ناول

سيتا هرڻ

هيءُ ناوليٽ اردو زبان جي جڳ مشهور ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار خاتون قرة العين حيدر جو لکيل آهي. هن هي ناول 1965ع ۾ لکي پورو ڪيو هو. هن ناول جو سنڌي ترجمو، نامياري ليکڪ ۽ مترجم ولي رام ولڀ ڪيو آهي. ’سيتا هرڻ‘ ناوليٽ جو ڪينواس جاگرافيائي، تاريخي ۽ تهذيبي لحاظ کان وسيع آهي. هن ۾ هندستان جي عظيم رزميه شاعري ’رامائڻ‘ جي واقعن کي ‘System of reference’ بڻائي، سيتا ميرچنداڻيءَ جي ڪهاڻي پيش ڪئي وئي آهي.
Title Cover of book سيتا هرڻ

5

سيتا سان ڳالهائڻ کان اڌ ڪلاڪ پوءِ، ابوالفصاحت قمر السلام چوڌري اشوڪا هوٽل ڏانهن روانو ٿيو. ڪي منٽ اڳ ماڌوري رنگاراءُ پنهنجي ڪار ۾ کيس وٺڻ لاءِ اچي پهتي هئي ۽ چيو هئائين: ”جلدي هل، پارٽيءَ ۾ تنهنجو گهڻي دير کان انتظار پيو ٿئي.“ ۽ انهيءَ وقت تائين کيس وسري ويو هو ته هن سيتا کي ڪانسٽي ٽيوشن هائوس ۾ ملڻ لاءِ چيو هو.

قمرالسلام چوڌري مرشد آباد جو رهاڪو هو. سندس آواز ڏاڍو خوبصورت هو. ڊگهيون ڊگهيون اکيون، سانورو رنگ، نج رومانٽڪ شڪل. هو اهڙو ماڻهو هو، جنهن لاءِ ڪاليجن جون شاعر پرست ڇوڪريون زهر کائينديون آهن. ڪلڪتي مان ايم-اي ڪرڻ کان پوءِ، ڪيترائي سال هو ترقي پسند ڊراما پروڊيوس ڪندو رهيو، فلمن ۾ ڪم ڪيائين، بنگالي ۽ انگريزيءَ ۾ شاعري ڪيائين، فنڪارن جي ڊيليگيشن سان روس، مشرقي يورپ ۽ عوامي چين جا چڪر ڏنائين ۽ پوءِ آمريڪا ويو، جتي سندس انگريزي شاعريءَ کي ڊسڪوَر ڪيو ويو. تازو ويجهڙائيءَ ۾ سندس نظمن جو پهريون مجموعو لنڊن مان شايع ٿيو هو، جنهن انگريزي ادب ۾ نالو پيدا ڪري ڇڏيو. ڊوم موريز کان پوءِ هيءُ ٻيو هندستاني هو، جنهن جي شاعرانه صلاحيت کي انگلينڊ ۽ آمريڪا جي عظيم ترين نقادن به داد ڏنو. ’نيو اسٽيٽسمين‘ ۽ ’ٽائمز لٽرري سپليمنٽ‘ ۾ سندس باري ۾ ڊگها ڊگها مضمون لکيا پئي ويا. ايڏي بين الاقوامي شهرت حاصل ڪرڻ کان پوءِ هو ڇوڪرين جي نظرن ۾ اڃا وڌيڪ گليمرس ٿي ويو هو، پر قمرالسلام لٻاڙي ۽ غير ذميوار هو. دوستن کان پيسا اڌارا وٺي واپس نه ڪندو هو. گهڻو ڪري بيروزگار هوندو هو. هو اهڙي قسم جو ماڻهو هو، جنهن کي عورتن تي خود عاشق ٿيڻ جي تڪليف ئي نه وٺڻي پوندي هئي. عورتون کيس پنهنجو محبوب بنائڻ وڌيڪ پسند ڪنديون هيون.

بلقيس کي ته هُو ڏٺو نه وڻندو هو ۽ کيس ابوالقباحت قمرالسلام چوڌري چوندي هئي. سندس غير پروفيشنل حرڪتن کان ساڙ ٿيندو هوس ۽ سندس پوز کي برداشت نه ڪري سگهندي هئي. اڄ ڪلهه ماڌوري رنگاراءُ مٿس اور گهور هئي. هوءَ مالاباري حسن جو نمونو هئي ۽ سيتا کان گهڻو وڌيڪ دلڪش ۽ فرمانبردار هئي ۽ کيس سيتا کان گهڻو وڌيڪ گرمجوشيءَ سان چاهيائين ٿي. سيتا جي باري ۾ کيس يقين نه هو ته هوءَ هاڻي هن سال ڪهڙي قسم جو رويو اختيار ڪندي.

۽ قمر السلام چوڌريءَ جو انگريزي زبان جي انهيءَ مثال ۾ يقين هو ته هٿ تي ويٺل هڪ جهرڪي، وڻن جي جهڳٽي ۾ ويٺل ٻن جهرڪين کان وڌيڪ بهتر آهي.



(1) ’مدرا راڪشس‘ جي پهرئين منظر جو پهريون ڊائلاگ