ڪتاب جو نالو: وايون سنڌوءَ ڄايون
مصنف: زاهد شيخ
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 28 آگسٽ 2019 ع
پڙهيو ويو: 854 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 254 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ راڳي زاھد شيخ جي واين جو مجموعو آھي. رحمت پيرزادو مھاڳ ۾ لکي ٿو:
”زاهد شيخ سدائين جاکوڙيندڙ ۽ متحرڪ شاعر رهيو آهي، هو ماٺ ڪري ويهڻ، سُستي، ڪاهلي ۽ جمود جو ساٿي ناهي رهيو، اڳتي وک وڌائڻ ۽ ازلي منزل طرف هلڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. زاهد جو سنڌ جي آجپي ۾ ويساهه آهي. هو ڪاغذي شاعر ناهي پر ”شعلا شعلا واءَ ۾“ وارو شاعر آهي. زاهد شيخ، شاهه لطيف جي انهن مظلوم طبقن جو شاعر آهي، جيڪي محنت ڪندڙ ماروئڙا آهن، جيڪي سُجاڳي چاهن ٿا.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • حق ۽ واسطا
  • سنڌ سلامت پاران
  • مهاڳ: رحمت پيرزادو
  • پنهنجي پاران
  • بيت سمورا سنڌ جي ساگر جا موتي،
  • ماڻهو ماڻهوءَ جي – کيسي ۾ آهي،
  • سنڌ ڀومي آهيان – ڌرتيءَ گولي تان،
  • تو جي هيل ڪيا – ڌرتيءَ سان دوکا،
  • کڻو هَٿُ متان _ ڌرتيءَ جي سِرَ تان،
  • ڪو ته ڪيو کڙڪو – باهه جيان ڀڙڪو،
  • نيٺ ته ساري لوڪ تان – ويندا لُڙ لهي،
  • ايندي مهل اُها- باهه ڪندي ڀَڙڪا،
  • هي جي هٿ اُڀا – قاتل تي ڪڙڪيا،
  • سوچي وڌيون سرتيون – وڙهنديون ويرين ساڻ،
  • وستيءَ وستيءَ واس – ڄاڻ ته پُني آسَ،
  • رولي ، ڪڍئون رات – سُرندو ايندو سِجُ،
  • سورِ وِکن کي سورِ – چورِ چَپَن کي چورِ،
  • سُورَ وٺي سوغات – روئن شاديءَ رات،
  • وارو ڙي وارو- واهُر ڪا ته ڪيو،
  • جنگيون ۽ جهيڙا – ماڻهن جا ميڙا،
  • تڙپن ٿيون ديدون- اَڄُ تُنهنجي در تان
  • مَن ۾ ٿي مهڪي – ٻَکَ ۾ ٿي ٻَهڪي،
  • جيءَ جيءَ ڏِسي جهيرَ – تَڙپي ٿي تَحريرَ،
  • ڪونهي ڪو آواز- شايد آ ڪو راز،
  • ڳايو ٿو ڳايان – بيٺو جاڳايان،
  • لُڙڪن جي برسات- ورهين جيڏي رات،
  • در در تي ٿاڻو- گهٽيءَ گهٽيءَ گهاڻو،
  • ٿَڪَلَ سوچُن جي- سُتل قومن جي،
  • واٽن تان ويندي – سِجَ کي سڏيندي،
  • مايا جا ڪُل ميرَ- ڍونڍ لڳن ٿا ڍيرَ،
  • آڙههَ مان گُذريو- پَهر پَهر پَڄريو،
  • اَهڙو ڏينهن اَچي- ڪورَٽِ شال ڪَٽي،
  • آهن کوڙ پوليس ۾- ماڻهو مڻياندار،
  • ڏور گهڻو گهر گهاٽ- ڀَرِ ۾ ڦاسي گهاٽ،
  • قاتل وحشي بي رحمَ- ڪوڙا مُرشد پير،
  • ڪوٽَ ڪڏهن ڪِرندا- سوچين ٿا ويٺا،
  • پنهنجي لئه گهاريان- ڳَڻتيُن ۾ ڳاريان،
  • سو مَهڻيءَ ڌاري- ٻاٽ ڏيئو ٻاري،
  • جيسين مان آهيان- تُنهنجو ئي آهيان،
  • مان سَچيءَ دل سان- ڪوري ڪَنڌُ ڏيان،
  • رِڙهَنديءَ رَتُ مٿان- اَڄُ به سنڌوءَ تان،
  • ويندا ڏُک ويندا- ايندا سُک ايندا،
  • هار نه دل دلدار- مُرڪ مُسافرَ يارَ،
  • پنهنجا ڏسي ميل- هُلي ويون هيلَ،
  • تاريخون ٿيندا- ڏيک پيا ڏيندا،
  • سياڻا سوچيندا- ڪندا ڪُجهه ڪندا،
  • جو دَمُ جيءُ جيئي- سو دَمُ ڪَمُ ڪري،
  • ڪوجهيون ڳالهيون ٿا ڪريو
  • آيل اُڃَ مَري ويو
  • آس نه اُجڙي آ اَڃان
  • پوءِ ڪا ڳالهه ڪر
  • ديدون دڳَ ڏَسينديون آهن
  • بي ڏوههُ خون وهي پَيو
  • خودڪش حملي ۾ الا
  • ڊي ايڇ اي جي ڇوڪري
  • سو نه اسانجي ساٿَ ما
  • مَڪلي ماٺِ نٿي ڪري
  • سنڌ جي ٻن محبوب شاعرن تاجل بيوس ۽ شمشير الحيدريءَ کي ڀيٽا
  • پوءِ به ساڳي رات آ
  • جنهن سان بار جَهڪو ٿئي
  • موکي تُنهنجي مَڌُ ۾
  • پاڻ ڏِسي ٿو پاڻ کي
  • ماڻهو تنهن پل ٿو مَري
  • ڇو ٿي ڪرين ڇوڪري
  • اي دل اَهڙي ڳالهه ڪر
  • سوچي وِکَ وڌائجانءِ
  • پَلَ جي ڪَلَ نٿي پوي
  • آهون دانهون ٿيون اچن
  • جو ماڻهو جاڳي نٿو
  • روز ڪراچي شهر ۾
  • پنهنجي هر ڪنهن شهر جي
  • قاتل سنڌي قوم جا
  • مونکي پنهنجيءَ سِنڌُ جي- مِٽي آ پياري
  • جهڙي تهڙي حال ۾- جيئڻ ٿو چاهيان
  • جوڙيو گهر مزدور هو- رَتُ جي پورهئي سان
  • ڇوليون سِنڌي سَمنڊ جون
  • ڀينر شهر ڀنڀور ۾- ڪهڙو ڪَنڌُ کڻان
  • جڳ ۾ شال مِلي- هر ڪنهن ميهرَ کي
  • مَري ويندي مارُئي- آڻ نه مڃيندي
  • ڪيڏي سُهڻي سِنڌ آ- سائين هل ته ڏِسَئون
  • سِنڌُ کي جنهن جي نانَون سان- جَڳُ سُڃاڻي ٿو،
  • غيرَ ته آهن غيرَ پَرَ- مُونسان مُشڪِل ۾،
  • هڪ ٻئي کان وِڇڙي- اَندَرَ وِيا اُجڙي،
  • ساري جڳ ۾ سونهن جي- ماپَ ڪجي ڪهڙي،
  • ننڍپڻ جا سَنگتي سڀئي- ۽ سنگتين جا پيارَ،
  • هر ڪنهن سِنڌيءَ ڀاءُ کي- هڪڙي چُمي ڏَئي،
  • واهه جو هر ڪنهن روح ۾- رنگ رچي ويندو،
  • سَلجَڻ کان پوءِ راز ڪو- راز نه رَهندو آ،
  • شال نه ائين ٿئي- هرڪو پاڻ چَوي،
  • ڪونهي ڪو ساڳيو- ڳوٺ سڄو مُنهنجو،
  • رَتُ جا رشتا روحَ سان- پنهنجا ٿي نه سگهيا-
  • جنهن ماڻهوءَ ۾ ماڻهپو- مُور نٿو ڏِسجي،
  • توڙي پنهنجو ڪا گهڙي- مُور نٿي سَمجهين،
  • جيئڻ جي لئه ٿو مِلي- روز نئون جذبو،
  • ڏاڍي سُهڻي آ- هر مَنَ موهڻي آ،
  • سمنڊ سويرن جي- يار مَڇيرن جي،
  • وڏيرن ٺاهيا- مينهن جا واڙا،
  • ڪل پوي ئي ڪانٿي – ڪيڏو تيزيءَ سان،
  • ٻيڙو ٻوڙيندُئي- لاش به لوڙهيندُئي،
  • ٻالڪ پڻ جي راند ۾- جنهنجو جنهن سان ٿيو،
  • ساٿ منجهان ڪٽجي- ويهندو ڪو ٿڪجي،
  • ڪير ڪٿي هو ڪيئن- جو به جتي هو جيئن
  • ڇاجي تون ۽ مان- هِڪُ ئي هِڪُ آهيان،
  • جيڏي ڌرتي آ- درد آهن تيڏا،
  • مُند اَچي وئي آ- پوکَ پَچي وئي آ،
  • سچا ساٿ ڏين- کوٽا ڪين کپن،
  • هڪڙي آزادي نه آ- ڪيئي آزاديون،
  • رَسمُن روئاريون- بيوس باندياڻيون،
  • پيارَ پَڙهيا آهيون- قُربَ ڪَڙيا آهيون،
  • ميرَ مَدائيءَ جا- مُور نه ڄاڻئون ٿا،
  • ڊاهيندئو ڊهنديون- روئيندئو رهنديون،
  • جي سچا آهيو- رنگ رچيا آهيو،
  • دل جو درپن آ- من جو ڪو من آ،
  • جيءَ ۾ ٿا جهومن- جرڪيو ٿا جرڪن،
  • ڪي ٿا سنوارن قوم کي- قاتل آهن ڪي،
  • دردَ ڏُکايل ديس جا- روز لکڻ جي لاءِ،
  • ڪنهن پل منجهه مليا- ڪنهن پل وڇڙي ويا،
  • جاڪون جيءَ جَڙيا- اکڙين مَنجهه اَڙيا،
  • اُجرا ٿي نه سگهيا- اُجرن چهرن جا،
  • سچن ساٿين جا- ماکيءَ کان مٺڙا،
  • هيڻا ٿي نه هَلو- جهيڻا ٿي نه جيو،
  • گهر گهر ٿيو گهورَ، تاويزن جا شورَ،

  • ارپنا

    مان پنهنجو هي ڪتاب
    سنڌ جي اُنهن سڀني سچن سپوتن جي نانءِ ڪيان ٿو
    جن سنڌ امڙ جي آزاديءَ لاءِ
    وقت جي هر جابر کي للڪاريندي
    پنهنجين جانين جا نذرانا ڏنا آهن

    زاھد شيخ


    حق ۽ واسطا

    ڪتاب: وايون سنڌوءَ ڄايون (وايون)
    شاعر: زاهد شيخ
    موضوع: وايون
    انگ: هڪ هزار
    ڇاپو پهريون: جون 2017
    پاران: نئون نياپو اڪيڊمي،
    سي-4، سچل ڳوٺ گلشن اقبال ڪراچي
    Ph: 021-34690389
    Cell # 0333-2311582
    مُلهه:300 رپيا

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”وايون سنڌوءَ ڄايون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ راڳي زاھد شيخ جي واين جو مجموعو آھي. رحمت پيرزادو مھاڳ ۾ لکي ٿو:
    ”زاهد شيخ سدائين جاکوڙيندڙ ۽ متحرڪ شاعر رهيو آهي، هو ماٺ ڪري ويهڻ، سُستي، ڪاهلي ۽ جمود جو ساٿي ناهي رهيو، اڳتي وک وڌائڻ ۽ ازلي منزل طرف هلڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. زاهد جو سنڌ جي آجپي ۾ ويساهه آهي. هو ڪاغذي شاعر ناهي پر ”شعلا شعلا واءَ ۾“ وارو شاعر آهي. زاهد شيخ، شاهه لطيف جي انهن مظلوم طبقن جو شاعر آهي، جيڪي محنت ڪندڙ ماروئڙا آهن، جيڪي سُجاڳي چاهن ٿا.“
    ھي ڪتاب 2017ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ، ڪراچي پاران ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون نئون نياپو جي سرواڻ انعام سنڌيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ ٿورا پياري زاھد شيخ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مهاڳ: رحمت پيرزادو

    جڏهن به ڪنهن شاعر جو ڪتاب سامهون ايندو آهي ته هڪ پُراسراريت ۽ هڪ تجسُسَ ڀري ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي ۽ ماڻهو سوچيندو آهي ته هُن شاعر هن دنيا کي ڪيئن ڏٺو هوندو ۽ ان جي مشاهدي جو اظهار ڪهڙو هوندو ۽ ان اظهار جو ميڊم ڪهڙو هوندو ۽ دنيا ۾ موجود سڀني شاعراڻن اهڃاڻن جو هڪ گڏيل تصور، اڳ ۾ ئي هڪ سحر انگيز ڪيفيت طاري ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ماڻهو شاعراڻي دنيا ۾ داخل ٿي، پنهنجي اندر ۾ موجود ڄڻ هر عشق جو ادراڪ ۽ هر حُسن جو لقاءُ پَسڻ لاءِ آتو هوندو آهي.
    شاعري ٻُڌائيندي آهي ۽ اهو اظهار ڪندي آهي ته جنهن شاعر جو اوهان مطالعو ڪري رهيا آهيو ان دنيا کي ڪيئن ڏٺو آهي يا دنيا ان تي پنهنجا ڪهڙا اڇوتا اسرار کوليا آهن ۽ ڏات جي ديوي ان ڪويءَ جي اوجاڳن تي ڪيئن پنهنجا عريان انگَ ظاهر ڪيا آهن جن جو اظهار هِن شاعر ڪيو آهي. هاڻي ڏات ۽ شاعر جي وچ تي هڪ ٽين دنيا به پنهنجا رستا کوليا آهن ۽ اها ٽين دنيا پڙهندڙ جو ذهن آهي. هڪ شاعر جي شاعري پڙهي، اهو احساس ٿيندو آهي ته هن پنهنجي دور ۾ ايتري ڏات ملڻ کان پوءِ دنيا کي ڇا ڏنو؟ هن کي ماحول ڪهڙو مليو ۽ ان ۾ هُن Input ڇا ڪيو، يا- Deliver ڇا ڪيو. پنهنجي آس پاس جي سڄي سماج ۾ هن ڇا ڏنو!؟ ڇا هُن رڳو تشبيهون، استعارا، ڪنايا، رمزون، اشارا ڏنا، گهڙيا، تخليق ڪيا، يا ليکڪ ۽ ڏات جي فني ۽ فڪري حاصلات مان ڪو پڙهندڙ کي پيغام به مليو يا نه!.
    اصل تخليق Message Oriented آهي ۽ پيغام يا سبق ڏيندڙ ٿيندي آهي. اهو تخليق ڪار بدنصيب آهي ۽ ڏات جو محتاج آهي جنهن جي شاعريءَ ۾ ميسيج ناهي. پوءِ سوسائٽي ان جو ميسيج ڪڏهن ٿي سمجهي، سمجهي به ٿي يا نه ٿي سمجهي اهو حالتن تي منحصر آهي. گهڻا شاعر آهن جن جو ميسيج صدين کان پوءِ سمجهيو ويو ۽ ڪيتريون ئي بدنصيب قومون آهن جيڪي مرندي مري ويون پر پنهنجي پيغمبرن کي سُڃاڻي نه سگهيون.
    جڏهن قومون ڪنهن شاعر کي سڃاڻنديون آهن ته گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ انهن جا گيت هوندا آهن، هر ٻالڪ ٻالڪ جي ٻاتي لهجي ۾ انهن جون سٽون سُرنديون رهنديون آهن. اهو وقت جو سچ آهي ته شيخ اياز جي جنهن بيت کي عابده پروين عالمي ڪانفرنسن ۾ ڳائي، استاد منظور علي خان به انهن سٽن کي محفلن ۾ ڳائي ۽ لاهوتيءَ جي اعلان ۾ ميلن تي به اهو بيت دهرايو وڃي سمجهو ته ان عوامي مقبوليت ماڻي ورتي. جاڳ ڀٽائي گهوٽ، توکي سنڌڙي ٿي سڏڙا ڪري،
    مرن پيو مارويون، ۽ قابو آهن ڪوٽ،
    اچ ته تنهنجي اوٽ، ڏاڍن کي ڏاري وجهون.
    (اياز)
    جيستائين ڏاڍ موجود هوندو شيخ اياز مري نه ٿو سگهي. اِها شاعري اُها آهي جيڪا هر طبقي کي هڪ جيترو متاثر ٿي ڪري. اصل شاعري اها ئي هوندي آهي. پوءِ اها خودبخود عوامي رنگ ۾ ڳائي ويندي آهي. منهنجو ذاتي رايو آهي ته ڳائي اها شاعري ويندي آهي جنهن ۾ درد هوندو آهي ۽ ان جي اظهار ۾ سچائي هوندي آهي. شيخ اياز جي ڌرتيءَ جي اڄ جنهن شاعر جي واين جو ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي، اهو پڻ عوام جي مقبوليت ماڻيندڙ شاعر آهي جنهن جو نالو آهي زاهد شيخ.
    هي خوش شڪل، بااخلاق، يار ويس ۽ بي حد فضيلت ڀريو نوجوان دوست انتهائي سڄاڻ شاعر، سچو انسان ۽ شاعريءَ ۾ اُن اسڪول آف ٿاٽ جو ماڻهو آهي جن سماج کي پنهنجي شاعريءَ وسيلي ڪو پيغامُ، ڪو ميسيج، ڪو تحرڪ ۽ ڪا واٽ ڏني آهي، ڇڙو محبت جي روايتي تشبيهن، استعارن، محرڪن ۽ لفاظيءَ جو اظهار نه ڪيو آهي پر لفظن ۾ جذبو ڀريو آهي ۽ سُتل قوم کي ڇرڪايو آهي ۽ هڪ دور جي شاعريءَ تي پنهنجو اثر ڇڏيو آهي.
    منهنجي ذات جي ويجهو، منهنجي دل جي داخلي دنيا ۾ زاهد شيخ جا اهي سمورا گيت گنگنائجي پڙاڏا بڻجندا رهندا آهن جيڪي سرمد سنڌيءَ جي شهرت جو سبب بڻيا هئا ۽ اهو تاثر عام هئو ته سرمد ڳائي ته زاهد جي شاعري ڳائي. ٻيو منهنجي اندر جي دنيا ۾ زاهد شيخ جي بافضيلت شخصيت به پنهنجي ڀرپور جوڀن ۾ موجود آهي، هو انهن دوستن منجهان آهي جن جي ڪنهن به ڳالهه تي انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. زاهد شيخ سنڌ جو ”سڪي لڌو“ فرزند آهي ۽ سڄي سنڌ هُن سان مون وانگر محبت ڪري ٿي. ڇو ته هو سنڌ جو آواز آهي. هُن جون وايون وقت جا وار پٽن ٿيون، احتجاج ڪن ٿيون ۽ صدا هڻن ٿيون ته اوهان سنڌ کي برباد ٿا ڪيو، ڏسو ته سنڌ ڇاهي! اهو زاهد شيخ جي هن ڪتاب جو ميسيج آهي:
    بيت سمورا سنڌ جي ساگر جا موتي،
    وايون سنڌوءَ ڄايون آهن
    بيوس هر ڪنهن ڀيڻ لئِه منهنجا هٿ پوتي-
    وايون سنڌوءَ ڄايون آهن. (زاهد)
    يا هي عالمِ انسانيت لاءِ سنڌ جو پيغام ڏسو:
    سنڌ ڀومي آهيان
    ڌرتيءَ گولي تان- منهنجو نانءُ نه ميٽيو-
    وارث اٿم واهرو،
    نڌڻڪي ناهيان. منهنجو نانءُ نه ميٽيو- (زاهد)
    زاهد شيخ سدائين جاکوڙيندڙ ۽ متحرڪ شاعر رهيو آهي، هو ماٺ ڪري ويهڻ، سُستي، ڪاهلي ۽ جمود جو ساٿي ناهي رهيو، اڳتي وک وڌائڻ ۽ ازلي منزل طرف هلڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. زاهد جو سنڌ جي آجپي ۾ ويساهه آهي. هو ڪاغذي شاعر ناهي پر ”شعلا شعلا واءَ ۾“ وارو شاعر آهي. سندس هڪ خوبصورت وائي آهي ته:
    سورِ وِکن کي سورِ،
    چورِ چپن کي چورِ- مهل نه آهي ماٺ جي-
    جُهوني جُهورِ سماج کي-
    بيهي ڀڃي ڀورِ، مهل نه آهي ماٺ جي- (زاهد)
    هڪڙو اهڙو دور آيو جو زاهد پاڻ ڳائڻ شروع ڪيو هُو وڪٽر هارا وانگر محفلن ۽ ميڙاڪن ۾ مائيڪ وٺي پاڻ ڳائڻ لڳو. اها هُن جي روح جي سچائي آهي ۽ تخليق سان سندس بي پناهه پيار جي نشاني آهي. سندس جذبا جوان آهن، مگر صبح ٿيڻ کان پهريان رات وڌيڪ ڪاري ۽ ڀيانڪ ٿي ويندي آهي. پر سچائيءَ سان ڪيل شاعري خود شاعر لاءِ به مشعل بڻجي ويندي آهي پنهنجي شاعري هڪ سُونهين جو ڪردار ادا ڪندي آهي ۽ جذبن جي سچائي اُن پوئين پُور مان پار ڪرائيندي آهي. زاهد چئي ٿو:
    وستيءَ وستيءَ واسَ،
    ڄاڻ ته پُني آسَ- باقي ٿوري رات الا
    زاهد نيٺ ته روڪبا،
    راهُن ۾ راڪاسَ- باقي ٿوري رات الا. (زاهد)
    زاهد پُراميد آهي، هُن حالتن جي ٻاٽ ۾ گهٻرايو ناهي ۽ چوي ٿو ته روشني ضرور ايندي:
    رولي ڪڍئون رات،
    سُرندو ايندو سج- رِڙهندي ايندي روشني-
    هينئڙا پئُه نه هارجي،
    جيئڙا يار نه جِهڄُ- رِڙهندي ايندي روشني- (زاهد)
    مون جڏهن به ڪنهن جي واين تي لکيو آهي يا ڪنهن جون وايون پڙهيون آهن ته هڪڙي سهڻي سنڌي شاعر مشتاق باگاڻيءَ جي هڪ وائي مون کي هميشه ياد ايندي آهي ته:
    توجو ڀانيو ڀت،
    ريڍارن جو رت- ٺاري ٺاري کائجانءِ! (مشتاق باگاڻي)-
    ان وائيءَ ۾ ڪيڏو درد آهي، ڪيڏي سچائي آهي. اهڙي ئي هڪ پُرسوز وائي زاهد شيخ جي هن ڪتاب ۾ ٿر جي ٻارڙن جي حوالي سان آهي، زاهد لکي ٿو:
    مان ڪيئن پيئان کيرُ،
    منهنجو ٿر ۾ وِيرُ- آيل اُڃ مري ويو- (زاهد)
    هنن سٽن ۾ ڪا به تشبيهه ناهي، هي سٽون سماجي حقيقت نگاريءَ جو مجسمو آهن. وائيءَ جي وراڻيءَ سميت انهن ٽن سٽن ۾ ڪا به ڊمانڊ ناهي، پر اهي سٽون هڪ لڪير آهن، جيڪا ذهنن ۾ سرحدون طئِه ڪندي آهي، سرحدون جيڪي ملڪ بڻائينديون آهن، اهي ٽي سٽون اها لڪير ٿيون ٺاهن جيڪا دنيا جي نقشي ۾ ظاهر ٿي ٿئي. هي سٽون اُهو منظوم سچ آهن جن کان اسان جا سياسي نمائندا لاتعلق آهن. ٿر جي اگهاڙن ماڻهن جي نالي ۾ ووٽ کڻي کڻي گرم صحرا مان ٿڌين گاڏين ۾ گذرندڙ ۽ پارليامينٽ جي وڏن هالن ۾ ڪشادين ڪرسين تي ويٺل اهي ڀوتار جنهن رياست ۽ سامراج جي ڀڙوت ٿا ڪن، اها روش هاڻي رهڻي نه آهي. ڇو ته ديس جا شاعر، ليکڪ، باشعور قلم ڪار ۽ سُرن جا سفير سجاڳ آهن- هاڻ ڪو به ٻار مرندو ته ڌرتيءَ جي دل گڏجي ڌڙڪڻ لڳندي.
    آئون جنهن Massage Oriented شاعريءَ جي ڳالهه ڪيان ٿو، ان ۾ پنهنجي دور جي سچ کي آرٽسٽڪ نموني بيان ڪرڻ، هڪ اهم نُڪتو آهي. پنهنجي دور جي سماجي حالتن کان خالي شاعري ڪهڙو پيغام ڏئي سگهي ٿي. ان لاءِ ضروري آهي ته ڏات جي روانيءَ سان گڏ شاعر جي مطالعي ۽ مشاهدي، محنت ۽ سچائيءَ سان گڏ پنهنجي دور جي سچ جو ساٿاري ٿجي ته شاعري عوام ۾ پاڻ مقبوليت ماڻيندي.
    باقي عوام کان ڪٽجي جيڪا شاعري ٿئي ٿي اها يا ته جهنگ جا جانور سمجهي سگهن ٿا يا اِيلين مخلوق ان مان فائدو وٺي سگهي ٿي. پوءِ مڃتا جو سوال ماڻهن کان ڪرڻ نه کپي. جڏهن شاعري مظلوم قوم لاءِ ڪجي ٿي ته ان پرک به ٿيندي ۽ پرک جا پئمانا به طئِه ٿيندا. شاعري ڪهڙي طبقي سان تعلق رکي ٿي؟ اهي سوال به پڇيا ويندا. زاهد شيخ شاهه لطيف جي انهن مظلوم طبقن جو شاعر آهي، جيڪي محنت ڪندڙ ماروئڙا آهن، جيڪي سُجاڳي چاهن ٿا، ۽ پوءِ زاهد شيخ انهن کان اهو سوال به ڪري سگهي ٿو ته:
    ڪو ته ڪيو کڙڪو
    باهه جيان ڀڙڪو- آهيو ڪنهن جي آسري.
    زاهد پنهنجي دل منجهان
    دور ڪيو ڌڙڪو- آهيو ڪنهن جي آسري. (زاهد)-
    ڏسڻو اهو آهي ته زاهد پنهنجي شاعريءَ وسيلي ديس جي دل مان اهو ڌڙڪو ختم ڪري سگهي ٿو يا نه! مگر ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته زاهد پنهنجي مڪمل سچائيءَ سان مسلسل لکي رهيو آهي. سندس خيال جڏهن عشق جي وجدان، مان ٻاهر نڪرن ٿا ته هُو ائين به سوچي ٿو ته:
    ڳايو ٿو ڳايان،
    بيٺو جاڳايان- جاني جاڳن ئي نه ٿا-
    منزل ڏاڍي ڏور آ،
    پر موٽيو ناهيان- جاني جاڳن ئي نه ٿا- (زاهد)
    مگر زاهد کي پنهنجي محبوب قوم سان جيڪا محبت آهي. ان جو ڪو مُلهه ئي ناهي. اهو ڏينهن ضرور اچڻو آهي جڏهن مارو جاڳندا ۽ هڪ حسين سوجهرو ”سنڌو ديس“ جي نالي ۾ ظاهر ٿيندو. ان ڏينهن انهن آوازن کي، انهن نغمن کي مانُ ملندو، ان ڏينهن ڌرتيءَ جي هنج ۾ شهيد جوانن جا لاش جرڪڻ لڳندا. هي گُهٽ ۽ ٻوسٽَ ان صبحِ- صادق جي نويد آهي، جنهن جي جستجوءَ ۾ زاهد شيخ هي رنڊا روڙيا آهن.

    رحمت پيرزادو


    پنهنجي پاران

    ”وايون سنڌوءَ ڄايون“ هي منهنجي شاعريءَ جي مجموعن ۾ وائين جو ٻيو مجموعو آهي جنهنجو پهريون ڇاپو اوهان جي هٿن ۾ آهي، هن کان اڳ منهنجو هڪ ٻيو وائين جو مجموعو ”گهاوَن مٿان گل“ جنهن جا ٻه ڇاپا ڇپجي چُڪا آهن ۽ هاڻي ٻن مهينن کان پوءِ ٽيون ڇاپو به ڇپجڻ وارو آهي مون سنڌي ادب کي وائين جا هي ٻه مجموعه اهڙا ڏنا آهن جن ۾ ڄڻ ته پنهنجو سڄو اندر اوتي ڇڏيو اٿم. مون پنهنجي شاعريءَ ۾ ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ وايون ۽ غزل وڌيڪ لکيا آهن پر مان اڳ ۾ به اِهو عرض ڪري چڪو آهيان ته منهنجي ڪيل ٽوٽل شاعريءَ جو نوي پرسينٽ حصو 1975ع کان وٺي 1992ع تائين شاگرديءَ واري زماني جو لکيل آهي گُذريل چوويهن سالن ۾ صرف ڏهه پرسينٽ شاعري ڪئي اٿم جيڪا ٽوٽل ملائي ٻارنهن ڪتاب ٿيا آهن جيڪي هينئر واري واري سان ڇپرائي رهيو آهيان شاعريءَ ۾ منهنجي محبت جو مرڪز زياده تر سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي قوم رهي آهي اِن ڪري هي ڪتاب به پنهنجن قومي جذبن جو مجموعو سمجهي ڇپرائي اوهان تائين پهچايو اٿم. هاڻي مُنهنجا سائين هن ڪتاب کي روح سان ويهي پڙهو ۽ پنهنجي اصلاحي راءِ ڏيو ته جيئن مان اوهان جي اصلاحي راءِ کي نظر ۾ رکي پنهنجي شاعريءَ کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهان.

    اوهان جو پنهنجو

    زاهد شيخ
    ڪراچي سنڌ

    Cell # 0336-3500030


    بيت سمورا سنڌ جي ساگر جا موتي،

    بيت سمورا سنڌ جي ساگر جا موتي،
    وايون سنڌوءَ ڄايون آهن
    بيوس هر ڪنهن ڀيڻ لئه- مُنهنجا هَٿ پوتي،
    وايون سنڌوءَ ڄايون آهن
    ساههُ وڪوڙيُم سِنڌُ سان – جيئن تُنهنجي چوٽي،
    وايون سنڌوءَ ڄايون آهن
    جنهن جنهن ساههَ سَٺا جَبُر – تنهن تنهن جنگ جوٽي،
    وايون سنڌوءَ ڄايون آهن
    زاهدَ وڌن ٿيون وکون – وينديون ڪيئن موٽي،
    وايون سنڌوءَ ڄايون آهن
    وايون سنڌوءَ ڄايون آهن


    ماڻهو ماڻهوءَ جي – کيسي ۾ آهي،

    ماڻهو ماڻهوءَ جي – کيسي ۾ آهي،
    ڪمپيوٽر جو دئور آ-
    پُٽ پَيو ٿو پيءُ کي- سي ڊي سمجهائي،
    ڪمپيوٽر جو دئور آ-
    موبائل ٿو منٽ ۾- مائي ڦاسائي،
    ڪمپيوٽر جو دئور آ-
    ماما مُلان آ ويو- بازي هارائي،
    ڪمپيوٽر جو دئور آ-
    هر پاسي هر قوم ٿي- اِنگلش ڳالهائي،
    ڪمپيوٽر جو دئور آ-
    زاهِدُ شيخُ اَڃان پيو سنڌيءَ ۾ ڳائي،
    ڪمپيوٽر جو دئور آ-
    ڪمپيوٽر جو دئور آ-


    سنڌ ڀومي آهيان – ڌرتيءَ گولي تان،

    سنڌ ڀومي آهيان – ڌرتيءَ گولي تان،
    مُنهنجو نانءُ نه ميٽجو-
    پَسيو پاپَ پُڪاريان – ويٺي وَرجايان،
    مُنهنجو نانءُ نه ميٽجو-
    اربيليءَ اولاد جي – هَنجَ نه هارايان،
    مُنهنجو نانءُ نه ميٽجو-
    پاپين هٿان پاڻ کي – بيٺي بَچايان،
    مُنهنجو نانءُ نه ميٽجو-
    وارث اٿم واهِرو – نِڌَڻڪي ناهيان،
    مُنهنجو نانءُ نه ميٽجو-
    مُنهنجو نانءُ نه ميٽجو-


    تو جي هيل ڪيا – ڌرتيءَ سان دوکا،

    تو جي هيل ڪيا – ڌرتيءَ سان دوکا،
    داغ نه لَهندئي ڌوپ سان-
    تو وارا ڪرتوت ها – ڪوجها ڪالهوڪا،
    داغ نه لَهندئي ڌوپ سان-
    تنهنجا ڪم تاريخ جي _ ليکي ۾ لکبا،
    داغ نه لَهندئي ڌوپ سان-
    ونيءَ ٻنيءَ لاءِ اَڄُ _ جي نه کنئي جوکا،
    داغ نه لَهندئي ڌوپ سان-
    بار ته کڻبا قوم جا _اوکا ڪي سوکا،
    داغ نه لَهندئي ڌوپ سان-
    سڏَ نہ سڻندين سنڌ لئ _ جي تون زاھد جا،
    داغ نه لَهندئي ڌوپ سان-
    داغ نه لَهندئي ڌوپ سان-


    کڻو هَٿُ متان _ ڌرتيءَ جي سِرَ تان،

    کڻو هَٿُ متان _ ڌرتيءَ جي سِرَ تان،
    ڪو آواز اچي پيو-
    سنڌو مُنهنجي سيس ۾ _ ساههُ به آ توسان،
    ڪو آواز اچي پيو-
    پاڻيءَ ڍُڪ جي لئه پرين – ٿر جي گهر گهر مان،
    ڪو آواز اچي پيو-
    ويٺا ڪنهنجي آسري- آهيو ورهين کان،
    ڪو آواز اچي پيو-
    زاهد جي هر گيت ۾ - آهي آس اڃان،
    ڪو آواز اچي پيو-
    ڪو آواز اچي پيو-


    ڪو ته ڪيو کڙڪو – باهه جيان ڀڙڪو،

    ڪو ته ڪيو کڙڪو – باهه جيان ڀڙڪو،
    آهيو ڪنهنجي آسري –
    تتل ڌرتيءَ تي اڃان – ٿڌ ۾ ٿا ٿڙڪو،
    آهيو ڪنهنجي آسري –
    گولي سُڻندي ڪا نه آ- ڌمڪي يا دڙڪو،
    آهيو ڪنهنجي آسري –
    ڪَٺا هيل قهارتي – ڪات جيان ڪڙڪو،
    آهيو ڪنهنجي آسري –
    زاهد پنهنجي دل منجهان – دور ڪيو ڌڙڪو،
    آهيو ڪنهنجي آسري –
    آهيو ڪنهنجي آسري –


    نيٺ ته ساري لوڪ تان – ويندا لُڙ لهي،

    نيٺ ته ساري لوڪ تان – ويندا لُڙ لهي،
    پنهنجو ماڳُ متان ڇڏين-
    جُهورُ ٿئين يا جيءَ ۾ - ويٺل هُجئي وهي،
    پنهنجو ماڳُ متان ڇڏين-
    سيني مٿان سِنڌُ لئه – وڃبا سُورَ سهي،
    پنهنجو ماڳُ متان ڇڏين-
    رِڻ ۾ ٿيندي روشني – پوندي راهه ٺهي،
    پنهنجو ماڳُ متان ڇڏين-
    زاهد من جي آس کان – ڪو پل ڏور رهي،
    پنهنجو ماڳُ متان ڇڏين-
    پنهنجو ماڳُ متان ڇڏين-


    ايندي مهل اُها- باهه ڪندي ڀَڙڪا،

    ايندي مهل اُها- باهه ڪندي ڀَڙڪا،
    مُڙسئو پاڻُ ملهائجو-
    وکريل آهن واٽ ۾ - ڪنڊا ۽ ڪوڪا،
    مُڙسئو پاڻُ ملهائجو-
    دودا ڌرتيءَ دانهن تي – ڪجو ڪي ڪڙڪا،
    مُڙسئو پاڻُ ملهائجو-
    گجي پئجو گوڙ جان – متان ٿيو موڳا،
    مُڙسئو پاڻُ ملهائجو-
    زاهد ڏُکيءَ ويل جي- ڪل نه آهي ڪا،
    مُڙسئو پاڻُ ملهائجو-
    مُڙسئو پاڻُ ملهائجو-


    هي جي هٿ اُڀا – قاتل تي ڪڙڪيا،

    هي جي هٿ اُڀا – قاتل تي ڪڙڪيا،
    روڄ نه رهندو راڄَ ۾-
    ميڙاڪا ميدان ۾ - ويڙِهينِ لاءِ وِيا،
    روڄ نه رهندو راڄَ ۾-
    ٿر ۾ بُک جي باههِ آ – پر جي مينهن پَيا،
    روڄ نه رهندو راڄَ ۾-
    جنهن پل ڀِٽَ جي ڀونءِ جا – ڪوسا پَٽَ ٺَريا،
    روڄ نه رهندو راڄَ ۾-
    ساڻ کڻي سُرهاڻ کي- ڏينهن اِجهو آيا،
    روڄ نه رهندو راڄَ ۾-
    زاهد جنهن پل جاڳندا – جيجل جا جوڌا،
    روڄ نه رهندو راڄَ ۾-
    روڄ نه رهندو راڄَ ۾-


    سوچي وڌيون سرتيون – وڙهنديون ويرين ساڻ،

    سوچي وڌيون سرتيون – وڙهنديون ويرين ساڻ،
    بختاور جون ڀينرون-
    هاڃان پَسي هيترا- ماٺ رهن ڇاڪاڻ،
    بختاور جون ڀينرون-
    گهونگهٽ پائي، گهرن ۾- رهڻيون ناهن هاڻ،
    بختاور جون ڀينرون-
    هڪ نه هُئي ڪا مارُئي – ماڳ سڄو مهراڻ،
    بختاور جون ڀينرون-
    زاهد ڀينر ظُلم سان- جوٽينديون جنگاڻ،
    بختاور جون ڀينرون-
    بختاور جون ڀينرون-


    وستيءَ وستيءَ واس – ڄاڻ ته پُني آسَ،

    وستيءَ وستيءَ واس – ڄاڻ ته پُني آسَ،
    باقي ٿوري رات الا-
    سِنڌوءَ کي آ سِرَن جي – سانگين باسي باسَ،
    باقي ٿوري رات الا-
    رهڻا ناهن راڄ ۾ - هيڏا روز حِراسَ،
    باقي ٿوري رات الا-
    ماريو مِرون ٿا پَٽِن – ماروئڙن جا ماسَ،
    باقي ٿوري رات الا-
    زاهد نيٺ ته روڪبا – راهُن ۾ راڪاسَ
    باقي ٿوري رات الا-
    باقي ٿوري رات الا-


    رولي ، ڪڍئون رات – سُرندو ايندو سِجُ،

    رولي ، ڪڍئون رات – سُرندو ايندو سِجُ،
    رِڙهندي ايندي روشني-
    سيوا لاءِ سَڏي پيو، ٻَنيءَ پوکيل ٻجُ،
    رِڙهندي ايندي روشني-
    ٿر ۾ ڏِسي ٿَرٿلو – ٿَڪلُ مورُ نه ٿِجُ،
    رِڙهندي ايندي روشني-
    ڀاڪر پائي ڀونءِ کي – سِرَ تي وِڄُ سهِجُ،
    رِڙهندي ايندي روشني-
    هينئڙا پَئُه نه هارجي- جيئڙا يارَ نه جِهڄُ،
    رِڙهندي ايندي روشني-
    مُرڪون ڏي مهراڻ کي- زاهد لُڙڪَ نه ڏِجُ،
    رِڙهندي ايندي روشني-
    رِڙهندي ايندي روشني-


    سورِ وِکن کي سورِ – چورِ چَپَن کي چورِ،

    سورِ وِکن کي سورِ – چورِ چَپَن کي چورِ،
    مَهل نه آهي ماٺ جي-
    اٿئي جيڪي اورڻيون – ايندي ويندي اورِ،
    مَهل نه آهي ماٺ جي-
    منزل تائين مينڌرا – ڏُکيو سُکيو ڏورِ،
    مَهل نه آهي ماٺ جي-
    جُهوني جهُور سَماجَ کي- بيهي ڀَڃي ڀورِ،
    مَهل نه آهي ماٺ جي-
    زاهد گهڙي قيمتي – گُهرئي سِرُ ته گهورِ،
    مَهل نه آهي ماٺ جي-
    مَهل نه آهي ماٺ جي-


    سُورَ وٺي سوغات – روئن شاديءَ رات،

    سُورَ وٺي سوغات – روئن شاديءَ رات،
    ناريون نيڻ نه ٿيون کڻن-
    نياڻيءَ نماڻيءَ جي – مُهر لڳائي وات،
    ناريون نيڻ نه ٿيون کڻن-
    پل پل پنهنجي پيار جي- تن ۾ سانڍي تات،
    ناريون نيڻ نه ٿيون کڻن-
    رسَمُن جي زندان، ۾- سَهن پيون سڪرات،
    ناريون نيڻ نه ٿيون کڻن-
    زاهد گڏجي ظُلم کان- وٺنديون نيٺ نجات،
    ناريون نيڻ نه ٿيون کڻن-
    ناريون نيڻ نه ٿيون کڻن-


    وارو ڙي وارو- واهُر ڪا ته ڪيو،

    وارو ڙي وارو- واهُر ڪا ته ڪيو،
    مُنهنجي ماروئڙن جي سار لهو-
    اُجڙي ويڙها وِيا سڀئي- ڪنهن وٽ ڪُجهه نه بَچيو،
    مُنهنجي ماروئڙن جي سار لهو-
    ڏُکندڙ زخمن جي مٿان- مرهم ڪا ته رَکو،
    مُنهنجي ماروئڙن جي سار لهو-
    مانيءَ لئه مجبورُ آ- وِکَ وِکَ بُکَ وڍيو،
    مُنهنجي ماروئڙن جي سار لهو-
    زاهد جي هر دانهن ۾- دَردُ آ ڌرتيءَ جو،
    مُنهنجي ماروئڙن جي سار لهو-
    مُنهنجي ماروئڙن جي سار لهو-


    جنگيون ۽ جهيڙا – ماڻهن جا ميڙا،

    جنگيون ۽ جهيڙا – ماڻهن جا ميڙا،
    آهن ڪيڏا اوپرا-
    ڪوهيڙي ۾ ڪيترا – چوراڻا چهرا،
    آهن ڪيڏا اوپرا-
    ڏائڻ رات ڏئي پئي – روحن کي رهڙا،
    آهن ڪيڏا اوپرا-
    پنهنجا غيرن سان مِلي – ٿيا غيرن جهڙا،
    آهن ڪيڏا اوپرا-
    زاهد هر ڪنهن وک ٿي- ورديءَ جا پَهِرا
    آهن ڪيڏا اوپرا-
    آهن ڪيڏا اوپرا-


    تڙپن ٿيون ديدون- اَڄُ تُنهنجي در تان

    تڙپن ٿيون ديدون- اَڄُ تُنهنجي در تان
    ڪنهنجو اوسيئڙو اٿئي-
    ساڙين ويٺي سونهن کي- آڙَههَ منجهه اَڃان،
    ڪنهنجو اوسيئڙو اٿئي-
    جوڀَن چڙهي جندڙي – جَهليئي جنهن تنهن کان،
    ڪنهنجو اوسيئڙو اٿئي-
    گوري اوندهه گُگهَه ۾- نڪتي آن گهر مان،
    ڪنهنجو اوسيئڙو اٿئي-
    تُنهنجيءَ دل ۾ ڪير آ- ٻيو ڪو آيا مان،
    ڪنهنجو اوسيئڙو اٿئي-
    ويهي اَندَرُ اورِ تون- پنهنجي زاهد سان،
    ڪنهنجو اوسيئڙو اٿئي-
    ڪنهنجو اوسيئڙو اٿئي-


    مَن ۾ ٿي مهڪي – ٻَکَ ۾ ٿي ٻَهڪي،

    مَن ۾ ٿي مهڪي – ٻَکَ ۾ ٿي ٻَهڪي،
    چاهتَ چَمڪي ٿي پرين-
    دل ڪنهن تات تنوار ۾ - تن ۾ ٿي تڙپي،
    چاهتَ چَمڪي ٿي پرين-
    سُورَجَ ڪارڻ رات جو – ساههُ پيو سَهڪي،
    چاهتَ چَمڪي ٿي پرين-
    ٿڌو ٿئي ئي ڪونه ٿو – رَتُ پَيو ٽَهڪي،
    چاهتَ چَمڪي ٿي پرين-
    زاهد جنهن جنهن جيءَ ۾- باهه پئي ڀَڙڪي،
    چاهتَ چَمڪي ٿي پرين-
    چاهتَ چَمڪي ٿي پرين-


    جيءَ جيءَ ڏِسي جهيرَ – تَڙپي ٿي تَحريرَ،

    جيءَ جيءَ ڏِسي جهيرَ – تَڙپي ٿي تَحريرَ،
    ڌرتي تنهنجا درد هزارين-
    ويلي، ويلي، ٿا پيئون – اُڃَ م اَڪَ جا کِيرَ،
    ڌرتي تنهنجا درد هزارين-
    جِسمَن کي جهوري چُڪا – زهريلا زَنجيرَ،
    ڌرتي تنهنجا درد هزارين-
    ڪراچيءَ کان ٿيون پُڇَن- ڀينر وِڇڙَيل وِيرَ،
    ڌرتي تنهنجا درد هزارين-
    زاهد هَر ڪنهن پارَ جي- هُلَ ڪَري ٿي هِيرَ،
    ڌرتي تنهنجا درد هزارين-
    ڌرتي تنهنجا درد هزارين-


    ڪونهي ڪو آواز- شايد آ ڪو راز،

    ڪونهي ڪو آواز- شايد آ ڪو راز،
    سِنڌ اَڃان آ سانت ۾-
    مُرڪون ماڻُهن کان ڇِني- ڀَڙڪو ڏَئي وِيو باز،
    سِنڌ اَڃان آ سانت ۾-
    مارائيندو موت کان – هي موڳو انداز،
    سِنڌ اَڃان آ سانت ۾-
    جُهومي جيءَ اُٿي پَوَن_ سو ڪو ڇيڙيون ساز
    سِنڌ اَڃان آ سانت ۾-
    آزادي گُهرندي نه آ- زاهدَ ڪو ايلاز،
    سِنڌ اَڃان آ سانت ۾-
    سِنڌ اَڃان آ سانت ۾-


    ڳايو ٿو ڳايان – بيٺو جاڳايان،

    ڳايو ٿو ڳايان – بيٺو جاڳايان،
    جاني جاڳن ئي نٿا-
    رِڻَ جي ڪاريءَ راتِ ۾- ويٺو واڏايان،
    جاني جاڳن ئي نٿا-
    ديوارُن جي ماٺِ سان- ڪيسين ڳالهيان،
    جاني جاڳن ئي نٿا-
    منزل ڏاڍي ڏور آ- پر موٽيو ناهيان،
    جاني جاڳن ئي نٿا-
    پاڻ روئي ٿو پاڻ کي- زاهد پرچايان،
    جاني جاڳن ئي نٿا-
    جاني جاڳن ئي نٿا-


    لُڙڪن جي برسات- ورهين جيڏي رات،

    لُڙڪن جي برسات- ورهين جيڏي رات،
    سارا نيڻ سُمهي پيا-
    هيل به پنهنجي حال کان- ڏاڍي ڏُور نجاتِ،
    سارا نيڻ سُمهي پيا-
    لاهِڻُ گهُرجي لوڪَ جي- ساهن تان سَڪرات،
    سارا نيڻ سُمهي پيا-
    جَڳ ۾ جاڳي ٿي اَڃان- ڏاتِ ڌَڻيءَ جي ڏات،
    سارا نيڻ سُمهي پيا-
    زاهدَ جوڙيِ ذِهنَ ۾- خوابن جي مَحلات،
    سارا نيڻ سُمهي پيا-
    سارا نيڻ سُمهي پيا-


    در در تي ٿاڻو- گهٽيءَ گهٽيءَ گهاڻو،

    در در تي ٿاڻو- گهٽيءَ گهٽيءَ گهاڻو،
    قوم اسانجي قيد ۾-
    روزُ نيون هِتِ رهزنيون- راڄُ آ رئيساڻو،
    قوم اسانجي قيد ۾-
    ٿي وِيو ساههَ سُڪونَ جو- لوڪان لاڏاڻو،
    قوم اسانجي قيد ۾-
    سِنڌُ نه ڏيندو سورمو- ڳَڀرو ڳوٺاڻو،
    قوم اسانجي قيد ۾-
    زاهدَ نينهنُ نڀائبو- ڪونه کَپي ناڻو،
    قوم اسانجي قيد ۾-
    قوم اسانجي قيد ۾-


    ٿَڪَلَ سوچُن جي- سُتل قومن جي،

    ٿَڪَلَ سوچُن جي- سُتل قومن جي،
    اڃان نِنڊَ ڦِٽي نه آ-
    چِٻرا جاڳن ٿا مگر – جڳ ۾ جوڌن جي،
    اڃان نِنڊَ ڦِٽي نه آ-
    شهر شهر ۾ شور آ- پوءِ به ڳوٺن جي،
    اڃان نِنڊَ ڦِٽي نه آ-
    جاڏي تاڏي جاڳَ آ- سِنڌي ماڻهن جي،
    اڃان نِنڊَ ڦِٽي نه آ-
    سنڌ جَنين جي آسري- اهڙن جذبن جي،
    اڃان نِنڊَ ڦِٽي نه آ-
    جاڳيا پوءِ ته جُهومندا- زاهد مَستن جي،
    اڃان نِنڊَ ڦِٽي نه آ-
    اڃان نِنڊَ ڦِٽي نه آ-


    واٽن تان ويندي – سِجَ کي سڏيندي،

    واٽن تان ويندي – سِجَ کي سڏيندي،
    ٻاريَم ڏيئا ٻاٽَ ۾-
    ڪاري قاتِل راتِ کي- دَڳ مان ڌِڪيندي،
    ٻاريَم ڏيئا ٻاٽَ ۾-
    ڪونجن جهڙيون ڪَتُ کي- سوچون سونپيندي،
    ٻاريَم ڏيئا ٻاٽَ ۾-
    مقتل مَنجهِه وُجودَ جا- ٽُڪرا ميڙيندي،
    ٻاريَم ڏيئا ٻاٽَ ۾-
    آٿتِ ڏِنَم آس کي- زاهدَ سوچيندي،
    ٻاريَم ڏيئا ٻاٽَ ۾-
    ٻاريَم ڏيئا ٻاٽَ ۾-


    مايا جا ڪُل ميرَ- ڍونڍ لڳن ٿا ڍيرَ،

    مايا جا ڪُل ميرَ- ڍونڍ لڳن ٿا ڍيرَ،
    مُنهنجي رِيت پِريتِ آ-
    روح گهُري ٿو روشني- آهن هت اَنڌيرَ،
    مُنهنجي رِيت پِريتِ آ-
    آزارڻ انسان کي- هِنَ جڳ جي آ هيرَ،
    مُنهنجي رِيت پِريتِ آ-
    پريمَ نگر جي، پار جا – پانڌيئڙا ٿم پيرَ،
    مُنهنجي رِيت پِريتِ آ-
    زاهد ڳايُم سُونهنَ کي- سانجهيءَ توڙي سويرَ،
    مُنهنجي رِيت پِريتِ آ-
    مُنهنجي رِيت پِريتِ آ-


    آڙههَ مان گُذريو- پَهر پَهر پَڄريو،

    آڙههَ مان گُذريو- پَهر پَهر پَڄريو،
    جيون جهُلڪو واءُ جو-
    مون سمجهو ڪو ساڻ آ- پنهنجو هو پاڇو،
    جيون جهُلڪو واءُ جو-
    مونکي لُڙڪَ ڏئي ڪوئي- مُرڪي وِڇڙي وِيو،
    جيون جهُلڪو واءُ جو-
    نيڻن مان نِڪري ويو- سپنو جوڀَن جو،
    جيون جهُلڪو واءُ جو-
    پويون پَل هر شام جو- روڪڻ سان نه رهيو،
    جيون جهُلڪو واءُ جو-
    زاهدُ موت مَهل به هو- تُنهنجي لئه تڙپيو،
    جيون جهُلڪو واءُ جو-
    جيون جهُلڪو واءُ جو-


    اَهڙو ڏينهن اَچي- ڪورَٽِ شال ڪَٽي،

    اَهڙو ڏينهن اَچي- ڪورَٽِ شال ڪَٽي،
    پاپي هَٿَ پوليس جا-
    رهزن ڏين روز ٿا- رهڙا روحن کي،
    پاپي هَٿَ پوليس جا-
    داغ هزارين خون جا- آهن وَردين تي،
    پاپي هَٿَ پوليس جا-
    هرڪو هيڻو آ هتي- ڪوبه نه ٿو روڪي،
    پاپي هَٿَ پوليس جا-
    زاهدَ ڪيئن ايندو اَمُن- جَڳَ ۾ رهندا جي،
    پاپي هَٿَ پوليس جا-
    پاپي هَٿَ پوليس جا-


    آهن کوڙ پوليس ۾- ماڻهو مڻياندار،

    آهن کوڙ پوليس ۾- ماڻهو مڻياندار،
    پاپي سڀ پوليس ۾ ناهن-
    اي ڊي خواجه کي ڏسي- چوڻو پوندو يار،
    پاپي سڀ پوليس ۾ ناهن-
    ٻُڌي نانءُ ثناءُاللهِ ڀَڄن ٿا ڀوتار،
    پاپي سڀ پوليس ۾ ناهن-
    کوٽيم ڪوئلي کاڻ کي- هيرا لڌم هزار،
    پاپي سڀ پوليس ۾ ناهن-
    ڪيئي ورديءَ ۾ ڏٺم- ڌرتيءَ جا دلدار،
    پاپي سڀ پوليس ۾ ناهن-
    روز پڙهن ٿا روح سان- زاهد جا اشعار،
    پاپي سڀ پوليس ۾ ناهن-
    پاپي سڀ پوليس ۾ ناهن-


    ڏور گهڻو گهر گهاٽ- ڀَرِ ۾ ڦاسي گهاٽ،

    ڏور گهڻو گهر گهاٽ- ڀَرِ ۾ ڦاسي گهاٽ،
    هيل به عيد آ جيل ۾-
    آيل رهجانءِ آس ۾- تون نه ڏجانءِ وَرلاپ،
    هيل به عيد آ جيل ۾-
    هيڏان هَٿَ ڪڙيون هَٿين- هوڏانهن قهري ڪات،
    هيل به عيد آ جيل ۾-
    من مانجهي پهچي پون- کوليءَ هڻن کاٽ،
    هيل به عيد آ جيل ۾-
    لوڏي ڌوڏي لاهبو- پنهنجي مٿان پاپ،
    هيل به عيد آ جيل ۾-
    زاهد زيرِ نه ٿيو ڪڏهن- ڳورو پنهنجو ڳاٽ،
    هيل به عيد آ جيل ۾-
    هيل به عيد آ جيل ۾-


    قاتل وحشي بي رحمَ- ڪوڙا مُرشد پير،

    قاتل وحشي بي رحمَ- ڪوڙا مُرشد پير،
    سچا سيد روح جا رهبر-
    دُشمن آهن ديس جا- ڌاريا داداگير،
    سچا سيد روح جا رهبر-
    هر ظالم کي سنڌ ۾- سِڌي ڏبي سير،
    سچا سيد روح جا رهبر-
    تن سان جنگيون جوٽبيون- جن جن ڏِنا جهير،
    سچا سيد روح جا رهبر-
    جا برتن کي ٿا چئون- جڪڙيا جن زنجير،
    سچا سيد روح جا رهبر-
    زاهد ماکيءَ کان مِٺا- مون لئه کنڊون کير،
    سچا سيد روح جا رهبر-
    سچا سيد روح جا رهبر-


    ڪوٽَ ڪڏهن ڪِرندا- سوچين ٿا ويٺا،

    ڪوٽَ ڪڏهن ڪِرندا- سوچين ٿا ويٺا،
    قيدي سينٽرل جيل ۾-
    بي ڏوهي باندي بَڻيا- جيون جالن ٿا،
    قيدي سينٽرل جيل ۾-
    جهيريَل جيءَ جلاد کي- للڪارين بيٺا،
    قيدي سينٽرل جيل ۾-
    سُوريءَ کي چُمندي چڙهيا- جُوان جبل جيڏا،
    قيدي سينٽرل جيل ۾-
    جهيڻا مُور نه ٿي سگهيا- جَذبا زاهد جا،
    قيدي سينٽرل جيل ۾-
    قيدي سينٽرل جيل ۾-


    پنهنجي لئه گهاريان- ڳَڻتيُن ۾ ڳاريان،

    پنهنجي لئه گهاريان- ڳَڻتيُن ۾ ڳاريان،
    ڪهڙي چئبي زندگي-
    هڪڙي ماڻهوءَ لاءِ مان- ڳوڙها جي ڳاڙيان
    ڪهڙي چئبي زندگي-
    دل ۾ ويٺل ديس جو- ساههُ نه سينگاريان،
    ڪهڙي چئبي زندگي-
    تنها پنهنجي پاڻ کي- بَرَ ۾ بيهاريان،
    ڪهڙي چئبي زندگي-
    زاهدَ ظالم جي مٿان- مَچُ نه ڪو ٻاريان،
    ڪهڙي چئبي زندگي-
    ڪهڙي چئبي زندگي-


    سو مَهڻيءَ ڌاري- ٻاٽ ڏيئو ٻاري،

    سو مَهڻيءَ ڌاري- ٻاٽ ڏيئو ٻاري،
    آءُ ته سوچيون سِنڌُ لئه-
    ڪوي پنهنجيءَ ڪَتُ ۾- رَتُ ڦُڙا هاري،
    آءُ ته سوچيون سِنڌُ لئه-
    اَندَر جي انسان کي- آڏو ويهاري،
    آءُ ته سوچيون سِنڌُ لئه-
    اوسيئڙن جي آس ٿي- آئيندو ساري،
    آءُ ته سوچيون سِنڌُ لئه-
    آزاديءَ جي آگِ تي- اَندَرُ اوٻاري،
    آءُ ته سوچيون سِنڌُ لئه-
    آءُ ته سوچيون سِنڌُ لئه-


    جيسين مان آهيان- تُنهنجو ئي آهيان،

    جيسين مان آهيان- تُنهنجو ئي آهيان،
    مُنهنجي ڌرتي مِٺڙي ماتا-
    هار گُلابن جا کڻي- توکي پارايان،
    مُنهنجي ڌرتي مِٺڙي ماتا-
    تُنهنجي جهوليءَ ۾ رهي- جيئڻ ٿو چاهيان،
    مُنهنجي ڌرتي مِٺڙي ماتا-
    سُورَن جي هيٺان سُتل- جيءَ ٿو جاڳايان،
    مُنهنجي ڌرتي مِٺڙي ماتا-
    زاهد مِٽي ديس جي- مَرهَم ٿو ڀايان،
    مُنهنجي ڌرتي مِٺڙي ماتا-
    مُنهنجي ڌرتي مِٺڙي ماتا-


    مان سَچيءَ دل سان- ڪوري ڪَنڌُ ڏيان،

    مان سَچيءَ دل سان- ڪوري ڪَنڌُ ڏيان،
    درد وڃن جي ديس مان-
    پنهنجي حصي جون خوشيون- پاڻيءَ ۾ ٻوڙيان،
    درد وڃن جي ديس مان-
    سِنڌُڙي تُنهنجي سُک لئه- سوچيندو آهيان،
    درد وڃن جي ديس مان-
    جيجل تُنهنجيءَ جِندُ لئه- جيل ڀلي جاليان،
    درد وڃن جي ديس مان-
    زاهدَ ماريءَ جي هٿان- مُرڪي زهر پيئان،
    درد وڃن جي ديس مان-
    درد وڃن جي ديس مان-


    رِڙهَنديءَ رَتُ مٿان- اَڄُ به سنڌوءَ تان،

    رِڙهَنديءَ رَتُ مٿان- اَڄُ به سنڌوءَ تان،
    لُڇندي سِجُ لَهِي وَيو-
    ڪيڏيون ڪُسندن جون ويون- ڪوهن تي ڪوڪان،
    لُڇندي سِجُ لَهِي وَيو-
    ٻوڙو لوڪُ ٻُڌي نٿو- ڳالهه ڪجي ڪنهن سان،
    لُڇندي سِجُ لَهِي وَيو-
    رهجي ويا سين روئندا- پين، پنو ۽ مان،
    لُڇندي سِجُ لَهِي وَيو-
    دَردَ سوال ڪندا رهيا- زاهدَ جي دل کان،
    لُڇندي سِجُ لَهِي وَيو-
    لُڇندي سِجُ لَهِي وَيو-


    ويندا ڏُک ويندا- ايندا سُک ايندا،

    ويندا ڏُک ويندا- ايندا سُک ايندا،
    سُڏڪين ڇو ٿو ساهڙا-
    روح ته سڀئي راحتون- آهن چاهيندا،
    سُڏڪين ڇو ٿو ساهڙا-
    ٿَڪلَ پير ڪٿي هلي- ٿانيڪا ٿيندا
    سُڏڪين ڇو ٿو ساهڙا-
    پرچڻ چاهيندا پرين- دير نه لائيندا،
    سُڏڪين ڇو ٿو ساهڙا-
    ڪي پَل زاهد پرهه جو- گهونگهٽ لاهيندا،
    سُڏڪين ڇو ٿو ساهڙا-
    سُڏڪين ڇو ٿو ساهڙا-


    هار نه دل دلدار- مُرڪ مُسافرَ يارَ،

    هار نه دل دلدار- مُرڪ مُسافرَ يارَ،
    جهورِ نه پنهنجو جيئڙو-
    سُلجهائي سينگار تون- وکريل اڻڀا وارَ،
    جهورِ نه پنهنجو جيئڙو-
    جڳ سان اهڙو جيءُ جَڙ- وڻ سان جيئن ڪي ڏارَ،
    جهورِ نه پنهنجو جيئڙو-
    سُهڻا گهُرئي سِنڌُ ٿي- جوڀن وارا جارَ،
    جهورِ نه پنهنجو جيئڙو-
    ساڙيندا ساڻيهه کي- ڳڀرو تُنهنجا ڳارَ،
    جهورِ نه پنهنجو جيئڙو-
    زاهد جيون جا سڀئي- ڀوڳي وڃبا بارَ،
    جهورِ نه پنهنجو جيئڙو-
    جهورِ نه پنهنجو جيئڙو-


    پنهنجا ڏسي ميل- هُلي ويون هيلَ،

    پنهنجا ڏسي ميل- هُلي ويون هيلَ،
    ڳالهيون هر ڪنهن ڳوٺ ۾-
    ماروئڙن جي ماڳ تي- وردين جا هي ويلَ،
    ڳالهيون هر ڪنهن ڳوٺ ۾-
    ڀاڳين هوندي ڀونءِ جي- هيءَ ڇو هيڏي ڀيلَ،
    ڳالهيون هر ڪنهن ڳوٺ ۾-
    جهاڳي وڃبا جيت لئه- جبل توڙي جيلَ،
    ڳالهيون هر ڪنهن ڳوٺ ۾-
    کٽي اَچُ کُٽائيون- کوٽن جا هي کيلَ،
    ڳالهيون هر ڪنهن ڳوٺ ۾-
    زاهد باغن ۾ ٽڙيا- مُکڙين مان رابيل،
    ڳالهيون هر ڪنهن ڳوٺ ۾-
    ڳالهيون هر ڪنهن ڳوٺ ۾-


    تاريخون ٿيندا- ڏيک پيا ڏيندا،

    تاريخون ٿيندا- ڏيک پيا ڏيندا،
    مُڙس نه مَرندا موت کان-
    سي ماڻيندا سوڀ کي-جيڪي سوچيندا،
    مُڙس نه مَرندا موت کان-
    روشن هٿڙا راتِ جي- مَرُ کي ميٽيندا،
    مُڙس نه مَرندا موت کان-
    سورَجُ بڻجي لوڪ لئه- اُڀري پيا ايندا،
    مُڙس نه مَرندا موت کان-
    ورندا پاند وَٺي پرين- ويرَ جيان ويندا،
    مُڙس نه مَرندا موت کان-
    جيڪي زاهدَ جَبُر سان- جنگيون جوٽيندا،
    مُڙس نه مَرندا موت کان-
    مُڙس نه مَرندا موت کان-


    سياڻا سوچيندا- ڪندا ڪُجهه ڪندا،

    سياڻا سوچيندا- ڪندا ڪُجهه ڪندا،
    ڏاها پنهنجي ڏيهه جا-
    سوچون سَچَ ۽ سونهن جون- سڀ ڏي سوريندا،
    ڏاها پنهنجي ڏيهه جا-
    اُس ۾ جڳ جي آس تي- ڇانَون ڇَپَرُ ٿيندا،
    ڏاها پنهنجي ڏيهه جا-
    رِڻ مان ڪي راهون ڪڍي- آڏو آڻيندا،
    ڏاها پنهنجي ڏيهه جا-
    زاهدَ هيڻي حال جو- ڏَسُ ته ڪو ڏيندا،
    ڏاها پنهنجي ڏيهه جا-
    ڏاها پنهنجي ڏيهه جا-


    جو دَمُ جيءُ جيئي- سو دَمُ ڪَمُ ڪري،

    جو دَمُ جيءُ جيئي- سو دَمُ ڪَمُ ڪري،
    مُنهنجي ڏاهپَ ڏيهه لئه-
    سوچُن ۾ ساڻيههَ جي- آس کڻي اُڀري،
    مُنهنجي ڏاهپَ ڏيهه لئه-
    انڌيريءَ اُماسَ ۾- ٻَرڻيءَ جيئن ٻَري،
    مُنهنجي ڏاهپَ ڏيهه لئه-
    مران پنهنجي ماڳ لئه- موڳي ٿي نه مَري،
    مُنهنجي ڏاهپَ ڏيهه لئه-
    زاهدَ توڙي زندگي- گهاوَن ۾ گُذري،
    مُنهنجي ڏاهپَ ڏيهه لئه-
    مُنهنجي ڏاهپَ ڏيهه لئه-


    ڪوجهيون ڳالهيون ٿا ڪريو

    ڪوڙن جَذبن سان- انڌن لفظن سان،
    ڪوجهيون ڳالهيون ٿا ڪريو-
    مٽيءَ تي هر مُند پئي- ڳاڙي رَتُ اَڃان،
    ڪوجهيون ڳالهيون ٿا ڪريو-
    ڌرتي وئي آ پورجي- دردن جي هيٺان،
    ڪوجهيون ڳالهيون ٿا ڪريو-
    حال پُڇو ئي ڪونه ٿا- زخمي ڀوميءَ کان،
    ڪوجهيون ڳالهيون ٿا ڪريو-
    شعله ڀڙڪائي اُٿو- جوڀن جوڀن مان،
    ڪوجهيون ڳالهيون ٿا ڪريو-
    تيڏو زاهد ٿو لکان- جيڏو ٿو تڙپان،
    ڪوجهيون ڳالهيون ٿا ڪريو-
    ڪوجهيون ڳالهيون ٿا ڪريو-


    آيل اُڃَ مَري ويو

    مان ڪيئن پيئان کيرُ- مُنهنجو ٿر ۾ وِيرُ،
    آيل اُڃَ مَري ويو-
    کوهر تان خالي وريو- دڳ ۾ هو ديلگيرُ،
    آيل اُڃَ مَري ويو-
    ٿَڃُ بنا سُڏڪا ڀَري، جهوليءَ منجهه صَغيرُ،
    آيل اُڃَ مَري ويو-
    آزاديءَ جي آس ۾- کوليءَ بَندِ اَسيرُ،
    آيل اُڃَ مَري ويو-
    زاهدَ سَڙندو ئي رهيو- سُورَن مَنجِهه سَريرُ،
    آيل اُڃَ مَري ويو-
    آيل اُڃَ مَري ويو-


    آس نه اُجڙي آ اَڃان

    پل پل جيون جو- جهوري وِڇڙي وِيو،
    آس نه اُجڙي آ اَڃان-
    نٽهڻ اُس جي ڏينهن ۾- تڙپي نينهُن پَيو،
    آس نه اُجڙي آ اَڃان-
    مَقتل مَنجِهه به ڪاتَ کي- ڏاهيءَ ڏاتِ چيو،
    آس نه اُجڙي آ اَڃان-
    ڳيري جي چهري مَنجهان- سُورَجُ اُڀري ٿو،
    آس نه اُجڙي آ اَڃان-
    زاهدَ دل سان ديس لئه- ڪم ڪري وڃبو،
    آس نه اُجڙي آ اَڃان-
    آس نه اُجڙي آ اَڃان-


    پوءِ ڪا ڳالهه ڪر

    پاڻَ ڏِسُ پاڻَ کي- ماتِ ڏي آڻَ کي،
    پوءِ ڪا ڳالهه ڪر-
    پنهنجي ٺوڪر هڻي- سونَ جي کاڻ کي،
    پوءِ ڪا ڳالهه ڪر-
    پيار ۾ ڏي پرين- مانُ مهراڻَ کي،
    پوءِ ڪا ڳالهه ڪر-
    ٻاٽ ۾ پاڻَ ٻَرُ- چور چانڊاڻ کي،
    پوءِ ڪا ڳالهه ڪر-
    گَندَ ڪَچرا ٽَپي- ماڻِ سُرهاڻ کي،
    پوءِ ڪا ڳالهه ڪر-
    مِيٽِ زاهدَ اَوَل – اکين آلاڻ کي،
    پوءِ ڪا ڳالهه ڪر-
    پوءِ ڪا ڳالهه ڪر-


    ديدون دڳَ ڏَسينديون آهن

    جيڪر سمجهين تون- سَچي شاعر جون،
    ديدون دڳَ ڏَسينديون آهن-
    سوچون پنهنجي سوڀَ لئه- راهون ٺاهن ٿيون،
    ديدون دڳَ ڏَسينديون آهن-
    گيتن جون گهرائيون- جيڪر ڄاڻين تون،
    ديدون دڳَ ڏَسينديون آهن-
    راتِ روئاريا ڪيترا- ماتِ نه آئي مون،
    ديدون دڳَ ڏَسينديون آهن-
    زاهدَخوابَن جي پُٺيان- آهن تعبيرون،
    ديدون دڳَ ڏَسينديون آهن-
    ديدون دڳَ ڏَسينديون آهن-


    بي ڏوههُ خون وهي پَيو

    هن ڌرتيءَ تي ڇو- بيوس ماڻهن جو،
    بي ڏوههُ خون وهي پَيو-
    ڇا پنهنجي هن ديس جو- وارث ڪونهي ڪو،
    بي ڏوههُ خون وهي پَيو-
    ڏَڍُ کپي ٿو ڏيهه کي- ڇو ٿا ڏَنڀَ ڏِيو؟
    بي ڏوههُ خون وهي پَيو-
    اي دُنيا جا منصفو- جاڳو ڪُجهه ته ڪيو،
    بي ڏوههُ خون وهي پَيو-
    هر قاتل جي قهر کي- راهُن ۾ روڪيو،
    بي ڏوههُ خون وهي پَيو-
    هر ڪنهن دل جي دانهن آ- زاهدَ جو جذبو،
    بي ڏوههُ خون وهي پَيو-
    بي ڏوههُ خون وهي پَيو-


    خودڪش حملي ۾ الا

    بي ڏوهي ماريو ويو- ڀينر مُنهنجو وَرُ،
    خودڪش حملي ۾ الا-
    روز ٿو وِهنجي رَتُ سان-ڪنهنجو ڪو دلبر،
    خودڪش حملي ۾ الا-
    اَڄُ وري اُجڙي ويو-ڪنهنجو سارو گهَرُ،
    خودڪش حملي ۾ الا-
    هاءِ ڪراچيءَ جو شهر- بڻجي وِيو آ بَرُ،
    خودڪش حملي ۾ الا-
    زاهد تڙپي سِنڌُ ٿي- سُڏڪي ٿو ساگر،
    خودڪش حملي ۾ الا-
    خودڪش حملي ۾ الا-


    ڊي ايڇ اي جي ڇوڪري

    ڪار هلائيندي وئي، نِڪتي بَنگلي مان،
    ڊي ايڇ اي جي ڇوڪري-
    هڪ چوي ٿيان مارُئي- ٻي چئي سَسُئي ٿيان،
    ڊي ايڇ اي جي ڇوڪري-
    چاهي ٿي هوءَ چِلوِلي- آنءُ رُڳو چَمڪان،
    ڊي ايڇ اي جي ڇوڪري-
    سا ڪيئن گڏجي ويهندي- ڇيڻن واريءَ سان،
    ڊي ايڇ اي جي ڇوڪري-
    واقف ويچاري نه آ- سچيءَ چاهت کان،
    ڊي ايڇ اي جي ڇوڪري-
    زاهد هرڪا ٿي چوي، حُورَ ته آهيان مان،
    ڊي ايڇ اي جي ڇوڪري-
    ڊي ايڇ اي جي ڇوڪري-


    سو نه اسانجي ساٿَ ما

    ڏاهپ جو وِڪرو- جنهن جنهن جِتِ ڪيو،
    سو نه اسانجي ساٿَ ما-
    پنهنجي سِرَ جي سُکَ لئه- جابر وٽ جهُڪيو،
    سو نه اسانجي ساٿَ ما-
    قوم ڪُهائي هٿ سان- ٽهڪ ڏئي جيڪو،
    سو نه اسانجي ساٿَ ما-
    دل سان زخمي ديس جي- مرهم جو نه ٿيو،
    سو نه اسانجي ساٿَ ما-
    ٻاهر ٿو ٻَهڪي پيو- اندر جو کوٽو،
    سو نه اسانجي ساٿَ ما-
    جيڪو ماڻھو وائڙو- وڦلي ٿو ويٺو،
    سو نه اسانجي ساٿَ ما-
    سو نه اسانجي ساٿَ ما-


    مَڪلي ماٺِ نٿي ڪري

    قصا ماضيءَ جا ڪيئي- ڪوڪاري بيٺي،
    مَڪلي ماٺِ نٿي ڪري-
    دولهه دريا خان جا- سَڏَ ساري بيٺي،
    مَڪلي ماٺِ نٿي ڪري-
    اَڄُ به هر ارغون کي- للڪاري بيٺي،
    مَڪلي ماٺِ نٿي ڪري-
    هر قومي غدار کي- ٿوڪاري بيٺي،
    مَڪلي ماٺِ نٿي ڪري-
    زاهد وايون سِنڌُ جون- گونجاري بيٺي،
    مَڪلي ماٺِ نٿي ڪري-
    مَڪلي ماٺِ نٿي ڪري-


    سنڌ جي ٻن محبوب شاعرن تاجل بيوس ۽ شمشير الحيدريءَ کي ڀيٽا

    چُمندي رَهجانءِ چوکنڊي- هَٿڙا سوڀارا،
    تاجل ۽ شمشير جا-
    ساريو سُڏڪن ٿا پيا- ساٿيئڙا سارا،
    تاجل ۽ شمشير جا-
    سَدا رهندا سِنڌُ ۾- چاهت جا چارا،
    تاجل ۽ شمشير جا-
    سانڍي رَکبا ساهه ۾- گيت غزل پيارا،
    تاجل ۽ شمشير جا-
    سوچون ۽ ويچار سڀ-زاهد سگهارا،
    تاجل ۽ شمشير جا-
    تاجل ۽ شمشير جا-


    پوءِ به ساڳي رات آ

    ِسجُ به اُڀري روز ٿو، پنهنجي ڌرتيءَ تي،
    پوءِ به ساڳي رات آ-
    هر چانڊوڪيءَ رات ۾- چنڊُ به ٿو چمڪي،
    پوءِ به ساڳي رات آ-
    ڪنهنکي رات وَڻي نٿي- پر هر ڪنهن پاسي،
    پوءِ به ساڳي رات آ-
    روز پُڪاريم روشني- تُنهنجن رَستن کي،
    پوءِ به ساڳي رات آ-
    زاهدَ ڪيڏي جاڳ آ- اَڄُ جاڏي تاڏي،
    پوءِ به ساڳي رات آ-
    پوءِ به ساڳي رات آ-


    جنهن سان بار جَهڪو ٿئي

    گيت ڀلي پيا ڳائجن- پر ڪُجهه ٻيو به ڪجي،
    جنهن سان بار جَهڪو ٿئي-
    ٿڪل هر انسان جي- من کي آس ڏجي،
    جنهن سان بار جَهڪو ٿئي-
    جڳ جي سچي پيار کي- ٻانهن ۾ ٻکجي،
    جنهن سان بار جَهڪو ٿئي-
    پنهنجي هر ڪنهن پل کي- چاهت سان چُمجي،
    جنهن سان بار جَهڪو ٿئي-
    زاهدَ اَندرَ سان ويهي- اَندَر کي سَلجي،
    جنهن سان بار جَهڪو ٿئي-
    جنهن سان بار جَهڪو ٿئي-


    موکي تُنهنجي مَڌُ ۾

    نِجو نانگَ زهر- ايڏو پوءِ به اثر،
    موکي تُنهنجي مَڌُ ۾-
    ڪاٿئون هٿ ڪيو اٿئي- مئه جو هي منتر،
    موکي تُنهنجي مَڌُ ۾-
    موج متارن لاءِ آ- تنهنجي گهر جو در،
    موکي تُنهنجي مَڌُ ۾-
    هرڪا شام شراب سان،- جهومي ٿو جهنگ جهر،
    موکي تُنهنجي مَڌُ ۾-
    ڪيئن سمايو ٿئي اھو - سُرڪيءَ ۾ ساگر،
    موکي تُنهنجي مَڌُ ۾-
    زاهد گهارڻ ٿو گهُري- هرڪو پَلُ پهر،
    موکي تُنهنجي مَڌُ ۾-
    موکي تُنهنجي مَڌُ ۾-


    پاڻ ڏِسي ٿو پاڻ کي

    هر پل ۾ هر ڪو- آئيني آڏو،
    پاڻ ڏِسي ٿو پاڻ کي-
    ساڻ سدائين ٿورهي- پنهنجو ئي پاڇو،
    پاڻ ڏِسي ٿو پاڻ کي-
    پاڻ ئي ماڻهو پاڻ کي- سمجهائي ويٺو
    پاڻ ڏِسي ٿو پاڻ کي-
    من جي گهرائيءَ سان- لکن ۾ ڪو ڪو،
    پاڻ ڏِسي ٿو پاڻ کي-
    سوئي ماڻي سوڀَ ٿو- هن جڳ ۾ جيڪو،
    پاڻ ڏِسي ٿو پاڻ کي-
    زاهدُ تنهن پل ٿو لکي- جنهن پل تڙپي ٿو،
    پاڻ ڏِسي ٿو پاڻ کي-
    پاڻ ڏِسي ٿو پاڻ کي-


    ماڻهو تنهن پل ٿو مَري

    جنهن پل کسجي ٿي وڃي- ماڻهوءَ کان مَرضي،
    ماڻهو تنهن پل ٿو مَري-
    اَندَر کائي ٿي جڏهن- کوٽي خود غرضي،
    ماڻهو تنهن پل ٿو مَري-
    لِکجي ڪنهن اڻ ڄاڻ کي- عاجز ٿي عرضي،
    ماڻهو تنهن پل ٿو مَري-
    ايندي آهي فرض ۾ - جنهن پل بي فرضي،
    ماڻهو تنهن پل ٿو مَري-
    شال نه زاهدَ ڪو ٿئي- ڪنهن آڏو قرضي،
    ماڻهو تنهن پل ٿو مَري-
    ماڻهو تنهن پل ٿو مَري-


    ڇو ٿي ڪرين ڇوڪري

    جوڀن ٿيندُئي جهور- ايڏو هَٺُ غرور،
    ڇو ٿي ڪرين ڇوڪري-
    پاڻ لڪائي پاڻ کان – نينهن نجو ناسور،
    ڇو ٿي ڪرين ڇوڪري-
    راحت جي بخشين نٿي- چاهت چڪناچور،
    ڇو ٿي ڪرين ڇوڪري-
    مُنهنجو مَنُ مجبور آ- مونکي نامنظور،
    ڇو ٿي ڪرين ڇوڪري-
    ديدُن جا دڙڪا ڏئي- دل کان ايڏو دور،
    ڇو ٿي ڪرين ڇوڪري-
    ڪنهن زاهدَ مسڪين سان- ڏاڍايون ڀرپور،
    ڇو ٿي ڪرين ڇوڪري-
    ڇو ٿي ڪرين ڇوڪري-


    اي دل اَهڙي ڳالهه ڪر

    جنهن سان هر انسان جي- پوي دل ٺري،
    اي دل اَهڙي ڳالهه ڪر-
    ماڻهو موتيئڙا جيئن- وحشي وڃن مَري،
    اي دل اَهڙي ڳالهه ڪر-
    وسن ٿڌا مينهڙا- ٽانڊا وڃن ٽري،
    اي دل اَهڙي ڳالهه ڪر-
    سورن جي هر سمنڊ مان- اچي سَچُ تري،
    اي دل اَهڙي ڳالهه ڪر-
    زاهد نيٺ ته ڏاربو- پوندو ڏاڍُ ڏَري،
    اي دل اَهڙي ڳالهه ڪر-
    اي دل اَهڙي ڳالهه ڪر-


    سوچي وِکَ وڌائجانءِ

    سو سو ايندُئي سامهون- جو جو ڪندين جيئنَ،
    سوچي وِکَ وڌائجانءِ-
    اياڻا لائين پيو- نانگن سان تون نينهن،
    سوچي وِکَ وڌائجانءِ-
    ڏِسڻا پوندئي ڏيهه ۾- ڏاڍا ڏُکيا ڏينهن،
    سوچي وِکَ وڌائجانءِ-
    هيڻو حال متان ڪرين- اڙجي ويندين ايئنَ،
    سوچي وِکَ وڌائجانءِ-
    قاتل کان هن قوم کي- آجو ڪندين ڪيئن،
    سوچي وِکَ وڌائجانءِ-
    زاهدَ سِنڌُ سَڙي پئي- نيٺ ته وسندا مينهنَ،
    سوچي وِکَ وڌائجانءِ-
    سوچي وِکَ وڌائجانءِ-


    پَلَ جي ڪَلَ نٿي پوي

    هڪڙي پل ۾ شهنشاهه- ٻي پل منجهه گَدا،
    پَلَ جي ڪَلَ نٿي پوي-
    ڪيڏا جوڙيون ٿا اسان- رستا سوچُن جا،
    پَلَ جي ڪَلَ نٿي پوي-
    جيئڙا جهوريو ٿا ڇَڏِن- جيون جا جهٽڪا،
    پَلَ جي ڪَلَ نٿي پوي-
    ڪو پَلُ آهي بَدِ دُعا- ڪو پَلُ آهي دُعا،
    پَلَ جي ڪَلَ نٿي پوي-
    زاهدَ ٽهڪن جي پُٺيان- بيٺا ٿئي سُڏڪا،
    پَلَ جي ڪَلَ نٿي پوي-
    پَلَ جي ڪَلَ نٿي پوي-


    آهون دانهون ٿيون اچن

    شهر ڪراچيءَ مان- چئني پاسن کان،
    آهون دانهون ٿيون اچن-
    جيڪي سارا گهر جَليا- الا روز اُتان،
    آهون دانهون ٿيون اچن-
    ڪومَل دل ڪَڙهي پئي- ڪيئن نه مان تڙپان،
    آهون دانهون ٿيون اچن-
    جنهن سان جَڳُ جاڳي پوي- اهڙو سَڏُ ٿيان،
    آهون دانهون ٿيون اچن-
    آءُ ته اٽڪئون ديس لئه- دهشتگردن سان،
    آهون دانهون ٿيون اچن-
    مونکي ماٺ سونهي نٿي- زاهد ڪُجهه ڪيان،
    آهون دانهون ٿيون اچن-
    آهون دانهون ٿيون اچن-


    جو ماڻهو جاڳي نٿو

    زِندَهه ڏِسجي ٿو مگر- سو مُرده آهي،
    جو ماڻهو جاڳي نٿو-
    جو پنهنجو به نه ٿي سگهيو- سو ڪنهنجو ناهي،
    جو ماڻهو جاڳي نٿو-
    ڪيڏا پهر ڪمال جا- ويٺو وڃائي،
    جو ماڻهو جاڳي نٿو-
    آهي گُل گُلاب جو- ويندو مُرجهائي،
    جو ماڻهو جاڳي نٿو-
    موڳو بڻجي پاڻ کي- بيٺو مارائي،
    جو ماڻهو جاڳي نٿو-
    زاهدَ سنڌي قوم کي- آخر ٿيو ڇاهي،
    جو ماڻهو جاڳي نٿو-
    جو ماڻهو جاڳي نٿو-


    روز ڪراچي شهر ۾

    وَحشين جي هر وِکَ تي- دهشتگردي آ،
    روز ڪراچي شهر ۾-
    بي رَحميءَ جو راڄُ آ- ۽ بي دردي آ،
    روز ڪراچي شهر ۾-
    ڏَڪڻي آ هر ساهه ۾- ايڏي سَردي آ،
    روز ڪراچي شهر ۾-
    مَردَن مَنجههِ وَڌي وئي- ڪا بي مَردي آ،
    روز ڪراچي شهر ۾-
    زاهد قاتل ٿي پئي- ڪاري وردي آ،
    روز ڪراچي شهر ۾-
    روز ڪراچي شهر ۾-


    پنهنجي هر ڪنهن شهر جي

    واهُرَ سان گَڏُ وارِثي- ڪنداسِنڌُ ڌڻي،
    پنهنجي هر ڪنهن شهر جي-
    ساري دُنيا سونُ پر- مونکي سونهن وَڻي،
    پنهنجي هر ڪنهن شهر جي-
    سَچن ماڻهُن سان مِلي- مون آ سَگههَ ڳڻي،
    پنهنجي هر ڪنهن شهر جي-
    تيڏي منزل ماڻبي- جيڏي جاڳَ گهڻي،
    پنهنجي هر ڪنهن شهر جي-
    زاهد سُهڻي سوچ آ- هلبي ساڻ کڻي،
    پنهنجي هر ڪنهن شهر جي-
    پنهنجي هر ڪنهن شهر جي-


    قاتل سنڌي قوم جا

    قبضي لاءِ وڌن پَيا- سِنڌُ سموريءَ ڏي،
    قاتل سنڌي قوم جا-
    داداگيريون ٿا ڪرن- هر گهر جي دَرَ تي،
    قاتل سنڌي قوم جا-
    موڳو سَمجهن ٿا مِٺا- توکي ۽ مونکي،
    قاتل سنڌي قوم جا-
    آءُ اُتي ڪڙڪي پئون- جاڳن ٿا جاتي،
    قاتل سنڌي قوم جا-
    جن جي آڏو سَمنڊُ آ- سي ويندا ڪاڏي،
    قاتل سنڌي قوم جا-
    زاهدَ سِنڌُ پئي تڙپندي- سِنڌُ ۾ رهندا جي،
    قاتل سنڌي قوم جا-
    قاتل سنڌي قوم جا-


    مونکي پنهنجيءَ سِنڌُ جي- مِٽي آ پياري

    مونکي پنهنجيءَ سِنڌُ جي- مِٽي آ پياري،
    مونکي جنت مور نه گهُرجي-
    مون لئه ساهه سُڪون آ- هيءَ ٿَر جي واري،
    مونکي جنت مور نه گهُرجي-
    مُنهنجي جنت سِنڌُ آ- ڌرتي ٻي ڌاري،
    مونکي جنت مور نه گهُرجي-
    دل سان مون آ سِنڌُ جي- ڌرتي سينگاري،
    مونکي جنت مور نه گهُرجي-
    زاهدَ مون هيءَ زندگي- جيتي يا هاري،
    مونکي جنت مور نه گهُرجي-
    مونکي جنت مور نه گهُرجي-


    جهڙي تهڙي حال ۾- جيئڻ ٿو چاهيان

    جهڙي تهڙي حال ۾- جيئڻ ٿو چاهيان،
    جيون ڏاڍو پيارو آهي-
    سَگههَ ڏيان ٿو ساهه کي- هانءُ نٿو هاريان،
    جيون ڏاڍو پيارو آهي-
    جيون جي لئه هَر خوشي- آڻيو ٿو آڻيان،
    جيون ڏاڍو پيارو آهي-
    جيون مُنهنجو آهي مان- جيون جو آهيان،
    جيون ڏاڍو پيارو آهي-
    زاهدَ گيت پريت جا- ڳايو ٿو ڳايان،
    جيون ڏاڍو پيارو آهي-
    جيون ڏاڍو پيارو آهي-


    جوڙيو گهر مزدور هو- رَتُ جي پورهئي سان

    جوڙيو گهر مزدور هو- رَتُ جي پورهئي سان،
    لُڙهي وِيو سيلاب ۾-
    مان روئندو رَهجي وَيُس- مُنهنجو ديس اَمان،
    لُڙهي وِيو سيلاب ۾-
    هَر ماڻهو مسڪين هو- جيڪو جهوپن مان،
    لُڙهي وِيو سيلاب ۾-
    بيوس ڪونه بچي سگهيو- سورن صدمن کان،
    لُڙهي وِيو سيلاب ۾-
    زاهدَ ٻالڪُ جو به هو- ڪِريو ٻيڙيءَ تان،
    لُڙهي وِيو سيلاب ۾-
    لُڙهي وِيو سيلاب ۾-


    ڇوليون سِنڌي سَمنڊ جون

    عشق ۾ آتيون ٿيون اچن- شهر ڪراچيءَ ڏي،
    ڇوليون سِنڌي سَمنڊ جون-
    ساههُ ڏين ٿيون سِنڌ جي- سچن ماڻهن تي،
    ڇوليون سِنڌي سَمنڊ جون-
    چُمڻ چاهن ٿيون پرين- سِنڌُ سموريءَ کي،
    ڇوليون سِنڌي سَمنڊ جون-
    رِندن کي ٿيون رات جا- پيگ ڏين اوتي،
    ڇوليون سِنڌي سَمنڊ جون-
    زاهدَ جهومي جيءُ ٿو- روز ڏِسي ٿو جي،
    ڇوليون سِنڌي سَمنڊ جون-
    ڇوليون سِنڌي سَمنڊ جون-


    ڀينر شهر ڀنڀور ۾- ڪهڙو ڪَنڌُ کڻان

    ڀينر شهر ڀنڀور ۾- ڪهڙو ڪَنڌُ کڻان،
    ڪانڌ بنا مان ڪوجهي آهيان-
    پونديس پُنهل جي پُٺيان- روز ڪنديس ريهان-
    ڪانڌ بنا مان ڪوجهي آهيان-
    پيرا پُنهونءَ جا پئي- چُمندي وينديس مان،
    ڪانڌ بنا مان ڪوجهي آهيان-
    هو تَن ريءَ مان هيڪلي- جيئنديس ڪيئن جيجان،
    ڪانڌ بنا مان ڪوجهي آهيان-
    زاهدَ راحت روحَ جي- مِلندي چاهت سان،
    ڪانڌ بنا مان ڪوجهي آهيان-
    ڪانڌ بنا مان ڪوجهي آهيان-


    جڳ ۾ شال مِلي- هر ڪنهن ميهرَ کي

    جڳ ۾ شال مِلي- هر ڪنهن ميهرَ کي،
    سُهڻيءَ جَهڙي ڪا سَکي-
    ڪوبه نه روحُ رُکو رَهي- سڀني ساڻ هُجي،
    سُهڻيءَ جَهڙي ڪا سَکي-
    چاهت ناهي سوچبي- ڪرڻي آ ته ڪجي،
    سُهڻيءَ جَهڙي ڪا سَکي-
    جيون خالي جام آ- اَمرَت ڪو اوتي،
    سُهڻيءَ جَهڙي ڪا سَکي-
    سَچو پيار ڪري، ته پوءِ- پيارَ تي سِرُ ٿي ڏي،
    سُهڻيءَ جَهڙي ڪا سَکي-
    زاهدَ ڪا اَهڙي اَچي- جنهن سان روح رَچي،
    سُهڻيءَ جَهڙي ڪا سَکي-
    سُهڻيءَ جَهڙي ڪا سَکي-


    مَري ويندي مارُئي- آڻ نه مڃيندي

    مَري ويندي مارُئي- آڻ نه مڃيندي،
    قيدياڻي ڪَڍُ قيد مان-
    ويس اَباڻي پارَ جو- مُور نه مَٽيندي،
    قيدياڻي ڪَڍُ قيد مان-
    پِيرُن سان جيڪا پَلي، طعام نه طلبيندي،
    قيدياڻي ڪَڍُ قيد مان-
    کلندي پنهنجي کيت سان- نه ته پئي روئيندي،
    قيدياڻي ڪَڍُ قيد مان-
    زاهد ڏاڏاڻن سَندو- ڪَنڌ نه ڪيريندي،
    قيدياڻي ڪَڍُ قيد مان-
    قيدياڻي ڪَڍُ قيد مان-


    ڪيڏي سُهڻي سِنڌ آ- سائين هل ته ڏِسَئون

    ڪيڏي سُهڻي سِنڌ آ- سائين هل ته ڏِسَئون،
    روهڙيءَ واريءَ پُل تان-
    ستين جي آستان جون- تاريخي تجليون،
    روهڙيءَ واريءَ پُل تان-
    پوڄا پريت ڪري اچئون- ساڌو ٻيلي مئون،
    روهڙيءَ واريءَ پُل تان-
    سکر بيٺو ٿو ڏئي- جَهلڪيون جَنت جُون،
    روهڙيءَ واريءَ پُل تان-
    زاهدَ مونکي سِنڌُ جون- موهِن ٿِيون مُرڪون،
    روهڙيءَ واريءَ پُل تان-
    روهڙيءَ واريءَ پُل تان-


    سِنڌُ کي جنهن جي نانَون سان- جَڳُ سُڃاڻي ٿو،

    سِنڌُ کي جنهن جي نانَون سان- جَڳُ سُڃاڻي ٿو،
    سو هڪ شاهه لطيف آ-
    ڪئو تاجي معراج کي – مُرڪي ماڻي ٿو،
    سو هڪ شاهه لطيف آ-
    بخشي ٿو هر جيءَ کي- جيئڻ جو جذبو،
    سو هڪ شاهه لطيف آ-
    جنهن سان ٿيو سنڌي ادب- آهي جَبلَ جيڏو،
    سو هڪ شاهه لطيف آ-
    جنهن جي هر ڪنهن لفظ ۾-سِنڌُ جو آ نقشو،
    سو هڪ شاهه لطيف آ-
    مجموعي ميٺاڻ کان- زاهدَآهي مِٺو،
    سو هڪ شاهه لطيف آ-
    سو هڪ شاهه لطيف آ-


    غيرَ ته آهن غيرَ پَرَ- مُونسان مُشڪِل ۾،

    غيرَ ته آهن غيرَ پَرَ- مُونسان مُشڪِل ۾،
    تون به ته ساٿ نٿو ڏئين-
    مان توکي ڳايان پَيو- هَر ڪنهن محفل ۾،
    تون به ته ساٿ نٿو ڏئين-
    ورهين کان ويٺو به آن- مُنهنجي ئي دل ۾،
    تون به ته ساٿ نٿو ڏئين-
    جنهن ۾ جَڳَ جو آجپو- اَهڙي اينگل ۾،
    تون به ته ساٿ نٿو ڏئين-
    زاهد جي منزل به آ- تُنهنجي منزل ۾،
    تون به ته ساٿ نٿو ڏئين-
    تون به ته ساٿ نٿو ڏئين-


    هڪ ٻئي کان وِڇڙي- اَندَرَ وِيا اُجڙي،

    هڪ ٻئي کان وِڇڙي- اَندَرَ وِيا اُجڙي،
    ڪيڏا تنهنا ٿي وِيا آهيون-
    ياد اَچي ٿي ڳوٺ جي- رَستي جي ”اُڀڙي“،
    ڪيڏا تنهنا ٿي وِيا آهيون-
    رَسمُن ڪئي آ رَهزني- اي مُنهنجي مِٺڙي،
    ڪيڏا تنهنا ٿي وِيا آهيون-
    ڪَچن ڌاڳن سان لڳل- ٽاڪن جان اُڊڙي،
    ڪيڏا تنهنا ٿي وِيا آهيون-
    جِسمَ لَٽي، جُهوني جِيان- ٿِيا اِڳڙي اِڳڙي،
    ڪيڏا تنهنا ٿي وِيا آهيون-
    ڪيڏا تنهنا ٿي وِيا آهيون-

    نوٽ: ”اُڀڙي“ خيرپور کان سکر ويندي نيشنل هاءِ وي تي مُنهنجي ڳوٺ جي اسٽاپ جو نالو آهي.


    ساري جڳ ۾ سونهن جي- ماپَ ڪجي ڪهڙي،

    ساري جڳ ۾ سونهن جي- ماپَ ڪجي ڪهڙي،
    حُسن حَدُن کان آجو آهي-
    رنگن سان ڀرپور آ- هيءَ ساري ڌرتي،
    حُسن حَدُن کان آجو آهي-
    هَر مَنَ ۾ مَحبوبُ آ- هَر جيءُ آ جوڳي،
    حُسن حَدُن کان آجو آهي-
    عشق جو اَنتُ نه آهي ڪو- عشق آ من موجي،
    حُسن حَدُن کان آجو آهي-
    زاهِدُ سَجِدَن مَنجِهه آ- شاهد آ تَسبي،
    حُسن حَدُن کان آجو آهي-
    حُسن حَدُن کان آجو آهي-


    ننڍپڻ جا سَنگتي سڀئي- ۽ سنگتين جا پيارَ،

    ننڍپڻ جا سَنگتي سڀئي- ۽ سنگتين جا پيارَ،
    زاهدَ ڪيئن وِساربا-
    نينهن نڀائڻ جا هُيا- پتڪڙا اقرار،
    زاهدَ ڪيئن وِساربا-
    سي ننڍڙيون ناراضگيون- اُفين جا اِظهارَ،
    زاهدَ ڪيئن وِساربا-
    اَڄُ به دِل گهُري پئي- ساڳيا ئي دلدارَ،
    زاهدَ ڪيئن وِساربا-
    ماکيءَ جهڙيون دوستيون- مکڻ جهڙا يار-
    زاهدَ ڪيئن وِساربا-
    زاهدَ ڪيئن وِساربا-


    هر ڪنهن سِنڌيءَ ڀاءُ کي- هڪڙي چُمي ڏَئي،

    هر ڪنهن سِنڌيءَ ڀاءُ کي- هڪڙي چُمي ڏَئي،
    سِنڌُ جي پارَتَ ڪرڻي آهي-
    هَر سِنڌياڻيءَ ڀيڻ کي- سِرَ تي هَٿُ رَکي،
    سِنڌُ جي پارَتَ ڪرڻي آهي-
    هَر ڪنهن پوڙهي پيءُ جي- پيرَن مَنجههِ پَئي،
    سِنڌُ جي پارَتَ ڪرڻي آهي-
    ٻجُ نئين ڪنهن سِجَ لئه- ٻارن کي سَمجهي،
    سِنڌُ جي پارَتَ ڪرڻي آهي-
    هَر قومي اڳواڻ کي- پنهنجا هَٿَ ٻَڌي،
    سِنڌُ جي پارَتَ ڪرڻي آهي-
    ديس جي دردن سان ڀريل- زاهد گيت لکي،
    سِنڌُ جي پارَتَ ڪرڻي آهي-
    سِنڌُ جي پارَتَ ڪرڻي آهي-


    واهه جو هر ڪنهن روح ۾- رنگ رچي ويندو،

    واهه جو هر ڪنهن روح ۾- رنگ رچي ويندو،
    راڳين ساڻ رِهاڻ آ-
    ميلو ٿيو آ مَچَ تي- مَچُ مَچي ويندو،
    راڳين ساڻ رِهاڻ آ-
    حُسن هِتي موجُود آ- عشق اچي ويندو،
    راڳين ساڻ رِهاڻ آ-
    جو به اکين پاسي اڙيو- ڪونه بچي ويندو،
    راڳين ساڻ رِهاڻ آ-
    زاهدَ جو ناهي نچيو- سو به نچي ويندو،
    راڳين ساڻ رِهاڻ آ-
    راڳين ساڻ رِهاڻ آ-


    سَلجَڻ کان پوءِ راز ڪو- راز نه رَهندو آ،

    سَلجَڻ کان پوءِ راز ڪو- راز نه رَهندو آ،
    راز کي رَکجو راز ۾-
    هو جو سُک وَٺي پَيو- سُورَ به سَهندو آ،
    راز کي رَکجو راز ۾-
    اُڀَ تي روز اُڏامجي- چاههُ ته چوندو آ،
    راز کي رَکجو راز ۾-
    پنهنجو ساٿُ به سِجُ آ- چَڙهندو لهندو آ،
    راز کي رَکجو راز ۾-
    زاهد جيڪو ٿو ڊهي- سو ئي ٺهندو آ،
    راز کي رَکجو راز ۾-
    راز کي رَکجو راز ۾-


    شال نه ائين ٿئي- هرڪو پاڻ چَوي،

    شال نه ائين ٿئي- هرڪو پاڻ چَوي،
    غيرت ڪونهي حيرت ڇاجي-
    ڪيڏو ذهن ضمير ٿو- واٽُن ۾ وِڪجي،
    غيرت ڪونهي حيرت ڇاجي-
    ساڳيو ڪارو ڪانءُ ٿو- هر مَنَ ۾ ڏِسجي،
    غيرت ڪونهي حيرت ڇاجي-
    پنهنجي عزت آبرو- ڪو ڪو ٿو سَمجهي،
    غيرت ڪونهي حيرت ڇاجي-
    غيرت بس هڪ لفظ آ- روز پَيو ٻُڌجي،
    غيرت ڪونهي حيرت ڇاجي-
    غيرت ڪونهي حيرت ڇاجي-


    ڪونهي ڪو ساڳيو- ڳوٺ سڄو مُنهنجو،

    ڪونهي ڪو ساڳيو- ڳوٺ سڄو مُنهنجو،
    ڪيڏو مَٽجي آ ويو-
    مَنَ ۾ جو سانڍيو هُيم- ماضيءَ جو نقشو،
    ڪيڏو مَٽجي آ ويو-
    ويندو هو اسڪول ڏي-جيڪو سو رستو،
    ڪيڏو مَٽجي آ ويو-
    سئوٽُ پَري جي ڳالهه آ- ڀاءُ سَڳو پنهنجو،
    ڪيڏو مَٽجي آ ويو-
    زاهدَ دِل ساڳي اَٿم- توڙي بُت سَڄو،
    ڪيڏو مَٽجي آ ويو-
    ڪيڏو مَٽجي آ ويو-


    رَتُ جا رشتا روحَ سان- پنهنجا ٿي نه سگهيا-

    رَتُ جا رشتا روحَ سان- پنهنجا ٿي نه سگهيا-
    پنهنجا ايئن به هوندا آهن-
    پنهنجا پنهنجن جا پيا- ڊاهن پاڻ اَجها،
    پنهنجا ايئن به هوندا آهن-
    غيرن کان وِيا کيڏجي- ڄڻ ها تاسَ جا پَتا،
    پنهنجا ايئن به هوندا آهن-
    ڏاڍا سُهڻا سيبتا- ڪيڏا ڪَنَ ڪچا،
    پنهنجا ايئن به هوندا آهن-
    نيٺ پڇاڙي ٿي وئي- ساٿي موُرُ نه ٿيا،
    پنهنجا ايئن به هوندا آهن-
    ماڻهو ٿا مون کان پُڇن- ڀائو زاهد ڇا؟
    پنهنجا ايئن به هوندا آهن-
    پنهنجا ايئن به هوندا آهن-


    جنهن ماڻهوءَ ۾ ماڻهپو- مُور نٿو ڏِسجي،

    جنهن ماڻهوءَ ۾ ماڻهپو- مُور نٿو ڏِسجي،
    وَحشي آ اِنسان ته ناهي-
    جو آدم جي رَتُ جو- پياسو ٿي ٿو پئي،
    وَحشي آ اِنسان ته ناهي-
    بي ڏوههُ ڪنهن مسڪين تي- جيڪو وار ڪري،
    وَحشي آ اِنسان ته ناهي-
    دهشت بَمَ بارودَ کي- سَڀ ڪُجهه ٿو سمجهي،
    وَحشي آ اِنسان ته ناهي-
    زاهدَ جيڪو بي رَحم- قاتل ٿو بڻجي،
    وَحشي آ اِنسان ته ناهي-
    وَحشي آ اِنسان ته ناهي-


    توڙي پنهنجو ڪا گهڙي- مُور نٿي سَمجهين،

    توڙي پنهنجو ڪا گهڙي- مُور نٿي سَمجهين،
    پوءِ به مونکي پياري آهين-
    روز پَيو پرچيون لکان- پاڻ نٿي پرچين،
    پوءِ به مونکي پياري آهين-
    مون کان سُکَ وَٺي سَوين- ڏُک پئي ٿي ڏين،
    پوءِ به مونکي پياري آهين-
    تُنهنجي پوڄا ٿو ڪريان- تون ته نٿي چاهين،
    پوءِ به مونکي پياري آهين-
    پنهنجي زاهدَ کي چَڱو- چاهي تون نه چوين،
    پوءِ به مونکي پياري آهين-
    پوءِ به مونکي پياري آهين-


    جيئڻ جي لئه ٿو مِلي- روز نئون جذبو،

    جيئڻ جي لئه ٿو مِلي- روز نئون جذبو،
    جيون جي هر موڙ تي-
    هر ماڻهوءَ جي چاهه جو- ٿيندو آ چرچو،
    جيون جي هر موڙ تي-
    چهرو آ انسان جي- اَندرَ جو نقشو،
    جيون جي هر موڙ تي-
    پيار ڏئي، ٿو پيارَ کي- پيارَ جو گُلدستو،
    جيون جي هر موڙ تي-
    هر پاسي موجود آ- منزل جو رَستو،
    جيون جي هر موڙ تي-
    زاهد سَچَ ۽ سونهن کي- مُنهنجو آ سجدو،
    جيون جي هر موڙ تي-
    جيون جي هر موڙ تي-


    ڏاڍي سُهڻي آ- هر مَنَ موهڻي آ،

    ڏاڍي سُهڻي آ- هر مَنَ موهڻي آ،
    حُورن جهڙي ڇوڪري-
    هر چانڊوڪيءَ رات ۾- آ دل جي آشا،
    حُورن جهڙي ڇوڪري-
    ڪنهن ڪنهن جي ته نصيب ۾ - هوندي آهي ڪا،
    حُورن جهڙي ڇوڪري-
    کِلڻي مِلڻي کيچلي- جيءُ جيئاري جا،
    حُورن جهڙي ڇوڪري-
    زاهدَ سان هر حال ۾- ساڻ رَهي ٿي سا،
    حُورن جهڙي ڇوڪري-
    حُورن جهڙي ڇوڪري-


    سمنڊ سويرن جي- يار مَڇيرن جي،

    سمنڊ سويرن جي- يار مَڇيرن جي،
    آهي اَنوکي زندگي-
    بيهڪ آ هالار جان- مُڙس مٿيرن جي،
    آهي اَنوکي زندگي-
    دل ۾ ويهجي ٿا وڃن- دل جي شيرن جي ،
    آهي اَنوکي زندگي-
    جهاڳن سارو جَڳُ ٿا- اَهِڙَن پيرَن جي،
    آهي اَنوکي زندگي-
    سِنبُل آهن اَمنَ جو- زاهد َ ڳيرَن جي،
    آهي اَنوکي زندگي-
    آهي اَنوکي زندگي-


    وڏيرن ٺاهيا- مينهن جا واڙا،

    وڏيرن ٺاهيا- مينهن جا واڙا،
    ڳوٺاڻي اسڪول ۾-
    ڪونهي ڪوبه ڪلاس ۾- ڪُتا ڀئونڪن ٿا،
    ڳوٺاڻي اسڪول ۾-
    ويزا تي اُستاد ويا- ٻارَ ڪٿان پڙهندا،
    ڳوٺاڻي اسڪول ۾-
    روزانو مائين هٿان- ڇيڻا ٿڦجن ٿا،
    ڳوٺاڻي اسڪول ۾-
    صاحب کي هر ڄاڻ آ- ٿيندو آهي ڇا،
    ڳوٺاڻي اسڪول ۾-
    ڳوٺاڻي اسڪول ۾-


    ڪل پوي ئي ڪانٿي – ڪيڏو تيزيءَ سان،

    ڪل پوي ئي ڪانٿي – ڪيڏو تيزيءَ سان،
    وقت وڃي ٿو گُذرندو-
    ڏينهن پگهارن لئه ڳڻيئون- ويٺا تون ۽ مان-
    وقت وڃي ٿو گُذرندو-
    سَگههَ وڃي ٿي موٽندي- سڀني جي ڌڙ کان،
    وقت وڃي ٿو گُذرندو-
    هر ڪو چئي ٿو پوئتي- رَهجي ويو آهيان،
    وقت وڃي ٿو گُذرندو-
    زاهدَ آنءُ به وقت سان- ڊوڙيو ٿو ڊوڙان،
    وقت وڃي ٿو گُذرندو-
    وقت وڃي ٿو گُذرندو-


    ٻيڙو ٻوڙيندُئي- لاش به لوڙهيندُئي،

    ٻيڙو ٻوڙيندُئي- لاش به لوڙهيندُئي،
    پاپيءَ کان پاسو ڪجانءِ
    چَرسَ هيروئن بم جا- تحفه پيو ڏيندُئي،
    پاپيءَ کان پاسو ڪجانءِ
    پيرن تي ڪِرندُئي مگر- پير ڪڍي ويندُئي،
    پاپيءَ کان پاسو ڪجانءِ
    ڳالهه ڪرئي ٿو دِينَ جي- دِينَ لَڄائيندُئي،
    پاپيءَ کان پاسو ڪجانءِ
    نَسلُ اَٿئي چنگيز جو- موذي ماريندُئي
    پاپيءَ کان پاسو ڪجانءِ
    پاپيءَ کان پاسو ڪجانءِ


    ٻالڪ پڻ جي راند ۾- جنهنجو جنهن سان ٿيو،

    ٻالڪ پڻ جي راند ۾- جنهنجو جنهن سان ٿيو،
    ڪيڏو سچو پيار هو-
    وڏڙا ٿيا ويڇا وڌيا- ننڍڙن ٻارن جو،
    ڪيڏو سچو پيار هو-
    آءُ ته ماضيءَ ۾ ڏسئو- هَر پَلَ ۾ پنهنجو،
    ڪيڏو سچو پيار هو-
    ڏاڍي راحت ٿي مِلي- ياد ڪيان ويٺو،
    ڪيڏو سچو پيار هو-
    ماڻهن لاءِ مثال آ- زاهدَ سان تُنهنجو،
    ڪيڏو سچو پيار هو-
    ڪيڏو سچو پيار هو-


    ساٿ منجهان ڪٽجي- ويهندو ڪو ٿڪجي،

    ساٿ منجهان ڪٽجي- ويهندو ڪو ٿڪجي،
    هلندو رهندو قافلو-
    پنهنجي پنهنجي مُلهه ۾ - ويندا ڪُجهه وڪجي،
    هلندو رهندو قافلو-
    مونجهارن جي مُنجهه ۾- موڳا ويا مٽجي،
    هلندو رهندو قافلو-
    راڻا پوندا راهه ۾- پير گهڻا ڦٽجي،
    هلندو رهندو قافلو-
    زاهد شل هر ديس جا – غم وڃن گهٽجي،
    هلندو رهندو قافلو-
    هلندو رهندو قافلو-


    ڪير ڪٿي هو ڪيئن- جو به جتي هو جيئن

    ڪير ڪٿي هو ڪيئن- جو به جتي هو جيئن
    ساجن سڀ جي من ۾ ساڳيو-
    مون هيئن سمجهو تو هونئن سمجهو- هونئن هُجي يا هيئن،
    ساجن سڀ جي من ۾ ساڳيو-
    جيئن جيئن چوندين جيءُ پرينءَ کي- تڙپائيندُئي تيئن،
    ساجن سڀ جي من ۾ ساڳيو-
    ڪي پَلَ من ۾ ڪاريون راتيون- ڪي پَلَ پيارا ڏينهن،
    ساجن سڀ جي من ۾ ساڳيو-
    زاهد جڳ سان جيئڙو جوڙي- آءُ ته نڀايون نينهن
    ساجن سڀ جي من ۾ ساڳيو-
    ساجن سڀ جي من ۾ ساڳيو-


    ڇاجي تون ۽ مان- هِڪُ ئي هِڪُ آهيان،

    ڇاجي تون ۽ مان- هِڪُ ئي هِڪُ آهيان،
    تو ۾ مان ۽ مون ۾ تون آن-
    هر اندر ۾ ويهي ڪيئي- ٻوليون ٿو ٻوليان،
    تو ۾ مان ۽ مون ۾ تون آن-
    پاڻ ئي ڏوهي پاڻ ثوابي- پاڻ ئي قاضي هان،
    تو ۾ مان ۽ مون ۾ تون آن-
    جنت ۾ اَڌُ جيءُ آ منهنجو- ٻيو اَڌُ دوزخ سان،
    تو ۾ مان ۽ مون ۾ تون آن-
    پاڻ ئي زاهد پاڻ ۾ ويهي- پاڻ کي ڇو ڳوليان،
    تو ۾ مان ۽ مون ۾ تون آن-
    تو ۾ مان ۽ مون ۾ تون آن-


    جيڏي ڌرتي آ- درد آهن تيڏا،

    جيڏي ڌرتي آ- درد آهن تيڏا،
    غربت جا غم ڪيئن گهٽايون-
    پاڻ جيان ڪيئي پرين- سوچن ٿا ويٺا،
    غربت جا غم ڪيئن گهٽايون-
    آءُ ڌڻي بڻجي هَلئون- دُکنديءَ هر دل جا،
    غربت جا غم ڪيئن گهٽايون-
    هر پل هلچل ۾ هُجئون- ويل نه ويهئون ڪا،
    غربت جا غم ڪيئن گهٽايون-
    زاهد اَندرَ ۾ رهي- آهي جنگ اِها،
    غربت جا غم ڪيئن گهٽايون-
    غربت جا غم ڪيئن گهٽايون-


    مُند اَچي وئي آ- پوکَ پَچي وئي آ،

    مُند اَچي وئي آ- پوکَ پَچي وئي آ،
    لابارا لاهي وٺو-
    سِنڌُ هٿن مان پئي وڃي- سُڪَ ٻَڌو سَندرا،
    لابارا لاهي وٺو-
    ويڙهه وڏي آ واٽ ۾- ڍوليا ٿيو نه ڍَرا،
    لابارا لاهي وٺو-
    ڏاٽا تيز تِکا ڪيو- ڌرتيءَ جا دودا،
    لابارا لاهي وٺو-
    پنهنجا گهر گڏجي هلو- غيرن جي گهر جا،
    لابارا لاهي وٺو-
    زاهد جيڪا لوچَ ڏي- سوچَ اُڀاريو سا،
    لابارا لاهي وٺو-
    لابارا لاهي وٺو-


    سچا ساٿ ڏين- کوٽا ڪين کپن،

    سچا ساٿ ڏين- کوٽا ڪين کپن،
    سڄڻ گهرجن سنڌ کي-
    ماڳَ سڀئي مهراڻ جا- تڙپيو ٿا تڙپن،
    سڄڻ گهرجن سنڌ کي-
    گهڻو ڪُجهه نٿا ڪرن- ڀلا ڪُجهه ته ڪن،
    سڄڻ گهرجن سنڌ کي-
    جن کي سِنڌ جي سڏ تي- اچڻو آ ته اچن،
    سڄڻ گهرجن سنڌ کي-
    جاڳائن هر جيءَ کي- اهڙا ناچ نچن،
    سڄڻ گهرجن سنڌ کي-
    جيڏي ڪرڻي جنگ آ- تيڏا مَچ َ مچن،
    سڄڻ گهرجن سنڌ کي-
    زاهد جون وايون سڀئي-گهر گهر ٿيون گونجن،
    سڄڻ گهرجن سنڌ کي-
    سڄڻ گهرجن سنڌ کي-


    هڪڙي آزادي نه آ- ڪيئي آزاديون،

    هڪڙي آزادي نه آ- ڪيئي آزاديون،
    پيارا گهرجن پاڻ کي-
    هر جابر جلاد جون- بيحد برباديون،
    پيارا گهرجن پاڻ کي-
    جنت کان سُهڻيون سڀئي- سنڌوءَ جون واديون،
    پيارا گهرجن پاڻ کي-
    ٻهراڙيون ٻهڪي پون- شهرن ۾ شاديون،
    پيارا گهرجن پاڻ کي-
    زاهد درد ڀريون دليون- دردن کان آجون،
    پيارا گهرجن پاڻ کي-
    پيارا گهرجن پاڻ کي-


    رَسمُن روئاريون- بيوس باندياڻيون،

    رَسمُن روئاريون- بيوس باندياڻيون،
    آزاديءَ جي آس رکن ٿيون-
    هر گهر جي هر جيل ۾ - آهن قيدياڻيون
    آزاديءَ جي آس رکن ٿيون-
    پاراتا ويٺيون ڏين- راتين کي راڻيون،
    آزاديءَ جي آس رکن ٿيون-
    ڪين کپن ٿا ڪوئلا- سون ڀريون کاڻيون،
    آزاديءَ جي آس رکن ٿيون-
    راڌا جهڙيون سنڌ جون- ڀينرڀيلياڻيون،
    آزاديءَ جي آس رکن ٿيون-
    زاهد سنڌي سورميون- ڪيئي ساماڻيون،
    آزاديءَ جي آس رکن ٿيون-
    آزاديءَ جي آس رکن ٿيون-

    نوٽ: ”راڌا ڀيل“ ٿر جي هڪ ڳوٺ ۾ قومي انقلابي سوچ رکندڙ
    هڪ بهادر ناري.


    پيارَ پَڙهيا آهيون- قُربَ ڪَڙيا آهيون،

    پيارَ پَڙهيا آهيون- قُربَ ڪَڙيا آهيون،
    سوچُن ۾ ساڃاههَ رکئون ٿا-
    سور کڻي هر ساهه جا- روز رڙيا آهيون،
    سوچُن ۾ ساڃاههَ رکئون ٿا-
    هر پاپيءَ جي پاپ سان- پاڻ لڙيا آهيون،
    سوچُن ۾ ساڃاههَ رکئون ٿا-
    هيمون ٿي هر دئور ۾- دارَ چڙهيا آهيون،
    سوچُن ۾ ساڃاههَ رکئون ٿا-
    زاهد سچ جي مچ ۾- خُوب سَڙيا آهيون،
    سوچُن ۾ ساڃاههَ رکئون ٿا-
    سوچُن ۾ ساڃاههَ رکئون ٿا-


    ميرَ مَدائيءَ جا- مُور نه ڄاڻئون ٿا،

    ميرَ مَدائيءَ جا- مُور نه ڄاڻئون ٿا،
    صاف اندرَ جا صوفي آهيون-
    ماٺيڻي آ ماٺ اسانجي- سِڌا ۽ سادا،
    صاف اندرَ جا صوفي آهيون-
    هر پَلَ ۾ هر پاسي پنهنجا- صورت کي سجدا،
    صاف اندرَ جا صوفي آهيون-
    مسجد مندر ۽ گرجا گهر- جيءَ ۾ جوڙيل آ،
    صاف اندرَ جا صوفي آهيون-
    زاهد ساڳي پار وڃن ٿا- روحن جا رستا،
    صاف اندرَ جا صوفي آهيون-
    صاف اندرَ جا صوفي آهيون-


    ڊاهيندئو ڊهنديون- روئيندئو رهنديون،

    ڊاهيندئو ڊهنديون- روئيندئو رهنديون،
    رستن منجهه رُڪاوٽون-
    وڌندا ويندا قافلا- توڙي تنگ ڪنديون،
    رستن منجهه رُڪاوٽون-
    ديوارون اوچون اُڀيون- نيٺ ڪندئو ڪيڏيون،
    رستن منجهه رُڪاوٽون-
    تيڏيون ڇاتيون تاڻبيون- جوڙيندئو جيڏيون،
    رستن منجهه رُڪاوٽون-
    زاهد آڏو ايتريون- پاپي ڪر نه پَڪيون،
    رستن منجهه رُڪاوٽون-
    رستن منجهه رُڪاوٽون-


    جي سچا آهيو- رنگ رچيا آهيو،

    جي سچا آهيو- رنگ رچيا آهيو،
    روح کي پنهنجو رهبر سمجهو-
    جيڪو اندر منجهه آ- ٻاهر ڪونهي ڪو،
    روح کي پنهنجو رهبر سمجهو-
    جيءَ ۾ جنهنجي جاءِ آ- سائين آهي سو،
    روح کي پنهنجو رهبر سمجهو-
    لِڪو ڇاجي لاءِ ٿا- ڇو ويٺا ڇِرڪو،
    روح کي پنهنجو رهبر سمجهو-
    زاهد من ۾ سَچَ کي- روز ڪيو سجدو،
    روح کي پنهنجو رهبر سمجهو-
    روح کي پنهنجو رهبر سمجهو-


    دل جو درپن آ- من جو ڪو من آ،

    دل جو درپن آ- من جو ڪو من آ،
    جنهنجي ڪارڻ جيءُ جيئي ٿو-
    من کي موهي ٿي ڇڏي- اُن جي مست ادا،
    جنهنجي ڪارڻ جيءُ جيئي ٿو-
    سوئي منهنجا روز ٿو- جهومائي جذبا،
    جنهنجي ڪارڻ جيءُ جيئي ٿو-
    هو آهي ڇو ڇو نه چئو- هو آهي ڇا ڇا،
    جنهنجي ڪارڻ جيءُ جيئي ٿو-
    زاهدجي هر درد جي- دلبر آهي دوا،
    جنهنجي ڪارڻ جيءُ جيئي ٿو-
    جنهنجي ڪارڻ جيءُ جيئي ٿو-


    جيءَ ۾ ٿا جهومن- جرڪيو ٿا جرڪن،

    جيءَ ۾ ٿا جهومن- جرڪيو ٿا جرڪن،
    روز نرالا رنگ پرينءَ جا-
    رنگن سان ٿا راحتون- ڏاڍيون روز ڏين،
    روز نرالا رنگ پرينءَ جا-
    وڇڙي سُڏڪي ٿا پون- ٻکجي ٿا ٻهڪن،
    روز نرالا رنگ پرينءَ جا-
    مُنهنجو من رنگريز جي- رنگيو آ رنگن،
    روز نرالا رنگ پرينءَ جا-
    زاهد هر ڪنهن ساهه ۾- سوچي ٿو ساجن،
    روز نرالا رنگ پرينءَ جا-
    روز نرالا رنگ پرينءَ جا-


    ڪي ٿا سنوارن قوم کي- قاتل آهن ڪي،

    ڪي ٿا سنوارن قوم کي- قاتل آهن ڪي،
    حاڪم سڀ هڪجهڙا ناهن-
    ڪنهنجو رَتُ آ راڄ لئه- ڪو ٿو رَتُ پيئي،
    حاڪم سڀ هڪجهڙا ناهن-
    ڀاڳن وارا ٿا ملن- جاڳن وارن کي،
    حاڪم سڀ هڪجهڙا ناهن-
    هر ڪو پنهنجي هٽَ جا- هوڪا بيٺو ڏي،
    حاڪم سڀ هڪجهڙا ناهن-
    هر ڪنهنجو ليکو هتي- آ پنهنجي ليکي،
    حاڪم سڀ هڪجهڙا ناهن-
    زاهد جن وَٽِ سَچ ُآ- سوچَ ڏين ٿا سي،
    حاڪم سڀ هڪجهڙا ناهن-
    حاڪم سڀ هڪجهڙا ناهن-


    دردَ ڏُکايل ديس جا- روز لکڻ جي لاءِ،

    دردَ ڏُکايل ديس جا- روز لکڻ جي لاءِ،
    پنهنجو رَتُ ولوڙيان ويٺو-
    جذبن منجهه ورهائجي- هر پاسي هر جاءِ،
    پنهنجو رَتُ ولوڙيان ويٺو-
    روز رنگيلا ٿا چون- لائيف ڪر انجواءِ،
    پنهنجو رَتُ ولوڙيان ويٺو-
    ڇو ٿو تڙپا ڇيڳرا- تون نه مونکي سمجهاءِ،
    پنهنجو رَتُ ولوڙيان ويٺو-
    هاڻي مان ڪنهنکي چوان- سرمد وانگر ڳاءِ،
    پنهنجو رَتُ ولوڙيان ويٺو-
    زاهد کي تنها ڇڏي- تون به هليو وئين هاءِ،
    پنهنجو رَتُ ولوڙيان ويٺو-
    پنهنجو رَتُ ولوڙيان ويٺو-


    ڪنهن پل منجهه مليا- ڪنهن پل وڇڙي ويا،

    ڪنهن پل منجهه مليا- ڪنهن پل وڇڙي ويا،
    پرديسين جا پيار اڌورا-
    چند گهڙين جا ٽهڪ سمورا- راهن منجهه رهيا،
    پرديسين جا پيار اڌورا-
    سپنا سارا سُڏڪا ٿي ويا- سچا ٿي نه سگهيا،
    پرديسين جا پيار اڌورا-
    روز سفر ۾ هر ساٿيئڙي- سُورَ سَٺا ساڳيا،
    پرديسين جا پيار اڌورا-
    زاهد مرضيءَ ساڻ وتا مون- مونکي مِلڻا ها،
    پرديسين جا پيار اڌورا-
    پرديسين جا پيار اڌورا-


    جاڪون جيءَ جَڙيا- اکڙين مَنجهه اَڙيا،

    جاڪون جيءَ جَڙيا- اکڙين مَنجهه اَڙيا،
    اوسيئڙا اڌ رات جا-
    هر مانديءَ ميهار لئه- ڪيڏا روز ڪيا،
    اوسيئڙا اڌ رات جا-
    سورج ڏي ويندڙ سَڀن- رستن لاءِ رهيا،
    اوسيئڙا اڌ رات جا-
    سَرسُ ٿيا هر سال کان- وڌي هيل وَيا،
    اوسيئڙا اڌ رات جا-
    زاهد اُميدون کڻي- آهن پنڌ پيا،
    اوسيئڙا اڌ رات جا-
    اوسيئڙا اڌ رات جا-


    اُجرا ٿي نه سگهيا- اُجرن چهرن جا،

    اُجرا ٿي نه سگهيا- اُجرن چهرن جا،
    اندر ڪيڏا ڪارا آهن-
    بيوس ڪنوار جي ڪاڄ ۾- سڀني سَهِرن جا،
    اندر ڪيڏا ڪارا آهن-
    سَسُئي سُڏڪي ٿي چوي- مُنهنجن ڏيرن جا،
    اندر ڪيڏا ڪارا آهن-
    سِنڌُ جي دشمن بي رحم- ڪُل وڏيرن جا،
    اندر ڪيڏا ڪارا آهن-
    زاهدَ سُهڻيءَ سنڌ ۾- رهندڙ غيرن جا،
    اندر ڪيڏا ڪارا آهن-
    اندر ڪيڏا ڪارا آهن-


    سچن ساٿين جا- ماکيءَ کان مٺڙا،

    سچن ساٿين جا- ماکيءَ کان مٺڙا،
    پَڪا رشتا پيار جا-
    چمڪن پيا ٿا چنڊ جان- جن وٽ چاههَ چِٽا،
    پَڪا رشتا پيار جا-
    سي ئي گهر گلزار ٿيا- جاتي جيءَ جڙيا،
    پَڪا رشتا پيار جا-
    پيار بنا پاپي ڏِٺم- رَتُ سندا رشتا،
    پَڪا رشتا پيار جا-
    هو سَڀُ رَتُ پيئاڪ ها- سچا ٿي نه سگهيا،
    پَڪا رشتا پيار جا-
    زاهدَ ساريءَ سنڌ ۾ - مُنهنجا کوڙ مِٺا،
    پَڪا رشتا پيار جا-
    پَڪا رشتا پيار جا-


    هيڻا ٿي نه هَلو- جهيڻا ٿي نه جيو،

    هيڻا ٿي نه هَلو- جهيڻا ٿي نه جيو،
    دلبر پنهنجي ديس ۾-
    گڏجي ڏاڍُ ڏَڪائبو، ڇرڪو ويٺا ڇو،
    دلبر پنهنجي ديس ۾-
    سُورجَ سوچُن ۾ کڻي- اوچا اُڀَ ٿيو،
    دلبر پنهنجي ديس ۾-
    سچائيءَ جي ساٿَ کي- سَگَهه وَڏي سَمجهو،
    دلبر پنهنجي ديس ۾-
    آهي جنهن ۾ آجپو- واٽَ اُها وٺجو،
    دلبر پنهنجي ديس ۾-
    زندهه سنڌي قوم کي- مَحشَر تئين رکجو،
    دلبر پنهنجي ديس ۾-
    زاهد پنهنجي الف بي- سنڌيءَ ۾ پَڙهجو،
    دلبر پنهنجي ديس ۾-
    دلبر پنهنجي ديس ۾-


    گهر گهر ٿيو گهورَ، تاويزن جا شورَ،

    گهر گهر ٿيو گهورَ، تاويزن جا شورَ،
    مُرشد رات رَهي پَيو-
    ٿَڪلَ پاپيءَ پيرَ کي- نياڻيون ڏينديون زورَ،
    مُرشد رات رَهي پَيو-
    ڀاڳين ڏِنا چورَ کي- ڪاهي ڍڳيون ڍورَ،
    مُرشد رات رَهي پَيو-
    ماريءَ جوڙيو محل آ- ڪري ڀونگيون ڀورَ،
    مُرشد رات رَهي پَيو-
    انسانن جي روپ ۾- آهن آدم خور،
    مُرشد رات رَهي پَيو-
    زاهد نيٺ نهوڙبا- ڌاڙيلن جا دئور،
    مُرشد رات رَهي پَيو-
    مُرشد رات رَهي پَيو-


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 866
    ڪتابن جو مشاهدو: 2397183
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 613535
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ