ڪتاب جو نالو: نچڻا کيڏڻا کلڻا ٻار
مصنف: آزاد بُخاري
ڇپائيندڙ: اين. اي جان فائونڊيشن، حيدرآباد
ڪيٽيگري: ٻاراڻو ادب
شايع ٿيڻ جو سال: 2011
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 17 اپريل 2020 ع
پڙهيو ويو: 379 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 66 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب نامياري ليکڪ آزادي بخاريءَ جي ٻارڙن لاءِ سرجيل شاعريءَ جو مجموعو آھي. هن ڪتاب ۾ به ٻارڙن لاءِ نوان ۽ دلچسپ موضوع شامل آهن. گوھر سنڌي لکي ٿو:
”هي ڪتاب بعنوان ”نچڻا کيڏڻا کلڻا ٻار“ آزاد بخاريءَ جي پھرئين ڪتاب ”گل خوشبو ٻار“ جيان يقينن ٻاراڻي ادب ۾ نالو ڪڍندو، ٻاراڻا ٻول، ٻارن جون چلولايون، پوپٽ جي ستن رنگن جهڙا احساس، ٻاراڻي شاعري ۾ هڪ نئون واڌارو ٿيندو.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق واسطا ليکڪ وٽ محفوظ آهن
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر پاران
  • مھاڳ
  • پنهنجي پاران
  • شاعري

  • دعا
  • ڏونءَ جو کوڙو
  • موهن جو دڙو
  • رهبر سنڌ
  • گورک جبل
  • سنڌ جي ڌيءَ
  • مڪلي
  • استاد منظور علي خان
  • سنڌالاجي
  • اسٽيل مل
  • سنڌي
  • سکر ايئرپورٽ
  • ڇورو ٻار
  • اقوامِ متحدا
  • اعليٰ انسان
  • سنڌو ساگر
  • آزادي
  • ڪارٽون
  • گل
  • ڪرڪيٽ
  • دهشتگرد
  • سنوڪر
  • ڇهه سٽا
  • اسڪريبل
  • مينهن 
  • رولر اسڪيٽنگ 
  • ڌونئرو/ لسي
  • جوڊو ڪراٽو
  • گهڙي 
  • جمناسٽڪ
  • اديون
  • لغڙ
  • پورهيت ٻار
  • ڪتب خانو
  • نوريئڙو
  • فن لينڊ
  • ٽه سٽا
  • علم
  • بدڪ
  • وڇڙي
  • ڪبوتر
  • سنڌي ٻار
  • ڪاڪو هولو
  • پَڪَڙِپائِي
  • لئنسڊائون/ ايوب پل
  • وڊيو گيم 
  • جيجل امان
  • سنڌوديس
  • شڪارپور شهر
  • گدلاڻ  
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • حق واسطا ليکڪ وٽ محفوظ آهن

    ڪتاب: نچڻا کيڏڻا کلڻا ٻار
    موضوع: ٻارن لاءِ سرجيل شاعري
    شاعر: آزاد بخاري
    ڇاپو: پهريون، 2011ع
    ڪمپوزنگ: راز محمد لغاري
    ڇپائيندڙ: اين اي جان فائونڊيشن حيدرآباد

    ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    books.sindhsalamat.com


    All Rights Reserved
    To The Authority
    Nachna Khedna
    Khilna Baar
    By: Azad Bukhari
    Edition: First 2011
    Published By: Raja Idrees Laghari
    Secretary
    N. A Jan Foundation
    Hyderabad (0344-3092229, 0346-3799739)
    Composed By: Raaz Muhammad Laghari
    N. A Jan Foundation Book No: 21
    Qty: 1000
    Per Copy: 40

    ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ (سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ) ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو


    ارپنا

    پنهنجي جيجل امڙ جي نانءُ
    جنهن ڏينهن رات پورهيو ڪري،
    پنهنجو نُور نِچوئي،
    مون کي پالي، پڙهائي وڏو ڪيو،
    ۽ منهنجي جيون ۾ خوشين جا رنگ ڀريا.

    جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي،
    وڃي ڀونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين.

    (شاه)

    - آزاد بخاري


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”نچڻا کيڏڻا کلڻا ٻار“ پيش ڪري رھيا آھيون. هي ڪتاب نامياري ليکڪ آزادي بخاريءَ جي ٻارڙن لاءِ سرجيل شاعريءَ جو مجموعو آھي.
    هن ڪتاب ۾ به ٻارڙن لاءِ نوان ۽ دلچسپ موضوع شامل آهن. گوھر سنڌي لکي ٿو:
    ”هي ڪتاب بعنوان ”نچڻا کيڏڻا کلڻا ٻار“ آزاد بخاريءَ جي پھرئين ڪتاب ”گل خوشبو ٻار“ جيان يقينن ٻاراڻي ادب ۾ نالو ڪڍندو، ٻاراڻا ٻول، ٻارن جون چلولايون، پوپٽ جي ستن رنگن جهڙا احساس، ٻاراڻي شاعري ۾ هڪ نئون واڌارو ٿيندو.“
    هي ڪتاب 2011ع ۾ اين. اي جان فائونڊيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون آزاد بخاري صاحب جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر پاران

    محترم آزاد بخاري جو ادبي پورهيو سنڌ ۾ ڪنهن کان ڳجهو ڪونهي، هن ڪجهه ڪتاب ترجمو ڪيا آهن، ڪجهه تحقيقي ڪتاب پڻ پڙهندڙن آڏو پيش ڪيا آهن؛ ۽ پورهيت قلمڪار جي حيثيت ۾ پنهنجو ادبي پورهيو ڪندو رهي ٿو. جيئن ته اسان سندس ٻارڙن لاءِ ڪيل شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ”گل خوشبو ٻار“ اڳ به شايع ڪري چڪا آهيون، جنهن کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو هو. سندس هيءُ ڪتاب ”نچڻا کيڏڻا کلڻا ٻار“، جيڪو اسان 2009ع ۾ آڻڻ جي ڪوشش ۾ هئاسين، پر ڪن مجبورين سبب نه آڻي سگهياسين. هن ڪتاب ۾ به ٻارڙن لاءِ نوان ۽ دلچسپ موضوع شامل آهن. اميد اٿئون ته سندس هن ڪتاب کي به پسند ڪيو ويندو.
    محترم فيض گهانگهرو جا شڪرگذار آهيون، جنهن هن ڪتاب جي فائينل پروف پڙهڻ ۾ سهڪار ڪيو.


    احسان لغاري ’جان‘
    چيئرمين
    اين. اي جان فائونڊيشن
    22 آڪٽوبر 2011ع


    مھاڳ

    آزاد بخاريءَ جو پيار ڀريو پورهيو

    آزاد بخاري نئين ٽهي جو انتهائي خوبصورت شاعر آهي جيتوڻيڪ هي مجازي شاعري به ڪري ٿو، سندس اهم سڃاڻپ ٻاراڻي شاعر طور آهي. اهڙي دور ۾ جڏهن اسان جي اديبن جي اڪثريت وٽ ٻارن لاءِ لکڻ جو ٽائيم نه هجي. يا هو ان کي پنهنجي گهٽتائي سمجهندا هجن. تڏهن آزاد بخاري جو گذريل 20 سالن کان ٻارن لاءِ لکڻ وڏي ڳالھ آهي.
    آزاد بخاري جي شاعري ۾ اهي سموريون گهرجون شامل ملن ٿيون جن جي ٻارن کي ضرورت هجي ٿي. هي ٻارن جي ذهني ائپروچ کي سامهون رکي لکي ٿو ۽ پنهنجي شاعري ۾ دلچسپي سان گڏ اصلاحي پهلو جو به خاص خيال رکي ٿو. آزاد بخاري جي ٻولي توڙي بيانيه انداز انتهائي، سادو۽ سلوڻو آهي. جيڪو ٻارن کي سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي ٿي. آزاد بخاري طرفان مجازي شاعري بجاءِ ٻاراڻي شاعري جو ڪتاب شايع ڪرائڻ کي ترجيع ڏيڻ مان سندس ٻاراڻي ادب سان عقيدت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
    آزاد بخاري جي هن شعري مجموعي ” نچڻا کيڏڻا کلڻا ٻار“ ۾ شامل 37 شاعري جا اسم شامل آهن. جيڪي مختلف موضوعن تي آهن. شاعر طرفان موضوعن جي چونڊ به شاندار ڪئي وئي آهي جيئن ڏون جو کوڙو، گورک جبل، رهبر سنڌ، مڪلي، استاد منظورعلي خان، اسٽيل مل، سکر ايئرپورٽ، اقوام متحده، آزادي، ڪارٽون، ڪرڪيٽ، دهشتگرد، سنوڪر، جوڊو ڪراٽو، جمناسٽڪ، ڪتب خانو، فن لينڊ، لئنسڊائون پل، شڪارپور شهر، ۽ گدلاڻ وغيره. انهن موضوعن تي شاعري پڙهڻ کانپوءِ ٻارن جي معلومات ۾ به اضافو ٿيندو نثر جي ڀيٽ ۾ شاعري وڌيڪ اثر انداز ٿئي ٿي. نصابي ڪتابن ۾ مضمون به شامل هجن ٿا، پر ٻارن جي ذهن تي جيتري شاعري نقش ٿئي ٿي، نصاب ۾ به شامل اوترا مضمون نه ٿا ٿين. پرائمري جي ” واهه ڙي تارا گول تارا “ ”جهو جهو ماٽي، لسي پنهنجي گهاٽي“ ”آءُ ته لاٽونئڙو ڦيرايون“ جهڙا گيت پڙهي آيل کي ڪڏهن به نه ٿا وسري سگهن، جڏهن ته انهن ڪتابن ۾ شامل نثر گهٽ ئي ماڻهن کي ياد رهي ٿو. آزاد بخاري پنهنجي شاعري ذريعي جيڪا گورک جبل، مڪلي، استاد منظور علي خان، اسٽيل مل، سکر ايئر پورٽ، اقوام متحده، لئنسڊائون پل وغيرهه ذريعي معلومات فراهم ڪئي آهي اها ٻارن تي نثر جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اثر انداز ٿيندي.
    هڪڙي شاعري ٻارن لاءِ ڪبي آهي ۽ ٻي ٻارن تي ڪبي آهي. ٻارن لاءِ ڪيل شاعري ۾ انهن جي دلچسپي ۽ اصلاح جو شيون شامل ڪيون وينديون آهن ۽ ٻارن تي ڪيل شاعري ۾ٻارن جا مسئلا، انهن جا ڏک درد بيان ڪيا ويندا آهن آزاد بخاري انهن ٻنهي پاسن تي شاعري ڪئي آهي هو جتي:
    اعليٰ ٿي پئه انسان،
    ٻالڪ ٺاهه تون پنهنجو مان
    اخلاق عزت نياز ۽ نوڙت،
    سهڻي رک تون صورت.

    لکي ٿو، اتي:

    عيد ڏهاڙي ڪنهن جهوپي ۾
    الجهيل الجهيل چهرو هو،
    ڦاٽل ڪپڙا انگ اگهاڙو،
    خوشين تي ڄڻ پهرو هو.

    جهڙا احساس ٻه بيان ڪري ٿو. ”نچڻا کيڏڻا کلڻا ٻار“ ۾ جتي ٻارن جي مرڪن جي ڳالهه ڪيل آهي، اتي انهن جي لڙڪن جو به بيان ٿيل آهي. ٻارن جي لڙڪن جو بيان به هڪڙي حساب سان اصلاحي پهلو ۾ شامل آهي، ان سان ٻارن ۾ همدردي جو جذبو پيدا ٿيندو ۽ انهن ۾ مجبور ۽ غريب هڪ جيڏن جي مدد ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيندو. اين اي جان فائونڊيشن حيدرآباد گذريل ڊگهي عرصي کان ٻاراڻي ادب جي واڌ ويجهه لاءِ پاڻ پتوڙي رهي آهي. هن فائونڊيشن طرفان ٻاراڻي ادب جا ڪافي ڪتاب ڇپرايا ويا آهن. اهڙي جاکوڙ تي هن فائونڊيشن جي روح روان اسان جو پيارو احسان لغاري جان جس لهڻي. آزاد بخاري جو هي ڪتاب ٻاراڻي ادب ۾ خوبصورت اضافو آهي ۽ يقينن ٻارن جي ذهني تربيت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.



    واحد پارس هيسباڻي
    14نومبر2011
    حيدرآباد


    پوپٽ جي ستن رنگن جهڙا احساس

    آزاد بخاري 20 سالن کان وٺي ساڃاهه ۽ سرت جا پيالا پيئندو ۽ پيئاريندو پيو اچي، هڪ سٺو شاعر آهي، ته صحافي به رهيو آهي، هي آرٽسٽ به آهي، ته هڪ استاد به آهي ۽ انساني حقن جو پاسدار به آهي. سندس وڏي خوبي اها اٿس ته هن هميشه اصول پرستيءَ کي اپنايو آهي ۽ پنهنجي ذات ۾ هڪ متحرڪ ۽ باعمل شخصيت آهي.
    آزاد بخاريءَ سان منهنجو مٿي ذڪر ڪيل سالن کان وٺي ادبي، قومي، سياسي ۽ سماجي سٻنڌ رهيو آهي. هي ڀائرن جهڙو ڀاءُ، دل گهريو دلبر دوست آهي. هن سان رشتو ناتو، سچ سونهن ۽ سنڌ جيان نه ٽٽندڙ آهي. هي اهڙي رشتي ۾ آڪاش تي ستارن ۽ اجرڪ جي ڦلڙين جيان مضبوط آهي. ان رشتي ۾ ڪڏهن به دراڙ نه آئي آهي. ادبي حوالي سان سنڌي ادبي سنگت شاخ چڪ هجي، ”چاس“ چڪ هجي، شاهه لطيف لائبريري چڪ هجي يا ضلعي توڙي سنڌ ليول تي ٻاراڻي تنظيم، ”سنڌي ٻارڙن جي علمي ادبي تنظيم لطيف سنگت سنڌ“ هجي، هي انهن سڀني ۾ صف اول ۾ نظر آيو ۽ سندس عڪس چٽو رهيو. شعوري حوالي سان قومي درد رکندڙ ديش ڀڳت ۽ ترقي پسند سندر سوچون اٿس، سچ پچ ته ”سَيد“ جي صالح پوئلڳن مان هڪ آهي.
    آزاد بخاري ٺيٺ جاگيرداري جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل چڪ شهر ۾ جنم ورتو، جيڪو ورهاڱي کان پهريان آزادي جي تحريڪ جو مرڪز هو، جت سندس پڙ ڏاڏي (مولوي غلام رسول شاهه، صدر خلافت تحريڪ چڪ) جي صدارت دوران سنڌ جي آزادي جي قرارداد پاس ٿي هئي. آزاد بخاري بنيادي طور جمالياتي شاعراڻو مزاج رکندڙ آهي. اهو مزاج کيس خانداني ورثي مان مليو آهي ۽ اڃان تائين شعوري ڦهلاءَ جون سرگرميون جاري رکندو پيو اچي.
    آزاد هن وقت تائين ”ستن ڪتابن“ جو خالق آهي. ٻارن جي شاعر غلام محمد غازي کانپوءِ تعلقي لکي ۾ ٻارن جي شاعري جي دنيا ۾ هي ٻئي نمبر تي اچي ٿو. سندس هي ڪتاب بعنوان ”نچڻا کيڏڻا کلڻا ٻار“ سندس پهرئين ڪتاب ”گل خوشبو ٻار“ جيان يقينن ٻاراڻي ادب ۾ نالو ڪڍندو، ٻاراڻا ٻول، ٻارن جون چلولايون، پوپٽ جي ستن رنگن جهڙا احساس، ٻاراڻي شاعري ۾ هڪ نئون واڌارو ٿيندو. اسان کي آزاد بخاريءَ مان گهڻي اميد آهي ته هي ٻاراڻي شاعري ۾ به پنهنجي انقلابي ۽ جمالياتي شاعري جيان، اڃان وڌيڪ نوان خيال ۽ نيون سوچون ڏيندو رهندو.


    گوهر سنڌي
    رابطا سيڪريٽري
    س. ا. س ضلعو شڪارپور


    پنهنجي پاران

    اوهان جي هٿن ۾، منهنجو ٻارن لاءِ شاعريءَ جو هي ٻيو ڪتاب ”نچڻا کيڏڻا کلڻا ٻار“ موجود آهي، جنهن ۾ مون، شخصيتن، ماڳ مڪانن، ادارن، راند روند ۽ قومي مسئلن توڙي انساني حقن وغيره کي نظم جي صورت ۾ اوهان آڏو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؛ ان يقين سان ته اوهان کي منهنجي پهرئين ڪتاب ”گل خوشبو ٻار“ جيان ضرور پسند ايندو ۽ خاص طور ٻارن جي چهرن تي مرڪن جا رابيل ٽيڙيندو.
    مان ڄاڻان ٿو ته ٻارن لاءِ لکڻ ايڏو سولو ناهي. ٻارن لاءِ شاعري ڪرڻ لاءِ، ٻار ٿي سوچڻو پوي ٿو. شايد اڃان مان ان حوالي سان مڪمل ڪامياب به نه ٿيو هجان، پر پوءِ به مون پوئتي پير ناهن ڪيا. منهنجي پهرئين ڪتاب تي به دوستن اصلاحي تنقيد ڪئي هئي. اميد آهي ته هاڻي به قلم کي جنبش ڏيندا. منهنجي گهڻي خواهش آهي ته منهنجي ٻارن لاءِ ڪيل شاعري تي، ٻار به ٽيڪا ٽپڻي ڪن، جيئن مون کي معلوم ٿي سگهي ته مان پنهنجي مقصد ۾ ڪيترو ڪامياب ٿيو آهيان.
    اڪثر شاعر ٻارن لاءِ ٿيندڙ شاعري جي تورتڪ، علم عروض جي قاعدن موجب ڪن ٿا، جنهن بابت منهنجو ذاتي خيال آهي ته ٻارن جي شاعري لاءِ اهي قيد و بند نه هجڻ گهرجن. ٻارن لاءِ شاعري صرف مون جهڙا وڏڙا نه پيا ڪن، پر ٻار به ڪن ٿا، جنهن ڪري علم عروض جهڙا قانون لاڳو ڪرڻ سان ٻار آساني سان ٻاراڻي شاعري ڏانهن راغب نه ٿي سگهندا. منهنجي اها ڪوشش رهي آهي ته ٻارن جي شاعري ۾ مقصد، رڌم ۽ رواني کي اهميت ڏيان.
    ڪجهه دوستن جو خيال آهي ته ٻارن لاءِ ٿيندڙ شاعري ۾ موضوع هڪجهڙا ۽ عام رواجي رهيا آهن ۽ اڪثر نظم ڳوٺاڻن ٻارن جي وندر ۽ راند روند سان تعلق رکن ٿا ۽ شهري ٻارن جي دلچسپي وارن موضوعن تي لکيو ئي نٿو وڃي! سندن اهڙو خيال ڪنهن حد تائين ٺيڪ به آهي، پر اها به حقيقت آهي ته سنڌيءَ ۾ ٻارن لاءِ گهڻي شاعري به ڳوٺن ۾ رهندڙ شاعر ئي ڪن ٿا. مان به هڪ ڳوٺاڻو آهيان مون تي به ڳوٺاڻي ماحول جو ڪافي اثر آهي، پر پوءِ به هن ڪتاب ۾ مون گهڻا نظم شهري راندين جي موضوع تي ڏنا آهن، اميد ته پڙهندڙن کي وڻندا. منهنجو اهو به ارادو آهي ته آئينده ٻارن لاءِ، سائنسي تجربن ۽ ايجادن وارن موضوعن تي نظم لکان، پر شرط اهو آهي ته منهنجا نظم ٻارن وٽ قبول پون. جيڪڏهن ٻارن سٺي موٽ ڏني ته ٻارڙن لاءِ قلم جي قط کي گهندو رهندس ۽ مان سمجهندس ته منهنجو پورهيو قبول پيو.

    آزاد بخاري
    چڪ، ضلعو شڪارپور
    (0726-576611)


    شاعري

    دعا

    الله سائين مولا سائين،
    سڌي راهه تون ڏيکارين.

    اسان ٻانها تنهنجا آهيون،
    تنهنجو ڪرم سدا چاهيون.

    ڏسون نه ڪي ڏک ڏولا،
    رحم ڪر تون پنهنجو مولا.

    اسان کي ڏي سمجهه سائين،
    علم سان تون دل لائين.

    غريبن جي خدمت ڪيون،
    انسانن سان محبت ڪيون.

    ابي، امڙ جا تابعدار،
    ديس جا ٿيون خدمتگار.

    پڙهي پرجهي ڏاها ٿيون،
    استادن جي عزت ڪيون.

    رهون ”آزاد“ ڌرتيءَ تي،
    ڪڏهن نه ڪا غلامي ٿي.


    ڏونءَ جو کوڙو

    ڏونءَ جو کوڙو

    ايڪ ڏون ڏون،
    رپيو لڌو تون،
    خرچ ڪيو مون. ٻه ڏون چار،
    سبق ڪندس ياد،
    سائين ڪين مار.

    ٽي ڏون ڇهه،
    گڏڙين پاتا،
    سنهڙا سهڻا ڳهه.
    چار ڏون اٺ،
    سڄو ملڪ گهمي،
    ڪيا مون ٺٺ.

    پنج ڏون ڏهه،
    امڙ وڌي ٻوڙ ۾،
    اڇي اڇي وَههَ.
    ڇهه ڏون ٻارنهن،
    شهر جي روڊ تي،
    اٺن قطاران.

    ست ڏون چوڏنهن،
    جهرڪ ٿا وڙهن پيا،
    ڏس تون اوڏانهن.
    اٺ ڏون سورنهن،
    مون کي کاراءِ تون،
    قلفي ڀيڻ ”موران“.

    نا ڏون ارڙهن،
    دعا ڪيو دوستو،
    ڪنهن سان به نه وڙهان.
    ڏهه ڏون ويهه،
    انٽرنيٽ تي ڏس،
    ”ڪيفي“ ۾ آ پيهه.


    موهن جو دڙو

    موهن جو دڙو

    صدين کان آهي کڙو،
    سمجهو نه مٽيءَ دڙو،
    پڙهو تاريخ ۽ ڏسو،
    سهڻو موهن جو دڙو.

    لاڙڪاڻي جي تر ۾،
    ڏوڪريءَ جي ڀر ۾،
    سهڻو موهن جو دڙو.

    ناهي ڪوئي انڪار،
    سنڌ جو آ شاهڪار،
    سهڻو موهن جو دڙو.

    ’ڪنگ پريسٽ‘ بادشاهه،
    ’سمبارا‘ هن جو ساهه،
    سهڻو موهن جو دڙو.

    عظمت جو اهڃاڻ،
    سنڌو جي سڃاڻ،
    سهڻو موهن جو دڙو.

    آثار قديم جي هي کاڻ،
    چاهي کيس هر سڄاڻ،
    سهڻو موهن جو دڙو.

    ڏاند گاڏي، اجرڪ،
    هتي مليا ناهي شڪ،
    سهڻو موهن جو دڙو.

    ’آزاد‘ رهي سلامت،
    سڌ سڄي جي چاهت،
    سهڻو موهن جو دڙو.


    رهبر سنڌ

    رهبر سنڌ

    مڃي لاڙ، اتر سنڌ،
    جيئنم سيدَ، رهبر سنڌ.

    ساري حياتي قيد رهيو،
    هر حاڪم کي سچ چيو.

    ديس جو پٽ لائق هو،
    سنڌ جو سچو عاشق هو.

    امن سندو درس ڏنائين،
    ماروئڙن جي ڳالهه ڪيائين.

    ڌرتي جو کيس اونو هو،
    ارڏو هو توڙي جهونو هو.

    محبت هن جو مذهب هو،
    نفرت وارن سان نه ٺهيو.

    تصوف جي ٿي ڳالهه ڪيائين،
    ’اهنسا‘ جو نعرو هنيائين.

    جيئنم جي وٺ واٽ تون ٻالڪ،
    پنهنجي ديس جا ٿيون مالڪ.

    ’آزاد‘ سيد جا ڏنا حوالا،
    جنهنجو فڪر افضل اعليٰ.


    گورک جبل

    گورک جبل

    گورک جو اچ ڪيون سير،
    هل ته هلون ٿي نه اوير.

    ’احرار‘ ڀائو تو به گهميو آ؟
    گورک واهي پانڌي ڏي آ.

    جوهيءَ جي جان آ گورک،
    سنڌڙي جو شان آ گورک.

    ٿڌي هوا ٿي اهڙي هلي هت،
    جنت جي ڄڻ دري کلي هت.

    هر ڪنهن کي ٿو پاڻ ڏي ساهي،
    دادو، ڪاڇي ڏي هي آهي.

    سهڻو سندر آهي گورک،
    سنڌ سڄي ٿي چاهي گورک.

    خدا سدا آباد رکي هي،
    سياحن ۾ ٿو ساهه ڀري هي.

    ’آزاد‘ گهميو ناهي، مورک،
    رب جو آ احسان گورک.


    سنڌ جي ڌيءَ

    سنڌ جي ڌيءَ

    ٻڌو ٻارو ڏک جي ڪهاڻي ٻڌو،
    هئي ديس جي هڪ نياڻي ٻڌو.

    هر هنڌ هن جي وڏي هاڪ هئي،
    دنيا اندر سندس ڌاڪ هئي.

    جواني هئس بابو ماريو ويس،
    ڪلهن تي سياست جو بار پيس.

    بهادر وڏي ۽ هوشيار هئي،
    آمر جي آڏو للڪار هئي.

    ٻه ڀائر هنجا قتل ٿي ويا،
    سندس ساٿي ڪيئي جيلن پيا.

    ظالمن کي آيو نه پئي سڪون،
    نياڻيءَ جو آخر ڪيائون خون.

    زندهه ضمير ته روئي پيا،
    عرش ۽ ڌرتي ڪمبي اٿيا.

    وقت جي هرهڪ گهڙيءَ چيو،
    مظلوم هرڪنهن رڙي چيو.

    سنڌ ماتا جي ڌيءَ بينظير،
    ناحق ماري وئي بينظير.


    مڪلي

    مڪلي

    خاموش دنيا ڏسي اچون،
    اچو ته مڪلي گهمي اچون.

    چوڏس هت مزارون آهن،
    تاريخي ڪي سارون آهن.

    ٺٽي، ڪينجهر ڀَر ۾ آهي،
    شاهه عنايت، تر ۾ آهي.

    ميلن ۾ هي آهي پکڙيل،
    ڪاڪا تربت اٿس اجڙيل.

    قبرن تي چٽسالي آهي،
    ڪا به نه فن کان خالي آهي.

    هن ۾ دريا خان سُتو،
    ڄام نندو آ جوان سُتو.

    ’عبدالله شاهه اصحابي‘ آ،
    ’حسام الدين راشدي‘ آ.

    مڪلي ملڪ مئل ماڻهن جو،
    ’آزاد‘، شهيدن ۽راڻن جو.


    استاد منظور علي خان

    استاد منظور علي خان

    سنڌ جو هو فنڪار مهان،
    استاد منظور علي خان.

    انسان هو هي عاليشان،
    ڪهڙو ڪيان شان بيان،
    استاد منظور علي خان.

    راڳ جو راڻو پيارو هو،
    ديس جي اک جو تارو هو،
    استاد منظور علي خان.

    هن جا ٻول ٿا روح ريجهائن،
    محبت جو ٿا درس ٻڌائن،
    استاد منظور علي خان.

    اهڙو راڳي شال هجي هت،
    ٻيهر ٿي ڪو اهڙو اچي هت،
    استاد منظور علي خان.

    سادا ڪپڙا پائيندو هو،
    سازندن کي ڀائيندو هو،
    استاد منظور علي خان.

    جوئر ماني چاهيندو هو،
    ماکي گڏائي کائيندو هو،
    استاد منظور علي خان.

    هن جي جيون تي ڳالهايو،
    سندس، ورسي سال ملهايو،
    استاد منظور علي خان.

    ’آزاد‘ هن جو آهي شيدائي،
    ڪئي نه جنهن ڪڏهن وڏائي،
    استاد منظور علي خان.


    سنڌالاجي

    سنڌالاجي

    سنڌالاجي ڪنهن ڏٺي آ،
    ’همير‘ ڀائو ڏسِ ڪٿي آ.

    سنڌ سڄيءَ جو آ،هي آواز،
    ڄام شوري جو آ، هي ناز.

    هن ۾ تصويرون هن جام،
    مجسما رکيل آهن عام.

    فن ادب جو طبقو اٿس،
    سر سنگيت جو شعبو اٿس.

    آرٽ سندا شاهڪار پيل،
    اچو گهمو دوست، ادل.

    انمول ڪتابي نسخا، ڏسو،
    ٽڪليون ٿانوَ، سڪا ڏسو.

    شوقين اچي ٿا سکيا وٺن،
    فنڪار سندن ٿا ساٿ ڏين.

    ’سعيد منگي‘، ’ذوالفقار‘ وٽس،
    ’آزاد‘ وڏا فنڪار اٿس.


    اسٽيل مل

    اسٽيل مل

    دنيا ۾ مشهور اسان جي اسٽيل مل،
    ڪراچي ۾ آهي، سنڌ ڙي جي دل.

    هن مان لوهه ملي ٿو ملڪ کي،
    هن مان فائدو آهي خلق کي.

    گاڊر، ٽيئر، سرئيا هن جا،
    عمارتن لئه آهن ڪم جا.

    فولاد ٺهي ٿو ٽنن ۾،
    پچي راس ٿي ٿو بٺن ۾.

    هت لوهه پگهاري ٿو مزدور،
    جو محنت ڪري پيو ڀرپور.

    هتڙي ڪچو اسٽيل ٺهي ٿو،
    برتن جنهن مان جام جڙي ٿو.

    ’آزاد‘ غيرن جي اک ۾ سور،
    اسٽيل مل آ سنڌ جو نور.


    سنڌي

    سنڌي

    اجرڪ ٽوپي سان ڀرپور،
    سنڌي دنيا ۾ مشهور.

    ڀرت سان چولا اٿن ڀريل،
    ڪلهن تي ڏس اجرڪ رکيل،
    جسمن تي پهراڻ پهريل،
    پٽ ۽ ريشم مان ٺهيل،
    اجرڪ ٽوپي سان ڀرپور،
    سنڌي دنيا ۾ مشهور.

    ننڍڙا وڏڙا ٽوپي پائن،
    پٽڪو مٿي۽ لونگي پائن،
    ڪڏهن پيرنه پوئتي پائن،
    سيم سان ٺهيل جتي پائن،
    اجرڪ ٽوپي سان ڀرپور،
    سنڌي دنيا ۾ مشهور.

    ٽُڪ جون رِليون وڏيون رکن،
    سيءَ ۾ سدا کيس وجهن،
    جڏهن ڪاڏي به گهمڻ وڃن،
    پٽڪا ململ پائي هلن،
    اجرڪ ٽوپي سان ڀرپور،
    سنڌي دنيا ۾ مشهور.


    سکر ايئرپورٽ

    سکر ايئرپورٽ

    سکر جو ڏِسُ ايئرپورٽ،
    آرائين جي پريان اوٽ.
    روز هتي ٿا جهاز اچن،
    رن وي تي ٿا، لهن، چڙهن.
    گيٽ تي گارڊ بيٺا آهن،
    ٽڪيٽ ڏسي رستو ٻڌائن.
    ايئرپورٽ آ سهڻو ٺهيل،
    اندر ننڍي ڪينٽين بڻيل.
    ويٽنگ روم به آهي ڀلو،
    ڏسو اچي پر ڪري رَلُو.
    ڪراچي لاهور نه ڇڙو،
    وڃن جهاز موهن دڙو.
    ايئر هوسٽس اچن ٿيون
    سامان وٺي جاچن ٿيون
    ڪپتانن جي ڊريس آ اڇي
    ڏاڍي وڻندڙ، اٿن سچي
    لائوڊن تي اعلان ٿئي ٿو،
    ڪوئي جهاز، اچي وڃي جو
    آسمان ڏسي ،ٻار چَون ٿا،
    ڏسو ڏسو جهاز وڃن.ٿا.


    ڇورو ٻار

    ڇورو ٻار

    عيد ڏهاڙي ڪنهن جهوپي ۾،
    الجهيل الجهيل چهرو هو.

    ڦاٽل ڪپڙا انگ اگهاڙو،
    خوشين تي ڄڻ پهرو هو.

    ماءُ، پي مئس تڪرارن ۾ ،
    نانو هن جو ڏٻرو هو.

    ڪنهن نه هن جي سار لڌي،
    سارو ٿي پيو ميرو هو.

    بک ۾ ٿي ويو نيرو پيلو،
    پو۽ به چٽڙو اجرو هو.

    اوڙي پاڙي عيد ڪئي پر،
    ڪنهن نه مُڪو ڪو سيرو هو.

    سڏڪي سڏڪي سارو ڏينهن،
    ها ننڊ ۾ ستو ڇورو هو.

    سپني ۾،ڏٺي ماءُ “آزاد”
    جنهن کي ماني ڌونئرو هو


    اقوامِ متحدا

    اقوامِ متحدا

    توهان آهي ٻڌو ٻارو؟
    اقوام متحدا ادارو.

    دنيا هتڙي گڏ جي ٿي،
    گڏ ٿي فيصلا ڪري ٿي.

    ڪجهه ملڪ ٿا ’ويٽو‘ ڪن،
    ڪوئي فيصلو جي نه مڃن.

    جنگ، صحت ۽ امن لئه،
    سوچن ملڪ سڀ ڪنهن لئه.

    ٻارن لئه هڪ فنڊ رکي ٿي،
    غربت ۽ تعليم لئه ڏي ٿي.

    پوئتي پيل ملڪن جي هي،
    امداد ڪري ٿي وڏي هي.

    سلامتي ڪائونسل هن جي،
    ملڪن تي آ بندش هڻندي.

    خوراڪ، سامان، سودو ٺاهي،
    پناهه گيرن کي پهچائي.

    بيمارين جي خطرن کي ٿي،
    ’آزاد‘ سدائين منهن ڏئي ٿي.


    اعليٰ انسان

    اعليٰ انسان

    اعليٰ ٿي پئه تون انسان،
    ٻالڪ ٺاه تون پنهنجو مان.

    گهٽ نه ڪنهن کي تون ڄاڻ،
    رک تون چڱي ڄاڻ سڃاڻ.

    نفرت ڪنهن سان ڪين ڪر،
    محبت جون تون مٽيون ڀر.

    اخلاق عزت نياز ۽ نوڙت،
    سهڻي رک تون سدا صورت.

    ڪاوڙ ويجهو ڪين تون آڻ،
    ٻاجهه ڀري ٿي پئه تون کاڻ.

    ڪوبه نه هتڙ ي آهي تونگر،
    ماڻهو ماڻهو جي آ برابر.

    انسان جو جيڪو قدر ڪري،
    ’آزاد‘ انهيءَ کي شابس ڏي.


    سنڌو ساگر

    سنڌو ساگر

    پنهنجو آ اڙٻنگ،
    ’سنڌو ساگر‘ سمنڊ.

    واري هنجي اُجري اهڙي،
    اڇي ڄڻڪي کنڊ،
    ’سنڌو ساگر‘ سمنڊ.

    رات جو اڪثر چمڪي ٿو،
    هن ۾ سهڻو چنڊ،
    ’سنڌو ساگر‘ سمنڊ.

    ڪناري تي هڻي ٿي،
    ڇولي سڀ کي ڇنڊ،
    ’سنڌو ساگر‘ سمنڊ.

    ڪلفٽن تي وڃي جو
    هڻي تنهنکي منڊ ،
    ’سنڌو ساگر‘ سمنڊ.

    منهوڙي ڪياماڙيءَ تي،
    ٻيڙا هڻن گهنڊ،
    ’سنڌو ساگر‘ سمنڊ.

    ڪراچي جو ڏسڻ هلي،
    ’آزاد‘ ڪڍي سو ونڊ،
    ’سنڌو ساگر‘ سمنڊ.


    آزادي

    آزادي

    سڀ کي پياري آزادي،
    هر ڪو چاهي آزادي.

    جيت، پکي سڀ جانور،
    نانگ، بلائون اجگر،
    هر ڪو چاهي آزادي.
    سڀ کي پياري آزادي،

    هن ڌرتي جا ڪل ئي ماڻهو،
    فقير امير سڀئي ماڻهو،
    هر ڪو چاهي آزادي.
    سڀ کي پياري آزادي،

    هندو، مسلم، سک، عيسائي،
    سڀ کي سدا اها وائي،
    هر ڪو چاهي آزادي.
    سڀ کي پياري آزادي،

    اوڏ، ماڙيچو، باگڙي، ڀيل،
    گورو، ڪارو، ڪمزور عليل،
    هر ڪو چاهي آزادي.
    سڀ کي پياري آزادي،

    اڄ جي عورت ٿي چاهي،
    قيدي، غلام به واجهائي،
    هر ڪو چاهي آزادي.
    سڀ کي پياري آزادي،

    پڪا پوڙها ٻار جوان،
    مظلوم“ آزاد ”سڀ انسان،
    هر ڪو چاهي آزادي.
    سڀ کي پياري آزادي،


    ڪارٽون

    ڪارٽون

    ٽوم جيري ڪارٽون،
    “رمشا” تو، ڏٺو ڪون.

    ٻلي ڪوئو هن ۾ آهن،
    ٻارن کي ٿا وندرائن.

    اٽڪن ٿا ڄڻ دشمن آهن،
    هڪ ٻئي کي پيا ستائن.

    ڊڪي ڊڪي ٿا ساڻا ٿين،
    ٿڪجي آخر صلح ٿا ڪن.

    ڀاڪر پائي ڳل لڳن ٿا،
    جلد ٺهي، وري وڙهن ٿا.

    ٻلي ڪوئي جا هي منظر،
    ٽي وي ، ڪئبل جي اندر.

    اچو ڏسو ٻار ويهي،
    ڪارٽون ٽوم جيري.


    گل

    گل

    گلڙن وارو ڇوڪرو،
    ڪري ٿو پيو هوڪرو،
    ڳاڙها ڳاڙها سهڻا گل،
    وٺڻ وارو آهي ڪو.

    اڇا نيلا پيلا گل،
    هاڻي هاڻي هن مهل،
    پنهنجي لئه وٺي اچو،
    اوڙي پاڙي ۾ ٿيا هُل.

    چوڌاري سرهاڻ آ،
    گلن ڦلن جي کاڻ آ،
    محفل وئي واسجي،
    ’راشد‘ سان رهاڻ آ.

    ماڻهو ڊڪندا ٿا اچن،
    ننڍڙا وڏڙا پيا چون،
    توهان به وٺي ڏسوڀاءُ،
    گل گهر جي سونهن هن.


    ڪرڪيٽ

    ڪرڪيٽ

    ’هالار‘ کڻ بال بيٽ،
    کيڏڻ هلون ڪرڪيٽ.

    ’سالار‘ ڪر تون بولنگ،
    مان به ڪيان بيٽنگ.

    ڊڪي رنسون ٺاهينداسين،
    ’گگلي‘ بال ڪرائينداسين.

    هڪڙو ٿيندو پاڻ مان ڪيپر،
    پڪڙيندو سو بال کي هر هر.

    دوست ڪندا سڀ فيلڊنگ،
    ڪا نه ٿيندي ڪا چيٽنگ.

    فيصلو ڪندو امپائر،
    وائيڊ بال تي ظاهر.

    بال بائونڊري ٽپي ويندو،
    چونڪو ڇڪو به لڳندو.

    ٽيم جا يارنهن رانديگر،
    آئوٽ ٿين کيڏن نه ٻيهر.

    “آزاد” اندر ،آنڌ مانڌ ،
    ڪهڙي ٽيم کٽندي راند.


    دهشتگرد

    دهشتگرد

    بابا بابا ماريندو،
    دهشتگرد اچي جي ويو.
    ڪندو ڌماڪو بارود اٿس،
    رانديڪا سڀ ڊاهيندو، چيو ڪنهن ’نمرود‘ اٿس،
    بابا بابا ماريندو،
    دهشتگرد اچي جي ويو.

    شهر جي گهٽي ۽ چوسول، منهنجي ڀيڻ جي اسڪول،
    بم ٻڌل هو ڦاڙيندو، بابا بابا ماريندو،
    دهشتگرد اچي جي ويو.

    هنجو ڪو ايمان نه آهي، هن جو ڪوئي دين نه آهي،
    قاتل ساهه سڪائيندو، بابا بابا ماريندو،
    دهشتگرد اچي جي ويو.

    اڳ ۾ هو، بازار آيو هو، ڪيئي ماڻهو ماري ويو هو،
    هاڻ به گهر اجاڙيندو، بابا بابا ماريندو،
    دهشتگرد اچي جي ويو.

    آپگهاتي، چون ٿا هن کي، ڪنهن تي ناهي رحم هن کي،
    سارا پاڙا ساڙيندو، بابا بابا ماريندو،
    دهشتگرد اچي جي ويو.

    وارو ڪر پوليس کي ڏس، انسانيت جو دشمن دَسِ،
    ملڪ جا ماڻهو وڙهائيندو، بابا بابا ماريندو،
    دهشتگرد اچي جي ويو.


    سنوڪر

    سنوڪر

    گول گول بالن واري،
    سنوڪر آ راند پياري.

    هن جو بورڊ سائو ٿئي ٿو،
    کيڏي جو، نه ڍائو ٿئي ٿو،
    سنوڪر آ راند پياري.

    ڏنڊيءَ سان پيا بال هلن،
    ڪنڊ ۾ ڪري ٽٻي هڻن،
    سنوڪر آ راند پياري.

    بالن تي انگ لڳل هن
    مختلف رنگ لڳل هن
    سنوڪر آ راند پياري

    واري سان ٿا وارو وٺن،
    ٻه رانديگر سامون بيهن،
    سنوڪر آ راند پياري.

    تماشائي چاهه سان ڏسن،
    رانديگر کي همٿ ڏين،
    سنوڪر آ راند پياري.

    اسڪور ٿئي تاڙيون وڄن،
    ’غني‘ جهڙا ڄاڙيون هڻن،
    سنوڪر آ راند پياري.

    ’آزاد‘ کيڏي ڪمپيوٽر تي،
    مان سنوڪر، ماهر، چئي!
    سنوڪر آ راند پياري.


    ڇهه سٽا

    ڇهه سٽا

    گهُم گهُم گهُم،
    رپيو ڪيو گم.
    هيڏي نهاريو،
    هوڏي نهاريو،
    ڪاٿي پيو آ،
    کيسا سنڀاريو،

    رُم رُم رُم،
    ڪارو سائو ڪُمُ.
    کانوان پيو مان،
    توهان ڏي ڏسان،
    زوريءَ ڪو متان،
    کسي نه مونکان،

    ڌم ڌم ڌم،
    ڇَڻي پئي نم.
    اڱڻ ۾ اڄ،
    بابلا تون ڀڄ،
    ميڙ نموريون،
    ڀري تون ڇڄ.

    ٺُم ٺُم ٺُم،
    ڪري ڇمڪو ڇُم.
    لَيلِي ڊڪي پئي،
    ڪيڏو سهڪي پئي،
    پنهنجي امڙ لئه،
    ادا ٻيڪي پئي.


    اسڪريبل

    اسڪريبل

    وچ تي رکون هڪ ٽيبل،
    آءُ ته کيڏون اسڪريبل.

    اسڪريبل آ راند پياري،
    ’اي بي سي‘ جي ڳوٽن واري.

    چوپڙ جيئن پٿاري هن کي،
    لفظ سکون ڪجھ ويهي هن تي.

    ڳوٿري اندر ڳوٽان وجهي،
    کڙڪائي ۽ هر هر ڪڍي.

    انگريزيءَ جا لفظ جوڙيون،
    اکر ڳولي پاڻ ولوڙيون.

    اسڪريبل آ راند نياري،
    انگلش جي لفظن واري.

    جنهنجو وڌي اسڪور جناب،
    تحفو وٺي سو ته ڪتاب.

    ’آزاد‘ عقل جي آ ويڙهاند،
    اسڪريبل آ ڄاڻ جي راند.


    مينهن 

    مينهن

    مينهن وٺو گجگوڙ ٿيو،
    ٻالڪ نڪتا شور ٿيو.

    پاڻيءَ منجهه تُڙِڳَن پيا،
    هڪ ٻئي کي هو چون پيا.

    ڪڪرن جو آ پاڻي ڪَسارو،
    مٺڙو ناهي پر آ کارو.

    نڪري آيا ’مينهن جا ماما‘،
    ٻارن ڪيا هل هنگاما.

    پڪڙي تن کي هٿ ڪيائون،
    سهڻا آهن جيت چيائون.

    مينهن جڏهن ٿي ويو بند،
    ٻارن چيو هي هر هنڌ.

    وسي وسي وڏڦڙو،
    شال نه پئي ’آزاد‘ ڳڙو.


    رولر اسڪيٽنگ 

    رولر اسڪيٽنگ

    وڏو ٺاهي دائرو _رنگِ،
    کيڏون رولر اِسڪيٽنگ.

    ڦيٿن جڙيل پائي بوٽ،
    ڊڪون سڀ کي آهي ڇُوٽِ،
    کيڏون رولر اِسڪيٽنگ.

    ڦرڻي جيان گول گهمون،
    هڪٻئي پويان ڪڍ لڳون،
    کيڏون رولر اِسڪيٽنگ.

    تِرڪون هيٺ مٿي ٿيون،
    نت نوان ڪرتب ڪيون،
    کيڏون رولر اِسڪيٽنگ.

    چاڙهيءَ مٿي چڙهي هلون،
    لاهيءَ هيٺ لهي وڃون،
    کيڏون رولر اِسڪيٽنگ.

    هِڪڙي پير تي بيهي ڦرون،
    ٽِپَ ڏيون، ’آزاد‘ گهمون،
    کيڏون رولر اِسڪيٽنگ.


    ڌونئرو/ لسي

    ڌونئرو/ لسي

    چاڏي ۾ پيل آهي ڌونئرو،
    جنهن تي ڦري پيو ڀونئرو.

    ڌونئري مان ٿي لسي ٺهي،
    پيئڻ سان ٿي اُڃ لهي.

    ٻار پيئن ته خوش ٿين،
    کٽي مٺي اوڳرائي ڏين.

    اسڪول مان موڪل ٿيندي آ،
    ته لسي امان ڏيندي آ.

    لسي پيئندس ننڊ ايندي،
    امڙ ڏسي خوش ٿيندي.

    تنهنجو هانءَ به پوندو ٺَرِي،
    کائي ڏس تون ڌونئري ذري.

    ’آزاد‘ سدا ڌونئرو کاءُ،
    تون به پي ڏس لسي ڀاءُ.


    جوڊو ڪراٽو

    جوڊو ڪراٽو

    پنهنجو خيال رک ’تنوير‘،
    جُوڊو ڪِراٽو سک ’تنوير‘.

    هيءَ به هڪڙي راند آهي،
    ظاهر ۾ ويڙهاند آهي.

    ’بروس لي‘ کيس ڦهلايو،
    دنيا ۾ روشن ڪرايو.

    ’اشرف طائي‘ ملڪ ۾ آندي،
    سکڻ لئه آ خلق ته ماندي.

    پاڻ به سکي وٺنداسين،
    ’بليڪ بيلٽ‘ سڏباسين.

    برف جي سر ٽوڙينداسين،
    لوهي شيخ مروڙينداسين.

    “نَنِ چاقو” آ هنجو اوزار،
    هلي ڦڙتي سان چوڌار.

    چوي’آزاد‘ سکان مان،
    ساٿي ڪندا ريس مونسان.


    گهڙي 

    گهڙي

    هڪ گهڙي جيان ٻي گهڙي آئي ۽ گذري وئي،
    وقت جو تون ڪر قدر، توکي اها چئي وئي.

    هڪ گهڙي به سبق کان واندو رهه ڪين تون،
    جت به رهين ڪم ڪر درس اهو ڏئي وئي.

    هلندو رھ مسلسلِ گهڙي جي ڪانٽي جيان،
    ياد ڪر سا گهڙي جا گهڙي گذري وئي.

    ڪاهليءَ کي ڇڏ ڀڄائي سستي نه ڪر ڀاءُ تون،
    ميڙ سا محنت ڪري جا هٿن مان وکري وئي.

    تنهنجي ڪوشش سان ٿيندو تنهنجو آئيندو روشن،
    رهه نه غافل اي ’آزاد‘، ٺاهه جا اجڙي وئي.


    جمناسٽڪ

    جمناسٽڪ

    جمناسٽڪ آ راند نرالي،
    جنهن کي کيڏي نر ۽ ناري.

    ننڍڙا ٻاربه تيار ٿين ٿا،
    چاهه منجهان راند سکن ٿا.

    وڏڙا وڏڙا چُنگ ڏين ٿا،
    ڦرندا رهن ٿا ڪين ڪرن ٿا.

    جسم ٿئي ٿو رٻڙ جيان،
    ماڻهو ڦري نانگڻ جيان.

    جمناسٽڪ جا ماهر وهواهه،
    سنهڙا سيبتا ظاهر واهواهه.

    بال جيان ٿا بدن ڪن،
    لڪڙن ۾ٿا گول ڦرن.

    ’آزاد‘ ڪرتب اهي عجيب،
    ڪري نه سگهندو ادو“ مجيب”


    اديون

    اديون

    رڳو ڪين گهر ۾ ويهارڻ کپي،
    ادين کي تعليم ڏيارڻ کپي.

    اديون ڀل پڙهن ڀائرن جيان،
    اڻ پڙهه نه تن کي رهائڻ کپي.

    ڇڙٻ ڏيوادين کي ڪڏهن ڪين ٻارو،
    ڌيرج سان تن کي سيکارڻ کپي.

    ڪن جو انگل ڪو، ڪجي سوته پورو،
    سندن ساٿ ڏيئي سمجهائڻ کپي.

    اديون ديس جون هن عزت عظمت،
    وڏي واڪي سڀ کي ٻڌائڻ کپي.

    عورت مرد آهن برابر سڀئي،
    نه ’آزاد‘ هنن کي وسارڻ کپي.


    لغڙ

    لغڙ

    اُڀ ۾ لغڙ اڏرن پيا،
    ڏس ڏس ڪيئن وچڙن ٿا.

    هڪٻئي ۾ ٿا گهت هڻن،
    مٿي چڙهن ڪي هيٺ اچن.

    گوهي هڻي ٿا ڀڄي وڃن،
    لَمُ ڏئي ٿا، پيچ وجهن.

    رنگ برنگي ننڍڙا وڏڙا،
    ڪاغذ جا هن ڄڻ ڪي گڏڙا

    ڪوٺن تي ٿا مچن ميلا،
    ساوا ڳاڙها نيلا پيلا.

    پڇ ڪَٽُو ڪي ڊگهه ڊگهيرا،
    ڏور اُڏامن ڄڻ ته ڳيرا.

    ڪي ڏور ڪٽن، ڪي ڪاٽا ٿين،
    ٻالڪ ڊوڙي اچي کڻن.

    لغڙکڻي ٿا بُل ڏين،
    بهاررت ۾ خوشيون ڪن.


    پورهيت ٻار

    پورهيت ٻار

    منهنجي شهر جو پورهيت ٻار،
    اورچ ڪم ۾ آ هوشيار.

    ننڍڙو هو ته ماءُ مئس،
    پيءُ معذور بيمار اٿس.

    صبح سوير ٿو گل کپائي،
    پنهنجي گهر جو خرچ هلائي.

    گهر گهر پهچائي اخبار،
    ميم صاحب جي ڌوئي ڪار.

    بوٽ پالش لئه هوڪا ڏئي،
    ’پالش ڪرايو پالش‘ چئي.

    اچو هن کي پاڻ پڙهايون
    پنهنجو ڪجھ علم ورهايون

    سندس پڙهڻ جو آهي وقت،
    پاڻ کي چئي ٿو بدقسمت.

    هن تي ناهي“ آزاد ”ميار،
    ڇو نه لهي سرڪار ٿي سار؟


    ڪتب خانو

    ڪتب خانو

    چڪ شهر جو ڪتب خانو،
    آهي پراڻو وڏو يگانو.

    انگلش ۾ چون لائبريري،
    سنڌي ۾ چون ڪتب خانو.

    آهي “لطيف” جي نالي سان
    جنهن جو سڀڪو آ ديوانو

    هتڙي هرڪو ايندو آهي،
    علم جو بڻجي پروانو.

    ’فراز‘ مطالعو ڪر اچي
    ملندو توکي علم خزانو.

    پسند جا موضوع ۽ ڪتاب،
    کولي ڏس ڪئٽلاگ خانو.

    تاريخ، سائنس، لطيفي لات،
    سڀني ڪتابن جو آشيانو.

    تون پڙهڻ جي ايندين هتڙي،
    ريس ڪندو توسان زمانو.

    اڪثر هن ۾ پڙهندو آهي،
    اخبار وڃي منهنجو نانو.

    توکي سڏي ٿو ڀاءُ هلي آ،
    ’آزاد‘ علم لاءِ مستانو.


    نوريئڙو

    نوريئڙو

    جيئن ڪوئي ساز ڪري،
    عجب عجب آواز ڪري،
    نوريئڙو ٿو ناز ڪري.

    چڙهي وڻن تي، چُنگ ڪري،
    ميون کي ٿو ٽُنگ ڪري،
    ڍونگي بيٺو ڍونگ ڪري،
    ڏاڍا ٿو هي رنگ ڪري،
    نوريئڙو ٿو ناز ڪري،
    عجب عجب آواز ڪري.

    پَن پٽي ٿو لڏي ڪري،
    ٺينگ ڏئي ٿو ڊڪي ڪري،
    ساٿ سنگت سان ڪڏي ڪري،
    لامن مٿان سمهي ڪري،
    نوريئڙو ٿو ناز ڪري،
    عجب عجب آواز ڪري.

    چرڙاٽ ڪري ٿو چيڪ ڪري،
    ڊڄي وڃي ٿو لِڪ ڪري،
    ڀڄي وڃي ٿو ڊڪ ڪري،
    جڏهن ڪو هن کي ڇِڪ ڪري،
    نوريئڙو ٿو ناز ڪري،
    عجب عجب آواز ڪري.


    فن لينڊ

    فن لينڊ

    هل هنگاما ٻڌون بينڊ،
    هلو ته گهمون فن لينڊ.

    جهولا جهولن اتي جام،
    ٻالڪ اچن صبح شام.

    ننڍڙي ٽرين، اسڪوٽر،
    اليڪٽرڪ جا جانور.

    کيڏن ٻار ٿا چوڌار،
    وڊيو گيم ۽ هلي ڪار.

    پاڻي اندر بوٽ هلن،
    کيل نوان ۽ نوٽ هلن.

    مٿان ترڪي ٻار ڪرن،
    پاڻي اندر پيا تڙڳن.

    دنيا عجب ’آزاد‘ آهي،
    ٻار ٻڍا ٿي وندرائي.


    ٽه سٽا

    ٽه سٽا

    اچو لغڙ اُڏاريون،
    آهي مند بهار،
    گيت خوشي جا ڳايون.

    سياري جون موڪلون،
    ٻالڪ چون چاهه مان،
    هلو راڻي باغ هلون.

    جاٿي ڪاٿي گرمي آ،
    سنڌو جي ڪپر تي،
    ڪيڏي گهما گهمي آ.

    منجهند جو آ پهر،
    ٻار گڏهه، گاڏا،
    شڪارپور شهر.

    غريب جي جهوپڙي،
    سڙي وئي اوچتو،
    ڏنس ڪنهن چوچڙي.

    ٻه مهينا موڪل،
    رُلُ نه منهنجا ڀائڙا،
    گهرو ڪم ڪر اول.

    آيو ڇولن وارو آيو،
    ’فراز ‘، ’اياز‘ شور مچايو،
    اچو ٻارو، ٿالهه کپايو.

    سنڌ واهه جي پاڻيءَ ۾،
    تڙ ڳن بيٺا ڇوڪرا،
    لکيل آ ڪهاڻيءَ ۾.


    علم

    علم

    علم جي مشعل کڻي ڊوڙ،
    علم جو جهنڊو اٿي کوڙ.

    علم جيسين پهچي گهر گهر،
    تيسين ٻي ڪا ڳالهه نه ڪر،
    علم جي جٿ ڪٿ عزت آ،
    علم جي هاڻ ضرورت آ،
    جن به قومن علم پرايو،
    نالو زندهه تن آ ڪرايو،
    علم جي مشعل کڻي ڊوڙ،
    علم جو جهنڊو اٿي کوڙ.

    علم نه جيڪا قوم رکي ٿي،
    قوم اها ئي هٿ هڻي ٿي،
    علم سان سڌي راهه ملي ٿي،
    علم سان کلي واهه وڃي ٿي،
    سچ ته علم سان جوت جلي ٿي،
    علم سان اوندهه ٽري وڃي ٿي،
    علم جي مشعل کڻي ڊوڙ،
    علم جو جهنڊو اٿي کوڙ.

    علم عقل ۽ فهم ڏئي ٿو،
    علم امن انصاف ڏئي ٿو،
    علم نجات آ قومن جي لئه،
    علم اکيون نابينن جي لئه،
    علم سدائين آهي سخاوت،
    علم سان ڪائي ناهي عداوت،
    علم جي مشعل کڻي ڊوڙ،
    علم جو جهنڊو اٿي کوڙ.


    بدڪ

    بدڪ

    گهمي ڦري ٿي گهمي ڦري ٿي،
    پاڻيءَ ۾ ڏس بدڪ تري ٿي.

    پنهنجا ٻچڙا ساڻ کڻي ٿي،
    ٽوٻن وانگي ٽٻي هڻي ٿي،
    چٽ ڪٻري آ ڏاڍي وڻي ٿي،
    پاڻيءَ ۾ ڏس بدڪ تري ٿي.

    جڏهن پکي ڪو ڏسي ٿي،
    ڪان ڪان ڪري ڀڄي ٿي،
    چور اچن ته لڙ ڪري ٿي،
    پاڻيءَ ۾ ڏس بدڪ تري ٿي.

    گهرن ۾ اڪثر رهندي آهي،
    آنا لاهي ڏيندي آهي،
    صبح وڃي ۽ شام اچي ٿي،
    پاڻيءَ ۾ ڏس بدڪ تري ٿي.

    بدڪ ڀائو اتي رهايو،
    جتي مڇي فارم ٺاهيو،
    بدڪ ته وڏو فائدو ڏي ٿي،
    پاڻيءَ ۾ ڏس بدڪ تري ٿي.


    وڇڙي

    وڇڙي

    منهنجي مينهن کي وڇڙي ڄائي،
    لوهر کان مون ٽلي ٺهرائي.

    ٽلي جڏهن به وڄندي آهي،
    وڇڙي بود مان ڪڏندي آهي.

    گاهه کائي، کڻي ٿي پير،
    کير ڌائي، ٿئي ٿي سير.

    جڏهن وڃان ٿو ويجهو مان،
    مونسان ڪري بان بان بان.

    بود مان ڊڪي ۽ڪڏي ٿي،
    خوش ٿي، ڏاڍو رنڀي ٿي.

    ڏسڻ ايندا ٿس ماڻهو عام،
    وڏي ٿي ڏيندي، کير جام.

    سڀ پيئندا پيارا ٻارڙا،
    ۽ خوش ٿيندا ڌنارڙا.


    ڪبوتر

    ڪبوتر

    گُٽَرِ گون گُٽَرِ گون،
    اڏر ڪبوتر تون.

    ڏوٽي کائي موٽي آءُ،
    موٽي وڃي ڏوٽي کاءُ،
    ڏسي پيو منهنجو ڀاءُ،
    ڪڏهن ڪين گوهي کاءُ،
    گُٽَرِ گون گُٽَرِ گون،
    اڏر ڪبوتر تون.

    توسان اڄ مقابلو،
    ڪندو ڪبوتر ڄلهو،
    ڏوٽيون ڏي هڪ هزار،
    ٿي ويندا ٻيڙا پار،
    گُٽَرِ گون گُٽَرِ گون،
    اڏر ڪبوتر تون.

    تنهنجو آهي امتحان،
    ”ڪڻڇي“ ڪبوتر مهمان،
    کٽي ويئي جي جوان،
    ٿيندين تون پريشان،
    گُٽَرِ گون گُٽَرِ گون،
    اڏر ڪبوتر تون.

    گُٽَرِ گون گُٽَرِ گون،
    گُٽَرِ گون گُٽَرِ گون.


    سنڌي ٻار

    سنڌي ٻار

    سنڌ سڄي جا هن سينگار،
    پيارا پيارا سنڌي ٻار.

    سهڻا ديس جا تارا ٻار،
    ڌرتي جا هي نعرا ٻار،
    هيرا لعل هي پيارا ٻار،
    مٺڙا ماکي ڌارا ٻار،
    پيارا پيارا سنڌي ٻار،
    سنڌ سڄي جا هن سينگار.

    ابي امڙ جا سهارا ٻار،
    سچ پچ سڀ سچارا ٻار،
    منهنجي دل جا دلارا ٻار،
    ڀورا توڙي ڪارا ٻار،
    پيارا پيارا سنڌي ٻار،
    سنڌ سڄي جا هن سينگار.

    ’نچڻا، کيڏڻا، کلڻا ٻار‘،
    ڏاڍا رلڻا، ملڻا ٻار،
    نازڪ گلڙن جهڙا ٻار،
    سنهڙا هن ڪي ٿلهڙا ٻار،
    پيارا پيارا سنڌي ٻار،
    سنڌ سڄي جا هن سينگار.


    ڪاڪو هولو

    ڪاڪو هولو

    در تي آيو ڪاڪو هولو،
    وڪڻڻ ٿڌڙو برف جو گولو.

    ڳاڙهو سائو شربت کڻي،
    گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ هوڪا هڻي،
    وٺو اي ٻارو برف جو گولو،
    در تي آيو ڪاڪو هولو.

    برف کي رندي سان ٿو رهڙي،
    چورو ٺاهي مُٺيون ڀڪوڙي،
    گول ٺاهي ٿو برف جو گولو،
    در تي آيو ڪاڪو هولو.

    گرمي آهي ٻار روئن ٿا،
    ڀائر تن کي وٺي ڏين ٿا،
    هڪ روپئي جو برف جو گولو،
    در تي آيو ڪاڪو هولو.

    شربت کٽڙو مٺڙو پيئاري،
    ٻارن جا پيو هانوَ ٺاري،
    فالودي وارو برف جو گولو،
    در تي آيو ڪاڪو هولو.

    ٿيندي ڪين ڪنهن کي وائي،
    سيڪرين ناهي کنڊ ملائي،
    خالص آهي برف جو گولو،
    در تي آيو ڪاڪو هولو.


    پَڪَڙِپائِي

    پَڪَڙِپائِي

    ’مرڪ‘ ڀيڻ آهي آئي،
    کيڏي مونسان پَڪڙپائي.

    ڪپڙواکين تي ٻڌندي،
    گول پويان ڦرندي،
    ڀر ۾ اچي چوندي،
    پڪڙ ته پائي ڏيانءِ،
    آني جي لائي ڏيانءِ.

    چٻرا سامهون ڪڍندي،
    آڏو اچي ڌڪو ڏيندي،
    ڊڪي ۽ کلي چوندي،
    پڪڙ ته پائي ڏيانءِ،
    آني جي لائي ڏيانءِ.

    سهيلين کي وٺي ايندي،
    پريان بيهي سڏ ڪندي،
    تاڙيون هڻي چوندي،
    پڪڙ ته پائي ڏيانءِ،
    آني جي لائي ڏيانءِ.

    جڏهن کيس قابو ڪندس،
    اکيون کولي مان چوندس،
    ڪڏهن نه واري ڏيان،
    پڪڙ ته پائي ڏيانءِ،
    آني جي لائي ڏيانءِ.


    لئنسڊائون/ ايوب پل

    لئنسڊائون/ ايوب پل

    لئنسڊائون پل پياري،
    لوهه منجهان ٺهيل ساري.

    لوهي پٽڙي اٿس وڇيل،
    سنڌوءَ مٿان آهي اڏيل.

    ريل هلڻ لئه ٺاهي وئي هئي،
    آخر نيٺ پراڻي ٿي وئ.

    ٻي به ڀر ۾ ٺهيس پُل،
    اڌ گول جيان آ، اڇي ڪل.

    نالو سندس، ايوب پل،
    ريل هلي ته ٿئي هُل.

    درياهه جو هت گوڙ آهي،
    واهه پلين جو جوڙ آهي.

    سامهون صدرالدين اٿن،
    ۽ ستين جو آستان وٽن.

    اچو ڏسو گاڏيون ڪاهي،
    روهڙي جو ڀلو منظر آهي.

    گهمو توهان پليون پياريون،
    ’آزاد‘ گهميون آهن ساريون.


    وڊيو گيم 

    پُٽ: منهنجي دوست کي آ گيم، GAME
    نالو اٿس وڊيو گيم، V.GAME
    راند ڪيان ويهي ان سان،
    وٺي ڏي تون بابا سيم. SAME

    پيءُ: ٻچڙا مون وٽ پئسو ناهي،
    آهي غريبي منهنجو نيم، NAME
    تنهنجو دوست امير آهي،
    پيءُ آفيسر، ماءُ ميم. MAME

    پُٽ: بابا آءٌ اڪيلو آهيان،
    ساٿي سڀ کيڏن گيم، GAME
    حسرت منجهان ڏسان ٿو،
    ڄڻ ته وڃايان پيو ٽيم. TIME

    پيءُ: پٽڙا ضد ڇڏ، وڃ اسڪول،
    علم پنهنجو بڻاءِ ايم، AIM
    امتحانن ۾ کڻ پوزيشن،
    ته وٺي ڏيان ءِ وڊيو گيم. V. GAME


    جيجل امان

    جيجل امان

    هرگهڙي هر پلڪ منهنجي آهي اڳيان
    منهنجي جيجل امان منهنجي آيل امان.

    خيال ان جا ڏسان خواب ان جا ڏسان
    جنهن طرف مان وڃان منهنجي آهي اڳيان
    منهنجي جيجل امان منهنجي آيل امان

    مون لئه هٿڙا کڻي پئي دعائون ڪري
    مان سدا خوش رهان منهنجي آهي اڳيان
    منهنجي جيجل امان منهنجي آيل امان

    جهولي امڙ جي، مان وڃي ٿو سمهان
    ننڊ گهري ڪيان منهنجي آهي اڳيان
    منهنجي جيجل امان منهنجي آيل امان

    مون لئه رحمت جو در هي سدائين آهي
    مٺي مادر چوان منهنجي آهي اڳيان
    منهنجي جيجل امان منهنجي آيل امان

    ڪو ڏک نه ڏسي هيءَ سگهي ٿي آزاد
    مان جڏهن به روئان منهنجي آهي اڳيان
    منهنجي جيجل امان منهنجي آيل امان.


    سنڌوديس

    سنڌوديس

    پنهنجي ڌرتي پنهنجوديس
    جيئي منهنجو سنڌو، ديس.

    سائو سهڻو ساوڪ وارو
    گلڙن سان گلزارآ سارو
    هنجي لنگي، هنجو خيس
    جيئي منهنجو سنڌو، ديس.

    اڀ۾ جيئن ستارا آهن
    ٻالڪ سندس پيارا آهن
    تنوير،مرڪ ،احرار، اويس
    جيئي منهنجو سنڌو، ديس.

    هن جا جوان، جوڌا آهن
    پڪا پوڙها به گهٽ ناهن
    مينديون هڻن، ڪاروڪيس
    جيئي منهنجو سنڌو، ديس.

    مانجهي هن جا محنت وارا
    عزت وارا عظمت وارا
    هاري هجي يا ڪورئيس
    جيئي منهنجو سنڌو، ديس.

    اجرڪ ٽوپي شان سندن
    پٽڪو پوتي مان سندن
    مارو پائن ٻيو نه ويس
    جيئي منهنجو سنڌو، ديس.

    جنگ جدل ڪري نه ڄاڻن
    پيار امن“ آزاد” وٽن
    قبضي ڪن نه ڪنهنجو ديس
    جيئي منهنجو سنڌو، ديس.


    شڪارپور شهر

    شڪارپور شهر

    پئرس سنڌ جوسڏبو هو
    ڏس تون گهمي شهر اهو

    ضلعو سنڌ جو آهي هي
    شڪارپورآ سڏبو هي
    شهرڏاڍوهي سهڻو آهي
    ۽اٺن درن وارو آهي
    لکي، واڳڻو، سوي در
    ڪرن،هاٿي، هزاري در
    نوشهرو ۽ خانپوري در
    تاريخي آهن سڀئي در
    ويڪرا هن جا رستا آهن
    گهر به سندر سيبتا آهن
    آچار به هن جوآ مشهور
    ڍڪ بازاربه ڊگهي دور
    سي اينڊ ايس ڪاليج اٿس
    گهنٽا گهر به پيارو وٽس
    جگناٿ_بيدل لائبريري
    آهي ڪشادي ويڪري
    اسٽورٽ گنج، گهمي ڏسو
    سڪ پل به هلي ڏسو
    آر بي يو ٽي اسپتال
    مريضن جو رکي خيال
    عاليشان آ شاهي باغ
    دل شهر جي گڻيش باغ
    ساه سڀن جو سنڌ واھ
    “آزاد ”ڪري ڇا ساراھ


    گدلاڻ  

    گدلاڻ

    گدلو رھ تون ڪين ادا
    پنهنجا رک تون صاف لٽا
    گدلاڻ پکيڙي جيڪو پيو
    بيمار رهي ٿو، لوڙي ٿو
    گندو پاڻي گٽرن جو
    گهر ڀري ٿو مڇرن جو
    ڪاغذ، ڪچرو ۽ٿيلهيون
    ٽين جا دٻا ۽شيشيون
    جت ڪٿ ڪين ڦٽا ڪيو
    ماحول سڄي جو خيال رکو
    ساواٻوٽا وڻ پوکيو۽
    فرض ادا ڌرتي جوڪيو
    دونهين کان سڀ دور ڀڄو
    سٿرو صاف ماحول رکو
    “آزاد” هوا ۾ ساھ کڻو
    هرڪنهن کي پوءِ اوهان وڻو


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 923
    ڪتابن جو مشاهدو: 2927248
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 760795
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ