7
جڏهن اُهي ٽاڪ منجهند جو جامع مسجد جو چڪر هڻي واڻين جي گهٽيءَ مان لنگهي رهيا هئا، تڏهن انهن اُجاڙ گهرن ۾، جيڪي سرِن ۽ مٽيءَ جي گاري مان ٺهيل هئا، هوا هڪدم ڏاڍي تيزيءَ سان لڳڻ لڳي ۽ ائين ٿي لڳو ڄڻ انهيءَ هنڌ، دنيا جي سڀني بي گهر، رولو ۽ مفلس روحن جو واسو آهي. سيتا خاموشيءَ سان بلقيس جي پويان پويان هلندي رهي. ڪجهه دير کان پوءِ عرفان ساڻس گڏوگڏ هلڻ لڳو. ”توهان کي خبر آهي، هن شهر جو نالو ٺٽو ڇو آهي؟“ هن گوگلز لاهيندي عرفان کان پڇيو.
”نه.“
”مغل گورنرن جي وقت جي هيءُ شهر ايڏو رونق وارو ۽ آباد هو، جو هتي سڄي ايشيا مان آيل ماڻهن جا ٺٽ جا ٺٽ لڳا رهندا هئا، توهان کي تاريخ پڙهڻ جو شوق آهي؟“
”بلڪل نه.“
”اوهه!“
جڏهن اُهي ڪارن ۾ سوار ٿيڻ لڳا ته بلقيس کيس آهستي چيو: ”تون عرفان جي ڪار ۾ وڃي ويهه. مان ٿورو ادي نسيم وغيرهه سان گپ شپ ڪرڻ چاهيان ٿي. پر مان هن جي ڪار ۾ وڃي ويهنديس ته عرفان ۽ مان ٻئي خوامخواهه بيزار ٿينداسين، خاص ڪري اديءَ نسيم جي سامهون. مان انهن سڀني کي نادر جي ڪار ۾ سڏائي ٿي وٺان.“
هاڻي اهي سڀ صحرا مان گذري رهيا هئا. سيتا عرفان کان پڇيو: ”توهان انهيءَ ڏينهن مون کان سوال پڇيو هو ته مون کي ڪراچي ڪيئن لڳي. هاڻي اهوئي سوال توهان کان مان پڇان ته منهنجي سنڌ توهان کي ڪيئن ٿي لڳي؟“
هو مٿس نظر وجهي چپ رهيو.
”هاڻي مون کي اهو سوچي سوچي پريشاني ٿي رهي آهي ته ڊيڊي مون کان سوال مٿان سوال ڪري منهنجو نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيندو، ته تو فلاڻي جاءِ ڏٺي، فلاڻي ڳوٺ مان لنگهي هُئينءَ. ممي ايترو چيو هو ته پنهنجي جاءِ ڏسج ته ڪهڙي حال ۾ آهي. مون ته اها به نه ڏٺي.“
”تنهنجو ڊيڊي ڪراچيءَ ۾ ڇا ڪندو هو؟“
”ڊاڪٽر هو. رام باغ ۾ سندس ڪلنڪ هوندي هئي.“
”رام باغ؟“
”رام باغ ڪراچي ۾ آهي. توهان ڏٺو ناهي ڇا؟“
”اڙي ها، جنهن کي آرام باغ چوندا آهن.“
سامهون اُٺن جو قافلو وڃي رهيو هو. هڪ ٻڪري رستو پار ڪندي ڪار جي اڳيان آئي ته هن زور سان بريڪ هنئين. لوڏي اچڻ سان سيتا تقريباَ عرفان جي مٿان وڃي ڪري. ”ساري“ سيتا گهٻرائجي چيو.
”قصور منهنجو هو، ٻڪريءَ جو نه. اڃا، اڃا تنهنجو ڊيڊي دهليءَ ۾ پرئڪٽس ڪندو هوندو.“ عرفان به گهٻراهٽ ۾ پنهنجي گفتگو جو سلسلو اتان کان ئي جوڙڻ چاهيو.
”جي نه، هو ڪيترن سالن کان بيمار آهي، تنهنڪري ڪجهه به نه ڪندو آهي. منهنجو ڀاءُ ڀلائيء جي اسٽيل مِل ۾ انجنيئر ٿي ويو آهي. هن ويچاري جي ڪري گذر سفر پيو ٿئي.“
”اوهه!“
”هو سامهون ڏسو، اسين حيدرآباد ويندي گهڻو ڪري هن وڻ هيٺان ڪار بيهاريندا هئاسين. هتي ئي هڪ ڀيرو منهنجي ٽنگ ۾ ڏاڍو ڌڪ لڳو هو.“
هو چپ چاپ ڪار هلائيندو رهيو.
”ڇا توهان کي اهو احساس ناهي ته هيءُ منهنجو ديس آهي، منهنجون ٻنيون، منهنجا ڳوٺ، منهنجي پيرن جون مزارون؟“ هن فڪر منديءَ سان پڇيو.
”مون کي خبر نه هئي ته تون ايتري قدر سنٽيمينٽل آهين.“ عرفان چيو.
”جڏهن به توهان دهلي ايندو ته رستي ۾ جمنا جي پُل تان گذرندي مان ڏسنديس ته توهان سينٽيمينٽل ٿيو ٿا يا نه؟“
”مان يادن جي بيماريءَ کي ويجهو اچڻ نه ڏيندو آهيان.“
”چڱو ٿيو جو اوهان مون کي اها ڳالهه ٻڌائي ڇڏي!“
”ٻي ڳالهه ته مان دهلي به ڇو ايندس.“
”ڇو ته اُتي توهان جا ٿيڻ وارا ساهوار جو آهن.“
”لاحول ولا قوة. تو وري پيڪن – ساهورن جو وظيفو شروع ڪري ڏنو. عورتن واريون پراڻيون ڳالهيون.“
هن ڪار جي رفتار اڃا وڌيڪ تيز ڪري ڇڏي. هو بلڪل نادر جي ڪار کان اڳيان اڳيان پئي ويو ۽ خيال رکيائين ٿي ته هنن جي پٺيان نه رهجي وڃي، جيئن ٻئي ڄڻا پوئين موٽر ۾ ويٺلن جي نظرن جي سامهون هجن.
’ڪيتري قدر محتاط ماڻهو آهي.‘ سيتا سوچيو.
ڪجهه دير خاموشي رهي. هڪ ٽرڪ ڌوڙ اڏائيندي ڀرسان لنگهي ويئي. هاڻي اهي هڪ قديم قبرستان جي ڀرسان لنگهي رهيا هئا.
”سموري سنڌ قبرن جو ملڪ آهي.“ عرفان ڪجهه لمحن کان پوءِ پنهنجي خيال جو اظهار ڪيو.
”توهان کي خبر آهي ته هيءُ ڪيترو پراڻو ملڪ آهي؟“ هوءَ شايد سندس معلومات ۾ اضافو ڪرڻ تي سندرو ٻڌي بيٺي هئي.
’سچ پچ ڏاڍي بڪ بڪ ڪندڙ ڇوڪري آهي. ڪجهه دير ماٺ ڪري نٿي ويهي سگهي؟ پر شايد انسان پنهنجي گهٻراهٽ لڪائڻ لاءِ لاڳيتو ڳالهيون ڪندو ويندو آهي. ٿرڊ ڊگريءَ جو هڪ طريقو اهو به آهي.‘ عرفان سوچيو.
”نه.“ هن زور سان چيو، ”مان تاريخ ۾ هميشه ڏڏ هوندو هوس.“
”ممي ٻڌائيندي هئي ته پُراڻن ۾ لکيل آهي ته راجڪمار سبيءَ جو اولاد بلوچستان ۾ پکڙيو ۽ اجوڌيا جي رامچندر جو ڀاءُ ڀرت، سنڌو ديس جي راڄ گديءَ تي ويٺو. هوءَ ڏاڍي يقين سان چوندي آهي ته مهاڀارت کان پوءِ ڪلجگ شروع ٿيو، جنهن ڪري انهيءَ کان پوءِ پُراڻن ۾ سنڌ جو ذڪر نٿو ملي.“
”اها ڳالهه آهي؟ پوءِ وڌيڪ ٻڌاءِ.“
”چرچو نه ڪريو.“
”اڙي نه نه. ٻڌاءِ نه. مان ڏاڍي دلچسپيءَ سان پيو ٻڌان.“
”يوناني هن ملڪ کي انڊوسيٿيا چوندا هئا، ڇو ته لاڙ جا ماڻهو آريا نه، پر سٿين هئا.“
”اها ڳالهه آهي! مون کي انهن ٻنهي نالن جي فرق جي خبر ناهي. مان ته آهيان اڻ ڄاڻ ماڻهو، پر تون ٻڌائيندي هل. تنهنجي آواز ٻڌڻ ۾ مون کي ڏاڍو لطف ٿو اچي.“
”گڊ گاڊ!“
هاڻي اُهي حيدرآباد جي ويجهو ايندا پئي ويا. ”ويسٽ ايشيا کان آيل اهي ئي سٿين لوڪ ڪاٺياواڙ ۽ راجسٿان تائين پکڙجي ويا، جيڪي هاڻي راجپوت سڏبا آهن.“
”اها ڳالهه آهي!“
”پراچين زماني ۾ ميرپورخاص ۾ برهما جي هڪ وڏي سُندر مورتيءَ جو مندر هو ۽ ملتان ۾ سُوريه جو مندر هو. سيوهڻ ۾ پراڻن آرين شِو جا مندر جوڙيا هئا.“
”تون ڪڏهن مندر ويئي آهين؟“
”ها، ننڍپڻ ۾ گهڻو ويندي هيس. ٽنڊوآدم ۾ بي شمار شِوالا هئا. انهيءَ ڪري اهو سنڌ جو ڪاشي سڏبو آهي. هيم ڪوٽ ۾ مهاديو جو مندر. ماسيءَ سان گڏجي هڪ ڀيرو ويئي هيس ۽ ڪلفٽن تي جيڪو مندر هو، اُتي مان شِوراتڙيءَ جي ڏينهن مميءَ سان گڏجي ويندي هيس. منهنجي ڏاڏي ڪاليءَ جي گهڻي پوڄا ڪندي هئي. اسان وٽ ڪاليءَ جي هڪ روپ کي ٿر مائي چوندا آهن، جنهن جو مطلب آهي، ٿر- ريگستان جي ديو.“ پوءِ هوءَ چُپ ٿي ويئي. ڪجهه دير کان پوءِ هن پاڻيهي ڳالهائڻ شروع ڪيو: ”ممي وڏي رام ڀڳت آهي. ڪراچي ۾ هئي ته ڏاڍي تمنا هيس ته تيرٿ ڪرڻ لاءِ اجوڌيا وڃي. جڏهن مون جميل سان شادي ڪئي ته کيس ٻڌايم ته جميل جو ڳوٺ تلسي پور، اجوڌيا کان فقط چار پنج ميل پري آهي. ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي!“
”ڪا خاص ڳالهه ته ناهي. تون زندگيءَ جي هر معمولي کان معمولي واقعي کي به حد کان وڌيڪ ڊرئميٽڪ بنائي ٿي ڇڏين.“
”اوڪي اوڪي. توهان مون کي بلڪل مورک سمجهو ٿا. اسان وٽ سنڌيءَ ۾ هڪ چوڻ آهي ته عورت جو عقل سندس کُڙيءَ ۾ هوندو آهي ۽ سج لهڻ کان پوءِ اُتان به نڪري ويندو آهي. توهان جو به شايد اهوئي خيال آهي! پر مان ته ساڌ ٻيلي به وينديس.“
”ضرور وڃج. تون جذباتي سفر تي نڪتي آهين. هاڻي ڇا ٿو ڪري سگهجي!“
”هيلو! ڪجهه منهنجو ادب ڪر.“
”لائيڪ هيل. (Like hell)“
”هڪ ڳالهه ٻڌاءِ.“
”جي؟“
”توهان هندو پپر جي ٽاريءَ وڍڻ تي وڙهڻ لاءِ ڇو تيار ٿي ويندا آهيو؟ هر دوئيءَ ۾ جڏهن به تعزيو پپر ۾ لڳو ناهي ۽ مٿاڦاڙ ٿي ناهي.“
”پپر ۾ مهاديوجي جو رهي ٿو.“
”اوهه، آءِ سي!“ هو ٽهڪ ڏيئي کلي پيو. پوءِ، ڪجهه دير کان پوءِ هن چيو: ”پپر جي به اسان جي زندگين ۾ عجيب و غريب اهميت هئي. امان چوندي هئي ته پپر ۾ ڏائڻيون رهنديون آهن. پپر جي هيٺ شهيدن جون مزارون هونديون هيون. هردوئيءَ ۾ منهنجي گهر سامهون پپر جو جيڪو وڻ هو، امان اسان ٻارن کي ٻن وقتن جي ملڻ مهل، نماشام جو، انهيءَ جي هيٺيان ڪڏهن وڃڻ نه ڏيندي هئي، متان ڇانوَ نه ٿي پوي ۽ روز شهيد جي مراز تي چراغ روشن ڪرائيندي هئي.“ هن جو آواز جذباتي ٿي ويو هو.
”هاڻي سينٽيمينٽ: ڪير ٿي رهيو آهي؟“ سيتا چيو.
”شٽ اپ.“
پري کان حيدرآباد جا منگهه نظر اچڻ لڳا.
”هاڻي سُون سُون ڪري روئڻ شروع نه ڪج. وٺ رومال.“
عرفان کيسي ۾ هٿ وجهي رومال ڪڍيو. هوءَ کلي پيئي. سرڪٽ هائوس جي رستي ڏانهن ڪار موڙيندي هن سيتا کي چيو: ”تون مون کي سنڌ جو داستان ٻڌائي رهي هئينءَ، اُهو ته پورو ڪر. سٿين لوڪ آيا، پوءِ ڇا ٿيو؟“
هوءَ هٿ تي هٿ رکي سنجيدگيءَ سان ويهي رهي ڄڻ يونيورسٽي لئبرري ۾ ويٺي هجي. ”پوءِ هتي ٻُڌمت خوب ڦهليو ۽ هتي سارسوت برهمڻ رهندا هئا ۽ راجپوت ۽ جاٽ، اروڙ شهر جا رهاڪو، مسلمان جي حملي جي وقت پنجاب ڀڄي ويا. منهنجي ممي لاهور جي اروڙا آهي. سنڌي، مسلمان ٿيڻ کان پوءِ به پنهنجي پراڻي مذهب جي عزت ڪندا رهيا. بيشمار درگاهون ٺهي ويون. انهن سڀني پيرن مان هڪ هڪ نالو هندُو هو ۽ هڪ هڪ نالو محمدن“
“سچ پچ؟“
”ها. راجا پرتري هري، لال شهباز جي نالي سان مشهور ٿيو. پير پٺو، پير سلطان سڏجي ٿو. زندهه پير کي خواجا خضر سڏين. اڏيرو لال کي شيخ طاهر چون ۽ لالو جسراج، منگهو پير ٿي ويو.“
”منگهو پير، اڙي اهوئي ڪراچيءَ وارو منگهو پير؟“
”جي ها.“
”اهو ته ڪمال آهي.“
”ڪڏهن توهان منهنجي ڊيڊيءَ سان ملو ته هو توهان کي اهي سڀ قصا ٻڌائيندو. کيس سنڌ جي هسٽريءَ جي گهڻي ڄاڻ آهي. هاڻي به اڪثر ويٺو چچ نامو پڙهندو رهندو آهي.“
”اڃا ٻڌاءِ.“
”بس، جيئن هندُن وٽ هر شيءِ جو ڪونه ڪو ديوي، ديوتا ايجاد ڪيو ويندو آهي، تيئن مسلمانن وٽ به هر شيءِ جا جدا جدا پير بنجي ويا. راڳن جا پير، مٽيءَ جي برتنن جا پير، پينگهي جو پير. سموري سنڌ پيرن جو ديس ٿي وئي. نانگن جي منتر جنتر جا ڄاڻو جوڳي سڀ مسلمان هوندا هئا، پر شو جي فرقي سان تعلق ٿي رکيائون ۽ گرو گورکناٿ کي مڃيندا هئا. انهيءَ سان گڏوگڏ رمضان جو مهينو هندُون لاءِ پوتر بڻجي ويو ۽ اُهي تعزين جي اڳيان نذر و نياز چاڙهڻ لڳا. توهان وٽ به ائين ئي ٿيندو هوندو؟“
”ها.“
”مذهب سچ پچ اسان لاءِ اوائلي سوين سالن تائين زبردست آفيم جو ڪم ڪيو آهي ۽ انهيءَ کان پوءِ گولي بارود جو.“
”هاڻي تون پنهنجي تقرير متان شروع ڪرين. مون کي ڏاڍي بک لڳي آهي. سرڪٽ هائوس پهچندي ئي مانيءَ جو انتظام ڪر منهنجي لاءِ.“
”توهان کي سمجهائڻ بلڪل بيڪار آهي. ري ايڪشنري!“