3
هوءَ فون رکي اُٿي ۽ دروازي تي بيهي سراپجي ٻاهر ڏسندي رهي. پوءِ پڙدو هٽائي هيما جي ڪمري ۾ ويئي. ڪمرو خالي هو. وارڊ روب تي گهڻائي پڪچر پوسٽ ڪارڊ ۽ هيما جي مرهٽي مڙس جي تصوير سجائي رکيل هئي، جيڪو ڪنهن اعليٰ ٽريننگ لاءِ لنڊن ويل هو. ٻار جي بيڊ جي ٽوڪري پلنگ ڀرسان رکيل هئي. صوفي تي نيري رنگ جي ڪٽڪ جي ساڙهي پيئي هئي، جيڪا هيما انهيءَ صبح جو خريد ڪري آئي هئي. ڪنڊ ۾ ميز تي چغتائيءَ جي ”انڊين پينٽنگس“ جي ڪتاب تي کير جي بوتل رکي هئي. سرخ روغني فرش تي سرءُ جي مڌم سج جا مڌم ڪرڻا ڦهليل هئا. گارڊن هائوس جا سڀ دروازا باغ ۾ کليا ٿي، جتي پيلا پن اڏري چانئٺن ۽ درين جي شيشن سان ٽڪرائجي رهيا هئا. ڏاڍي ماٺ ڇانيل هئي.
ڪجهه کنن کانپوءِ ڀرواري ڪمري ۾ سُس پُس ٿي. هيما جو ننڍو ڀاءُ شهزاد ٽپو ڏيئي پلنگ تان لٿو ۽ پوءِ باٿ روم جي شاور مان پاڻي وهڻ جو آواز اچڻ لڳو. اُهو بيڊ روم جيڪو پيلي ڪوٺي جي ڏس ۾ هو، انهيءَ جي دروازي تي هيما جي ماءُ تڏو وڇائي گيتا پڙهي رهي هئي. ڪيڏي نه پراڻي مذهبي عورت هئي! ايڏي تعليم يافته روشن خيال اولاد جي اهڙي اولڊ فيشن ماءُ! عجيب لڳو هو! سندس پنهنجي ماءُ به ايڏي ئي مذهبي هئي. سندس سس به. بلقيس جي ماءُ به. شالن ۽ چنين ۾ ويڙهيل سيڙهيل گُڏين جهڙيون ننڍيون ننڍيون ڪمزور عورتون، جيڪي هر وقت پنهنجي اولاد لاءِ دعائون گهرنديون رهنديون هيون، چڱا مدا سوڻ ڏسينديون هيون، ورت ۽ روزا رکنديون هيون. مائون کلڻ جهڙيون ٿينديون آهن. هوءَ خود ماءُ هئي. هيما به هاڻي ماءُ بڻجي چڪي هئي، جيڪا پنهنجو سڄو جرمن فلسفو ڀلجي، ڪالهه کان پنهنجي پٽ جي معمولي بيماريءَ جي ڪري چوي ٿي پيئي هئي ۽ ڊاڪٽر کي فونن مٿان فون ڪري رهي هئي.
هوءَ گئلريءَ جي ڏاڪڻ لهي ٻاهر آئي. لان جي پرئين ڀر ”پيلي ڪوٺيءَ“ جي چٻوتري تي واڻ جي کٽ تي ويهي، اُوما جيجي پنهنجي پٽ کي هڪ مشهور هندي نظم پڙهائي رهي هئي. ٻارين جي ٻنهي پاسن کان وڏا وڏا گلاب هئا. هوءَ ٻارين تان لنگهي چبوتري تي آئي. اُوما جيجي سندس کڙڪي تي ڪنڌ کڻي ڏٺو، خاموشيءَ سان مشڪي ۽ وري ڪتاب تي جُهڪي پيئي. ها پڙهه:
بنديلي هر بولون سي يه هم ني سني ڪهاني ٿي،
خوب لڙي مرداني وه تو جهانسي والي راني ٿي.“
پر پٽس پڙهڻ بدران پنهنجي ماءُ سان ضد شروع ڪيو، ”ممي، مان نه پڙهندس. چڱو، هڪ رپيو ڏي ته پڙهان.“
”ڏنگائي نه ڪر، اڳتي پڙهه.“ اُوما جيجي کيس ڇينڀيو.
”اهو مرداني جو ڇا مطلب آهي؟“
”بهادر.“ اُوما جيجي ٽهڪ ڏيئي جواب ڏنو.
ٻار لُڏي لُڏي پڙهڻ شروع ڪيو. سيتا ڪجهه کن اهو پُرسڪون منظر بيٺي ڏٺو. پوءِ هيما جي پراڻي ڪمري ۾ گهڙي، جتي هوءَ پنهنجي شاديءَ کان اڳ رهندي هئي. المارين ۾ ڪتاب بيڪسيءَ جي عالم ۾ پيا هئا. ڀتين تي مني پوري ٽوپيون ۽ جڳن ناٿ جون مورتيون ٽنگيل هيون. ڀرواري ڪمري جي هڪ الماري ديوي ديوتائن سان ڀريل هئي. وچ واري تختيءَ تي ديويءَ جو ننڍڙو پلنگ هو. هر اڱاري تي ديويءَ کي اشنان ڪرائي ڀوڄن ڪرايو ويندو هو ۽ نوان ڪپڙا پارايا ويندا هئا. هن گهر ۾ ديوي ديوتائن جي ايڏي گهڻ هئي، جو سيتا جو جيءُ ڏڪي ويندو هو. هيما انهن مورتين کي فرنيچر جوهڪ حصو سمجهي، انهن کان بلڪل بي نياز هئي. هوءَ مذهبي يا غير مذهبي، ڪجهه به نه هئي. هوءَ هڪ تمام نارمل قسم جي ڇوڪريءِ هئي. اهو ته سيتا جي دماغ ۾ خلل هو جو هوءَ مذهب، سياست، زندگي، موت ۽ دنيا ڀر جي هر شيءِ جي باري ۾ سوچي سوچي چري ٿي پوندي هئي. پر هاڻي هيما به پنهنجي تازي ڄاول ٻار کي وٺي، هر اڱاري جو پنهنجي ماءُ ۽ پڦين سان گڏجي، ڪالڪا جيءَ جي مندر ۾ ويندي هئي.
سيتا ڊرائنگ روم مان نڪري مهڙ واري ورانڊي ۾ آئي، جتان پرائيويٽ روڊ ور کائي علي پور روڊ ڏانهن مُڙيو ٿي. سامهون هيما جي هڪ ڪزن پرميلا پنهنجي آفيس کان اچي رهي هئي. هن هٿ لوڏي سيتا کي ”هيلو“ چيو ۽ اڳتي هلي ويئي. سيتا وري اندر آئي ۽ سڀني ڪمرن ۾ چڪر ڏيندي رهي. کيس اها ”ڪوٺي“ شروع کان پسند هئي. کيس گهر ۾ اچي، انهيءَ جي ڀاتين سان ملي، هڪ عجيب راحت ۽ حفاظت جو احساس ٿيندو هو. هنن ماڻهن جي زندگي ڪيتري نه پُرامن هئي. وٽن هتي ڪي دماغي يا نفسياتي يا جذباتي مونجهارا نه هئا. سٺ ستر ورهين کان هيءُ ڪٽنب پنجن ڇهن وڏين وڏين ڪوٺين ۾ اهڙي نموني رهندو آيو ٿي. سندن مرد اورنگزيب جي زماني کان مغل دربار ۾ وقائع نويس ۽ مُنشي هئا ۽ مغل بادشاهن انهن کي ”راءِ“ جو لقب ڏنو هو. سعيد احمد مارهروري جي ڪتاب ”امرائي هند“ جا ڪئين باب انهيءَ خاندان جي بزرگن جي تذڪري سان ڀريل آهن. دهليءَ جي ٽڪسالي اڙدوءَ جي سلسلي ۾ ڪائسٿ گهراڻي جي زبان به سند طور پيش ڪئي ويندي هئي. هيما جو ڏاڏو، صاحبِ ديوان هو، پڙڏاڏي لغت تصنيف ڪئي هئي، ۽ تڙ ڏاڏي فارسي شاعري جو تذڪرو لکيو هو. هيما جي ماءُ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا اصطلاح ڪم آڻي وٺندي هئي، جيڪي سيتا جي سمجهه ۾ نه ايندا هئا. انهيءَ تي هوءَ چوندي هئي: ”اڙي لکنؤ ۾ تنهنجا ساهورا آهن، هاڻي ٻولي سکي وٺ.“ ۽ پوءِ نڪ کي موڙو ڏئي چوندي هئي: ”۽ لکنؤ وارن نڀاڳن کي به اڙدو ڪٿي ٿي اچي- پوربيا ته آهن.“
حقيقت ۾ اهي ايتري قدر شائسته، مهذب، نستعليق، بيحد وضعدار ۽ بي انتها غير سياسي قسم جا ماڻهو هئا، جو سيتا کي حيرت ٿيندي هئي. ايڏو وڏو هنگامو آيو ۽ لنگهي ويو، دنيا هيٺ مٿي ٿي ويئي، پر اهي ماڻهو انهيءَ سڪون سان انهن ڪوٺين ۾ ويٺا رهيا. هوءَ خود بي گهر بنجي، هندستان جي ڪيترن ئي ريفيوجي ڪيمپن مان ٿيندي، 1948ع ۾ دهلي آئي هئي. هتي سندس ملاقات هيما سان، بلقيس جي وڏي ڀيڻ فرخنده جي گهر ۾ ٿي هئي، جيڪا لوڪ سڀا جي ميمبر هئي. وٽس صبح کان شام تائين شرنارٿين ۽ هيسيل مسلمانن جي قطار لڳي پيئي هوندي هئي ۽ هوءَ نهايت ئي دردمندي ۽ صبر سان انهن سڀني لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪندي رهندي هئي. هيما، جيڪا اُنهي سال آءِ. سي.ايس (I.C.S) ۾ پاس ٿي هئي، ريهيبليٽيشن منسٽريءَ ۾ نوڪري ڪندي هئي. انهيءَ ڏينهن فرخنده جي ڊرائنگ روم جي هڪ ڪنڊ ۾ بيٺل هڪ ڊنل ڇوڪريءَ کي بلقيس پنهنجي ڀرسان سڏي هيما کي چيو هو، (جيڪا اوڏي مهل پنهنجي عنابي رنگ جي ڪار ”ديش“ ڊرائيور ڪندي اچي لٿي هئي)، ”هيما، اُما جيجي ڪالهه سنڌي ڀرت جي ساڙهي ڀرائڻ لاءِ چيو ٿي. سيتا جي ماءُ ڏاڍيون خوبصورت ساڙهيون ٿي ڀَري.“
”او، هائو ونڊرفل!“ هيما چيو هو. ”هڪ ڪاٽن ساڙهيءَ جو پلؤ ۽ ول توهان ڪيتري ۾ ڀري ڏينديون؟“
”ڏهه رپيا.“ سيتا ڪَڙو ڍُڪ پيئندي وراڻيو هو. اُن وقت اهو محسوس ڪري ته هوءَ غريب ۽ رحم لائق شرنارٿي آهي، سندس سڄو بدن ڏڪڻ لڳو هو. پوءِ هڪ ڏينهن هوءَ بلقيس سان گڏجي هيما جي گهر ويئي هئي. سندس ڪٽنب جي ٻين ڀاتين جون ڪوٺيون ڀرسان هيون ۽ پنهنجي رنگن جي مناسبت سان مشهور هيون. هيما پنهنجي ماءُ، پيءُ، ڀينرن ۽ ڀائرن سان گڏ ”پيلي ڪوٺي“ ۾ رهندي هئي. سندس وڏو چاچو ”نيري ڪوٺيءَ“ ۾، وچيون چاچو ”لال ڪوٺيءَ“ ۾، ۽ ننڍو چاچو ”سائي ڪوٺيءَ“ ۾ رهندا هئا. اهي سڀ بيحد زندهه دل، خوش مزاج، دوست نواز ۽ پُر خلوص ماڻهو هئا. سندن لاتعداد ڇوڪريون ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ پڙهي رهيون هيو. ڇوڪرا به گهڻو ڪري زيرِ تعليم هئا. شهزاد، مهتاب، اقبال،گلزار، نهار، خوشونت ۽ الائجي ڪهڙا ڪهڙا...... وٽن غرور جو ته نالو به نه هو. انهيءَ جي باوجود سيتا شروع شروع ۾ کانئن پري پري رهندي هئي. هوءَ ان وقت عمر ۾ ننڍي ۽ بيحد حساس هئي. فرخنده ۽ هيما جڏهن ساڻس وڏين ڀينرن جهڙو ورتاءُ ڪنديون هيون ته سندس اکين ۾ هڪدم لڙڪ اچي ويندا هئا.
هن سان اها ڪهڙي مصيبت هئي جو دردمندي ۽ اخلاص جي هڪ هڪ ننڍڙي ڳالهه سندس دل تي لکجي ويندي هئي. هڪ ڏينهن اونهاري ۾ جڏهن سڀني نرگس جي نئين فلم جو سيڪنڊ شو ڏسڻ لاءِ ڪناٽ سرڪس ويا هئا ته ورانڊي ۾ ٿنڀن ڀرسان هڪ گلن وارو جوهي جي گلن جا هار وڪڻي رهيو هو. سيتا اوڏانهن پاسو ورائي ڏٺو ئي هو ته نعمت مامي هڪدم کيس گلن جا هار وٺي آڻي ڏنا هئا. ان کان پوءِ جڏهن اُهي ٻيو ڀيرو سئنيما ڏسڻ لاءِ، انهيءَ جاءِ تي ويا هئا ته نعمت مامو ڪار مان لهي خود ئي ڊوڙي وڃي گل وٺي آيو هو. ”مون کي خبر آهي، ته توکي سفيد گل پسند آهن“ هن چيو هو. نعمت مامو هاڻي اُتر پرديش ۾ ڪٿي فارمنگ ڪري رهيون هو. سندس شادي ٿي ويئي هئي. شهزاد به هاڻي وڏو ٿي چڪو هو. کيس آءِ. سي. ايس ۾ آئي به ست اٺ سال ٿيڻ وارا هئا. هيستائين هو مغربي بنگال جي ضلعن ۾ مقرر ٿيل هو۽ تازو مرڪز ۾ بدلي ٿي هئس. هيما جي پيءُ کي گذاري وئي هاڻي ٽي سال ٿي چڪا هئا. هيما جي شادي ٿي چڪي هئي. هوءَ پنهنجي ٻار ۾ ايڏو رڌل هئي جو سيتا ڏانهن ڌيان ڏيڻ لاءِ وٽس وقت ئي نه هو. شهزاد ٿيئٽر موومنٽ ۾ رڌل هو. هيما جون سڀ ڪزنس تعليم پوري ڪري وڃي نوڪري کي لڳيون هيون. ڪن ته وڃي پنهنجا گهر وسايا هئا. اقبال ۽ مهتاب فوجي آفيسر هئا ۽ ڪشمير ۾ مقرر ٿيل هئا.
گذريل نون سالن ۾ انهيءَ خاندان ۾ ڪافي تبديليون اچي ويون هيون. هيءُ گهر، جيڪو هميشه اَڻمٽ سُڪون جو هندورو معلوم ٿيندو هو، ٿورو ٿورو بدليل ٿي لڳو. شايد انهيءَ ڪري جو هوءَ پاڻ هڪدم بدلجي چُڪي هئي.
پر اهي ڪمرا، اهي غاليچا، تصويرون، پڙدا، فرش جون ٽائيلس، باغ ۾ گل – هر شيءِ اُتي ئي هئي. هيءُ گهر هينئر به بندرگاهه تي بيٺل هڪ محفوظ خاموش جهاز هو، جنهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن هوءَ هتان جي سڪون سان پاڻ کي هم آهنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. چوڌاري رنگ برنگي ڪوٺيون به هميشه وانگر پُرسڪون ڏسڻ ۾ آيون ٿي. هيٺ وڪڙ کائيندي ڊگهي خاموش سڙڪ جي پريان، جمنا ساڳئي سڪون سان وهي رهي هئي. ڇا سچ پچ ايڏو سڪون ممڪن ٿي سگهي ٿو؟ ڪمرن مان چڪر ڏيئي، هوءَ وري هيما جي پراڻي ڪمري ۾ واپس آئي.
”اڙي سيتا، ڪٿي ٿي پيئي گهمندي وتين، بانورين وانگر. ٻاهر اچ. اندر ڏاڍي اُبس آهي.“ چبوتري تان هيما جي ماءُ جو آواز آيو، جيڪا چاکڙيون پائي کٽ کٽ ڪندي، پنهنجي ديوي ديوتائن واري ڪمري ڏانهن وڃي رهي هئي. هوءَ هن جي پويان پويان ڪمري ۾ ويئي ۽ ٿورو وسامجي دروازي ڀرسان بيهي رهي.
”اڙي، هن کي پرڻام ته ڪر. تنهنجو ڪهڙو نقصان ٿ ي ندو. ڀڳوان ته هر شيءِ ۾ آهي. اڙي بانوري ڊپ ڇاجو! منهنجي ٻن ڀائٽين به مسلمانن مان شادي ڪئي. اڄ ڪلهه ته هوا ئي اها پيئي هلي. کين گهرمان ٿوروئي ڪڍيو ويوآهي! پڻس ته ايڏي وڏي ’ايٽ هوم‘ ڏني هئي... نالو ڇا اٿس، مون کي ته نڀاڳي جو نالو به ياد نٿو رهي. منهنجي پنهنجي هيما غيرن مان شادي ڪئي. ايڏو پري مرهٽن ۾ وڃي نڪتي. پوءِ ڇا ٿيو! زمانو ئي اهڙو آهي.“ امان الماري کولي ديپ محل ۾ چراغ ٻاريندي چيو.
هوءَ الماريءَ جي سامهون اچي بيٺي جتي ديوي ديوتا سينگاريل هئا. انهن پويان ساڌن ۽ جوڳين جا فوٽوگراف رکيل هئا ۽ انهن تي گينڊي جا هار پيل هئا.
هيما جي ماءُ سان سيتا جي ملاقات کي ايڏو عرصو نه ٿيو هو، انهيءَ ڪري هوءَ کانئس ٿوري ڊنل رهندي هئي. جڏهن 1948ع ۾ هوءَ دهلي ۾ هئي، تڏهن هوءَ پنهنجي ڀاءُ وٽ لکنؤ ويل هئي. ٽي ورهيه اڳ جڏهن هوءَ امريڪا مان ڪجهه مهينن لاءِ دهلي آئي هئي، تڏهن ئي پهريون ڀيرو سندس منهن تي چڙهي هئي. هوءَ هميشه وانگر گاهه تي مُوڙو رکي ويهي گيتا پڙهي رهي هئي. هيما اڳتي وڌي چيو، ”امان، هيءَ سيتا آهي.“
”آداب عرض.“ سيتا عادت مطابق هٿ سان سلام ڪندي چيو هو.
هيما جي ماءُ عينڪ پيشانيءَ تي چاڙهي پنهنجون وڏيون وڏيون شربتي اکيون ڇنڀي کيس غور سان ڏٺو ۽ ٿورو مشڪي چيو هئائين: ”نالو ته تنهنجو سيتا آهي ۽ ’جئه رام جي‘ جي بدران ’آدابِ عرض‘ ٿي چئين!“
۽ ٻاهر اچي ڪار ۾ ويهندي هن غصي مان چيو هو: ”تنهنجي ماءُ به ته عجيب آهي. مان ’جئه رام جي‘ ڇو چوان؟ “I am no a bloody Hindu”
امان هڪ وڏي شديد چقمق جهڙين اکين واري جوان سنياسڻ جي تصوير جا هار مٽائڻ لڳي ويئي. ڳچيءَ ۾ تلسي مالها پاتل، وار وکريل ۽ بنان بلائوزر جي ساڙهي ڍڪيل، اُها سنياسڻ هڪ ٻئي وڌيڪ چقمق جهڙين اکين واري نوجوان سنت سان گڏ صندل تي ويٺل هئي. سنت ڏاڍو هينڊسم هو.
”امان، هي ڪٿي ٿا رهن؟“ سيتا سنت ڏانهن اشارو ڪري آهستي سوال پڇيو.
”هي، هي پنهنجو شرير ڇڏي چڪا آهن.“
”اوهه!! What a pity ڪيڏو خوبصورت هو ويچارو.
”۽ هيءَ؟“ هن سنياسڻ ڏانهن اشارو ڪيو.
”هيءَ؟ راڌا؟ هيءَ به ٻه ورهيه ٿيا ته پنهنجو شرير ڇڏي چڪي آهي.“
”اهي ٻئي؟“
”ها، اهي ٻئي دنيا جي نظرن مان زال مڙس هئا.
ننڍپڻ ۾ راڌا جي ساڻس شادي ڪئي ويئي هئي پر اِهي ڪهن زال مڙس وانگر نه رهيا.“
’What a nonsense!‘ سيتا دل ۾ چيو.
امان هاڻي ديويءَ جي پوشاڪ مٽائي رهي هئي.
”امان، توهان کي ساڌن سنتن جي سنگت ۾ وڏا وڏا طاقتور سنت مليا.“ سيتا ڪجهه دير رکي پڇيو. هن پنهنجي سمجهه مطابق Spritual‘ power‘ جو ترجمو ’طاقتور‘ ڪيو هو. نيٺ ته هوءَ ڏهن سالن کان اڙدو پڙهي رهي هئي.
”مون کي جيڪي سنت مليا، اُهي تمام وڏي روحاني طاقت وارا هئا.“ هن اکيون بند ڪري جواب ڏنو.
”اوهه.“
”اڄ ديويءَ کي هيما جي پُڦيءَ جي گهر وڃڻو آهي.“ امان مورتيءَ تي مُڪٽ سجائيندي چيو.
”چڱو.“
هوءَ ٻاهر آئي.
بي معنيٰ، بي معنيٰ، زندگي ڪيتري قدر بي معنيٰ هئي!
هاڻي لان تي هيما جون ٽي چارڪزنس گڏ ٿي چُڪيون هيون. هيما گلابي هائوس ڪوٽ ۾، گهمندي گهمندي ٻار کي سمهاري رهي هئي. شهزاد به وهنجي سهنجي اندران نڪتو هو. ساڻس دوست به گڏ هو. هو ايترو ته خوبصورت هو، جو سيتا کيس ڏسندي رهجي ويئي. هو عمر ۾ تمام ننڍو هو. وڌ ۾ وڌ ڇويهه سيتاويهه ورهين جو هوندو. ۽ نڀاڳي جون اکيون قيامت هيون ۽ وار ڪيڏا نه خوبصورت هئس!
”هيلو سيتا، This is Kailash“ شهزاد چيو.
”هيلو.“
”مسز جميل اوهان اڄ اسان جي ريهرسل ڏسڻ اچي رهيون آهيو؟“ نوجوان ڏاڍي پنهنجائپ ۽ بيساختگيءَ سان ڳالهه شروع ڪئي. هن ڊراما گروپ وارن جي ڏاڍي عجيب جٿيبندي هئي.
”ڊاڪٽر ميرچنداڻي.“ هن آهستي چيو.
”اوهه! I do beg your pardon“ وري هن شهزاد کان پڇيو، ”يار مون خلل ته نه وڌو؟“
”اڙي نه يار، سڀ ٺيڪ آهي.“ شهزاد وراڻيو. پوءِ هن مُڙي سيتا کان پڇيو، ”تون هاڻي هلين ٿي يا پوءِ اچي پِڪ اَپ ڪريان؟“ هوءَ بي اختيار ڪيلاش جي اکين ڏانهن ڏسي رهي هئي. کيس اهڙي طرح پاڻ ڏانهن ڏسندو ڏسي ڪيلاش گهٻرائجي ويو ۽ وڌيڪ ڌيان سان پرميلا سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو.
”سيتا!“ شهزاد وري چيو.
”اوهه!“ هوءَ ڇرڪي. ”مان هيما سان گڏ اينديس. توهان ڀلي وڃو.“ هيما ٻار جي فڪر ۾ غلطان هئي. سندس بخار گهٽيو نه هو ۽ ننڊ نٿي آيس. هن سيتا جي ڳالهه ئي نه ٻڌي.
”هيما!“ سيتا چيو.
فضول. فضول. هر شيءِ فضول.
”اوهه ساري، ها سيتا، نه، مان ڪيئن ٿي وڃي سگهان. آنند جي حالت ته ڏس.“
”چڱو، تون ڇهين وڳي ڪافي هائوس پهچي وڃجان. ڪيلاش توکي اُتان پڪ اپ ڪري وٺندو.“ شهزاد چيو ۽ ٻئي ڄڻا لان جي ڇٻر تان لنگهي ڪار طرف هليا ويا.
سامهون ’نيري ڪوٺيءَ‘ جي چبوتري تي سڀيئي ڇوڪريون نٽنگ ۾ مشغول هيون ۽ نيزا کائي رهيون هيون ۽ ڏاڍي آرام سان نارمل ڳالهيون ڪري رهيون هيون.
هيما آيا کي سڏائي کير جون بوتلون صاف ڪرائڻ ۾ لڳي ويئي.
”هيما، مان ٿورو پنهنجي گهران ٿي اچان ٿي.“ سيتا اٿندي چيو.
”گهر؟“
”ها قرول باغ، اتان ئي اوڏانهن هلي وينديس. گُڊ نائيٽ.“
”گُڊ نائيٽ سيتا.“
هوءَ پنهنجي بئگ کڻي ڳاڙهي بجريءَ واري روڊ تي آئي ۽ بس اسٽاپ ڏانهن رواني ٿي ويئي.