شخصيتون ۽ خاڪا

مانجو ڪوھستان

هيءُ ڪتاب سنڌي ادب جي مانائتي ليکڪا ۽ شاعرہ محترمہ ج.ع. مُنگهاڻي صاحبه جو ڪوهستان جي سگهڙن ۽ سٻاجهڙين شخصيتن جي خاڪن تي مشتمل هڪ تحقيقي تصنيف آهي، جنهن ۾ پاڻ ڪوهستان جي گمنام شخصيتن جي ادبي، ثقافتي ۽ سماجي زندگيءَ سان گڏو گڏ اُنھن جي اُٿڻي ويھڻي، ثقافت ۽ روايتن کي نمايان انداز ۾ بيان ڪيو آهي.
Title Cover of book مانجو ڪوھستان

هڪ معجزاتي ڪردار صاحب ڏني بڪڪ (جمعاڻي)

سناسي خان بڪڪ (جمعاڻي) جي سؤٽ ۽ سندس جيون ساٿياڻي بيحد خوبصورت، سگهڙ ۽ علم حاصل ڪرڻ جي تمنائي، صاحب ڏني بڪڪ.
جبل ۾ اتي رهيل جتي سواءِ پنهنجن جي ڪجهه گهرن جي، ٻيو مڙئي الو الا، نڪو اوڙو نڪو پاڙو، جبل ئي جبل، مضبوط ڪوٽن جيان اڀا، لوهي ڪلن وانگر زمين ۾ ٺوڪيل.
ڏَونگَرَ ڀُونيين ڪِيرَ، سَڄڻ مَيخُون ڏُونگرين.
جتي ڪنهن مزمان (مهمان) مڙهي جو اچڻ به ڏکيو. سالين ڪالين ڪوٽِڙيو ڦڙِيو اچي منهن ڪڍندو ته کيس اکين ۾ اوتارا، هانءَ ۾ هنڌ ۽ جيءَ ۾ جايون ڏيندا، نه ڀائيندا ته ڪٿي وهاريونس.
صاحب ڏني، گهر ۾ سڀني کان ننڍي هئي ۽ گهڻي دادلي پڻ هئي. هوءَ دادلپائيءَ جي لائق به هئي، جو منجهس ڪو به ڪُرُ زياڻُ (عيب) ڪونه هو. هر نيت ۾ سوهڻي هئي.
اڃا 11-12 سالن جي مس هئي ته وٽن هڪ نوراني چهري وارو اڌڙوٽ سٻاجهو ماڻهو منمان (مهمان) ٿي آيو. انهن حسب دستور کيس مانَ مان آئِڪَر (ڀليڪار) ڪئي. جڏهن ٻڌايائين ته، ’سيد آهيان‘ ته کٽون هنڌ وڇائجي ويا، هٿ پير ڌئارڻ لڳا. دل جي دالانن ۾ دلبر وانگي رهايائونس. هن پنهنجو نالو سيد غلام رسول شاهه ٻڌايو. مايون به سندس منهن پيون، جيڪي عام مهمان جي اڳيان نه اينديون هيون. عام مهمان کي گهر کان پرتي ڇِتَرُ (تڏو) رلي وهاڻو، ڪَرڻو (ڪونئرو)، پاڻي کاڌو ڏبو هو. هيءُ ته سيد سڳورو هو، گهر منجهه ئي رهايائونس.
جهنگ جبل، جتي ڪنهن ملي موراڻي جو به اچڻ وڃڻ نه هو جيڪو مُئي جيئري کي سُرهو ڪري. هي ته سيد پير هو. وٽس ڪل مڏي هڪ تسبيح ۽ ٻيو بڪچو (بجڪو) هو، جنهن ۾ قرآن شريف هو. پاڻ نماز پڙهي جڏهن قرآن شريف جو دور مٺي آواز سان ڪرڻ لڳو ته، هرڪو اکين ۾ پاڻي ڀري سِرڪي اچي وٽس ويٺو.
ڪوهستان جو ماڻهو عقيدي جو ڪمزور ڪونهي. جهڙو جبل مضبوط تهڙا پاڻ به مضبوط، مسلمان ته مسلمان، هندو ته هندو. بس، ٻي نڪا ويل (ويڪرائي)، نڪا ڊيگهه، نڪو منڊ ڪامڻ تي وسهن نڪو تعويذ پليتي کي مڃين.
پرهي ته سيد سڳورو آيو هو، ان جو ته نمونو ئي اورُ (ٻيءَ طرح) هو. آواز جهيڻو ۽ مٺو. قرآن شريف جو دور قرئت سان ڪيائين ته، ڄڻ ڪَنجهايِڻڪا ڪري وڳا، سڀني جا پوزرا اڀري وار ڪانڊارجي ويا.
صاحب ڏني معصومڙي به اچي سائينءَ جي ويجهو ويٺي. سائينءَ قرآن شريف بند ڪري سندس ملوڪ منهن ۾ نهاري پاٻوهه مان پڇيو، ”امان، قرآن شريف پڙهنديءَ“. صاحب ڏنيءَ جون روشن اکيون تارن وانگي ٽمڪي پيون. هن هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ته سائينءَ اٿي وڃي کيس وضو ڪرايو. پاڻ سان گڏ ويهاري کيس قرآن شريف پڙهائڻ لڳو.
سڀ ئي مائٽ حيرانيءَ مان ڏسڻ لڳا ته، جيئن جيئن سائين پڙهائيندو وڃي، تيئن تيئن هيءَ ٻارڙي به سندس پويان پڙهندي پئي وڃي.
سائين کيس ڏينهن رات پڙهائڻ لڳو ۽ هوءَ بنا تنگ ٿيڻ جي ڏينهن رات شوق سان قرآن شريف پڙهندي هئي. هڪ ته سائينءَ جي پڙهائڻ جو حيرتناڪ طريقو ۽ ٻيو ان ٻارڙيءَ جي ذهانت، شوق ۽ اڻورچائي. هوءَ قرآن شريف پاڻيءَ وانگر پيئڻ لڳي. اڃا هفتو مس ٿيو هو ته سائين انهن کان ائين چئي موڪلائي ويو ته، ”وري ايندس.“
انهن کيس گهڻو ئي جهليو ته اڃا ٻه ٽي ڏينهن رهي پئو، ترسو پر هن نه مڃيو. صاحب ڏني کيس حيرت مان تڪي رهي هئي. جڏهن سائينءَ هن کان به موڪلايو ته هن رڳو ايترو چيو، ”سائين، منهنجو قرآن شريف اڃا پورو نه ٿيو آهي.“ ته سائينءَ مشڪي ڏانهنس ڏسندي سندس مٿي تي پيار مان هٿ گهمائي چيو، ”امان، تون فڪر نه ڪر! آئون توکي سڄو قرآن مجيد پڙهائي پوءِ ويندس.“ هو هليو ويو.
سائينءَ جي شخصيت اهڙي عجيب ۽ ايڏي سنجيده هئي جو ڪنهن کي به ساڻس گهڻو ڳالهائڻ جي همٿ نه ٿيندي هئي.
ٻه ٽي ڏينهن گذريا ته سائين موٽي آيو. سڀ ئي حيران پريشان ته ڪيڏانهن ويو هو؟ ڪيئن آيو آهي؟ نه اٺ نه گهوڙو نه ئي ٻي ڪا سواري اٿس...... پر هو پڇي نه سگهيا.
وري به هفتو مس رهيو ۽ وري هليو ويو. نڪو ڪير پڇي سگهي، نڪو ڪير جهلي سگهي. ڄڻ مٿس صاحب ڏنيءَ کي قرآن شريف پڙهائڻ جي ذميداري رکيل هئي، جيڪا هو نڀائي رهيو هو.
وري آيو، وري ٻه ٽي ڏينهن رهي وڃڻ لڳو ته ماڻهو به ساڻس گڏ هلڻ لڳا. جيئن جبل وارن جو دستور آهي ته مهمان کي موڪلائڻ مهل ساڻس گڏجي اڌ واٽ تائين ته ضرور وڃبو آهي. ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ به جابلو ماڻهن جو اهو ئي دستور آهي. دروازي تائين ته ضرور ساڻس گڏجي وڃبو. يا جي گاڏي آهي ته گاڏيءَ تائين گڏجي وڃبو.
جهنگ جبل ۾ ته مانائتي مهمان سان پري پري تائين گڏ وڃي واٽ تائين ڇڏي ايندا آهن.
سائين ته وڏي کان به وڏو مانائتو مهمان هو جنهن سان اڳ به وڃڻ چاهيائون، پر سائينءَ جو بيزاريءَ وارو رويو ڏسي ڊڄي بيهي رهيا. هاڻي جو سائين ٻه ٽي ڀيرا آيو ته کين ٿوري همٿ ٿي. اهي وڃڻ مهل ساڻس گڏ هلڻ لڳا ته سائينءَ کين سختيءَ سان منع ڪندي ائين به چيو ته، ”جڏهن به آئون وڃان ته، مون سان گڏ ۽ منهنجي پويان ڪوبه نه اچي.“ ائين چوندي سندس نوراني چهري تي قدرتي جلال اچي ويو هو ۽ ماڻهن کي ڄڻ تنبيهه ٿي وئي.
سائين، جڏهن ائين چئي هليو ويو ته هڪ همراهه چيو، ”سائين اسان کي پنهنجي گُڏَ (پٺيان) ۾ اچڻ کان ڇو ٿو جهلي؟ سو به ڪاوڙجي، اڄ آئون به ڏسندس.“
جبل جو ميداني علائقو هو. سائين پيرين پيادو وڃي رهيو هو. هي سڀ ئي کيس ويندو ڏسي رهيا هئا. جڏهن سائين گهڻو پري هليو ويو ۽ مس ڏسڻ ۾ ٿي آيو ته اهو همراهه اٿيو ۽ سائينءَ جي پويان پيو . اهڙي نموني سان جو سائينءَ کي ستين واءَ مان واءُ به نه پوي!
هلندي هلندي هڪ هنڌ هڪ ننڍو وڻ آيو. سائين وڻ جي پٺيان ويو ته وري نه نڪتو همراهه جبل جو هو. جبل وارن جي نظر تيز ٿيندي آهي. هن هيڏانهن، هوڏانهن ڏٺو. پر سائين ظاهر نه ٿيو. همراهه حيران ٿي ويو. يڪو وڻ کي تڪڻ لڳو ته هير (هينئر) ٿو نڪري.... هير ٿو نڪري. جڏهن گهڻي دير ٿي ۽ سائين، اڳيان پويان، آسي پاسي ڪٿان به نه نڪتو ته هو ڊوڙندو ڊوڙندو وڻ وٽ آيو. اچي ڏسي ته اتي ڪير به نه هو. همراهه اچي پريشان ٿيو ته کلي پَٽَ ۾ جتي پٿرو مُٽِڪَو سڀ پڌرو آهي. اتي هيڏو سارو ماڻهو ڪيڏانهن غائب ٿي ويو؟ وري جان هيٺ نهاريائين ته پيرن جا نشان وڻ وٽ اچي دنگ ٿا ڪن. نه هيڏي نه هوڏي نه اڳيان نه پٺيان. همراهه جبل جو سياڻو ماڻهو هو ۽ پيرن جي سَرَٽَنِ (نشانن) جو سَراز (ماهر) هو.
وري ڊوڙيو گهرن ڏانهن اچي سڀني سان اها روئداد اوريائين. سڀيئي ڊوڙيا ان وڻ ڏانهن. وڻ وٽ اچي ڏسن ته واقعي اها ڳالهه هئي ته، پيرن جا سَرٽ وڻ کان ٻاهر ڪيڏانهن به ڪونه ٿي ويا. هرڪو حيران پريشان موٽي آيو.
صاحب ڏنيءَ جو اهو سڀ ٻڌو ته اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي. چوي ته، ”جڏهن سائينءَ چيو هو ته منهنجي پٺيان متان اچو ته پوءِ ڇو وياءُ هاڻي الائي اچي نه اچي...“ هوءَ روئڻ لڳي ته سڀني کي گهڻو ڏک ٿيو.
اڃا مس ٻه ٽي ڏينهن ٿيا هئا، ڏسن ته سائين غلام رسول شاهه پيو اچي. بنا ڪنهن فرق جي اڳوڻيءَ وانگيان ماٺ ۽ سنجيده. سڀ گهڻو خوش ٿيا. زالين مڙسين ڊڊي ڊوڙ ٿي وئي، سڀ مڙي اچي مُچ ٿيا. صاحب ڏني ته گلاب وانگيان کڙي رهي هئي.
صاحب ڏني کي قرآن شريف پڙهندي مس ڪو مهينو ڏيڍ ٿيو هو ۽ هوءَ بنا پڙهائڻ جي پاڻ ئي قرآن شريف پڙهڻ لڳي هئي. سڀ خوش ۽ حيران هئا.
سائينءَ کي نڪا حيرت نڪا خوشي، انهن ئي ڪجهه ڏينهن ۾ صاحب ڏني قرآن شريف ختم ڪرڻ واري هئي، جيڪو هڪ انوکو معجزو ۽ ڪارنامو هو ته جبل جي هڪ 11- 12 سالن جي ڇوڪري جنهن اڳ زندگي ۾ ڪڏهن ڪو ڪتاب اکين سان نه ڏٺو هو نه ئي ڪو اکر.... اها ڪيئن ٿي ايترڙن ڏينهن ۾ سڄو قرآن شريف پڙهي سگهي!! پر ائين ٿي رهيو هو.
سائينءَ ايندي ساڻ پاڻي پيتو. صاحب ڏني وضو ڪري قرآن شريف کنيو ۽ هو کيس پڙهائڻ لڳو. سڀ حيرانيءَ مان ڏسندا رهيا ته سائين هميشه پيرين پيادو (پيدل) ايندو آهي. پرنڪو ٿڪ نڪو ٻيو تازو توانو.
قرآن شريف پڙهائيندي اوچتو سائينءَ چيو، ”بابا، پٽ، هاڻي تنهنجو قرآن شريف پورو ٿيڻ وارو آهي.“ صاحب ڏني خوش ٿيڻ لڳي. سندس مائٽ به حيران ۽ خوش هئا ته ٻارڙي ائين شوق ۽ باقاعدگي سان پڙهي رهي آهي.
سائينءَ کيس آخري سورتون پڙهائيون. اهي جڏهن صاحب ڏنيءَ پڙهيون ته کيس دعاختمھ القرآن پڙهائي. 14 سجدا ڏياريائين. ۽ پوءِ دعا گهري ڪلمو پڙهي سندس مٿي تي هٿ رکي کيس مبارڪ ڏنائين. بعد ۾ سندس پيءُ مُنگهي خان بڪڪ کي پڻ مبارڪون ڏئي چيائين، ”قرآن پاڪ پورو ڪرڻ تي شڪراني جو نياز ڪريو.“ منگهي خان بڪڪ ٻڪر ڪهي نياز ڪيو ۽ سائينءَ کي اجرڪ پارايا.
ٻئي ڏينهن تي سائين غلام رسول شاهه، صاحب ڏني جي مٿي تي چمي ڏئي کيس قرآن شريف سوکڙي ڏيندي چيو، ”قرآن پاڪ کي پڙهندي رهجانءِ هاڻي آئون هلان ٿو.“
ڪنهن کي به کيس روڪڻ جي همٿ نه ٿي سڀ ماڻهو سائينءَ لاءِ سوکڙيون ۽ الائي ڇاڇا کڻي آيا. منگهي خان بڪڪ کيس سوکڙيءَ ۾ اٺ ڏنو ته سائينءَ چيو، ”بابا، آئون هيڏي بار کي ڇا ڪريان؟“ سڀني کي سڀ موٽائي ڏئي وڃڻ لڳو ته مڙئي ساڻس روئي موڪلائڻ لڳا.
صاحب ڏنيءَ روئندي،لڙڪ لاڙيندي، سڏڪندي چيو، ”سائين، وري اچجو.“ سائينءَ انهرو ٿي جواب ڏنو، ”امان، پٽ، يا نصيب......“ ۽ هليو ويو.
سائين جڏهن سڀني کان موڪلائي هليو ويو ته ساڳيو همراهه جيڪو اڳ به سائينءَ جي پٺيان ويو هو، اهو وري به سائينءَ جي ڪَڍ ويو. تجسس ته هو!!. ڪيئن ٿو وڃي؟ ڪيڏانهن ٿو وڃي؟ اٺ به موٽائي ڏنائين.
ٻيا ته سڀ تجسس هوندي به سائينءَ جي چوڻ جي احترام ۾ سندس پويان نه ويا ته، ”منهنجي پٺيان نه اچو.“ پر ان نوجوان کي اڻ تڻ ته هئي ۽ جائز به هئي، ڇو جو وڻ جي پويان سائينءَ کي هن غائب ٿيندي ڏٺو هو.
هُو لڪي لڪي وري به سائينءَ جي پويان ۽ پري پري کان هلندو رهيو. جڏهن تمام گهڻو پنڌ ٿيو ۽ نوجوان به هلي هلي ٿڪجي پيو ته هن اهو اڻ وسهندڙ منظر ڏٺو، جيڪو تصور کان به ٻاهر هو. هن ڏٺو ته اوچتو سائين زمين کان مٿي ٿيو ۽ اڏامندو نظرن کان غائب ٿي ويو. نوجوان جا اوسان خطا ٿي ويا. هو بيهوش ٿي ڪري پيو. سندس پويان ماڻهو کيس ڳوليندا آيا جن اچي کيس بيهوش ڏٺو. ڪنهن وٽ پاڻيءَ جي اوئي (پخال) هئي جنهن مان ٻڪ ڀري مٿس ڇٽيائون، تڏهن هو مس هوش ۾ آيو پر گهڻو ٻاتاڙيل هو.
ماڻهو کيس گهر وٺي آيا جڏهن هو سامت ۾ آيو ته سڀني سان اها ناقابل يقين ڳالهه سربستي ڪري ٻڌايائين. سڀ ئي ڳوٺ وارا مائٽ ڊوڙي آيا. وري به سڀني کي ساڳي ڳالهه نئين سئين پيو ٻڌائي. اتي هڪ ڌراڙ ڊڄندي ڊڄندي چيو، ”مون به اهڙو لقاءُ ڏٺو.“ سڀني ڇرڪي کيس ڏٺو ۽ چيو، ”تو ته ڳالهه ئي نه ڪئي ڇو؟ ننڍي ڳالهه ته نه هئي؟“ چيائين، ”مون کي پنهنجي اکين تي پاڻ ئي ڪو ويساهه نه ٿي آيو. مون ڀانيو ته منهنجي اکين ۾ تِرِمِرِ ٿي رهي آهي. جي ٻين سان ڳالهه ڪندس ته سڀ ئي ٺٺوليون ڪري بينوايو، بينوايو چئي مٿو کڻندا (چريو ڪندا)“.
سڀني چيس ته، “هاڻي ته ٻڌاءِ ڇا ڏٺئي؟“ چيائين، ”مال چارڻ ته روز ويندو آهيان تنهن ڏينهن به مال سان گڏ هيم. مال کي واري ورائي پي چاريم ته پري کان سائينءَ کي ڏٺم. ڏسان ته سائين وکون ته کڻي ئي نه پيو. مون کان گهڻو پري هو. پر آئون کيس ڏسي سگهيس پي ته هو زمين کان مٿي هو. ۽ هليو نه ٿي اڏاڻو پي. اکيون مهٽيم، گُٺيم (اگهيم)، ته الائي رڃ آهي يا ڇا؟ پر پوءِ چٽو ئي ڏٺم ته هو اڏامندو، اڏامندو گم ٿي ويو هو.“
سائين غلام رسول شاهه جي اها ڪرامت، معجزو ۽ ڪرشمو جبل جي وڏڙن کي ياد آهي، ۽ اها ڳالهه ننڍن ۾ به مشهور آهي.
صاحب ڏني جيڪا اڳ ئي پنهنجي سلڇڻيءَ طبيعت جي ڪري دادلي هئي. اها وڌيڪ عزت ۽ احترام واري ٿي وئي. هوءَ جڏهن وضو ڪري قرآن شريف جو دور قرئت سان ڪندي هئي ته ماڻهو عقيدت مان روئي پوندا هئا. سندس مٿي تان هٿ گهمائي چوندا هئا، ”ڀاڳن واري آهين. جنهن کي قرآن شريف پڙهائڻ لاءِ ڌڻيءَ عرشن مان اڏمندڙ فرشتو موڪليو. ملائڪ موڪليو هو.“
صاحب ڏني هئي به اهڙي ئي حيادار، ننڍپڻ ۾ ئي سندس مڱڻو سندس سؤٽ سناسي خان بڪڪ (جيڪو پڻ ڪوهستان جي هڪ ڪردار جي صورت ۾ ڪتاب ۾ موجود آهي) سان ٿيل هو. اڃا مس سامائي ته سندس شاديءَ جون تياريون شروع ٿي ويون، هوءَ پرڻجي سناسي خان بڪڪ جي گهر آئي. ٻئي هڪ جهڙا سهڻا ۽ ذهين هئا، مائٽ کين گڏ ڏسي ٺرندا هئا. ڄڻ ٻنهي کي رب چونڊي هڪ ٻئي لاءِ بنايو هو.
سناسي خان بڪڪ جون مصروفتيون انتهائي حيران ڪندڙ ۽ پراسرار هيون. جنهن جي ڪري هو گهر کي وقت گهٽ ڏئي سگهندو هو. پر صاحب ڏنيءَ ڪڏهن به منهن نه گهنجايو. سندس غير موجودگيءَ ۾ مڙئي ذميداريون پنهنجي مٿي تي کنيائين. ڇو جو گهر ۾ سواءِ سندس چاچيءَ (سس) جي ٻيا سڀ مرد هئا. يعني سناسي خان وارا پاڻ ۾ ڇهه (6) ڀائر هئا ۽ کين ڪا ڀيڻ نه هئي.
صاحب ڏنيءَ جا مائٽ حيران هئا ته هيڏي دادلي، جنهن گهر ۾ ڪک ڀڃي ٻيڻون نه ڪيو (هن کان وڏيون ٽي ڀينرون هيون ۽ اڪابر ماءُ ڀنڀي هئي)، اها ڪيئن پئي سڄي گهر جا مَڏالا (ذميداريون) کڻي!!
جهنگ جبل جي رَهَڪ (رهڻي ڪهڻي) ڀلي ڪيڏي به سکي هجي، پوءِ به گهڻي اوکي ۽ خطرن سان ڀريل هوندي آهي. ڪک پن، ڪاٺي پاڻي وغيره سڀ گهر لاءِ عورتن کي ئي ڪرڻو پوندو آهي. پنڌ وڏا جتي اُٺ کان سواءِ ڪا سواري به نه هجي. جبلن جي پنڌ ۾ اٺ جي سواري به گهڻي ڏکي هوندي آهي. ماڻهو ڀانئين اُٺ گهوريو (ٺهيو) پير ئي وڏي سواري آهن.
هڪ ڀيري سندس ڀيڻ ڪَملُ (ڪَمي) وٽس آئي ته، ”امان ٺيڪ ڪانهي توکي ياد ٿي ڪري....“ هن ڊڄي چيو، ”گهڻو ٺيڪ ناهي ڇا؟“ ڪمل کلي چيو، ”امان جي دادلي آهين سو زهيري (اڪنڊي) آهي سو.....“
سناسي خان سفر تي اسهيل هو. هُن پنهنجي چاچيءَ (سس) کان موڪل ورتي، ۽ ڀيڻ سان گڏجي ماءُ جي گهر وڃڻ لاءِ نڪتي جيڪو هڪ ٻن جبلن جي پٺيان هو.
صاحب ڏني گهر مان نڪتي ته پاڻ سان لٺ به کنيائين ته ڪمل کلي چيس، ”پُرهه (مرد) آهين ڇا لٺ ڇو کئين اٿئي؟“ کلي ڀيڻ کي چيائين، ”تو جهڙي ڀاڙي آهيان ڇا، جو پاڻ ڦرائينديس.“
ڪمل کلي چيو، ”طعنو ٿي هڻين؟“ ڀيڻ کي کلي ڀاڪر پائي چيائين، ”ماڻهوءَ کي ايڏو به ڊڄڻو ۽ ڪمزور ٿيڻ نه گهرجي، جيئن تون. گهٽ ۾ گهٽ ماڻهو پنهنجي سنڀال ته ڪري سگهي. لَٺ ان لاءِ کنئين اٿم ته جهنگ جبل آهي. متان ڪو نانگ بلايا گدڙ ڀڳاڙ اڳيان اچي.... ته به ماڻهو سکڻا هٿ ته نه هجي.“
ڪمل خوف مان درڙي ڀري چيو، ”پوءِ تون ڇا ڪندينءَ! انهن سان دَهَدُور (مدمقابل) ٿيندينءِ ڇا؟ منهنجو آسرو متان ڪرين. آئون ڀڄي وينديسان.“
صاحب ڏنيءَ ڀيڻ ۾ نهاريو جيڪا هراسجي وئي هئي. چيائينس، ”نه، نه دهدور ڪونه ٿينديس، ڪجهه ڪونه ٿيندو، هل.“
صاحب ڏنيءَ واريون پاڻ ۾ چار ڀينرون سمل (سمي)، ڪمل (ڪمي)، آسودي ۽ پاڻ صاحب ڏني ۽ هڪ ڀاءُ ڇٽو خان بڪڪ هو (جيڪو پڻ ڪتاب ۾ هڪ ڪردار طور آيل آهي).
وڏي ڀيڻ سمي تمام گهڻو بهادر ۽ ساهو (برداشت ڪرڻ واري) هئي. ان کي سهڻ لاءِ ڏک به وڏا آيا. کيس ٽي ٻار هئا. ٻه پٽ پنهون ۽ لونگ، ۽ هڪ ڌيءَ هئي. ٽئي ٻار جانٺا، جوان، قداور ۽ طاقتور بهادر ۽ عزت وارا هئا. جن کي ڏسي غيرن کي حيرت وٺي ويندي هئي ته هيڏا طاقتور ماڻهو به ٿيندا آهن!!
سندس وڏو پٽ پنهون ايڏو ته طاقتور هو جو هڪ ڀيري ماءُ سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ ڪيڏانهن ويو ٿي. پتڻ تي ٻيڙيءَ ۾ ڪي اٺ ۽ جوان گورا به چڙهڻا هئا، جيڪي نه ٿي چڙهيا. ماڻهن گهڻيون ئي ڪوششون ڪيون. زور ڏنا پر گورا ٻيڙي ۾ چاڙهي نه سگهيا. هونئن به اٺ لاءِ مشهور پهاڪو آهي ته، ”ائين ٿو گَهَلَ ڪري جيئن پتڻ تي اُٺُ.“ اهو سڀ ڏسي پنهون اڳيان وڌيو ۽ هڪ هڪ گوري کي اڪيلي ئي ڪلها ڏئي ڀاڪرن ۾ ڀري اڇلائي ٻيڙي ۾ وڌو. اهو ڏسي ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي ويون ٻنهي ڀائرن کي ڏسي ماڻهو سندن ماءُ سميءَ کان پڇندا هئا ته، ”امان، پٽ خوراڪ (طاقتور قسم جي معجون) تي پاليا اٿئي يا ڍاٽيءَ (طاقتور مرد) جو نسل آهن؟“ ته سمي پٽن ڏانهن نهاري چيو هو ته، ”جيجل، پليا ته رَٻَ تي آهن. باقي ڍاٽيءَ جو نسل ضرور آهن.“
سميءَ جو گهر وارو الله رکيو به نهايت قداور، بهادر ۽ طاقتور مڙس هو جنهن جي هڪڙي لپاٽ (چماٽ) لڳڻ سان ڪنهن ماڻهو کي نڪ وات ۽ ڪن مان رت وهڻ جاري ٿي ويندو هو. جنهن چيو ته، ”هن کي هٿن ۾ وڏيون منڊيون پاتل آهن.“ جڏهن هن پنهنجا هٿ ڏيکاريا هئا ته کيس ڪا هڪ به منڊي پاتل نه هئي.
اولاد سان هر ماءُ پيار ڪندي آهي. پر سميءَ جو پنهنجي ٻارن ۾ ساهه اٽڪيل هئي. وري قدرت جا انصاف ۽ تماشا ڏسو ته سندس ٽيئي ٻار ڦوهه جوانيءَ ۾ سندس ئي اڳيان گذاري ويا.
جڏهن پنهون ۽ پني لڌي (ڌيءَ) کان پوءِ سندس آخري سهارو سگهارو پٽ لونگ گذاري ويو ته، هوءَ جيڪا عقل جي اڪابر هئي ٻين کي متيون ڏيندي هئي اها پاڻ مَتِ وڃائي ويٺي. پٽ جو جنازو گهر ۾ اندر رکيل هو. ۽ هوءَ گهر کان ٻاهر نڪري چيلهه ٻڌي پٽڻ ۽ شاهه جا بيت پارن ۽ اوسارن ۾ چوڻ لڳي. هي بيت ته هرڪو سندس ڳالهه ڪندي هاڻي به ٻڌائي ٿو ته سميءَ پنهنجي پٽ جا پار ڪندي هي بيت چيو هو،

”گهوڙن هنئين سڀڪا، اٺن هنيس آنءُ
جا نينهن ڳنهندي نانءُ، سامون جيئن پوندي مامري.“

صاحب ڏنيءَ جي ٻي ڀيڻ ڪمي (ڪمل)، جيترو سندس ٻيون ڀيڻون بهادر هيون اوتري ئي هيءَ وري صفا ڊڄڻي هئي. جڏهن سندس نئين نئين شادي ٿي هئي، يعني اڃا هوءَ ڪنوار هئي. زيور وغيره به سڀ پاتل هونداهيس پر جيئن جبل جو دستور آهي ته، گهر جي ڪاٺي پاڻي عورتن جي حوالي هوندي آهي، سو ڪمي به پاڻي ۽ ڪاٺي لاءِ گهران نڪتي. ٻيون سهيليون، ساهيڙيون اڳ نڪري ويون هيون هيءَ به سندن پٺيان نڪتي. اڃا اڌ واٽ ۾ هئي ته سامهون هڪ ماڻهو سڄو چادر ۾ ويڙهيو- سيڙهيو بيٺو هو. ان نڪو ڳالهايو نڪو ٻولاهيو رڳو ماٺ ڪيو وچ واٽ تي بيٺو هو. ڪميءَ ڇاڪيو جو دانهن ڪري کيس چيائين، ”جيڪو به آهين متان اڳتي وڌيو آهين. مون وٽ جيڪو به آهي اهو پٿري تي رکيو ٿي وڃان. هڪدم پنهنجا سمورا زيور، نٿ سميت ڪڍي پٿري تي رکيا ته اهو ماڻهو، جيڪو سندس ڪو سؤٽ ماسات هو جنهن ڀوڳ ڪرڻ ۽ کلائڻ لاءِ اهو سانگ ڪيو هو. تنهن ٽهڪ ڏئي اجرڪ منهن تان هٽايو. پرهوءَ ايڏي ته ڊنل هئي جو سڀ زيور ڪڍي اڇلائي وٺي گهر ڏانهن دانهون ڪندي ڀڳي هئي. اهو ماڻهو به زيور کڻي سندس پٺيان ئي، ”ادي، ادي“ ڪندو پي آيو، گهر اچي هوءَ بيهوش ٿي ڪري پئي.
سندس گهر واري ان ماڻهوءَ سان ڏاڍي جٺ ڪئي. کيس ڇڙٻون ڏنائين ته، ”هي ڪهڙو ڀوڳ آهي؟ توکي ته خبر آهي ته هوءَ ڊڄي ٿي، صفا ڪو چٺ آهين. منهنجي گهر واريءَ کي جي ڪجهه ٿيو ته......“
پوءِ مس مس ڪري کيس هوش ۾ آندو هئائون. ٽين ڀيڻ آسودي جيڪا جواني ۾ ڪنواري ئي گذاري وئي، اها پڻ نهايت طاقتور ۽ سگهاري هئي. سندس مڱڻو ٿيل هو. جبل ۾ ڇوڪري پنهنجي مڱيندي کان منهن ڍڪيندي آهي.
هڪ دفعي سندس خاندان جي مردن ۾ اهو مقابلو ٿيو ته ٿَيرَ (وڏو ٻڪر) جي وڍيل ڪچي سِسِي (منڍي) کي ڪير ٿو طاقت ۽ زور سان وات ڦاڙي ٻه اڌ ڪري سگهي؟ گهر جون عورتون به گڏ هيون. جبل جون عورتون طاقتور ۽ سگهاريون آهن، جيڪي گهر ۾ ٿيندڙ اهڙن مقابلن ۾ حصو به وٺنديون آهن. سڀني پي زور آزمايو، آسوديءَ جو مڱيندو به مقابلي ۾ شامل هو جنهن جي ڪري هوءَ گهر جي اندر ئي هئي. سندس مڱيندي کي پنهنجي مڱينديءَ جي طاقت جي خبر هئي. ڇو ته اها سندس سؤٽ هئي. ان چيو ته، ”سِسِي گهر اندر وڃي آسوديءَ کي ڏيو ته اها به سگهه آزمائي!“ سڀني چيو، ”سهي آهي.“
عورتون سِسِي کڻي اندر آسوديءَ وٽ آيون. ۽ کيس چيائون ته، تنهنجي مڱيندي تنهنجي سگهه آزمائڻ لاءِ موڪلي آهي.“ هن عورتن کان سسي ورتي ۽ هڪ ئي سٽ سان سسي کي ٻه اڌ ڪري کين موٽائي ڏني، ته سڀني ماين، مردن جا ٽهڪ ٽڙي پيا. هر طرف واهه واهه ٿي وئي.
صاحب ڏني ڇوٿين نمبر تي هئي ۽ سڀني کان گهڻو مختلف هئي. هوءَ بهادر، بي ڊپي ۽ بيپرواهه هئي. جهنگ جبل ۾ بنا ڪنهن خوف جي هليو ويندي هئي.
صاحب ڏني ۽ ڪمي ٻئي ماءُ ڏانهن وڃي رهيون هيون. ٻن جبلن وارو پيٽ جهاڳي اڳئين جبل تي چڙهيون. وَسَ (مينهن) جي مند هئي. جبل سڄو ڏٿ مان چنجهڻيون (مڪمل ڀريل) هو. ٻئي ڀينرون هلنديون، کلنديون ڪٿان ڳاڱي، ڪٿان ڳاڱو، ڪٿان چڀڙ، ڪٿان کٽالي، ۽ ڪٿان ٻير، ڇننديون داڻو داڻو وات ۾ وجهنديون چٻينديون پي وييون ته، اوچتو واسينگ نانگ جو ڦوڪارو ٻڌائون. ٻئي ڇرڪي بيهي رهيون جان نهارين ته واٽ تي سامهون ئي سامهون هڪ اجگر واسينگ ڦڻ ڦلهاريو کين گهوري رهيو آهي. ڪمي ته وٺي جبل جي ٻي پاسي کان ڀڳي، پر صاحب ڏني بيهي رهي، جيئن ئي واسينگ وڌيو هُن جي لٺ وڄ وراڪو ڪري نانگ جي مٿي ۾ لڳي ته نانگ مُچَ (ڍير/ گڏ) ٿي ويو . وري ٻي لٺ به ساڳئي طرح نانگ جي مٿي ۾ هنيائين ته نانگ پورو ٿي ويو. نانگ ماري ڀيڻ کي سڏيائين ته کيس ڪوبه جواب نه مليو. هوءَ لٺ هٿ ۾ جهلي مشڪندي جبل تان هرڻي وانگي ڇالون ڏيندي، ماءُ جي گهر پهتي ته ڪمي رليءَ ۾ ڌڙڳي (ڏڪي) رهي هئي. صاحب ڏنيءَ ٽهڪ ڏئي سندس منهن تان رلي کنئين (هٽائي) ته هوءَ ٻَري (تپ) جي لُٽِ (گهڻو) ۾ هُڙِڪِي رهي هئي. کيس ڊپ مان سيئوٻرو (سرديءَ سان بخار) اچي ويو هو.
صاحب ڏني ماءُ سان ملي، کيس ٺيڪ ڏسي کلي ڪميءَ ڏانهن اشارو ڪري پڇيائين، هِن کي ڇا ٿيو آهي؟“ ماءُ مشڪي چيس، ”نانگ، نانگ ڪندي اچي رليءَ ۾ پُتِرِي (گهڙي) آهي.“ ايتري ۾ سندس ڀاءُ ڇٽو خان بڪڪ به آيو جنهن کي نانگ مارڻ جي ڳالهه ٻڌايائين، جنهن چيو ته، ”ائين ڪڏهن به ڪاري نانگ کي ماري اڇلائي نه ڇڏبو آهي! نانگ جو مٿو چِلي (چٿي) کيس کفڻ (ڪفن) ڏئي ڍڪبو (دفن ڪبو)آهي.“
صاحب ڏني، ڀاءُ ۽ سؤٽن سان گڏجي مٿي جبل تي آئي ۽ اچي کين مئل نانگ ڏيکاريائين. ڇٽو خان بڪڪ غير معمولي شخصيت جو مالڪ هو، جنهن هڪدم نانگ جي اکين ۾ نهاريو (چوندا آهن ته نانگ کي جڏهن ڪو ماريندو آهي ته مارڻ واري جي تصوير نانگ جي اکين ۾ رهجي ۽ چٽجي ويندي آهي، جي نانگ نر هوندو ته نانگڻ اچي اکين ۾ چٽيل تصوير ڏسندي آهي. جي نانگڻ ماريل هوندي ته نَرُنانگ اچي اها تصوير ڏسندو آهي ۽ پوءِ پلاند ڪندا آهن نانگ جو بدلو وٺڻ واري ڳالهه دنيا ڄاڻي ٿي). بلڪل ائين ئي ڇُٽي خان نانگ جي اکين کي ڏٺو پر نانگ جو مٿو ۽ اکيون چٿيل هيون ۽ وات مان ڪا شيءِ نظر اچي رهي هئي. هُن نمي (جهڪي) ڏٺو ته نانگ جي وات ۾ ڪنهن ٻيءَ بلاجي پڇڙي ظاهر ٿي رهي هئي. ڇٽي خان بڪڪ نانگ جي پڇ تي لت رکي وات ۾ پيل پڇڙي کي جو ڇڪيو ته، اها نڪرندي آئي تان جو اها سڄي ڪوراڙ بلا ظاهر ٿي، جنهن کي واسينگ نانگ ڳهي ويو هو. ٻنهي کي ماپيائون ته اهي تقريبن ست ست فٽن جون هيون. انهن بلائن کي پنهنجي قد سان ماپيائون، جيڪي پاڻ به ڇهن فٽن کان مٿي هئا ۽ بلائون ته انهن کان به ڊگهيون هيون. انهن کڏون کوٽي ٻنهي بلائن کي ڪپڙي ۾ ويڙهي دفن ڪري موٽي آيا.
سناسي خان بڪڪ جڏهن سفر کان موٽيو ۽ کيس پنهنجي سورهيه سياڻي گهر واريءَ جي نانگ مارڻ واري ڳالهه جي خبر پئي ته ڏاڍو خوش ٿيو.
سناسي خان کي پنهنجي گهر واريءَ سان ڏاڍو چاهه هو. هو سندس غير موجودگيءَ ۾ سندس ذڪر خوشيءَ ۽ فخر سان ڪندو هو. پنهنجا سڀ سؤٽ ماسات جڏهن گڏ ڪچهري ڪندا هئا ته، سناسي خان بڪڪ پنهنجي گهر واري ۾ پيار مان نهاري چوندو هو ته، ”مون کان پوءِ صاحب ڏني کان وڌيڪ قابل ۽ بي ڊپو ماڻهو مون کي گهٽ نظر اچي ٿو.“ صاحب ڏني ڊڄي ڇرڪي سندس چپن تي هٿ رکي چوندي هئي، ”ائين نه چئو آئون شال توکان اڳ وڃان.!!
سناسي خان بڪڪ شاندار ٽهڪ ڏئي چوندو هو، ”الله ڪري ته آئون تنهنجي وڃڻ جو نه ٻڌان.“
اهو سڀ ڏسي ۽ ٻڌي سندن خاندان وارا انهيءَ خوبصورت، شاندار ۽ بهادر جوڙي جي وڏي ڄمار لاءِ دعائون گهرندا هئا.
لطيف سرڪار کي آئون هميشه پراسرار چوندي آهيان جيڪا حقيقت به آهي. جهنگ جبل، جتي ڪنهن تعليم جو ڪو تصور به ناهي، لکڻ پڙهڻ پنهنجي جاءِ تي، جتي ڪنهن ملي موراڻي جي به پهچ ڪانهي. اچ وڃ ناهي، اتي لطيف بادشاهه جو ڀرپور طريقي سان پهچڻ ۽ هر هڪ دل ۽ روح ۾ گهڙڻ، جاءِ وٺڻ وڏي ڳالهه آهي.
پُرِههَ (مرد) گهوريو (ٺهيو) نڪرن، هلن، ڦرن، گهمن ٿا. پر اهي مايون جن جبل کان سواءِ نڪو ڏٺو نڪو وائٺو. انهن جي ڏک ۽ سک جي اظهار لاءِ لطيف پاڪ سنڀوڙو (تيار) بيٺل ڏسي حيرت جادر کلي ڦاٽڪ ٿيو وڃن ٿا.
ائين ئي جڏهن ٻئي زال مڙس (سناسي خان بڪڪ ۽ صاحب ڏني) هڪ ٻئي جي موت جو نه ٻڌڻ جون دعائون گهرندا هئا ته، هي بيت صاحب ڏني جي واتان نڪري، ٻنهي جي وچ ۾ ڏيئن وانگيان جرڪي پوندو هو،

اڱڻ تازِي ٻَهر ڪُنڍيون، پَکا پَٽَ سُونهَنِ
سرهي سَيجَ پاسي پِرين، مَرُ ٿا مِينهن وَسن
اَسان ۽ پِرين، شَالَ هُونِ بَرابر ڏِينهنڙا.

کين ٻه ٻار هڪ پٽ غلام محمد خان بڪڪ ۽ هڪ ڌيءَ حسن جان هئا. سناسي خان وارا پاڻ ۾ ڇهه ڀائر هئا، کين ڪا ڀيڻ نه هئي. اهو ڌيءَ جي ڄمڻ تي ڏاڍو خوش ٿيو هو. جڏهن ته صاحب ڏنيءَ واريون پاڻ ۾ چار ڀيڻيون هيون ۽ کين هڪ ئي ڀاءُ هو، جنهن جي ڪري پٽ سندن اکين جو نور هو. صاحب ڏني عقل جي اڪابر هئي، سناسي خان جهڙي وڏي شخصيت جي غيرموجودگي ۾ به هوءَ بنا ڪنهن لکاءَ ڏيڻ جي معمول وانگي هڪ هڪ ڳالهه تي ڌيان ڏيندي ۽ نباهيندي هئي.
ٻئي جوان هئا اڃا سندن نئين زندگيءَ جو ڄڻ ته آغاز ٿيو هو. اڃا ته سندن ٻارڙا به ننڍا هئا. اڃا ته سندن سِڪَ به پوري نه ٿي هئي جو اوچتو سناسي خان بڪڪ گرفتار ٿي ويو (اهو سڄو احوال سناسي خان بڪڪ جي پروفائل ۾ آيل آهي).
سناسي خان بڪڪ جي گرفتاري ۽ سندس ممبئي روانگيءَ صاحب ڏنيءَ کي جهوري ٻه اڌ ڪري ڇڏيو هو. هوءَ ڄڻ ته دمبخود هئي. گهر ۽ پاڻ ته ڇا هوءَ پنهنجن ٻارن کي به وساري ويٺي هئي. پوءِ ته سندس ڪرت رڳو سناسي خان جي موٽڻ لاءِ دعائون ڪرڻ، کيس ياد ڪرڻ ۽ سندس بابت سوچڻ هو.
مائٽ کيس گهڻو ئي دلاسا ڏيندا هئا. پر کيس ڪيئن تشفي ٿئي، جو سناسي خان نه رڳو پري هو. پر دشمنن وٽ قيد ۽ قابو هو، جنهن جي ورڻ جو به بظاهر ڪو آسرو نه هو.
مائٽ ۽ عزيز سڀ ڪجهه ڄاڻندا ۽ سمجهندا هئا. سندس اڳيان لڙڪ لڪائي ڇڏيندا هئا. پر پوءِ پاڻ ۾ گڏجي روئي هانءُ هلڪو ڪندا هئا.
هوءَ بيحد حسين ۽ روادار هئي. سناسي خان جي وڇوڙي هن کان سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو هو. سڀ وٽس ويٺل هوندا هئا. پر هوءَ پاڻ سڀني کان غافل هوندي هئي. هڪ ڀيري وضو ڪرڻ لاءِ اٿي، وضو ڪندي ٻانهون جو ڌوتائين ته ڄڻ ٻانهن مان لائٽون نڪتيون ۽ چؤڦير روشنيون ڦري ويون. ماڻهو کيس حيران ٿي ڏسڻ لڳا. هوءَ نور جي گهيري ۾ ڀٽائي بادشاهه جو بيت جهونگاري رهي هئي،

تَنَ جِنِ جِي تَانگَ، سَي سَڄَڻ سَفر هليا
لُئج لاَتِ لَطيف چَوي، ڪَڏهن اِيندم ڪَانگَ
ڪَنهن سَٽاڻي سَانگَ، پِرِين پَر ڏيهي ڪَيا.
(شاهه رح)

سندس مائٽ لڪائي انجهيون (لڙڪ) گُهَندا (اگهندا) رهيا، هوءَ بي پرواهيءَ مان اٿي اچي قرآن شريف پڙهي دعا گهرڻ لڳي. سندس اکين ۾ اهو ئي منظر هوندو هو، جڏهن سناسي خان بڪڪ کي بحري جهاز ۾ چاڙهي ممبئي وٺي وڃي رهيا هئا ته، پاڻ پنهنجي ٻارن کي مٿي ڪرڻ جو چيو هئائين، جڏهن ٻارن کي چاچن مٿي کڻي کيس ڏيکارڻ چاهيو هيو، تڏهن صاحب ڏنيءَ ڇلڪندڙ نيڻن سان ڏٺو هو ته هو کيس ئي ڏسي رهيو هو.
هوءَ اڳيان قرآن شريف هوندي به اهي ئي بيت جهونگاري رهي هئي، جيڪي سناسي خان بڪڪ کان موڪلائڻ مهل ڪراچيءَ جي بندر گاهه تي چيا هئاسين.

مُون اُڀي تَڙَ وَٽَ، پِرين پڳَهَه ڇَوڙِيا
ڪَا مُنهِين ۾ گَهٽ، نَا.... تَه سَڄڻ سَٻاجهاگهَڻُو.
مُون اُڀي تَڙَجَهل.... پِرين پڳهه ڇَوڙيا
ڪَا مُنهين ۾ اِلَ، نا ته سَڄڻ سَٻاجها گهڻو.
مون اڀي تڙ هيٺ، .... پرين پڳهه ڇوڙيا
ڪا منهين ۾ ڏيٺ، نا ته سڄڻ سٻاجها گهڻو
مُون اُڀي تَڙَ پَاسِ.... پِرين پڳهه ڇوڙيا
هُو الله توهار اُهريا، آئون دَم دَم دُعا ڪندياس
آهه نه لاهيندياس، مَوٽي اِيندا مَان ڳَرَي.

سناسي خان جي وڇوڙي جي جهوري صاحب ڏني کي ڳاريندي نيٺ کٽ جي حوالي ڪري ڇڏيو. سندس ڀينرون وٽس ئي هونديون هيون. ماءُ ۽ ڀاءُ به وٽس روز ايندا ويندا هئا. سناسي خان جي امڙ ۽ ڀائر وڏا باهمٿ ۽ حوصله مند هئا. اهي ٻارن کي ۽ صاحب ڏني کي سنڀالڻ ۽ پرڀائڻ ۾ پورا هئا، جن جي ڏک ۽ جهوريءَ جو ته ڪو ڪاٿو، ڪو ڇيهه ئي نه هو تنهن هوندي به هو صاحب ڏنيءَ لاءِ ڊنل هئا ته الائي ڇا ٿيندو؟ سندس چڱ ڀلائيءَ لاءِ هر هر دعائون پيا گهرندا هئا.
سندس ڀينرون وٽس ئي رهيل هيون تن کي چيائين ته، ”اوهين پنهنجن گهرن تڙن، ٻارن ۽ ورن واريون آهيون، وڃي گهر سنڀاليو. آئون مران ڪانه ٿي جو پنهنجن گهرن ڏانهن نهاريو به نٿيون.“ هو روئڻ لڳيون ته کين يقين سان چيائين ته، ”هير (هينئر) اوهان وڃو، مون تي ويساهه ڪريو جڏهن به مرنديس اوهان کي اڳواٽ ٻڌائي ڇڏينديس“ (ائين ڪير ٿو چوي پنهنجي مرڻ لاءِ!!) .
سمل ۽ آسودي روئنديون هلي ويون باقي ڪمل وٽس ئي رهي پئي هئي. ڇو جو سندس گهر ويجهو هو. ان کي به چيائين ته، ”ادي، تون به ڀلي ڪاٺيءَ پاڻيءَ لاءِ وڃ.“ ڪمل روز صبح جو پنهنجي گهر ويندي هئي ۽ رات جو موٽي اچي وٽس ئي سمهندي هئي.
هڪ صبح جو جيئن ئي ڪمل پنهنجي گهر وڃڻ لاءِ سنڀري ته کيس سڏي چيائين، ”ادي، اڄ نه وڃ!“ ڪمل ويچاري اڳ ئي ڊڄڻي هئي اها روئڻ لڳي. کيس پنهنجي ويجهو اچڻ لاءِ چيائين. هوءَ ويجهي آئي ته کيس چيائين، ”ادي، پاڻ کي سنڀال، منهنجا ٻچا به اوهان سڀني کي پرتا آهن. چاچيءَ (سس) کي ۽ منهنجي سؤٽن (ڏيرن) کي به سنڀالجو. امان، ادا ۽ ادين کي به گهراءِ. سناسي خان ته ڪونه موٽيو. جي موٽيو ته منهنجا سلام ياد ڪري، ساري ڏجوس...“ هوءَ ڄڻ خود ڪلامي ڪري رهي هئي.
سندس کٽ جي چؤڦير سندس ماءُ، ڀاءُ، ڀينرون، سس ڏير ۽ ٻار بيٺل هئا. سندس اکين جي روشن ماڻڪين ۾ سناسي خان جو گلاب جهڙو مهڪيل چهرو تري رهيو هو. هن ماٺ ۽ خاموش پنهنجون خوبصورت اکيون کڻي، جن ۾ لڙڪ جرڪي رهيا هئا. پنهنجن ٻنهي ٻارن ۾ آس ۽ پياس مان نهاريو. پنهنجي مٿي جي هيٺيان رکيل وهاڻو پاڻ پنهنجن هٿن سان هٽائي زور سان ڪلمو پاڪ پڙهيو، ’لا اِلهٰ اِلاَّ اللهُ مُحَمَّد رَّسُولُ الله .‘ ۽ پنهنجا هٿ پير ڊگها سڌا ڪري اکيون ٻوٽي ڇڏيائين.
سڀ ئي مائٽ عزيز اهو معجزو اکيون ڦاڙي اچرج مان ڏسي رهيا هئا. جيڪو ويساهه کان ٻاهر هو. اِنالِله واِنا اِليه راجعون. ان وقت صاحب ڏني جي عمر 28 سال هئي. اهو جوان موت ۽ اهي غير معمولي ڳالهيون وسرڻ جهڙيون ناهن. جڏهن ساڳئي مهيني ۾ ممبئيءَ کان 32 سالن جي سناسي خان بڪڪ جي شهادت جي خبر آئي ته، قيامت جهڙي روڄ راڙي ۾ به لطيف رح جي هي سٽ سڀني کي چٽي ياد آئي، ”اسان ۽ پرين، شال هون برابر ڏينهنڙا.“ سندس سچي دعا جي قبوليت تي هرڪو حيران هو جيڪي ٻئي هڪ ٻئي کي چوندا هئا ته، ”شال آئون تنهنجي وڃڻ جو نه ٻڌان.“