ناول

سيتا هرڻ

هيءُ ناوليٽ اردو زبان جي جڳ مشهور ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار خاتون قرة العين حيدر جو لکيل آهي. هن هي ناول 1965ع ۾ لکي پورو ڪيو هو. هن ناول جو سنڌي ترجمو، نامياري ليکڪ ۽ مترجم ولي رام ولڀ ڪيو آهي. ’سيتا هرڻ‘ ناوليٽ جو ڪينواس جاگرافيائي، تاريخي ۽ تهذيبي لحاظ کان وسيع آهي. هن ۾ هندستان جي عظيم رزميه شاعري ’رامائڻ‘ جي واقعن کي ‘System of reference’ بڻائي، سيتا ميرچنداڻيءَ جي ڪهاڻي پيش ڪئي وئي آهي.
Title Cover of book سيتا هرڻ

21

پئرس ۾ سيتا ۽ عرفان ڪئين مهينن تائين رهيا. عرفان جو بولوارسُوشي ۾ هڪ ڏاڍو خوبصورت فليٽ هو، جنهن کي سيتا اڳي کان به وڌيڪ نفاست سان سجايو هو.، عرفان صبح جو آفيس هليوويندو هو. سيتا بازار مان سؤدو وٺي اچي ماني تيار ڪندي هئي .... عرفان جا ڪپڙا استري ڪندي هئي، گهر جي صفائي ۽ ٻهاري ڏيندي هئي. شام جو هو ڪم تان موٽندو هو ته جلدي سندس گرم سليپر سندس صوفي جي هيٺيان آتشدان وٽ رکندي هئي .... سمهڻ جي وقت کان گهڻو اڳ ۾ سندس سليپنگ سوٽ کي گرم پاڻيءَ جي بوتل ۾ ويڙهي سندس بستري تي رکندي هئي. هوءَ اهڙي مڪمل ۽ سُڪون بخش ۽ آرامده هائوس وائيف هئي جو عرفان کي عجب لڳندو هو.
هوءَ هر روز صبح جو ٽپاليءَ جو ڏ اڍو انتطار ڪندي هئي. شايد اڄ نيويارڪ کان سندس طلاق نامو اچي .... شايد .... پر ڏينهن گذرندا ويا ۽ ڪو طلاق نامو نه آيو. هوءَ ڪولمبو کان دهلي واپس وڃي ڪنهن سان به ملي نه هئي. هن پنهجي ماءُ پيءُ کي چيو هو ته کيس پئرس ۾ نوڪري ملي ويئي آهي ۽ هوءَ اوڏانهن وڃي پيئي. اُهي به هاڻي کيس ڪجهه به نه چوندا هئا ۽ نه ڪجهه پڇندا هئا. اهڙين ڳالهين جو وقت ڪڏهوڪو نڪري چڪو هو. پئرس وڃڻ کان هڪ ڏينهن اڳ هن ڪناٽ پئليس کان بلقيس ۽ هيما کي فون تي ”خدا حافظ“ چيو هو.
”هاڻي ڪڏهن ايندينءَ....“ بلقيس پڇيو هو.
”خبر ناهي. ڳالهه اها آهي ته منهنجي دل هتي نٿي لڳي ۽ جيڪڏهن هڪ دفعو يورپ پهچنديس ته اُتان نيويارڪ وڃڻ ۾ آساني ٿيندي.، راهُل کي ڏسڻ.“
”ٺيڪ ٿي چوين....“ بلقيس وراڻيو هو، ”پر ڪڏهن ڪڏهن خط ته لکندي رهج.“
”بلڪل لکنديس.“
بلقيس کانئس اهو نه پڇيو هو ته هو پئرس ڇو پيئي وڃي. کيس خبر هئي ته پئرس ۾ سيتا جو شادي ڪئي بنا عرفان سان گڏ رهڻ، ڪا نرالي ڳالهه نه هئي. سمنڊ جي کاٻي ڪناري تي اهڙي طرح ڪئين جوڙا ورهين کان رهندا پيا اچن ۽ سندن قانوني طور تي شادي ڪرڻ جو ڪو ارادو نه هو.
موڪل جي ڏينهن اُهي ’سين‘ جي ڪناري گهمڻ ويندا هئا .... ’ڪارتر لاطين‘ ۾ آوارا گردي ڪندا هئا .... ڪنهن ڪافي هائوس ۾ بلئڪ ڪافي پيئندي، هوءَ سوچ ۾ پئجي ويندي هئي ته هو پڇندو هو: ”ڇا پيئي سوچين؟“
”مون سوچڻ ڇڏي ڏنو آهي، فقط محسوس ڪندي آهيان.“ هوءَ ڪنڌ مٿي کڻي جواب ڏيندي هئي.
ڪنهن پُل جي ديوار تي جهُڪي ڳالهيون ڪندي ڪندي هوءَ هڪدم اوچتو ماٺ ٿي ويندي هئي ته هو کيس سگريٽ دکائي ڏيندو هو: ”هان، سگريٽ ڇڪ .... لڳي دم، مٽي غم....“
هڪ ڀيري عرفان کيس چيو، ”توکان سواءِ، هڪ ٻيءَ به تون آهين.... جڏهن تون اوچتو ماٺ ٿي ويندين آهين، ته مان اڪيلو رهجي ويندو آهيان .... تون مون کان هزارين ميل پري هلي ويندين آهين .... تون تمام بلنديءَ تي هوندي آهين. مان تنهنجون ڳالهيون سمجهڻ چاهيان ٿو، پر ڊپ ٿو ٿئيم.“ ڪڏهن ڪڏهن هوءَ پنهنجي انهيءَ طريقي جي ڊگهي ماٺ مان بيزار ٿي خود چوندي هئي، ”عرفان.... ڳالهاءِ نه.“
”ڳالهائيندي ڊپ ٿو ٿئيم.“ هو جواب ڏيندو هو.
سرءُ جي موسم ۾ اُهي بني اسپين ويا، جتي مسجد قرطبه جي ڏاڪڻ تي چانڊوڪي رات ۾ کين هڪ پاڪستاني شاگرد مليو. جنهن بيحد وڻندڙ سُر ۾ اقبال جو نظم ٻڌايو:
”سلسلهء روز و شب نقش گِر حادثات
سلسلهء روز شب اصلِ حيات و ممات.“
”هاڻي مون کي انهيءَ جو مطلب سمجهاءِ.“ سيتا عرفان کي چيو.
ڪافي دير تائين شعر جي تشريح ڪرڻ کان پوءِ عرفان ڪڪ ٿي کيس چيو: ”تون پنهنجا ڪاليداس تلسي داس ڪندي رهه، اقبال تو کان زور آهي.“
هڪ ڏينهن امريڪا کان خط آيو. هن کولي پڙهيو ۽ پوءِ خاموشيءَ سان ڪپڙا استري ڪندي رهي.
”سيتا!“ عرفان ڪمري ۾ داخل ٿي کيس سڏيو.
”ڇا آهي؟“ هُن چڙي چيو ۽ استريءَ جو سوئچ بند ڪري دريءَ ڏانهن هلي ويئي.
”آپ آهو چشم هين اهو نهين
هم سي وحشت کي نه ليجي آيئي.“
عرفان آتشدان ڀرسان صوفي تي ويهي ڏانهس ٻانهون ڊگهيريندي چيو.
هوءَ ساڳي طرح دريءَ کان ٻاهر ڏسندي رهي.
”سيتا ڪهڙي ڳالهه آهي، مون کي ٻڌاءِ.“
”ڪجهه ناهي عرفان.“ هُن مڙي جواب ڏنو،
”ماميءَ جو نيويارڪ مان خط آيو آهي.... لکي ٿي ته هاڻي هوءَ ڪهڙن نالن جا نُڪتا تبديل ڪندي رهندي؟“
هو خاموش رهيو.
”عرفان .... منهنجو خيال آهي ته اسان وڏي سخت غلطي ڪئي آهي. مان ڪيستائين اهڙي طرح تو سان رهنديس.“
”ڇو؟“ هو کوکلي کل کليو. ”ڪجهه مهينن ۾ ئي گهٻرائجي وئينءَ؟ ’گيري نندني اُوما‘ ته شمڀو سان شادي ڪرڻ لاءِ هڪ هزار سال تپسيا ڪئي هئي .... ’ڪُمار سنڀو‘ (1) پڙهه.“
”مون کي نٿو کپي تنهنجو ڪُمار سنڀو.“ هن بيزار ٿي چيو.
”ها ها .... هاڻي تنهنجو عقل ٺڪاڻي آيو آهي. مون توکي چيو نه هو ته تنهنجو سمورو ڪاليداس، شاعري، ادب، فلاسافي، سڀ فراڊ آهن .... زندگيءَ جي تلخ حقيقتن آڏو سڀ اجايون آهن يا نه؟“
نيٺ هُن هڪ ڏينهن ڊڄندي ڊڄندي بلقيس ڏانهن خط لکيو .... پئرس جي موسم بابت لکيائين. فرخنده ۽ ننڍي ماسيءَ جي خيريت جو پڇيائين، پر اهو پڇڻ جي همٿ نه ٿيس ته جميل کين سندس باري ۾ ڪجهه لکيو آهي يا نه.

بلقيس جو هڪدم نهايت ئي مفصل جواب آيو. تمام نارمل، خوش ۽ غير شخصي خط هو، جيڪو ڪنهن ذاتي تذڪري جي بدران فقط ٿيئٽر جي تازين خبرن سان ڀرپور هو.
- اَپٽا (Indian Peoples Theatre Association) جي اٺين سالياني ڪانفرنس جو هن سال ڊاڪٽر راڌا ڪرشن افتتاح ڪيو. ڪافي روسي ڊيليگيٽ به آيل هئا. گوپي ناٿ به ڊانس ڪئي.
- هن ڀيري ’راج نگريءَ‘ ۾ تون ڏاڍي ياد آئينءَ.
- انڊين آرٽ ٿيئٽر طرفان ’خيال ميرزا‘ اسٽيج ڪيو ويو آهي.
چڱو آهي.
- ’نئي نؤٽنڪي‘ وارا نؤٽنڪيءَ جي طرز تي ’مٽيءَ جي گاڏي‘ (1) پروڊيوس ڪري رهيا آهن. چڱو دلچسپ تجربو ٿيندو .... للتا ڪالهه توکي ڏاڍو ياد ڪيو ٿي.
- بمبئي جو لِٽل بيلي گروپ، ’ميگهه دوت‘ (2) اسٽيج ڪرڻ وارو آهي ....
’آهه ڪاليداس! ڪاليداس!! شڪنتلا .... آگرابازار .... مٽيءَ جي گاڏي .... هماچل پرديش جا فوڪ آرٽسٽ....‘ خط بي دليو هڪ پاسي اُڇلي. هوءَ بورچي خاني ۾ هلي ويئي.
عرفان سان گڏ رهندي کيس اهي ڳالهيون ڪنهن ٻي دنيا جون ٿي لڳيون.

هڪ مهينو ٻيو گذري ويو.
”عرفان ٻڌاءِ، هاڻي مان ڇا ڪريان؟“ هن بيوس ٿي پڇيو،.
”وري بلقيس جي خوشامد ڪرينس، ٻيو ڇا....؟“ هن ٿورو بي پرواهيءَ سان وراڻيو ۽ ڪوٽ پائي آفيس هليو ويو.
دريءَ تي ويهي سيتا وري بلقيس ڏانهن خط لکڻ شروع ڪيو:

”مان جميل سان ڪولمبو ۾ ڳالهائي به نه سگهيس، ڳالهائڻ ته ٺهيو پر سندس هڪ جهلڪ به ڏسي نه سگهيس. تون ٺيڪ چوندي هنئينءَ ته اهو جهنگلي بدڪ جو پيڇو ڪرڻو آهي. خدا جي واسطي کيس لکينس ته مون کي جيترو جلد ٿي سگهي. آزاد ڪري. هو مون کي ڪافي سزا ڏيئي چڪو آهي.“
۽ سندس لڙڪ ڪاغذ تي ٽپ ٽپ ڪرڻ لڳا. هوءَ صفحن جا صفحا لکندي ويئي ۽ هڪ ڊگهو ساهه کڻي لفافو بند ڪيائين.
اُنهيءَ خط جي جواب ۾ بلقيس لکيو:
”توکي اهو پڙهي خوشي ٿيندي ته ’بلونت گارگيءَ‘ جو ’سوهني مهيوال‘ ماسڪو ۾ ڇهن مهينن کان هلي رهيو آهي. پاٽنا جي ’اَپٽا‘ (A.P.T.A) وارن ’تال ڪٽورا ڊراما فيسٽيول‘ ۾ هن دفعي پنهنجو ڊرامو ’پير علي‘ ڏيکاريو، انهيءَ جو هڪ ايڪٽر تنهنجو پراڻو ڪلاس فيلو نڪتو. توکي سلام چيا اٿس.
- ميرا نالني سارا ڀائي، گجراتيءَ ۾ نوه تمثيلون پرڊيوس ڪري رهي آهي.
- يونيٽي ٿيئٽر وارا فيروز شاهه ڪوٽلا جي اوپن ايئر ٿيئٽر ۾ ’اورنگزيب‘ اسٽيج ڪرڻ وارا آهن. ۽ آغا حشر جي تجديد جي سلسلي ۾، توکي ٻڌي خوشي ٿيندي ته دهلي پِلي هائوس وارا ’رستم سهراب‘ پيش ڪري رهيا آهن.“
هڪ شام جو سئنيما کان واپس اچي پنهنجي فليٽ ۾ پهتا ته ڪونسي اَرج (Concierge) هڪ ڪيبل آڻي سيتا جي هٿ ۾ ڏني. عرفان ڪلف کولي اندر وڃي چڪو هو. سيتا چانئٺ تي بيٺي لفافو ڦاڙيو. سندس ڀاءُ کان اطلاع آيو هو: ’ڊيڊي گذاري ويو.‘
جڏهن عرفان ڪپڙا تبديل ڪري سِٽنگ روم ۾ آيو، ان وقت هوءَ آتشدان اڳيان ڪنڌ لاڙي ويٺي هئي ۽ آهستي آهستي ڏڪي پئي.
”ڪهڙي ڳالهه آهي، لٽل وومن (Little woman)؟“ عرفان جهڪي سندس مٿي تي هٿ گهمايو.
”ڪجهه نه.“ هن ڪنڌ مٿي کڻي عرفان ڏانهن ڏٺو. سندس اکيون بلڪل خشڪ هيون. هن ڪيبل عرفان جي هٿ ۾ ڏني.
”اوهه! آءِ ايم ساري. (Oh! I am sorry) ڪاغذ تي نظر وجهندي عرفان آهستي چيو.
”مان دهلي وڃان ٿي.“
”چڱو.“
”مان مميءَ سان ڪجهه عرصو رهنديس.“
”ها ها، ٺيڪ آهي. ضرور وڃ.“ عرفان وراڻيو.
رحمت منزل قرول باغ تي پهچي، هوءَ ڪيترا هفتا گهر کان ٻاهر نه نڪتي. بلقيس جي ’ماڊرن ٿيئٽر گروپ‘ عذرخواهي لاءِ وٽس اچڻ چاهيو ٿي، پر هن بلقيس ۽ شهزاد هٿان سڀني کي منع ڪئي. هڪ مهيني ۾ هوءَ بلڪل پيلي پئجي چڪي هئي.
هڪ ڏينهن سندس ماءُ چيو، ”هي تو ڪهڙي دشا بنائي رکي آهي. وڃ، ٻاهران گهُمي اچ.، بيمار ٿيڻو اٿيئي ڇا؟“
سندس ماءُ اڃا تائين ساڻس پئرس يا عرفان جي باري ۾ هڪ لفظ به نه ڳالهايو هو. هاڻي اها اسٽيج اچي ويئي هئي جو سندس ڌيءُ جي ذاتي زندگي بلڪل سندس ذاتي معاملو هو.
نيٺ هڪ ڏينهن ٽپهريءَ جو هوءَ تيار ٿي ’چاڻڪيا پوري‘ ويئي. بلقيس وٽ سڀني ڏاڍي محبت سان سندس آدرڀاءُ ڪيو. فرخنده دير تائين ساڻس ڳالهيون ڪندي رهي. انهيءَ وقت نئين تمثيل جو اسڪرپٽ کڻي ڪيلاش اچي پهتو.
چانهه کان پوءِ هن ڳالهين ڳالهين ۾ سيتا کي چيو، ”سيتا، پروجيش بابو توهان جو ڏاڍو پڇيو ٿي. دهليءَ ۾ جڏهن به اسان سان ملندو هو ته بلڪل توهان جو ذڪر ڪندو هو. پر توهان ته اسان سڀني کان منهن موڙي ولايت کي پنهنجو ديس بنائي ڇڏيو.“
هوءَ ڏاڍي اخلاق سان مشڪي. ”اڄ ڪلهه پروجيش بابو ڪٿي آهي؟“
”سندس نمائش ٿي رهي آهي، انهيءَ ڪري هتي آيل آهي.“
”ڪٿي ترسيل آهي؟“
”اتيئي.... سندس پراڻو هنڌ. بلقيس، هي للتا جو پارٽ ڏسي وٺ.“
سيتا اُٿي لائونج ۾ هلي ويئي.
”هاڻي ڪٿي ٿي وڃين؟ رات جو اسڪريبل کيڏنداسين.“ کيس ويندو ڏسي بلقيس ڊرائنگ روم مان سڏيو.
”نه بلي، هاڻي مان وينديس، ممي گهر ۾ اڪيلي آهي.“
”ٿورو اڃا ترس، رات جو توکي گهر ڇڏي اينداسين.“ ننڍي ماسيءَ چيو.
”اڄ اسان فرينچ لفظ ٺاهينداسين.، تون ته فرينچ تمام گهڻي سکي ويئي هوندينءَ.“ بلقيس ڪيلاش سان گفتگو ڪندي وچان چيو، پر هاڻي سندس آواز ۾ مصروفيت هئي. سيتا ٻاهر نڪري آئي.
وقت تيزيءَ سان گذرندو ويو. شروع شروع ۾ عرفان کيس پابنديءَ سان هر هفتي خط لکندو هو. پر گذريل ڪجهه مهينن کان بلڪل خاموش هو. سيتا هيستائين کيس ڪافي خط لکي چڪي هئي پر ڪنهن جو به جواب نه آيو هو. عرفان آخري خط ۾ کيس لکيو هو ته اهو آفيس جي ڪم سان جرمني وڃي رهيو آهي. پر انهيءَ ڳالهه کي به ڪافي وقت ٿي ويو هو.
هاڻي هوءَ انهيءَ شدت سان عرفان جي خط جو انتظار ڪندي هئي، جيئن هو هيستائين جميل جي طلاق نامي جو انتظار ڪندي رهي هئي. سندس ماءُ کي ڪليم جي معاوضي جي ڪجهه رقم ملي هئي ۽ سندس ڀاءُ درگاپور مان پنهنجي اڌ پگهار موڪلي ڏيندو هو. انهيءَ اميد تي ته هوءَ جلدي عرفان وٽ واپس هلي ويندي، هن نوڪريءَ جي ڳولا به نه ڪئي. سارو ڏينهن رسوئيءَ ۾ ماڻس وٽ ويٺي هوندي هئي.
زندگي ڏينهون ڏينهن اونداهي ٿيندي ويئي.
اُن رات ڏاڍو پارو پئي پيو. ماني کائڻ کانپوءِ، اڱڻ جي نلڪي تي هٿ ڌوئندي، اوچتو کيس خيال آيو ته سندس ڪو دوست ناهي. هيڏي وڏي دنيا ۾، هيڏي وڏي عظيم الشان جڳمڳائيندڙ دارالسطنت ۾، واقفڪارن جي هيڏي وڏي هجوم ۾، ڪو سندس همدرد ناهي. ڇو ناهي؟ هن ڪنهن جو ڇا ڦٽايو آهي؟ پروجيش هڪ ڀيري کيس چيو هو: ’سيتا ديو! تون اهڙي عجيب و غريب ڇوڪري آهين جو توکي هن دنيا ۾ اُها خوشي مشڪل سان ئي ملندي. جنهن خوشيءَ جي تون ڳولا ۾ آهين.‘ .... پروجيش؟؟
”ممي، مان ٿورو ٻاهر ٿي وڃان“ هٿ اُگهڻ کان پوءِ اوور ڪوٽ پائي هن گهٽيءَ ۾ لهندي چيو. سندس ماءُ اڱڻ ۾ اچي ڏيڍيءَ جو دروازو اندران بند ڪري ڇڏيو.
نئين دهلي ويندڙ بس لڳ ڀڳ خالي هئي. هوءَ هڪ دريءَ جي شيشي سان مٿو ڀرائي ويهي رهي ۽ اکيون بند ڪري ڇڏيائين. ’هاڻي مون کي ائين ٿو لڳي.‘ هن پنهنجي دل ۾ سوچيو، ’ڄڻ رات جي اونداهيءَ ۾ گهڻيئي ٻيڙيون گهاٽ سان اچي لڳن ۽ مون کي خبر نه پوي ته انهن مان منهنجي ڪهڙي آهي....‘
پروجيش جي رهائش تي پهچي هن ڪلرڪ کان پڇيو: ”مسٽر چوڌري آهي؟“
”“ڪهڙو مسٽر چوڌري؟“
”جيڪو ڪلڪتي کان هتي آيل اهي.“
”اهو جيڪو ايڪٽر آهي؟“
”نه.... جيڪو آرٽسٽ آهي.“
”اوهه .... جي ها.... هيڏانهن اچو.“
جڏهن هوءَ هلي ويئي ته ڪلرڪ مٿو کنهندي دل ۾ چيو: ’خوب .... سال ڏيڍ ٿيو، مون کي ياد اچي ٿو ته هيءَ ساڳي طرح رات جو آئي هئي. تڏهن ڪلڪتي واري ايڪٽر مسٽر چوڌريءَ جو پڇيو هئائين. هي سڀ ڇاجو چڪر آهي؟‘
پروجيش ڪمار چوڌري ڪمري ۾ آرام ڪرسيءَ تي ويهي ڪجهه لکي رهيو هو. کيس دروازي تي بيٺل ڏسي هڪو ٻڪو ٿي ويو. ”سيتا ديوي ....“ هن کيڪارڻ لاءِ هٿ وڌائي ڏاڍي ڊرامائي انداز ۾ چيو، ”مون کي خبر هئي ته هڪ ڏينهن تون ضرور واپس ايندينءَ هڪ ڏينهن ضرور منهنجي روح جي پڪار تو تائين پهچندي .... تون هڪ ڏينهن ضرور مون وٽ ايندينءَ.“
گوري، ڪامني، سيتا، سانوري پروجيش ڪمار چوڌريءَ جي ٻانهن ۾ ائين وڃي ڪري جيئن گنگا جو شفاف پاڻي، جمنا جي تاريڪ غضبناڪ پاڻيءَ سان وڃي ملندو آهي.
انهيءَ کان پوءِ تمام جلد دهليءَ جي فنڪارن جي حلقي ۾ اها خبر ڦهلجي ويئي ته شري پروجيش ڪمار چوڌريءَ جو ’سنڌي پيريڊ‘ شروع ٿي چڪو آهي.
ڇهه مهينا ٻيا لنگهي ويا. سيتا پروجيش سان گڏ ’اسپرنگ فيسٽيول‘(Spring festival) لاءِ سرينگر ويل هئي. اُتان موٽي هوءَ ساڻس گڏجي ڪلڪتي هلي ويئي. نيٺ ڊسمبر ۾ پروجيش جي جاپان وڃڻ کان پوءِ هوءَ دهلي واپس آئي. اچڻ سان سندس ماءُ کيس ٻه لفافا ڏنا. هڪ تي روم جي مهر لڳل هئي. تمام مختصر خط هو:

”تازه ترين خبرون جيڪي تنهنجي باري ۾ ٻڌيون اٿم، صحيح آهن؟
- عرفان.“

ٻيو ڊگهو لفافو نيويارڪ مان آيو هو. سندس دل تيزيءَ سان ڌڙڪڻ لڳي. جميل جو خط .... جميل جي هٿ سان لکيل سندس نالو .... سندس هٿ ڏڪڻ لڳا. شام ٿي رهي هئي. دريءَ تي وڃي هن پڙهڻ شروع ڪيو .... اهو خط به تمام مختصر هو:
”راهُل بلڪل ٺيڪ آهي. مان توکي طلاق ڏيان ٿو. تون هاڻي آزاد آهين ۽ جنهن سان چاهين، شادي ڪري سگهين ٿي. راهُل کي مان ايندڙ سال دهلي جامعه مليه موڪليندس، جيئن هو پنهنجي ملڪ ۾ رهي ۽ هندستاني ٿئي، هتي بلڪل امريڪن ٿي ويو اهي. هو دهليءَ ۾ اچي ته تون فرخنده وٽ وڃي ساڻس ملي به سگهين ٿي. مون کي ڪو اعتراض ناهي.

فقط جميل“

کيس ڏاڍي ڪمزوري محسوس ٿي رهي هئي. هوءَ اُتيئي دريءَ وٽ فراسيءَ تي ويهي رهي ۽ ديوار جي سهاري ويهي هنومان جي تصوير ڏسڻ لڳي. جيڪو هٿ جي تريءَ تي جبل کنيو اُڏامندو پئي ويو.
ٻئي ڏينهن هن عرفان کي ايترو مختصر جواب لکيو:

”مان پنهنجي ڀاءُ جو انتظار پيئي ڪريان. هو جيئن ئي هتي ايندو تيئن ئي ممي ۽ ليلا ۽ موهنيءَ کي ساڻس درگاپور موڪلي، هڪدم تو وٽ پهچنديس. منهنجو انتظار ڪر. مان توکي .... ۽ فقط توکي پيار ڪريان ٿي ۽ انت سمي تائين اهڙيءَ طرح پيار ڪندي رهنديس.“

’وقت نڪرندو پيو وڃي. وقت ڊوڙندو پيو وڃي. هاڻي مون کي دير ڪرڻ نه گهرجي.‘ هن لفافو بند ڪندي پنهنجو پاڻ کي چيو.
پر هاڻي وقت جي ڪهڙي پرواهه آهي! هن ٻيهر پاڻ کي ياد ڏياريو .... هاڻي هوءَ تمام جلدي مسز عرفان بنجي ويندي. هوءَ هاڻي قانوني طور تي آزاد آهي. هوءَ عرفان سان شادي ڪندي، جيڪو انٽيلڪچوئل يا بوهيمين ناهي .... بيحد سمجهدار سڌو سادو سالڊ (Solid) ماڻهو آهي .... پوءِ هوءَ پاڪستان هلي ويندي ۽ پاڪستاني شهري جي حيثيت سان پنهنجي شهر ڪراچي واپس هلي ويندي، جيڪو هاڻي سندس ناهي پر پوءِ ٿي ويندو .... شايد .... پوءِ هوءَ انهن سڀني جاين تي ٻيهر ويندي .... حيدرآباد .... ساڌ ٻيلو .... سکر .... ملتان .... پنج ند جو اهو ڊاڪ بنگلو جتي رات جي راڻي مهڪي هئي.
جميل ۽ قمر ٻنهي سندس روح کي مالا مال ڪرڻ بدران اٽلندو سندس روح کي گهايل ڪيو هو. پروجيش پنهنجي عظمت ۾ ايڏو گم ٿيل هو، هو سندس روح کي ڇهيائين به نه .... پر عرفان .... عرفان.
سيتا ميرچنداڻي .... سيتا جميل .... سيتا عرفان .... ۽ هاڻي تمام جلدي سندس پراڻا دوست، بلقيس، هيما، للتا، هن جي لاءِ غير ملڪي ٿي ويندا. سندس ماءُ، سندس ڀاءُ ڀيڻ، سموري هندستان ۾ پکڙيل سندس ماڻهو .... سنڌ مها ساگر هاڻي جن جو ناهي .... پر سيتا ميرچنداڻي سنڌ ديس واپس وڃي رهي آهي. نيٺ کيس پنهنجو گهر ملي ويو .... عرفان جو خيال، هن جي لاءِ هاڻي ائين هو جيئن اُماس جي رات ۾ اوچتو چنڊ نڪري اچي.
ٻه هفتا کيس سفر جي تياري ۾ لڳي ويا. جنهن ڏينهن هوءَ جلدي جلدي پنهنجون ساڙهيون استري ڪري سوٽ ڪيس ۾ رکي رهي هئي ته هن جي ماءُ سندس ڪمري ۾ اچي پڇيو: ”هاڻي ڪٿي ٿي وڃين؟“
”ممي .... مان عرفان سان شادي ڪرڻ وڃان ٿي.“ هن سوٽ ڪيس بند ڪري سڪون سان وراڻيو.
منجهند جي وقت ڪناٽ پئليس ۾ ايئرلائنز جي آفيس مان ٻاهر نڪري هن سوچيو ته سڀني دوستن کي آخري ڀيرو ’خدا حافظ‘ چوي. ڪافي هائوس اڃا سنسان پيو هو. هونئن للتا ۽ ڪيلاش جو گروپ گهڻو ڪري شام جي وقت يا آچر جي صبح جو اتيئي ملي ويندو هو.
آٽو رڪشا ۾ هوءَ سڀ کان اول نظام الدين ويسٽ ويئي، جتي چوڌاري پري پري تائين نون بنگلن ۾ گهڻو ڪري وچئين طبقي جا پنجابي آباد هئا. هوءَ پهريون ڀيرو للتا وٽ وڃي رهي هئي. ڏاڍي مشڪل سان کيس للتا جو ننڍڙو گهر مليو. هوءَ اندر اڱڻ ۾ سليپنگ سُوٽ تي شال اوڍي اُس ۾ ويٺي هئي. سندس ٻار اسڪول مان موٽي اڱڻ ۾ ٽرائيڪل هلائي رهيو هو. سندس مڙس اڃا آفيس مان واپس نه آيو هو. رسويو بورچيخاني ۾ ماني تيار ڪري رهيو هو. سيتا وڃي للتا وٽ کٽ تي ويٺي.
”اڄ جمعدارڻ اڃا تائين ناهي. سموري گهر ۾ ايترو ڪچرو پيو آهي.“ للتا مطمئن آواز ۾ کيس چيو. کيس زڪام ٿي پيو هو. ”هيڏانهن اچ، هاڻي اُس تان کسڪي پريان هلي ويندي.“
نئين هندستاني اسٽيج جي هيءَ بلندپايه اداڪارا پنهجي گهر جي چوديواريءَ ۾ محفوظ، ڪيڏي سڪون سان ويٺي هئي.
هوءَ ڪلاڪ کن سيتا سان هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪندي رهي. هن به سيتا کان وڌيڪ ڪجهه نه پڇيو. جڏهن اُس اڱڻ مان کسڪي هلي ويئي ته هن چيو: ”اچ، سامهون هلي ويهون.“ هوءَ چپ چاپ اُٿي ٻاهر آئي، جتي ننڍڙي لان ۾ ٻه موڙا وجهي للتا کيس ويهڻ لاءِ چيو.
”هاڻي هلنديس.“ ڪجهه دير رکي سيتا چيو.
”واهه! ماني کائي وڃجانءِ.“
”نه، دير ٿي ويندي.“
”چڱو، موهن جو ته انتظار ڪر، هاڻي ايندو هوندو.“
”چڱو.“
سامهون ڪجهه قدمن جي مفاصلي تي نظام الدين اولياء جي مقبري جي ديوار تي اُس لهرون هڻي رهي هئي. فضا ۾ ڏاڍي بي چئني ۽ اُداسي هئي. سيتا ٿڪجي پاسو بدلايو. للتا چپ چاپ رستي ڏانهن ڏسندي رهي.
نظام الدين اولياء جي مسجد مان آذان جو آواز آيو. فضا جو سناٽو گهرو ٿي ويو.
”للتا، هاڻي مان هلنديس. ڪيلاش، پرديپ، ڪامران، سڀني کي منهنجا سلام چئج ۽ ڪافي هائوس واري سموري ڪرائوڊ (Crowd) کي.“
”چڱو.“
نوڪر آٽو رڪشا وٺي آيو.
رستي تي هنڌ هنڌ تي واچوڙا هئا. هوءَ للتا کان موڪلائي آٽورڪشا ۾ اچي ويٺي. آٽو رڪشا واري سردارجيءَ جي ڊگهي اڇي ڏاڙهي، سياري جي ٿڌي هوا ۾ لهرائي رهي هئي.
للتا پنهنجي ننڍڙي ڦاٽڪ تي جهُڪي دير تائين رستي ڏانهن ڏسندي رهي.
املتاس جا پيلا پن واچوڙي ۾ اُڏري رهيا هئا. اُس هاڻي ٿڌي پئجي چُڪي هئي.
”ڪيڏانهن هلون بِيبِي؟“ سردارجي ٻاهر مين روڊ تي اچي پڇيو.
بلقيس جي گهر ۾ اُن وقت ڌوٻي آيو هو. ننڍي ماسي پٺئين ورانڊي ۾ ڀاڄي واري کان پٽاٽا ترائي رهي هئي. فرخنده جا ٻار اسڪول مان موٽي هميسه وانگر پاڙي جي ٻارن سان پٺئين لان ۾ ڪرڪيٽ کيڏي رهيا هئا. بلقيس لائونج ۾ بيد جي ڪرسين جا ڪور لاهڻ ۾ مصروف هئي.
”هن ڪمري ۾ اچ، مان ٿورو اِهي چادرون لاهي وٺان.“ سيتا کي ڏسي هن سڪون سان چيو.
تمام عمر رها غمزه و ادا ڪا شڪار
ڊائننگ روم جا ميز پوش سميٽي هوءَ فرخنده جي بيڊ روم ۾ آئي.
”هن پاسي وارو دروازو بند ڪرينس، ڏاڍي هوا پيئي لڳي.“ هن سيتا کي چيو. پوءِ هوءَ جلدي جلدي ڊريسنگ ٽيبل جون شيون هٽائي فرش تي رکڻ لڳي. سيتا صفائي ڪرڻ ۾ سندس مدد ڪندي ويئي. بلقيس، فرخنده ۽ گهوٽس جي پلنگن جا پوش لاٿا. ائش – ٽري صاف ڪيائين. نيرن پردن جي پٺيان لڪيل، ’هندستان ٽائيمز‘ جي ڍير تان مٽي ڇنڊيائين، گهوٽس جا ڪپڙا، جيڪي ڪمري ۾ وکريا پيا هئا، سميٽيائين.
تمام عمر رها غمزه و ادا ڪا شڪار
ڀر واري ڪمري ۾ ننڍي ماسي هيٽر جلايو ۽ شال ۾ نهن کان وٺي چوٽي تائين ويڙهجي پلنگ تي اوڪڙون ويهي رهي ۽ سوپاري ڪترڻ لڳي. ٻاهران ٻارن جي کلڻ ۽ وڙهڻ جا آواز آيا پئي.، سردي هاڻي وڌي ويئي هئي.
چاڻڪيا پوريءَ جي ڊپلوميٽڪ ڪالونيءَ ۾ اعليٰ آفيسرن جا سرڪاري فليٽ ۽ سفارت خانن جون عمارتون پري پري تائين بي نيازيءَ سان ڦهليل هيون. مسرور ۽ مطمئن انسان، انهن عمارتن ۾ رهندا هئا. پريان گردوغبار جي ڌنڌ ۾ ويڙهيل اشوڪا هوٽل پنهنجي عظمت ۾ سربلند ۽ اٽل ڳاڙهي پٿر جي اوچي عظيم الشان جبل وانگر بيٺي هئي. باغن ۾ سرءُ جا گل ٽڙي چڪاهئا.

تمام عمر رها غمزه و ادا ڪا شڪار

لائونج جو دروازو کڙڪيو. ڪيلاش آيو هو. پرديپ جي فون آئي. ٻارن ڊرائنگ روم ۾ ٺڪاءُ سان گلاس ڀڃي وڌو. ادي بتول ورانڊي ۾ ٽپهريءَ جي نماز کان پوءِ وظيفو پڙهندي هونگر ڏني.
چاڻڪيا پوريءَ مان رواني ٿي، سيتا شام جو ڪمشنر لين پهتي. ’نيري ڪوٺيءَ‘ جي ورانڊي ۾ بيٺل ٻن ٽن ڇوڪرين کيس نمستي ڪيو.
گارڊن هائوس ۾ هيما پنهنجي ٻار سان بيڊروم ۾ وڃي چڪي هئي. سندس مُڙس لنڊن مان موٽي آيو هو ۽ هوءَ ٽن چئن ڏينهن کان پوءِ ساڻس گڏجي پنهنجي ساهورن شولاپور وڃڻ واري هئي.
گارڊن هائوس ٻاهران گاهه تي ٻه ننڍڙا تبتي ڪتا کيڏي رهيا هئا: ’چنگ ۽ چائو.‘ شهزاد انهن کي هنج ۾ کڻي سيتا سان انهن جو تعارف ڪرايو: ”اهي ٻئي دلائي لاما سان گڏ هتي آيا آهن.“
”اڇا!؟“
”اقبال وٺي آيو آهي سرحد تان. هو دلائي لاما جي قافلي سان ڊيوٽيءَ تي هو نه! خبر اٿيئي، اقبال هاڻي ليفٽننٽ ڪرنل ٿيڻ وارو آهي!“
”هائو ونڊرفل!“
امان ٻاهر نڪري آئي.
”اڙي سيتا، ڪافي ڏينهن کان پوءِ ڏسڻ ۾ آئي آهين. ڪيئن آهين؟“
”ٺيڪ آهيان امان.“
”شام ٿي ويئي آهي، سرديءَ ۾ ٻاهر نه بيهه.“
”چڱو امان.“
”انهيءَ گهڙي، جڏهن ٻئي وقت پاڻ ۾ ملندا آهن، تڏهن مهاديو ۽ پاروتي ڪيلاش تان لهي اُڏامندا ڦرندا آهن.“ اهڙي ئي هڪ سرد شام جو امان کيس ٻڌايو هو.
هيما ۽ شهزاد کان موڪلائي هوءَ رات جو قرول باغ موٽي. صبح جو سوير هوءَ پئرس لاءِ فلاءِ ڪرڻ واري هئي.

[b]فٽ نوٽ
[/b]
(1) ڪاليداس جو سنسڪرت ۾ لکيل ناٽڪ.
(1) ڪاليداس جي سهيوڳي ناٽڪ ڪار، شودرڪا جو سنسڪرت ۾ لکيل واحد ناٽڪ ”مرڇَڪَٽڪَ“ (The Little Clay Cart).
(2) ڪاليداس جو سنسڪرت ۾ لکيل ناٽڪ.