8
بلقيس جي بمبئي موٽڻ کان پوءِ ’مدرا راڪشس‘ شروع ٿيڻ وارو هو ۽ ’ماڊرن ٿيئٽر‘ جا رڪن انهيءَ جي تيارين ۾ ڏاڍا رڌل هئا.
’فرسٽ نائيٽ‘ جي موقعي تي سيتا ٿيئٽر هال جي ڏاڪڻ تي بيهي ڪجهه دوستن سان ڳالهيون ڪري رهي هئي. هُن محسوس ڪيو ته ٿنڀي جي پويان ڪو ماڻهو کيس ڏاڍي ڌيان سان ڏسي رهيو آهي. سندس شڪل ڪجهه ڄاتل سڃاتل لڳي ٿي پر کيس سمجهه ۾ نه آيو ته هو ڪير آهي. هوءَ اطمينان سان ڳالهين ۾ محو رهي. جڏهن سڀئي اندر وڃڻ لڳا تڏهن به، انهيءَ ماڻهوءَ هڪ ٻه ڀيرا مڙي کيس اُڇاتري نظر سان ڏٺو. ناٽڪ ختم ٿيڻ تي جڏهن هوءَ بلقيس کي مبارڪباد ڏيڻ جي ارادي سان للتا جي ڊريسنگ روم ۾ ويئي ته ان وقت اُهو ماڻهو اُتي اڳ ۾ ئي موجود هو ۽ کيس چار پنج ڄڻا گهيريو بيٺا هئا. پنهنجي اندازسان هو ڪا وڏي هستي ٿي لڳو. للتا، سيتا جو ساڻس تعارف ڪرايو: ”پروجيش ڪمار چوڌري!“
پروجيش ڪمار چوڌري ملڪ جو عظيم ترين مصور، عالمگير شهرت جو ايڪسپريشنسٽ آرٽسٽ (Expressionist artist)، جنهن جون تصويرون هُن نمائشن، رسالن ڪتابن ۾ ڏٺيون هيون، جنهن جي باري ۾ آمريڪا جي آرٽ مخزنن ۾ مضمون پڙهيا هئائين. پروجيش ڪمار چوڌري انهيءَ وقت جيئرو جاڳندو سندس سامهون موجود هو!!
”هيلو سيتا ديوي.“ هو چئي رهيو هو. ”قمر توهان جو گهڻو ذڪر ڪندو هو. ڏاڍي خوشي ٿي جو هن وقت توهان سان ملاقات ٿي آهي. اچو، هيڏانهن ويهون.“
اُهي لباسن جي انبار ڀرسان اسٽولن تي ويهي رهيا. پروجيش بيحد اخلاق سان گفتگو ڪندو رهيو. ’هوءَ هندستان جي سڀ کان وڏي مصور سان ڳالهائي رهي آهي‘، اهو سوچي کيس ڏاڍو تعجب محسوس ٿي رهيو هو.
پروجيش پڪي عمر جو هو. سندس شخصيت ڏاڍي دلڪش هئي ۽ عورتن کي موهڻ جو به فن کيس خوب ٿي آيو.
”ننڍپڻ کان توهان جو نالو ٻڌندي پئي اچان. ڪولمبيا ۾ ته اسان توهان جي تصويرن جي، نمائش به ڪئي هئي، ’انڊيا ايوننگ‘ جي سلسلي ۾ هڪ ڀيري.“ سيتا چيو.
”هون“ هو ڏاڍي شفقت ۽ پنهنجائپ سان مشڪيو.
’ننڍپڻ کان توهان جو نالو ٻڌندي پئي اچان‘- اها ڪهڙي نه رسمي ۽ احمقانه ڳالهه چئي ڇڏيم. پر اها حقيقت هئي ته اُن وقت هوءَ هڪ ڀيرو بي حد نروس (Nervous) ٿي ويئي هئي. مشهور شخصيتن کان موعرب ٿيڻ سندس وڏي ڪمزوري هئي ۽ کيس انهيءَ ڪمزوري جو احساس به هو. پل ئي پل ۾ انهن سڀني مشهور ماڻهن جو جلوس سندس ذهن ۾ ڦرڻ لڳو جن جي هوءَ ننڍپڻ کان هيرو- ورشپ (Hero-worship) ڪندي آئي هئي. ”منهنجو مطلب اهو ناهي ته مان بلڪل ننڍي آهيان. ٻي کن ۾ هن پاڻ سنڀالي چيو.
”ڇو نه. تون ته منهنجي ڌيُ جي برابر ٿيندينءَ.“
”خير اهو ته غلط آهي!..... ڌيءَ؟“ هن ٿورو ترسي چيو:
”ها. جيڪڏهن منهنجي ڪا ڌيُ هجي ها ته تو کان ڪا چار پنج سال ئي ننڍي هجي ها، عمر ۾“
سيتا کي خبر هئي ته جڏهن کان هُن پنهنجي هنگرين (Hungraian) زال کي طلاق ڏني هئي (جيڪا پاڻ وڏي مشهور سنگتراش هئي)، پروجيش ڪمار چوڌري ٻي شادي به ڪئي هئي. جيئن گورڪي سموري دنيا کي پنهنجي يونيورسٽي سمجهندو هو، تيئن پروجيش سموري دنيا جي خوبصورت عورتن کي پنهنجي حرمسرا جون ڪنيزون تصور ڪرڻ جو قائل هو ۽ ائين سوچڻ ۾ هو صحيح هو، ڇو ته تمام گهٽ عورتون سندس شخصيت جي سحر کان بچي سگهنديون هيون. گذريل ويهن سالن کان سندس بي تڪلف دوستن جي حلقي ۾ سندس مختلف ’پيريڊ‘، مشهور هئا. 1938ع کان وٺي 1941ع تائين، جڏهن هو الله آباد جي ڪشميري آرٽسٽ پريمابخشيءَ تي عاشق هو ته اهو زمانو سندس مصوريءَ جو ’ڪشميري پيريڊ‘ چوڻ ۾ ايندو هو. انهيءَ کان پوءِ هڪ ٻئي پويان چيڪو سلواڪين، گجراتي ۽ راجسٿاني دؤر جاري رهيا. 1946ع کان 1953ع تائين جڏهن نامور هندي ليکڪا ڪماري راج راڻي مصرا کانئس متاثر ٿي، ٽي وڏا ناول لکيا ته اُهو پروجيش ڪمار چوڌريءَ جو ’گنگا جمني دؤر‘ سمجهيو ويو. 1952ع کان هن وقت تائين سندس جدا جدا مرهٽي، فرانسيسي، روسي ۽ پنجابي پيريڊ شروع ٿي ختم ٿي چڪا هئا. انهيءَ وچ ۾ سندس هنگرين زال آئي به ۽ هلي به ويئي. هيڏانهن ڪجهه عرصي کان سندس جذباتي زندگيءَ جو ڪو پيريڊ منظرِ عام تي نه آيو هو.
هو للتا جي ڊريسنگ روم ۾ ويهي دير تائين سيتا سان هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪندو رهيو. سڌيون ساديون، گهٽ گهريون غير مابعد الطبعياتي ڳالهيون!
’اڙي، هي هيڏو وڏو ماڻهو ايترو نارمل ۽ سڌو سادو نڪتو! سندس طبعيت ۾ ڪيتري نه مروت هئي! ڪيتري نه ملائميت!‘ سيتا حيرت مان سوچيو ۽ جڏهن پروجيش چيو ته ڇنڇر جي رات جو مون سان گڏجي ماني کائو ته هن هڪدم قبول ڪيو. ”قمر ۽ ماڌوري به ايندا.“ پروجيش اضافو ڪيو.
”اوهه، هائو ونڊر فل! (How Wonderful!) مان قمر سان ڪافي زماني کان نه ملي آهيان.“ سيتا گرمجوشيءَ سان جواب ڏنو.
ڇنڇر جي شام جو جڏهن هو پروجيش ڪمار چوڌريءَ سان گڏ ريسٽورنٽ ۾ گهڙي پئي ته ٻنهي کي گڏ ڏسي ورانڊي ۾ بيٺل ڪنهن ڇوڪري آهستي پنهنجي ساٿي کي چيو: ”شو گرل! (Show girl!)“
سيتا جو چهرو ڳاڙهو ٿي ويو. ’شڪر آهي جو پروجيش اهو واهيات رمارڪ نه ٻڌو‘، هن سوچيو.
اُهي ٻئي اندر وڃي هڪ ڪنڊ ۾ ويٺا. هال ٽهڪن سان جڳمڳائجي رهيو هو. آرڪيسٽرا تي ڪا تازه ترين ڌن وڄي رهي هئي. ماڻهو ٻاهران اچي ميزن سامهون ويٺا ٿي يا ٻاهر وڃي رهيا هئا. پروجيش پنهنجي ڪنهن واقفڪار سان ڳالهائڻ لاءِ اُٿي ٻيءَ ميز ڏانهن هليو ويو. سيتا پنهنجي جاءِ تي ويهي ريسٽورنٽ ۾ ويٺل ماڻهن کي ڏسندي رهي. عجيب عجيب ماڻهو. هندستان جي نئين اسٽيج جا اداڪار. اڙدوءَ جا شاعر ۽ ليکڪ، نوان دولتمند سنڌي ۽ پنجابي، جيڪي ڏهه سال اڳ هن ئي شهر ۾ پاڪستان کان شرنارٿي بنجي آيا هئا. ٻاهر ڪناٽ سرڪس جي رستن تي موٽرن جو وهڪرو وهي رهيو هو. مرڪزي حڪومت جا اعليٰ عهديدار. فلم سيمينار لاءِ آيل بمبئي ۽ ڪلڪتي جا مشهور ايڪٽر ۽ ايڪٽرياڻيون ۽ ڊائريڪٽر. ڪانگريس ۽ سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ پارٽين جا اڳواڻ. انهيءَ نئين سوسائٽي جي باري ۾ ريسرچ ڪري هن پي ايڇ. ڊي جي ڊگري ورتي هئي. ڪجهه منٽن کان پوءِ پروجيش ميز تي واپس آيو ۽ نرم نرم آواز ۾ ساڻس ڳالهيون ڪندو رهيو. انهن نڀاڳن بنگالين جي آواز ۾ ڪيڏو جادو هوندو آهي!
ٿوري ۾ قمر ۽ ماڌوري اچي ويا. ماڌوريءَ جي سينڌ ۾ سيندُور لڳل هو.
”مسز چوڌري!“ پروجيش سيتا سان تعارف ڪرايو.
”مبارڪ هجي قمر!“ سيتا مشڪندي چيو.
”ٿينڪس سيتا! اسان ايڏو جلديءَ ۾ شادي ڪئي آهي جو ڪنهن دوست کي اطلاع به نه ڏيئي سگهياسين ۽ تون پاڪستان هلي ويئي هئينءَ.“
قمر ڏاڍي محبت ۽ خلوص سان سيتا سان ڳالهيون شروع ڪيون، ڄڻ ڪي ٻه پراڻا دوست پاڻ ۾ مليا هجن.
انهيءَ وقت پروجيش هڪ روسي دوست کي پنهنجي ميز تي سڏي ورتو، جيڪا اڙدوءَ ۾ ريسرچ ڪرڻ لاءِ ماسڪو کان علي ڳڙهه آيل هئي. ڪجهه دير کان پوءِ، ٻه ٻيا روسي پارٽيءَ ۾ شامل ٿي ويا. اُهي ٻئي ڀلائيءَ۾ انجنيئر هئا. اهي ’هندي وارا‘ هئا ۽ ’اڙدو واري‘ روسي ڇوڪريءَ سان اُڙدو- هنديءَ جي بحث ۾ لڳا پيا هئا ۽ نهايت ئي مشڪل اڙدو ۽ نهايت ئي شڌُ هندي ڳالهائي رهيا هئا.
پروجيش ٽهڪ ڏيئي کليو. ”اڙدو- هنديءَ جو ته اهڙو جهيڙو آهي جو توهان کي به کڻي ڪريو.“ هن چيو.
جيئن جيئن رات گهري ٿيندي ويئي تيئن تيئن پروجيش جي مهمانن ۾ واڌارو ايندو ويو. ڊنر جي ختم ٿيڻ تي جڏهن سيتا ٻاهر وڃڻ لڳي ته قمر ۽ ماڌوري کيس گرمجوشيءَ سان ايندڙ آچر تي پنهنجي گهر اچڻ جي ڪوٺ ڏني.
قمر ۽ ماڌوريءَ جي شادي کي اڃا هڪ مهينو به نه ٿيو هو. اُهي سُندر نگر جي هڪ فليٽ ۾ رهيا ٿي. ماڌوري سرڪاري آفيسرياڻي هئي ۽ پنهنجي ڪار هلائيندي هئي، انهيءَ ڪري قمر کي پنهنجي مالي ڪاميابيءَ جي باوجود ڪار خريد ڪرڻ جي ضرورت نه پيئي هئي. انهن ڏينهن ۾ اُهي ٻئي پنهنجو گهر انتهائي آرٽسٽڪ انداز ۾ سجائڻ ۾ رُڌل هئا ۽ گهڻو ڪري شام جو ٻاهر وڃڻ جي بدران پنهنجن ويجهن دوستن کي پاڻ وٽ مدعو ڪري وٺندا هئا، جتي سڀ گڏجي کاڌو ٺاهڻ ۾ ماڌوريءَ جي مدد ڪندا هئا.
آخر جي شام جو وعدي مطابق هوءَ پروجيش سان گڏجي قمر جي گهر پهتي. قمر ڪال بيل جو آواز ٻڌي ڏاڍو خوش ٿي ڊوڙندو هيٺ آدر ڀاءُ لاءِ آيو. مٿي پهچي هن مهمانن کي سٽنگ روم ۾ ويهاري، انهن جي خاطر داري ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويو.
پروجيش، جيڪا وڏي پينٽنگ قمر کي شاديءَ جي تحفي ۾ ڏني هئي، انهيءَ هيٺان صوفي تي ويهي سيتا ڏٺو ته ڪاميابي قمر کي ڪنهن حد تائين مختلف شخصيت بنائي ڇڏيو هو. هن جي انداز ۾ خود اعتمادي اچي ويئي هئي. شايد هو هاڻي ايترو لٻاڙي به نه رهيو هو. مهمانن سان ڳالهيون ڪندي ڪندي هن ڪڏهن ڪڏهن نظرون کڻي ڏاڍي پيار سان ماڌوريءَ کي ڏسي ورتو ٿي. ماڌوريءَ مٿس ڏاڍو چڱو اثر ڇڏيو هو. اهو ظاهر هو ته هوءَ سندس بوهيميئن دور ڪرڻ ۾ ڏاڍي مصروف هئي.
قمرالسلام چوڌري انهيءَ وقت هڪ ڪامياب نامور دولتمند انسان هو. مسرور ۽ مطمئن. ڪاميابي روح لاءِ ڪيڏي عمدي شيءِ آهي!
انهيءَ وقت هو ڏاڍي بي نيازي ۽ بيرواهيءَ سان پنهنجي برطانوي ۽ آمريڪي پبلشرز جو ذڪر ڪري رهيو هو ۽ سيتا ڏٺو ته سندس گفتگو ۾ ڪٿي به غرور يا وڏائي جي جهلڪ نه هئي. ڪاميابي انسان کي مروت به سيکاري ڇڏيندي آهي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هو ماسڪو وڃي رهيو هو. سندس نئين تمثيل مشرقي برلن ۾ اسٽيج ڪئي وڃڻ واري هئي. تازو هن پنهنجو پهريون ناول مڪمل ڪيو هو. انهيءَ ناول کي ڇپائڻ لاءِ کيس جلدي نه هئي ڇو ته نظمن جي مجموعي جي اشاعت سان کيس ايتري شهرت ملي ويئي هئي جو هاڻي کيس وڌيڪ شهرت جي پرواهه نه رهي هئي. ڪاميابي انسان کي مطمئن ڪري ڇڏيندي آهي.
بيل وڳو ۽ گوپال ۽ جينيفر ڪرين اندر آيا. جينيفر سيتا کي ڏسندي ئي نعرو هڻي ساڻس ڀاڪرين پئجي ويئي. ”ڊارلنگ، توکي هيترين صدين کان پوءِ ڏٺو اٿم. ڪيئن آهين؟“
”مان هاڻي مسز گوپال آهيان. ۽ تون؟“
ستيش گوپال مشڪندي سيتا کي نمستي ڪيو. سيتا ساڻس هڪ ڀيرو بلقيس وٽ ملي چڪي هئي. هو تمام خوش اخلاق ۽ يار ويس پنجابي ڇوڪرو هو. اطلاعات کاتي ۾ نوڪري ڪيائين ٿي ۽ شاعر هو.
”هندستان جي روح ۾ جهاتي پائڻ جو تنهنجو پروجيڪٽ اڃا مڪمل نه ٿيو آهي؟“ مانيءَ لاءِ جاپاني وضع جي ڊگهي چؤڪي ڀرسان ڪُشن تي ويهندي، سيتا جينيفر کان پڇيو.
”بنگال کان پوءِ پنجاب جو جائزو وٺڻ بي حد ضروري هو.“ جينيفر ڊيئر!“ سيتا چيو.
”خدا منهنجي مدد ڪندو!“ جينيفر اکيون گهمائي ڇت ڏانهن ڏسندي جواب ڏنو.
”سيتا جي!“ ستيش ساڻس مخاطب ٿيو، ”قمر صاحب زور ٻڌو آهي ته مان سندس ناول جو اڙدوءَ ۾ ترجمو ڪريان. توهان پڙهيو آهي؟“
”اڃا ته نه.“
قمر هڪدم مسودي جو فائيل ڪڍي کڻي آيو.
”نالو ته ڏاڍو سٺو آهي ’بادلن جو شهر.‘ مطلب؟“ پروجيش عنوان تي نظر وجهي چيو.
”اڙي صاحب، هيءُ نيويارڪ جي اسڪاءِ اسڪريپرز جي بادلن ۾ رهندو آهي نه! پنهنجي سمجهه ۾ ته اهو آيو آهي. جيتوڻيڪ انهيءَ کي به قمر صاحب پنهنجي پينٽنگس وانگر ناقابلِ فهم بنائڻ جي ڪوشش ته پوري ڪئي آهي.“ ستيش گوپال جواب ڏنو.
ماني کائڻ کان پوءِ قمر مسودو کڻي سيتا جي ڀرسان اچي ويٺو. ”سيتا، مان ڪنهن ڏينهن اهو ناول توکي پاڻ پڙهي ٻڌائيندس. توکي نيويارڪ اها طوفاني رات ياد آهي جڏهن تون مينهن وسندي ۽ مون وٽ آئي هئينءَ ۽ مان ڪجهه چئي نه سگهيو هوس. ياد اٿيئي نه؟ مون انهيءَ طوفاني رات جو باب پنهنجي رت سان لکيو آهي.“ هن آهستي چيو.
سيتا نفرت ڀري نظر مٿس وڌي. ’تون زندگين سان انهيءَ ڪري کيڏين ٿو، جيئن بعد ۾ انهن جي باري ۾ ڪامياب ناول لکي سگهين. توهان انٽلڪچوئل دراصل ڪيڏا وڏا فراڊ آهيو!‘ هن دل ۾ چيو.
جينيفر ڪافي ٺاهڻ ۾ ماڌوريءَ جي مدد ڪرڻ لاءِ بورچي خاني ۾ وڃي چُڪي هئي ۽ اُهي ٻئي ڪنهن ڳالهه تي خوش ٿي کلي رهيون هيون. ستيش بُڪِ ڪيس ۾ ڪتاب ڏسڻ ۾ مصروف هو ۽ قمر سان ڪا ڳالهه ڪري رهيو هو.
هڪ کن لاءِ سيتا جو مٿو چڪرائجي ويو. هي بوهيميئن انٽلڪچوئل شادين جي سلسلي ۾ هڪ قسم جي ميوزيڪل چيئرز راند کيڏي رهيا هئا ۽ ناقابل اعتبار هئا، ڇو ته کين پنهنجي زندگين تي اعتبار نه هو.
هڪدم اوچتو کيس عرفان ياد آيو ۽ انهيءَ ياد کيس بيحد دل گرفته ڪري ڇڏيو. ’هن گهڙيءَ هو نه ڄاڻان ڪٿي هوندو؟ پشاور؟ پنڊي؟ واقعي هن ٺيڪ چيو هو: ”تون مون کي غير جذباتي سمجهين ٿي پر هاڻي تنهنجي وڃڻ کان پوءِ مان مستقل هي شعر پڙهي لڙڪ وهائيندو رهندس. لڙڪ وهائڻ ته ٺهيو، نڙيءَ تاڻي رڙيون ڪري رئندس.“
”ڪهڙو شعر؟“
”عرض ٿو ڪريان:
وه ڪب ڪي آئي ڀي اور گئي ڀي، نظر مين اب تک سما رهي هين
يه چل رهي هين وه ڦر رهي هين، يه آ رهي هين وه جا رهي هين.“