هڪ سگهارو ۽ ڀرجهلو ڪردار سيٺ علي محمد بڪڪ (مُنگهاڻي)
پسي پهر پنهونءَ جي، نُنهن سئين نيڻ ٺڙيام
گُوندر وِسريام، سُکن شاخون ڪَڍيون.
(شاهه رح)
سيٺ علي محمد بڪڪ جو ڄمڻ سچ ته لطيف سرڪار جي مٿئين بيت جي تعبير هو. سندس ڄمڻ پڻ غريبن جا گوندر لاهڻ ۽ سکن جون شاخون ڪڍڻ جو باعث بڻيو.
سيٺ علي محمد بڪڪ جا ڪاروبار، ڌنڌا ۽ ڪم عام ڪوهستانين جي مزاج جي برعڪس هئا، جن جي وسعتن جي ڪري سندس علائقي جي غريب بيروزگار ماڻهن کي مختلف ڪم مليا ۽ بيروزگاري ڄڻ غائب ٿي وئي هئي. هاري ناري، ڌراڙ، نوڪر، ڊرائيور، ڪلينر، مستري، منشي، مزدور ۽ چوڪيدار مطلب ته هر قسم جا ڪم ماڻهن کي مليا ۽ اهي روزگار سان لڳا ۽ کين سک، خوشي ۽ پاڻ ڀرائي ملي. هونئن به سندس فطرت خوشي ڏيڻ واري هئي. سندس هٿان ڪنهن کي به ڏک نه رسيو، ”هٿان حبيبن، ڪڏهن ڪونه ڏکويو.“
ڪوهستان جو ذڪر جڏهن به جتي به ايندو تڏهن اتي سيٺ علي محمد بڪڪ جو ذڪر سٺن، بلڪ شاندار لفظن ۾ ڪيو ويندو. ان وٽ ڪوهستان جي ڏکن ۽ سورن جي خاتمي جو مشن هو.
سيٺ علي محمد بڪڪ هڪ بهادر، سخي، عقل جو اڪابر، صابر، ساهو، بي انتها ذهين، هر ريت ۾ حسين، شانائتو، وضعدار، مشڪلون آسان ڪندڙ ۽ مهان ماڻهو هو.
هن پنهنجي سڄي زندگي محنت ڪندي گذاري. هو سخت محنت ڪش هو. محنت واري ڪم کان ڪڏهن به نه ڪيٻايائين. پنهنجي زمينن ۾ لابارو ٿيندو هو ته هارين سان گڏجي لابارو ڪندو هو. روڊن رستن ۽ جبلن ٽوڙڻ وارو سندس ڪم هوندو هو ته، پنهنجن ئي پگهاردار نوڪرن ۽ مزدورن سان گڏجي پاڻ به پٿر کڻندو ۽ ڍوئيندو هو. محنت وارو ڪم ڪندي کيس راحت ملندي هئي.
پيسي جي وٽس ڪڏهن به ڪا ڪمي نه هئي. سندس ٽجوڙيون هميشه پيسن مان ڦڦڪنديون هيون، جن جا دروازه نوڪر لتون ڏئي بند ڪندا هئا. پاڻ پوءِ به نهايت سادي زندگي گذاريندو هو. وٽس گاڏين جي ڪابه ڪمي نه هئي. سڄي بلوچستان ۽ ڪوهستان ۾ ٽرانسپورٽ جو پايو وجهندڙ هو. جبل ۾ جڏهن ماڻهن گاڏيون اکين سان نه ڏٺيون هيون، تڏهن پاڻ روڊ ۽ رستا جوڙي اتي گاڏيون پهچايائين.
جابلو علائقا جتي وِرِٿَ (گرانٺ) جيترو به سنئون سيڌو پٽ نه هو، اتي ڊائنا مائيٽ سان جبل ٽوڙي رستا ٺاهي ماڻهن لاءِ سک ۽ سهولتون پيدا ڪيائين.
سندس ڪاروباري ڪوٺي لي مارڪيٽ ڪراچي ۾ هُئي/آهي، جتي پنهنجو ڪم پورو ڪري اٿندو هو ته، گهر وڃڻ لاءِ پنهنجي خاص گاڏي ۽ ڊرائيور کي نه ڏسي بنا ڪڇڻ پڇڻ جي ٽيڪسي يا بس ۾ گهر هليو ويندو هو.
عجيب قلندر شخص هو جنهن پنهنجا ماءُ ۽ پيءُ ٻچن وانگي سنڀاليا. ٻچا ته شهزادن وانگي پاليائين. پاڻ علم جو عاشق ۽ روشن خيال هو. پنهنجي سڀني ٻارن کي اعليٰ تعليم ڏياريائين. سندس وڏو پٽ قادر بخش بڪڪ ٽرپل ايم اي ۽ ايل ايل. بي هو. ٻيو پٽ پروفيسر ڊاڪٽر رسول بخش بڪڪ پيٿالاجيءَ جو پروفيسر آهي ۽ آمريڪا ۽ يورپ جي ڪيترن ملڪن جو ڊگري يافته آهي. ٽيون پٽ محمد بخش بڪڪ اليڪٽريڪل انجنيئر آهي ۽ چوٿون پٽ مولابخش بڪڪ سنڌ گورنمنٽ ۾ هڪ اعليٰ آفيسر، لطيف جو ڄاڻو، اعلانثر نويس، شاعر ۽ هن وقت (جولاءِ 2009ع)”شاه جي رسالي“ جو منظوم اردو ترجمو ڪرڻ ۾ مشغول آهي. سيٺ صاحب جون نياڻيون پڻ تعليم يافته آهن.
سيٺ علي محمد بڪڪ شروع ۾ مال ڌاريو ته وٽس ڍڳين جا ٽرڊ (ميڙ) هئا. جن جي ڪوٿ/ داڻي، گاهه ۽ چاري لاءِ وڏا دڪان کولي ڇڏيائين. جڏهن سندس مال جا ڌراڙ ۽ نوڪر مال جو داڻو ۽ ڪوٿ وڏين سيمنٽ جي ڪونڊين ۾ ڇوڙيندا/ پسائيندا هئا ته، سندس چوڻ هو ته ڳوٺ ۾ جنهن به غريب وٽ هڪ ٻه ڳئون يا ٻڪريون هجن ته، انهن کي ٻئي وقت سندن مال لاءِ ڪوٿ ڏنو وڃي. ڳوٺ جا غريب ماڻهو جڏهن سيمنٽ جي وڏين ڪونڊين مان ڇُڙيل ڪُوٿ جون بارديون ڀري ڇلڪائيندا، هاريندا پنهنجي مال لاءِ کڻي ويندا هئا ته، ڪوٿ هارڻ تان چڙي جڏهن ڌراڙ کين هڪلون ڏئي چوندا هئا، ”ڪوٿ ته کڻون ٿا پر هاريو ڇو ٿا؟“ تڏهن ماڻهو کلي چوندا هئا، ”ڏي ڏاتار، ڦاٽي.... ڀانڊار جي.“
ائين ئي جڏهن پاڻ ٽرانسپورٽ جو ڪاروبار شروع ڪيائين ته، سندس گاڏين ۾ غريب ماڻهو بنا ڀاڙي جي ايندا ويندا هئا.
اهو دور ورهاڱي کان اڳ جو هو. جڏهن اڃا گاڏيون عام نه ٿيون هيون ۽ بلوچستان ۽ ڪوهستان جي ماڻهن جي عام سواري اٺ، گهوڙو يا ڍڳي گاڏي هئي. ڍڳي گاڏي به ات هلندي هئي جتي ڪو سنئون سيڌو پٽ هوندو هو. نه ته ڍڳا حضرت آدم عليه السلام جي ڍڳن وانگيان پاڻ ڳالهائي بيهي رهندا هئا، ”ڪيئن هلون، سنيئن زمين ڪٿي آهي؟“ سيٺ صاحب اهڙن هنڌن تي روڊ رستا بنائي ڪراچيءَ کان حب، دريجي، ٻيلو، اٿل، وندر، پٻني، خضدار، وڍ، ڪنراچ، هنگلاچ، اورماڙو، گوادر، مند، پنج گور، تربت، قلات، وغيره تائين گاڏيون هلايون.
جبل جا ماڻهو جن ڪڏهن گاڏيون ڏٺيون ئي نه هيون اهي ته، پهرين پهرين گاڏين جو آواز ٻڌي خوف مان ڀڄي لڪي ويا هئا. هڪ هنڌ جڏهن سيٺ علي محمد بڪڪ جي وڏي گاڏي"walkeshaw" جنهن کي عرفِ عام ۾، ”واقعي شاهه“ چيو ويندو هو. اها گاڏي تمام وڏي ۽ نهايت غير معمولي هئي، جنهن جي اڳيان پراڻن بحري جهازن وانگي هڪ وڏو لوهي چڪرو هو جنهن ۾ ٿلها لوهي رسا ويڙهيل هوندا هئا.
انهي گاڏيءَ جو اهو ئي مخصوص ڪم هوندو هو ته جتي به ڪا گاڏي/ ٽرڪ/بس وغيره ڦاسي پوندي هئي ته، ان کي لوهي رسن سان ٻڌي ڇڪي ڪڍي ايندي هئي. اها گاڏي غير معمولي وڏي گاڏي هئي. اهڙي گاڏي اڄ تائين ڪٿي به نظر نه آئي. اها گاڏي جڏهن پهرين جبل ۾ پهتي ته ان کي ڏسي پهرين ته ماڻهو ڊڄي ڀڳا. پر جڏهن کين ٻڌائي، سمجهائي موٽائي آندو ويو ته به پري پري کان پيا ڏسن ته هيءَ آفت اسان کي کائي ويندي. نيٺ کين ويجهو آڻي گاڏيءَ تي هٿ رکايائون ته دل جهلي بيٺا ۽ پوءِ اهي ويا ۽ گاهه جا وڏا بُٺا ۽ پاڻي کڻي آڻي گاڏيءَ جي اڳيان رکيائون ته اها کائي ۽ پئي. انهن سمجهيو ته گاڏي به اٺ ۽ مال وغيره جيان گاهه پاڻي کائيندي.
رات جو سيٺ علي محمد بڪڪ جڏهن پاڻ پنهنجي جيپ ۾ اتي پهتو ته، وري به جبل جا ماڻهو ڊوڙي آيا ته رات وڏي گاڏي ويامي آهي ۽ (جيپ ڏانهن اشارو ڪري) هيءُ ٻچو ڄڻيو اٿس.
اهڙي دور ۾ جڏهن غربت عروج تي هئي. تڏهن هُن ماڻهن لاءِ سک ۽ سهنج ڪيا، غريبن کي ڪراچيءَ مان پنهنجن پيسن تي سامان وٺي ڏئي، پنهنجي گاڏين ۾ کڻائي سندن علائقن ۾ دڪان کولائي ڏنا.
”وَڍَ“ جيڪو اڄ هڪ شهر جي صورت اختيار ڪري ويو آهي ۽ جيڪو سردار عطاءُ الله مينگل جو اباڻو علائقو ۽ مرڪز آهي. اتي اڳ ڪجهه ڀونگن ۽ لوڙهن کان سواءِ ڪجهه به نه هو. وڌ ۾ وڌ سردارن جا ڪچا مٽيءَ جا گهر اڏيل هئا جتي ماڻهن جو گذر سفر مال ۽ باراني زمينن تي هو. يا ته رڍن ۽ ٻڪرين جي لڻيل اُنَ/ ڏاس تي هو، جنهن جو ملهه مال جي بدلي مال يعني جنس جي بدلي جنس واري ريت ۽ ڪاروبار هو.
سيٺ علي محمد بڪڪ جون گاڏيون جڏهن اتي پهتيون ته وَڍَ ۽ خضدار جا بروهي اُن ۽ ڏاس جا ڪيئي مڻ ۽ ٽن وزني ننگ (وڏيون ڳوڻيون)، گاڏين ۾ وجهي ڪراچيءَ ڏانهن اماڻيندا هئا. جيڪي ڪراچي ۾ سيٺ علي محمد بڪڪ جي وڏن گدامن ۾ رکبا هئا. مال سان آيل ماڻهن کي سيٺ علي محمد بڪڪ پاڻ وٽ رهائي کارائي پياري سندن مال جو سٺو سودو ڪرائي وڪڻي کين پيسا ۽ راشن وٺي ڏئي گاڏين ۾ سوار ڪرائي سندن گهرن ڏانهن روانو ڪندو هو.
روڊن ۽ رستن جي سلسلي ۾ جڏهن پاڻ وَڍَ (علائقو) ۾ ويو ته، اتي ماڻهن جي ڏکئي گذر سفر کيس گهڻو ڏکويو. انهن کي ضرورت جي ذري ذري شيءِ لاءِ گاڏين جو انتظار ڪرڻو پوي ٿو، پوءِ پاڻ اتي جو اتي نقشو تيار ڪري قطار ۾ آمهون سامهون دڪان اڏڻ جو چئي پاڻ ڪراچي موٽي آيو. دڪانن لاءِ ضروري سامان سودو، راشن ۽ ضرورت جون سڀ شيون موڪليائين. جڏهن دڪان اڏجي تيار ٿيا ۽ منجهن راشن ۽ سودي وغيره جو سامان رکجي ويو ته، دڪانن جو افتتاح ڪرڻ لاءِ سردار عطاءُ الله مينگل، سيٺ علي محمد بڪڪ کي وڍ وٺي ويو جتي ٻنهي گڏجي دڪانن جو افتتاح ڪيو.
افتتاح ڪرڻ واري پهرين ڏينهن سردار عطاءُ الله مينگل دعوت ڪئي (سندس گهر به وَڍَ ۾ آهي). ان ۾ سيٺ علي محمد بڪڪ ۽ سڀني دڪاندارن شرڪت ڪئي. ماني کائڻ کان پوءِ هڪ دڪاندار اٿي چيو، ”سڀاڻي منهنجي پاران دعوت آهي.“ اڃا سيٺ علي محمد بڪڪ ڪجهه چوي تنهن کان اڳ سردار عطاءُ الله مينگل چيو، ”سڀاڻي سيٺ صاحب جو ڪراچيءَ ۾ ضروري ڪم آهي جنهن لاءِ کيس اتي پهچڻو آهي.“ اهو ٻڌي سيٺ علي محمد بڪڪ حيران ٿي ويو، ڇو جو ٻئي ڏينهن تي کيس ڪوبه ضروري ڪم نه هو. جڏهن سڀئي ماڻهو موڪلائي هليا ويا ته سردار عطاءُ الله مينگل کلي چيو، ”اسين جي سڀاڻي اُن دڪاندار جي ماني کائون ها ته، پوءِ انهن سڀني دڪاندارن جي ماني کائڻ لازمي ٿي پوي ها، جن جو تعداد اوهان کي خبر آهي ته سو کان به مٿي آهي ۽ جي هڪ جي ماني کائي ٻئي جي نه کائون ها ته جيڪر اهي پنهنجي بيعزتي سمجهي ڪاوڙجي پون ها ته، فلاڻي جي ماني اوهان کاڌي اسان جي ڇو نه ٿا کائو. ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙي صورتحال تي بندوقون به کڄي وينديون آهن.“
انهي ڳالهه جو ذڪر پوءِ به سردار عطاءُ الله مينگل ساڻس ڪندو هو ته، ”اتي جي اسين هڪڙي دڪاندار جي ماني کائون ها ته الائي ڪيترا مهينا اتي رهڻو پوي ها.“ اهڙي ريت سيٺ صاحب سڄي بلوچستان ۾ روڊن جو ڄار وڇائي ڇڏيو.
لطيف سرڪار سان هر هڪ جبل واسي عشق ڪري ٿو (جيڪو به سنڌي ٻولي ڳالهائيندو آهي). سيٺ علي محمد بڪڪ به لطيف سائينءَ جو عاشق هو (جنهن جو ذڪر مون پنهنجي ڪتاب ”ڇپر ڪين ڏي...“ ۾ ڪيو آهي، جيڪو ڪراچي يونيورسٽيءَ جي لطيف چيئر ڇپايو آهي). پَٻُني ناڪي وٽ سيٺ علي محمد بڪڪ جي گاڏين جو اسٽاپ هوندو هو. اها ئي پٻني جتي اچي سسئي ويچاري ٻاتاڙجي وئي هئي رڳا جبل ئي جبل ڏسي.
آڏ تِرڇا آهڙا، ڏاڪا ڏونگر کي،
هي جي وَرَ وندر جا، ماريندا مون کي،
هاڙهو هيڻيءَ کي، لنگهائج لطيف چئي.
(شاهه لطيف)
سسئيءَ جو ته هونئن ئي پهڻن ۾ پير پيو هو جو ڀنڀور به پٿرائين ٽڪريءَ تي واقعه آهي. پوءِ به نج جبل جي مقابلي ۾ کيس ميداني علائقو چئي سگهجي ٿو.
پاڻ (سسئي) اصل ته الائي ڪٿي جي هُئي. سيوهڻ جي يا.... پر جن کي ”ڳڙو“ ٿي اچي ملي هئي انهن به اکين جو نور ڪري سانڍي هئي جو، ”ڄائي کان نيپاڄ مٿي“ ۽ ”مُور کان لاڀ مٺو“ هوندو آهي. پر سسئيءَ ويچاريءَ کي ته ڪرم جا ڪي ڌڪا لکيل هئا جو اچي پهاڙن ۾ پئي. لطيف بادشاهه به حق تي چيو آهي.
سِرِ جي تانُ سُورَ، سامائي تان سک ويا،
اهي ٻئي پُورَ، نماڻيءَ نصيب ٿيا.
پٻنيءَ وٽ اچي جبلن ته کيس گهڻو ورچايو ۽ ڏکويو پر اتي هڪ ڀنوارئين (ڀنوائتي) بئوش (وحشي) ڌراڙ ’للي ليڏڻي‘ کي ڏسي ڊني ۽ هيڪاري پريشان ٿي وئي. للو جيڪو مال چارڻ لاءِ نه ٿي ويو ته کيس ماءُ چيو هو، ”ابا، مال چارڻ وڃ، اتي توکي ’ڏندان‘ (ڏندن) ڪَرِڪِي ڪنوار ملندي“. سسئيءَ کي ڏسي هن ڀانيو ته اها ئي امان جي ڏسيل ڪنوار آهي سو جيئن ئي هو، سسئيءَ ڏانهن وڌيو ته سسئي هرڻ وانگيان ڇال ڏئي وٺي ڀڳي ته سندس چنڊ چهري تان چادر سرڪي پئي. سندس سونهن جو تجلو ٿيو ۽ سامهون وار جبل جرڪي پيو، جنهن کي اڄ به مقامي ماڻهو ’مُنهن ٻار‘ جبل چوندا آهن. يعني جتي سسئي جو منهن ٻاهر ۽ ظاهر پڌرو ٿيو. اهو جبل اڄ به سج ۾ انڊلٺ وانگيان ست رنگي لڳي ٿو. انهيءَ جبل ۾ چون ٿا ته ’چرولي‘ نالي پٿر آهي. سسئيءَ، ڀنوارئين للي ليڏڻي کي ڏسي هر اسيل هرڻيءَ جيان ڇال ڏيندي ڀڄندي پي وئي. اڳيان جيڪو به وڻ واٽ ۾ پي آيس ان تان ٽپ ڏيندي ٻرانگهون ڀريندي لطيف چواڻي پي وئي،
ولاڙئو وڻين چڙهي، ڏئي پٽولي لانگ،
ٽاريءَ ٽاريءَ ڇانگ، سسئي مور ٻچن جيان
قصو ته وڏو ۽ تفصيلي آهي. مختصر ائين ته اتان هڪ سوڙهي پيچري تان ڀڄندي ڊوڙندي پي وئي. للو سندس پويان حيران پريشان پي آيو. سوڙهو پيچرو پار ڪري سسئيءَ ڏٺو ته اها هڪ وادي هئي جيڪا چؤڦير جبلن جي گهيري ۾ هئي. ”ڪرڙا ڏونگر ڪه گهڻي، جت ماٿر مٿاهين.“ انهيءَ مٿاهين ماٿري ۾ پاڻ کي جبلن ۾ ڦاٿل ڏسي دعا گهريائين ته زمين ڦاٽي پئي ۽ پاڻ انهيءَ ۾ پيهي وئي. انهيءَ واديءَ جو نالو ’سنگهر‘ آهي ڇو جو اتي جبل سنگهر/ زنجير وانگر ڪڙو منجهه ڪڙي جيئن جڙيل آهي.
سيٺ علي محمد بڪڪ، ’سنگهر‘ واري علائقي ۾ اٺن ذريعي آيو، ڇو جو جبل جي سوڙهي پيچري تان ڪنهن به گاڏيءَ جو گذر ناممڪن هو. سواءِ اٺن ۽ پيادن جي ٻيو ڪنهن به ذريعي اتي پهچڻ ممڪن نه هو. سيٺ علي محمد، سسئي ۽ پنهون جي قبر (گڏيل) وٽ آيو جيڪا مٽيءَ جي هڪ بُٺيءَ جي صورت ۾ هئي. لطيف بادشاهه جي دادلن ڪردارن کي جبلن ۾ هينئن اجڙيل، بيجلو ۽ ننڌڻڪو ڏسي کيس گهڻو ڏک ٿيو ۽ پاڻ سندن قبر ٺاهڻ جو ارادو ڪيائين پر ڪيئن؟ اتي اڏاوت وغيره جو سامان ڪيئن پهچائجي؟ سسئيءَ وٽ پهچڻ لاءِ ته هڪ ئي گذرگاهه هو، جيڪو جبلن جو اهو اوکو سوڙهو پيچرو هو، جتان هڪ ماڻهو يا ڪو اٺ ئي گذري سگهيو ٿي.
سيٺ علي محمد بڪڪ جيڪو هڪ ماهر قدرتي انجنيئر هو ۽ روڊ ۽ رستا بنائڻ جو ايڪسپرٽ هو (جنهن جي ڪيل ماپ کي ڪو وڏو انجنيئر به رد ڪري نه ٿي سگهيو). تنهن انهيءَ سوڙهي پيچري کي وڏو، موڪرو ۽ گاڏين جي هلڻ لائق بنائڻ لاءِ پنهنجي تيز ۽ روشن اکين سان پيچري جو جائزو ورتو ۽ جانچيو. جنهن کان پوءِ موٽي ڪراچي آيو جتان ضروري سامان ۽ ماڻهو کڻي پٻني (علائقو) پهتو ۽ ان سوڙهي پيچري واري جبل کي ڊائنامائيٽ سان ٽوڙي پيچري کي ايڏو وڏو ڪرايو، جو اتان ڪا جيپ، ڊاج وغيره آسانيءَ سان گذري سگهي. جنهن کان پوءِ هُن سسئي ۽ پنهونءَ جي گڏيل خوبصورت قبر هڪ ڇاپري جي هيٺيان بنائي. قبر جي سار سنڀال ۽ خدمت لاءِ هڪ پگهاردار مجاور نالي لاهوتي وهاريو، جنهن کان پوءِ کيس اطمينان ٿيو ته هاڻي مائي سسئي لطيف سرڪار کي دانهن نه ڏيندي.
سسئيءَ جي قبر تي هاڻي ته مقبرو پڻ بنايو ويو آهي ۽ اتي خير خيراتون ۽ لنگر ورهايا وڃن پيا. پر جڏهن سسئي ۽ پنهونءَ جي آخري آرام گاهه سنگهر جي ماٿريءَ ۾ مٽيءَ جي هڪ ڍڳ جي صورت ۾ ننڌڻڪي حالت ۾ هئي جتي پهچڻ به ناممڪن هو. تڏهن سيٺ علي محمد بڪڪ جبل ٽوڙي، رستا جوڙي سسئي جي آخري آرام گاهه بنائي دنيا سان متعارف ڪرايو. هاڻي ڀلي اتي ڪو تاج محل تعمير ڪري (آمين) پر سسئي جي مقام جي سڃاڻپ سيٺ علي محمد بڪڪ ڪرائي. ان لاءِ هاڻي اهو به پيو ٻڌڻ ۾ اچي ته ڪن ڪامورن جا پونيئر اهو ڪريڊٽ پنهنجي وڏن کي ڏيڻ ۾ رڌل آهن، جن جي وڏن تيار رستي تان گذري سسئيءَ جي بنيل قبر جي ڀر ۾ لطيف جا ڪجهه فريم ٿيل بيت رکيا.
ضلعي خضدار جي مشهور درگاهه حضرت شاهه بلاول نوراني جي مزار تائين، ائين ئي جبل ٽوڙي سيٺ علي محمد بڪڪ رستو بنايو، جتي اڳ ميڙي (ميلي) تي ويندڙن کي وڏي ڏکيائي هوندي هئي.
شاهه نوراني تي ويندڙ جا ٽي (زيارتي) هڪ مقام ’محبت فقير‘ وٽ گاڏيون بيهاري پاڻ اٺن تي يا پيدل حضرت شاهه بلاول نوراني جي مزار تائين ويندا هئا. ڇو جو شاهه نورانيءَ جي ’پِڙَ‘ تائين پهچڻ لاءِ اڳيان جبلن ۾ هڪ سوڙهو ۽ ننڍو رستو بلڪه واٽ هئي. ان جي ڀر مان هيٺ هڪ ’ڍورو‘ وهندو هو/ آهي، جتي انبن، کجين، آمرين ۽ ڄموئن جا بيحد وڏا ۽ گهڻا وڻ آهن. انهيءَ مقام کي ’ڏندڻو‘ چيو وڃي ٿو. روايت آهي ته انهيءَ ڍوري وٽ حضرت شاهه بلاول نوراني ڏندڻ ۽ وضو ڪندا هئا، جنهن نسبت سان انهيءَ جاءِ کي، ’ڏندڻو‘ چيو وڃي ٿو. جبلن جي انهيءَ سوڙهي واٽ تان زيارتي پاڻ ۽ سندن ٻار ٻچا گِهرِ جي پِڙَ ۽ مزار تائين پهچندا هئا.
’محبت فقير‘ تائين به تڏهن (1950- 1951ع) سڀئي گاڏيون رڳو سيٺ علي محمد بڪڪ جون هلنديون هيون ۽ پاڻ سڄي بلوچستان جو تڏهن اڪيلو ئي ٽرانسپورٽر هو. جنهن پوءِ ساڳئي نموني ڊائنا مائيٽ سان جبل ٽوڙي، موڪرو (ويڪرو) ڪري گاڏين جو رستو بنائي ماڻهن لاءِ آسانيون پيدا ڪيون، ان کان پوءِ ننڍيون گاڏيون (جيپ/ ڊاج وغيره) محبت فقير جي زيارت کان پوءِ، سڌيون پِڙَ تائين پهچڻ لڳيون ۽ وڏين گاڏين جا زيارتي پڻ محبت فقير کان پوءِ ننڍين گاڏين ۾ ويهي پِڙَ ۾ پهچڻ لڳا.
شاهه نورانيءَ جي ميلي ۾ ماڻهو پهچائڻ لاءِ جيئن ته سيٺ علي محمد بڪڪ جون 10- 11 گاڏيون هلنديون هيون، ۽ ميلي تي ويندڙ آخري گاڏي غريبن، فقيرن ۽ ملنگن لاءِ مفت ويندي هئي. انهي زماني ۾ سيٺ علي محمد بڪڪ جون گاڏيون هڪ ته سندس لي مارڪيٽ واري اسٽاپ تان وينديون هيون، ۽ ٻيون سندس گهر واري وڏي گيراج مان وينديون هيون.گاڏين جا ڊرائيور جن جون وڏيون پگهارون، وڏيون عزتون، سٺا کاڌا، جتي گاڏيون بيهن اتي انهن لاءِ ڪڪڙ ٻڪر ڪسجيو وڃن ۽ وڏيون دعوتون ٿيو وڃن. ڇو جو تڏهن اڃا گاڏيون نيون نيون ماڻهن ڏٺيون هيون ۽ انهن کي هلائڻ وارا ته وڏي ڳالهه هئا. معنيٰ ته عام کان مٿي ۽ منفرد هئا.
سيٺ علي محمد بڪڪ جا سڀئي ڊرائيور نوجوان ۽ برجستا هئا ۽ جڏهن اهي تيار ٿي اچي ڊرائيونگ سيٽ تي وهندا هئا ته عام کان مختلف لڳندا هئا. بوسڪيءَ جا ڪپڙا، قراقليون ٽوپيون، ڪارا چشما، ڪارا ايراني ريشمي وڏا رومال ڪلهن تي، سونيون زنجيرون ڪنڌن ۾، سونهري پٽن واريون گهر گليون روليڪس واچون ڪراين ۾، وڏن ڳاڙهن ٻُڙن واريون ٿلهيون سونيون منڊيون آڱرين ۾، ڪارا چلڪڻا چيڪاٽ ڪندڙ بوٽ پيرن ۾ پائي، گاڏين جون چاٻيون آڱرن ۾ رنگائي اهڙي ته ٺاٺ سان هلندا هئا جو هوائي جهاز جا پائلٽ پري ٿي بيهن.
شاهه نوراني تي ويندڙ آخري مفت هلڻ واري گاڏيءَ جو ڊرائيور، هاشم بڪڪ هو جيڪو نهايت حاضر جواب ۽ ڀوڳائي هو. گاڏيءَ ۾ چڙهڻ لاءِ سڀيئي غريب، فقير ۽ ملنگ اچي گڏ ٿيا هئا. انهيءَ ڳوٺ (حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ) جو هڪ چريو جنهن جو نالو مصري هو ۽ ذات جو ’ٻُرو‘ هو. اهو به پراڻن ڪپڙن جي هڪ وڏي هڙ ۽ پنهنجي زورائتي ڪتي سميت اچي سهڙيو. هيڏي هوڏي پيو لوڻا هڻي. هر ڪو پيو کيس ڌڪي ٻاهر ڪڍي ته اوچتي سندس نظر گاڏيءَ جي ڊرائيور، هاشم بڪڪ تي پئي جيڪو گهوٽ بڻيو ٽلي رهيو هو. هڪل ڪري چيائين، ”هاشو، او هاشو. ڪهڙي گاڏي نورانيءَ تي وڃي پئي؟“
سيٺ علي محمد بڪڪ جي وڏي گيراج ۾ سندس ڪيئي گاڏيون بيٺل هيون، جن ۾ هڪڙو خراب کيکڙو بنا ٽائرن جي بلاڪن تي رکيل هو. هاشم بڪڪ مشڪي بلاڪن تي رکيل کيکڙي ڏانهن اشارو ڪري چيو، ”او، هو پريون کيکڙو پيو نوراني تي وڃي. ڊوڙي وڃي هنڌ والار نه ته جاءِ ڪانه ملندئي.“ اهو ٻڌي مصريءَ هڪدم ڊوڙ ڪري بلاڪن تي رکيل کيکڙي ۾ پنهنجي بيحد وڏي ميرن پراڻن ڪپڙن واري هڙ اڇلائي ۽ پنهنجي ڪتي کي به چاڙهي پاڻ ٽپ ڏئي کيکڙي ۾ چڙهي ويهي چوڻ لڳو، ”سٺو ٿيو جو سويرو آيوس. اويرو اچان ها ته هنڌ ئي ڪونه ملي. اڃا ته سڄي گاڏي خالي آهي.“ ميڙي تي وڃڻ واري گاڏيءَ ۾ ماڻهو ويهندا ويا ۽ گاڏي رواني ٿي وئي. مصريءَ کي جڏهن گهڻي دير ٿي ته سڏ ڪرڻ لڳو، ”هاشو، اوهاشو، ماڻهو نه ٿا هلن ته ڇڏين کڻي. مون کي ته وٺي هل نورانيءَ جي ميڙي تي.“
اهو هو سچو ڀوڳ جيڪو ياد اچي ويو. انهيءَ ساڳي ئي چرئي سان لاڳاپيل هڪ دکدائڪ واقعو پڻ آهي ته، هڪڙو پٺاڻ مڇي وڪڻڻ وارو آيو. مصريءَ هن کان مڇي ورتي. جڏهن پٺاڻ پيسا گهريا ته چوي، ”آهين ئي ڪونه!“ پٺاڻ چيو، ”مڇي موٽائي ڏي.“ ته مصريءَ هڪدم مڇي اڇلائي پنهنجي ڪتي کي ڏني. مڇيءَ وارو پٺاڻ اچي ڪاوڙيو ۽ جيئن ساڻس وڙهڻ لاءِ اڳيان وڌيو ته، مصريءَ يڪدم ڦڙتيءَ سان پنهنجو ڪتو کڻي اڇلائي مڇيءَ واري پٺاڻ کي هنيو. ڪتو به زورائتو ۽ پاڻ مصري چريو به سگهارو سو جيئن ئي پٺاڻ کي زور سان ڪتو هنيائين ته، وڃي سيني ۾ لڳو ته پٺاڻ زيپوڙو ڪري هيٺ پٽ تي ڪريو ۽ بيهوش ٿي ويو. اهو سڀ اک ڇنڀ ۾ ٿيو. ماڻهن ڊوڙي اچي پٺاڻ کي مٿي کنيو ته پٺاڻ ۾ ساهه جڙي ئي ڪونه. وري ڊوڙيا ۽ ڊاڪٽر کي وٺي آيا جنهن اچي ڏسي تپاسي چيو ته، ”هي مري ويو آهي.“ پوءِ ته پٺاڻ جي مائٽن وٺ وٺان لائي ڏني. مصري چرئي کي پوليس ٻڌي کڻي وڃي بند ڪيو. ڪيس هليو ۽ جڏهن مصريءَ کي عدالت ۾ بيان ڏيڻ لاءِ آندو ويو ته هن چيو، ”پٺاڻ کي مون نه، ڪتي ماريو آهي.“ ڪجهه مهينا جيل ۾ بند رهيو ۽ پوءِ کيس چريو چئي آزاد ڪري ڇڏيائون.
مصري چرئي جي واقعن جو هن مضمون سان واسطو ڪونهي پر اها به هڪ ڪوهستاني چرئي جي روئداد آهي جنهن لاءِ هتي گنجائش نڪري پئي.
شاهه نوراني تي ويندڙ گاڏين جا ڊرائيور اتي ويساهين (ساهي پٽڻ) کائڻ لاءِ ٽڪي پوندا هئا. جيئن ته شاهه نوراني جي مزار هڪ ماٿريءَ ۾ آهي جيڪا تمام وڏن جبلن جي ٻانهن ۾ ويڙهيل آهي.
اتي جا جبل ايڏا وڏا ۽ ڊگها آهن جو ڪڪر به انهن جبلن جي اڌ مان گذرندا آهن. لطيف چواڻي، ”ڇپر ۽ ڇمر، ٿا لڳهه لڳن پاڻ ۾...“ اهي جبل اهڙا پراسرار ۽ قديم آهن جن جي پراسراريت ۽ قدامت تي لکجي ته ڪيئي ڪتاب لکجي وڃن، جن جو ٿورو ذڪر مون پنهنجي ڪتاب، ”شاهه لطيف جي ٻوليءَ جو تحقيقي جائزو“ ۾ ڪيو آهي اهو ڪتاب ڪراچي يونيورسٽي (لطيف چيئر) ڇپايو آهي.
انهيءَ پراسرار واديءَ ۾ شاهه نورانيءَ جي درگاهه پڻ هڪ جبل جي اڌ ۾ آهي. جيئن ته اتي زمين اڻ لڀ آهي سو، سيٺ علي محمد بڪڪ پنهنجي گاڏين جي ڊرائيورن، ڪلينرن، مسترين، منشين ۽ پنهنجي نوڪرن جي رهڻ، سمهڻ وغيره لاءِ شاهه نورانيءَ جي درگاهه جي ڀر وارن جبلن کي ٽوڙي هيٺ مٿي وڏا وڏا ٿلها ٺهرايا، ڇو جو ميڙي ۾ تمام گهڻا ماڻهو ايندا هئا جن لاءِ پِڙَ ۾ هنڌ ئي نه ٿيندو هو.
وڏن ڌنڌن ۽ ڪاروبار ۾ وير ۽ دشمنيون پڻ وڏيون ٿينديون آهن. ائين ئي بلوچستان جي بااثر ماڻهن پنهنجي اثر کي گهٽ ٿيندو ڏسي سيٺ علي محمد بڪڪ سان وير رکيو. هيڏانهن هوڏانهن رنڊڪون ۽ رڪاوٽون وجهڻ لڳا، جن کي پاڻ ڪا اهميت نه ڏيندو هو. ڇو جو سندس سڄو ڪاروبار سچ تي ٻڌل ۽ قانون جي تحت هو. پر ويري ته ويري آهن سو هڪ ڀيري شاهه نوراني جي ميلي جي موقعي تي اتي گهات هڻي ويهي رهيا. جڏهن سيٺ علي محمد بڪڪ جون سڀ ئي گاڏيون زيارتن/ جاٽين کي شاهه نوراني جي پِڙَ ۾ پهچائي، اچي محبت فقير جي مزار تي بيٺيون (جتي سندن اسٽاپ هو) ۽ سڀ ئي ڊرائيور، ڪلينر وغيره آرام ڪرڻ لاءِ شاهه نوارني جي ڀر وارن جبلن ۾ ٺهيل ٿلهن تي هليا ويا ته، آڌي رات جو گهات ۾ ويل هچارن خالي گاڏين تي فائرنگ شروع ڪري ڇڏي. گاڏيون وڏيون هيون (ٽرڪون ۽ بسون وغيره)جن ۾ هڪ هڪ گاڏيءَ ۾ 10-12 ٽائر لڳل هئا. اوچتي فائرنگ جي آواز تي سڀ ئي ڊوڙي اچي اتي پهتا. پرويري ڀڄي ويا.سيٺ علي محمد بڪڪ پاڻ ڪراچيءَ ۾ هو جنهن کي اطلاع ڪيو ويو، جيڪو اطلاع ملڻ شرط هڪدم سڀني گاڏين جا سڀيئي نوان ٽائر ۽ گهربل سامان ۽ مستري ساڻ کڻي اتي پهچي ويو ۽ سڀني گاڏين کي نوان ٽائر لڳرائي ڇڏيا. پاڻ ميلي جي پڇاڙي تائين نورانيءَ جي پڙ ۾ رهيو ۽ ميلي جي پڄاڻيءَ تي سڀني گاڏين کي زيارتين سميت موٽائي آيو. پوءِ خبر پئي ته ويرين جو خيال هو ته سندن ڪارروائيءَ سبب گاڏيون اتي ئي بيٺيون رهنديون ۽ مسافر رلي ويندا. پر سيٺ علي محمد بڪڪ جهڙو بهادر ۽ ذهين ماڻهو اهو سڀ ڪٿي برداشت ٿي ڪري سگهيو. جنهن کان پوءِ دشمني ويتر وڌي وئي. پٻني ناڪي واري اسٽاپ تي بيٺل سيٺ علي محمد بڪڪ جي هڪ بس کي باهه ڏئي ساڙيو ويو ته سڄي خلق ڪاوڙجي پئي. مجرمن کي جهلڻ لاءِ سرڪاري مشنري به حرڪت ۾ اچي وئي، دريجيءَ جو ايماندار نائب تحصيلدار راجه منظور جيڪو ڏاڍو متحرڪ عملدار هو. ان هڪ هڪ مجرم کي ڳولي ڳولي گرفتار ڪيو. انهن پوءِ ڏوهه باسيو ۽ بااثرن جا نالا ظاهر ڪيا. اهڙيءَ صورتحال ۾ سيٺ علي محمد بڪڪ جا جذباتي چاهيندڙ ڪاوڙجي پيا، جن ۾ بروهين جي اڪثريت هئي جن بدلي طور ويريين کي وڏا نقصان ڏنا.
انهيءَ سڄي ڇڪتاڻ ۽ جهڳڙي ۾ سيٺ علي محمد بڪڪ جو پنهنجي ماڻهن کي اهو ئي حڪم جهڙو چوڻ هو، ”مال جو، گاڏين جو، زيان ۽ نقصان ٿيئي ته ٿيئي، باقي ڪوبه جاني نقصان ٿيڻ نه کپي . نقصان ته نه ٿئي بلڪه ڪنهن به ماڻهوءَ کي ڪوبه جسماني ڌڪ نه لڳڻ کپي.“
سيٺ علي محمد بڪڪ جو راڄ ڀاڳ به وڏو هو ته، کيس چاهيندڙن جو حلقو به نهايت وسيع هو جيڪي پڻ بدلي وٺڻ لاءِ آتا ۽ مستعد هئا، تنهن کان علاوه سندس جانثار ڊرائيور جيڪي نهايت بهادر ۽ سگهارا هئا ۽ مقابلي لاءِ سدائين مسلح ۽ لانچيل هوندا هئا انهن چيو، ”اسين وڙهڻ لاءِ اڳرائي نه ڪنداسين. پر جي اهي پنهنجن علائقن ۾ اسان جي سامهون آيا ته اسين به کين نه ڇڏينداسين.“ پر سيٺ علي محمد بڪڪ جي کين اهائي هدايت هئي ”وڙهجو نه!“ هُو قتل ۽ خون جي سخت خلاف، نرم دل ۽ ٻاجهارو انسان هو.
دشمني ۽ وير جي انهيءَ طويل سلسلي جو جڏهن پير سائين پاڳاري، ڄام آف لسٻيلا ڄام مير غلام قادر عالياڻي ۽ سردار عطاءُ الله مينگل پرچاءُ جي صورت ۾ خاتمو ڪيو ته، سيٺ علي محمد بڪڪ سان اهي روئي ڀاڪر پائي مليا. حالانڪه پير سائين پاڳاري ۽ سڀني منصفن مٿن ڏوهه ڏنڊ پڻ رکيو هو. ان جي باوجود جڏهن اهي کليءَ دل سان مليا تڏهن سيٺ علي محمد بڪڪ کين چيو، ”اڄ اسين هڪ ٻئي سان سينو سيني سان ملائي مليا آهيون ته اسان کي ڪوبه ڏک ۽ پڇتاءُ ڪونهي. ڇو جو انهيءَ سڄي ويڙهه ۾ ڪو هڪ به جاني نقصان نه ٿيو آهي.“ سڀني اها ڳالهه مڃي ۽ کليءَ دل سان اعتراف ڪيو ۽ ان جو ڪريڊٽ سيٺ علي محمد بڪڪ کي ڏنو.
پير سائين پاڳاري سان سيٺ علي محمد بڪڪ جي شروع ۾ سڃاڻپ به سندس گاڏيون ۽ جبل جي ڏکين علائقن سان سندس وابستگي هئي.
سيٺ علي محمد بڪڪ جون گاڏيون جيئن ته، بلوچستان جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين هلنديون هيون جن ۾ هنگلاچ جهڙو ڏکيو علائقو پڻ شامل هو. هڪ ڏينهن سيٺ علي محمد بڪڪ پنهنجي لي مارڪيٽ واري ڪاروباري ڪوٺي ۾ ويٺل هو ته هڪ ماڻهو آيو، جنهن پنهنجو تعارف ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب طور ڪرايو ۽ چيائين، ”پير سائين پاڳاري جو هنگلاچ وڃڻ ۽ پٻ جبل ۾ شڪار ڪرڻ جو پروگرام آهي جنهن لاءِ اوهان جي رهنمائي کپي.“
سيٺ علي محمد بڪڪ حامي ڀري ۽ شڪار جي پروگرام جو ٻڌي هيڪاري سرهو ٿيو. سيٺ علي محمد بڪڪ هڪ نهايت ماهر شڪاري هو جنهن وڍ، خضدار، ڪنراچ ۽ پٻ جبل ۾ وڏا شڪار ڪيا، جن ۾ چِٽي (چيتي) جو شڪار پڻ شامل آهي. مصروفيتن جي ڪري شڪار لاءِ وقت گهٽ ملندو هئس. پر پوءِ به شڪار لاءِ وقت ڪڍي ويندو هو. ان وقت جبلن ۾ بي انداز شڪار هوندو هو. تنهن هوندي به پاڻ احتياط سان شڪار ڪندو هو. پوءِ ته شڪار ڪرڻ بلڪل بند ڪري ڇڏيو هئائين.
پير سائين پاڳاري سان هنگلاچ ۽ پٻ جبل ۾ شڪار جو پروگرام بنيو جنهن ۾ ساڻس گڏ سندس سؤٽ سيٺ غلام محمد بڪڪ پڻ شامل هو. پير سائين پاڳاري جون پنهنجون گاڏيون ۽ پنهنجون تياريون هيون. جڏهن ته سيٺ علي محمد بڪڪ پڻ پنهنجي طرفان مڪمل تياري ڪئي هئي، ڇو جو پاڻ انهن رستن ۽ جبلن جي ڏکيائين کان واقف هو.
سائين پير پاڳارو پنهنجي مريدن (حرن) ۽ دوستن سان گڏ انهن علائقن ۾ پهريون ڀيرو وڃي رهيو هو. کيس انهن علائقن جي باري ۾ معلومات نه هئي.
سيٺ علي محمد بڪڪ ۽ سيٺ غلام محمد بڪڪ پنهنجي پنهنجي جيپن ۾ هئا. قافلي ۾ گاڏيون گهڻيون هيون جن ۾ پير سائين پاڳاري جون مختلف گاڏيون هيون، جن ۾ راشن پاڻي، کاڌو پيتو بلڪه هر طرح جو سازو سامان موجود هو.
سائين پير پاڳاري جي اسپيشل جيپ سڀني کان اڳيان هئي، جنهن جي پويان ٻيون سڀيئي گاڏيون هيون. سڀ ئي گاڏيون جبلن جون چڙهايون چڙهنديون ويون. جيئن پوءِ تيئن جبلن جون چڙهايون وڌنديون ڏکيون ٿينديون ويون. ننڍيون گاڏيون چڙهنديون ويون. وڏيون گاڏيون جن ۾ راشن پاڻي ۽ کاڌو پيتو هو اهي وڏيون ۽ ڏکيون چڙهايون چڙهي نه سگهيون ۽ پٺيان هيٺ ئي رهجي ويون. تان جو آخر ۾ پير سائين پاڳاري جي گاڏي، ڪي سندس مريدن جون گاڏيون ۽ سيٺ علي محمد بڪڪ جي جيپ ۽ ڊاج ۽ سيٺ غلام محمد بڪڪ جي جيپ مٿي جبل جي چڙهاين تائين پهچي ويون. رات ٿيڻ واري هئي. سائين پير پاڳاري پنهنجي خاص ماڻهن (حُرن) کي چيو، ”پاڻي ۽ ڪافي کپندي.“
حُر ڏسن ته سائينءَ جي انهن گاڏين مان ڪا هڪ گاڏي به مٿي پهچي نه سگهي آهي، جن ۾ سائين پير پاڳاري جو اسپيشل فرانس جو پاڻي ۽ سندس مخصوص ڪافيءَ جا ڀريل ٿرماس هئا. پوءِ ته ڏاڍا پريشان ٿيا. بلڪه حر ته اصل ٻاتاڙجي ويا. سائين پير پاڳارو به کين حيرانيءَ مان ڏسڻ لڳو ته اوچتو سيٺ علي محمد بڪڪ چيو، ”سائين ڳڻتيءَ جي ڪا به ڳالهه ڪانهي. کاڌو پاڻي سڀ ڪجهه موجود آهي.“ چانهن، ڪافي، پاڻي ۽ ٻيون کاڌي جون چيزون سائينءَ جي اڳيان رکيائين ۽ ٻين به سڀني موجود ماڻهن اڳيان رکيائين ته سيٺ غلام محمد بڪڪ پڻ پنهنجي جيپ مان خاص بنايل مٺايون، ڪيڪ ۽ بسڪيٽ کڻي آيو. اهو سڀ ڏسي سائين پير پاڳارو گهڻو خوش ٿيو ۽ چيائين. ”بڪڪن جي مهرباني آهي نه ته حال برا هئا.“ کاڌي پيتي وغيره مان فارغ ٿي شڪار لاءِ تيار ٿيا. پير سائين پاڳاري جو پٻ جبل ۾ يا انهن ڪرڙن ۽ ترڇن جبلن ۾ شڪار ڪرڻ جو اهو پهريون ڀيرو هو جن لاءِ لطيف سائين فرمايو آهي،
ڪرڙا ڏونگر ڪه گهڻي، جِتِ جبل گوناگون
يا
آڏ ترڇا آهڙا، ڏونگر کي ڏاڪا
پير سائين پاڳارو انهن ڪرڙن گوناگون جبلن جي آڏن ترڇن ڏاڪن تان، بنا ڪنهن پرواهه ۽ خوف جي جبلن جي گڊن ۽ سرهن وانگيان ڇال ڏيندو مٿي چڙهندو پي ويو. اهو لقاءُ ڏسي حُر پريشان ٿي ويا ته الائي ڇا ٿيندو؟ جيئن جيئن سائين پير پاڳارو اوکن اڙانگهن جبلن تان مٿي چڙهندو وڃي، تيئن تيئن حُرن جو ساهه ويڙهجندو مٺ ۾ ايندو وڃي ۽ هو حيران پريشان، سائينءَ جي پٺيان پٺيان مٿي چڙهندا وڃن. سائين پير پاڳارو بيهڻ جو نالو ئي نه وٺي. هڪ هنڌ سائينءَ جو پير ٿورو آٿڙيو ته حُرَ خوفزده ٿي سيٺ علي محمد بڪڪ کي منٿون ڪرڻ لڳا، جيڪو پڻ سائينءَ جي پويان ئي مٿي چڙهندو پي ويو، ”اسان کي ايڏي جرئت ناهي جو سائينءَ کي مٿي چڙهڻ کان جهليون يا چئون. خدا جي واسطي اوهان کين مٿي چڙهڻ کان جهليو. هي چاڙهيون نهايت خطرناڪ آهن. خدا نه ڪري سائينءَ کي ڪجهه ٿيو ته اسين سڀ حُرَ هڪ ٻئي کي گوليون هڻي ماري ڇڏينداسين. وري جيئرا موٽي گهرن ڏانهن نه وينداسين.“
سيٺ علي محمد بڪڪ به محسوس ڪيو ته سائين، واقعي خطرناڪ چاڙهين تان چڙهي رهيو آهي ڇو جو پاڻ انهن جبلن جو ڄاڻو هو. اڳيان وڌي اچي سائين پير پاڳاري کي جهليندي چيائين، ”سائين، هي جبل اوکا آهن خاص ڪري پٻ جبل جي لاهين چاڙهين جو ڪو پتو ستو ڪونهي.“
ڀُڻي ڏونگر ڏوريان، ڪيچين لاءِ ڪڙيو،
پهاڙن پٻ جي، وڃا چوٽ چڙهيو،
ڪري ساجن سوگهو، سندم جيءُ جڙيو،
لڪن تان لڙيو، پير نهاريان پرينءَ جو.
(شاهه رح)
پير سائين سيٺ علي محمد بڪڪ جو چيو مڃيو ۽ بس ڪئي. هنگلاچ ياترا ۽ پٻ جبل ۾ شڪار ڪرڻ کان پوءِ سائين پير پاڳاري سان محبتن جا ناتا جڙي پيا. سائين پڻ کيس گهڻو ڀائيندو هو.
سيٺ علي محمد بڪڪ جي مخالف ’ڌر‘ تي پرچاءُ مهل ڏنڊ ۽ ڏوهه پڻ سائين پير پاڳاري رکيو. انهيءَ مهل سائينءَ کيس ڀاڪرپائي چيو هو، ”سيٺ صاحب، هي ڏنڊ اوهان جي کيسي جي خرچي به ناهي پر ڏنڊ مڙيئي ڏنڊ آهي.“
جڏهن آئون سنڌي ادب جي معتبر رسالي، ’سوجهرو‘ جي ايڊيٽر انچيف هيس ته، خيرپور مان محترم غلام عباس ڀنڀري فون تي ڳالهائيندي ٻڌايو هو، ”تازو هڪ پرچي ۾ سائين پير صاحب پاڳاري تي نمبر پي ڪڍيوسين جنهن لاءِ سائينءَ جون تصويرون کپيون ٿي. آئون ڪراچيءَ واري، ’ڪنگري هائوس‘ ۾ سندس خدمت ۾ حاضر ٿيس ۽ هن کي تصويرن لاءِ عرض رکيم ته پاڻ اٿيا ۽ تصويرن جا ’البم‘ کڻي آيا. هڪ البم ۾ سندس پراڻيون شڪار جون تصويرون هيون. پير سائين پاڳاري صاحب هڪ تصوير تي هٿ رکي چيو ته، هي تمام بهادر ماڻهو هو ۽ مون اهڙا بهادر ماڻهو زندگيءَ ۾ گهٽ ڏٺا آهن...“
وڌيڪ ٻڌايائين، ”جڏهن مون عرض ڪندي پير صاحب کان ان ماڻهوءَ جو نالو پڇيو ته پاڻ فرمايائون، ’هن بهادر شخص جو نالو سيٺ علي محمد بڪڪ آهي.“
واٽن وَهي ويا، وَرَ مَنجهائي واسيا،
اهڙا هوت هيا، سُڃ ڪيائون سُرهي.
(شاهه رح)
سيٺ علي محمد بڪڪ هميشه هيڻن جو همراهه رهيو. جنرل ايوب جي آمراڻي دور ۾ جڏهن قوميتن، خاص ڪري سنڌين ۽ ٻروچن کي چلڻ ۽ چٿڻ لاءِ فوجي حڪومت سرگرم هئي. سنڌي ۽ ٻروچ سندس حڪم مڃڻ کان نابري واري ويٺا هئا. فوجي حڪومت جي سندن خلاف وٺ پڪڙ لڳي وئي ته، ٻروچ پنهنجي قدرتي محفوظ پناهه گاهن/ جبلن، ڇپرن، اڏن ۽ غارن ۾ هليا ويا ۽ فوجي حڪومت سان دل گهريو مهاڏو اٽڪائي ويٺا. ويڙهاڪن جي اڳواڻي خير بخش مري ۽ شير محمد مري المعروف جنرل شيروف ڪري رهيا هئا. انهن سان بلوچستان جا ٻيا قبيلا پڻ ٻيل ۽ همراهه هئا، جن ۾ بڪڪ، مينگل، جکراڻي، کوسا وغيره شامل هئا.
فوجي حڪومت ڌرتيءَ ڌڻين لاءِ رڻ ٻاري ڌرتي تپائي ڏني هئي. خاص ڪري مري قبيلي تي حڪومت بمباري ڪري قيامت برپا ڪري ڏني. سڀ ئي مرد جيلن ۾ هئا يا جبلن ۾. بمباري ڏاس مان اڻيل تنبن ۽ کٿن جي ڀونگن ۾ لڪل اڃين، بکين ۽ هراسيل زالن ۽ ٻارن جي مٿان ٿي رهي هئي، جيڪي ڊنل هيسيل دانهون ڪندا جبلن جي گهيري ۾ هڪ ڇيڙي کان ٻي ڇيڙي تائين پِڙيُون (تيز ڊوڙن) ڪندا شهيد ٿي رهيا هئا. انهن جو ڪو به اوهي واهي ۽ خبر رکندڙ نه هو. فوجي جنرل جا ماڻهو بدمست هاٿيءَ وانگيان بي پرواهيءَ سان کين چيڀاٽي رهيا هئا.
فوجي حڪومت طرفان ويڙهاڪن جي علائقن بلڪه سڄي ٻروچ ۽ سنڌي علائقن ۾ هٿيارن تي ته پابندي لڳائي وئي هئي. ان سان گڏ راشن وغيره تي پڻ پابندي لڳائي وئي هئي جنهن ڪري لوڪ بک مرڻ لڳو. حالانڪه ساڳين علائقن ۾ فوجي حڪومت پنهنجن حمايتن/ دلالن جا گهر راشن پاڻيءَ مان ٿَهي (مڪمل ڀري) رهي هئي. ماحول اهڙو خطرناڪ هو جو حق ۽ سچ چوڻ موت کي سڏڻ برابر هو ۽ غريب ويچارا وات تي ماٺ جو چُونو هنيو ويٺا هئا.
سيٺ علي محمد بڪڪ جون گاڏيون جيئن ته ڪراچي کان حب، دريجي، پٻني، سنگهر، وندر، وڍ، خضدار، ڪنراچ، مستونگ، قلات، هنگلاچ، اورماڙو مڪران، گوادر، پنچ گور، مند، خاران، تربت.... مطلب ته سڄي بلوچستان ۾ هلنديون هيون، جن کي فوجي حڪومت محدود ڪري ڪن مخصوص علائقن تائين هلڻ جي اجازت ڏني هئي.
سيٺ علي محمد بڪڪ هڪ بهادر ۽ سچو قومپرست هو، جنهن جا قلات جي خان، لسٻيلي جي ڄام ۽ بلوچ سردارن سان گهرا قريبي واسطا ۽ دوستيون هيون. سردار عطاءُ الله مينگل ۽ سندس والد نواب رسول بخش مينگل سان ته بيحد گهرائيءَ وارا واسطا هئا. نواب رسول بخش مينگل سيٺ علي محمد بڪڪ کي تمام گهڻو ڀائيندو هو، ڇو ته جڏهن سرداريءَ واري ڇڪتاڻ ۾ سندس ئي مينگل قبيلي ۾ خون ۽ قتل جا سلسلا شروع ٿي ويا ته، نواب صاحب پنهنجو اباڻو پڍ ’وڍ‘ ڇڏي ڪراچي هلي آيو هو تڏهن سيٺ علي محمد بڪڪ ساڻس وڏيون نيڪيون ڪيون. جن جو پنهنجن پونيئرن جي برعڪس پاڻ سدائين معترف رهيو ۽ جڏهن به سيٺ علي محمد بڪڪ ساڻس ملڻ ڪراچيءَ واري سندس رهائش گاهه تي ويندو هو ته، وڃڻ مهل نواب صاحب گهڻو جهلڻ جي باوجود، وڏي عمر ۽ بيمار هوندي به پاڻ سيٺ علي محمد بڪڪ کي هيٺ لهي گاڏيءَ تائين موڪلائڻ ايندو هو.
نواب رسول بخش مينگل نهايت ئي دلبر ماڻهو هو. کيس فنڪارن سان ڏاڍو چاهه هوندو هو، مهان ڪلاڪار استاد محمد جمن جو ته اصل عاشق هو ۽ کيس غلام فريد صابري قوال به وڻندو هو. هو نهايت خوش طبع، ٻاجهارو ۽ ڳڻ ڳڻيندڙ انسان هو. شاهه نورانيءَ جي ميلي تي اڪثر ويندو هو ۽ اتي محفلون وغيره ڪرائيندو هو. هڪ ڀيري شاهه نوراني جي ميلي تي وڃڻ جو سندس موڊ نه هو ته ڪنهن ٻڌايس، ”سائين، هن ڀيري ميلي تي استاد محمد جمن به اچي پيو.“ ته خوشيءَ مان سندس اکين ۾ چمڪ اچي وئي، ”هان، جمن به اچي ٿو؟“
”ها سائين ۽ غلام فريد صابري قوال وارا به پيا هلن.“
”هان، صابريءَ وارا به اچن پيا!“ هڪدم اٿي چيائين، ”پوءِ ته ميلي تي ضرور هلبو. جمن به اچي پيو، صابريءَ وارا به اچن پيا. پوءِ ته رسول بخش جا ڪم ڏسڻ وٽان هوندا. ڪٿي هونديس قميص ته ڪٿي هونديس گنجي.“ معنيٰ خوشيءَ مان آپي کان ٻاهر نڪري ويندو. سو، بيرحم فوجي آمرن جڏهن سردار عطاءُ الله مينگل ۽ سندس ننڍي ڀاءُ مهر الله مينگل کي ٻين قومپرستن سان گڏ گرفتار ڪيو تڏهن نواب رسول بخش مينگل جهڙي نفيس انسان کي به گرفتار ڪيو. اهو ٻڌي سيٺ علي محمد بڪڪ کي گهڻو ڏک ۽ فڪر ٿيو. ڇو جو کيس خبر هئي ته نواب رسول بخش مينگل جيل وڃڻ کان ڊڄندو هو (۽ ڊڄڻ به کپي اهڙن وحشي دشمنن کان). اڳ به کيس فوجي آمرن سردار عطاءُ الله مينگل جي والد جي حيثيت ۾ گرفتار ڪري ڏاڍيون تڪليفون ۽ اذيتون ڏنيون هيون جنهن کان پوءِ هو سيٺ علي محمد بڪڪ کي چوندو هو، ” سيٺ، عطؤَ (سردار عطاءُ الله مينگل) کي سمجهاءِ ته ماٺ ڪري ويهي. هي جڏهن به اها ڳاڙهڪي ٽُوپي (روسي ڪيپ) پائيندو آهي ته پاڻ ته جهلجي ويندو آهي پر حرامي فوجي مون کي به سندس پيءُ جي ناتي جهلي ويندا آهن. مون اڳ به فوجين کي چيو هو ته آئون عطوءَ جو پيءُ ناهيان. پر انهن حرامين چيو، ”بڊها جهوٽ بولتا هـﻶ.“ ڇو جو سردار عطاءُ الله مينگل پنهنجي والد نواب رسول بخش مينگل جو بلڪل هم شڪل آهي.
سردار عطاءُ الله مينگل ماڻهن جي اڳيان اهي ڳالهيون ٻڌي مرڪي اٿي هليو ويندو هو. پر پوءِ اڪيلائيءَ ۾ سيٺ علي محمد بڪڪ کي چوندو هو، ”اتان اٿڻ ۾ ئي منهنجي عافيت آهي نه ته آئون جيڪر اتي ويهان ته بابا سڀني ماڻهن اڳيان ’عطوعطو‘ پيو چوندو.“
ٿيو به وري ائين ئي هو ۽ نواب رسول بخش مينگل جو ڊپ سچ ثابت ٿيو، کيس سردار عطاءَ الله سان گڏ گرفتار ڪري کين ڪوئيٽا جيل ۾ بند ڪيائون. پوءِ ته جنرل شيروف (شير محمد مري) سميت سڄي ويڙهاڪ قيادت گرفتار ٿي وئي.
جبلن ۾ وڙهندڙ جوڌن تائين ڪير پهچي؟ ڪير کين راشن پاڻي، هٿيار بارود ۽ ضرورت جو سامان پهچائي؟ ڪنهن جي به وس جي ڳالهه نه هئي. حساس علائقن مٿان فوجي هيلي ڪاپٽرن جي جانچ جاري هئي. ڪو ڪک پن به سندن اجازت کان سواءِ چُري ڦري نه ٿي سگهيو. حڪومت حيران هئي، ”سڀ واٽون ۽ دڳ بند آهن. سڀ گهيڙ گهٽ بلاڪ آهن. تنهن جي باوجود ڇپرن ۾ ويٺل ويڙهاڪن کي سڀ ڪجهه ملي رهيو آهي ۽ اهي زور شور مان وڙهي رهيا آهن.“
سيٺ علي محمد بڪڪ جي لي مارڪيٽ (ڪراچيءَ) واري ڪاروباري ڪوٺي ڄڻ ته ويڙهاڪن جو هيڊ ڪوارٽر بنيل هئي. سندس ٽرڪون سخت پائبندين جي باوجود مقصد تائين رسائي حاصل ڪري رهيون هيون. ٽرڪن جا ڊرائيور سيٺ علي محمد بڪڪ اهڙا ٽرينڊ ڪيا هئا، جو اهي ويڙهاڪ جوڌن جو روپ اختيار ڪري ويا هئا. اهي ساهه ڏيندا پر راز نه سليندا/ ڳجهه نه ڳرهيندا.
سيٺ علي محمد بڪڪ ۽ سندس سؤٽ سيٺ غلام محمد بڪڪ، هڪ ڏينهن لي مارڪيٽ واري ڪوٺيءَ ۾ ويٺل هئا ته سندن دوست محمود هارون صاحب (سنڌ جو اڳواڻو گورنر ۽ هاڻوڪي ملڪ جي گڏيل قومن ۾ نمائندي حسين هارون جو وڏو چاچو)، لالا اسرار احمد خان، غفار پاشا ۽ ڪي ٻيا دوست وٽن آيا. جن اچي کين ٻڌايو ته، ”اوهان ٻنهي (سيٺ علي محمد بڪڪ ۽ سيٺ غلام محمد بڪڪ)، ۽ اوهان جي ٽن ڊرائيورن (عظيم محمد بڪڪ، شفيع محمد بڪڪ ۽ غلام شفيع بڪڪ) جي گرفتاريءَ جا وارنٽ نڪري ويا آهن. اسان چاهيون ٿا ته اوهان گرفتاريءَ کان اڳ پنهنجي ضمانت ڪرائي ڇڏيو.“
سيٺ علي محمد بڪڪ ۽ سيٺ غلام محمد بڪڪ اڳ ئي فوجي آمرن جي وعده خلافين کان واقف هئا. ڇو جو ساڳئي فوجي آمر جنرل ايوب، اڳ سردار نوروز خان سان ويساهه گهاتي ڪئي هئي جو پهرين کيس گرفتار ڪيو هو ۽ پوءِ هن کان سندس نوجوان ۽ سورهيه پٽ ۽ ڀائٽيا گهريا هئا، جيڪي فوجي جنرلن کي رڪ جا چڻا چٻائي رهيا هئا. جڏهن پوڙهي سردار نوروز خان ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته جنرل ايوب ڪجهه معتبرن جي اڳيان قرآن پاڪ تي هٿ رکي قسم کڻي سردار نوروز خان کي چيو، ”توهان پنهنجا پٽ ۽ ڀائٽيا اسان جي اڳيان پيش ڪريو ته، اسين سندن مطالبا مڃي کين توهان سميت آزاد ڪري ڇڏينداسين. ڇو جو اسان خون خرابي جي خلاف آهيون.“ سردار نوروز خان پاڻ نهايت سچو، ويساهه وسوڙو، معصوم ۽ مهربان هو سو انهن ڪوڙن ڪُساکين فوجي آمرن جي قرآن پاڪ تي هٿ رکي قسم کڻڻ واري ڳالهه تي ويساهه ڪري ويو ۽ پنهنجن پٽن ۽ ڀائٽين کي سمجهائي زوريءَ مڃائي کين آڻي فوجي آمر جي اڳيان پيش ڪيو، اهو جنرل ايوب جنهن قرآن پاڪ تي هٿ رکي سردار نوروز خان کي حلفيه چيو هو ته، هو سندس پٽن ۽ ڀائٽين جا مطالبا مڃي کين آزاد ڪندو، ان ڪوڙي ۽ ظالم آمر جنرل ايوب، پوڙهي سردار نوروز خان جي اکين اڳيان سندس ڇهن نوجوان سورهيه پٽن ۽ ڀائٽين کي ڦاهيءَ تي لٽڪائي ڇڏيو.
سيٺ علي محمد بڪڪ پنهنجا اهي خدشا دوستن جي اڳيان رکيا ته، انهن چيو ته بيشڪ اوهان جا خدشا وزن دار آهن. پر اسين به سڀ ئي اوهان سان گڏجي هلون ٿا ۽ ڪوئيٽا مان ضمانت منظور ڪرائي وري گڏجي ڪراچي اينداسين. ڇو جو حڪومت اها ذميداري اسان جي مٿان رکي آهي ته اسين اوهان کي ڪوئيٽا ۾ آڻي ضمانت ڪرايون.
سيٺ علي محمد بڪڪ وارا سڀيئي دوستن سان گڏجي ڪوئيٽا آيا ۽ سندن خدشا درست ثابت ٿيا. ڇو ته فوجي حڪومت سندن ضمانت رد ڪري کين گرفتار ڪري ڪوئيٽا جيل ۾ اماڻي ڇڏيو. محمود هارون وارا انهيءَ ويساهه گهاتيءَ تي حيران پريشان ٿي ويا. پوءِ خبر پئي ته اهو سڄو پلان سيٺ علي محمد بڪڪ جي هڪ مخالف ايم.اين.اي جي چوڻ تي جنرل ٽڪا خان بنايو هو. انهيءَ ايم.اين.اي ٽڪا خان کي وڏيون دعوتون ڏنيون. تحفا ۽ شڪار ڪرايا هئا. اهوئي جنرل ٽڪا خان جنهن پوءِ 1971ع ۾ ڊاڪا ۾ چيو هو ته، ”ڀلي ڪيترا به لک بنگالي مرن انهن کي ماريو، اسان کي ماڻهو نه، زمين ٿي کپي.“
محمود هارون وارن کين ضمانت تي آزاد ڪرائڻ لاءِ پوءِ وڏا وس ڪيا، پر سندن ڪوبه وس هلي نه سگهيو ۽ هو مڙس ٻڌائي موٽي ڪراچي آيا.
سيٺ علي محمد بڪڪ وارن کي ڪوئيٽا جيل ۾ مڃائڻ لاءِ ڏاڍيون اذيتون، اوجاڳا،بکون، گهر وارن سان ملاقات بند..... پر اهي کين مڃائي نه سگهيا.
جيلن ۾ بيان کان ٻاهر اذيتون ۽ سزائون ۽ جيل کان ٻاهر غريب مسڪين عام ماڻهن جي مٿان ڏاڍ جو ڏنڊو پي هليو. هر ڪو ماڻهو هيسيل ۽ ٻاتاڙيل هو. چوڏسائن ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل هو ۽ فوج جنهن کي وڻي کنڀي کڻي پي وئي ۽ جيڪو کڄي ويو اهو ونئون ويو. نڪا پڇا نڪا تات. نڪا ڳالهه نڪا ڳت. قومپرست جبر جي جنڊ ۾ ڏرجي ۽ پيسجي رهيا هئا، جن جي باري ۾ ٻاهر جي دنيا کي ڪو پتو ستو نه هو. تڏهن ميڊيا مس بانبڙا پائي رهي هئي جنهن جي مٿان به شيپاڪن جو شپڪو لڳو پيو هو/ لٺ جو وسڪارو هو.
حڪومتي ذريعا، ”سڀ خير آهي“ جو راڳ سُر سان آلاپي رهيا هئا. عام ماڻهوءَ جو ملڪي ميڊيا تان ارواح کڄي ويو هو. اهي باقاعدگيءَ سان بي بي سي ريڊيو ٻڌي رهيا هئا. رات جا اڃا مس اٺ ٿيندا هئا ته بي بي سي ريڊيو جون خبرون جهر جهنگ، جبل ڪوهه ۾ ٻري پونديون هيون. ماڻهن جي دلين ۾ بي بي سي ريديو جي نيوز ڪاسٽرز رضا علي عابدي، اطهر علي، ۽ ياور عباس، جا نالا چٽجي ويا هئا، جتان کين ٽِڙي ڦِڙي ڪا خبر هتي جي سنگين حالتن بابت پئجي ويندي هئي. پر جڏهن بي بي سي نيوز جي هڪ ليڊي رپورٽر جي هڪ رپورٽ بي بي سي ريديو تان نشر ٿي ته دنيا ڇرڪي پئي ۽ سندن اکيون حيرت مان ڦاٽي ويون. رپورٽ ۾ ڄاڻايل هو ته ”ٻروچ قبيلن خاص ڪري مري قبيلي تي بمباريءَ بابت خبرون حاصل ڪرڻ ۽ حقيقتون ڏسڻ لاءِ جڏهن اسين فوجي حڪومت جي اجازت سان، فوجي هيلي ڪاپٽرن ذريعي متاثره علائقن جو جائزو وٺي رهيا هئاسين ته، مٿان کان اسان کي هيٺ جبلن جي وچ ۾ هڪ گڏهه نظر آيو جيڪو ويران ۽ تباهه حال علائقي ۾ گهٻرايل ڊوڙون ڪري رهيو هو. اسان پائليٽ کي اتي هيلي ڪاپٽر لاهڻ لاءِ چيو. جڏهن هيلي ڪاپٽر اتي لٿو ۽ اسين ان مان هيٺ لٿاسين ته اتي اسان کي ويراني نظر آئي ۽ بمباريءَ جا واضح ۽ چٽا پٽا نشان مليا. اسان انهيءَ گهٻرايل ۽ ڊوڙون ڪندڙ گڏهه کي مشڪل سان قابوءَ ۾ ڪيو جيڪو هيلي ڪاپٽر کي ۽ اسان کي ڏسي وڌيڪ گهٻرائجي ويو هو. اسان ڏٺو ته گڏهه جي مٿان ڪجهه لڏيل هو جيڪا شايد ڪپڙن جي ڪا هڙ هئي. اسان جڏهن مٿس ٻڌل ڪپڙن جي موڙي/هڙ کي کوليو ته ان مان ٻن ٻارن جا لاش مليا جن جي ڄمار مشڪل سان 2-3 مهينا هوندي. انهن کي شايد مائرن محفوظ هنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ مهل گڏهه تي نرم ڪپڙن ۾ آرام ده ۽ حفاظت سان ٻڌو هو ۽ پاڻ بمباريءَ جي نظر ٿي ويون هيون. گڏهه بمباريءَ کان گهٻرائجي ڊڄي جبلن ڏانهن ڀڳو هو ۽ تباهه حال ويرانن ۾ ڊوڙي ڌڻين کي ۽ ٻارن جي مائرن کي تلاش ڪري رهيو هو. ٻارن جا لاش ڳريل هئا جن ۾ ڪيڙا پئجي ويا هئا ۽ شديد بدبوءِ اچي رهي هئي.“
البرٽ ڪاميو چوي ٿو ته، ”اهي سڀ جيڪي اڄ آزاديءَ خاطر جدوجهد پيا ڪن دراصل انهن جي ويڙهه سونهن جي بقاءَ لاءِ ٿي رهي آهي.“
بي.بي.سي ريديو جي انهيءَ رپورٽ اچڻ کان پوءِ حالتن ڦيرو کاڌو. دنيا جي طاقتور ملڪن جون نظرون انهيءَ خطي تي کپيون ۽ فوجي آمرن جو رويو بدليو. قومپرست قيدين سان ملاقات ڪرڻ جا در کليا. سندن مائٽ ۽ دوست ديوانه وار ڪوئيٽا جيل ڏانهن ڀڳا ۽ ساڻن ملاقات ڪيائون جن جو تقريبن سال کان ڪو پتو ستو نه هو . اهي ملڻ وارا جذباتي منظر به وڏا داستان گهرن ٿا.
ملڻ کان پوءِ خبر پئي ته مٿن ملڪ ٽوڙڻ، بغاوت ڪرڻ ۽ باغين کي هٿيار ۽ راشن پهچائڻ وارا الزام لڳايا ويا آهن. اتي ساڻن گڏ، نواب رسول بخش مينگل، سردار عطاءَ الله مينگل، سندس ننڍو ڀاءُ مهر الله مينگل، شير محمد مري (جنرل شيروف) گل محمد جکراڻي، عرض محمد جکراڻي (جيڪب آباد وارا) ۽ ٻيا ڪيئي جوڌا هئا.
حڪومت جي ڪجهه نرم رويي سبب کين ڪوئيٽا جيل کان مچ جيل ۾ منتقل ڪيو ويو هو، جتي کين پنهنجي گهر جو کاڌو کائڻ جي پڻ اجازت ڏني وئي هئي. ان کان پوءِ سيٺ علي محمد بڪڪ جي چوڻ تي سندن گاڏيون راشن، بورچي ۽ ٻيا ڪم وارا ماڻهو کڻي مچ جيل پهچي ويون، جتي سيٺ علي محمد بڪڪ جي چوڻ تي روز ديڳيون چڙهڻ لڳيون ۽ ساڻس گڏ قيد ۽ ٻين ڌار بيرڪن ۾ قيد ٿيل سڀني ساٿين کي سندس پاران کاڌو پيتو ۽ چانهيون وغيره ملڻ لڳيون.
نواب رسول بخش مينگل اڳ ئي سيٺ علي محمد بڪڪ کي گهڻو ڀائيندو هو. اهو چوڻ لڳو، ”سيٺ علي محمد بڪڪ اسان کي پنهنجو نمڪ کارائي خريد ڪري ڇڏيو آهي.“
نواب رسول بخش خان مينگل جي سرشت ۾ نمڪ حلالي ۽ وفا شامل هئي. سندس ٻي شادي ڄام آف لسٻيلا ڄام غلام قادر عالياڻي جي ڀيڻ سان ٿيل هئي، جنهن مان کيس ٻه پٽ مهرالله خان مينگل ۽ ضياءَ الله خان مينگل ٿيا. جڏهن نواب رسول بخش مينگل، قلات جي خان الله يار خان جي عتاب ڪري پنهنجو اباڻو پڊ، وَڍ ڇڏي ڪراچي آيو هو ته لسٻيلي جي ڄام غلام قادر خان کيس وڏو ڏڍ ۽ تحفظ ڏنو، جنهن کي نواب رسول بخش مينگل زندگيءَ جي پڇاڙ ڪن لمحن تائين ڳائيندو رهيو، ايتري قدر جو جڏهن لسٻيلي جي ڄام مير غلام قادر خان جا سردار عطاءُ الله مينگل سان سياسي اختلاف ٿيا ته نواب رسول بخش مينگل پنهنجي موڀي پٽ سردار عطاءُ الله مينگل جي خلاف اٿي بيٺو. اليڪشن جا ڏينهن هئا ڄام مير غلام قادر جي مقابلي ۾ سردار عطاءُ الله مينگل لسٻيلي جي سيٽ تي پنهنجي مضبوط اميدوار ماسٽر مجيد حسين رونجهي کي بيهاريو. اهو ٻڌي نواب رسول بخش مينگل جيڪو اڳ ئي بيمار هو، اهو ڊپريشن ۾ اچي سخت بيمار ٿي پيو. سيٺ علي محمد بڪڪ کيس ڏسڻ ۽ طبيعت پڇڻ ويو ته نواب صاحب جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا. چوڻ لڳو، ”سيٺ، ڄام سان مقابلو ڪري عطوءَ سٺو نه ڪيو آهي. ڄام کيس سانڍي سنڀالي وڏو ڪيو آهي.“ سيٺ علي محمد بڪڪ جيڪو پاڻ به ڄام صاحب جو حامي هو، ۽ ساڻس گڏ ورڪ ڪرڻ ۾ به شامل هو ان نواب صاحب کي آٿت ڏيندي چيو، ”نواب صاحب، اوهان فڪر ڇو ٿا ڪريو، ڄام صاحب ته دهلن دمامن سان کٽي ويندو.“ نواب صاحب جيئن ته خوش طبع هو تنهن ان بيماريءَ واري سخت حالت ۾ به ڪمزور ۽ جهيڻي آواز ۾ چيو، ”سيٺ، دهل دمام گهوريا (ٺهيو) ڄام صاحب رڳو زور ڏئي کٽي ته به سٺو.“ بيماري ۽ فڪر واري ماحول ۾ چيل سندس اهو خوشگوار جهونڪي جهڙو جملو ماحول کي مهڪائي سڀني کي کلائي ويو.
ٿيو به ائين. ڄام وڏي اڪثريت سان کٽي دهلن ۽ دمامن سان نواب رسول بخش مينگل وٽ مبارڪون وصول ڪرڻ آيو. خوشيءَ واري اها خبر به سندس خراب طبيعت کي درست ڪري نه سگهي. هو ڄڻ ته ڄام صاحب جي فتح جي خبر ٻڌڻ جي انتظار ۾ پنهنجو ساهه روڪي ويٺو هو.
سيٺ علي محمد بڪڪ جڏهن ڄام صاحب جي کٽڻ جون مبارڪون ڏيڻ وٽس آيو ته، نواب صاحب جي طبيعت ٺيڪ نه هئي ۽ وٽس سردار عطاءُ الله مينگل به پريشان ويٺو هو. سيٺ علي محمد بڪڪ کي ڏسڻ شرط هن سردار عطاءُ الله مينگل جي موجودگيءَ ۾ چيو، ”سيٺ، منهنجي وصيعت ٻڌي ڇڏيو. مرڻ کان پوءِ منهنجي مڙهه کي وَڍَ واري منهنجي اباڻي بروهين واري مقام ۾ نه ڍڪجو. بلڪه مون کي لسٻيلي ۾ ڄامن جي خانداني قبرستان ۾ دفنائجو.“ وصيعت ڪرڻ جي ٻئي ڏينهن ئي پاڻ وفات ڪيائين.
سندس وفات کان پوءِ سندس ميت گاڏين جي وڏي جلوس ۾ جڏهن ڪراچيءَ کان لسٻيلي پهتي هئي، ته ڄام غلام قادر خان اتي سڀ ئي انتظام ڪري ڇڏيا هئا. سردار عطاءُ الله مينگل پنهنجي پيءُ نواب رسول بخش مينگل جي ميت ڄام غلام قادر جي حوالي ڪندي چيو، ”ڄام صاحب، وصول ڪريو پنهنجي ماڻهوءَ جي ميت. هي زندگيءَ ۾ به اوهان جو هو ۽ هاڻي به اوهان جو آهي. پنهنجي ميت سنڀاليو.“ ڄام غلام قادر خان روئندي نواب رسول بخش مينگل جي ميت وصول ڪئي ۽ سردار عطاءُ الله مينگل اوپرن جيان پري بيهي رهيو. اهڙوئي هونمڪ حلال، وفادار ۽ مهربان نواب رسول بخش مينگل.
سيٺ علي محمد بڪڪ جي ذڪر سان گڏ نواب صاحب جو ذڪر ڪرڻ ان لاءِ ضروري ٿي پيو هو جو جيل ۾ گڏ رهڻ ڪري هُو وڌيڪ سيٺ جي قريب ٿيو ۽ ساڻس وڌيڪ پيار ڪندو هو.
مچ جيل ۾ قيد رهندي کين ڏهه مهينا ٿي ويا هئا. جنهن دوران ملڪ جي صورتحال اهڙي ابتر ٿي وئي هئي، جو مجبورن فوجي آمر اليڪشن ڪرائڻ تي آماده ٿيو ۽ بغاوت وارن ڪيسن بابت به سندس رويو نرم ٿيو ان جي نتيجي ۾ سيٺ علي محمد بڪڪ وارا ۽ ٻيا سڀيئي سياسي قيدي آزاد ٿيا.
شيڪسپيئر چوي ٿو، ”منهنجو ذڪر ڪجو، ڇو جو آئون ڏوهاري ڪونه آهيان.“ آزاديءَ کان پوءِ به سيٺ علي محمد بڪڪ جون پنهنجي قوم لاءِ ساڳيون ئي سرگرميون رهيون. پر ڪن مفاد پرست ٻروچ اڳواڻن جي فوجي حڪومت سان ٺاهه ڪرڻ جي نتيجي ۾، آزاديءَ واري قومي تحريڪ کي ڪاپاري ڌڪ لڳو ۽ اها بيساهي ٿي وئي.
سيٺ علي محمد بڪڪ بلوچستان جي هر اهم جرڳي جو ميمبر رهيو. قلات ڊويزن ۽ لسٻيلي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو پڻ ميمبر هو. سندس ڪيل فيصلا مثالي هئا. سندس گهر ۽ ڪاروباري ڪوٺي راڄ ڀاڳ جي فيصلن جو مرڪز هئي.
حضور صلعم جو ارشاد پاڪ آهي، ”سڀ کان وڌيڪ پرهيزگار ماڻهو اهو آهي، جيڪو حق ڳالهه چوڻ مهل پنهنجي فائدي ۽ نقصان جو خيال نه ٿو ڪري.“ سيٺ علي محمد بڪڪ اهڙوئي امين ۽ منصف هو.
سندس مهمان نوازي به حيران ڪندڙ هئي. بلوچستان جي غريب علائقن جا ماڻهو رمضان شريف جي مهيني ۾، بنا ڪنهن ڪم ڪار جي ڪراچي ۾ اچي سندس اوطاق ۾ رڳو خاص روزا رکڻ لاءِ ايندا هئا ۽ سڄو رمضان شريف وٽس ٽڪي روزا رکي پوءِ ويندا هئا. انهن کي کارائڻ پيارڻ ۽ هنڌ بسترا ڏيڻ سڀ ڪجهه پاڻ پنهنجن هٿن سان ڪندو هو. نوڪرن جي هوندي به پاڻ پاڻيءَ جا ڪرئا (ڪونئرا) کڻي بيهندو هو.
اهڙا ئي انسان ڌرتيءَ جو مانُ، شان ۽ سونهن هوندا آهن. انهن جي هئڻ سان انسانيت ڪنڌ مٿي کڻي هلندي آهي. ماڻهپو مرڪندو آهي.
هڪ فارسي شعر آهي،
آدميت نه به نطق، نه به ريش، نه به جان
طوطيان نطق، بزان ريش، خران جان دارد-
(معنيٰ: ماڻهو نه ڳالهائڻ تي آهي نه ڏاڙهيءَ تي ۽ نه ساهه تي آهي. ڳالهائين طوطا به ٿا، ڏاڙهيون ٻڪرن کي به آهن ۽ ساهه گڏهه کي به آهي.)
لطيف بادشاهه جو بيت آهي:
راڻا پَسان نَه رَاڄَ ۾، مَٿي جِن مَڻي،
ڪَوههُ ڄَاڻا ڪيڏانهن وِيا، ڌُروڙين ڌڻي،
اُتر لڳن آڪرا، ڇا ها پين ڇَڻي،
کٽون تِن کَڻي، نِئِي لُڊاڻين لاَٿِيون.