پس منظر
سپريم ڪورٽ اها بروقت مداخلت ٽنڊو آدم بار ايسوسيئيشن جي حلف برداريءَ واري تقريب دؤران ڪئي جنهن جي صدارت تڏهوڪي چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ جناب جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ ڪئي هئي. ايسوسيئيشن جي صدر ايڊوڪيٽ عبدالحڪيم کوسي پنهنجي تقرير دؤران سانگهڙ ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ تيل ۽ گيس ڪمپنين جي زيادتين بابت حقائق پيش ڪيا. هن ماحول کي رسندڙ هاڃي متعلق به معقول قسم جا دليل پيش ڪيا ۽ ان سان گڏ مقامي ماڻهن کي روزگار نه ڏيڻ ۽ سماجي گهرجن جي پورائي کان تيل ۽ گيس ڪمپنين جي انڪار جو به ذڪر ڪيو. چيف جسٽس ان تقرير جو فوري نوٽيس وٺندي ان تقرير کي پٽيشن قرار ڏئي اها سپريم ڪورٽ جي انساني حقن واري سيل (ايڇ آر سي) جي حوالي ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن جو نمبر HRC No. 13371-S/2013 هو. ايڇ آر سي ان سلسلي ۾ پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وزارت جي سيڪريٽريءَ کي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. سيڪريٽريءَ جي موقف کي غيرتسلي بخش قرار ڏيندي ايڇ آرسي اهو معاملو آئين جي آرٽيڪل (3)184 تحت عدالت آڏو پيش ڪري ڇڏيو. جيئن ئي اهو معاملو عدالت جي روبرو پيش ٿيو ته ڪافي ماڻهن ان ۾ ڌر بڻجڻ لاءِ عدالت سان رجوع ڪيو. جن ۾ هرنائي بلوچستان جي سردار عبدالله خان ماڙي گيس خلاف قدم کڻڻ جو به مطالبو ڪيو ۽ ٻين ۾ گهوٽڪي سنڌ جو روشن علي ۽ ڪرڪ خيبر پختونخواه مان چونڊيل قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ناصر خان خٽڪ به شامل هئا. جن پنهنجن علائقن ۾ تيل ۽ گيس جي ڳولا ڪندڙ ۽ ڪڍندڙ ڪمپنين (اِي اينڊ پي ڪمپنين) خلاف به درخواستون داخل ڪيون.
ان ڪيس جي پهرين ٻڌڻي 19.8.2013 تي ٿي. جنهن کانپوءِ اسلام آباد ۾ ان ڪيس جون مختلف تاريخن تي ٻڌڻيون ٿيون ۽ ڪراچيءَ ۾ تاريخ 19.9.2013 تي سنوائي ٿي ۽ آخرڪار 28.10.2013 تي حتمي ٻڌڻي ڪري ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو ويو.
ڪيس هلندي بحث دؤران اهو انڪشاف ٿيو ته تيل ۽ گيس جي ڪمپنين کي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وٽ 780 ارب رپيا جمع ڪرايا هئا، جيڪي سنڌ ۽ بلوچستان جي لاڳاپيل علائقن جي ترقيءَ لاءِ هئا. پر افسوس جو صوبائي حڪومتون اها رقم انهن پٺتي پيل علائقن جي ترقيءَ تي خرچ ڪرڻ لاءِ ڪوبه شفاف ميڪنزم جوڙي نه سگهيون ۽ اهڙيءَ طرح اها رقم عوام جي ڀلي لاءِ استعمال نه ٿي سگهي. (اهي انگ اکر 14 جولاءِ 2014 جي اخبار روزاني ڊان تان ورتا ويا آهن.) سنڌ ۽ بلوچستان جا ڏتڙيل ماڻهو وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ تيل ڪمپنين جي بيحسيءَ جو شڪار آهن. انهن علائقن جي ماڻهن جي پيرن هيٺان زمين ۾ موجود اهي قيمتي اثاثا مسلسل نڪري رهيا آهن ۽ هو پوءِ به غربت جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهن. هو ايڏي دولت جا مالڪ هوندي به پٿر واري دؤر ۾ رهڻ تي مجبور آهن.