ناول

سيتا هرڻ

هيءُ ناوليٽ اردو زبان جي جڳ مشهور ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار خاتون قرة العين حيدر جو لکيل آهي. هن هي ناول 1965ع ۾ لکي پورو ڪيو هو. هن ناول جو سنڌي ترجمو، نامياري ليکڪ ۽ مترجم ولي رام ولڀ ڪيو آهي. ’سيتا هرڻ‘ ناوليٽ جو ڪينواس جاگرافيائي، تاريخي ۽ تهذيبي لحاظ کان وسيع آهي. هن ۾ هندستان جي عظيم رزميه شاعري ’رامائڻ‘ جي واقعن کي ‘System of reference’ بڻائي، سيتا ميرچنداڻيءَ جي ڪهاڻي پيش ڪئي وئي آهي.
Title Cover of book سيتا هرڻ

1

اُها منجهند به هميشه وانگر بلڪل عام منجهند هئي، جڏهن ڊاڪٽر سيتا ميرچنداڻيءَ کي سُڌ پيئي ته جميل ٻي شادي ڪري ورتي آهي. گهڙي اڳي وانگر ٽِڪ ٽِڪ ڪري رهي هئي. نومبر ۾ پکي اڳي وانگر آسمان ۾ ڦيرا ڏيئي رهيا هئا. ’ايشين ٿيئٽر انسٽيٽيوٽ‘ ۾ ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا ’ٻارن جي ٿيئٽر‘ جي ڪلاس ۾ اڳي وانگرڪٺ پتليون ٺاهڻ سکي رهيا هئا. ٻئي ڪمري ۾ اڳي وانگر ’ڳوٺاڻي ٿيئٽر‘ تي ليڪچر ڏنو پئي ويو. نئين دهليءَ جي رستن تي بسون اڳي وانگر هلي رهيون هيون. هوءَ للتا سان ملڻ لاءِ هتي آئي هئي. ٽين وڳي کيس هيما وٽ پهچي، شهزاد سان گڏجي ’مدرا راڪشس‘[1]جي ريهرسل ۾ وڃڻو هو. رات جو ’ماڊرن ٿيئٽر‘ جي ميمبرن کيس مسز ڊولي سين وٽ مانيءَ تي ڪوٺ ڏني هئي، زندگي ڪيتري مصروف هئي، (۽ ڪيتري خالي هئي). اڍائي وڳي هوءَ مٿرا روڊ کان بس ۾ علي پور روڊ ڏانهن رواني ٿي هئي ۽ ڪمشنر لين ۾ اچي ’پيلي ڪوٺيءَ‘ جي ڳاڙهي بجريءَ واري ڊگهي روڊ تي پهتي هئي. هوءَ ’پيلي ڪوٺيءَ‘ جي چبوتري تي ويٺل ڇوڪرين کي ’هيلو هيلو‘ ڪندي، ’پيلي ڪوٺيءَ‘ جي گارڊن هائوس جي گئلريءَ ۾ گِهڙي هئي. دروازي جي ڀرسان شهزاد جو ڪمرو هو. هُن پردي مان ڏٺو هو ته شهزاد اڃا تائين آرام سان ليٽيو پيو هو. هوءَ هيما جي ڪمري ڏانهن وڃي رهي هئي ته گئلريءَ جي ٻئي فون جي گهنٽيءَ وڄڻ لڳي. گهنٽي ڪافي دير تائين وڄندي رهي ۽ وچ ۾ ڪجهه کن بند ٿي ويئي هئي. شهزاد ننڊاکڙي آواز ۾ بيزاريءَ مان رڙ ڪئي هئي، ”اڙي ڪو فون ڇو نٿو کڻي!؟“
هُن اُڇل ڏيئي رسيور کنيو هو. اُن وقت ٽي وڳا هئا. ٻئي پاسي کان بلقيس زور زور سان چئي رهي هئي: ”هيما، ڇا تو وٽ سيتا پهچي ويئي آهي؟“
”هاءِ... بليس.... مان سيتا ٿي ڳالهيان. ڪا خاص ڳالهه آهي؟“
”اڙي تون ته ڏاڍو جلدي پهچي وئينءَ. خاص ڳالهه...؟ اوهه... اڙي بابا ها ... اڄ ڏاڍو مزو آيو ... پرديپ، ڪامران کي چوڻ لڳو ...“
”بلقيس، تو هن وقت مون کي ڇو فون ڪئي؟“
”ڪجهه به نه ... ائين ئي ...“ بلقيس جو آواز معمول کان وڌيڪ پُر سُڪون هو، ”هي هي هي. مون سوچيو ته خبر وٺان ته اڄ جون ڪهڙيون خبرون آهن. تو للتا کي حميدا جو نياپو ڏنو يا نه؟“

انهيءَ کان پوءِ ويهه منٽ کن بلقيس شهرجي ٿيئٽر گوسپ
(Theater Gossip) ڪئي هئي. ڊراما سيزن شروع ٿي چڪي هئي ۽ شهر جا ٽيهه چاليهه ڊراما گروپ قسمين قسمين ڊراما اسٽيج ڪرڻ ۾ رُڌل هئا.
هاڻي ساڍا ٽي وڳا هئا. سيتا بيزار ٿي چيو هو: ”بِلي ڊيئر، ڇا تو مون کي اهوئي ٻڌائڻ لاءِ فون ڪئي آهي؟“
”اڙي... هو...“
”نيويارڪ کان ڪو خط آيو آهي؟“
”ها.“ بلقيس جي آواز جو جڙتو جوش هڪدم ڍرو پئجي ويو.
”ڇا ڳالهه آهي بلقيس؟“
”جميل ... جميل شادي ڪري ڇڏي آهي.“
گهڙيءَ جي ٽڪ ٽڪ. شهزاد زور سان پاسو ورايو ۽ سندس پلنگ جي اسپرنگ مان چيڪاٽ جو آواز نڪتو. ٻاهر عنابي گلاب جي ٻارين ڀرسان هيما جو ٻار روئڻ لڳو. ڊائننگ روم ۾ بشن سنگهه ٺڪاءُ سان الماري بند ڪئي.
”ڪنهن سان؟“ سيتا اهڙي طرح پڇيو ڄڻ ڪنهن پراڻي ڦِٽل کوهه مان ڳالهائيندي هجي.
”ڪا ڪانٽينينٽل ڇوڪري آهي.“ ڪئين ميل پري، چ اڻڪيا پوريءَ ۾، بلقيس جي گهر ۾ به زندگي هميشه وانگر جاري هئي. ٻار شور مچائي رهيا هئا. چانهه جا ٿانوَ کڙڪيا پئي. ننڍي ماسي، رام اوتار تي ناراض پئي ٿي. بلقيس جي وڏي ڀاڻيجي فرش تي اوڪڙو ويهي ٽيپ رڪارڊر وڄائي رهي هئي: ’تمام عمر رها غمزه و ادا ڪا شڪار.‘ دروازو ٻيڪڙي ڇڏ. خاموش! اڙي ڳالهائڻ کان بس به ڪر. واهه واهه! خوب! ڪهڙي ڳالهه ڪجي ته غمزه و ادا ... ادا وري ته پڙهجو، ’تمام عمر رها ...‘ اهو غزل بلقيس وارن وٽ ڪجهه ڏينهن اڳ ڪنهن شاعر ترنم سان پڙهيو هو، ۽ سيتا کي ڏاڍو وڻيو هو.
انهن سڀني آوازن سان بلقيس جو آواز چٽو ٻڌڻ ۾ نٿي آيو.
”اڃا ڪجهه زور سان ڳالهاءِ، تو وٽ گهر ۾ ڏاڍو روڄ راڙو متل آهي.“ سيتا به ٿوري رڙ ڪري چيو هو.
”هڪ ڪانٽينينٽل ڇوڪريءَ سان، تفصيل جي ته خبر ناهي پر فقط ايترو لکيو اٿس ته يو اين ۾ سندس آفيس ۾ ڪم ڪندي آهي. ڪا هوندي اڙي مظفر، منهنجي مٿي تي ڇو ٿو لُڏين؟ ٻاهر وڃي کيڏ. اڙي ها، ڪا هوندي ويٽرس يا ٽائيپسٽ نڀاڳي!“
”هو منهنجي طرفان ايلزبيٿ ٽيلر سان وڃي شادي ڪري، منهنجو ڇا وڃي.“ سيتا رُکائيءَ سان وراڻيو. هاڻي هوءَ فون ڀرسان رکيل آرام ڪرسيءَ تي ويهي رهي هئي. گئلريءَ ۾ اونداهي ڇانيل هئي ۽ غير معمولي طور تي سردي به.
”انهيءَ ۾ فقط هڪ خرابي آهي سيتا ڊيئر، ايلزبيٿ ٽيلر ته شادي ڪري چُڪي آهي ۽ ٻڌو اٿم ته پرنسيس مارگريٽ جي هٿن ۾ به اڄ سڀاڻي ميندي لڳڻ واري آهي. سموري دنيا ۾ اهي ئي ٻه ڇوڪريون کيس پسند هيون ۽ ٽين نرگس. هن به هاڻي وڃي پنهنجي گهر ٻار وسايو آهي.“
بلقيس انور علي، مُلڪ جي چوٽيءَ جي اسٽيج ايڪٽريس جي حيثيت سان هاڻي وري ڏاڍي نارمل آواز ۾ ڳالهائي رهي هئي. گذريل سال بمبئي جي ”انڊين اڪيڊمي آف ڊرئمٽڪ آرٽ“ مان ڊپلوما حاصل ڪئي هئائين. هن سال کيس ‘دهلي ناٽيه سنگهه‘ طرفان بهترين ايڪٽريس جو ايوارڊ مليو هو. ’ماڊرن ٿيئٽر‘ جي ايندڙ پيشڪش ۾ هوءَ غضب جي اَلميه اداڪاري ڪرڻ واري هئي. پوءِ هوءَ پنهنجي آواز مان ڪهڙي طرح ظاهر ٿيڻ ڏيندي ته دراصل ڇا سوچي رهي آهي.
”بلقيس.“
”ها سيتا.“
”تون ايتري قدر ڪميڻي ڪيئن ٿي ٿِي سگهين! چڱو، مان هيما سان ملي وٺان. شام جو ملاقات ٿيندي.“
”باءِ سيتا.“



(1) ڇهين صدي ڌاري (؟) وساک دت جو سنسڪرت ۾ لکيل ناٽڪ ’مدرا راڪشس‘ (وزير جي خانگي مُنڊي)، جنهن ۾ چندر گپت موريا کي تخت تي مضبوطيءَ سان وهارڻ لاءِ نند گهراڻي جي آخري راجا جي وزير، راڪشس جي منصوبن کي ناڪام بنائڻ لاءِ چاڻڪيا جي رٿائن جو بيان ڪيل آهي.