هو ۽ اڄ به آهي.
    ”آئون پاڻ به وهٽن جو سٺو هسوار آهيان. سنڌ جي ٿر ۽ ڪاڇي گر ۾ سٺن وهٽن جا هسوار منهنجا دوست رهيا آهن. ٿر ۾ اٺن جا هسوار فقير لطف علي، حڪيم جوڻيجو، نظام نهڙيو، سروپو ٺڪر ۽ ٻيا به ڪيترائي دوست هئا جيڪي اڄ هن فاني دنيا ۾ ناهن رهيا.
    ”آئون ڀلا اٺ گهوڙا ڪاهي سنڌ جي ميلن جهڙوڪ، غلام شاهه، ساجن سوائي، اڏيرو لعل، مهرشاهه، پير پٺو ۽ لس ۾ پير حسڻ ۽ ٻيا به حب لس جا ميلا لڳندا هئا اتي ويندو هئس.“
    اهو وري آئون ٻڌائيندي هلان ته، سائين ملهه خان پالاري اٺ ۽ گهوڙي سواري سؤ سالن جي ڄمار کان مٿي عمر تائين ڪندو رهيو آهي. مون کي سندس لائق ۽ وضع دار پٽ در محمد پالاري صاحب ٻڌايو ته، ”هاڻي مس ڪي ٻه سال ٿيا آهن جو اٺ ۽ گهوڙي جي سواري نه ڪندو آهي.“
    محترم ملهه خان پالاري شخصي طرح سان نهايت مهربان، ٻاجهارو ۽ سنڌي روايت پسنديءَ جو عظيم مثال آهي. ’آئي کي آءُ ۽ ويندي کي ويهه‘ چوڻ واري عظيم ريت جي پاسداري جو ثبوت، سندس وڏيون اوطاقون ۽ گهر جا بيحد وڏا بورچي خانه آهن.
    مهمان مڙهي جي ماني ۽ رهڻ جو انتظام وقت ۽ موسم جي پرواهه بنا چوويهه ڪلاڪ جاري آهي. جنهن ۾ ساڻس گڏ سندس سڄي آڪهه به خوشيءَ سان شامل آهي. اها سندس ئي شاندار تربيت آهي جو سندس اولاد ساڻس گڏ آهي ۽ ڀرپور طريقي سان ڪلهي شريڪ آهي.
    مهمانوازي ۽ اوطاقن جي باري ۾ پاڻ چوي ٿو ته، ”آڳاٽي زماني ۾ اوطاقون مردن جون نشانيون هونديون هيون، جنهن کي اوطاق نه هوندي ته هو مڙس ماڻهو ڪونه ليکبو هو. اوطاقن ۾ رونقون، ڪچهريون، مچ تي مارڪا، مڙس ماڻهن، مردانن (تڪڙا، متحرڪ، مظبوط، همٿ وارو) جون نشانيون هونديون هيون. مون کي به حال سارو اوطاقن ۽ مهمانن جو شوق رهيو.
    ”سدائين سياري ۾ مچ مارڪو ۽ يارن دوستن جي آمد سان عيدون ٿي وينديون هيون. اڄ ته سڀڪو پنهنجي بدن کان بيزار آهي. مهمان ڏٺائين ته تپ چڙهي ويندس“
    وڏيرو ملهه پالاري ڪوهستان جو ’نڪ‘ مڙس آهي، جنهن وٽ ڪوهستان جي هر هڪ سُرهي ۽ سُهڻي ريت ۽ رسم پنهنجي شان ۽ مان سان دنگ ڪري ٿي. پوءِ اها مڙسي هجي، مهمانوازي هجي، اوڄ يا مدد ڏيڻ هجي، انصاف ڏيڻ هجي يا ڪچهري. هو هرهڪ ڳالهه ۾ پورو ۽ ڀَڙُ آهي.
    ريڊيو حيدرآباد جي پروگرام، ’ڪچهري‘ جنهن ۾ سيد صالح محمد شاهه جو امر ڪردار ”فتح خان“ جنميو هو. ان پروگرام ۾ سڀ کان پهرين وڏيري ملهه خان پالاري جي شان ۾ موري جي مهان ڪلاڪار طالب پالاريءَ مورو ڏنو هو، ’ملهه وڏيري تان مورو چوان.‘ جيڪو ڪوهستان جي جبلن ۽ پَٽن ۾ پڙا ڏاڪري ٻُري ويو هو ۽ ملهه خان پالاري انهي عزت ۽ خراج جو لائق به هو. هو مڪمل طريقي سان ان جو حقدار به هو.
    وڏيرو ملهه خان پالاري ڪوهستان جي اها وضعدار شخصيت آهي، جنهن کي مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو. سندس لباس، سندس گفتگو، سندس هلت چلت ۽ هاٺي ڪاٺي سڀ ڪجهه معتبر ۽ وضعدار آهن. ان جو هو پاڻ خيال به رکي ٿو ۽ چوي ٿو ته، ”اڳي مردن جي پوشاڪ به مرداڻي هوندي هئي، وڏيون سٿڻيون، اجرڪ، پٽڪا، لُنگيون، مون اهي سڀ پوشاڪون پهريون. اڳي خوشبوءَ ۾ عطر جو استعمال به عام هوندو هو، ڪن ۾ عطر جو ٻُڙَو هڻبو هو، جتيون چانديءَ واريون ۽ هٿ ۾ لڪڻ به چاندي وارو هوندو هو. منهنجو اهڙو چانديءَ چمڙي سان لڪڻ سائين غلام مصطفيٰ شاهه (مرحوم) سابق وزير تعليم کڻي ويو، جيڪو پڻ لڪڻن ۽ بانٺن کي گڏ ڪرڻ جو تمام وڏو شوقين هو.“
    راڄ ڀاڳ جا معاملا هجن يا ڀائر برادريءَ جا مسئلا، سائين ملهه خان پالاري سدائين جتي ڪٿي سچ جو ساٿاري رهيو آهي. موٽ ۾ ڀلي کيس ڪيڏو به وڏو ذاتي نقصان ٿئي پر پاڻ هميشه هر هنڌ ’سَرِ جواب‘ رهيو. جنهن لاءِ پاڻ چوي ٿو ته، ”اڳي راڄ وندي هئي سڀ معاملا راڄ ۾ گڏجي نبيربا هئا. خوشامند ۽ ووٽ جي لالچ ڪانه هئي. هاڻي ته ووٽ گهرجن، انصاف جي ضرورت ڪانهي. اڳي ماڻهو دڙڪي داٻ تي جهڪندا ڪونه هئا، عزت ڏئي پنهنجا ڪبا هئا. هاڻي سڄو ڪم صوبيدار حوالي آهي“ (ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا).
    پنهنجي علائقي جي حاڪميت بابت چوي ٿو ته،” اسان وٽ ٻه سرداريون آهن. هڪ حمل خان جي سرداري جنهن جو مرڪز ٿاڻو احمد خان آهي. ٻي سرداري ٻاپڙي جي، جنهن جو مرڪز ٿاڻو بولا خان آهي. حمل ۽ ٻاپڙو ٻئي ڀائر هئا. ڪوهستان جو اتريون حصو حمل جو هو جن جا اڳواڻ ملڪ صوبدار خان وارا هئا ۽ ڏکڻ ڪوهستان ۾ ويندي درياهه تائين ٻاپڙي جي سرداري هئي، جن جو اڳواڻ ملڪ بولا خان رهيو. جڏهن ملڪ بولاخان 1939ع ۾ بنا اولاد جي وفات ڪئي ته، ملڪ صوبدار خان جي ڀاءُ ملڪ شير دل خان، جيڪو خيرپورميرس ۾ ڊپٽي سپرنٽنڊيٽ پوليس هو، انهيءَ ڪوشش ڪئي ته جيئن ته حمل ۽ ٻاپڙو ٻئي ڀائر هئا. جيڪڏهن هڪ ڀاءُ بنا اولاد جي گذاري ويو آهي ته انهيءَ جي سرداري ٻئي ڀاءُ جو حق آهي ان ڪري هن پنهنجي وڏي فرزند ملڪ نصيرخان کي پڳ ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي. اهو انهيءَ وقت علي ڳڙهه ۾ زير تعليم هو، تنهن کي دستاربنديءَ لاءِ گهرايو ويو. راڄن سان صلاح مشورا شروع ڪيا ويا. ان وقت حماتن پاران حاجي اسماعيل حماتي، جاکرن جي پاران عبدي خان جاکرو وڏيءَ عمر وارا هئا. پالارين ۾ حاجي الهڏنو منهنجو چاچو جيڪو پيرسن ۽ ضعيف هو جيڪو پوءِ هڪيو ئي گذاري ويا. انهن انهيءَ ڳالهه ۾ راضپو ڪونه ڏيکاريو. منهنجي وڏي ڀاءُ مرحوم متاري خان ۽ مون انهيءَ ڳالهه تي انڪار ڪيو. اسان جو چوڻ هو ته، جيڪڏهن ملڪ بولا خان گذاري ويو آهي ته، سندس عزيزن مان ڪنهن به ٻاپڙاڻيءَ تي پڳ ٻڌي وڃي.“
    انهيءَ ڳالهه تي ٿاڻي احمد خان جي ملڪن مخالفت ڪئي. چيائون ته، ”اسان ائين ٿيڻ ڪونه ڏينداسين.“ اسان وري ملڪ بولا خان جي سڀني راڄن سان صلاح مشورو ڪري ملڪ بولاخان جي ڏور جي سؤٽ ملڪ جيئند خان عرف علي بخش خان کي پڳ ٻڌڻ لاءِ تياري ڪئي، جنهن تي ٿاڻي احمد خان جي ملڪن چيو ته، ’ٿاڻي بولان خان ۾ اسان اهو اجتماع ڪرڻ نه ڏينداسين.‘انگريزن جي حڪومت هئي. امن امان لاءِ هنن ٿاڻي بولاخان ۾ پڳ جي ميڙ لاءِ منع ڪئي. اسان مجبور ٿي جهمپير ۾ راڄ گهرائي ملڪ علي بخش خان کي پڳ ٻڌي ڇڏي ۽ اسان حاڪمن جي نظر ۾ اچي وياسون. اهو زمانو ورهاڱي واري هلچل جو هو. ورهاڱي جا آثار نظر اچي رهيا هئا. ٿاڻي احمد خان ۾ انهيءَ وقت پڳدار ملڪ سردار خان هو. هُو جاگيردار هو. انگريزن وٽ هنن جي اهميت هئي. هنن کي پاور هو ته ڪنهن به ماڻهوءَ خلاف لکن ته، هن تي ڪيس ڪيو وڃي ته، هو ٻڌو ويندو. پڳ واري ڪاوڙ تان مون تي ۽ منهنجي ڀاءُ مرحوم متاري خان تي 110 جو ڪيس ڪرايو ويو. پنهنجا واسطيدار ماڻهو شاهد ڏنائون. ڪيس ڪرڻ کان پوءِ اها ڪوشش ٿي ته ملڪ بولا خان جي واسطيدار راڄن جي شهرن ۾ بدامني پيدا ڪئي وڃي ته جيئن هندو برادري هي شهر ڇڏي وڃي. انهيءَ سلسلي ۾ ڏڌرن ڪَرچات (علائقو) مان اچي ڪلي کوهر مان سيٺ ڪوڏڻ مل جي گهر سميت سڄو شهر ڦريو. مول جي هملاڻي صاحبان اچي سَريءَ شهر مان ڇَتي مل جي گهر ۾ ڌاڙو هنيو. نتيجي ۾ ڪلي کوهر شهر جا هندو لڏي هندوستان هليا ويا. سيٺ ڪوڏڻ مل جا پٽ ٿاڻي بولاخان ۾ اچي رهيا. ڪجهه گهر جهمپير لڏي ويا. ڪي گهر سريءَ لڏي آيا.
    ”ٻنهي ڌاڙن جا فرياد داخل ٿيا، ڪيس چالان ٿيا، جوابدار گرفتار ٿيا. ڪجهه عرصي کان پوءِ راڄوڻي ڪري جوابدار ڇڏايا ويا.
    ”اسان ٻنهي ڀائرن تي داخل ڪيس تي اسان تي وارنٽ نڪتا. ان وقت ايس.پي صاحب هندو هو. انهيءَ مون کي گهرايو، آئون اتي ويس، مون هن کي ڳالهه ٻڌائي. ۽ سڄي صورتحال ڪلي ۽ سريءَ جو ڌاڙو هن جي اڳيان هو. هُو مخالف کي سمجهي ويو. مون کي ان وقت جي ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب شايد آغا محمد يعقوب هو، ان وٽ وٺي ويو. هن کي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايائين ته، هي ڪيس هنن تي پڳ واري معاملي ۾ ٿيل آهي. ڊپٽي صاحب اسان جو ضامن کنيو. ڪيس هليو، فريادي، شاهد سڀ آيا. اسان جو وڪيل مرحوم عبدالشڪور منشي هو، ڪيس هلائي ڪورٽ اسان کي باعزت بري ڪري ۽ عزت جي ڪيس جو حق ڏنو.
    ”اسان عزت جي ڪيس ڪرڻ لاءِ نقل ورتاسون ۽ ڪورٽ ۾ وياسون، پوءِ اسان جا پُڦاٽ مرحوم حاجي محمد علي حملاڻي ۽ لعل بخش حملاڻي آيا ته هاڻي ڪيس نه ڪريو. ڳالهه کي اتيئي ختم ڪريو. جنهن کان پوءِ اسان ڪيس تان هٿ کڻي وياسون.“
    ”اسان ته پنهنجي پاران ڳالهه ختم ڪري ڇڏي. پر هميشه حاڪمن جا ناپسنديده رهياسين.“
    ”ٻاپڙي جي پڳ ملڪ علي بخش خان کان پوءِ سندس فرزند مرحوم محب علي خان عرف ملڪ صفر خان کي ٻڌائي وئي. هن وقت ملڪ محب علي جو سالو ملڪ دوست علي خان انهيءَ پڳ کي هلائي رهيو آهي جو ملڪ محب علي خان به بنا اولاد جي گذاري ويو.
    ”اسان کي جڏهن هتي ڪيس ڪري تنگ ڪيو ويو ته مون تي 110 کان سواءِ به ٽيهارو کن ڪيس ڪرايا ويا. ڏاڍو ڏکيو وقت آيو ته. منهنجي نواب غيبي خان چانڊئي سان نياز مندي هئي. انهيءَ چيو ته جيڪڏهن توکي نه ٿو رهڻ ڏنو وڃي ته، پوءِ اچ ته منهنجي جاڳيرن مان هڪڙي ديهه سڄي توکي ڏيان ٿو. تون ۽ تنهنجا واسطيدار وٺي اچي هتي رهه. مون چيس ته، ’سائين، مون کي خبر آهي ته توهان وٽ نهري پاڻي آهي، آباديون سٺيون آهن پر آئون پنهنجو اباڻو پڊ ڪو نه ڇڏيندس. ڏک سک سڀ عارضي آهن. الله ڪندو ته ڏک لهي ويندو.‘
    ”رب جي فضل سان اڄ هن وڏي عمر ۾ پنهنجن پڊن، پنهنجن ٻچن ۽ راڄن سان عمر جو آخري حصو خوش گذاري رهيو آهيان. باقي ڪرڙي اک اڄ به آهي. الله سائين شر کان بچائيندو آمين.“
    سائين ملهه خان پالاري جا ابا ڏاڏا پڻ وڏا مالدار ڀاڳيا هئا، جنهن ڪري ڄمندي ئي سندس واسطو مال سان ٿيو. مال لاءِ ٻني هجڻ ضروري آهي.
    سندس مائٽن جون چڱيون باراني ٻنيون هيون پر سائينءَ پاڻ به پنهنجي ذاتي محنت سان ٻنيون ٺاهيون ۽ کوهه کوٽائي آبادي ڪرائي.
    وَسَ تي آڌار ڪندڙ ڪوهستان جهڙي ملڪ ۾، (مينهن) بنا ٻنين سان وڏيون محنتون ۽ هلاکيون ڪرڻيون پونديون آهن.
    وڏيري ملهه خان پالاريءَ کي ٻنين جو شوق عشق جي حد تائين آهي. اڄ به ڏينهن رات ٻنيءَ ۾ محنت ڪندي نه ٿڪبو آهي. هن مهل سائينءَ جي ڄمار ماشاءَ الله سو سالن کان به چڙهيل آهي. پاڻ اڃا به جڙد مڙد ۽ پنهنجي منٽ موٿاڄي ۽ هٿين پيرين آهي.
    ٻنين تي تڳڻ، ٺوٺ پوٺي ملڪ ۾ ڄڻ ڪوڙ وڍڻ آهي. سو زندگيءَ جي گذر سفر لاءِ ورهاڱي کان به اڳ پاڻ گاڏي (ٽرڪ) وٺي ڪارو بار شروع ڪيائين جيڪو اڄ تائين جاري آهي. اڄ سندس پوٽا اهو ئي ڪارو بار ڪري رهيا آهن. انهيءَ ڪارو بار بابت پاڻ چوي ٿو ته، ”انهيءَ زماني ۾ يعني ورهاڱي کان به اڳ برادرم سيٺ علي محمد بڪڪ پڻ اهو ئي ڪاروبار شروع ڪيو هو.“
    آئون (ج.ع. منگهاڻي) جڏهن پنهنجي لکڻين ۾ چوندي لکندي آهيان ته لفظ، ’وڏيري‘ جي باري ۾ گهٽ وڌ نه ڳالهايو وڃي، بيعزتي نه ڪئي وڃي يا ڪو گٿو لفظ نه ڳالهايو وڃي ته، منهنجي اڳيان وڏيري ملهه خان پالاري جهڙائي سچا، محنت ڪش، پورهيت، مهربان ۽ معتبر ’ڪوهستاني وڏيرا‘ جن جي سچائي، انصاف پسندي، ۽ پاڻ پنهنجي هٿن سان پورهيو ڪري زندگي حق حلال جي ڪمائي کائي گذاريندڙ سٻاجها ۽ اڻمول انسان هوندا آهن. جيڪي هڙان وڙان ڏئي وٺي ماڻهن جون مشڪلون، مسئلا ۽ ڏک ٽاريندا آهن. نه ڪي آٽهڙو، واٽهڙو، اڙي ٿڙي کان کسي ڦري پنهنجا ڀڀ ڀري جُهجَهه (وڏا پيٽ) ڇاڻيندا آهن.
    سُوار ڏڪار هڪ جهڙا، ٿورو کائي گهڻو شڪر ڪندڙ شَنبِيءَ (هاٺي ڪاٺي/ اسٽڪچر) سُهڻا. جن جو جيئرو مثال وڏيرو ملهه خان پالاري آهي، جيڪو ڪڏهن به ٿلهو نه رهيو. سنهو سيڌو، سنئون سپڪ، قداور ۽ بردبار.

    ڪَشن ساڻِ ڪَسي، ڏِيلَ ڪَيائُون ڏُٻَرا
    پَيٽ نه هَير يَائُون پَانهنجا، چَوري سَاڻِ چَسي
    وَيراڳين وَسي، رَامُ سَدائين رُوحَ ۾.
    (شاهه رح)

    سائين ملهه خان وڏيري جي ٻاجهه، نياز ۽ نوڙت جو هي تازو شاندار نمونو ته ڏسو! آئون جيڪا سندس اولاد جي برابر آهيان يا اڃا به ننڍي، اها جڏهن کيس سندس عزت ڀرئي، شانائتي ۽ پروقار زندگيءَ جي باري ۾ ڪجهه پڇڻ ٿي چاهيان ته موٽ ۾ چوي ٿو ته، ”مون کي منهنجي نياڻي محترمه ج.. ع. منگهاڻي صاحبه کان حڪم پهتو ته آئون پنهنجي زندگيءَ جو مختصر احوال لکي کيس موڪليان انهيءَ لاءِ عرض آهي ته....“
    آئون جيڪا سندس نياڻي آهيان، ننڍي آهيان، عرضدار آهيان. ان کي ’حڪم‘ ڏيندڙ ٿو چوي!! پاڻ جيڪو وڏو آهي، پيءُ جو مقام رکندڙ آهي، حڪم ڏيندڙ آهي اهو ’عرض‘ ٿو ڪري!!
    اها آهي ٻاجهه، اها آهي نوڙت. اها آهي وڏائي ۽ اها آهي معتبرائي. ’ڍوليو تنهين ڍار، هيٺاهيون هلن جي‘.... هونئن ته سائين ملهه خان پالاري صاحب خوبين جو ڀنڊار آهي. پر جيڪا اڻ لڀ حيرتناڪ خوبي منجهس آهي. اها آهي پنهنجي راڄ ڀاڳ ۽ واسطيدارن جي هرهڪ شادي ۽ غميءَ ۾ شريڪ ٿيڻ.
    مون کي ياد آهي (ڪيئن ٿيون وسري سگهن اهي محبتون ۽ يادگيريون)، ته اسان جي خاندان جي هر ڏک ۽ سک ۾ پاڻ شريڪ ٿيندا رهيا آهن ۽ دعوتون ڏئي پاڻ وٽ گهرائيندا رهيا آهن.
    سندس دوستن جو حلقو تمام وڏو آهي ۽ پاڻ وري اهڙو مهلائتو مڙس، جو مجال ناهي ڪنهن جي ڪا مهل ٽري يا رهجي وڃي. حالتن ۽ موسمن کان لاپرواهه پنهنجي راڄ ڀاڳ ۽ سنگت ساٿ سان ساڻ رهندو ساٿ نڀائيندو رهيو آهي. اهو سلسلو اڄ به جاري ۽ ساري آهي، جنهن لاءِ چوي ٿو،
    ”ڪافي وقت گذري ويو آهي. زندگيءَ جي نما شام آهي. الله العالمين جو شڪر آهي. حياتيءَ جا ڏينهن عزت سان گذري ويا. باقي جيڪي بچيا آهن شال عزت سان گذرن. پنج ئي وقت نماز پڙهيو پيا رب کان اها دعا گهرون. اسان پنهنجو وقت امن امان سان گذاريوسين. ڏاڍو سٺو وقت هو، محبتون، عزتون هيون. نه ڪو لوڀ، نه ڪا لالچ. اڄ ته راڄن جا ڌڻي لالچ ۾ اچي راڄ ڇڏي پيسي جا واپاري بنجي پيا آهن، جتي ڪٿي اک اٿن. الله سائين سڀني کي پنهنجي امان ۾ رکي آمين ثم آمين.“
    آخر ۾ اسان ڪوهستانين جي هڪ آس آهي ته، الله سائين کيس تندرستي ۽ خوشين سان گڏ وڌيڪ جياري ۽ دنيا جي وڏي کان وڏي ڄمار واري انسان جو ريڪارڊ ٽوڙي ڪوهستان جو نالو گنيز بڪ آف ورلڊ ريڪارڊ ۾ درج ڪرائي. اسان کي خوشيون ۽ فخر ڏي. آمين ثم آمين.
    تَان ڪَي سَاڻَنِ اَورِ، جَان آهِين اَوطاقنِ ۾
    ڏَههَ ڏَههَ ڀَيرا ڏِينهن ۾، پَاڻَ مَٿاهِين گَهورِ
    وِيا جَي هِنگلَورِ، تَه ڪَرَمَ مِلَندَئِي ڪَاپَڙِي
    (شاهه رح)
    نوٽ: هي مضمون قابل احترام وڏيري ملهه خان پالاري جي حياتيءَ ۾ لکيم، جنهن کي پڙهي پاڻ ڏاڍو خوش ٿيو. سندس وفات 05- ڊسمبر 2011ع تي ٿي.


    هڪ سريلو ڪردار ۽ نڙ جو بي تاج بادشاهه نابين شاهه محمد بڪڪ (ٽوڪاڻي)

    هر هڪ قوم جو پنهنجو پنهنجو مزاج، طريقو، انداز، ريت، رواج ۽ قدر مختلف ۽ ڌار هوندا آهن، اهي سڀ ’جينس‘ جا معاملا آهن، جيڪي کين پنهنجي خاندان ۽ رت مان حاصل ٿيندا آهن.
    ائين ڪي قومون مادر پدر آزاد هونديون آهن ته ڪي وري، پنهنجي صديون پراڻي ريتن، رسمن ۾ جڪڙيل بلڪ انهن جون پائبند ۽ پاسداري ڪندڙ هونديون آهن.
    ’بڪڪ‘ به ڪوهستان جي هڪ اهڙي سگهاري ۽ معتبر قوم آهي جنهن وٽ پنهنجو عزت ڀريو تاريخي ورثو آهي، جيڪو سندن رڳن ۾ رت وانگيان گردش ڪري ٿو.
    وٽن عزت ۽ معتبرائي جا ڪي ماڻ ۽ ماپا آهن جن کان جيڪو به انحرافي ڪندو آهي، اهو ڄڻ ته انهن کان ڇڄي ڌار ٿي ويندو آهي. مثال طور سچائي ۽ بهادري اهڙا نج جرڪندڙ موتيءَ جهڙا ڳڻ آهن، جيڪي ڄڻ ته، ’بڪڪ‘ قوم جي آئين جا بنيادي نقطا آهن. ڪوڙي ۽ ڪانئر ماڻهوءَ جي وٽن ڪا وقعت ڪانهي. اهڙو ماڻهو ٿڪيارو ٿي تڙجي ويندو آهي. اهڙي لولي کين ماءُ پاران پينگهي ۾، ۽ ٻنڌڻن ۾ سَوتي واريءَ سُتيءَ سان گڏ مليل آهي. ٻار جڏهن اهو سڀ ٻڌي وڏو ٿيندو آهي ته سندس لاءِ اهوضروري هوندو آهي ته هو سچو ۽ بهادر ٿيئي.
    وقت سان گڏ انهن ۾ ضرور ڪجهه تبديلي ۽ فرق آيو هوندو. پوءِ به ’بڪڪ‘ قوم جا ماڻهو اڄ به ڪوهستان ۾ سٺي ساک واري حيثيت رکن ٿا. جن جي رهڻي ڪهڻي ۽ رک رکاءُ نهايت عزت ڀريو، ۽ معتبراڻو آهي. هو ڳالهه جا پڪا ۽ سچا آهن. اهي دوستي، دشمني نباهي ڄاڻندا آهن.
    وٽن ظاهري ڌن دولت جي ڪا به حيثيت نه هوندي آهي، نه ئي هو اهڙن کان متاثر ٿيندا آهن، جن وٽ ڌن گهڻو ۽ ڪردار گهٽ هوندو آهي. ڪردار جي وٽن وڏي اهميت آهي.
    ’بڪڪ‘ قوم جي اڳيان ڳائڻ ۽ وڄائڻ جو شعبو يا کڻي چئجي ته اهو ڌنڌو سندن خيال موجب لنگهن کي جڳائي. جيئن ڪنڀار ٿانو، موچي جوتا، مهاڻا مڇي وغيره سان منسوب آهي. تيئن ڳائڻ ۽ وڄائڻ لنگهن سان ئي منسوب آهي. دنيا ۾ به گهڻو ڪري راڳ ڳائڻ ۽ وڄائڻ ميراثين جي حوالي هوندو هو.
    ان هوندي به ’بڪڪ‘ قوم پنهنجن لنگهن کي عزت ۽ برابريءَ جي نگاهه سان ڏسي ٿي. کين سندن پورو پورو حق ۽ احترام ملي ٿو.
    اسين ڏسندا آهيون ته ٻين قومن ۽ راڄن جا لنگها نهايت غريب ۽ ويچارا ڏسڻ ۾ ايندا آهن. جن کي سندن راڄ جا ماڻهو حقارت سان ڏسندا آهن، ۽ انهن کان گهٽ درجي وارا ڪم وٺندا آهن. اهي به دڙڪي، داٻ ۽ رُعب سان.
    جڏهن ته، ’بڪڪ‘ قوم جا لنگها پنهنجي راڄ ۾ عزت ۽ احترام ملڻ جي ڪري ٻين راڄن ۾ به عزت وارا هوندا آهن. اهي ڪنهن به ٻئي راڄ ۾ بنا دعوت جي نه ويندا آهن. ٻين راڄن جا لنگها ساڻن سڱ ڳنڍيندي فخر سمجهندا آهن ته، ”وڏي راڄ جا عزت وارا لنگها آهن.“
    ’بڪڪ‘ قوم جي لنگهن ۾ مهان ڪلاڪار استاد محمد جمن، استاد حاجي آمن (مشهور سارنگي نواز)، حاجي ڪيوڙو، حاجي الله ڏنو، مشهور فنڪار شفيع جمن، اويس جمن، مشهور ڍولڪ نواز استاد داؤد، بينسري نواز هارون، الله ورايو عرف گندو، عبدالرحيم عرف مُنڍو، خداڏنو ۽ ٻيا؛ اهي سڀ ئي مشهور ريڊيو ۽ ٽي.ويءَ جا فنڪار آهن/هئا. يعني، ’بڪڪ‘ قوم ڳائڻ ۽ وڄائڻ کي لنگهن تائين محمدود ڪيو آهي. جي ڪنهن به سندن قوم جي ماڻهوءَ ڳايو يا وڄايو ته ان تي لنگهي جو ٺپو لڳي ويندو آهي، جنهن جي ڪري اڳ ته اڳ پر هن جديد دور ۾ به بڪڪ قوم جو ڪوبه فرد ڳائڻ ۽ وڄائڻ واري دنيا ۾ وارد نه ٿيو آهي. ڪوبه مائٽ پنهنجي اولاد کي ڳائڻ ۽ وڄائڻ جي اجازت نه ڏيندو آهي. اهو ئي سبب آهي ته اڄ تائين سواءِ شاهه محمد بڪڪ جي ٻيو ڪوبه ماڻهو انهيءَ ميدان ۾ نه آيو آهي.
    شاهه محمد بڪڪ ڄڻ ته پهريون ۽ آخري ’بڪڪ‘ آهي جيڪو فن جي اوکي دنيا ۾ داخل ٿيو. انهيءَ سريلي دنيا جي افق تي وهائو تاري جيان جرڪي اڀريو، جنهن جو مثال ۽ برابري ڪندڙ اڄ تائين پيدا ٿي نه سگهيو آهي.
    رهبر سنڌ سائين جي.ايم.سيد پنهنجي ڪتاب، ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ شاهه محمد بڪڪ جو ذڪر نهايت عزت سان ڪيو آهي، ”هن کي خدا ڏات ڏني هئي جنهن جي ڪري ان ۾ مهارت حاصل ڪري ويو. مختلف راڳڻيون، ڪافيون، لهرا، ڦوڪون وڄائي ويندو هو. ريڊين تان مختلف طرزون ٻڌي پنهنجي نيون طرزون ايجاد ڪيون هئائين. ساز سرود سان کيس عشق هوندو هو. نڙ وڄائڻ مهل وجد ۾ اچي ويندو هو. نانگ وانگر آواز تي جهولڻ لڳندو هو. نانگ ٻئي جي آواز تي مست ٿيندو آهي. هي پنهنجي آواز تي جهولندو نظر ايندو هو.
    ”سندس اهڙي طرح وجد ۾ اچڻ ۾ عجيب موج هوندي هئي. کيس ڪراچي شهر ۾ ڪيترين مجلسن ۾ نڙ وڄائڻ جو موقعو مليو، جتي دنيا جي ڪيترن ملڪن جي سفيرن، آفيسرن مردن ۽ عورتن کيس ساز وڄائيندي ڏٺو.
    ”اها اکين ڏٺي ڳالهه آهي ته هن جي نڙ وڄائڻ مهل ساري مجلس محويت جي عالم ۾ اچي ويندي هئي ۽ مثنوي مولانا روم جو بيت دل تي تري ايندو هئو ته،
    بشنواز ني چون حڪايت مي ڪند
    از جدائي ها، شڪايت مي ڪند
    (نڙکان سندس ڪهاڻي ٻڌو، جو وڇوڙي ۾ دانهون ڪري رهيو آهي) (ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“، (جلد ٻيو)، ص 393، 1979ع)
    شاهه محمد بڪڪ هڪ غريب مارو ماڻهو هو. هن آڻين ۽ چاڙهين جي مڪمل تشبيهه ٿيل گهراڻي ۾ جنم ورتو هو. سندس پيءُ رمضان بڪڪ ۽ ماءُ مريم بڪڪ ٻئي سادي طبيعت جا مومن ماڻهو هئا. انهن سادن سودن جي جهول ۾ قدرت اهڙو انمول ۽ ناياب موتيءَ داڻو وڌو هو جيڪو جڳ جرڪائي ويو.
    هونئن به جبل جو ماڻهو فطرتي طرح سان سادو سودو، قناعت پسند ۽ معصوم هوندو آهي. هارَهُورَ (هارڻ اڇلائڻ) ڪرڻ ۽ شَتان پتان (ڦاڙي خراب) ڪونه ڪري. صبر ۽ شڪر جا ته ڄڻ مثال هوندا آهن. هڪ مهل کاڌائون ته ٻيءَ مهل لاءِ آڱر کڻي مٿي سَڃيندا ته، ”هير (هينئر) ڏنائين آهي وري به ڏيندو.“
    جبل هڪ خطو ڪونهي دنيا آهي/ ڪائنات آهي. جتي لمحي لمحي ماڻهپي جا نت نوان، حيرت ناڪ ۽ معتبراڻا نظارا عام ڏسجڻ ۾ ايندا آهن.
    شاهه محمد بڪڪ جنهن کي لاڏ مان، ’شاهو‘ چيو ويندو هو؛ ڄاپندئي نور کان وانجهيل نه هو، کيس ٻاروتڻ ۾ ماتا جي بيماريءَ سبب نور جهڙي الاهي نعمت کان محروم ٿيڻو پيو.
    جبل ۾ چيو ويندو آهي ته، ”الله هڪڙي لٽيندو آهي ته ٻي پٽيندو آهي.“ اها ئي مهرباني قدرت شاهه محمد بڪڪ سان خصوصي طور ڪئي جو، هن کان ظاهري نور کسي کيس سراپا نور ڪري ڇڏيو. سندس اندر ٻاهر ايڏو سوجهرو ڪيائين جو کيس اکين واري نور جي حاجت ئي نه رهي، پرواهه ئي نه رهي.
    ’نڙ‘ جبل ۾ سڀني سازن کان وڌيڪ پسند ڪيو ويندو آهي. هڪ ته ’نڙ‘ جي ڦوڪ واري سوز ۽ درد کي هو پاڻ سان واڳيل سمجهندا آهن. ٻيو وري هو نڙ پاڻ ئي ٺاهيندا آهن. جنهن جي ڪري ٻين سازن جي ڀيٽ ۾ ’نڙ‘ وڌيڪ آسان هوندو آهي. ٻئي نمبر تي ’دنبورو‘ سندن پسنديده ۽ وڻندڙ ساز آهي جيڪو پڻ پاڻ ئي بنائيندا آهن.
    جبل جا ماڻهو ’نڙ‘ جي لئي تي پنهنجي/ پرائي شاعري ڳائيندا آهن. دنبوري تي اڪثر مورا ڏيندا ۽ ڳائيندا آهن. دهل ۽ ڌڪڙ جو رواج جبل ۾ ڪونهي.
    رمضان بڪڪ کي ڇهن پٽن: شاهه محمد بڪڪ، سليمان بڪڪ، محمد رحيم بڪڪ، امير بخش بڪڪ، مينهن وسايو بڪڪ ۽ جمعي بڪڪ جو اولاد هو. جن ۾ ماءُ ۽ پيءُ جي ساهه اٽڪيل هئي (’ساهه‘ جبل ۾ مونث آهي). سندن ماءُ مريم بڪڪ هڪ معصوم سادي ۽ ٻاجهاري عورت هئي. سندس سادي طبيعت بابت هي ڳالهه اڄ به اسان وٽ مشهور آهي ته، سندس ننڍي پٽ جمعي بڪڪ جو، جيڪو ڪنهن گاڏيءَ ۾ ڪلينر هو ايڪسيڊنٽ ٿيو. جنهن ۾ هو ڊرائيور عبدالمجيد بڪڪ سان گڏ زخمي ٿي پيو. اها خبر جڏهن سندس ماءُ کي پهتي ته اها روئندي پٽيندي ڪراچي ۾ پهچي وئي، اتي سندس پٽ، ڊرائيور عبدالمجيد جي گهر ۾ علاج هيٺ هو. ٻئي زخمي هڪ ئي گهر ۽ هڪ ئي ڪمري ۾ هئا. جڏهن ماڻهو کين پڇڻ ايندا هئا ۽ جي هو ستل هوندا هئا ته پڇندا هئا ته، ”بيمار ڪٿي آهن؟“ ته هوءَ عبدالمجيد ڏانهن اشارو ڪري چوندي هئي، ”هو عثمان (عبدالمجيد جو پيءُ) جو آهي ۽ پنهنجي پٽ ڏانهن اشارو ڪري روئي چوندي ته، ”هيءُ الله جو آهي.“
    اهڙن پيار ڪندڙ مائٽن جي اڳيان سندن پٽ (شاهه محمد)، نور کان محروم هو جنهن کي ڏسي هو سدائين جهڄندا ۽ کجندا هئا. پر شاهه محمد بڪڪ ته هڪ غير معمولي شخصيت جو مالڪ هو. پنهنجن سڀني ڀائرن کان گهڻو مختلف ۽ نفيس هو. سندس رويا ۽ پسند سڀني کان ڌار ۽ منفرد هئي. هن ننڍپڻ ۾ ئي پنهنجي پيءُ سان ’نڙ‘ جي خواهش ڪئي جيڪا سندس پيءُ کيس ’نڙ‘ ڏئي پوري ڪئي.
    پوءِ ته ’نڙ‘ ۽ شاهوءَ جي ”سنگت“ (سنگت جبل ۾ مذڪر آهي) .ايڏو ته پڪو ٿي ويو جو ڄڻ سندن وچ مان سڄي دنيا هٽي وئي هئي ۽ هو ٻئي هڪ ٻئي ۾ تحليل ٿي هڪ ٿي ويا هئا. لطيف رح چواڻي، ’هينئڙي ۾ حل ٿيا....‘
    هو پنهنجي ڳوٺ، ’عيسيٰ بڪڪ‘ ۾ رهندو هو. هي ڳوٺ دڙي ۽ لائق پور جي وچ ۾، تعلقي ميرپوربٺوري ۾ آهي.
    ’نڙ‘، جبل جو ساز آهي. ماڻهو ٻڌندا ۽ وڄائيندا آهن. پر شاهوءَ ان ۾ عجيب درد ڀري ڇڏيو هو. هڪ ته نڙ جو آواز پاڻ ئي سراپا سوز ۽ درد هوندو آهي. لطيف پاڪ فرمائي ٿو ته،
    وَڍيل ٿي وايون ڪري، ڪُٺل ڪُوڪاري
    هِن پَنَ پنهنجا ساريا، هوءَ هَنجون هَڏن لَئه هاري.
    لطيف رح هي بيت سسئيءَ جي حوالي سان چيو آهي. سندس بي انتها گهڻي ڏک ۽ درد کي نڙ جي سوز ۽ درد سان سلهاڙيو آهي، جيڪا رڻن ۽ رڃن ۾ رلندي دانهون ڪوڪون ڪندي، جبلن ۽ ڇپرن ۾ جلندي ۽ ڇلندي پنهنجي پرينءَ جي ڳولا ۾ مروئن ۽ دردندن سان ٿاجا (ڏک واريون گڏ جاڻيون/ تعزيتي ميڙا) ڪندي مُونجرَندَ (مبهم ۽ غير واضح رستا) پي وئي. جنهن جي درديلن دانهن کي لطيف رح مڪمل طرح نڙ سان تشبيهه ڏني آهي.
    وَڍيل ٿِي وَايُون ڪَري، ڪُٺل ڪُو ڪاري
    هُن پَنَ پنهنجا ساريا، هيءَ هنجون هَڏن لاءِ هاري.
    بيت جي لفظي معنيٰ آهي ته،
    ’وڍيل ٿي وايون ڪري‘معنيٰ = نڙ جي وڍيل ڪاٺي، جنهن کي پنهنجي وجود (وڻ) کان وڍي ڌار ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪري هوءَ دانهون ڪري رهي آهي.
    ’ڪٺل ڪوڪاري، معنيٰ = سسئيءَ کي پنهنجي محبوب پنهونءَ کان ڌار ڪري ڄڻ کيس ڪٺو ويو آهي. جيڪا انهيءَ وڇوڙي ۾ ڪوڪون پئي ڪري.’هُنَ پَنَ پنهنجا ساريا‘ معنيٰ= نڙ جي ڪاٺيءَ پنهنجا پن ۽ ساوڪ ياد ڪئي آهي. ’هيءَ هنجون هڏن لاءِ هاري‘ معنيٰ = هيءَ/ سئي پنهنجي انهيءَ وجود لاءِ جنهن کان کيس ڪهي ڌار ڪيو ويو آهي. انهيءَ لاءِ پئي روئي رڙي. ۽ هنجون هاري.
    نابين شاهه محمد بڪڪ کي اهڙو ڪهڙو سوز ۽ درد هو جيڪو نڙ جي سوز ۽ درد تي به حاوي ٿي ويو هو، جنهن ۾ هو پنهنجي ڦوڪ اوتي هرهڪ ماڻهوءَ کي مست الست ڪري ڇڏيندو هو.
    شاهوءَ کي ڏات قدرت جي پاران سوکڙيءَ جيان ملي هئي پر درد ۽ سوز کيس اکين جي نور کان محروميءَ ڪري هو، يا ڪنهن اهڙي سبب جي ڪري هو جنهن جي باري ۾ هُن پاڻ سائين جي.ايم.سيد کان سوال ڪيو هو. جنهن لاءِ سائين چوي ٿو ته، ”اهو ڪهڙي شيءِ جو فراق هو جو شاهه محمد نابينا ۾ ايترو سوز ۽ گذاز پيدا ڪندو هو؟
    ”هن رزا کي عمومي طور سمجهڻ لاءِ زماني قديم کان مغرب ۽ مشرق جي عالمن، فيلسوفن ۽ درويشن پي ڪوششون ڪيون آهن. يونان جي عالمن ”ٽريجڊي“ (Tragedy) صنف جا ڊراما لکيا ۽ ان جون فلسفيانه تشريحون ڪيون، جنهن تي اڄ تائين به يورپ جا عالم ۽ فيلسوف لکي رهيا آهن. جيڪڏهن اسان مشرق ۾ صرف، ايران ۽ سنڌ جي درويشن جي ڪلام مان ان مسئلي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسون ته به راز جي اهميت ۽ عظمت جو پتو پئجي ويندو.
    ”مولانا روم ان جو سبب نڙانڊيءَ جي زبان کان هينئن طرح چوائي ٿو،
    ڪز نيستان تا سرا ببريده اند
    از نفيرم مردوزن ناليده اند
    (جڏهن کان مون کي نڙلي کان وڍي جدا ڪيو ويو آهي مون ۾ ان جي فراق اهو درد پيدا ڪيو آهي جو مرد ۽ عورتون منهنجو آواز ٻڌي غمگين ٿيو پون).
    شاهه محمد بڪڪ جي انهيءَ سوز ۽ درد جو راز ڇا هو؟/ سبب ڪهڙو هو؟ اهو ڪوبه نه ڄاڻي سگهيو آهي. ايتري قدر جو هو پاڻ به بيچين ٿي سائين جي.ايم.سيد جو هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهلي اڪثر چوندو هو، ”عام منهنجو نڙ ٻڌي تعريف ڪن ٿا پر منهنجي اندر جي سوز کان واقف ناهن. اميد ته تون واقف هوندين؟“ ۽ ان وقت سائين جي.ايم.سيد کي مولانا روم جو هي بيت ياد اچي ويندو هو،
    هر ڪسي ازظن خود شد يارمن
    وزد رون من نجست اسرار من
    (سڀ ڪنهن پنهنجي نقطي نگاهه کان مون کي پسند ڪيو آهي ليڪن منهنجي اندر جي احوال طرف نگاهه نه ڪئي).
    ’نڙ‘ اڄ به جبل جي ’ساز‘ جي حيثيت ۾ سڃاتو ويندو آهي. نابين شاهه محمد بڪڪ انهي جبل جي سڃاڻپ رکندڙ ساز ’نڙ‘ سان ڏاڍو نڀايو. نڙ جي حيرت ناڪ فنڪار جي حيثيت سان، سڃاپجي دنيا جي اڳيان اچي نڙ کي پنهنجن چپن سان ڇهي ڄڻ کيس عرشن تائين پڄائي ڇڏيو هو.
    واقعي به اهو ان ساز (نڙ) جو عرش تي پڄڻ هو. جڏهن چين جي وزيراعظم چواين لائي جي اڳيان ڪراچيءَ ۾ شاهه محمد بڪڪ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو هو ته هُو دمبخود ٿي ويو. ڪجهه دير ته هو انهيءَ حيرت ۾ ويٺو رهيو. پوءِ اٿي اچي اسٽيج تي ساڻس مليو هو. جڏهن کيس خبر پئي ته اهو عظيم فنڪار نابين آهي ته هو سندس هٿ مان نڙ وٺي کيس ڏسندو ئي رهجي ويو. پوءِ کيس انهيءَ ئي مهل پنهنجي ملڪ چين جي اچڻ جي باضابطه دعوت هڪ وزيراعظم جي حيثيت سان ڏني، ته سڀ ئي ويٺل کيس اهڙي عزت ملڻ تي حيرانيءَ مان تڪڻ لڳا. پرجبل جي غيرت مند پٽ ائين چئي چين وڃڻ کان معذرت ڪئي ته، ”سائين، اوهان جي وڏي مهرباني. پر آئون اوهان جي ملڪ نه ٿو اچي سگهان، ڇو ته جڏهن آئون ڪجهه ڏسي نه ٿو سگهان ته پوءِ، اوهان جي ملڪ ۾ اچي ڪيئن اوهان جو ملڪ ۽ ماڻهو ڏسي سگهندس.“
    سندس انهيءَ جواب وزيراعظم چين مسٽر چواين لائيءَ کي حيران ڪري ڇڏيو هو:
    ڪي جو ٻيجل ٻوليو، ڀِنيءَ ويهي ڀان
    راڄا رتولن ۾، سيباڻو سلطان
    ”آءُ مٿاهون مڱڻا، مقابل ميدان
    گهوريان لک لطيف چئي، تنهنجي قدمن تان قربان
    مٿو هي مهمان، هلي آءُ ته هُتِ ڏيانءِ!“
    (شاهه رح)
    چون ٿا ته پوءِ سندس لاءِ چين جي حڪومت پاران وڏي رقم موڪلي وئي جيڪا کيس ملي نه سگهي هئي. اها وچ ۾ ئي واڳن جي وات ۾ هلي وئي. جنهن جي جبل جي صابر ۽ شاڪرپٽ شاهه محمد بڪڪ نڪا شڪايت ڪئي، نڪا ئي کيس ضرورت ۽ پرواهه هئي. کيس اڪثر وڏين وڏين محفلن ۽ مجلس جون دعوتون ملنديون هيون پر هو لاپرواهه ۽ مرضيءَ وارو هوندو هو، وڃي نه وڃي سندس مرضي هوندي هئي. سندس راڄ جا لنگها جيڪي تقريباً سڀيئي مشهور فنڪار هئا، اهي سندس خدمت ۾ جتي ڪٿي ساڻس گڏ هوندا هئا.
    استاد محمد جمن جو وڏو ڀاءُ حاجي الله ڏنو جيڪو پاڻ به سرندي ۽ دنبوري وڄائڻ جو استاد هو، ۽ سٺو ڳائيندڙ هو جنهن جو ذڪر استاد محمد جمن تي لکيل پروفائيل ۾ تفصيل سان آيل آهي اهو جسم ۾ مضبوط ۽ لحيم شحيم ماڻهو هو. اهو ته ڄڻ سندس باڊي گارڊ ۽ محافظ هوندو هو. هلندي جي رڪاوٽ ۽ ڪو کڏو وغيره نظر آيس ته هڪدم سنهڙي پر قداور ۽ خوبصورت شاهه محمد بڪڪ کي پنهنجي گُونڊي (پٺيءَ) تي کڻي هلندو هو. سڀ راڄ جا لنگها ساڻس ايڏو پيار ڪندا هئا جو کيس زمين تي پير رکڻ به نه ڏيندا هئا.
    نابين شاهه محمد بڪڪ غير معمولي صلاحيتن جو مالڪ هو. جيئن چئبو آهي ته، ”الله هڪڙي لٽي ٻي پيٽندو آهي“. تيئن ئي ڄڻ ته هن کان اکين جو ظاهري نور کسي سڄي ڪائنات جو روشنيون، سندس اندر ۾ اوتي کيس سوجهراين جو مسڪن ڪري ڇڏيو هو.
    هن ڪڏهن به ڪنهن سان به، ’نور‘ وڃائڻ بابت ڏک نه اوريو، ڄڻ ته کيس غرضي ئي نه هئي انهيءَ ڪميءَ جي. هو پنهنجي ٻانهن تي ٻڌل عام مروجه واچ ۾ نهاري وقت ٻڌائي سگهندو هو.
    هڪ ڀيري هو اسان جي گهر آيو ته ڪنهن هن کان ٽائيم پڇيو ته، منهنجي وڏي ادا قادر بخش بڪڪ کيس مشڪي چيو، ”شاهو، پنهنجي ٻانهن واري واچ ۾ نه پر اسان جي ديوار تي لڳل گهڙيال ۾ نهاري ٽائيم ٻڌاءِ؟“ هن ديوار ۾ لڳل گهڙيال ۾ نهاري صحيح صحيح وقت ٻڌائي ڇڏيو. ٻي وڏي ڳالهه اها ته سڄي زندگي ڪنهن به چيز سان ٽڪرائجي هن ڌڪ نه کاڌو.
    هن مضمون لکڻ مهل مون پنهنجي ڀاءُ پروفيسر ڊاڪٽر رسول بخش بڪڪ کان شاهه محمد بڪڪ جي شڪل ۽ شبيهه بابت معلومات وٺڻ چاهي ته کلي ٻڌايائين ته، ”جڏهن فلم ديدار ۾ دليپ ڪمار کي انڌي جي ڪردار ۾ ڏٺم ته مون کي شاهو ڏاڍو ياد آيو. بلڪل ائين ئي هو شاهو. ائين ئي ڪنڌ ٻيڻو ڪري سِسي (مٿو) نمائي، آهستي ڳالهائڻ جو انداز، ائين ئي هلڻ... لڳم ته دليپ ڪمار شاهوءَ کي ڏسي اهو ڪردار ڪيو آهي. يعني فلم ديدار ۾ دليپ ڪمار جي هر ادا ۾ مون کي شاهو نظر آيو.“
    ڏک جي ڳالهه اها آهي ته سندس وڄايل نڙ جي ڪابه ريڪارڊنگ ريڊيو تي موجود ناهي. چيو وڃي ٿو ته ان لاءِ پاڻ منع ڪئي هئائين. جيڪو سچ به ٿي سگهي ٿو. ڇو جو هن پنهنجي قوم، ’بڪڪ‘ جي سامهون ڪڏهن به ’وڄائڻ‘ واري جي روپ ۾ پاڻ کي آڻڻ پسند نه ٿي ڪيو. هن ڪڏهن به پنهنجي قوم (بڪڪ) وارن جي اڳيان نڙ نه وڄايو هو.
    ڪراچيءَ ۾ ڪنهن نجي محفل ۾ کيس پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻو هو. هن محفل ۾ شريڪ ٿيندڙن جا نالا پڇيا. جن ۾ حاجي مريد خان بڪڪ جو نالو به کيس ٻڌايو ويو. نالو ٻڌي هن نڙ وڄائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پوءِ جڏهن سندس ملاقات حاجي مريد خان بڪڪ سان ٿي ته هن چيو، ”اتي جي مان نڙ وڄايان ته آئون به ڦڪو (شرمندو) ٿيان ۽ اوهان به...“ اهڙو ئي هو روايتن جو پابند نابين شاهه محمد بڪڪ.
    ان جي باوجود به انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو منطق ڪونهي ته ريڊيو وارا سندس ڪوبه آئٽم محفوظ نه ڪن. اهو ته ريڊيو جو پنهنجو اصول هئڻ گهرجي ته ڪنهن به عظيم شيءِ کي هو محفوظ رکن، جيڪو سندن فرضن ۾ شامل آهي.
    شڪر آهي ته ڪن ريڪارڊن ۾ سندس وڄايل نڙ موجود آهي، جن ۾ استاد محمد ابراهيم جا ڳايل ڪلام

    1-منهنجي ٻاروچل کي ٻاجهه پوي، آهيان ڏونگر ڏوري الا
    2- لڳي لاهوتين سين الا، جوڳي من ۾ مچ مچائي ويا.
    استاد محمد ابراهيم ته ڄڻ سندس عاشق هو. هڪ شاديءَ جي محفل ۾، جڏهن شاهه محمد بڪڪ گذاري ويو هو ته هن روئندي چيو هو ته، ”واهه واهه سبحان الله، شاهه محمد نابينا جهيڙو عظيم فنڪار هاڻي پيدا نه ٿيندو. آئون سندس نڙ بنا ڄڻ اڌورو آهيان. محفلن ۾ مون سان اهو ئي ساٿ ڏيندو هو.“
    شاهه محمد بڪڪ انهيءَ ئي رمز ۾ بيمار ٿيو. ائين ئي سنڌي فنڪارن سان روايتي اڻ پڇائيءَ واري حالت ۾ ميرپور بٺوري جي هڪ عام اسپتال ۾ 5 مئي 1957ع تي گذاري ويو. مهان ڪلاڪار استاد محمد جمن به ائين ئي غربت ۽ ڪسمپرسي جي حالت ۾ گذاري ويو هو.
    انهن سڀني ڳالهين جي باوجود اهو آٿت ضرور آهي ته، رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد کيس زبردست مڃتا ڏئي ويو! سندس قبر تي مقبرو بنائي، پاڻ اتي وڃي سندس ميڙو لڳائي کيس امرتا بخشي ويو.
    جن جون سيڻ لهن سارون، تن تان ڏکندو ڏور ٿئي. ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته، ”جنهن وٽ گهٽ آهي اهو نه پر جيڪو گهڻي جو حرص رکي ٿو اهو غريب آهي.“
    واقعي به شاهه محمد بڪڪ کي محفلن ۾ انعامن جي صورت ۾ الائي ڪيترو ملندو هو، جيڪو هو پاڻ سان گڏ هلندڙ لنگهن ۽ ٻين غريبن ۾ ورهائي هٿ سکڻا ڪري اٿي ويندو هو.
    جبل جي عظيم پٽ نابين شاهه محمد بڪڪ کي ڀيٽا ڏيندي آئون، هڪ جبل واسيءَ جي حيثيت ۾ ڏاڍو فخر ۽ خوشي محسوس ڪري رهي آهيان.

    ڳجهه پنهنجي ڳجهه سين، رند رساڻي لاءِ
    اجل اڀو آهه، پٺيءَ تو پلاڻيو.
    (شاهه رح)


    ڪوهستان جي مدر ٽريسا : ماسي مهران بڪڪ (زهرياڻي)

    جبل کي ورهه ٿيا ڇڏي ڪراچيءَ ۾ تڏهن آئي جڏهن سندس شادي ٿي هئي. پوءِ به جبل سان سندس ناتو جڙيل رهيو. اچڻ وڃڻ، ڏيڻ وٺڻ ۽ آڻڻ نيئڻ سڀ ئي سلسلا هلندڙ هئا.
    شڪل شبيهه جي هوءَ سنجيده، سوبر ۽ رعب دار هئي. منهنجو وڏو ادا قادر بخش بڪڪ کيس ’مهاراڻي وڪٽوريه‘چوندو هو، هوءَ واقعي به مهاراڻي وڪٽوريه سان نهايت گهڻي مشابهت رکندي هئي.
    هوءَ ٻاجهاري ۽ ڪَندل (ڪرڻ واري) هئي. هر ڪنهن جو خيال رکڻ، کارائڻ پيارڻ، ڌوتي سيتي ڪرڻ، ڳَنڍَ سَنڍَ ۽ چِير اَوٽي، سڀ جو مَڏالو (ذميداري) مٿي تي هوندو هيس.
    جبل مان ڪو اگهو سگهو ايندو هو ته به وٽس اچي رهندو ۽ ٽڪندو هو. رڌي پچائي عزت سان اڳيان رکندي هئي. دوا دارو، حڪيم ڊاڪٽر، پير فقير سڀني ڏانهن پئي آڻيندي نيندي هئي.
    رڌڻ پچائڻ جي به وڏي سَراز (ماهر) هئي. سائو مرچ به جي، آمريءَ پِچو ۽ ڪڻو لوڻ جو انبوري، گهه ذرو ڪڻڇي ۾ وجهي تريائين ته ماڻهو آڱريون چٽي ويهي رهي.
    جبل ۾ جڏهن ڪنواري هوندي مائٽن جي گهر ۾ هئي ته به سندس رڌيل پچايل کاڌو مشهور هو. چون ٿا ته ڪنهن ڏڪار مهل وٽن ڪو مهمان آيو ته ماني رُکي هئي (بنا ٻوڙ جي)، جيڪا مهمان جي اڳيان نه ٿي رکي سگهيا. ڳولڻ سان کيس گهر ۾ پيل هڪ ٻه پراڻيون سُسيل، سُڪل موريون هٿ آيون. ماءُ چيس، ”هيءَ ڪهڙي ٿي خواري ڪرين؟ مهمان کي ماني ۽ جهڻ (لسي) جو ڪٽورو ڏبو بس!“ هن نه مڃيو، ڇا ڪيائين جو اهي سڪل موريون ڌوئي پوئي، پتيلي ۾ پاڻي چاڙهي. ان ۾ سڄيون موريون وجهي ڇڏيائين. جڏهن اهي نرم ۽ ڪونئريون ٿيون ته پاڻي مان ڪڍي، ڇِلي، کُري، ڪُٽي رکيائين. سڄا ڳاڙها مرچ، سڪل ٿوم، ذرو بصر اکريءَ ۾ ڪٽي پَتيلي ۾ گهه وجهي، ان ۾ مصالحو وجهي ڀُڃي ان ۾ ٻاڦيل ڪٽيل موريون وجهي، ڀُڃي ڀُڃي ذرو لوڻ ۽ ٿوري دهي وجهي دم تي رکي ڇڏيائين.
    ٿوري دير کان پوءِ پتيلي جو ڍڪ لاٿائين ته خوشبوءَ مان سڄو گهر واسجي ويو. ڄڻ فائيو اسٽار هوٽل جي ڪا اسپيشل ڊش هجي. مهمان ته کائي چريو ٿيو. پر سندس گهر وارا به جيڪي سندس سوادي کاڌي کائڻ جا رهيگ (عادي) هئا. اهي به ڏڪار ۾ اهڙي سٺي ٻوڙ (ٻوڙ=جبل ۾ مونث آهي.) کائي خوش ٿيا.
    اها ئي ماسي مهران بڪڪ پرڻجي ڪراچيءَ ۾ آئي ته ماهر بورچي ٿي وئي. سٺو کاڌو بنائڻ کان علاوه هوءَ هڪ ماهر ويڄ به هئي. کيس اها ميراث پنهنجي چاچي عمر خان بڪڪ (ڀوراڻي) کان ملي هئي.
    جبل ۾ به هوءَ ڪڪڙ، ٻڪر جي اگهائي سگهائي ۽ ڌڪ ڦٽ جو علاج ڪندي هئي. ڪراچيءَ ۾ آئي ته کيس وڏا تجربا ۽ مشاهدا ٿيا.
    هونئن به هوءَ گهرجي ٿوري گهڻي اگهائي (بيماري) جو پاڻ ئي علاج ڪندي هئي. ڪنهن کي ڌڪ نڪتو يا ڪو وڍيو ۽ ڪُتِرِيو ته سرنهن جي تيل ۾ سائي اڳڙي، ذرو لوڻ ۽ هيڊ جو وجهي، ٽاٽاري (تيل ۾ گرم ڪري) وَڍَ ۽ ڌَڪَ تي سَوسِي سَوسِي (اڌ گرم) رکي مٿان پٽي ٻڌي ڇڏيائين ته ڄڻ ماڻهوءَ ڪوڙ وڍيو. (ڪوڙ ڳالهايو).
    ڪنهن کي جلاب، الٽي ٿيا ته، پاڻيءَ ۾ کنڊ ۽ لوڻ ڪاڙهي ست ڀيرا ڪپڙ ڇاڻ ڪري (ڪپڙي سان ڇاڻي) ڏينهن ۾ ٽي چار ڀيرا پياريندي ۽ کاڌي ۾ پٽڙي کچڙي ۽ دهي کارائيندي ته ڪيڏانهن ويا دست جلاب ۽ ڪيڏانهن الٽي ۽ اوڪارا. ماڻهو نئون نِمرو هَر (هرڻ) پيو جهليندو.
    شهر ۾ جيڪي ڊاڪٽر الٽي جلاب لاءِ او. آر. ايس پياريندا ۽ ڊرپون چاڙهيندا آهن. اهو ئي ساڳيو جبل جو ديسي طريقو ماسي مهران وٽ هو.
    ائين، نه رڳو هوءَ ماڻهن جا علاج ڪندي هئي. پر جانورن، مال ۽ پکي پکڻ جا به سور نه سهي سگهندي هئي. انهن جا به علاج ڪندي هئي. هڪ ڪڪڙ جي ٽنگ ڀڳي ته هُن ميٽ ڇوڙي (پسائي) ان جو ليپو ڀڳل ٽنگ کي ڏئي، مٿان ننڍيون ننڍيون ڪاٺيءَ جون پٽيون ڪنڀارن وانگي رکي، وري ان جي مٿان به ميٽ جو ليپو چاڙهي، ڪپڙي جي پٽي سَڪُ ٻڌي ڇڏيائين ته اها هَڏي جڙي وئي هئي. ائين ئي هن هڪ ڪبوتر جي ڀڳل ٽنگ به جوڙي هئي.
    ماڻهن جون خدمتون ڪرڻ جو ڄڻ ته سُتيءَ ۾ پِزَو (ڄمڻ وقت ٻار جي پهرين خوراڪ)پيل هئس.
    جبل ۾ ڪنهنجي شادي ٿيندي هئي ته هَٽاڙو ڀڃڻ (شاديءَ جي خريداري) لاءِ ماڻهو جبل مان هلي ملي وٽس ڪراچيءَ ۾ ايندا هئا. ۽ ماسي مهران جي گهر ۾ ئي اچي رهندا هئا. کاڌو پيتو، هنڌ بسترا، ڊوڙون، ڊڪون، هلاکيون سڀ ماسي مهران جي بِلي ۽ کاتي ۾ هونديون هيون.
    ٻين جون خذمتون ڪندي کيس خوشي ٿيندي هئي. سندس گهر وارو فيض محمد بڪڪ سندس پڦيءَ جو پٽ هو. اهو ماٺيڻي طبيعت جو مالدار شخص هو، جنهن جي طرف کان کيس ڪابه روڪ ٽوڪ ۽ جهل پل نه هئي.
    هٽاڙي لاءِ آيلن کي وٺي هوءَ هڪدم بازارن جو رخ ڪندي هئي. جبل جي ماڻهن جي خريداريءَ لاءِ سندن پسنديده بازار اڄ به لي مارڪيٽ آهي. جيڪا سندن مزاج شناس آهي. جتان کين پنهنجي پسند جي هرهڪ شيءَ مليو وڃي. موتين واريون سوڙيون، جهاٻن وارا رومال، ٽڪين واريون ونجڻيون (وڃڻيون)، آڃڻ (سرمو)، آڃڻي (سرمي داني)، پِرِزِڻِ (سرائي)، مُساڪ، سُراهي، ڌوپ، سليڦر (شادي ۽ مڱڻي لاءِ مخصوص ڪنوار جا جوتا)، مُوڙي ۽ چَٻڙي جو سامان، جنهن ۾ سڪل کارڪون، بادام، کوپرو، ڪشمش، ڊاک، سوپاريون، لونگ، ايلائچون، مصري وغيره. اکيو (ونانهه مهل ڪنوار جي منهن تي ٻڌڻ لاءِ ٻن اکين وارو خاص بنايل ڪپڙو)، ڪَنڍلي جو سامان، سڳو، پَٽ، مهلب، لونگ، جل ڦل، جعفر (جاءِ ڦل) وغيره.
    ڪَنڍلو، اها خوبصورت ۽ خوشبودار ڪَنڍي، جيڪا شاديءَ مهل ڪنوار پائيندي آهي. مرد ڪڏهن به ڪنڍلو نه پائيندو آهي. ڪنڍلي جي هڪ مخصوص ۽ وڻندڙ خوشبو آهي جيڪا ڪنوار لاءِ مخصوص آهي. جبل جون وضع دار سهاڳڻيون به عام طور گهر ۾ پائينديون آهن.
    لي مارڪيٽ مان جبل وارن کي ڪنوار جا ڪپڙا سوسيون، ٻانڌڻيون، گج، مقيسي ڀريل پَٽَ جون گنديون (پوتيون)، ڀريل جتيون، ساٺ سؤنڻ جا مخصوص ٿانوَ؛ ٿالي، ڪٽوري، ٽِڪ (آرسي جبل جو مخصوص نالو ’ڌُوتَارِي)، سُرهو تيل مطلب ته ڪراچيءَ جي صدر ۽ طارق روڊ جي ڀيٽ ۾ جبل وارن کي پنهنجي مطلب جي هر شيءِ لي مارڪيٽ مان ملي ويندي آهي.
    تنهن کان سواءِ ’سونارو مارڪيٽ‘ يعني صرافه بازار به اتي ئي آهي. جتي جا سونارا سندن مرضيءَ جا سونا زيور گهڙي ڏيندا آهن، جن ۾ ڏانوڻ واري ڀِرڻي سان نٿ، پَهلودي دُرَ، سادا دُر، والڙيون، ڊيڍا، ڏاڻي، ڦُلڪ، ڏاندڙو (بولو)، چوڙيون، ڪڙا، ڪنگڻ، جهومڪ،بَڪل، ايرينگ، بسليٽ (برسليٽ)، هار، دهريون، منڊيون، کيرول، وَرڻا ۽ ٽاچڻي وغيره.
    چانديءَ وارا به اتي ، جتان هَس، ڇيريون ٻانهيون، لساپٽا، پٽي واري ٻانهين، تائيٿ، کيروليون، ورول، بُرنجي ڪڙا، سڀيئي هڪ ئي هنڌان ٺهي ملندا. ته وري ٻارن جا رانديڪا، گاڏيون کائڻ پيئڻ لاءِ سندن پسند جا کاڌا ۽ شربت ملي ويندا اٿن.
    جبل وارن ۾ هٽاڙو ڀڃڻ جي به هڪ رسم هوندي آهي ۽ گهڻين ماين کي دعوت ڏئي پاڻ سان گڏ بازار وٺي ويندا آهن. اتي گهوٽيتا کين کارائيندا پياريندا به آهن.
    هٽاڙو ڀڃڻ (گهوٽ ۽ ڪنوار لاءِ شاديءَ جي خريداري) کان پوءِ اها به ڄڻ ته رسم آهي. بلڪ رسم ئي آهي ته خريداريءَ کان پوءِ گهوٽيتا گڏ آيل سڀني ماين ۽ ٻين پنهنجي ويجهي مائٽياڻين لاءِ، جيڪي ڀلي ساڻن گڏ نه به آيل هجن. انهن سڀني لاءِ لي مارڪيٽ جو مشهور چاٻو حلوو، المعروف ’ڪراچي حلوو‘ ۽ جبل ۾ معروف ’چيڪو هلبو‘ ضرور وٺي ڏيندا آهن، جيڪو لي مارڪيٽ جا ماهر حلوائي روايتي طريقي سان بادام جي وڏن پنن ۾ ويڙهي ڏيندا آهن.
    ماسي مهران بڪڪ ٿورن ڏوڪڙن مان به ريڙهه پيڙهه ڪري کين گهڻي خريداري ڪرائي ڏيندي هئي. وٽس سکن ۽ ڏکن جا ميڙا متا (متل) پيا هوندا هئا. ڇو ته وٽس ماڻهو هر قسم جا ايندا هئا؛ ڪي خوشين جو خريداريون ڪرڻ ايندا هئا ته، ڪي وري اگهن لاچارن کي وٺي ايندا هئا. تنهن کان علاوه ٽيون طبقو انهن پيرن فقيرن جو به وٽس ايندو هو جيڪو ڄڻ ته کيس خوشين سان مالا مال ڪري ويندو هو. جن جون بزرگيون ۽ معجزا ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيندا هئا.
    ماسي مهران بڪڪ پاڻ ڪا عقيدي جي ڪچي نه هئي. هوءَ هڪ سپرنارمل عورت هئي. جبل وارن جي فطري فطرت موجب ڪنهن به جادو ۽ منڊ ڪامڻ تي نه وسهندي هئي. ڏکيءَ جا ڏک ڏسڻ ۾ ايندا آهن ۽ طريقو به ته ڪيئن لاهجن ته پوءِ اهي نظر ايندڙ ڏک لاهجن يا ڀوپن ۽ پليتن جي پٺيان پئجي وقت وڃائجي! ائين ئي اگهي جي اگهائي بابت به وٽس حڪيم ۽ ڊاڪٽر سُجهندا هئا، تنهن ڪري هن نڪو دم، ڦيڻو، پاڻ ڪيو نه ڪرايائين. نه ئي ان باري ۾ ڪنهن کي ڪو ڏس پتو ۽ مشورو ڏنائين. هوءَ ٺوس حالتن ۾ ٺوس قدمن جي پاسداري ڪندڙ وڏي درجي جي عورت هئي.
    وٽس جيڪي پير ۽ فقير ايندا هئا انهن کي به خبر هئي ته، هوءَ مٿن ڪو ايمان يا يقين نه رکندي هئي. ائين هو به وٽس عام مهمانن وانگي رهندا هئا. خير، سادات هئڻ جي ڪري هوءَ کين عزت، احترام ۽ اهميت ڏيندي هئي. پر ائين نه، جيئن عام ماڻهو انهن تي فدا ٿيندا هئا، هوءَ کين ٻين سان گڏ کارائيندي پياريندي هئي. اهي به کيس سڃاڻندا هئا، ۽ ائين ئي گهر- ڀاتين وانگي رهندا هئا.
    انهن ۾ دڙي شهر جو هڪ سيد به هو، جيڪو انتهائي سادي طبيعت جو هڪ فقير منش ۽ کل مک انسان هو. پاڻ به پيري فقيري کي اهميت ڏيندڙ نه هو. نياڻي سياڻي جي مٿي تي هٿ رکي کينڪاريندو هو. ساڻن ويهي ڳالهيون ٻوليون، ۽ ڀوڳ چرچا ڪندو هو. هو به ساڻس ڀوڳ چرچا ڪنديون هيون ته سائين به سندن هر ڳالهه سهندو هو. حالانڪه هو وڏي عمر جو هو ۽ وٽس وڏيون قوتون ۽ طاقتون هيون، جن جي خبر نڪو ماسي مهران کي هئي، نه ئي انهن ڀوڳ ڪندڙ ۽ ساڻس برابريءَ جو سلوڪ ڪندڙ شرارتي ڇوڪرين کي هئي.
    سائين جسماني طرح سان سنهڙو ۽ ڪمزور هو. شايد ان ڪري ئي اهي نوجوان ڇوڪريون جيڪي جبل جي نسل جون هيون ۽ بيحد طاقتور ۽ قداور هيون، تن جي اڳيان سائين جي ظاهري شباهت هئي. جنهن جي بنياد تي هو سائينءَ سان ڀوڳ مشڪرا ڪنديون هيون. ان لاءِ پڻ سائين ئي کين همٿائيندو ۽ اڳتي وڌائيندو هو. مثال، جڏهن نوجوان ڇوڪريون ساڻس کينڪارينديون هيون ته سائين ساڻن هٿ ملائيندي سندن هٿن کي زور ڏيندو هو ۽ سندن هٿ سَڪ جهليندو هو، پهرين ته کين سٺو نه لڳندو هو. پر پوءِ هو انهيءَ حرڪت کي ”سائينءَ“ جي عادت سمجهي سندس هٿ کي به زور سان جهلينديون هيون. يعني کنيڪارڻ مهل هو به سائين جي هٿ کي زور ڏئي کينڪارينديون هيون!
    هڪ ڀيري هڪ نوجوان ڇوڪريءَ جي هٿ کي کينڪارڻ مهل، هن سَٽَ ڏني ته انهن نوجوان، مضبوط ۽ قداور ڇوڪرين پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته، ”سائين آهي به صفا ڪمزور اسان جي سٽ سهي به نه سگهندو. پر اسين به کيس ائين سٽ ڏينديوسين.“ ماسي مهران کي خبر پئي ته، انهن ڇوڪرين کي دڙڪا ڏنا ته، ”متان ڪا سائينءَ سان اهڙي حرڪت ڪئي اٿوَ. سائين ڪو معمولي ماڻهو ڪونهي....“ ڇوڪرين چيس،”پوءِ سائين ڇو ٿو اسان کي سٽون ڏي.“ ماسي مهران ناگواريءَ مان چيو، ”امان، اوهين به پنهنجي گهرن ۾ سک سان ويهي رهو. روز سائينءَ ڏانهن نه اينديون ڪريو.“
    ماسي مهران کي خبر هئي ته سائين جي هٿ ۾ وڏي جنات آهي. ڇو جو سائين روز هن کان مانيون، کنڊ ۽ گهه وٺي اهي ڀوري ڪري جنن کي کارائيندو هو. ۽ چوندو هو، ”امان بشارت خاتون، (سائينءَ ماسي مهران تي بشارت خاتون نالو رکيو هو)، هيءَ جنات مون کي اولاد وانگي پياري آهي.“ اهو لقاءُ به ماسي مهران ڏٺو هو ته سائين ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه لکندو پيو هو ۽ اهو رومال ۾ ويڙهي اڱڻ واري وڻ تي چڙهي مٿي ٻڌي ايندو هو ۽ چوندو هو، ”امان بشارت خاتون، گهر ۽ مائٽن ڏانهن خط موڪليو اٿم.“ صبح جو ڏسبو هو ته اهو ٻڌل رومال غائب هوندو هو. رات جو ٻئي رومال ۾ ويڙهيل خط وڻ ۾ ٻڌل هوندو هو ته سائين چوندو هو ”جواب اچي ويو آهي.“
    اهي سڀ خبرون ماسي مهران وٽ هيون جنهن بنياد تي هوءَ ڇوڪرين کي سائينءَ جي ويجهو اچڻ کان جهليندي هئي. ڇوڪريون ماسي مهران جي ناراضگيءَ سبب سندس گهر ۾ گهٽ اچڻ لڳيون بلڪ پوءِ ته اچڻ ئي ڇڏي ڏنائون. سائينءَ ماسي مهران کان پڇيو ته، ”هاڻي نياڻيون نه ٿيون اچن. تو کين جهليو آهي ڇا؟“ ماسي مهران ويچاري ڇا چوي، بس ايترو چيائين، ”سائين، ڪم ۾ اوليون (ڦاٿل) هونديون.“ سائينءَ مشڪي کڻي ماٺ ڪئي.
    هڪ ڏينهن هڪ ڇوڪري ڪو نياز وغيره کڻي ماسي مهران جي گهر آئي ته سائينءَ چيس، ”هاڻي نه ٿيون اچو ڇو؟“ ڇوڪريءَ ٺهه پهه جواب ڏنس، ”سائين، تون به اکي (ونانهن) ۾ ويٺل ڪنوار ڪونهي جو ٻاهر نه ٿو نڪرين. هتي ماڻهو ناراض ٿا ٿين.“
    سائين پوءِ واقعي به ٻاهر نڪرڻ لڳو ۽ انهن ڇوڪرين جي گهرن ۾ وڃڻ لڳو، جتي سڀ ئي ڇوڪريون گڏ ٿينديون هيون. وري اڳ جيان ڀوڳ ٿيڻ لڳا. سائين ڏاڍو خوش ٿيڻ لڳو. هاڻي ته ڀوڳن سان گڏ لاڳيون (هٿ سان ڀوڳ واري کيچل ڪرڻ) يا ڪِتولي (ڪتڪائي ڪرڻ) به شروع ٿي ويو. هڪ ڇوڪري جيڪا سُهڻي، قداور ۽ نهايت طاقتور هئي جنهن سان سائين به گهڻي طاقت آزمائي ڪندو هو. اها به روز ايندي هئي.
    ڇوڪرين پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته، ”هاڻي سائينءَ جو گهڻو لحاظ نه ڪبو.“ سائين وٽن ايندو هو ته اهي سندس لاءِ کٽ تي هنڌ وڇائي وهارينديون هيون. سندن مائٽ خوش هئا ته، ”سائين اسان جي گهر ٿو اچي.“ اهي سڀ سائينءَ جي اڳيان احترامن هيٺ پٽ تي وهندا هئا. هڪ ڏينهن سائين وٽن آيو. ڏاڍي ڀوڳ واري انداز ۾ اچي کٽ تي ويٺو ۽ ساڻن ڀوڳ ڪرڻ لڳو. اها خوبصورت ۽ مضبوط ڇوڪري به آئي. اچي سائينءَ سان کينڪاريائين ته سائينءَ سندس هٿ کي جهلي سٽ ڏني. ڇوڪريءَ به پروگرام جي تحت ته، ’هاڻي لحاظ ناهي ڪرڻو.‘ وٺي جو سائينءَ کي سٽ ڏنائين ته سائين کٽ تان اچي زور سان هيٺ ڪريو، ۽ بيهوش ٿي ويو. سڀ ئي پريشان ٿيا. ماسي مهران به آئي ۽ ڇوڪرين تي ڪاوڙجي چيو، ”هچاخوريون، هي ڇاڪيوَ؟“ ڇوڪريون به پريشان مجرمن جيان بيٺيون رهيون.
    سائينءَ کي مس مس پاڻي ڇٽي هوش ۾ آندائون ته هو ڏاڍو ڪاوڙيل هو. ماسي مهران جي گهر اچي کيس چيائين، ”آئون دل خوش ڪرڻ ويندو هئس. انهن مون سان ائين ڪيو!“ ماسي مهران چيس، ”سائين مون ته کين جهليو هو پنهنجي گهر ڏانهن به اچڻ کان. اوهين پاڻ انهن جي گهر ويندا هئا.“ سائينءَ کي الائي ڇو جلال اچي ويو ۽ هو ماسي مهران تي به ڪاوڙجي پيو. ”آئون ان لاءِ ته نه ويندو هئس ته هو منهنجي بيعزتي ڪن. اهو سندن طريقو درست نه هو.“
    ماسي مهران وري ڪاوڙجي ڇوڪرين وٽ آئي ته، ”اوهان جي انهيءَ حرڪت سائينءَ کي ڪاوڙائي ڇڏيو آهي. هاڻي هلي سائينءَ کان معافي وٺو.“ ڇوڪريون بِرِ ٿي بيٺيون ته، “ اسين ڇو معافي وٺون. غلطي سندس هئي. اڳرائي پاڻ ڪيائين....“ ماسي مهران گهڻيون ئي مٿاڪٽيون ڪيون. پر ڇوڪرين نه مڃيو. هوءَ خالي موٽي گهر آئي ته سائين در ۾ اکيون وجهيو ويٺو هو. پچائين، ”نه آيون؟“ ماسيءَ جواب ڏنو، ”نه سائين، ڇوڪريون ٻَٽوريون ضِدُوٽِيون آهن. چَيو نه ڪيائون.“ سائينءَ چيو، ”ڏسان، ڪيئن نه ٿيون اچن.“
    ٻئي ڏينهن تي سڀ ئي ڇوڪريون ڪنهن نه ڪنهن تڪليف ۾ وٺجي ويون. جنهن خوبصورت ۽ مضبوط ڇوڪريءَ سائينءَ کي سٽ ڏئي کٽ تان ڪيرايو هو، اها سنڌن کان صفا سُڪي وئي هئي. ماسي مهران ڇوڪري جي مائٽن کي سڄي ڳالهه اچي ٻڌائي. ڇوڪري هلڻ کان لاچار هئي جنهن کي جهول ۾ کڻي سائينءَ وٽ آيا ۽ ڏاڍيون معافيون ورتائون. ڇوڪريءَ پاڻ اکيون نمائي معافي گهري ته سائينءَ مشڪي معاف ڪيو ۽ حيرانيءَ جي ڳالهه اها ته، ڇوڪري انهيءَ رات ٺيڪ ٿي وئي.
    ماسي مهران سائينءَ جي پيرن تي ڪِري پئي، ”سائين، هي گهر تنهنجو آهي منهنجي ٻچن جو مَٺو نه ٿي. نياڻيون اڻ سمجهه آهن. ٿوريءَ تي به ايڏي تعدي ڏني اٿن.“
    پوءِ واقعي به سائين مختلف ٿي ويو. باقي ڇوڪريون ته ايڏيون ڊنل هيون جو ڪنهن ضروري ڪم لاءِ به ماسي مهران جي گهر نه اينديون هيون. سائينءَ کي به ڏک ٿيو. هڪ رات جو اوچتو ماسي مهران کي ايترو چئي گذاري ويو ته، آئون جيڪر هتان هليو وڃان پر منهنجي مٽيءَ جو پنوڙو هتان جو آهي. مون کي هتي دفن ڪجو. مون کي منهنجي اباڻي قبرستان دڙي ڏانهن نه نجو.“ پوءِ واقعي به هُن کي جتي چيو هُئائين اتي ئي دفن ڪيو ويو. اڄ به سندس قبر حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ جي صديون پراڻي قبرستان ۾ موجود آهي، جنهن جي باري ۾ اها ڳالهه ورهاڱي کان پوءِ آيل پناهگيرن ۾ مشهور آهي ته، ”هي قبر ڪنهن جلالي بزرگ جي آهي، جيڪو اسان جي گهڻن ماڻهن جي خواب ۾ آيو آهي. اسان تي ڏاڍو ڪاوڙيل آهي، ۽ هن ئي قبر مان اٿي اسان کي چوندو آهي ته، هتان کان نڪرو، وري هليا وڃو پنهنجي ملڪ..... نه ته آئون اوهان کي تباهه برباد ڪري ڇڏيندس.“
    ماسي مهران بڪڪ وٽ اهڙا سائينءَ جهڙا غير معمولي انسان به سدائين لاءِ رهيل هئا. هوءَ بنا ڪنهن تڪليف جي سندن خذمتون ڪندي هئي.
    آخر ۾ ماسي مهران جو اهو خلوص ۽ پيار سندس لاءِ ڏاڍو مهانگو ٿي پيو. جڏهن ماڻهو رِين کِين (اجايو/يڪو) هڏ ماڳهين (بنهه/ صفا) وٽس اچي رهي پوندا هئا، بنا ڪنهن ڪم ڪار جي رڳو ويٺا کائيندا ۽ ڪچهريون ڪندا هئا.
    هُن وٽ ڪو خدمتي ادارو نه هو، نه ئي هوءَ ڪا اين.جي.اوز جي رهنما يا ڪرتا ڌرتا هئي. يا مٿس ڪي ڊونرز ملڪن مان ڊالر وسندا هئا. هوءَ ته هڪ عام غريب عورت هئي جنهن کي ڪٿان به ڪو آنو ٽڪو نه ملندو هو. نه ئي هوءَ ائين ڪرڻ چاهيندي هئي. هوءَ ته بس پنهنجي ذات جي تسڪين خاطر اهو سڀ محدود طريقي سان ڪندي هئي جنهن کي واندن ۽ بيڪمن ماڻهن لامحدود ڪري کيس ورچائي ڇڏيو هو. ان جي باوجود هوءَ جيترو پڄي سگهندي هئي پئي ڪندي هئي.
    جبل ۾ ڪنهن کي خارش وغيره ٿيندي هئي ته لڏوئي اچي ماسي مهران جي گهر لهندو هو. هوءَ کين وٺي ڪراچيءَ جي منگهو پير واري مشهور گرم چشمي (جبل ۾ معروف ”ڪوسي ڪشتي“) تي ويندي هئي. اتان ٻه ٽي تڙڪرائي پوءِ کين رواڻيندي (اماڻيندي) هئي. ٻه ٽي تڙ ڪرائڻ معنيٰ ٻه ٽي ڏينهن رهَائڻ جنهن ۾ کاڌو پيتو، رهائش سڀ ماسي مهران جي بِلي هوندا هئا.
    پڇاڙيءَ ۾ ماڻهن کيس ڏاڍو تنگ ڪيو. جيئن پهاڪو آهي ته، ’سڄڻ سڄي ٻانهن ڏي، ته به ڪجهه کائجي ڪجهه رهائجي.‘ پر ماڻهو ته سڄي ٻانهن ئي کائڻ وارا هئا.
    ماسي مهران بڪڪ جي ڳوٺ وارا تماش بين هئا. اهي رڳو کيس حيرت مان ڏسندا هئا. اهي ويچارا به ڇاڪن؟ جن جي پنهنجي پورت به مس ٿيندي هئي. اهي ته بس رڳو سندس مستقل مزاجي ۽ اڻ ورچائيءَ تي کيس تڪيندا رهندا هئا.
    هڪ ڀيري ماسي مهران جي ڌيءَ جي شادي هئي. هن مٽن مائٽن ڏانهن ڪوٺون، دعوتون موڪليون. پروٽس سڄو جبل اچي اٿليو. يعني جن کي دعوت مليل نه هئي اهي بي دعوتيا به اچي پهتا. پاڻ سڀني کي کارائي پياري، هنڌ بسترا وڇائي، اَوڇون اوڍايون (شاديءَ جا تعفا.)
    شادي ختم ٿي ته سڀني کي ڪراچي ۾ پنهنجا ڪم، خريداريون ۽ مرض ياد آيا. ماسي مهران ويچاري شاديءَ جي ڪمن ڪارين ۾ ٿڪل کٽل/ ٽٽل اها وري اچي ڦاٿي. هڪڙن کي وٺي وڃي خريداريون ڪرائي اچي ته، ٻين کي پئي ڊاڪٽرن ۽ اسپتالن ڏانهن وٺي وڃي.
    سڀني جا ڪم اڪلائيندي کين پنهنجن گهر ڏانهن موڪليندي وئي. اڃا مس شاديءَ وارا مهمان رواڻيائين ته ٺڪ اچي ٻيا مهمان پهتا جن سان گڏ هڪ بيمار ڇوڪري هئي. ماسي مهران اڃا شاديءَ جو ٿڪ به نه لاٿو هو، سندس خواهش هئي ته آرام ڪري، جنهن جو هن مهمانن جي اڳيان لکاءُ به نه ڏنو، ۽ سندن خذمتن ۾ لڳي وئي.
    هاڻي ايترو بس فرق آيو هو اڳوڻيءَ کان، جيئن اڳ هر ڪم آرام سان ڪندي هئي. پر هاڻي سڀ ڪم تڙتڪڙ ۾ ڪري، علاج يا خريداريون تڪڙو تڪڙو ڪري، کين گهرن ڏانهن رواڻيندي هئي ۽ کيس اطمينان ٿيندو هو ته، ’هنن جا ته ڪم ٿي ويا!‘
    ائين ٿڪل هئڻ جي باوجود هوءَ بيمار ڇوڪريءَ کي ان ئي مهل سول اسپتال وٺي وئي ۽ ٽيسٽون وغيره ڪرائي، خيراتي دوائون وٺي گهر آئي ته گهر ۾ ٻيا به ٻه ٽي مهمان ويٺل هئا، جيڪي لي مارڪيٽ مان سون وغيره وٺڻ آيا هئا. ماسي مهران ٿڪل ٿڪل آئي هئي. پر ڇا ڪري، بيمار ڇوڪريءَ جي مائٽن کي دوائون ڏئي، سمجهائي ته، ”هاڻي ڇوڪريءَ کي گهر وٺي وڃو. گهر ۾ وڃي دوائون کارايو. حال ڏيڻ لاءِ ڪنهن هڪ ماڻهوءَ کي موڪلجو.“ ڇوڪريءَ جي مائٽن چيو ته، ”اڄوڪي رات هتي آهيون، سڀاڻي هليا وينداسين!“
    ماسي مهران نڪو ڪڇيو نڪو پڇيو، نڪو ها ڪيائين نڪو نه. پاڻ ويٺي به نه، بيٺي بيٺي پاڻيءَ جو ٻُٽو (ڍڪ) نڙيءَ تان ڇاڻيائين ۽ وري نون مهمانن سان گڏجي لي مارڪيٽ جي صرافه بازار ڏانهن رواني ٿي. اتي پهچي انهن کي تڪڙو تڪڙو خريداري ڪرائي ٻاهر نڪتي بس اسٽاپ تي آئي ته سندس نظر موئداڻ (جبل جو علائقو) ڏانهن ويندڙ گاڏيءَ تي پئي ۽ هُن انهن مهمانن کان اتان ئي موڪلائي کين گاڏيءَ ۾ چاڙهي روانو ڪيو. پاڻ اڪيلي ئي مطمئن گهر ڏانهن هلي ته، ”سڀاڻي ڇوڪريءَ وارا به هليا ويندا ته آرام ڪنديس. پوءِ سامت جو ساهه کڻنديس. هوءَ انهيءَ ئي اطمينان سان گهر پهتي ته گهر ۾ روڄ لاڙو متو پيو هو. اچي ڏسي ته اها بيمار ڇوڪري گذاري وئي هئي ۽ مائٽ منهن مٿو پٽي روئي رهيا هئا.
    ٿڪل ٽٽل ماسي مهران بڪڪ آهستي ساڻ اچي سندن ڀر ۾ ويٺي ۽ ساڻن گڏ لڙڪ لاڙڻ لڳي.
    ماسي مهران جي سڄي زندگي ائين ئي خذمتن، خاطرين ۽ هڻ هڻان ۾ گذري وئي. ائين ئي ڊوڙون ڊڪون ڪندي، ڀڄندي هلاکيون ڪندي پاڻ به ڪمزور ۽ بيمار ٿي پئي.
    هڪ ڏينهن انهن ئي مهمانن جي گهيري ۾ پنهنجي گهر ۾ سڪون سان اکيون ٻوٽي ڇڏيائين (اِنالله وانا عليھ راجعون).
    جَان جَان هُئي جِيئري، وِرِچي نَه ويٺي
    وَڃي ڀُونءِ پَيٺَي، سَاريندي کي سَڄڻين.
    (شاهه رح)
    حقيقت ۾ جبل جا ڪردار ڏاڍا سگهارا ۽ ٻلوان آهن جن کي سارڻ ۽ ياد ڪرڻ اسان جي ذميداري آهي. شال اسين اهي ذميداريون نباهي سگهون.


    ٽي لطيفي ڪردار حاجي اسماعيل بنديجو، گلو بنديجو (ساجناڻي) ۽ وڏيرو غلام قادر بنديجو

    حاجي اسماعيل بنديجو ڪوهستان جو هڪ دلچسپ ڪردار آهي جنهن جا عجيب رخ هئا.
    قد جو ڊگهو، رنگ جو ڀورو، جسماني طور پورو پنو، نه ٿلهو نه سنهو. ڪرت ۾ واپاري. حيثيت ۾ سکيو. بلڪه ڪجهه ڪجهه شاهوڪار.
    هو ’پشم‘ (رڍن ۽ ٻڪرين جي اُن ۽ ڏاس) ۽ ڪوئلي جو واپار ڪندو هو. وٽس هڪ گاڏي (ڊاج) به هئي. پر سندس گهڻو بلڪ سڄو ڪاروبار سيٺ علي محمد بڪڪ جي لي مارڪيٽ ڪراچيءَ ۾ واقع واپاري ڪوٺي ۽ گاڏين وسيلي ٿيندو هو.
    حاجي اسماعيل بنديجي ٽي شاديون ڪيون جن مان کيس پٽن ۽ ڌيئن جو اولاد آهي.
    ٽين شادي هن پنهنجي پسند تي ڪئي هئي، جيڪا هن کان عمر ۾ گهڻو ننڍي ۽ نهايت خوبصورت هئي. هن نئين ڪنوار لاءِ وڏي شوق سان گهر بنايو هو. هن پنهنجي وڏي گهر جي ڇت تي هڪ نهايت خوبصورت گهر اڏايو، جيڪو ڏاڍي چاهه سان سينگاريو ويو هو. سڀني ديوارن ۽ ڇتن تي حسين چٽسالي ڪرايائين ۽ ديوارن تي چوڦير فريم ٿيل وڏي سائز جون نهايت ناياب تصويرون ۽ سينريون لڳرايون. گهر ڏسڻ سان سندس ذوق، نفاست ۽ لطيف احساسن جو اندازو ٿي ويندو هو.
    اهو زمانو پيسي جي لحاظ سان سندس عروج جو زمانو هو. پر پوءِ واپار ۽ ڌنڌي ۾ کوٽ ۽ نقصان ڪري تمام گهڻو غريب ٿي ويو هو. جنهن لاءِ پاڻ چوندو هو ته، ’ماڻهن مون کان قرض وٺي موٽائي نه ڏنا.‘پوءِ هو هڪ هڪ ماڻهوءَ جو نالو وٺي کيس پنهنجو قرضي ڄاڻائيندو هو. پوءِ ڀلي ڪنهن هن کان قرض نه ورتو هجي. پر هو هرهڪ لاءِ چوندو هو ته، ’فلاڻو به منهنجو قرضي آهي. فلاڻو به منهنجو قرضي آهي‘. ڪيترن سيٺين، سکين ۽ سچن ماڻهن کي به پنهنجو قرضي ڄاڻندو هو جيڪي سندس قرضي نه هئا. ماڻهو کيس دلچسپيءَ سان ٻڌندا هئا ڇو جو، سندس ٻڌائڻ جو طريقو دلچسپ ۽ کل جهڙو هوندو هو. جنهن جي ڪري ماڻهو سنجيدگيءَ سان نه پر لطف وٺڻ لاءِ کائنس پڇندا ۽ ٻڌندا هئا.
    پڇاڙيءَ ۾ عمر وڏي ٿي وئي هيس، ۽ ڪمزور به گهڻو ٿي ويو هو. دم ۽ اُڀي ساهه جي بيماري به هيس. پر آخر تائين قرضين کي ساريندو رهيو. جڏهن ڪو هن کان قرضن بابت پڇندو هو ته هو نهايت سَرهو ٿي ٻڌائڻ لڳندو هو ته، ”فلاڻي تي منهنجا هڪ لک سٺ هزار نوَ سو چاليهه روپيا اٺ آنا ڏهه پايون آهن. فلاڻي تي ٻه لک چاليهه هزار ڇهه سو ٻارهن آنا ست پايون آهن. فلاڻي تي پوءِ ساهه ڀرجي ايندو هئس. ۽ سهڪي سهڪي جهيڻي آواز سان به اهو سلسلو جاري رکندو هو ته، ”فلاڻي تي ٽي لک اسي هزار...“
    هو واپاري هو. ضرور ڪن هن کان قرض ورتا هوندا، پر آخري عمر ۾ هو هر ڪنهن کي پنهنجو قرضي چوندو هو.
    هونئن نه ته هو شوم (ڪنجوس) ۽ ڪُپتيو نه هو. ماڻهن جون دعوتون ڪندو هو. عرس ۽ ڪارهيون (يارهيون) پڻ باقاعدگي سان ڪندو هو. ۽ ديڳيون لاهي دنيائون کارائيندو هو. ديڳيون به پنهنجون هيس جيڪي هن پاڻ ورتيون ۽ ٺهرايون هيون. ٻيا به ڳوٺ وارا شاديءَ ۽ غميءَ لاءِ وٽانس ديڳيون وٺي ويندا هئا. جن بابت به چوندو هو ته ، ’فلاڻن فلاڻن منهنجون ديڳيون موٽائي نه ڏٺيون.‘
    پنهنجي گهر ۾ ڪيل ڪنهن دعوت يا عرس ۽ يارهين مهل دعوت ڏيڻ جو به عجيب دلچسپ طريقو هوندو هئس. ڪنهن پير مرشد ۽ وڏيري کي وڃي چوندو ته، ’فلاڻي تاريخ تي اوهان جي ماني ڪئي اٿم. ضرور اچجو...‘ وري ڪن کي چوندو هو ته، ’منهنجي پٽ جي طهر، خوشي يا شادماڻو آهي جنهن جي دعوت ڏيانوَ ٿو. ۽ ڪن کي وري عرس ۽ يارهين جي دعوت ڏيندو هو. ۽ واقعي به اهي سڀ تقريبون ۽ دعوتون ساڳي ئي ڀت تي ڪندو هو. مختلف ماڻهو مختلف تقريبون سمجهي شرڪت ڪندا هئا. ڳوٺ کان ٻاهر وارن کي ته الائي اهڙي طريقي ڪار واري لقاءَ جي خبر پوندي هئي يا نه. پر سندس ڳوٺ وارا ضرور سندس اهڙين حرڪتن تي کلندا هئا. پر جيڪا ڳالهه سڀني کان وڌيڪ اهم آهي يا جنهن جي ڪري هن ڪتاب، ”مانجو ڪوهستان“ جو هڪ ڪردار وارو درجو ماڻيو آهي. اها سندس پياري وصف آهي، شاهه سائينءَ سان عشق ۽ قدرتي طرح سان الهام ٿيل ڀٽ ڌڻي بادشاهه جو ڪلام.
    هو ڪو پڙهيل نه هو. بلڪه هو ته حرف شناس به نه هو. پر شاهه سائينءَ جو ڪلام کيس ياد هو. هو سنڌوءَ جي روان وهڪري جيان مست، ارڏو ۽ ڇل ڇل وهندڙ هو.
    جڏهن هو لطيف رح جا بيت پڙهندو هو ته وجد ۾ اچي ويندو هو ۽ بيخود ٿي روئڻ لڳندو هو.
    هو هر موقعي ۽ مهل جو اظهار لطيفرح جي بيتن سان ڪندو هو. ڪاوڙيل هجي ته به لطيفرح، جي ريڌل (پرچيل) هجي ته به لطيفرح جا بيت بوڙيون ڏئي سندس اندر مان اوتجي پوندا هئا.
    لطيفرح جا اهڙا اهڙا بيت چوندو هو جو ماڻهو چون ٿا ته، اهي اسان لطيفرح جي رسالن ۾ نڪو ڏٺا نڪو پڙهيا!
    اهي بيت هن کي ڪٿان مليا؟ ڪيئن مليا. اهي پر اسراريون لطيفرح ۽ جبل وارن جون اڄ تائين پر اسرار آهن.
    لطيف رح جو ڪلام پڙهندي حاجي اسماعيل بنديجي جو ڀورو رنگ ويتر نکر جي ڳاڙهو ۽ نوراني ٿي پوندو هو.
    هو اسان جي گهر امان (منهنجي ماءُ) سان ملڻ لاءِ ايندو هو. کيس خبر هئي ته امان پڻ لطيفرح جي عاشق ۽ ڄاڻو آهي. عمر جو وڏو هو ۽ امان کي پنهنجي ڌيءَ بنايو هئائين. امان پردي دار هئي پر حاجي اسماعيل بنديجو عمر جي وڏي هئڻ ڪري بابا جي اجازت سان حجت ڪري گهر اندر هليو ايندو هو. امان وٽ اچي اٿلي پوندو هو. سندس اچار ۽ لهجو ايڏو ته بيساخته ۽ مڪمل درست هوندو هو جو، هر بيت منظر بنجي نظرن جي اڳيان گذرڻ لڳندو هو. بيت پيو پڙهندو هو ۽ لڙڪ لارون ٿي ڳلن تان ڳڙندا رهندا هئا.
    هن امان کي پنهنجو نالو ڏنو هو ’ڀاڳڀري‘ ۽ هو امان کي انهيءَ نالي سان ئي سڏيندو هو. چوندو هو ته، ” امان ڀاڳڀري، تو وٽ ايندو آهيان ته سڀ ئي ڏک ۽ فڪر لهيو ٿا وڃن، ۽ وڃي شاهه ئي شاهه ٿو رهي.“
    حاجي اسماعيل بنديجو سخن جو سچو. ۽ عزت ڏيندڙ انسان هو. سندس ٻن پٽن جون شاديون هيون. امان کي چيائين، ”امان ڀاڳڀري، جيسين تون اچي گهوٽن ۽ ڪنوارين کي پهرين لائون نه ٿي ڏيارين، تيسين لانئون ۽ ٻيون رسمون نه ٿينديون.“ هُن بابا کان امان کي شاديءَ تي وٺي وڃڻ جي موڪل نه ورتي هئي ۽ امان، بابا جي موڪل کان سواءِ شاديءَ تي نه ٿي وئي. بابا جا پنهنجا ڪاروبار ۽ ڪم هئا. انهن مصروفتين جي ڪري حاجي اسماعيل جي بابا سان ملاقات نه ٿي سگهي هئي. نيٺ الائي ڪٿان ڪٿان کان بابا جو پتو لڳائي پهتو، ۽ بابا کان امان جي موڪل وٺي آيو. تيسين گهوٽ ۽ ڪنواريون سيجن تي ويٺا رهيا. جيسين وڃي امان پهرين لائون نه ڏياري، تيسين ڪابه رسم نه ٿي هئي. صبح وارو لائن جو وقت به نڪري ويو هو. اهڙو ئي هو حاجي اسماعيل بنديجو پنهنجي سخن جو سچو.
    ڪرت جي حساب سان هو ’پشم‘ (اُنَ ۽ ڏاسَ) جو واپاري هو. سڄي بلوچستان جي ’پشم‘ جو واپار سيٺ علي محمد بڪڪ جي گاڏين، سندس لي مارڪيٽ ۾ واقع ڪاروباري ڪوٺي ۽ سندس وڏن وڏن گودامن ذريعي ٿيندو هو. جيڪو سڄي بلوچستان ۽ خاص طور تي لس ٻيلي، وڍ، خضدار، نال وغيره مان ٿيندو هو.
    بلوچستان مان ’پشم‘ سان گڏ ’گگر‘ ۽ ڪوئلي جو پڻ واپار ٿيندو هو جنهن لاءِ ٺيڪا ۽ پرمٽون لس ٻيلي جو ڊي.سي ڏيندو هو. تڏهن لس ٻيلي جو ڊي.سي سيٺ اسماعيل ميمڻ هو، جنهن جي جڏهن حاجي اسماعيل بنديجي سان ملاقات ٿي ته، خبر پئي ته هو پڻ لطيف رح جو عاشق آهي. ڊي.سي سيٺ اسماعيل ميمڻ ۽ حاجي اسماعيل بنديجي جي ويجهڙائي نالي ڀائي، (هم نام) هئڻ ۽ لطيفرح سان ’مشترڪ عشق‘ تنهن زماني ۾ وڏو مشهور هو.
    ڊي.سي لس ٻيلي وٽ طرحين طرحين جي ڪمن، ٺيڪن، پرمٽن لاءِ واپارين، ٺيڪيدارن ۽ ٻين ماڻهن جي وڏي رش هوندي آهي. پر جيئن ئي حاجي اسماعيل بنديجو آفيس ۾ ايندو هو ته ڊي.سي پنهنجا سڀ ئي ڪم ڪاريون ڇڏي کيس هڪدم اندر گهرائيندو هو پاڻ وٽ ۽ پوءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ لطيف رح جا عاشق پاڻ ۾ ڪچهريون ڪندا هئا. ٻاهر ويٺل سڀ ئي ماڻهو ويهي ويهي تنگ ٿي هليا ويندا هئا.
    چون ٿا ته ڊي.سي لس ٻيلي سيٺ اسماعيل ميمڻ، حاجي اسماعيل بنديجي کان لطيف رح جا ڪافي اڻ لڀ بيت ٻڌي لکيا به هئا.
    نه رڳو حاجي اسماعيل بنديجو پر سندس ڀاءُ گل محمد عرف گلو بنديجو ۽ سندن وڏيرو غلام قادر بنديجو پڻ لطيف رح جا ڄاڻو ۽ عاشق هئا. کين لطيف رح جو گهڻو ڪلام ياد هو
    لطيفرح سان جبل جي ماڻهن جو عشق ۽ لطيفرح جو ڪلام جبل ۾ پهچڻ پڻ هڪ معجزو آهي. اهو اهڙوئي پراسرار آهي جهڙو پراسرار پاڻ لطيف بادشاهه آهي.
    جبل جا ماڻهو نڪو پڙهيل نڪو سيلاني آهن. کين پنهنجو جبل ايڏو پيارو آهي جو جبل کان پري ٿيڻ سندن لاءِ وڏو عذاب آهي. مس ڪيڏي ڏڪار جي لاچار مان نڪرن ٿا سو به تڏهن، جڏهن ٻار ٻچو بک مان پاهه پيو ٿيندو. يا مال ڀٽاري لاءِ ڪک پن يا پاڻيءَ ٻٽو (ڍُڪ) نه پسندا ته ٻه وکون اڳت (اڳيان) وجهندا. نه ته جهڙي تهڙي ڏک بک کي ته پڇن به ڪونه. پرواهه ئي ڪونه ڪندا. ائين پٺي ڏئي ويهي رهندا ڄڻ پلاءَ کائي ويٺا هجن. ڀلي ڏهه نيرانيون (بکون) هجن حرام ڪو ڪِشِڪَاءُ (پرواهه) به هوندن. مليرو (ڏٿ جو قسم) چڙهيو ته ڄڻ ٻڪر ۾ برياني رڌي. سڏ ڪري هڪ ٻئي کي راڳن سان ٻڌائيندا، ”اوفلاڻا، ٽامڙو چڙهيو آهي مليرو رڌو آهي.“ معنيٰ ڪجهه نه ڪجهه ته رڌو آهي. کائي پي سُڀا جي سُڀا تي رکي ڪانڀون ڪڍي ويهي رهندا. مارڪن (ڳالهين) جي ڌم پئي پوندن. اوپرو اچي ڪو ڏسندو ته ڀائيندو، ’آنا او ڦڙاٽا کائي ويٺا آهن.‘
    اهڙن هنڌن تي لطيف رح جو ڪلام پڄڻ بلڪه عام هئڻ سچ پچ ته اڻ وسهندڙ ڳالهه پئي لڳندي آهي.
    جبل وارن تڏهن نڪو ’هالا‘ ٻڌو هو نڪو ’حيدرآباد ۽ ’ڀٽ شاهه‘. ڀانيان ٿي ڪَلَ ئي ڪانه هوندن جو اهو اکر (ڀٽ شاهه) سندن سَوڻي (گمان) ۾ ئي ڪونه هو. هاڻي ٻڌو هوندائون ته ٻي ڳالهه آهي. پر صدي ڏيڍ صدي اڳ ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.
    جبل وارن جو پير ’ڪوناڻو‘ آهي. ۽ روحاني مرڪز حضرت شاهه بلاول نوراني آهي. جيڪو ضلعي خضدار ۾ آهي. اتي رمضان شريف جي مهيني ۾ نَو، ڏهه ۽ يارهين تاريخن تي ميڙو لڳندو آهي. جبل جو تقريبن هر ماڻهو ٻارين ٻچين ميڙي تي ويندو آهي. اتي شاهه نورانيءَ جي پڙ ۾ باقائده پنهنجا تنبو ۽ ننڍا ڀونگا اڏي، ڪي ته رمضان جي پهرئين روزي کان اچي وهندا آهن. لاهوت لامڪان جي زيارت به ضروري سمجهن.
    اسين جبل جا ماڻهو، ’شاهه‘ معنيٰ شاهه نوراني سمجهون، ننڍپڻ ۾ اسڪولي ڪتابن ۾ جتي، ’مرد ته کيٽ، عورت ته ائٽ‘ سان گڏ، ’شاهه جا ٻه بيت ياد ڪريو‘ پڙهندا هئاسين ته، سمجهندا هئاسين ته، ’شاهه نوراني‘ جا بيت ياد ڪرڻ جو ٿا چون. پوءِ خبر پئي ته اها شاهه لطيف سرڪار جي بيتن جي ڳالهه آهي. پر لطيف رح جي ڪلام جو پڙاڏو ته جبل ۾ صدين کان آهي. جڏهن ته کين اها به خبر نه هئي ته شاهه لطيف ڪير آهي، ۽ سندس مزار شريف ڪٿي؟ اها ڪا به خبر کين اڳ نه هئي. پر لطيف جو ڪلام جبل ۾ عام هو اها وڏي ڳالهه آهي ۽ وڏي عجب جهڙي ڳالهه آهي.
    جبل جو عظو (عظيم محمد) توراڻي جيڪو نابين هو، ۽ لطيف جو حافظ هو. ان جو ذڪر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب ’ٻيلاين جا ٻول‘ (شايد) ۾ ڪيو آهي.
    جبل جا نه رڳو پُرهه (مرد) پرمايون به لطيف رح جي ڪلام کان واقف ۽ ڄاڻو آهن، جيڪي ڏک سک جو لطيف رح جي بيتن سان اظهار ڪنديون آهن. ايتري قدر جو وڙهڻ مهل يا ٽوڪ ٽاڙ ۾ به لطيف رح جا بيت چونديون آهن. يعني شاديءَ جي راڳن ۾ به لطيف رح ته غميءَ جي پارن ۽ اوسارن ۾ به لطيف رح جا بيت هوندا آهن.
    جيئن هن ئي ڪتاب جي هڪ خاڪي، ’سناسي خان بڪڪ‘ ۾ ذڪر ڪيو اٿم ته، جڏهن کيس انگريز گرفتار ڪري ممبئي پاڻيءَ واري جهاز ۾ وٺي وڃي رهيا هئا ته، ڪراچي بندرگاهه تي رخصت ڪرڻ مهل سندس گهر واريءَ سرسامونڊيءَ جي بيتن جي لانڍ پڙهي هئي. جيڪي هئا، ’مون اڀي تڙ وٽ ...‘ جيڪي هن پار ڪڍندي چيا هئا.
    تيئن ئي قدرتي طور حاجي اسماعيل بنديجو نه رڳو پاڻ پر سندس ڀاءُ گلو بنديجو پڻ لطيف جو ڄاڻو هو. اهو به پنهنجي هر ڪيفيت جو اظهار لطيف رح جي بيتن سان ڪندو هو.
    گلو بنديجي ۾ ڪو نقص هو يا الائي ڇا هن شادي نه ڪئي هئي. پر صنف نازڪ سان سندس گهڻي قرابت هوندي هئي. سُهڻيون عورتون ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو هو، ۽ انهن کي ويجهو ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
    سندس گهڻو وقت بلڪ تقريباً سڄو وقت عورتن منجهه گذرندو هو. سندن ڪم ڪار ڪرڻ، هٽ دڪان تان سودو سلف آڻي ڏيڻ وغيره.
    سندس ڳوٺ ۾ سُوهڻين جي گهڻائي بلڪ فراواني هئي جيڪا کيس فرحت ڏيندي هئي. هو سدائين کلندو، مرڪندو ۽ ڳالهائيندو هو. صبح جو پنهنجي گهر کان ٻاهر نڪرڻ سان ئي جيڪا به سُوهڻي مائي ڏسندو ته بي اختيار چئي ڏيندو.
    نَيرا نائي نَيڻَ، نيئي آڇ پرين کي
    سَتُر کاڌا کيڻ، جھ ڏٺو منهن محبوب جو.
    پنهنجي گهر مان ڪنهن به ڪم ڪار لاءِ نڪرندو هو ته، هر ان گهر جي اڳيان ضرور گذرندو هو جتي ڪا سُوهڻي عورت هوندي هئي. ان کي ڏسي ٿوري دير اتي بيهي لطيف سائينءَ جو ڪو بيت پڙهي مشڪي اڳتي ٿيندو هو. ائين هو هڪ هڪ سُوهڻيءَ مائيءَ وٽ بيهي کلي ڳالهائي بيت چئي هليو ويندو هو. ائين ئي بيهندو بيت جهونگاريندو هلندو ويندو هو. ڀلي گهر جو ڪوضروري يا تڪڙو سودو آڻڻو هجيس ته به هو پنهنجي معمولات ۾ فرق نه آڻيندو هو.
    ڳوٺ پنهنجو هو، هر ڪو سندس طبيعت کان واقف هو. ڪنهن کي به سندس اها بي ضرر عادت خراب نه لڳندي هئي. نه ئي ڪڏهن کيس ڪنهن ڇُڙُ ٻُڪُ (ڇنيڀ) يا دڙڪو ڏنو. دڙڪو ته ڇا پر ڪنهن ساڻس اَنهري منهن سان به نه نهاريو هوندو. جهڙو پاڻ کل ڦل هو تهڙو ئي سڀڪو ساڻس کل ڦل هوندو هو. ڳوٺ جي وڏڙين کي گلو بنديجي جا چيل بيت نه رڳو ياد آهن. پر انهن جي ادائگي به ياد اٿن. جن ٻڌايو ته، ’گهر مان نڪرندي ئي اول فلاڻي سُوهڻي عورت کان شروع ڪندو هو جيڪا وڏ گهراڻي جي هئي، ۽ نهايت قيمتي نفيس، رنگين ۽ ريشمي پوشاڪون پائيندي هئي. ۽ هار سينگار ڪرڻ جو به وڏو ڏانءُ هوندو هئس.‘
    سچ به اهو دور سچن ماڻهن جو محبتي ۽ معجزا تي دور هو. جنهن ۾ هرڪو هڪ ٻئي جو گهڻگهرو ۽ خير خواهه هوندو هو. نڪا ٽوڪ نڪا ٽاڙ. جي ڪو گهٽ عقل وارو بينوايو ۽ بي سونتيو هوندو هو ته، ان جي به هر بي وقوفيءَ واري ڳالهه ٻڌبي هئي، سهبي ۽ برداشت ڪبي هئي. کل واري ڳالهه تي کلبو هو. پوءِ ڀلي اها مٿن ئي ڇو نه هجي. منافقي ۽ مڪاري ڪانه هئي. جيڪو جهڙو هو اهو تهڙو ئي ڏسڻ ۾ ايندو هو. نه ڪو پوش نڪو پردو، نڪوروپ نڪو ٻهروپ.
    گلوءَ جي به هر حرڪت نه رڳو سڀڪو سهندو هو. پر سندس حوصلو وڌائڻ لاءِ ساڻس ساٿ ڏئي کلندو به هو. پوءِ ڀلي اها تلخ ۽ اڻ سهائيندڙ هجي. ظاهر آهي ماين سان اظهار محبت ڪرڻ، پوءِ ڀلي اها لطيف رح جي بيت جي آڙ يا آڏ ۾ ڪيل هجي پر سمجهي ته هرڪو ويندو. پر گلوءَ جي معصوم اظهار تي هرڪو لطف اندوز ٿيندو هو.
    شروعات ۾ ايندڙ سُوهڻي مائي جيڪا وڏ گهراڻي هئي، ان جو حسن ۽ سليقو ٻئي متاثر ڪندا هئا. گلو ان ڏانهن ويندي ۽ وٽس وهندي ڏاڍو سرهو ٿيندو هو. اتي ويندي سان کيس ڏسي مرڪي بيت جهونگاريندو هو،
    جَهڙا گُل گُلاب جَا، تَهڙا مَٿن وَيس
    چَوٽَا تَيل چَنبيليا، هَا هَا هُو هَميش
    پَسيو سُونهن سَيد چَئي، نِينهن اَچن نَيشَ
    لاَلن جي لبيس، آتڻ اکر نه اڄهي.
    بيت ٻڌي وڏيري ناز مان کلندي ته سندس گهر وارو به ٽهڪ ڏئي کلي پوندو هو. انهن کي کلندو ۽ خوش ٿيندو ڏسي گلو بود ۾ ڀرجي بَهُورُ (چوٽ) چڙهي ويندو هو ۽ وڏيري ۾ نهاري چوندو،
    گُجر کي گَجِميل جُون، تَارُن ۾ تَبرون
    هَڻي حاڪمن کي، زَور ڀَريون زَبرون
    ڪَاڪِ ڪَنڌيءَ قَبرون، پَسو پَر ڏيهين جُون.
    هو وڏيريءَ وٽ گهڻي دير تائين وهندو هو. کيس سُوهڙيءَ سان پڪي سوپاريءَ جي ڪُتر ڪري ڏيندو. بار بار حقو ٻاري اڳيان رکندو هو، ڳالهيون مارڪا ڪندو، کلندو، بيت چوندو يڪو ويٺو هوندو هو.
    وَسَنِ ۽ وِهِسَنِ، ڏِهاڻي ڏِسَڻَ لَئه
    جِيئن جِيئن پِرين پَسن، تِيئن تِيئن نَشا نِينهن جا.
    اتان اٿندو هو ته اصل اتاولو ٿي پوندو هو. روئڻهارڪو ٿي بيت جهونگاريندو. هَري هَري وکون وجهندو ويندو هو.
    وَسَنِ ۽ وِهِسَنِ ڏِهاڻي ڏِسَڻَ لَئهِ
    ڏِسي ڏِسي آئيون، تَوءِ تَلاشِيُون ڪَنِ
    ڍَاپِيَو نَه ڍَاپَنِ، پَسَڻَ مَنجهان پِرين جي.
    اتان اٿي ٻاهر نڪرندو هو ته ڳليءَ مان بيت جهونگاريندو ويندو هو.
    جَي ڪَاڪِ ڪَڪَورِيَا ڪَاپَڙِي، تِنِ لَهي نَه لاَلِي
    ڪَڙي ڪَيفَ خُمارِيا، مَي پِي مَوالي
    ڪَري حَاصِل هَليا، ڪَيفيت ڪَمالي
    وَتَنَ وِصالي،لڊُوڻِيان لَوڍي ٿِيا.
    اڳتي وڌندو ڪنهن سُوهڻيءَ کي ڏسندو ته بيت چوندو،
    مُومَل کي مَجاز جَا، اکين ۾ اَلِماس
    نَڪا عَام نَه خاص، جَي وِياسَي وَڍيا.
    اڃا اڳتي وڌندو وري ڪنهن گهر- آڳر ۽ اڱڻ تي ڪا سُوهڻي ڏٺائين ته بيت چوندو.
    تُون جَا ٻَائِي ٻَانهيءَ واري، ڪَهڙو تُنهنجو نَامُ؟
    آئِين جتي اُبٺا، سَو گُجر سَندو گامُ
    ڪهڙو اَٿانِ ڪام؟ هِت لکين خَانَ کَپِي وِيا.
    اڳتي هلندو ويندو. ڪٿي جي پاڻي ڀريندي، کوه وٽ ڪي ڪپڙا ڌوئيندي، ڪي ٽي چار جو انڙيون ڏٺائين ته وڏي توار جهونگاريندو،
    سَونَ وَرنيون سَوڍيون، رُپَي رَاند ڪَنِ
    اگر اوطاقنِ ۾، کٿوري کَٽنِ
    اَوتيائون عَنبير جَا، مَٿي طاق تَڙن
    ٻَاٽن ٻَيلهون ٻَڌيون، پَسيو سُونهن سَڙن
    ٿِيا لاَهُوتي لَطيف چئي، پَسَڻ لاءِ پِرين
    اِجهي ٿا اَچن، ڪَاڪَ ڪَڪَورِيا ڪَاپَڙِي.
    ائين هڪ هڪ سُوهڻيءَ جي در اڳيان لنگهيندو بيت چوندو ويندو هو. پڇاڙيءَ ۾ جڏهن پنهنجي گهرجي ويجهو پهچندو ته بيت چوندو گهر ۾ گهڙندو هو.
    جَڙَ گَهوڙا ڀَڙُ گُهوٽِيا، تَڙَ جُون تَڪَون ڪَنِ
    نَوَ ڄَڻيون نَاتِر سِين، پَاڻِيارِيُون پُڇن
    هِن گامَ نالو ڪهڙو، هِي گَهرَ سَندا ڪِنِ
    هِي گَامُ مِڙَوئي گَوجَرو، جِتِ رَاٺَوڙِيون رَهن
    ڏَهَه ڏَهَه ڀَيرا ڏِينهن ۾، خَونَ کِلندي ڪَنِ
    سَمُهَون وَڃُ مَ تِنِ، اڳيان رَاڻا! ٿو رِڻُ وَهي.
    ۽ ٿڌا شوڪارا ڀريندو پنهنجي گهر جي اندر هليو ويندو هو.
    آئُون اُتاهين آئِيو، جِت ٻِئي جِي نَاههِ مَجَالَ
    مُومَلَ جي ماڙيءَ کي، طَرَح طَرَح تَالَ
    لَکَ مَارايَو لاَلَ (لعل)، مَوٽِيو اَچان مَينڌرا.
    گلو بنديجو ويچارو صفا بي ضرر ماڻهو هو. محنتي، چئيڪار، سڏ تي جيءُ چوڻ وارو. ايماندار، هٽ جي هاج (ڪم) ڪندي، مجال ڪنهن جو ٽڪو آنو هيٺ مٿي ٿئي. نڪا جُکي (هٻڇ) نڪو جوڦ. (لالچ). کيس ڪنهن به ڪڏهن ڪنهن کا ڪجهه گهرندي نه ڏٺو.
    سيٺ غلام محمد بڪڪ کيس انهن خوبين جي ڪري گهر ۾ سودو سلف يا ٻاهر جي ڪم ڪار تي مامور ڪيو هو.
    ادب لحاظ، نياز ۽ نوڙت ڪو هن کان سکي. ڪڏهن به ڪنهن سان ڪا ڳجهي يا ڪُسَري (اڻ وڻندڙ) کيچل نه ڪيائين. جيڪو به چوندو سو سامهون ۽ کُلو چوندو. جيڪا به حرڪت ۽ کيچل ڪندو اها سڀني جي سامهون کلئي طرح سان ڪندو. لڪل ۽ الکي (اڻلکي) مستي ڪنهن سان به نه ڪيائين. باقي اها ته زائفان ذات سان گهڻي پوندي هيس. ڪچهري ته به انهن سان جي مارڪا ته به انهن سان. ڀائيندو هو ته جيڪا به مائي سندس ڀرمان لنگهي اها ساڻس لڳي (ٽچ ٿي) گذري. جنهن لاءِ هو کُلي ڪوشش به ڪندو هو، ۽ ارادتن اتي بيهندو هو. يا وهندو هو جتان ڪنهن مائيءَ جو لنگهندي ساڻس ٽڪر ٿئي.
    هڪ ڀيري سيٺ غلام محمد بڪڪ جي گهر جي ٻاهرئين اڱڻ تي، نماز پڙهڻ لاءِ مصلو هٿ ۾ جهليو بيٺو هو ته سيٺ صاحب جي پٽ سليمان خان ڪنهن ڪم لاءِ ڪنهن مائيءَ کي سڏيو. گلوءَ ڇا ڪيو جو ڊوڙ ڪري هڪدم دروازي وٽ جتان مائيءَ کي اچڻو هو، اتان مصلو اهڙي طرح وڇائي نماز نيتي ڇڏي جو گذرڻ مهل مائي ضرور ساڻس لڳي پوءِ گذري. سڏ تي مائي آئي ته در جي اڳيان گلو نماز نيتي بيٺو هو. مائي اچي در وٽ بيهي رهي. سليمان خان چيس، ”بيهي ڇو رهين آهين؟ اچ نه؟“ مائيءَ گلوءَ ڏانهن اشارو ڪري چيو، ”هن کي ته ڏس، دستگير چٽ ڪريس. درجي وچون وچ مصلو وڇائي ويهي رهيو آهي.“ گلو جيڪو نماز جي رڪوع ۾ هو ان بنا نهارڻ جي نماز جي وچ مان ئي جواب ڏنس، ”دستگير چٽ ڪري توکي، جاءِ گهڻي پئي آهي مٽجي ڇو نه ٿي وڃين؟“ ايترو چئي پاڻ سجدي ۾ هليو ويو ته مائيءَ ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو، ”الله ماريو، نڪو سنئين سمجهي نڪا ونگي، جيئن وڻيس ٿو تيئن ٿو ڪري ڪٿي آهي جاءِ لنگهڻ لاءِ؟“
    گلوءَ سجدي مان مٿو کڻي چيو، ”الله ماري توکي، مٽجي ته ڏس، ڪيڏي جاءِ پئي آهي.“ پاڻ وري ٻئي سجدي ۾ هليو ويو. اهو هو گلو ۽ اها هئي سندس معصوم عبادت.
    دڪان تان سامان سڙهو آڻيندو ته اهو به ٿيلي وغيره ۾، نه پر پنهنجي پهراڻ جي جهولاڻ (دانوڻ) ۾ وجهي آڻيندو هو. ماين جي اڳيان جهولاڻ جهلي چوندو، ”سامان کڻو“ مايون چونديون، ”هيٺ رک يا ٿانو ۾ وجهه.“ چوندو، ”هتان جهولاڻ مان کڻڻ ۾ ڇاهي؟ هتان ڇو نه ٿيون کڻو؟ هتان کڻڻ ۾ موت ٿو اچيوَ؟“ مايون ڦڪائيءَ مان وات تي هٿ يا چني رکي ’کي کي کي‘ ڪري کلڻ لڳنديون هيون ته، هو لطيف سرڪار جي بيتن جون قطارون لڳائي ڇڏيندو هو،
    ڪَا جَا پَرِ پِرين، نَه سَا سُئي نَه ٻُڌِي
    مَتيون سَڀُ مُنجهن، اَهڙي ڏِٺي قَيضي.
    مايون ٽهڪ ڏئي کلنديون ته چوندو،
    لَڏي آيا لاَلَ، پَيرَن سِين پَنڌ ڪَري
    سَاجَنُ اکيون جي کڻي، تَه ڪَوڙين ڀَايان ڀَالَ
    مُنهنجي نَاههِ مَجالَ، ته ڪَو وَيڻُ وَرائي وَارِيان.
    حاجي اسماعيل بنديجو ۽ سندس ڀاءُ گلو بنديجو ٻئي لطيف رح جا عاشق، ڄاڻو ۽ حافظ هئا. ٻئي اڻ پڙهيل بلڪ حرف شناس به نه هئا.
    لطيف رح جو ڪلام انهن ڪيئن ٻڌو؟ ڪٿان ٻڌو؟ ڪنهن ٻڌايو؟ ڪنهن سيکاريو؟ اهو سڀ اهڙو ئي ڳجهه آهي جهڙو ڳجهو پاڻ لطيف رح آهي. اهو ڳجهه، اهو راز اها پراسراريت جبل ۾ هڪ خوشبو، هڪ هڳاءَ جيان پکڙيل آهي، ۽ صدين کان پئي مهڪي.
    نَڪو ڊَيگُهه نَڪو وَيلُ، نَڪو مُنهن مُهاڙِ ڪا
    اِي اُهو ئي کَيلُ، ڪَورُ پَرُوڙَي ڪِينَ ڪِي.
    انهن ٻنهي ڀائرن کان پوءِ سندن وڏيرو غلام قادر بنديجو، لطيفرح شناس جي صورت ۾ سامهون آيو.
    جنهن ۾ پنهنجي ٻنهي مائٽن جي سواءِ لطيف رح سان عشق جي ٻي ڪابه مماثلت، هڪ جهڙائي ۽ مشترڪ ڳالهه نه هئي.
    وڏيرو غلام قادر بنديجو نهايت قابل، پڙهيل، سنجيدهه ۽ معاملي فهم هو.
    هو وڏيرو هو فيصلا به ڪندو هو جن مان ڪي سندس ڪيل فيصلا نهايت انوکا، دلچسپ ۽ صلح ڀريا ڏاڍا مشهور ۽ مانائتا ٿيا. جن مان هڪ اهو ته جي ٻه ماڻهو پاڻ ۾ وڙهن يا گهر ۽ ٻه خاندان پاڻ ۾ جهڳڙو ڪن ته، انهن وابسته ماڻهن کان سواءِ ٻئي ڪنهن وچ جي پارٽي بازي، گروپ بندي يا ڪنهن هڪ جي ٻَڌي ڪندي، ٻي ڌر جي شادي يا غميءَ ۾ شرڪت نه ڪئي ته ان تي پنجاهه هزار ڏنڊ پوندو هو ته، اهي ته پاڻ ۾ وڙهيل هئا اوهين ڇو ڌُرِ بڻيا؟ اهو اهڙو فيصلو هو جنهن جي ڪري ڪنهن به ڪنهن سان رت ڀت نه ڪڍيو، ۽ نه ئي ڪو ڪنهن جي ڌر بنيو.
    ٻيو سندس فيصلو اهو هو ته ڀلي ڪيڏو به وڏو جهڳڙو ٿئي پر جيڪو به پهرين ڌڪ هڻندو ان تي پنجاهه هزار ڏنڊ پوندو هو.
    اهڙي صورت ۾ سندس راڄ (بنديجا) ۾ ڏاڍا دلچسپ واقعا ٿيندا هئا. مثال، ڪي پاڻ ۾ وڙهندا هئا ۽ جي ڪنهن ڌڪ هڻن لاءِ الير ڪئي ته اڳيون ڇاتي اڳيان ڪري چوندو، ”هڻ، هڻ هڻي ته ڏس!“ ۽ الير ڪرڻ وارو پنجاهه هزار ڏنڊ پوڻ جي خوف مان هٿ هيٺ ڪري ڇڏيندو هو. ائين سندس راڄ ۾ جهڳڙا گهٽ ٿيندا هئا.
    وڏيرو غلام قادر بنديجو هڪ نهايت اعليٰ منتظم پڻ هو. ڪنهن به شادي وغيره جو هَشنگ (سڄي ذميداري) هٿ ۾ ڏنو ويندو هو ته، هو اها تقريب ٿوري خرچ ۾ ئي نهايت شانائتي طريقي سان نباهي ڏيندو هو. باقي گهڻي ۽ امونگڙي (بيحد گهڻي) خرچ سان ته هن اهڙيون اهڙيون تقريبون ڪيون جو راڄن ۾ واهه واهه ٿي وئي. اڄ به اهي تقريبون مثالي ليکيون وينديون آهن. جن ۾ اعلا ترين کاڌي پيتي کان علاوه مهمانن کي وهارڻ، کارائڻ، بهترين ٿانون جي چونڊ ۽ هٿ وغيره ڌئارڻ جا به لاجواب انتظام هوندا هئا.
    پاڻ به هڪ زبردست بلڪ لاجواب بورچي هو. بورچين ۽ ديڳين جي نگراني ڪندي کيس ڏانءُ اچي ويو هو ۽ سندس پار ڏيڻ ۽ بورچين کي سيکارڻ سان به کاڌا بي مثال ٿي پوندا هئا.
    باقي لطيف رح سان عشق ته خانداني طور ڄڻ ورثي ۾ مليل هئس. جڏهن منهنجي ڪتاب، ”ڇپر ڪين ڏي...“ (2002ع) جي ڇپجڻ جي کيس خبر پئي تڏهن پاڻ سخت بيمار هو. منهنجي ادا مولا بخش بڪڪ کي فون ڪري چيائين ته، ”آئون اوهان وٽ اچڻ ٿو چاهيان.“ ادا کيس ڀليڪار ڏني ته، ”ڀلي اچ پنهنجو ئي گهر اٿئي.“ جڏهن هو اسان جي اوطاق ۾ اچي ويٺو ته هو گهڻو بيمار پي لڳو. اڃا جيسين ادا ڪجهه ڳالهائي ته پاڻ اڳ ئي ڳالهايائين ته، ”آئون ڪتاب کي ڏسڻ آيو آهيان.“ ادا حيران ٿي چيس، ”اهو اوهان فون تي به چئي پي سگهيا. ايڏي تڪليف ڇو ڪيوَ؟“ پاڻ کلي چيائين، ”ڪتاب جو ديدار ڪرڻو هو. ديدار ڪرڻ لاءِ ماڻهوءَ کي پاڻ هلي اچڻو پوندو آهي.“
    ڪتاب، ’ڇپر ڪين ڏي.....‘ ڏسي ۽ پڙهي ڏاڍو خوش ٿيو هو. وڃڻ مهل جڏهن ادا ڪتاب گفٽ ڪيس ته سندس لڙڪ لڙي آيا هئا.
    ادا ٻڌايو ته هو جيتري دير اوطاق ۾ ويٺو هو اهو سمورو وقت هن رڳو لطيف رح تي ڳالهايو ۽ بيت پڙهيائين.
    وڏيرو غلام قادر بنديجو هڪ وضع دار ۽ جبل جي اعليٰ روايتن جو پاسدار ماڻهو هو. پاڻ جبل جي هيرن، موتين ۽ جواهرن ۾ هڪ سٺو داڻو ماڻهو هو. پاڻ تازو ننڍي عمر ۾ وفات ڪري ويو آهي.
    ڪَاڇَي پئي ڪُوڪَ، سَچ ڪه سَنگهارن لَڏيو
    مَادَرِ اَوءِ مَلُوڪَ، اُٺي وِيَڙا اُڪَرِي.
    ها، ته اهو آهي جبل ۽ اهي آهن جبل جا لطيفي ڪردار. حاجي اسماعيل بنديجو، گل محمد عرف گلو بنديجو ۽ وڏيرو غلام قادر بنديجو.


    هڪ ڄاتل سڃاتل ڏاهو ۽ پڙهيل ڪردار الله بچايو يار محمد سمون (بهلول/ڇٽو)

    ڪوهستان جي هيءَ واحد شخصيت آهي جنهن سڀ کان پهرين ڪتاب’ سير ڪوهستان‘ (1942ع) لکي ڄڻ ته، ڪوهستان کي هڪ معتبر سڃاڻپ ڏني.
    هو پهريون ڪوهستاني ماڻهو هو جيڪو ڪوهستان جي حوالي سان خاص طور ادبي حلقن ۾ سڃاتو ويو هو.
    ’سير ڪوهستان‘ ڪتاب تنهن دور ۾ ادبي دنيا ۾ ڄڻ انقلاب آڻي ڇڏيو هو. سنڌ جو ماڻهو، خاص طور سنڌ جو اديب ڪوهستان جي شاهوڪار ٻولي ۽ ڪلچر سان متعارف ٿيو هو.
    الله بچايو يار محمد سمون هڪ ذهين، مشفق، ڏاهو ۽ باغ بهار طبيعت جو باوقار انسان هو. پيشي جي اعتبار سان هو استاد هو. سندس رهائش ڪراچي جي هڪ ڳوٺ ’حاجي مريد خان بڪڪ ڳوٺ‘ ۾ هئي، جتي هو ڳوٺ جي قديم (ڏيڍ سؤ سال پراڻي) درس گاهه، ’ابراهام ربين بوائز اسڪول‘ ۾ هيڊ ماستر هو.
    هُو هڪ لاجواب استاد هو. شاگردن کي پڙهائڻ ۽ ڪنٽرول ڪرڻ ۾ سندس ڪو مثال نه هو. هُو هڪ سٺو منتظم پڻ هو.
    منهنجا چارئي ڀائر، قادر بخش بڪڪ (ٽرپل ايم.اي ۽ ايل.ايل.بي)، پروفيسر ڊاڪٽر رسول بخش بڪڪ (ماهر پيٿا لاجسٽ)، محمد بخش بڪڪ (اليڪٽريڪل انجينئر) ۽ مولابخش بڪڪ (ايڊيشنل سيڪريٽري سنڌ حڪومت)، شاعر اديب، شاهه رح جو ڄاڻو، ۽ شاهه جي رسالي جو منظوم اردو ترجمو ڪندڙ) سندس شاگرد رهيا آهن. انهن جي دلين ۾ الله بچائي يار محمد سمي لاءِ لکين عزتون ۽ احترام آهن. جڏهن وڏو ادا قادر بخش ڳوٺ جي اسڪول مان فارغ ٿي سنڌ مدرسة الاسلام ۾ پڙهڻ ويو ته اسڪول جي پرنسپالن بابت گهڻي ڄاڻ حاصل ڪيائين. جنهن کان پوءِ هو اسڪول جي اڳوڻي پرنسپال سر وائنس جي زندگيءَ کان گهڻو متاثر ٿيو، جيڪو شاگردن کي پنهنجي اولاد وانگر سمجهندو هو، ۽ هر موسم ۾ سندن خيال رکندو هو. سياري جي موسم ۾ هاسٽل ۾ رهيل شاگردن جي سار سنڀال لهڻ لاءِ، هو آڌيءَ رات جو اٿي اچي انهن جي مٿان چادرون، ڪمبل ۽ سوڙيون وغيره پائيندو هو.
    الله بچايو يار محمد سمون پڻ ساڳئي طريقي سان پنهنجن شاگردن سان، ۽ اسڪول جي ٻين استادن سان گهڻو پيار ڪندو هو. سندس رويو ساڻن دوستن جهڙو هوندو هو، جنهن جي ڪري ادا قادر بخش بڪڪ کيس ’سروائنس‘ جو خطاب ڏنو هو.
    اهو دور 50-1945ع جو هو، جڏهن اڃا ڳوٺن ۾ تعليمي شعور گهٽ هو، ۽ اسڪول ۾ حاضري به معمولي هوندي هئي.
    ڪراچيءَ جي اصلي رهاڪن جي مزاج کي آئون آسٽريليا جي اصلي رهاڪن ’ايبوريجن‘ جي مزاج سان تشبيهه ڏيندي آهيان. اصل لِکَ به نه لاهين. ساڳيا طور طريقا، ساڳيا ئي نمونا. ساڳيو ئي وچون وچ رهڻ جو انداز ۽ مزاج. جيئن ايبوريجن آسٽريليا جي مرڪز ۾ رهيل آهن، تيئن هي به ڪراچي شهر جي وچون وچ (مرڪزي ضلعو) ۾ رهيل آهن. اهڙي وقت ۾ جڏهن اڃا تعليم جي اهميت نه هئي، شاگردن کي پڙهائڻ ۽ ڪنٽرول ڪرڻ وڏي ڳالهه هئي.
    تڏهن (۽ هاڻ به) سنڌي ۽ ٻروچ غريب ۽ بيروزگار هئا. اهي زندگيءَ جي هر سهوليت کان وانجهيل هئا. هُو تڏهن به کين پڙهڻ لاءِ اتساهيندو ۽ حساب ۾ رکندو هو.
    پراڻي گوليمار مان ڪجهه خاصخيلي ۽ مڪراني ڇوڪرا پڙهڻ ايندا هئا (تڏهن مڪراني به سنڌي پڙهندا هئا). ان وقت نڪو اسڪول ۾ يونيفارم جو رواج هو نڪو جوتن پائڻ جي پابندي هئي. جيڪو جيئن اچي بس اچي اسڪول ۾ پڙهي. انهن ڇوڪرن جي گهرن ۽ اسڪول جي وچ ۾ ڪو گٽر هو يا ڇا. پر جڏهن به اهي ڇوڪرا اسڪول ۾ ايندا هئا ته سندن پير گوڏن تائين گٽر جي ڪِن ڪچري سان ڀريل هوندا هئا. اهو سندن روز جو معمول هو، جنهن تان هُن ڪڏهن به کين نه ڪو روڪيو نڪو اعتراض ڪيو. ڄڻ ته هو ان ۾ ئي خوش هو ته هو پڙهڻ اچن ٿا. پوءِ کين ڌئاري ڪلاس ۾ وِهاري پڙهائيندو هو. ڪڏهن جي اهي ڇوڪرا نه ايندا هئا ته هو پنهنجي باغ بهار ۽ ظريفاڻي مزاج موجب خوبصورت مرڪ سان سندن لاءِ پڇندو هو ته، ”الائي ڇو، اڄ لانگ بوٽن وارا يار نه آيا آهن شال خيريت سان هجن.“
    لانگ بوٽ ان ڪري جو گٽر مان پير ۽ ٽنگون ائين ڀريل هونديون هيون جو پري کان ائين لڳندو هو ڄڻ کين لانگ بوٽ پاتل آهن. پوءِ ته سڀ ئي کين سندن غيرموجودگيءَ ۾ ’لانگ بوٽن وارايار‘ چوندا هئا.
    اهڙو ئي شاداب طبيعت جو ڌڻي هو ماستر الله بچايو يارمحمد سمون. جيئن چئبو آهي بلڪ حقيقت آهي ته، مڪمل رڳو الله تعاليٰ جي ذات مبارڪ آهي، ۽ جيڪا هر خاميءَ کان عاري آهي. باقي بندو نامڪمل ۽ ناقص آهي. ڀلي هو ڇا مان ڇا هجي پوءِ به ڪا ڪثر ۽ ڪاڻ رهجيو وڃي. يعني ’مڪملتا‘ ماڻهوءَ جي ذات سان منسوب نه ڪجي ته بهتر. ٻيءَ صورت ۾ ڪنهن نه ڪنهن وقت، ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه ۾ ڪا اگهرائپ ظاهر ٿي، مايوسيءَ جو سبب بنجي پوندي آهي.
    جيئن هاڻي الله بچائي يار محمد سمي جي هڪ اگهرائپ نما ڪامپليڪس ظاهر ٿي اسان کي مايوس ڪيو آهي. اهو قومن ۽ ذاتين جي باري ۾ آهي.
    سڀ کان پهرين سندس پنهنجي ذات يعني جند جان سان وابسته ’ذات‘ جو ذڪر ڪبو. الله بچايو يار محمد سمون ذات جو، ’ڇٽو‘ آهي. ’ڇٽا‘ برادري جي حساب سان وڏي برادري آهي جنهن جون شاخون ۽ نکون، توراڻي، بَهلول، گنجا، مارچا وغيره آهن. ماستر صاحب پاڻ، ’ڇٽن‘، جي شاخ، ’بَهلول‘ سان تعلق رکندڙ هو، جنهن پاڻ کي ’ڇٽو يا بهلول‘ سڏائڻ بجاءِ، ’سمون‘ سڏايو.
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مرتب ڪيل ڪتاب، ’ٻيلاين جا ٻول‘ مطابق لس ٻيلي جون قديم سنڌي قومون ’سما‘ ذات سان تعلق رکن ٿيون. شايد انهيءَ تعلق سبب هُن پاڻ کي ’سمون‘ چوائڻ وڌيڪ پسند ڪيو.
    جڏهن ته تحقيق ڪندي مون پنهنجي هڪ مقالي ’سخي ڄام سپڙ ۽ چارڻن جون چلولايون‘ ۾ لس ٻيلي جي قديم سنڌي قومن جو تعلق ’سومرن‘ سان ثابت ڪيو آهي. ان تحقيق مطابق، ’بڪڪ‘ قوم سميت لس ٻيلي جي اڪثر قبيلن جو تعلق سومرن سان آهي.
    لس ٻيلي جي هڪ قديم سنڌي قوم ’موندرا‘ آهي، جيڪا هاڻي تمام گهڻو تعليم يافتھ آهي. انهن وٽ هڪ ڀوڳ نما ڳالهه مشهور آهي ته، ”جڏهن سمن کان شڪست کائي هتي جبلن ۾ آيا هئاسين ته ڏاڍا ڊنل ۽ هيسيل هئاسين. اسان پاڻ کي خوف مان ’سومرا‘ چوائڻ ڇڏي ڏنو هو ته متان مارجي نه وڃون. جڏهن ته هئاسين ’سومرا‘ ئي، جيڪا ڳالهه لڪائڻ جي باوجود ذهن ۽ زبان تي ويٺل هئي. تنهن زماني ۾ جي ڪنهن اوپري پڇيو ته ”اوهين ڪير آهيو؟“ ته اسان جي زبان مان، ”سو... سو... سو.... موندرا نڪري ويو. اسين ’سومرن‘ مان ’موندرا‘ ٿي وياسين.“
    اها ڳالهه شايد ڀوڳ هجي پر هيءَ ڳالهه ڀوڳ ناهي ته لسٻيلي جي قديم سنڌي قومن جي نسبت سمن سان نه پر سومرن سان آهي.
    لسٻيلي گزيٽيئر (1907ع) ۾ آهي ته، ”لسٻيلي جون قديم سنڌي قومون سومرن جي نسل مان آهن جيڪي سمن جي حڪمراني واري دور ۾ جڏهن شڪست کائي پوءِکين گهٽ درجي جو سمجهي گهٽ درجي وارا توهين آميز ڪم وٺڻ چاهيائون جيڪي ڪرڻ کان انهن انڪار ڪيو ۽ اُتان ڌڪجندا پٺيان ٿيندا اچي جبلن ۾ پهتا.“
    عام ڄاڻ موجب لس ٻيلي ۾ رهندڙ اڪثر قومن جو تعلق سمان قبيلي سان هو، ان ڪري انهن پاڻ کي لس ٻيلي جي قديم سنڌي قومن جي نسبت سان، ’سمون‘ سڏايو، جيڪا هن پنهنجي اصل ذات ’ڇٽا‘ سان بي واجبي ڪئي. ان جو هن کي اختيار به آهي ته هُو پاڻ کي ڪنهن به ذات سان منسوب ڪري سگهي ٿو.
    اصل بي واجبي هن ٻي ڪئي آهي جيڪا نهايت تڪليف ڏيندڙ آهي، جيڪا ڪوهستان جي هڪ قديم سنڌي قوم ’بڪڪ‘ کي تاريخ جي ورقن تان ميسارڻ جي دانسته ڪوشش ڪرڻ آهي.
    ’بڪڪ‘ قوم جيڪا اڄ به هڪ سگهاري حقيقت بنجي نه رڳو ڪوهستان جي شينهن علائقن ۾ اُچي ڪَرَ سان رهيل آهي. پر ڪوهستان جي دادلي انٽرنيشنل شهر ڪراچي جي وچون وچ (مرڪزي ضلعي) ۾ اهم ترين علائقي ۾ پنهنجي وسيع و عريض ڳوٺ ’حاجي مريد خان بڪڪ ڳوٺ‘ ۾ رهيل آهي، جتي هُو صاحب پاڻ به رهندو هو. انهيءَ ڳوٺ ۾ ئي قائم قديمي درسگاهه، ’ابراهام ربين بوائز اسڪول‘ ۾ هيڊماستر هو، جتي اڄ به سندس پٽ، پوٽا، ڌيئرون ۽ ڏوهٽا رهن ٿا.
    ڪتاب، ’سير ڪوهستان‘ جي باب، ’قومون ۽ رواج‘ صفحو 123 ۾ جتي ڪوهستان جو قومون ڳڻايون ويون آهن، اتي هن ’بڪڪ‘ قوم کي نه ڳڻايو آهي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ’ڇٽا‘ ذات کي هن پهرئين نمبر تي ڳڻايو آهي. حالانڪه هن پاڻ کي ’ڇٽو‘ذات سان منسوب ڪرڻ ڄڻ ته عار سمجهيو. جڏهن ته سچ اهوئي آهي ته سندس تعلق، ’ڇٽو‘ ذات سان آهي، جنهن ڪري هُن ذاتين، ۾ ’ڇٽو‘ ذات کي اوّليت ۽ اهميت ڏني آهي.
    سوال اهو آهي ته جي ’بڪڪ‘ ذات ڪوهستان ۾ ناهي ته پوءِ ڪٿي آهي؟ انهيءَ سوال جي جواب جي اميد ان ڪري به معدوم آهي جو ڪتاب ’سير ڪوهستان‘ جي فاضل مصنف جي وفات کي 56 سال ٿي ويا آهن (وفات: ڊسمبر 1958ع). باخبر آهي سڀڪو ته، ’سچ‘ ڪڏهن به ختم نه ٿيندو آهي. بيشڪ کيس هر دور ۾ موافق حالتون نه ملنديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن هو ڪوڙ جي اٿاريل ڌوڙ ۽ دونهين جي ڌڌڙ ۾ وڪوڙجي دونهاٽجي ويندو آهي. پر وقت وري به سندس اجرو ۽ ملوڪ منهن سنواري پڌرو ڪندو آهي.
    ڪنهن به قوم جي باري ۾ ڪو به ماڻهو خراب رويو ۽ غلط پروپيگنڊا ڪري سگهي ٿو. پر وقت ان جي تصحيح ڪندو آهي.
    سگمنڊ فرائيڊ چيو آهي ته، ”سڀ کان وڏو فاتح وقت آهي.“ واقعي به وقت وڏو فاتح آهي جنهن اڄ ’بڪڪ‘ قوم جي باري ۾ تصحيح ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي.
    ’بڪڪ‘ قوم بابت ماڻهن وٽ گهٽ بلڪ اڻ هوند جيتري معلومات آهي. ان جو سبب اهو آهي ته هيءَ هڪ جابلو قوم آهي. جن جي رهڻي ڪهڻي خوفناڪ جبلن ۾ آهي، ۽ جن جا اصول عجب آهن ته، پرائي سک کان پنهنجو ڏک به سٺو آهي. جنهن ڪري هو ڏکن، ڏڪارن ۾ به پنهنجا پڊ نه ڇڏيندا آهن.
    ”بڪڪ“ قوم اصل ڪٿي جي آهي؟ انهيءَ سوال جو جواب مروجه تاريخن ۾ ڳولڻ به اجايو ٿيندو. هڪ ته اهي تاريخون ويجهي ماضيءَ جون آهن. ٻيو وري انهن ۾ سچ جو فقدان آهي.
    جڏهن سنڌ ملڪ جي تاريخ اڻ لڀ آهي. اهڙيءَ صورت ۾ سنڌ ۾ وسندڙ قومن جي تاريخ ڪيئن ۽ ڪٿان لهبي؟ ان جي باوجود قومون پنهنجو اصل ڳولڻ چاهينديون آهن، ۽ ان لاءِ سرگردان رهنديون آهن جيڪو سٺو سنئوڻ آهي. قومون جڏهن پنهنجو اصل ڳولي لهنديون آهن تڏهن ملڪ جي تاريخ وسيع ٿيندي آهي.
    ’بڪڪ‘ قوم جي باري ۾ گهڻن ماڻهن رابطو ڪيو، ۽ معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر اها ٺوس حالت ۾ يا هڪ هنڌ سهيڙيل نه هئڻ جي صورت ۾، کين مددگار نه ٿي سگهي هئي.
    انهيءَ دوران سوچون مسلسل حملا آور رهيون ته، ’ڇا ڪنهن آسماني صحيفي جو انتظار آهي؟ جنهن ۾، ’بڪڪ‘ قوم بابت مڪمل تاريخ درج ٿيل هوندي؟ پڪ سان ڪو آسماني صحيفو لهڻو نه هو. ماٺ کان بهتر آهي ته اها ٽڙيل پکڙيل معلومات سهيڙجي ۽ ’بڪڪ‘ قوم جي تاريخ مرتب ڪجي.
    انهيءَ عزم کي ويتر تڏهن تقويت ملي جڏهن ڪتاب ’سير ڪوهستان‘ ۾ ’بڪڪ‘ قوم ندارد هئي.
    قومون پاڻ کي پاڻ جيارينديون آهن ۽ جيڪي قومون پاڻ کي پاڻ جيارينديون آهن، انهن کي ختم ڪرڻ ۽ ميسارڻ جي طاقت ۽ اختيار ڪنهن کي به نه هوندو آهي. هونئن به ڪنهن جيئري ۽ سگهاري قوم کي تاريخ جي ورقن تان نه ٿو ميساري سگهجي. اها به اهڙي قوم جنهن جي تاريخ هزارين سالن تائين محيط هجي.
    ’بڪڪ‘ قوم، هزارين سال قديمي قوم آهي، جنهن جو ذڪر هزارين سال اڳ جي پوٿين(Book late) ۾ موجود آهي.
    مثال لاءِ هزارين سال اڳ جي پوٿي، ’پرا ودا نراَپيا‘ (تاريخ نائچ) ۾ آهي ته ، ’ڪاٺيا (سن آف سندلي) جا پٽ، بڪڪ، واڍيلو، سيال، لنگڙيال، بڙيال، سيلرو، ٻگهيو ۽ ڪي ٻيا هئا جيڪي هڪ ئي ماءُ ۽ پيءُ جو اولاد آهن.
    حضرت عيسيٰ عليه کان به اڳ جي هڪ پوٿي ’بروڪت ڪُلانرآپيا‘ ۾ پڻ، ’بڪڪ‘ جو ذڪر آهي.
    محمد صلاح الدين (سابق ڪشمنر سکر) جي ڪتاب ”پٽاليني، راوڙ ۽ پاليءَ“ ۾ جيڪا پراڻي زماني جي تاريخ آهي، ان ۾، ’بڪڪ‘ قوم جو ذڪر آهي. مڪران گزيٽيئر ۾، ’بڪڪ اسٽيٽ‘ جي باري ۾ اهڃاڻي ڏنل آهي.
    لس ٻيلا گزيٽيئر (1907ع، مصنف سي.ايف. منچن) ۾ آهي ته، ”ڍينگي کان دريجي تائين، ’بڪڪستان (Bikak country)‘ آهي. بڪڪ قوم واحد آهي جنهن کي مصنف هن سرزمين جو اولاد سڏيو آهي. اهي چون ٿا ته، ’اسين ٻئي ڪنهن به هنڌان ناهيون آيا. اسين هن ئي زمين مان پيدا ٿيا آهيون؟
    محترم علي احمد بروهي پنهنجي هڪ ڪالم ”ڪوٽ قلعا ۽ مقبرا“ ۾ لکيو آهي ته، هنگلاچ ۾ ’بِڪڪ‘ قلعو آهي، جنهن جي ڪري بِڪڪ قوم سڏجي ٿي.
    جناب ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ سنڌي جي ڪتاب ’حضرت سنڌ‘ ۾ ’بڪڪ‘ قوم جو ذڪر آيل آهي.
    ’بڪڪ‘ قوم جي ٿورائي يا تعداد ۾ گهٽ هئڻ بابت قديم تاريخي حوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته، ’بڪڪ‘ قوم، بهادر، سگهاري، جنگ جو ۽ انصاف پسند قوم هئي، جنهن ڪوڙ ۽ نا انصافيءَ خلاف هميشه جنگ ڪئي آهي. گهڻن هنڌن تي، ’بڪڪ‘ قوم جون نشانيون، علائقا ۽ قبرستان موجود آهن. پر پاڻ، ’بڪڪ‘ قوم نظر نه ٿي اچي/ ناموجود آهي.
    حضرت شاهه بلاول نوراني (خضدار) جي آسي پاسي وارن علائقن خاص ڪري،’ڪنگوري‘ (علائقي) جي پاسي، بڪڪن جو هڪ غير معمولي قبرستان آهي، جتي تقريباً 360 قبرون آهن جيڪي سڀ هڪ جهڙيون ۽ هڪ ئي قسم جي پٿر سان خوبصورت ٻڌل آهن.
    برطانوي دور حڪومت ۾، انگريز انهيءَ قبرستان کان ايڏو متاثر ٿيا جو انهن سڄي قبرستان کي، پٿر جي خوبصورت ۽ پائدار چؤ ديواري لڳائي ڇڏي. (روايت، محترم مرحوم حاجي خان محمد صاحب. خليفه درگاهه حضرت شاهه نوراني).
    بلوچستان ۾ وڍ (جهالاوان جو وچ) جي ويجهو هڪ علائقو آهي، جنهن کي ’بڪڪي‘ سڏيو ويندو آهي جيڪو قيمتي جبلن جو علائقو آهي. اتي مارٻل جون کاڻيون آهن. ۽ لڪل معلومات موجب، ’بڪڪيءَ‘ واري علائقي ۾ هڪ جبل ۾ ’فيروزا‘ (پنا، بيحد قيمتي پٿر) هيري جي برابري ڪندڙ پٿر جي کاڻ آهي. جتي پڻ بڪڪن جو وڏو قبرستان آهي جتي هڪ جبل کي، ’بڪڪان دا لاڪارا‘ سڏيو ويندو آهي.
    ’بڪڪ‘، قوم جي بهادر/ ويڙهو ۽ جنگجو هئڻ بابت مشهور ليکڪ ۽ محقق محترم گل حسن ڪلمتي جي ڪتاب ’ڪراچي سنڌ جي مارئي‘ جي صفحي نمبر 47 تي آهي ته، ”مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ لس ٻيلي ۾ رونجها، بنديجا، بڪڪ، عالياڻي ڄام، گونگا ۽ جدگال طاقتور قبيلا هئا جن جون مغلن سان لڙايون لڳيون. انهن سڀني قبيلن جو واسطو ڪنهن نه ڪنهن طرح ڪراچيءَ سان آڳاٽي زماني کان رهيو آهي. ڪراچيءَ وارو علائقو سنڌ جو اڻ ٽٽ حصو رهيو آهي.“
    نواب غيبي خان چانڊيو جي سوانح حيات (2006ع) ۾ صفحي 122، 228 ۽ صفحي 380 تي نواب غيبي خان چانڊيو ۽ سردار رتي خان بڪڪ جي جنگين جو ذڪر آيل آهي. انهيءَ ڳالهه جي نسبت سان ”رتي ديري“ کي ”رتو خان بڪڪ ديرو“ چوڻ ۾ بڪڪ قوم حق بجانب آهي. مشهور شاعر تاجل بيوس جي شعري مجموعي، ’تاجل جو رسالو‘ ۾ ’سرگهاتو‘ صفحو 339 تي بيت 7 ۾ پڻ بڪڪ قوم جو ذڪر آهي،
    ڀانگريا بڪڪ، مڙئي وياوَ ڪلاچ جا
    جوريجي جوکيا، آهن جي اڻ ٿڪ
    پانڌ آيا پڪ، مٽيندا نه ماڳ کي.
    اهڙي قوم جنهن جي لاءِ مختلف قومن سان تعلق رکندڙ ڪوهستاني پاڻ چون ته، ”بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ ۽ رک رکاءَ جي هيءَ ڳالهه دعويٰ سان ٿو چوان ته، سڄي ڪوهستاني تر ۾ ’بڪڪ‘ قبيلو ٿورائيءَ ۾ هئڻ جي باوجود به دليري، دانائي، ڏاڍ مڙسي، سونهن، سگهڙپائي، حق گوئيءَ کان ويندي مهمان نوازيءَ تائين منجهن ڪابه ڪمي ڪانهي“ (رخمان گل پالاري، ڪلاچي تحقيقي جرنل، سپٽمبر 2002ع، شاهه عبداللطيف چيئر، ڪلاچي يونيورسٽي).
    ’سير ڪوهستان‘ ڪتاب جي مصنف الله بچائي يار محمد سمي نه رڳو پنهنجي ڪتاب ۾، ’بڪڪ‘ قوم نه ڳڻائي آهي. پر حيرت ناڪ طريقي سان هن، ’بڪڪ‘ قوم جا ڪارناما ۽ بهادريون به پنهنجي ذات، ’ڇٽي‘ سان منسوب ڪيا آهن. جيئن ڪتاب، ’سير ڪوهستان‘ جي باب، ’صحت‘ ۾ صفحي 38 تي بهادريءَ جو هڪ واقعو ’کيرٿر ڇٽي‘ جي نالي ڪيو آهي. مٿي به ذڪر ڪيو اٿم ته فاضل مصنف جي ذات ’ڇٽو‘ آهي جيڪا هن پنهنجي نالي سان گڏ ته نه سڏائي آهي. پر پنهنجي ذات لاءِ ڪوبه معتبر ۽ بهادريءَ جو واقعو منسوب ڪندي يقينن کيس تقويت ملي هوندي.
    جڏهن ته سڄي ڪوهستان ۾ اڪيلي سر چيتي سان دوبدو مقابلو ڪري مارڻ وارو هڪ ئي واقعو مشهور آهي جيڪو ’پوپٽ بڪڪ‘ جي نالي سان مشهور آهي. ان جو ذڪر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي مرتب ڪيل ڪتاب ’واقعاتي بيت‘ ۾ صفحي 183 تي ’پوپٽ بڪڪ جو مهير جبل ۾ چيتو مارڻ‘ جي عنوان سان ڪيو آهي. هن کي ٻڌايل ڳالهه، اصل ڳالهه کان ٿورو يعني معمولي طور مختلف آهي ته، ”ڪوهستان ۾ مهير جبل ۾ هڪ خونخوار چيتو رهندو هو. هن چيتي ماڻهن جو ڪيترو ئي چوپايو مال کائي ناس ڪري ڇڏيو هو. آسپاس جي رهاڪن چيتي کي ڳولي مارڻ ۾ وسئون ڪونه گهٽايو هو پر چيتو هٿ نه آيو.
    هڪ دفعي ’شودي ٻوهيري‘ جون اٺيون چرندي چيتي جي جوءِ ۾ وڃي پهتيون. اٺين کي ورائڻ ’شودو‘ به اچي پهتو. پرهمٿ نه ساري موٽي ويو، ۽ وڃي ٻين کي ڄاڻ ڪيائين. ٽي ڀائر پوپٽ بڪڪ، ڀريو بڪڪ ۽ ڀريو بڪڪ چيتي کي مارڻ لاءِ سنبريا ۽ هڪ ٻه ٻيا به ماڻهو هئا جيڪي موقعي تي ڀڄي ويا. ڳالهه تفصيلي آهي مختصر ائين ته، چيتي جي سامهون اڪيلو ئي ساراهيان سچو ڌڻي، ڪم سندا ڪلتار
    مڃيان محمد ڪارڻي، جو امت جو آڌار
    مِرون (درندو) سجهي ٿو مهير (جبل) ۾ چِٽو (چيتو) چوڪيدار
    سو جاءِ جوڙائي ٻيٺو، پسو آگي جا اختيار
    اٺيون شودي ٻوهيري جون، ٿيون چَرن ڌارو ڌار
    سي جهاڳي وييون جوءِ ۾، جتي چِٽو چوڪيدار
    چٽو تن کي چڪاسي ٿو، گهڻيا ڪري گار
    ٻوهيرو آيو ٻُڌِ (سڌسماءَ) تي، وري وريو وينجهار
    ڪانڙا (ذات جا ماڻهو) آيا ڪارو چئي، ڪن بڪڪن کي بڇڪار
    ويري ويس ويجهڙا، ڀريائو پوپٽ ڌار
    سوڀون ڏين ٿو ان کي، تون صاحب رب ستار
    پوپٽ بڪڪ ويو. چيتي هڪدم مٿس حملو ڪيو ۽ پوپٽ بڪڪ دوبدو چيتي سان مقابلو ڪيو. جڏهن چيتي زوردار چنبو هڻي سندس ٻانهن زخمي ڪئي ته، غير معمولي بهادر پوپٽ بڪڪ پنهنجي ٻانهن چيتي جي وات ۾ ڏئي ڇڏي. چيتو ۽ پوپٽ بڪڪ پاڻ ۾ ائين جڙجي ۽ وچڙجي ويا جو سندس ڀائر به سندس ڪا مدد ڪري نه ٿي سگهيا. پوپٽ بڪڪ مڙس ماڻهو هو، سوچيتي کي دسي مٿس چڙهي ويو. آخر هن چيتي کي چاقو سان ڳچيءَ ۾ وار ڪيو ته چيتي سندس ٻانهن مان وات ڪڍيو. تڏهن هن چيتي جو پيٽ ڦاڙي کيس ماري وڌو.
    چيتو ايڏو وڏو ۽ وزني هو جو چار ماڻهو به هن کي کڻي نه ٿي سگهيا. پر بهادر پوپٽ بڪڪ جي سگهاري ڀاءُ اوڀائي بڪڪ سٽ ڏئي، چيتي کي کڻي پنهنجي ڪلهي تي کنيو ۽ ٻئي ڀائر ٻين سان گڏجي جبل تان هيٺ لهي ڳوٺ پهتا.
    پوپٽ بڪڪ جو اڪيلي خونخوار چيتي سان دوبدو مقابلو ڪرڻ ته، هونئن ئي بهادريءَ جو اهم ۽ واکاڻ جوڳو واقعو آهي. پر مڻين وزني چيتي کي اڪيلي سر ڪلهي تي کڻي جبل تان هيٺ لهڻ وارو واقعو به وڏو ڪارنامو آهي.
    تڏهن انگريزن جو دور حڪومت هو. اهي قدر دان هئا. انهن جو اهو ٻڌو ته اهي هلي جبل ۾ آيا. انهن ٻنهي ڀائرن (پوپٽ بڪڪ ۽ اوڀائي بڪڪ) جي بهادريءَ تي کين بندوقون، تراريون (تلوارون) ۽ سندون ڏنيون. پوءِ ته سڄي ڪوهستان ۾ اهو واقعو هاڙهي هوڪ (مشهور) ٿي ويو. ماڻهن انهيءَ بي مثال بهادري تي شاعري ڪئي جنهن ۾ بيت ۽ مورا شامل آهن.
    ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته، ”جڏهن ڪنهن قوم جي تاريخ گم ٿي وڃي ته ان دور جي شاعرن کي پڙهڻ کپي، اها وڃايل تاريخ ملي ويندي.“
    مٿين ڳالهه جي پوئواري ڪندي هتي انهيءَ دور جي هڪ شاعر ڪاري سگهڙ جي هڪ طويل شعر مان ڪي ٽڪرا ڏينديس، جيڪي هن پوپٽ بڪڪ جي بهادريءَ جي واقعي تي پنهنجي ڪلام ۾ بيان ڪيا آهن، اهي بيت ڪتاب ’واقعاتي بيت‘، ۾ شامل آهن. شعر آهي،
    ڪتاب ’واقعاتي بيت‘ ۾ پوپٽ بڪڪ جي واقعي ۾ هيٺ ڏنل نوٽ ۾ لکيل آهي ته، ”هي روايت ڪراچيءَ مان صالح محمد سمي کان ملي.“
    صالح محمد سمون ”سيرڪوهستان“ جي مصنف الله بچائي يارمحمد سمون جو ننڍو ڀاءُ آهي، جنهن اهي حقيقتون سامهون آڻي ڄڻ ته ڀاءُ جي ڪيل غلطين جي تلافي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. صالح محمد يارمحمد سمون سٺو مضمون نگار ۽ نفيس انسان هو. ’نئين زندگيءَ‘ ۾ لکيل هن جا لاجواب مضمون ماڻهن جي دلين تي چٽيل آهن.
    ’نئين زندگي‘ رسالي ۾ ڇپيل پنهنجي هڪ مضمون ۾ جيڪو ’سسئي پنهونءَ‘ تي لکيل هو، ان ۾ هن اها سچائي ۽ حقيقت بيان ڪندي لکيو هو ته، ”سسئي ۽ پنهون جي قبر، سيٺ علي محمد بڪڪ جوڙائي آهي.“
    هُن نه رڳو اها حقيقت لکي. پر ’نئين زندگي‘ رسالي جو اهو پرچو پاڻ کڻي، هلي اچي دورازي تي کڙڪو ڪري سيٺ علي محمد بڪڪ جي گهر ۾ ڏئي ويو هو. ڄڻ انهيءَ نيت سان ته، ”ڏسو مون ڪابه حقيقت نه ميساري ۽ نه لڪائي آهي.“
    کيس اهڙي سچائيءَ تي لک سلام هجن، شل هو بهشت ۾ آرامي هجي. آمين.
    هڪ ليکڪ جڏهن ڪنهن ماڻهو/ ذات ۽ علائقي يا ڪنهن به موضوع تي قلم کڻي ٿو ته ان جو بنياد سچ هئڻ گهرجي. ٻيءَ صورت ۾ قدرت جو قانون آهي ته، ’سچ‘ تي گهڻو وقت پوش پائي نه ٿو سگهجي. جنهن جو ثبوت هتي ئي موجود آهي ته جي هڪ ڀاءُ الله بچايو يارمحمد سمون ڪنهن قوم (بڪڪ) کان انڪاري آهي ته، ان ئي گهر ۾ جنم وٺندڙ ٻيو ڀاءُ صالح محمد يارمحمد سمون ساڳي قوم (بڪڪ) لاءِ هڪ سپاهيءَ وانگر دفاع ڪندي گواهي ڏئي رهيو آهي.
    من چه گويم، چون مي داني نهان
    (آئون ڇا چوان، تون ڳجهي ڳالهه ڄاڻين ٿو.)
    هيري ٽرومين جي چوڻي آهي ته، ”آئون ڪنهن کي به تڪليف نه ڏيندس رڳو سچ ڳالهائيندس، پر ماڻهو سمجهندا ته آئون کين تڪليف ڏئي رهيو آهيان.“
    انهيءَ چوڻي تي ڪوهستان جي پڙهيل ڪردار ماستر الله بچائي يار محمد سمون تي لکيل پروفائل پورو ڪنديس ته،
    خدا مغفرت ڪري، عجب آزاد مرد هو....
    کَڻيو تَڪبر تَڪيا، حِيلا ڪَيو هَلن
    مُوڙها تا نَه لَهن، لَمي رَاهَه لَطيف چئي.
    (شاهه رح)
    صُوفي چَائِين، سَڌَ ڪَرِين، صُوفِين اِيءَ نَه صَلاح
    ڪَاٽَي رَکُ ڪلاه، وِجُهه اُڇلي آڳ ۾.
    (شاهه رح)

    مددي ڪتاب ۽ مدد گار شخصيتون
    1. شاهه جو رسالو- محمد عثمان ڏيپلائي. (پاڪيٽ سائز.)
    2. پراودا نراَپيا- (تاريخ نائچ) مدد گار ڊاڪٽر لعل بخش نائچ.
    3. بروڪت ڪُلا نراَپيا- (تاريخ نائچ) مددگار ڊاڪٽر لعل بخش نائچ.
    4. مڪران گزيٽيئر- مددگار گل حسن ڪلمتي.
    5. لس ٻيلا گزيٽيئر- مددگار پروفيسر ڊاڪٽر رسول بخش بڪڪ.
    6. ڪوٽ قلعا ۽ مقبرا- علي احمد بروهي.
    7. پٽاليني، راوڙ ۽ پالي- مصنف محمد صلاح الدين.
    8. حضرت سنڌ- ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ سنڌي.
    9. سوانح حيات نواب سر غيبي خان چانڊيو- تحقيق ۽ تاليف حڪيم خليفه عبدالحميد چانڊيو.
    10. ٻيلاين جا ٻول- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
    11. واقعاتي بيت- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
    12. ڪراچي سنڌ جي مارئي- گل حسن ڪلمتي.
    13. سير ڪوهستان- الله بچايو يار محمد سمون.
    14. مختلف معلومات ۾ مددگار- مولا بخش سيٺ علي محمد بڪڪ.
    15. تاجل جو رسالو- تاجل بيوس.
    16. مددگار ۽ ڀرجهلو- انجنيئر محمد بخش بڪڪ.


    هڪ اڻ ورچ ۽ محنتي ڪردار سائين بشير احمد جوکيو (هميرڪا)

    ڪوهستان کي آئون جڏهن ذهني بلوغت ڀريو زرخيز خطو چوندي آهيان ته درست چوندي آهيان. جنهن لاءِ مون وٽ طاقتور دليل ۽ بي مثال ڪردار موجود آهن.
    سائين بشير احمد جوکيو پڻ ڪوهستان جو مانُ مٿاهون ڪندڙ هڪ عظيم ڪردار آهي.
    سائين بشير احمد جوکيو هڪ پڙهيل، ڳڙهيل، برجستو، متحرڪ، اڻ ورچ ۽ محنتي انسان هو. سندس سڃاڻپ هڪ استاد ۽ اورچ ماڻهوءَ جي آهي. جڏهن ته منجهس سمايل علم ۽ عقل جي ڀنڊارن، سندس سلجهيل ذهن ۽ سوچ، اڻ ورچائي، هردم هروقت، چاڪ وچوبند، سڏ ۾ سڏ ڏيڻ وارين اعليٰ وصفن کان شايد هرڪو ماڻهو واقف نه هجي.
    سائين بشير احمد جوکيو جڏهن اين.جي.وي اسڪول ۾ استاد هو تڏهن منهنجو ماروٽ اختر بڪڪ وٽس شاگرد هو، جنهن جڏهن اسڪول ۾ منهنجي لکيل نعت،
    مديني ۾ مون کي گهرايو محمدؐ
    منهنجي التجا هيءَ اگهايو محمدؐ
    جنهن جي آخري سٽ هئي:
    منگهاڻيءَ کي پنهنجي بنايو محمدؐ
    پنهنجي مٺڙي آواز ۾ ڳائي ته سائين جوکيو هڪدم ڇرڪي پيو. وٽس اچي پڇيائين، ”اها نعت ڪٿان آندئي؟“ تڏهن اختر کيس ٻڌايو ته اها نعت منهنجي پڦاٽ ج.ع. منگهاڻيءَ جي لکيل آهي. اهو ٻڌي پاڻ ڏاڍو خوش ٿيو. مون کي هڪ نهايت تفصيلي خط لکي اختر جي هٿان موڪليو، جنهن ۾ هن پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪيو. منهنجي لکيل انهن ليکن کي جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا هئا انهن کي واکاڻيندي لکيائين ته، ”آئون ج.ع. منگهاڻيءَ کي هڪ هندو ڇوڪرو سمجهندو هئس، مون کي ڪهڙي خبر ته اها منهنجي ئي ڪوهستان جي لائق نياڻي آهي.“
    سائين بشير احمد جوکيو نياڻين جي تعليم جو حامي هو. هميشه منهنجي هر لکڻيءَ کي فراخ دليءَ سان ساراهي منهنجي همٿ افزائي ڪندو هو. منهنجي ڪنهن ليک ۾ نج ڪوهستاني لفظ ۽ پهاڪا آيل هوندا هئا ته ڏاڍو خوش ٿي، هڪدم مون کي فون ڪري ان جي تعريف ڪندو هو.

    جَيڪَسُ جَيلاَهِين، مَارُونَاههِ مَلير ۾
    مُنهنجي تَيلاَهڀين، اَچيو ڪَو نه ڪَرَ لَهي
    (شاهه رح)
    (شايد ملير ۾ منهنجا مائٽ ڪونه آهن تڏهن ته ڪوبه اچي منهنجي سار نه ٿو لهي.)
    لطيف سرڪار جي ڪلام ۾ آيل ڪوهستاني لفظن جي غلط معنائن جي درستيءَ واري ڪم مهل، سائين جوکئي صاحب مون کي هر طرح جي مدد ڪرڻ جي پيشڪش ڪئي. خاص ڪري منهنجي ڪم سان لاڳاپيل ڪتابن جي. مون کي جڏهن به ڪنهن ڪتاب، لغت يا مواد جي ضرورت پيش آئي ته اها پاڻ نهايت خوشي مان منهنجي گهر اچي پهچائي ويو.

    پَاند نه پکي لَڏَجو، سَداجِن پَرياڻ
    وِياڳُڻن ساڻِ، ماروئڙا ٿَرُ اُڪَرِي.
    (شاهه رح)

    انهيءَ ڪم دوران هڪ لفظ، ’تاڙي‘ جي معنيٰ پاڻ ڄاڻندي به هن کان پڇيم ته، هڪدم جواب ڏنائين، ”ڪوهستان ۾ ’تاڙو‘ ڏيڏر کي چوندا آهن.“ جڏهن مون کيس چيو، ”مون اهو لفظ سواءِ پنهنجي امان وڏي (ڏاڏي) جي ٻيو ڪنهن به گهر ڀاتيءَ کان نه ٻڌو آهي.“ تڏهن پاڻ هڪدم سنجيده ٿي چيائين، ”هاها، بلڪل درست، آئون ته ذاتي طور ڄاڻان ٿو ته ’تاڙو‘ ڪوهستان ۾ ڏيڏر کي چيو ويندو آهي، ان جي باوجود جيئن ته هي تنهنجو ڪم نهايت نازڪ ۽ جوابداريءَ وارو تحقيقي ڪم آهي، ان جي لاءِ آئون جبل ويندس ۽ اتي جي ماڻهن کان لفظ، ’تاڙي‘ جي معنيٰ پڇندس.“ پوءِ واقعي به اهو سچار ڪوهستاني ماڻهو جبل ڏانهن ويو. اتي ’ڌڻ‘ ۽ ’ڪيراڳ‘، چاريندڙ ڌراڙن کان به لفظ ’تاڙي‘ جي معنيٰ پڇي اچي مون کي ٻڌائي ته، ”جبل ۾ ’تاڙو‘، ڏيڏر کي چيو وڃي ٿو نه ڪي پکيءَ کي“ وري پوءِ پنهنجي دل گهرئي دوست محترم احسن جوکئي صاحب کان پڻ لفظ ’تاڙي‘ جي معنيٰ پڇي مون کي ٻڌائي ته، ”احسن به چوي ٿو ته تاڙو ڏيڏر کي چيو ويندو آهي.“
    اهڙو ئي ذميدار ۽ زمين سان ڪميٽڊ ماڻهو هو سائين بشير احمد جوکيو صاحب.
    ڪَوجَو وَهه ڪَاپائتين، ڪَتَن ۽ ڪَنبنَ
    ڪَارڻ سُودَ سَواريون، آتڻ مَنجهه اَچن
    اُنِ جي سُونهن سَيد چئي، ٿا صَراف سِڪن
    اگهيا سُٽَ سَندن، پائي ترازيءَ نه تَوريا.
    (شاهه رح)

    سائين بشير احمد جوکئي کي ڪتابن سان عشق هو. انهيءَ جو پتو تڏهن پيم جڏهن ساڻس پنهنجي ڪتاب ’مانجو ڪوهستان‘ جي لکڻ جي ڳالهه ڪيم ته پاڻ بيان کان ٻاهر خوش ٿيو. چيائين، ”ڪنهن به معلومات يا ڪتاب جي ضرورت هجي ته مون وٽ نئين زندگي ۽ مهراڻ رسالن جا سڀ جلد آهن، اوهان کي جنهن به پرچي جي ضرورت هجي مون کي ٻڌائجو.“
    آئون تڏهن ته وڌيڪ حيران ٿيس جڏهن رسالي ’سوجهرو‘ ۾ محترم قادر بخش بڪڪ صاحب تي نڪتل ڪارنر ۾ تاج بلوچ صاحب ايس.ايم ڪاليج جي مخزن ۾، ڇپيل سندس هڪ مضمون جي تعريف پنهنجي لکيل آرٽيڪل ۾ ڪئي هئي، جنهن کي پڙهي سائين بشير احمد جوکئي مون کي فون ڪئي ته آئون کيس محترم قادر بخش بڪڪ صاحب جا ايس.ايم ڪاليج ۾ پڙهڻ وارا سال ٻڌايان ته هو سندس ڇپيل مضمون پڙهي. پاڻ وڌيڪ ٻڌايائين ته وٽس ايس.ايم ڪاليج جا سڀ ڇپيل مخزن موجود آهن.
    جِن کي دَور دَرد جَو، سَبق سُورپڙهن
    ذِڪر ڦَرِهي هَٿ ۾، ماٺ مُطالعو ڪَن
    پَنو سَو پڙهن، جَنهن ۾ پَسن پِرينءَ کي.
    (شاهه رح)

    سائين بشير احمد جوکيو گرامر جي هڪ ڪتاب ’نور گرامر‘ جو مصنف پڻ هو. جنهن بابت مون کي سنڌيءَ جي هڪ ذهين نثرنگار، شاعر ۽ مترجم شير مهراڻي ٻڌايو (جيڪو ڪراچي يونيورسٽي مان پي.ايڇ.ڊي ڪري رهيو آهي) ته، ”سائين بشير احمد جوکيو صاحب جو مرتب ڪيل گرامر جو ڪتاب ’نورگرامر‘ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۾ ڏاڍو مقبول آهي. هر شاگرد سائينءَ جوکئي صاحب جو ’نورگرامر‘ ئي خريد ڪرڻ چاهي ٿو. ڇو جو اهو ڪتاب مڪمل ۽ مددگار آهي.“
    سائين جوکيو صاحب معاشي ۽ مالي طور ڪو سکيو ستابو نه هو. ظاهر آهي ته هڪ پرائمري يا سيڪنڊري ٽيچر اهو به ريٽائرڊ ان جي ڪمائي ڪيتري هوندي؟ پر مون ڪڏهن به سندس زبان تي اڻ هوند ۽ مهانگائيءَ جو ذڪر نه ٻڌو. جڏهن ته خاشا خاشا، ڏسڻا وائسڻا ماڻهو به ڏکين حالتن ۾ اڻ هوند جو ماتم ڪندي نظر ايندا آهن. اهڙي ٻوساٽيندڙ ماحول ۾ سائين بشير احمد جوکيو صاحب، تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهڻ وارو ۽ ڏکن کي سکن جي سونهن سمجهي مزو ماڻيندڙ، هڪ حيرت جهڙو باهمٿ اڻ مول انسان هو.
    سدائين سَرهو، سدائين کلندڙ، ڄڻ کيس ڪو مسئلو، ڪو مونجهارو نه هو.
    ٿَوري قُوتَ قَرَارِيا، رَهَن سَٻَرَ سَتَ
    کَٿيءَ ۾ کِھَ بُڪليا، ڀُڻَنِ اَهڙيءَ ڀَت
    پَنوهارڪي پَتِ، پَيهي پُڇج مَلير ۾
    (شاهه رح)

    جسماني طرح پاڻ سنهو، تندرست ۽ ڦڙت هو. ڪراچيءَ ۾ اهڙي ڪابه ادبي تقريب نه هوندي هئي جنهن ۾ پاڻ شريڪ نه ٿيندو هجي. بشرطيڪ کيس دعوت مليل هجي. هونئن به سدائين هل هلان ۾ هوندو هو. 2009ع ۾ مون سان فون تي ڳالهائيندي ٻڌايائين، ”بدر ابڙي صاحب وارا جبل ڏانهن وٺي ويا هئا.“ وري کلندي چيائين. ”آئون هن عمر ۾ به جبل تي چڙهي ويو هئس ۽ ٻيا....“ ساڳئي اپريل مهيني ۾ (2009ع) يعني وڃڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ، جڏهن هو ڪنهن ڪتاب يا پرچي لاءِ سوجهرو جي آفيس ۾ آيو هو ته، مون کي تاج بلوچ صاحب ٻڌايو ته، ”بجلي نه هئڻ جي ڪري لفٽ بند هئي پر سائين بشير احمد جوکيو صاحب ست ماڙ مٿي چڙهي آيو هو. پاڻ بلڪل تازو توانو هو. نه ڪو ساهه چڙهيل هئس نه ڪو ٿڪل هو.“
    سَدائين سَفَر ۾، رَمن مَٿي رَاهه
    پُرن پُورب پَنڌ ڏي، مَنجهه مَوالي مَاهه
    جي اَلک سين آگاهه، هَلو تُڪيا پَسون تِن جا.
    (شاهه رح)

    سائين بشير احمد جوکيو هڪ گمنام سپاهيءَ جي حيثيت رکندڙ، اهو ڪوهستاني سچيت هو جيڪو پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن لاءِ، پنهنجي علم ۽ ڄاڻ سان ويڙهه وڙهندو اونداهيون ٽاريندو رهيو. جنهن جي سوڀ نور جيان پنهنجن جون راهون روشن ڪري وئي آهي.
    مُنهنجي هڪ مضمون، ’ڪو جو قهر ڪلاچ ۾/ ڪراچيءَ جو ڪيڏارو‘ ۾ مورڙي جي قبر بابت معلومات ۽ کديجيءَ جي برباديءَ جا سڀ ئي داستان سائين جوکئي صاحب جا ٻڌايل آهن.
    اها ئي کديجي جيڪا سندس جاءِ پيدائش به آهي ۽ جيڪا هاڻي سندس جاءِ دائميت به آهي. جتي پاڻ پيدا ٿيو ۽ جتي هاڻي دفن آهي. اها ئي کديجي جنهن جا ڏک سندس اکين ۾ آلاڻ ڀري ڇڏيندا هئا. اها ئي کديجي جنهن جي سونهن ۽ سرهاڻ سندس ساهه ۾ سمايل هئي ۽ جنهن جي ويرانيءَ جا تازا منظر سندس ماڻڪين ۾ چٽجي کيس درماندو ڪري ڇڏيندا هئا.
    اهائي کديجي جنهن جي مٺي جهرڻي جون ساروڻيون کيس ٺاري ۽ جياري وينديون هيون. وري پيش منظر ۾ ساڳيو مٺو جهرڻو زهريلي پاڻيءَ جو وهڪرو بنجي سندس هانءَ کي ڪڙو زهر ڪري ٻاري ۽ ماري ڇڏيندو هو.
    کديجيءَ جي مٺي جهرڻي جو پاڻي ڌارين ڌوتن جي ڪري زهر ٿيڻ تي مون کي انگريزي شاعر ڪالرج جي هڪ سٽ ياد اچي ٿي ته، ”پاڻي ئي پاڻي چئني پاسي پاڻي، پرپيئڻ لاءِ هڪ ڦڙو به نه!!“
    اها ئي کديجي جيڪا اڄ لانگ بوٽن جي ڀيل هيٺ ساهه کڻي رهي آهي، جتي واقعي به پاڻي ئي پاڻي آهي زهيريلو پاڻي ۽ جتي واقعي پيئڻ لاءِ هڪ ڦڙو به ناهي.
    جتي سائين بشير احمد جوکيو مورڙي وانگيان پنهنجي اباڻي پٽ ۾، پِڊ ۾ ڌارين وٽ قيد آهي غير محفوظ آهي:
    کَنيائون کائر ڏي، سَاري هَاجَ هِئان
    لاَهي لَڏَ لطيف چئي، پَرئين ٿَرِ ٿيا
    ڇَڏي ڳُڻ وِيا، ماروئڙا مَلير ۾.
    (شاهه رح)

    (بشير احمد جوکيو صاحب، پيدائش: 1932ع، وفات: 2009ع)


    سماجي ڪارڪن محمد عرف ممون بڪڪ باراڻي

    جيئن بسنت رت جو احساس درماندن لاءِ مونجهه لاهيندڙ هوندو آهي. بلڪل ائين ئي ڪنهن مهربان ماڻهوءَ جو وجود، پيڙا ورتل انسان لاءِ ساوڻي جي وقت ڀري بوند مثل هوندو آهي.
    محمد عرف ممونءَ جو وجود به ڏکويلن ۽ بيمارن لاءِ وڏو آٿت، مدد ۽ سهاري جو باعث آهي.
    سندس عمر هن مهل 70-72 ورهيه هوندي ۽ اهي، سڀ سال هن غريب بيمار ماڻهن جي خدمت ڪندي گذاريا آهن.
    کيس ڪنهن به اعزاز، ايوارڊ، سند ۽ سرٽيفڪيٽ جي نه پرواهه آهي نه ئي هو ان جي ڪمي محسوس ڪري ٿو.
    پاڻ ڪو پيسي ڏوڪڙ وارو يا ڪو زميندار ۽ جاگيردار ڪونهي. نهايت غريب مسڪين ماڻهو آهي. پر سندس اندر ۾ اگهن جو ايڏو اهنجهه آهي جو هو برداشت ئي نه ٿو ڪري سگهي. ڪو غريب بيمار لاچار اسپتال ۽ دوا لاءِ واجهائي ۽ هو پٺ ڏئي هليو وڃي.
    هو ڪنهن بيمار جي تڪليف ڏسي ئي نه سگهندو آهي. سندس غاريبي (غريب)، گهر ۾ سدائين اگهن جي ڪنجهو ڪنجهه لڳي پئي هوندي آهي. هو بنا ڪنهن نرڙ ۾ گهنج وجهڻ جي سندن خدمت ۾ لڳو پيو هوندو آهي. هڪڙن کي پيو اسپتال وٺي ويندو آهي ته ٻين کي اسپتال مان علاج ڪرائي پنهنجي گهر ۾ پيو آڻيندو آهي.
    اهي بيمار به سندس اوسي پاسي جا نه، پر جبل جي ڏورانهن علائقن جا هوندا آهن جيڪي سندس مائٽ ته ڇا پر ذات ڀائي به نه هوندا آهن. اهي الائي ڪٿان ڪٿان کان سندس هاڪ ٻڌي ايندا آهن، جن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو انتظام به سندس بلي هوندو آهي. جبل جا مسڪين ماڻهو ڪهڙا وري راشن ۽ ڏوڪڙ کڻيو ٿا اچن. بس، بيمار کي گاڏي موٽر ۾ ڀاڙو ڪري ڪراچيءَ ۾ ممون بڪڪ جي گهر تائين پڄايائون ته وڏو ڪارنامو ڪيائون. پوءِ ته بس جيڪي بيمار سان گڏ آيل هوندا انهن جي به رهائش، کاڌو پيتو سندس حوالي هوندو.
    وڏي ڳالهه اها جو رڳو کيس خبر پوندي آهي ته ڇپر ۾، ۽ جبل ۾ ڪو غريب ماڻهو گهڻو بيمار لاچار آهي. اچي به نه ٿو سگهي ته هو پاڻ اتي وڃي بيمار کي ڪراچي وٺي ايندو آهي.
    حالانڪه هو پاڻ به نهايت غريب آهي. پنهنجي سڄي زندگي غربت ۾ ڪاٽي، ڏکويلن جا ڏک ڏور ڪرڻ ۾ گذاري آيو آهي.
    سندس هڪ ئي پٽ آهي نالو اٿس صادق. جيڪو پڻ غريب ٻچڙيوال آهي. صادق جو وڏو پٽ مينهن وسايو جيڪو پڻ شاديءَ وارو آهي ۽ اولادي آهي.
    ممون بڪڪ هينئر ماشاء الله پڙ ڏاڏو ٿيو آهي. تنهن کي ان ڳالهه جو ڪو اونو ڪونهي ته سندس پٽ، پوٽا، پڙپوٽا غربت ۾ ڏکي زندگي گذارين ٿا. نه ئي هن ڪنهن کي دانهن ڏني. يا حڪومت ۽ سرنديءَ وارن کي چيو هوندو ته انهن کي نوڪريون وغيره ڏيو. اهي سڀ محنت مزدوري ڪري پيٽ پالين ٿا.
    ممون بڪڪ جي اڳيان غربت جي ڪائي اهميت ۽ پرواهه ڪونهي. ڄڻ غربت سندس مسئلو ئي ناهي.
    هن وٽ جي ڪا اهميت آهي. پرواهه آهي. يا مسئلو آهي ته اهو ته هو ڪنهن به بيمار کي تڪليف ۾ ڏسي نه ٿو سگهي.
    بيمارَ به ڀلي ڪيڏو به بيمار هجن. پر کيس ڏسي ڏاڍا سرها ۽ خوش ٿيندا آهن ته، بس هاڻي اسان جو نجات ڏيندڙ اچي ويو آهي. مون کي وري اهڙي صورت حال ۾ لطيف رح جو بيت ياد ايندو آهي ته،
    اگهن ڪَيو اَڄُ، مِڙِي سَڏُ صَحَتَ کي
    ڏُورُ ڏُکَندا ڀَڄُ، مَهَريءَ مُنهن ڏَيکاريو.
    آئون ممون بڪڪ کي مدرٽريسا (ٽريزا) سان فخر سان هڪ جهڙائي ڏينديس. مدرٽريسا پڙهيل خاتون هئي. ٻيو جرمنيءَ جهڙي عزت واري ملڪ جي ڄائي، ۽ ٽيون وري هندوستان جهڙي عظيم جمهوريت واري ملڪ ۾ ڪوڙهه جي بيمارن جي خدمت ڪرڻ ۽ کين سانڍڻ آئي هئي. تنهن ڪري هن جو هر عمل، محنت، خدمت ۽ ڪوشش وارو عمل دنيا اڳيان نروار آهي.
    جڏهن ته هي اڻ پڙهيل غريب ۽ پيڙهيل سنڌي قوم جو فرد آهي، جنهن جون خدمتون، محنتون ۽ ڪوششون لڪل ۽ اڻ ساريل آهن.
    منهنجو مقصد مدرٽريسا جي عظمت گهٽ ڪرڻ يا کيس مڃتا نه ڏيڻ هرگز ناهي.
    منهنجو سر امڙ ٽريسا جي مهانتا اڳيان نميل آهي. پر ڳالهه اها ئي آهي ته بنا ڪنهن جي سهڪار ۽ مدد جي اڪيلو ئي ڪم ڪرڻ تي ممون بڪڪ به خراج لهڻي.
    حيرت جي ڳالهه اها آهي ته هو ان سلسلي ۾ ڪنهن کان به ڪا مدد گهرندو به ناهي، جيترو پڄي سگهندو آهي پاڻ ڪندو آهي ۽ انهي نيڪ ڪم ۾ سندس پٽ ۽ پوٽا به ساڻس لاَٽَو پُوٽُ (گڏ گڏ مددگار) آهن.
    جيئن چئبو آهي ته سج کي کاري هيٺان نه ٿو لڪائي سگهجي. بلڪل تيئن ئي سندس خدمتون ۽ محنتون ماڻهن اڳيان مڃتا ماڻي رهيون آهن.
    هاڻي ڪراچيءَ جي سرڪاري اسپتالن ۾ کيس قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڇي ٿو . جڏهن به هو ڪنهن مريض کي اسپتال وٺي ويندو آهي ته سندس مريض کي اهميت سان ڏٺو ويندو آهي. ان کي جيڪا به تڪليف هوندي آهي ان بيماريءَ جي اسپيشلسٽ وٽ بناروڪ ٽوڪ جي هليو ويندو آهي. سندس آندل مريض کي دوا، رت يا آپريشن جي ضرورت هوندي آهي ته اهو سڀ هڪدم ٿي ويندو آهي. ٻيو علاج به ترت ٿي ويندو آهي.
    هو پاڻ ڏسڻ ۾ ڪمزور، هاٺي ڪاٺي/ جسم جو آهي. پر تنهن هوندي به هو ضرورت مند مريضن کي پنهنجو رت به ڏيندو آهي.
    وڏي ڄمار هوندي به هو بغير ڪنهن ڊپريشن ۽ ٽينشن جي خوش باش، عمل جي ميدان ۾ ٽراپيون (ڊوڙون) ڪري رهيو آهي.
    جنهن وقت به کيس ڏسبو ته هو ڪنهن نه ڪنهن مريض کي اسپتال وٺيو پيو ويندو. گاڏي موٽر ته وٽس ڪانه هئي جو هو مريضن کي آسانيءَ سان اسپتال تائين پهچائي. ڏسبو ته مريض کي هٿ کان جهليو روڊ ڪراس ڪرائيندو، بسن ۾ ويهاريندو. وري هٿ وٺي بس مان پيو لاهيندو.
    پاڻ به غريب. بيمار به غريب. ڪيئن ٿو پورت ڪري اها ضرور حيرت جهڙي ڳالهه آهي.
    ممون بڪڪ تي فخر ڪرڻ جو حق رڳو جبل نه پر هر سنڌ واسيءَ کي آهي.
    اسين جيڏي به عزت کيس ڏيون. اها ڏيندي ٺهون. جيڏو به مان کيس ڏيون اوڏو سونهون.
    سندس نالو ڪنهن به سماجي ڪارڪن (نالي ڪوٺئي) يا وڏن نالن وارن سماجي ليڊرن اڳيان فخر مان پيش ڪرڻ جي لائق آهي.
    اسان کي پنهنجن جو قدر ڪرڻ گهرجي. پراون کي گهڻو ئي ڏنوسين گهڻو ئي آزمايوسين (حاصل ڪجهه به نه ٿيو.) هاڻي پنهنجي کي به ڪجهه مڃتاڏيون، جيڪا حقيقت ۾ پنهنجي ذات جي مڃتا آهي. اچو ته پاڻ کي سڃاڻون
    (ممون بڪڪ ڪجهه سال ٿيا آهن گذاري ويو آهي. مون سندس زندگيءَ ۾ ئي هي مضمون لکيو هو، جيڪو ٻين کان پڙهائي ڏاڍو خوش ٿيو هو. اها اخبار هر وقت پنهنجي ڪوٽ جي کيسي ۾ وجهي رکندو هو ۽ هر ڪنهن کي ڏيکاري خوش ٿيندو هو. ايتري قدر جو جڏهن مريضن کي وٺڻ جبل تي ويو هو ته اتي به منهنجو لکيل اهو مضمون انهن کي ڏيکاريو. ڪراچي جي سرڪاري اسپتالن جي ڊاڪٽرن کي به اها اخبار ڏيکاري هئائين جنهن ۾ مضمون سان گڏ سندس تصوير به لڳل هئي.)
    ويا سي وينجهار.....،
    هَارِيا وَيڄَ مُياسِ! سُڌِ نَه لَهِين سُورَجِي،
    پِرِيَان کي چَوَندِياسِ، تَه تَرسُ طَبيبن ڇَڏيو.


    هڪ سريلو ڪردار ۽ نئون ٻيجل استاد محمد جمن (سخيراڻي)

    سنڌي موسيقيءَ سان پيار ڪندڙن ۽ سنڌي موسيقيءَ جي ڄاڻ رکندڙ. اڳيان، مهان ڪلاڪار استاد محمد جمن جو نالو لڪل ۽ اڻ ٻڌل نه هوندو.
    ڪوهستان کي اهو پڻ فخر حاصل آهي ته استاد محمد جمن جهڙو
    بي مثال فنڪار سندس مٽي ۽ سندس خمير جي پيداوار آهي، جنهن ميوزڪ ۽ گائڪي جي دنيا ۾ اهو عروج ماڻيو جيڪو موسيقيءَ سان واڳيل هر هڪ ڪلاڪار جو خواب هوندو آهي. رشڪ جو باعث هوندو آهي.
    استاد محمد جمن جو تعلق ڪوهستان جي ڏکين جبلن واري شينهن علائقي ’موئيداڻ‘ سان آهي. سندس پيدائش سخيراڻي مڱڻهار قبيلي ۾ مشهور سرندي نواز استاد حاجي احمد المعروف حاجي آمن جي ڪکائين جهوپڙيءَ ۾ ، ’ڪنڊ جهنگ‘ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ٿي.
    هوش ۾ اچڻ کان اڳ ئي سندس ذهن ۽ ڪَن ساز ۽ آواز جي سنگم ٻڌڻ جا رهيگ (عادي) ٿي ويا هئا. ڇو ته سندس ڪٽنب پنهنجي راڄ ڀاڳ ۾ خوشيءَ جي محفلن ۾ ڳائيندو وڄائيندو هو.
    سندس پيءُ حاجي آمن جيڪو نهايت خوش شڪل ۽ خوش اخلاق هو، ۽ جيڪو پنهنجي خاندان جو پهريون فرد هو جنهن جو وڄايل ساز (سرندو)، گراموفون ريڪارڊز ۽ ريڊيو جي ذريعي پنهنجي راڄ ۽ علائقي جا دنگ اورانگي (اورانگهي) پري پري تائين ماڻهن جي دلين ۾ پهتو هو. حاجي آمن پاڻ چوندو هو، ’سندس وڄايل سرندي جو آواز ٻين به گهڻن استادن جي رڪارڊن ۾ آهي جن ۾ استاد برڪت علي خان صاحب، استاد قدرت الله خان صاحب شامل آهن. پر خاص طرح سان عظيم ڪلاڪار فيض محمد بلوچ جي سڀني پراڻن رڪارڊن ۾ سندس ئي وڄايل سرندي جو آواز آهي.‘
    استاد محمد جمن اتفاقي يا حادثاتي ڳائڻو نه هو. بلڪ سندس سڄو گهراڻو موسيقيءَ جي رمزن کان واقف هو. سندس سڀيئي ابا ڏاڏا موسيقيءَ جي اَجهل ڪائنات جا ملهائتا فرد هئا. اهي واڳيل هئا انهيءَ سريلي دنيا سان.
    سندس گهراڻي بابت وڌيڪ معلومات ڏيڻ کان اڳ، سنڌ جي هڪ وڏي ۽ معتبر اداري پاران ڪيل هڪ غفلت ۽ لاپرواهيءَ ڏانهن هٿ، سَڃَ ڪنديس. هڪ ڀيري جڏهن انهيءَ وڏي ۽ معتبر اداري ۾ وڃڻ جو اتفاق ٿيو، ۽ ميوزيم ۾ فنڪارن جي گيلري ۾ استاد محمد جمن جي تصوير ڏسي خوشيءَ مان پيرن ۾ ڏانوڻ پئجي ويا. اتي ئي بيهي رهيس. تصوير جي هيٺيان لکيل هو، ”استاد محمد جمن ولد.... (ڊيش ڊيش ڊيش)،“ اهو لقاءُ ڏسي حيران ٿي ويس. انهيءَ اداري جي اهڙي لاپرواهيءَ واري غفلت ۽ لاغرضيءَ واري عمل پريشان ڪري ڇڏيو.
    استاد محمد جمن کي ڪي سوين هزارين سال ته نه ٿيا آهن، جو سندس والد جو نالو معلوم ڪرڻ ممڪن نه هجي. اڃا ته خير سان سندس سڄو خاندان پٽ، پوٽا، ڀائٽيا ماشاء الله سڀ سلامت آهن. بلڪ ساڳئي ئي کيتر ۾ لانچيا پلاڻيا بيٺا آهن. استاد محمد جمن جي پيءُ جو نالو پڇڻ لاءِ اوڙي پاڙي، ڄات سڃات کان رلي پني جهپا ڏئي. مٿا هڻي، هلاکيون ڪري پڇڻ جي به ڪا ضرورت ناهي. جيئن مٿي ذڪر ڪيو اٿم ته استاد محمد جمن جو والد ڪو عام ماڻهو نه هو. بلڪ هُو پنهنجي دور جو ٻُڌو سُئو سرندي وڄائڻ جو وڏو ماهر استاد هو. جنهن جو وڄايل سرندو وقت جي وڏن استادن جي گراموفون رڪارڊن ۾ موجود ۽ محفوظ آهي. باالفرض جي هو ڪو فنڪار نه به هجي ها ته به هو عام ماڻهو نه هو، ڇو جو هو مهان ڪلاڪار استاد محمد جمن جو والد آهي. انهيءَ وڏي ۽ معتبر اداري جي ميوزيم مان ڏک ۽ مونجهه کڻي گهر پهتيس.
    انهيءَ سلسلي ۾ استاد محمد جمن جي پڦاٽ ۽ سالي، مشهور ڍولڪ نواز محمد دائود جي گهر فون ڪيم، جتي موجود استاد محمد جمن جي لائق پٽ اويس جمن بنا دير پنهنجو شجرو ٻڌائي ڇڏيو، ”استاد محمد جمن ولد حاجي آمن ولد ڪنور ولد موڙائي ولد سومار ولد...“
    بس هڪڙو فون ۽ ايتري دير. الله الله خير صلا (صلاح). استاد محمد جمن جي سلسلي ۾ اهڙيون لاپرواهيون، لاغرضيون، غفلتون ۽ اڻ پڇائون ٿينديون رهيون هيون. سندس زندگيءَ ۾ به جو سندس کان گهٽ ڄاڻو ۽ گهٽ درجي جي فنڪارن کي، سندس موجودگيءَ ۾ به وڏيون عزتون، وڏيون مراعاتون، وڏا انعام ۽ اعزاز ملندا رهيا. جن جو ذڪر فراخ دل استاد محمد جمن پاڻ به نجي محفلن ۽ ڪچهرين ۾ اڪثر کلي کلي ڪندو هو.
    هوهڪ سچو فنڪار هو. جيڪو سچا سُر ڳائيندو هو. ڇو جو سُر کيس سُتيءَ ۾ مليل هئا. سندس والد کان علاوه سندس وڏو ڀاءُ حاجي الله ڏنو پڻ دنبوري ۽ سرندي جو ماهر استاد هجڻ سان گڏ هڪ ڪلاسيڪل گائڪ پڻ هو. جنهن کي ڳائڻ کان وڌيڪ سازن سان چاهه هو. هو ريڊيو ڪراچيءَ تان دنبوري ۽ سرندي وڄائڻ جي نسبت سان وابسته هو. دنبوري جا سُر ۽ تندون مختصر هوندا آهن. پر حاجي الله ڏنو دنبوري جي انهن مختصر تندن مان اهڙا سُر ۽ راڳ آلاپيندو هو جو ماهر حيران ٿي ويندا هئا. حاجي الله ڏني جي اڳيان دنبورو سندس طابع ٿي پوندو هو. منهنجو ڀاءُ انجنيئر محمد بخش بڪڪ راڳ ۽ ساز سان چاهه رکي ٿو. راڳ سان ٿوري گهڻي واقفيت به اٿس، ان ٻڌايو، ”هڪ ڀيري ڏٺم ته حاجي الله ڏنو هٿ ۾ ٽٽل تارن وارو دنبورو کنيو پي ويو. مون کي ڏسي بيهي رهيو ۽ کيڪاري چيائين، ”دنبوري جون تارون ڀڄي پيون آهن. ٺهرائڻ لاءِ پيو کڻي وڃان.“
    مون کيس چيو، ”هن ٽٽل تارن واري دنبوري سان، ’لال موري پت...‘ واري ڌن وڃاءِ ته مڃاءِ. هن هڪدم دنبورو سنڀالي ٽٽل تارن کي ڇيڙي اهڙي ته مهارت سان اها ڌن وڄائي، جو آئون انهيءَ ناممڪن عمل تي حيران ٿي ويس. يعني سندس آڱرين جيئن ئي دنبوري جي تارن کي ڇهيو ته دنبورو ست ساز ٿي ويو هو.“
    حاجي الله ڏني جي سازن سان چاهه ۽ مهارت ته هئي پر هو نجي محفلن ۾ استاد محمد جمن سان گڏ ڳائيندو به هو. اهڙين محفلن ۾ ٻنهي ڀائرن جا زبردست مقابلا ٿيندا هئا. ٻئي ڀائر ڪلاسيڪل راڳن جا واهڙ وهائي ڇڏيندا هئا.
    منهنجو وڏو ادا قادر بخش بڪڪ ته هاسيڪار سندن راڳ جا مقابلا ڪرائيندو هو. ٺمرين ۽ دادرن جا اهي مقابلا نهايت حيرت ناڪ ۽ متاثر ڪندڙ هوندا هئا. ٻئي ڀائر سج اڀاري ڇڏيندا هئا. ماڻهو دمبخود، ساهه جهلي ويٺا سندن راڳ پيا ٻڌندا هئا. حاجي الله ڏنو پنهنجي راڄ ۾، ۽ پنهنجن ويجهن وٽ استاد محمد جمن کان سواءِ ڌار محفلون به ڪندو هو، جن ۾ صوفياڻي ڪلام سان گڏ هو غزل ۽ گيت به لاجواب ڳائيندو هو. يعني استاد محمد جمن ته راڳ جو ڇيهه ٿي ويو. پر حاجي الله ڏنو به دنگ هو. حاجي الله ڏني جو هڪڙو ئي پٽ آهي. خداڏنو، جيڪو پڻ راڳ کان واقفيت رکي ٿو، ۽ محدود حلقي ۾ ڳائي ٿو. هو ڏاڍو سريلو آهي.
    مٿي جيئن چيم، استاد محمد جمن اتفاقي يا حادثاتي ڳائڻو نه هو. بلڪ سندس سڄو گهراڻو راڳ سان واڳيل هو. هن جو پيءُ حاجي آمن ۽ سندس ماءُ مائي مهناز (جيڪا انگياڻي مڱڻهار قبيلي سان تعلق رکندڙ هئي) ٻئي بيحد خوبصورت ۽ ذهين هئا. سندس والد جي باري ۾ ٻڌايو اٿم ته هو سرندي وڄائڻ جو ماهر استاد هو. پر سندس ماءُ به راڳ جي ڄاڻ رکندڙ هئي. هوءَ پنهنجي ٻنهي پٽن (استاد محمد جمن ۽ حاجي الله ڏنو) کي ننڍپڻ ۾ ڳالهين، قصن ۽ ڪهاڻين ۾ موسيقيءَ جي سکيا ڏيندي هئي.
    منهنجي بابا وڏي (ڏاڏو ڇٽو خان بڪڪ) ٻڌايو ته، هڪ ڀيري هو سندن گهر ڀرسان، لنگهي رهيو هو ته گهر اندران مٺڙا مٺڙا سريلا آواز اچي رهيا هئا. مون کي انهن اڳيان وڌڻ کان روڪي ڇڏيو. هڪدم گهوڙي تان لهي بيهي ٻڌڻ لڳس ته مائي مهناز پنهنجي ٻنهي پتڪڙن پٽن کي، پنهنجي سريلي آواز ۾ منظوم قصو ڳائي ٻڌائي رهي هئي. سندس ٻئي پٽ سندس پويان پويان ائين ئي ورجائي ڳائي رهيا هئا.
    ڪڪڙ منهنجو نيڪ نمازي بي نمازي تون
    نه مار منهنجي ڪڪڙ کي حرامزادي تون.
    استاد محمد جمن جي ماءُ ۽ پيءُ سان گڏ سندس پڦيون، مائي صالحان ۽ مائي پِنڻي ۽ سندس چاچي مائي سوڍي پڻ وڏيون ڏاتوند ۽ سريليون ڳائڻيون هيون. جيڪي شاديءَ جي مختلف رسمن ۽ وقتن جا راڳ، ڳيچ، سهرا ۽ لاڏا نه رڳو، ڳائينديون هيون پر پاڻ پنهنجي شاعري ۽ موسيقيءَ ۾ ڳائينديون هيون. جڏهن به ڪنهن شادي ۽ خوشيءَ جي ڪنهن تقريب ۾ گڏجي راڳ ۽ سهرا ڳائينديون هيون ته، سندن آواز جو زيرو بم ۽ آلاپ ائين هوندو هو ڄڻ ڪيئي ساز، سرندا ۽ سارنگيون وڄي رهيا آهن. حيرت اها جو اهي بنا ڪنهن ساز ۽ دهل جي ڳائينديون هيون. پر يقين ڪريو سندن آواز هارميونيم جهڙو هوندو هو. لڳندو ئي نه هو ته ڪي مايون ڳائي رهيون آهن. ائين لڳندو هو ڄڻ هارميونيم تي ڪا ڌُن وڄي رهي آهي.
    استاد محمد جمن ڏاڍي ڪوشش ڪئي هئي ته اهي سازن تي خاص ڪري هارميونيم تي ڳائين. پر انهن ائين نه ڪيو. هونئن به سندن آواز ايڏا مٺا ۽ سريلا هئا جو کين ڪنهن به ساز جي ضرورت نه هئي.
    هن پنهنجي ڪنهن انٽرويو ۾ کين مڃتا ڏيندي اعتراف ڪيو آهي ته، سندس پڦين ۽ چاچيءَ کيس ڪافي ڌنون ڏنيون آهن جن ۾ مشهور ڌنون،
    1- مارن مون ڏي موڪليو رنگ رتو رومال، ڌوٻيئڙي ڌوتو سو رنڱيئڙي رتو...
    2 - ڇيرن ڪئي ڇمڪار، عطر ڪئي هٻڪار، راڻل آيو ويڙهي لاڏل آيو ويڙهي...
    3 - ادل منهنجو چوڏهينءَ جو چنڊ ڀينر ڀلي ڀلي ڀلي آيو...
    4 - موهيڙيءَ ٿي اچان شال ڀريڙي ويا....
    ۽ ٻيون به ڪيئي شاندار ۽ شاهڪار راڳ ۽ ڌنون آهن.
    شروع ۾ ڳائڻ سان گڏ هو بانسري به وڄائيندو هو. هن ريڊيو ڪراچيءَ تي پهرين ڳائڻ کان اڳ بانسري وڄائڻ لاءِ ئي آڊيشن ڏنو هو. ريڊيو تي رڳو بانسريءَ ئي وڄائيندو هو. اتي ئي ڪراچيءَ ريڊيو تي هن پنهنجي آواز جو آڊيشن محترم احمد غلام علي چاڳلا جي اڳيان ڏنو هو. اهو ئي چاڳلا صاحب جنهن ملڪ جي قومي تراني جي ڌُن ڪمپوز ڪئي هئي. ائين ئي هن ريڊيو ڪراچيءَ تان بانسري سان گڏ ڳائڻ به شروع ڪيو. جنهن کي پوءِ ڪلاسيڪل راڳ سکڻ دوران سندس بي مثال استاد نظر حسين خان صاحب، بانسري وڄائڻ کان منع ڪئي هئي ته بانسري وڄائڻ سان گلي تي اثر پوندو، ۽ آواز خراب ٿي ويندو. جنهن کان پوءِ هن بانسري وڄائڻ ڇڏي ڏني هئي.
    ريڊيو حيدآباد جي وجود ۾ اچڻ سان ئي هو ڪراچيءَ ريڊيو کان حيدرآباد ريڊيو سان منسلڪ ٿي ويو. اهو ئي دور هو سنڌي موسيقيءَ ۾ انقلاب اچڻ جو! انقلاب هڪ نه بلڪ ٻه آيا هئا! هڪ ته سنڌي موسيقي جي دنيا کي نيون، اڻ ٻڌل ۽ اڻ ڇهيون ڌُنون مليون. ٻيون انقلاب هو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ بادشاهه کي سندس روح سان درست اُچار، لهجي ۽ تلفظ سان ڳائڻ وارو انقلاب.
    موسيقيءَ جي ڄاڻن کي خبر آهي ته سنڌي موسيقي استاد محمد جمن کان اڳ ايڏي وسيع، شاهوڪار ۽ مالدار نه هئي. هن کان اڳ سنڌي موسيقي موجود ته هئي. پر کيس اها سونهن جمال، رونق، وسعت، عروج ۽ ڪمال مليل نه هو. جيڪو سندس سنڌ ملڪ ۽ قوم جو تاريخي شاندار ورثي موجب هجي. ڀڳت ڪنور رام، استاد بيبو خان، استاد الله ڏنو نوناري، استاد عاشق علي خانصاحب، استاد برڪت علي خان صاحب ۽ ٻين قابلِ عزت استادن سنڌي موسيقيءَ لاءِ وس آهر ڪم ڪيو. پر ان دور کي سنڌي موسيقيءَ جو شاندار دور ته سڏي سگهجي ٿو. پر شاهوڪار دور نه ٿو چئي سگهجي- ڇو جو اهو ڪجهه محدود ڌنن ۽ راڳن تي مشتمل دور هو. البته جي استاد ورڙي (بڙﻵ) غلام علي خان صاحب کي اونڌو زيڊ. اي. بخاري پنهنجي ڦونڊ ۽ تعصب وچان جلاوطن نه ڪري ها ته جيڪر ٻي ڳالهه هجي ها.
    استاد بَڙي غلام علي خان صاحب جي ڳايل لطيف سائين جي رڳو هڪڙي وائي، ”دم دم ياد پون ٿيون مارن مٺيون ڳالهڙيون....“ ٻڌي به ماڻهو هڪ اهڙي دنيا ۾ پڄي وڃي ٿو جتي رڳو سک، امن، شانتي، آرام ۽ سڪون آهي. ان ئي استاد بَڙي غلام علي خان صاحب جي اڳيان جڏهن هڪ محفل ۾ ننڍڙي محمد جمن (استاد محمد جمن تڏهن ننڍي عمر جو هو) هڪ ڪلام ڳايو ته استاد بَڙي غلام علي خان صاحب کيس سڏي ڀاڪر پائي پنج روپيا انعام ڏنو هو، جنهن جو هن ڪيترن ئي پروگرامن ۾ پاڻ ذڪر ڪيو آهي، ”استاد بَڙي غلام علي خان صاحب جا ڏنل اهي پنج روپيا منهنجي لاءِ دنيا جي وڏن انعامن کان به وڏو انعام آهن.“ ڇو جو اهي کيس پنهنجي دور جي تانسين پاران انعام طور مليل آهن.
    لطيف سرڪار کي استاد محمد جمن کان اڳ گهٽ بلڪ تمام گهٽ ڳايو ويو هو جن لطيف پاڪ جو ڪلام ڳايو به هو ته انهن به اهي ئي مروجه سولا ۽ معروف سُر ۽ راڳ ڳايا هئا.
    هن جو تعلق جيئن ته ڪوهستان سان هو جتي نج ۽ شاهوڪار سنڌي ٻولي ڳالهائي ويندي آهي، ۽ لطيف بادشاهه جو ڪلام به ان ئي نج ۽ شاهوڪار سنڌي ٻولي ۾ آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هن جا اچار صحيح آهن ۽ لطيف رح جي راڳن جي ڄاڻ ۽ سڃاڻ رکڻ جي ڪري ڀٽائيءَ جي واين کي سندس ئي راڳن ۾ ڳائڻ ۽ انهن راڳن منجهان ئي لاڳاپيل بيت ڏيڻ استاد جو ڪارنامو نه پر هڪ معجزو آهي.
    هو هڪ اهڙو روايتي ڪوهستاني هو جيڪو قدرتي طور لطيف رح جي ڪلام جو ڄاڻو ۽ ڪلاسيڪل راڳي هو، جنهن کي لطيف رح جي ڪلام ۽ راڳن تي وڏي دسترس هئي. هو هڪ ئي وائيءَ کي ساڳئي ئي راڳ ۾ ڳائيندي مختلف ڌُنون ڪمپوز ڪندو هو. نه ته هن کان اڳ ائين هوندو هو جو هڪ ئي ڌُن ۾ مختلف ڪلام ڳايا ويندا هئا. ائين سنڌي موسيقي اڻ هوند جيتري هئي. هن کي لطيفرح جي راڳ ۽ ڪلام تي عبور حاصل هو. جنهن پنهنجي زرخيز ذهن ۽ قدرتي ڏات جي آڌار تي راڳ کي وسعتون ڏنيون، جرڪائي لازوال ۽ بي مثال بڻائي ڇڏيو. انهن خوبين کان علاوه منجهس ٻي به هڪ غير معمولي خوبي هئي ته هو محفلن ۾ سڄيون راتيون ڳائيندو هو. جنهن رات سندس محفل هوندي هئي ان ڏينهن هو کاڌو به نه کائيندو هو. محفل به اڪيلو ئي اڪيلو پاڻ ئي ڪندو هو. کيس ڪنهن ٿوڻي ۽ ٿنڀ جي ضرورت نه هوندي هئي. نڪو ساٿي نڪو ڀرجهلو. رات کان صبح تائين مسلسل ڳائيندو هو، جنهن جا اڄ به هزارين شاهد آهن ته هو جيئن جيئن ڳائيندو هو تيئن تيئن سندس آواز ريشمي تاڪين وانگر کلندو، جرڪندو ۽ پڙاڏا ڪرڻ لڳندو هو. هُو سدائين اُچن سُرن ۾ ڳائيندو هو. سندس آواز صبح تائين بنا ٿڪڻ جي چڙهت ۾ هوندو هو. ڪڏهن به ڪنهن محفل ۾ سندس آواز جهڪو/ ويٺل يا گلو گِگو نه ٿيو. صبح تائين تازو توانو، کلندو، ڀوڳ ڪندو ڳائيندو رهندو هو. جيئن جيئن رات ٺرندي گهري ٿيندي ۽ چُڪندي (ختم ٿيندي) ويندي هئي، تيئن تيئن هن جو آواز زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ گهنٽين ۽ چنگن جيان پڙاڏا ڪندو ٻُرندو رهندو هو. شهرن ۾ ته کڻي لائوڊ اسپيڪرز وغيره آهن، پر جهنگ ۽ جبل ۾ جتي انهن جو ڪو تصور به ڪونهي اتي به جڏهن شادين جي محفلن ۾ هو ڳائيندو هو ته، سندس طاقتور ۽ سريلي آواز سان گڏ جبل به ڳائيندا هئا ته جهنگ به گڏجي جهونگاريندا هئا.
    هاڻي ته خير معجزن/ ڪرشمن ۽ ڪرامتن تي ويساهه گهٽ ڪيو ويندو آهي. انهن کي گذري ويل وقت جا قصا ۽ ڪهاڻيون قرار ڏئي گهٽ اهميت ڏني ويندي آهي. بلڪ غير اهم سمجهيو ويندو آهي.
    مغل شهنشاهه اڪبر جي اڳيان مهان راڳي تانسين، راڳ ديپڪ ڳائيندي پاڻيءَ ۾ باهه لڳائي ڇڏي هئي ته اڄ انهيءَ واقعي کي ماڻهو ڀوڳ تصور ڪن ٿا- جڏهن ته آئون سمراٽ راڳي تانسين جي انهيءَ معجزي تي يقين ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي پئي آهيان. ڇو جو ان ئي قسم جو معجزو اسان جي صديءَ ۾ رونما ٿي چڪو آهي. جنهن معجزي کان اسان جي ماڻهن جي گهڻائي لاعلم آهي/ بي خبر آهي.
    استاد محمد جمن جو غلام محمد سومري صاحب نالي هڪڙو فدائي ۽ عاشق هو. جنهن جو تعلق شڪارپور جي سومرن جي معزز خاندان سان هو جيڪو بزرگ سياستدان ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر محترم الاهي بخش سومري جو ويجهو عزيز ۽ ايس.پي فتح محمد سومري جو وڏو ڀاءُ هو.
    غلام محمد سومري صاحب جو ڪراچيءَ ۾ چوکنڊيءَ جي قريب مينهن جو وڏو واڙو هو. ۽ اتي ئي سندس اوطاق به هئي جتي هو اڪثر پنهنجن خاص دوستن کي دعوتون ڏئي استاد جون محفلون ڪرائيندو هو. ۽ اهو دور استاد محمد جمن جي جوانيءَ جي عروج وارو دور هو.
    هڪ ڀيري محفل هلندي محترم غلام محمد سومرو وجد جي عالم ۽ خماريل لهجي ۾ استاد سان مخاطب ٿيو، ”استاد، ڪراچي ڪڙهي پئي. اڄ ڪو مينهن وسائي ڪراچيءَ کي ٺاري ڏيکار.“ گرميءَ جا ڏينهن هئا. هونئن به ڪراچيءَ تي مينهن گهٽ مهربان هوندو آهي. غلام محمد سومري صاحب جا جملا اوطاق ۾ ويٺلن شريڪ محفل کي متوجه ڪري ڇرڪائي ويا. هن پنهنجي عاشق ڏانهن نهاري مشڪي چيو، ”سومرا صاحب، بجليءَ جو انتظام ڪري ڇڏجو.“
    غلام محمد سومري صاحب ساڳي ڪيفيت ۽ پرڪيف آواز ۾ چيو، ”پرواهه نه ڪر استاد، جنريٽر موجود آهن.“
    استاد محمد جمن سُر سارنگ مان بيت ڳائڻ شروع ڪيا. هڪڙو بيت،
    اڄ رسيلا رنگ، بادل ڪڍيا بُرجن سين
    ساز سارنگيون سرندا، وڄائي برجنگ
    صراحيون سارنگ، پلٽيون رات پڌام تي.

    ٻيو بيت:
    سارنگ کي سارين، ماڻهو مرگهه مينهون
    آڙيون ابر آسري، تاڙا تنوارين
    پلر پيارين، ته سنگهارن سک ٿيئي .

    ۽ ائين ٽيون ، چوٿون بيت.
    ماڻهن کي ڄڻ سڪتو ٿي ويو هو. سڄو ماحول ٻيءَ ڀتاڻو ٿي ويو هو. ائين لڳاتار بيت ڳائيندي اوچتو، هڪدم سُر سارنگ جي وائي، ’رات به مينهڙا وٺا، کنوڻين کيل ڪيا....‘ ڳائڻ شروع ڪري ڏنائين ته لڳو سندس آواز آسمانن مان ڇڻي رهيو آهي. هو پاڻ به مدهوشيءَ مان ڳائي رهيو هو ته ٻڌڻ وارا به سڀيئي مدهوش هئا. بغير ڪنهن مڌ ۽ شراب جي سڄو ماحول ڳڱاٽيل هو.
    سڄي ڪائنات ڄڻ وجد ۾ اچي وئي هئي ته اوچتو، ڪراچيءَ جو آسمان جتي تارا ٽمڪي رهيا هئا، اتي الائي ڪٿان ڪڪر ڪارونڀار ڪري اچڻ لڳا. ۽ اوچتو وڄن/ کنوڻن ۽ ڪڙڪاٽن سان ڀرپور مينهن وسڻ شروع ٿي ويو. استاد محمد جمن جي ڳائڻ ۾ ڪو فرق نه آيو. ماڻهن به ائين ئي سڪتي ۾ ساڪت ويٺل هئا ڄڻ سڀ پٿر جا هجن. بجلي هلي وئي هئي، مينهن تريون ڏئي وسي رهيو هو، ۽ لڳاتار وسي رهيو هو.
    اها ڪا محاورا تي، تصور اتي يا ٻڌل ڳالهه ناهي. توڙي جو انهيءَ معجزاتي واقعي کي تقريباً پنجاهه سالن جو وڏو عرصو گذري چڪو آهي. پوءِ به اڃا ڪي اکين ڏٺا شاهد موجود آهن جيڪي ساڳي حيرت ڀرئي نموني، ان ناقابل يقين ۽ اڻ وسرندڙ واقعي جو بيان ڪندا آهن.
    اهڙو ئي ٻيو واقعو پڻ هن جي عروج واري دور جو آهي. هڪ ڀيري هو حضرت لال شهباز قلندر جي عرس مبارڪ واري محفلِ موسيقيءَ ۾ ڳائي رهيو هو. ٻيا به ڪيئي ننڍا وڏا ڳائڻا ۽ فنڪار محفل ۾ شريڪ هئا. استاد محمد جمن واري تي پنهنجا مقبول ڪلام ٻڌائي رهيو هو، جن ۾ هڪ فارسي ڪلام حضرت لال شهباز قلندر جو پنهنجو به هو،
    ’بي نام وبي نشانم مست والست هستم....‘
    هو اصل فارسي ڪلام سان گڏ سنڌيءَ ۾ ڪيل ترجمو، ’بي نام وبي نشان مان، مست والست آهيان‘ ڳائي رهيو هو.
    هزارين بلڪ لکين زائرين کيس ٻڌي ۽ ڏسي رهيا هئا. اها محفل موسيقي ريڊيو تان سڌو سنئون نشر ٿي رهي هئي (تڏهن اڃا ٽي.وي آيل نه هئي). ته اوچتو استاد محمد جمن جي طبيعت خراب ٿي پئي. سندس اکيون ڦاٽي ويون. ڪنڌ ٽيڙو ٿي ويو. هٿ پير ڦري ويا. ۽ زبان هٿ جيڏي ٻاهر نڪري آئي. جسم لرزڻ ۽ ڏڪڻ لڳو، ۽ هو هوش حواس وڃائي بيهوش ٿي ويو. ماڻهو ڊوڙيا، اچي کيس کنيائون. هڪدم اسپتال کڻي ويا. سندس حالت ڏسي ڊاڪٽر ڊڄي ويا ۽ کيس هڪدم ڪراچي وٺي وڃڻ جي صلاح ڏنائون. ڪراچيءَ ۾ وڏين اسپتالن ۽ وڏن ڊاڪٽرن سندس علاج ڪيو. پر سندس حالت ۾ ڪو ذرو به فرق نه آيو. سندس مائٽ، دوست ۽ پرستار حيران ۽ پريشان هئا. نيٺ ڊاڪٽرن کان مايوس ٿي کيس ساڳي حالت ۾ گهر کڻائي آيا ته، دوائن مان فائدو نه ٿو ٿئي ڪا دعا ۽ ڦيڻو وغيره ڪرائجي. سڀ ڪجهه ٿيو پر سندس حالت ساڳي ئي رهي. سندس دوست ۽ چاهيندڙ سڀ سندس خدمت ۽ پر گهور لهڻ لڳا. جن ۾ سرفهرست قادر بخش بڪڪ صاحب، سليمان بڪڪ صاحب، غلام محمد سومرو صاحب، پيرل پياسي صاحب، عبدالڪريم بلوچ صاحب ۽ ٻيا ڪيئي شامل هئا.
    سندس اهڙي حالت الائي ڪيترو وقت رهي. هُو ڪنهن کي سڃاڻي نه سگهندو هو. نه ڳالهائي سگهندو هو. سندس ڄڀ حيرت ناڪ حد تائين ٻاهر نڪتل هوندي هئي. اوڙي پاڙي جا ٻار کيس ڏسي ڊڄي رڙيون ڪري ڀڄي ويندا هئا. ”هرڪو پيو چوي ته جمن چريو ٿي ويو آهي.“
    آهستي آهستي عزيزن، دوستن ۽ گهڻگهرن جي محبت، محنت، توجهه ۽ دعائن سان سندس حالت سڌرڻ لڳي. ۽ هوٺيڪ ٿيڻ لڳو. پنهنجن کي سڃاڻڻ ۽ ساڻن ڳالهائڻ لڳو.
    جڏهن هو مڪمل ٺيڪ ۽ صحتياب ٿي هلڻ گهمڻ ڦرڻ لڳو ته، محترم قادر بخش بڪڪ کيس پنهنجي اوطاق تي وٺي آيو. هاڻي هو ساڳيو خوش طبع ۽ ڀوڳائي هو. ڳالهه ڳالهه تي تاڙي ملائي ٽهڪ ڏيڻ لڳو ته قادر بخش بڪڪ صاحب هن کان سندس اهڙي عجيب ڪيفيت ٿيڻ بابت پڇيو، ”استاد، ڇا ٿيو؟“
    ٻڌايائين، ”جڏهن آئون محفل ۾ ڳائي رهيو هئس ته مون کي خبر نه ٿي پئي ته آئون ڪٿي آهيان. ۽ منهنجي اڳيان ڪير ويٺل آهن. مون کي ڪير ٻڌي رهيا آهن. ڪو پتو نه هو. ائين ئي ڳائيندي ڳائيندي ڏٺم ته سيوهڻ جي قبرستانن جون سڀ قبرون کُلڻ لڳيون ، ۽ مردا ڪفنن ۾ ويڙهجي قبرن کان ٻاهر نڪري محفل ۾ اچي مون کي ٻڌڻ لڳا. پوءِ اوچتو ڏٺم ته حضرت لال شهباز قلندر پاڪ پنهنجي مرقد مبارڪ مان اٿي بيٺا ۽ مون ڏانهن وڌڻ لڳا. سندن نور جا تجلا چوڏس گهمي ويا. ۽ روشنيون ٿي ويون جنهن کان پوءِ مون کي ڪا به خبر پئجي نه سگهي ته مون کي ڇا ٿي ويو هو؟“
    اهو آهي، ’مانجي ڪوهستان‘ جوغير معمولي، حيرت ناڪ، مهان ڪلاڪار جنهن کي سندس زندگيءَ ۾ ڪنهن به سرڪاري اداري جوڳي عزت، مان ۽ سک نه ڏنو. جنهن جي کيس پرواهه به نه هئي. هو ته پنهنجي ئي فقيريءَ ۾ خوش ۽ مست هو.
    استاد محمد جمن کي جوانيءَ جي پور ۾ نجي محفلن ۽ شادين ۾ لکين روپيا ملندا هئا، جيڪي هو اتي ئي ڏئي وٺي خرچ ڪري اٿندو هو. ايتري قدر جو هو پنهنجو گهر به بنائي نه سگهيو. اهو ئي غريباڻو ننڍو گهر. سندس تمام محدود گهرجون هيون.
    استاد محمد جمن اسان جي ڀر ۾ رهندو هو. سندس ڏکئي گذر سفر کي ڏسي لطيف پاڪ جو بيت ياد ايندو هوم،
    جنين سک ناهه ڪو، چارڻ سي چئجن
    رڃن راهه پڇن، مٿي ڪلهي ڪينرا.
    اڄ جيڪا سنڌي موسيقيءَ جي هنج، سُرن ۽ سنگيت جي هيرن ۽ موتين مان ڀريل ۽ مالا مال آهي. اها صرف ۽ صرف استادمحمد جمن جي طفيل ئي آهي، جنهن لاتعداد ڌُنون ڪمپوز ڪري بيشمار گيت، نغمه، سهرا لاڏا ڏنا. هن ڪيئي اهڙا گيت ڏنا جن جون ڌُنون ته هن پاڻ ڪمپوز ڪيون. پر اهي ڌُنون ايڏيون انوکيون، اڻ ڇهيون ۽ عظيم هيون جيڪي پوءِ، سندس نالي بنا لوڪ ڌُنن جو روپ اختيار ڪري ويون آهن. اها هڪ فنڪار جي مڃتا ۽ عظمت آهي، جو هن جو پورهيو لوڪ ڪلا جو حصو بڻجي ويو آهي.
    ڪير ٿو ڄاڻي ڀلا ته هنن لوڪ گيتن جون ڌُنون استاد محمد جمن ڪمپوز ڪيون آهن؟
    *ادل منهنجو چوڏهينءَ جو چنڊ.....
    *لوڏي لنگيءَ پاندُ راڻل آيو.....
    * ڇيرن ڪئي ڇمڪار،عطر ڪئي هٻڪار....
    *مارن مون ڏي موڪليو رنگ رتو رومال....
    ۽ ٻيا بيشمار گيت ۽ سهرا آهن جن جون ڌُنون، هن جون ڪمپوز ڪيل آهن. عثمان فقير جي مشهور ڪافي، ’يار ڏاڍي عشق آتش لائي هي...‘ جي ڌُن ته ملڪي سرحدون لتاڙي وئي آهي. جتي ڪٿي فوڪ توڙي پاپ ۾ اهائي ڌن بنا نالي جي وڄي ۽ ڳائجي رهي آهي.
    برک شاعر ۽ دانشور تاج بلوچ صاحب جڏهن انڊيا ۾ مشهور شاعر ۽ فلمساز گلزار سان ملڻ ويو ته، گلزار اها ئي ڪافي، ڪيسٽ تان اسپول تي شفٽ ڪري ۽ ورائي ورائي ٻُڌي رهيو هو. جڏهن تاج بلوچ صاحب کيس ٻڌايو، ”اهو مهان ڪلاڪار استاد محمد جمن آهي. ۽ اها ڌُن سندس ئي ڪمپوز ٿيل آهي. جيڪو اسان جو آهي/ سنڌي آهي.“ گلزار صاحب اکيون ڦاڙي وراڻيو، ” آئون حيران آهيان ته هيءَ ڪهڙي ڌُن آهي؟ هيٺ مٿي سڀ سُر جنهنجا عجيب ۽ حيران ڪندڙ آهن. ۽ ماڻهو انهن تائين پهچي نه ٿو سگهي.“
    ساڳي ئي ڪافي هڪ پنجابي فلم لاءِ ملڪه ترنم نورجهان کي، ڳائڻ لاءِ ڏني وئي ته هن هڪدم انهيءَ ڌُن جي خالق جو نالو پڇيو. جڏهن کيس ٻڌايوويو ته اها ڌُن استاد محمد جمن جي آهي ته هن متاثر ٿي چيو، ”پهرين انهيءَ عظيم موسيقار کي ڌُن جي معاوضي جي ادائگي ڪريو تنهن کان پوءِ آئون اها ڌُن ڳائينديس.“ جڏهن اها پنجابي فلم تيار ٿي ته فلم جي موسيقي ڏيندڙن ۾ استاد محمد جمن جو نالو پڻ ڏنو ويو هو.
    جڏهن هو لاهور ويو هو ۽ اداڪار مصطفيٰ قريشي ۽ روبينه قريشي جي گهر ۾ رهيل هو ته اتي ملڪه پکراج هن کان راڳ سکڻ آئي هئي.
    هُو جيئن ته فطرتن خوش مزاج ۽ ٻار جهڙي معصوم طبيعت جو مالڪ هو، سو جڏهن لاهور جي دوري کان موٽيو ته قادر بخش بڪڪ سان ملڻ آيو. کيس لاهور جون خبرون چارون ٻڌائڻ لڳو. بڪڪ صاحب هن کان لاهور جا حال احوال ورتا. ته استاد کلي ٻڌائڻ لڳو، ” آئون مصطفيٰ قريشي صاحب وٽ ٽڪيل هئس ته، هڪ ڏينهن مصطفيٰ قريشي صاحب ڪجهه ڪجهه گهٻرايل ۽ حيران نموني مون وٽ آيو ۽ چيائين،
    ”استاد، ملڪه پکراج اوهان سان ملڻ آئي آهي.“
    مون وراڻيو، ”ڀلي اچي.“
    چيائين، ”ملڪه پکراج وڏي ڳالهه آهي. ڪيڏانهن به نه ويندي آهي. اسان کي به لاهور ۾ رهندي وڏو عرصو گذريو آهي پر هوءَ ڪڏهن به اسان وٽ لڙي نه آئي آهي. هي توهان سان ملڻ آئي آهي. جيڪا وڏي ڳالهه آهي.“
    مون چيو، ”ها، ها وڏي ڳالهه آهي. پر وٺي اچينس.“
    چيائين، ”خبر اٿئي الاهي وڏي ڳالهه آهي.“
    تڏهن مون کلي چيو، ”مصطفيٰ صاحب، هيءَ ته ملڪه پکراج آهي مان جي ٻه ٽي ڏينهن وڌيڪ لاهور ۾ رهندس ته علامه اقبال به قبر مان اٿي ايندو.“ ايترو چئي هو ٽهڪ ڏئي پنهنجي مخصوص انداز سان قادر بخش بڪڪ صاحب سان تاڙي ملائي کِلڻ لڳو.
    جڳ مشهور سُر جي راڻي لتا منگيشڪر کان جڏهن سرحد جي هن پار وارن ڳائڻن ۽ موسيقارن جي باري ۾ پڇيو ويو ته چيائين، ”استاد جمن وڏو ڪلاڪار آهي.“
    هن جي ڪمپوز ڪيل هڪ ڌُن جيڪا زيب النساء جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل آهي، ’ساڊا من وي موهيا يار وي...‘ اها ساڳي ڌن انڊيا جي هڪ سنڌي فلم، ’اچ ته ڀڄي هلون‘ ۾ لتامنگيشڪر جي آواز ۾ ٻي شاعري، ’منهنجا سپرين توکان وڇڙي...‘ ۾ ڳارائي وئي آهي. جنهن جي نڪو ادائگي ڪئي وئي ۽ نه ئي فلم جي موسيقي ڏيندڙن ۾ استاد محمد جمن جو نالو ڳڻايو ويو آهي جيڪو هڪ اخلاقي ۽ قانوني ڏوهه آهي. جنهن لاءِ هن مضمون ۾ احتجاج رڪارڊ ڪندي انهيءَ ڌُن جي ادائگي ۽ استاد محمد جمن جو نالو فلم جي موسيقارن ۾ شامل ڪرڻ جو پرزور مطالبو ڪجي ٿو.
    هن جيئن لطيف بادشاهه کي ڳايو آهي ان جو مثال اڃا تائين سنڌي موسيقيءَ ۾ نه ٿو ملي. پر اسان ماڻهن ۾ الائي ڪهڙي وِڏَ يا سنئون سڌو چئجي ته، حرامپائي آهي جو هروڀرو اڀري کي سڀري سان ملائي، مڙئي لئي مٽي ڪري هڪ جهڙو ڪندا آهيون.
    جيڪڏهن هن کي گهربل صحيح مقام ڏنو وڃي ها ته هو بنا ڪنهن مقابلي جي هڪ عظيم موسيقار، مهان ڪلاڪار ۽ سنڌ جو نئون ٻيجل آهي، جنهن کي لطيف رح جي لفظن ۾ خراج ڏئي سگهجي ٿو.
    ’مٿو مٿائين گهوريان، مٿو تو مٿان
    سو مون ٿئي نه هٿان، جنهن تون لائق مڱڻا.‘
    مٿو کڻي سچي وڍي نه ڏجي. پر سکڻي وات جي واهه واهه ۽ حق ڳالهائڻ ۾ ڪهڙو ٿو خرچ اچي؟ ايتري سخا لاءِ به سڌ ٿا مرون.
    سندس اهو به هڪ وڏو ڪارنامو آهي جو هن عورت ڪلاڪارن سان جيڪي ڊوئيٽ ڳاتا آهن، انهن ۾ پاڻ رڳو بيت ۽ واين جون وراڻيون ڳايون آهن. باقي سڄيون وايون انهن کان ئي ڳارايون آهن، جيڪو پڻ هڪ حيرت جهڙو خوشگوار ۽ باڪمال تجربو آهي. انهن دوگانن ۾ هن پاڻ جيڪي بيت ڳايا آهن، اهي اهڙي ته ماهراڻي انداز ۽ چابڪدستي سان ڳايا آهن جو عقل دنگ رهجي وڃي ٿو. مثال طور نور بانو سان گڏ ڳايل وائي،
    * سکي سانڍيم عمر جن سي سنگهاريون ڇو نه ساريندس.
    زيب النساء سان گڏ ڳايل وائي،
    * مان ڪيئن جيئنديس جڳ ۾ پنهنجي پنهل پڄاڻا.
    زرينه بلوچ سان گڏ ڳايل وائي،
    * پيچ پنهل مون سان پائي جي هليو ويو. الا ڪنهن کي ٻڌايان....
    امينه سان گڏ ڳايل وائي،
    * جوڳي ڏاڍي ذات سامي ڏاڍي ذات.....
    انهن سڀني ڳائڻين سان گڏ ڳايل شاهه سائينءَ جي هڪ وائي،
    * گهاتو گهر نه آيا، جيڪس جهليا مڇ.
    استاد محمد ابراهيم سان گڏ ڳايل گيت،
    *وري آپکي واهيري، تون هينئڙو هٿ ڪيو هيري.
    ۽ ثريا حيدر آباديءَ سان گڏ ڳايل لاجواب ڪمپوزيشن ۾ باڪمال گيت آهن.
    هو هڪ سچو ڪوهستاني هو. هر سچي ڪوهستانيءَ وانگر لطيف سرڪار سندس روح ۾ رهيل هو. هن جي ڳايل ڪلامن ۾ اڪثريت حضرت شاهه سائينءَ جي ڪلامن جي آهي. جيڪي هن لطيف رح جي روح، لهجي ۽ اچارن ۾ ڳايا آهن، ڇو جو لطيف رح جو ڪلام ڪوهستاني لهجي سان هٻڪاريل آهي جيڪا هر ڪوهستاني کي امڙ جي ٿڃ ۽ لوليءَ وانگيان سُتيءَ ۾ ملندي آهي.
    هو لطيف سرڪار جو عاشق هو. ۽ ’شاهه جو رسالو‘، هر وقت پڙهندو رهندو هو. هڪ ڀيري ٻڌايائين ته مون هڪ بيت پڙهندي لفظ، ”اويون“ اچاريو ته، اتي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پڻ ويٺل هو جنهن مون کي چيو، ”اهو لفظ ’اويون‘ نه ’اديون‘آهي ۽ ڪاتب جي غلطي سان، ’ د ‘ جي جاءِ تي ’و‘ لکجي ويو آهي. تون ان کي درست ڪري ’اديون‘ پڙهه.“
    مون ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي عرض ڪيو، ”سائين، هي لفظ، ’اديون‘ نه پر، ’اويون‘ آهي. هي ڪتابت جي بگڙيل صورت نه پر اصلي ۽ نج جبل جو لفظ آهي. واحد، ’اوئي‘، ۽ جمع، ’اويون‘ ان پخال يا مشڪ کي چئبو آهي، جيڪا ٻڪر/ ٻڪريءَ جي کل مان بنائي ويندي آهي.“
    هن جهڙو فنڪار سنڌ ۾ وري الائي ڪڏهن پيدا ٿئي؟ جواب لاءِ شايد صديون ۽ قدرت به منجهي پون. ڏک مان لکڻو ٿو پوي ته، استاد محمد جمن جا پڇاڙيءَ وارا ڏينهن ڏاڍا ڏکيا ۽ تڪليف ۾ گذريا هئا. جنهن ۾ سندس اهڙي پوئواري نه ڪئي وئي جنهن جو هو لائق به هو ته حقدار به هو. تنهن هوندي هن ڪڏهن به ڪنهن جي شڪايت نه ڪئي. نه ئي ڪڏهن ڪو هيڻو ۽ ويچارو رهيو. محمد قاسم ماڪا صاحب جو هن کان ورتل انٽرويو شايد سندس آخري انٽرويو آهي، جنهن ۾ بيماري ۽ پيسي جي اڻهوند جي باوجود ساڳيو ئي خوش مزاج ۽ خوش گفتار استاد هو. پنهنجي مخصوص انداز سان تاڙي ملائي کلي کلي پنهنجي زندگيءَ جا اهم، دلچسپ، تلخ ۽ شيرين واقعا ٻڌائي رهيو هو.
    انهيءَ آخري انٽرويو ۾ استاد محمد جمن سنڌالاجيءَ جي هاڻوڪي ڊائريڪٽر محمد قاسم ماڪا کي پنهنجون ساروڻيون ٻڌائيندي چيو، ”1959ع ڌاري پشاور ۾ هڪ بين الصوبائي موسيقيءَ جي محفل رچائي وئي. انهي محفل ۾ ملڪ جو صدر فيلڊ مارشل جنرل محمد ايوب خان پنهنجي مهمان ايران جي شهنشاهه رضا شاهه پهلوي سان موجود هو. مون جڏهن عثمان فقير جي مشهور ڪافي، ’يار ڏاڍي عشق آتش لائي هي...‘ ڳائي بس ڪئي ته صدر ايوب اُٿي بيهي رهيو. صدر جي اُٿي بيهڻ سان ايران جي شهنشاهه سميت سڄو پنڊال اُٿي بيٺو ۽ صدر صاحب مون کي مخاطب ٿي چيو، ’محمد جمن حڪم کرو کيا چاهيي؟‘ ۽ مون ادب سان هٿ ٻڌي وراڻيو، ’سائين، بس آپ کي دعا چاهيي.‘
    اها آهي ڪوهستاني ماڻهو جي خود داري ۽ انا جو خوبصورت مثال. جڏهن ته هن کان اڳ هڪ اهڙي ئي نوعيت جي موسيقيءَ جي ڪانفرنس ۾ صدر ايوب ساڳيو ئي سوال هڪ پشتو ڳائڻي کان ڪيو هو ته، ان فنڪار صدر کي عرض ڪيو هو، ’منهنجي ٻچن کي پڙهائي لاءِ آمريڪا اماڻيو وڃي ۽ مون کي ايتري زرعي زمين ڏني وڃي جو منهنجون ست پيڙهيون ويهي کائين.‘ ۽ واقعي ٿيو به ائين جو ان فنڪار جون اڄ به ست پيڙهيون گهر ويهي کائي رهيون آهن.“
    ساڳئي ئي انٽرويو ۾ استاد محمد جمن، ماڪا صاحب کي پنهنجي خراب صحت ۽ معاشي بدحاليءَ جي حوالي سان ٻُڌايو، ”جيڪڏهن آئون ههڙين حالتن ۾ مري وڃان ته منهنجي موت جو ڪارڻ، ريڊيو پاڪستان جي ان ڪم ظرف، ساڙيل ۽ متعصب اڳوڻي ميوزڪ پروڊيوسر کي ڄاڻايو وڃي، جنهن مون سان ڏاڍيون بي واجبيون ڪيون.“
    گوندر گذاريو ڪاپڙي، پڌر وجهن نه پاڻ
    تن آيل آديسين جي، رُئان ڪاڻ رهاڻ
    هت نه پسجن هاڻ، ويا ويراڳي نڪري.
    استاد جا شاگرد ته ڪيئي هوندا/ آهن. پر سندس موڀي پٽ شفيع جمن جهڙس ئي ساماڻو هو. ساڳيو آواز، ساڳيو انداز، ساڳي ڄاڻ، ساڳي سرهاڻ، ساڳي ڏات ۽ ساڳي لات هئي. ائين ئي سڄيون راتيون اڪيلو ڳائي، سج اڀاريندو هو ۽ ائين ئي ماڻهن کي ساڪت وهاري صبح ڪندو هو.
    شاهه نورانيءَ جي ميلي ۾ جڏهن شفيع جمن محفل مچائي ته، پِڙَ جا مور ٽهوڪا ڏئي نچڻ لڳا هئا. وڏو خليفو حاجي خان محمد جيڪو راڳ جي محفلن ۾ گهٽ وهندو هو. اهو به پنهنجي آرام گاهه ۾ آرام ڪري نه سگهيو ۽ ٻاهر نڪري روئندو اچي محفل ۾ ويٺو. چيائين، ”جمن جي پٽ شفيع اسان کي گهر ۾ وهڻ نه ڏنو.“ ۽ پوءِ سڄي رات ويٺو رهيو. ۽ راڳ ٻڌندو روئندو رهيو.
    عام چوڻي آهي ته، وڏي ڇانوَ واري درخت جي هيٺان ننڍا ٻوٽا نسري نه سگهندا آهن. پر استاد محمد جمن جهڙي شاهه درخت جي ڇانوَ هيٺان سندس غير معمولي پٽ شفيع جمن نسري نروار ٿيو هو ۽ ايڏي وڏي موسيقار پيءُ جي سوين هزارين ڪمپوز ڪيل ڌنن جي باوجود پاڻ به پنهنجون ڌنون ڪمپوز ڪرڻ لڳو هو. سندس هڪ بيحد نرالي ڌن، ’رسڻ نماڻيءَ سان جاني تو نه جڳاءِ...‘ ته صدين تائين هلندڙ ۽ نيون ڌنون ترتيب ڏيڻ جو سبب بنجندي رهندي. پر افسوس جو استاد جو استاد پٽ نوجوانيءَ ۾ ئي هليو ويو. ساڳي بيماري ۽ ساڳئي ڏکين حالتن جي دز ۾ جواهر لَٽجي ويو.
    اڄ نه اوطاقن ۾، ڪر ڳل ڪين رئن
    نه سي آديسي اَسُکا، جن سين مڙهيون سونهن
    مڙهه پوريائون ماٺ تي، واڄٽ ڪين وڄن
    ويا نانگا نڪري، پهر نه پوربين
    ساريو سناسين کي، اولاڪا اچن
    لاڄيئون لاهوتين، جوڙي ڏنيون جيءَ کي.
    (شاهه رح)

    هاڻي به هن جو ننڍو پٽ اويس جمن سٺو ٿو ڳائي. سرپرستي هئڻ جي صورت ۾ استاد محمد جمن جو سِڪون لاهيندو. اويس جمن استاد جو حلالي پٽ آهي. شڪل، آواز ۽ انداز ساڳيا استاد محمد جمن وارا. پنهنجي ئي مٿي کٿي پيو جاکوڙي. سنڌي موسيقيءَ جا وارث الائي ڪٿي آهن؟ ڀرجهلا ئي نه ٿا ٿين اويس جا.
    ان ڳالهه ۾ ڪنهن به شڪ جي گنجائش ناهي ته، پيءُ ۽ ماءُ هر ڪنهن کي پيارا هوندا آهن. پر ائين به آهي ته ڪو اولاد سلڇڻو هوندو آهي ته ڪو ڪلڇڻو. ڪو سڌاتورو هوندو آهي ته ڪو ڪڌاتورو. پوءِ به مائٽن جي عزت احترام، سانڍ سنڀال، خيال ۽ ذميداري اولاد کي ئي قبول ڪرڻي پوندي/ ڪرڻ کپي.
    استاد محمد جمن ته هڪ فنڪار هو. حساس، مخلص ۽ دل جو ڪونئرو. ماءُ ته سندس ننڍپڻ ۾ ئي گذاري وئي هئي. جڏهن ته سندس پيءُ حاجي آمن وڏي ڄمار ماڻي جيڪا سڄي عزت ڀري ۽ صحت منديءَ واري هئي. حاجي آمن، کل مک ۽ همدرد انسان هو. استاد محمد جمن کي خوش مزاجي ۽ خوش گفتاري پيءُ کان ملي هئي. کل ڀوڳ ۽ مزاج ۾ استاد محمد جمن سڄو پنهنجي پيءُ جهڙو هو. هن کي پنهنجي پيءُ سان عشق هوندو هو. زندگيءَ جي پڇاڙڪن لمحن ۾ جڏهن حاجي آمن بيمار ٿيو ته استاد جمن سندس خدمت ۾ وسان نه گهٽايو. جڏهن حاجي آمن وفات ڪئي (وفات حاجي آمن 21 فيبروري 1971ع) ته سندس قبر گهر جي ڀر ۾ بنائي، ڏينهن رات اتي ئي ويٺو هوندو هو. تڏهن سندس هڪ نئون ڪلام رڪارڊ ٿيو هو، ’مون ڪڍيا جنهن لئه ڪشالا يارسو ويندو رهيو.‘ جيڪو ريڊيو حيدرآباد تان سندس والد جي وفات جي حوالي سان رپيٽ ٿيندو رهيو هو.
    پنهنجي والد جي ورسي هو هر سال نهايت اهتمام سان ملهائيندو هو، جنهن ۾ ملڪ جا ناميارا استاد ۽ گائڪ شريڪ ٿيندا هئا. وڏيون محلفون ٿينديون هيون، ۽ عام لنگر ٿيندو هو.
    پاڻ لاءِ اها وصعيت ڪئي هئائين ته ’وفات کان پوءِ مون کي پيءُ جي ڀر ۾ دفن ڪجو.‘ جيڪا سندس لائق پٽ شفيع جمن پوري ڪئي. جيڪو پڻ پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي جون ورسيون وڏي شان ۽ اهتمام سان ملهائيندو هو. اهو سلسلو شفيع جمن جي وفات (29- آگسٽ 2002ع) کان پوءِ بند ٿي ويو آهي.
    استاد محمد جمن کي آخر ۾ جڏهن بيماريءَ نِزِيگُ (جسماني طور ڪمزور) ڪيو هو تڏهن به کيس ڪا خطرناڪ بيماري نه هئي. کيس شگر جو مسئلو هو جيڪو اڄوڪي وقت ۾ ڪو مسئلو ئي ناهي، انسولين ۽ گوريون سڀ ڪجهه ڪنٽرول ڪري وڃن ٿيون. پر کيس اَپڇائيءَ واري هيڻائيءَ نهوڙي ڇڏيو هو. يعني، ’مارن مُنجهه مياس، ماڙين ماريس ڪين ڪي.‘
    شگر جي ڪري سندس اکين تي اثر ٿي پيو هو ۽ هن ڳائڻ تقريباً بند ڪري ڇڏيو هو. ريڊيو حيدرآباد تي شاعر ۽ نثر نويس نصير مرزا پروڊيوسر ٿي آيو هو، جنهن مون کان منهنجا ڪي غزل ڳارائڻ لاءِ گهريا ۽ پڻ منهنجي پسند جا ڳائڻا نمبر وار هڪ، ٻه، ٽي گهريا ته پهريون ڪير، ٻيو ڪير ۽ ٽيون ڪير؟ مون کيس پنهنجا غزل موڪليندي جواب ۾ لکيو هو، ’پهريون نمبر استاد محمد جمن، ٻيو نمبر استاد محمد جمن ۽ ٽيون نمبر استاد محمد جمن.‘ تڏهن استاد جمن بيمار ۽ نور کان لاچار هو. هاڻي ويچارو (پيارو ڀاءُ) نصير ڪري به ته ڇا؟ حيرت جي ڳالهه اها ته ايڏي وڏي شاهه استاد وٽ تڏهن پنهنجي عينڪ به نه هئي. سو نصير ڇاڪيو جو پٽي سٽي، خانا ڦلهوري شيخ ابراهيم جي هڪڙي پراڻي بغير ڪمانين واري عينڪ کڻي، ان ۾ سڳا ڌاڳا ٻڌي استاد محمد جمن جي ڪنن تي سَڪُ بيهاري هن کان منهنجو غزل،
    چنگ ڀلا هي چوريو ڪنهن
    حال اسان سان اوريو ڪنهن
    لفظ منگهاڻي ٿي پيا سڏڪا
    سور پراڻو سوريو ڪنهن
    ڳارائي منهنجي دلي خواهش پوري ڪئي هئي (ٿورا ڀاءُ نصير مرزا صاحب).
    استاد محمد جمن پنهنجي آفاقي آواز ۾ پنهنجي ئي ڪمپوز ڪيل الهامي ڌن ۾، منهنجو غزل ڳائي مون کي عرشن تي پهچائي ڇڏيو هو.
    مٿي اتي منهنجي، جي ڪوڙين هون ڪپار
    ته واريون واريون وڍيان، سسيءَ کي سؤ وار
    ته پڻ تند تنوار، تنهنجي مٿاهين مڱڻا.
    (شاهه رح)
    اهو ئي منهنجو غزل استاد محمد جمن جي زندگيءَ جو آخري رڪارڊ آهي.
    چارڻ چنگ ٻنگ لهي، وڄايو وڏاڻ
    سِر تان هڏ آسان، پر مڱڻهار مٿي وهي.
    (شاهه رح)
    مهان ڪلاڪار جا ڳڻ پچارڻ لاءِ ڄمارون گهرجن. جنهن کان هو بي پرواهه هو. پنهنجي ئي دنيا ۾ مست الست، خوش ۽ سُکي هو.
    ساڳين پورن، رمزن، غيرتن ۽ خوددارين ۾ ڪوهستان جو هي لاڏلو پٽ، پنهنجي غريباڻي گهر ۾ 27- جنوري 1990ع تي ابدي ننڊ سمهي پيو.
    اڄ نه اوطاقن ۾، تازا پٿر ڪک
    آديسي اٿي ويا، پئي اڏامي رک
    سامي کڻي سنک، وڄائي واٽ ٿيا.
    (شاهه رح)


    هڪ متنازعه ڪردار دادلي گڊي

    ماحول ۽ تربيت ماڻهو ته ڇا پر جانور ۽ پکيءَ جي فطرت ئي بدلائي ڇڏي ٿي.
    اهڙا قصا ۽ ڪهاڻيون ۽ ڳالهيون ته گهڻيون ٻڌيون ۽ پڙهيون آهن. پر اکين سان ڏٺل منظر وڌيڪ متاثر ۽ حيران ڪن ٿا.
    منهنجو ماروٽ اختر بڪڪ جيڪو پاڻ به جانور ۽ پکي پالڻ جو شوقين آهي. وٽس ڳالهائيندڙ مٺو به آهن جن کي هو ڳالهائڻ سيکاريندو آهي، جن جو آواز ٻڌي الاهي خوشي ۽ حيرت ٿيندي آهي. هُو ملڻ سان سلام ڪندا آهن. ماڻهن جا نقل ڪندا آهن ۽ جانورن، ٻلن ۽ ڪتن جا آواز پڻ هوبهو ڪندا آهن. اهي نهايت پياريون ۽ سريليون سيٽيون وڄائيندا آهن ته دل وندري پوندي آهي.
    اختر ڳالهه ڪئي ته، ”آئون ڪنهن اهڙي جاءِ تان گذريس جتي گاريال ماڻهو رهندا آهن. مون ڏٺو ته اتي هڪ پڃري ۾ هڪ خوبصورت مٺو هو. مٺو ته هونئن به منهنجي ڪمزوري آهن، سو آئون مٺو کي ڏسي خوش ٿي بيهي رهيس. ڏسڻ شرط مٺوءَ ايڏي ته ڪچي گار مون کي ڏني جو آئون کلي کلي کَيرَو ٿي پيس.“ جڏهن اختر اها گار مٺوءَ جي آواز ۾ ٻڌائي ته سڀ ڏاڍو کليا.
    اهوئي گاريال گهراڻو آهي دادلي گڊيءَ جو، جتي پکي پکڻ به سندن ٻولي ڳالهائيندا آهن.
    دادليءَ جو جنم اتي ٿيو جتي ڇوڪري مادر پدر آزاد هوندي آهي. ڪهڙو حياءُ، ڪهڙو شرم، جيڪو دل کي وڻيو اهو ئي عمل ڪبو. جيڪا ڳالهه وات مان جيئن نڪري، جهڙي صورت ۾ نڪري ڀلي نڪري وڃي. ڀلا ڪو گار ڏيڻ سان يا اگهاڙو اکر وات مان ڪڍڻ سان وات ڏکندو يا سور ڪندو ڇا؟ يا ڪو وات مان اڀرو لفظ ڪڍڻ لاءِ پيسو ڏوڪڙ خرچ ٿيندو ڇا؟
    جيڏيءَ مهل دل چاهي، جيڏي به وڃڻ لاءِ روح چوي هلي وڃ. شرط اهو ته گهر ضرور موٽي اچج. ٻي ڪابه روڪ ٽوڪ ناهي.
    نَڪا جَهل نَه پَلَ، نَڪَو رَائُر ڏَيهه ۾
    آڻيو وِجهن آهُرَين، رَوڙِيَو رَتا گل
    مَارُو پَاڻَ اَمُلَ، مَلِيرُون مَرَڪَڻَو.
    (شاهه رح)
    دادلي گڊي رنگ جي سانوري، قد جي بندري، جوانيءَ ۾ ضرور پرڪشش ۽ وڻندڙ هوندي. تڏهن ته مڙس سٺو مليو هئس سٺي جو مطلب ته صورت شڪل جو ٺيڪ ۽ ڪجهه ڪجهه ڏوڪڙ پيسي وارو به.... جيڪو ويچارو اڳ ئي گگدام هو پوءِ ته صفا زال جو مڄو ٿي ويو.
    مرضي رڳو پنهنجي هلائيندي هئي، جيئن وڻندو هئس تيئن ڪندي هئي. ماڻهن اڳيان پنهنجي مڙس جي عزت ڪندي هئي ۽ ”جيءُ ..جيءُ... ڌڻي ڌڻي.“ چوندي هيس. اڪيلائيءَ ۾ ڪتن سان گڏ کارائيندي هيس.
    ٿوريءَ ڳالهه تي به وٺي جو ڪنان ڪڍي (زور سان) ڪچي گار ڏيندي هئي ته، اها گار سندس گهر کان پري رهيل پنهنجن گهرن ۾ به چِٽي ٻڌي وٺن، جنهن جي کيس نڪا ڦڪائي نڪو پڇتاءُ.
    وات جي اهڙي ڇتي جو هيٺان هوندي به مٿائين جو ڏيک ڏيندي هئي. گاريون اهڙيون ڪلاسيڪل ڏيندي هئي جو دل چاهي ٿي ته لکجن پر، لکي نه ٿيون سگهجن نه ته پڙهندڙ به ايڏو کلن جو زمين تي ڪِري ڦٿڙن.
    منهن جي وري اهڙي پڪي ڀلي ڪو ثابتيءَ ۾ جهلي وٺيس، پٺي ڇنڊي اٿڻ سان چوندي، ”اها ماڻهين..... هئي.“ ڪوهستان جي هيءَ مشهور چوڻي به ضرور دادليءَ جهڙين جي ايجاد آهي ته، ڪنهن فاحشه کي ڪرت ۾ ڏسي ڪنهن عورت چيس، ”هي ڇا.؟“ اٿندي چيائين، ”بيهه ته پُچَ (ڪپڙا) پائي تو جيڏي ٿيان ٿي.“
    دادليءَ کي ڪنواري به ڪاجهل پل نه هئي بس، ماڻس باربار پڇندي هيس، ”مهينو اچئي ٿو؟“ پرڻجي ته هيڪاري هور لهي ويس. ٻار جنهن مان به ڄڻي ٺوڪي مڙس تي هڻندي. ۽ پاڻ ئي وات ڦاڙي ٽهڪ ڏئي چوندي، ”ائي، ڏسو ته سهي خدا جي قدرت سڄو پيءُ جهڙو آهي.“ سندس مڙس ٻار ۾ نهاري ڏند ٽيڙي پيو ٺرندو هو. جنهن جو مهانڊو ذرو به پيءُ سان نه ٿي مليو.
    سڄي جواني دمادم مست قلندر ڪري گذاريائين. گهمي ڦري پاڻ به سُکي ٿي ته ٻين کي به سُکي ڪيائين، پاڻ به سِکي ته ٻين کي به سيکاريائين.
    اَڃا ڪَي آهين، جَيسَرَ مِيرياڻيون جڳَ ۾
    نِيو لِڱُ لاَئِين، الله ڪَارڻ لَطيف چَئي.
    اولاد به ڄڻيائين سي پرڻايائين به. پر ڪِرت ساڳيئي سندس ڇورين جي به هئي. دادلي پاڻ تجربيڪار هئي. پنهنجي ڌيئن کي گهڻو ئي جهليائين پليائين. پر انهن جيڪو اکين سان ڏٺو هو رات ڏينهن، اهوئي ڪيائون، ساڳئي ئي پَير تي هليون ساڳيو ئي هٽ کوليائون.
    دادلي پاڻ وڏي فراخ دل مائي هئي. وٽس ذات پات ۽ مذهب جو مت ڀيد ڪونه هو. ”جيڪو آيو، سواگهيو“ جي مصداق واڻئي يا مسلمان جي ڪِري ڪانه هيس. جيڪو به سڻڀو ستابو هٿ آيس تنهن لاءِ، ست بسملاهيون. دل جا سڀئي در کولي ڇڏيندي هئي.
    هڪڙو سُوهڻو سکيو واڻيو سندس سُوهڻي ڀاڻيجيءَ تي عاشق ٿي پيو. دادليءَ دير ئي نه ڪئي هڪدم طوهر ڪرائي مسلمان ڪري، پنهنجي ڀاڻيجي پرڻائي کيس ڏئي پاڻ وٽ ئي رهائي ڇڏيائين.
    واڻئي ويچاري جي ڪهڙي مجال، هوءَ پنهنجي ڀاڻيجيءَ کي پاڻ سان گڏ هلائيندي هئي.
    پاڻ ته هاڻي جواني کائي پي ڪَرَٽَي ويٺي هئي. پوءِ به وٽس عمر جي ڪا اهميت نه هئي. هر حال ۾ حاضر، جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پريان....
    وڻندن ته وڙڪندا، نه ته اڳين جو اختيار. پوءِ ڇاهي ڀاڻيجي ۽ ڌيئرون ته هيون، گراهڪ خالي ته نه موٽندو. ان وچ ۾ سندس مڙس مري ويو جنهن جو هاڻي ڪو خاص مصرف به نه هو. اڳ به جڏهن گراهڪ ايندا هئا ته جي مڙس ويٺل هوندو هئس ته، ان کي پري ڪنهن بازار ڏانهن ڪنهن نه ڪنهن سودي سلف لاءِ موڪلي ڇڏيندي هئي.
    مڙس جي مرڻ جو مٿس ڪو فرق نه پيو. وري ان کي ئي ٺوڪي پنهنجو مڙس مشهور ڪيائين جيڪو سندس دل گهريو دوست هو. اهو مڙس جي هوندي سندس دين جو ڀاءُ هو.
    دين جو ڀاءُ جڏهن مڙس ٿيس ته هڪ ٻه ننڍا ٻار، سندس ئي قرار ڏئي ڇڏيائين جيڪي واقعي ئي هن جي مهانڊي هئا. ڪنهن جو ڇا ٿي ويو؟ ٻارن جا بوجها نئين مڙس کلي کنيا.
    ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ سڀ ممڪن آهي. حرام حلال جو ڪو فرق ڪونهي. سڀ حلال آهي.
    دادليءَ جي هڪ ڳالهه نهايت حيرت جهڙي ۽ بيحد اهم هئي ته هوءَ پنهنجن مائٽن ۽ سڱيڻن سان ڀلي ڪيئن به هجي، ڀلي ننهن ۾ ڀت رڌائي ڇڏي (چوڻي)، ڀلي گارين سان ڇلي ڇڏين پر، غيرن سان ۽ اوڙي پاڙي سان ڪڏهن به نه اٽڪي ۽ ڪو ٻاڙو ٻول نه ٻوليائين. پاڙي سُرَهي هئي. سدائين مٺي. گهر ۾ ڪا خاص چيز رڌيندي يا پچائيندي هئي يا ڪو نياز وغيره ڪندي هئي ته سڀني کي ساري سنڀاري، گهر گهر ۾ پوشن ۾ ڍڪي موڪليندي هئي. سندس رڌيل کاڌو ڏاڍو سوادي هوندو هو. بلڪ هوءَ رڌپچاءَ جي ماهر هئي.
    سندس مڙس هٽ کوليو ته اتي تريل مڇيون، بجا، پڪوڙا، چڻا، ماڪ، باڪليٽ، مڱ، تِرن ۽ ڦُلن جون ڳڙ واريون ٽڪيون، موهڻيون، بونديون سڀ پاڻ بنائيندي هئي. ۽ هٽ تي اهي رکندي ئي ختم ٿي وينديون هيون. جي ڪو چوندو هئس ته تنهنجون بنايل چيزون سوادي آهن ته، پوءِ هوءَ وات ڦاٽي ته هئي اهڙو مزي جو جواب ڏيندي هئي جو وڃي ٿياخير. (لکجي ته سڀ کلو ها پر لکڻ مناسب ڪونهي).
    باقي جي مٺو ڳالهائيندي هئي ته دنگ هو. جهڙيس ڳولي نه لڀي. ڪوجي سڏيندو هئس ته مرڪي چوندي، ”صدقو وڃان،جي ابا کي چوان، گهوري آهيان تنهنجي ساهه تان، اور گهور ٿيان تنهنجي جان تان.“
    ٻي وڏي غير معمولي خوبي اها هيس جو هوءَ حد کان وڌيڪ رحمدل هئي. ڪنهن جو به ڏک ڏسي نه سگهندي هئي، جي ڪو مسافر هوندو ته کيس پنهنجي گهر ۾ آڻي رهائيندي هئي. ڪو بيواهو لاوارث بيمار هوندو ته ان کي سانڍي سنڀالي، علاج ڪرائي، اسپتالن ۽ ڊاڪٽرن جا خرچ ڀريندي هئي. اسپتال ۾ داخل هوندو ته وٽس راتيون ٽڪي اوجاڳا ڪري چڱو ڀلو ڪري پنهنجي گهر آڻيندي هئي. پوءِ ان جي لاڙهي (مريض جو کاڌو) پاڻيءَ جو وڏو خيال ڪندي هئي. دوائون وقت تي پياريندي هئي.
    ڪو بکيو، ڏکيو، لاوارث پوڙهو، ميرو مندو ڏسندي هئي ته ان کي به گهر آڻي کارائي پياري، وهنجاري تيل ڦڻيون ڪري، پنهنجي ئي گهر ۾ رهائي ڇڏيندي هئي. اهڙا ننڌڻڪا ڪئي ماڻهو وٽس سالن جا سال رهيا پيا هوندا هئا. اڪيلو مرد يا مائي غريب بيوارثي ڏسندي ته اهو به سندس گهر ۾ رهيل هوندو.
    پوڙهو/ پوڙهي، اڻ پهچ، غريب، ميرو، ڪنو، جڏو، اگهو سڀني کي پنهنجي ئي گهر ۾ وهاري رڌي پچائي کارائيندي هئي. ڪير جي پڇندو، ”اهي ڪير آهن؟“ ته اکيون مٿي کڻي شاهد آڱر اڀ ڏانهن ڪري چوندي، ”هُن جي مخلوق آهن اسان کي شل توفيق ڏي ته سندن خدمت ڪريون.“ ايتري قدر جو غريب لاچار کدڙن کي به مٿي تي شقفت جو هٿ رکي گهر آڻي رهائيندي هئي.
    سندس ننڍڙي گهر ۾ ماڻهن جا ميڙا لڳا پيا هوندا، هرڪو کائي پي ڀوڳ مشڪرا ڪندو، لاڳيون ڏيندو، ٽهڪ جو ٺڪاءُ پيو پوندو. ڄڻ سڀ هڪ ئي گهر جا ڀاتي هجن، گڏ ڄاوا ۽ نپنيا هجن!!
    اگها، سگها ٿي اٿندا ته مزدوري وغيره ڪرڻ نڪري ويندا. موٽندا ته ڀرجي ترجي ايندا، ڪو اٽو اَن پيو آڻيندو ته ڪو گوشت مڇي پيو آڻيندو. ڪو کير دهي ته ڪو فروٽ مٺائي، ڪو ڦليون ڀڳڙا ته ڪو پان سوپاريون، ڪو ٻيڙيون سگريٽ پيو آڻيندو، وڏي بستي لڳي پئي هوندي هئي.
    دادليءَ جو گهر عجيب دنيا بلڪ حيرت ناڪ ڪائنات هو. پوءِ ته زمانو بدلجي ويو. سندس ڌيئون به اچي اڌڙوٽ ٿيون. ڏوهٽيون ساماڻيون اهي وري اهڙيون سهڻيون جو هرڪو پيو پنهنجا چپ چٽيندو هو. انهن وري جديد زماني جو انداز کنيو ۽ نانيءَ جي ڪرت ’ڪال گرلز‘ جي روپ ۾ ادا ڪرڻ لڳيون، موبائل هٿن ۾. فيشن ايبل ماڊل گرلز لڳنديون هيون. انهن جون نظرون هيٺ ڪنهن تي به نه پونديون هيون. دوستيون ۽ ياريون سڀ ٽاپ ڪلاس ماڻهن. سان تڪڙو ئي وڃي وڏيرن جا گهر وسايائون ۽ ننڍڙن ڌپائي گهرن مان نڪري ڊفينس ۽ ڪلفٽن جي وڏن لگزري بنگلن ۾ رهائش پذير ٿيون. هاڻي جڏهن سن گلاسز پائي پنهنجون گاڏيون پاڻ ڊرائيو ڪري نانيءَ جي گهر اينديون آهن ته ڄڻ ڪنهن پرستان مان پريون لٿيون هجن کين ڏسي سڀني جا وات ڦاٽي ويندا آهن.
    دادلي پاڻ ڪاري ڪوجهي سندس ڌيئرون به اهڙيون خاص نه. پرڏوهٽيون حورن جهڙيون، اهي ’ڪراس بريڊ‘ جا ڪمال ماڻهن کان ڳجها ڪين هئا.
    ڏوهٽين دادليءَ کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ چاهيو. پر دادلي ته پنهنجي ئي دنيا ۾ مست مگن هئي اها ڪيئن ٿي اهو سڀ ڇڏي سگهي.
    پاڻ وڏي ٿي اگهامي ته واهه نه ته نوجوان ڇوڪرين جي ڪراچيءَ ۾ ڪهڙي ڪمي. ذات ذات جون رنگ رنگيليون ڇوريون ٽڪي ۾ ٽي.....
    سندس ڪاروبار آڌيءَ کان پوءِ عروج تي هوندو هو. سندس گهر نيپيئر روڊ جون سِڪون لاهيندو هو.
    تِنِ جَيسَرَ مِيرَياڻِين جَسُ، جَي لله ڪارڻ لَنڊِيون
    هِتِ بِه رَهَين رَسُ، هُتُ بِه گَڏيون هَوتَ کي.
    ڀر ۾ شريفن جو پاڙو هو جن کي ساڻس ڪا خاص شڪايت نه هئي. ڇو جو سندس ڪاروباري سرگرمين جي وسعت سندس گهر جي چؤديواري تائين محدود هئي.
    هن ڪڏهن به اوڙي پاڙي جي ڪنهن نياڻي سياڻي کي ڪا اهڙي مت ڏني نڪا صلاح. نڪو ڪنهن کي کاريائين نه وري کيس اهڙي جرئت هئي، ڇو جو جن جي ڀر ۾ رهيل هئي اهي ڏا ڍا ارڏا ۽ مضبوط ماڻهو هئا. هوءَ انهن جي شڪر گذار هئي جو انهن کيس پاڙي ۾ رهڻ ڏنو هو. باقي هوءَ انهن جون خوبصورت ڇوڪريون ڏسي ضرور سوچيندي ۽ دل ۾ ضرور ننديندي هوندي ته،
    جَسُ تِنِ جَيسر ميرياڻين، جَي لله ڪارڻ لَنڊيون
    ڪَبو ڪَوهُ سَتِين، جَي ڍَڪيو ڍَڪِين پَاڻ کي.
    هاڻي ته هوءَ صفا پوڙهي ٿي وئي آهي. پر اڄ به وٽس ميڙو متو پيو آهي. سندس ٽهڪن جا آواز ٻاهر به پيا ٻڌڻ ۾ ايندا آهن.
    هاڻي به هوءَ ايڏي خوش طبع ۽ خوش اخلاق آهي جو سندس مائٽن ۾ يا سندس برادريءَ ۾ ڪٿي به ڪنهن جي ڪا شادي، مڱڻي يا ڪا به خوشيءَ جي تقريب هجي ته، هوءَ ميندي ۽ محفلون پنهنجي گهر جي اڳيان شاميانه لڳائي/ تنبو هڻي ڪندي آهي. اهڙين تقريبن ۾ وڏيون محفلون، وڏا فنڪشنز، وڏا راڳ، وڏيون ڊانسون ۽ وڏا سودا ٿيندا آهن. سڄي رات محفلن ۾ چرس، سگريٽ، پان، ٻيڙي، ڳٽڪا، ۽ ڪُپين (ديسي شراب) ۽ ٺرن (ديسي شراب) جي دٻ لڳي پئي هوندي. اهي محفلون ماين ۽ مردن جون گڏيل هونديون آهن، جنهن ۾ عشق جا اظهار اڃا اُٽل (واڌو) هوندا آهن. ڪي لڪ لڪوٽيءَ ۾ ته ڪي کلئي عام.
    مايون، جيڪي سندس ڌيئون، ڀاڻيجيون ۽ ٻيون پاليل هيون، اهي پان وات ۾ وجهي، سگريٽ چپن جي مٿن ۾ جهلي، سوٽا هڻي نڪ ۽ وات مان دونهان ڪڍنديون، ريڪارڊنگ جيڪا لائوڊ اسپيڪرن تي فل واليوم ۾ هلي رهي هوندي، ان تي هڪ ٻئي جي ريس ۾ وجد ۾ اچي ائين نچنديون هيون، ڄڻ شڪاگو جي ڪنهن نائٽ ڪلب ۾ شيدياڻيون لاپرواهيءَ سان فن جو مظاهرو ڪري رهيون هجن.
    ميندين جا ٿال سجائجي دادليءَ جي گهر مان گهوٽ ۽ ڪنوار جي گهرن ڏانهن نڪرڻ مهل عورتن جا هار سينگار به ڏسڻ وٽان هوندا هئا. دادليءَ جي ڀاڻيجي ڪاري شيدڻ نمرا جڏهن ڪارا بخمل جا سونهري ستارن وارا ڪپڙا پائي سگريٽ چپن ۾ اٽڪائي اکيون بند ڪري، سيان چوڌريءَ جي مست پنجابي گاني تي نچندي هئي ته روڊن تان گذرندڙ گاڏيون به بيهي رهنديون هيون. ڪڏهن ته ماڻهو گاڏين مان لهي اچي نمرا جي مٿان گهورون گهوريندا هئا ته ماين جي هوڪارن سان عرش ٻُري ويندا هو.
    هاڻي ته هوءَ صفا جهور ٿي وئي آهي. سندس ياد داشت به هڪڙي ئي پٽ ۽ وڏي ڌيءَ جي مرڻ سان ختم ٿي وئي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ويٺي ويٺي پنهنجي ننڍي ڌيءَ کي چوندي آهي، ”امان، هلو ته پنهنجي گهر هلون، پرائي گهر ۾ رهندي به ڏس ڪيترا ڏينهن ٿي ويا آهن؟.“ حالانڪه هو پنهنجي گهر ۾ ويٺل هوندي آهي. اهڙي حال ۾ به جي ڪو سندس حال پڇندو ته انتهائي پيار ۽ شفقت مان چوندي، ”صدقو آهيان پنهنجي ٻچي تان، خوش آهيان.“
    هوءَ ڪيئن به آهي ڪهڙي به آهي پر جيئن به آهي جهڙي به آهي، اهڙي ئي ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
    وٽس ڪا به رياڪاري، منافقت، مصلحت ۽ مفاد پرستي نه هئي.
    اسان کي مڃڻو پوندو ته هن پنهنجي چهري تي ڪوبه دوکي ۽ دولاب جو کول نه چاڙهيو. جهڙو ڪردار هئس اهڙوئي ڏسڻ ۾ ايندو هو. کيس ڏسي مون کي هڪ فارسي شعر ياد اچي ويندو آهي،
    شيخ به زن فاحشه، گفت مستي
    ڪز خيز گستي و به شر پيوستي
    زن به گفت چنان ڪه مي نمايم هستم
    تو نيز چنان ڪه مي نمائي هستي؟
    (شيخ صاحب هڪ فاحشه عورت کي تنبيهه ڪئي ته، ’تو مستيءَ ۾ اچي چڱائيءَ جو رستو ڇڏي بڇڙائيءَ جي واٽ ورتي آهي.‘ عورت وراڻي ڏنس ته، ’آئون جهڙي آهيان. تهڙو پئي پاڻ کي ظاهر ڪريان. پر تون ته ٻڌاءِ تون جيڪو پاڻ کي پيو ظاهر ڪرين حقيقت ۾ اهڙو آهين به.؟‘).

    (ڪجهه مهينا ٿيا ته دادلي گڊي فوت ٿي چڪي آهي).


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 837
    ڪتابن جو مشاهدو: 2202052
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 558207
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ