تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ جي تيل ۽ گيس جي وسيلن جي ڦرلٽ

هي ڪتاب سنڌ رائيٽرس ۽ ٿنڪرس فورم پاران ڇپائي سنڌي عوام تائين آندو ويو آهي جنهن ۾ ڪيترائي دستاويز، انگ اکر ۽ ثبوت شامل آهن، جيڪي اهو ثابت ڪن ٿا ته ڪيئن نه خوشحال سنڌ جا وسيلا ڦري ان جي مالڪ سنڌين کي بک ۽ بدحالي ڪناري پهچايو ويو آهي. سڀني سنڌ دوستن کي گهرجي ته هن ڪتاب جو مطالعو ڪن ۽ سنڌ جي آجپي لاء ۽ سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين خلاف هر فورم تي پنهنجو ڪيس پيش ڪن.
  • 4.5/5.0
  • 4036
  • 1437
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نصير ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌ جي تيل ۽ گيس جي وسيلن جي ڦرلٽ

ماحولياتي تحفظ جي پابندي

پيٽروليم ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊڪشن پاليسي 2012 جي مقصد نمبر 9 جو سيڪشن 3/1 ٻڌائي ٿو “اها خاطري ڪرائڻي پوندي ته تيل ۽ گيس جي ڪڍڻ جو عمل ايترو مناسب ۽ بهتر هوندو جو ان عمل سان سماجي، معاشي ۽ ماحولياتي حالتن تي ڪو به خراب اثر نه پوندو ۽ مڪمل ذميواريءَ جو مظاهرو ڪيو ويندو.” بهرحال ان دستاويز ۾ ماحول جي تحفظ بابت ڪي به رهنما اصول يا طريقيڪار موجود نه آهي. ماحولياتي تحفظ واري ائڪٽ 1997ع ۾ ماحول جي تحفظ بابت قاعدا ۽ ضابطا موجود آهن. هن ائڪٽ موجب تيل ۽ گيس جي ڳولا ۽ پئداوار جو تعلق يا ته انيشل انوائرنمينٽل ايگزامينيشن (آءِ اِي اِي) يا وري انوائرنمينٽل امپيڪٽ اسيسمينٽ (اِي آءِ اي) سان جڙيل هوندو. 18هين ترميم کان پوءِ صوبا به ماحولياتي تحفظ بابت رهنما اصول ۽ قاعدا ۽ ضابطا جوڙڻ ۾ مصروف آهن. سنڌ حڪومت به ماحولياتي تحفظ وارو ائڪٽ 2014ع منظور ڪري چڪي آهي. هن ائڪٽ ۾ ماحولياتي حوالي حساس رٿائن جي شروعات کان اڳ ۾ ۽ پوءِ صورتحال جو جائزو وٺڻ کي اهميت حاصل هوندي. ڪجهه گهڻ قومي ڪمپنين ته آءِ اِي اِيز ۽ اِي آءِ ايز جي حوالي سان سال 2000 جي شروعات تائين ساراهه جوڳو ڪم به ڪيو. پر پوءِ وقت گذرڻ سان گڏ انهن به هن اهم معاملي کي اهميت ڏيڻ ۾ ڪوتاهي شروع ڪري ڇڏي. ڪجهه ڳاڻ ڳڻيون اهڙيون به ڪنسلٽنسي فرمون سامهون آيون جن ڪمپنين جي مفادن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ اِي آءِ ايز ۽ آءِ اِي اِيز جي سلسلي ۾ ڪمپنين جي مرضيءَ مطابق “سڀ ٺيڪ آهي” جون رپورٽون پيش ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون جن جو حقيقت سان ڪو به تعلق نه هو. اِي آءِ اي جي سلسلي بنيادي مسئلو اهوئي آهي ته ان جي لاءِ رقم ۽ انتظام ڪمپنيون فراهم ڪن ٿيون. اِي پي اي تڏهن عمل ۾ ايندو آهي جڏهن علائقي جي ماڻهن کان راءِ ورتي وئي هجي ۽ اِي آءِ اي منظور ٿي چڪو هجي. پر هڪ طرف بدعنواني ۽ ٻئي طرف ان مسئلي تي نظر رکڻ جو مناسب طريقيڪار نه هئڻ يا ان کي نظرانداز ڪرڻ جي ڪري تيل ۽ گيس ڪمپنين جي رپورٽن کي اعتبار جوڳو چئي نٿو سگهجي ۽ جائزو وٺڻ وقت عوام جي راءِ کي ته بلڪل نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. اڪثر ڪمپنيون ماحول کي رسيل هاڃي کي ڳجهو رکڻ لاءِ عوامي راءِ لاءِ گڏجاڻيون وڏن شهرن ۾ ڪن ٿيون جيڪي پئداوار نڪرڻ واري هنڌ کان سوين ميل پري هوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته ڪمپنيون ڪجهه مقامي ماڻهن کي پنهنجي خرچ تي وٺي اينديون آهن ۽ اهي اهڙا ماڻهو هوندا آهن جن تي ڪمپنين جون مسلسل عنايتون جاري هونديون آهن ۽ سندن مفادن جو مڪمل خيال رکيو ويندو آهي. نتيجي ۾ اهي ماڻهو اها ئي ٻولي ڳالهائيندا آهن جنهن لاءِ ڪمپني کين اڳ ۾ هدايت ڪري چڪي هوندي آهي. اهڙيءَ طرح عوامي راءِ جي ڪاغذي ڪارروائي مڪمل ڪئي ويندي آهي جيڪا حقيقت جي عڪاس نه هوندي آهي. فائلن جو پيٽ ڀرڻ لاءِ ڪمپنيون ۽ سرڪاري ادارا اهڙيون ڪاغذي ڪارروايون ڪري حقيقت لڪائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اِي پي ايز ته انوائرنمينٽل مئنيجمينٽ پلان تي عمل ڪرڻ جي به صلاحيت نٿا رکن. ڪمپنيون ماحول کي جيڪو هاڃو رسائين ٿيون يا قاعدن جي ڀڃڪڙي ڪن ٿيون کين ان کان روڪڻ لاءِ انساني، فني ۽ مالي رڪاوٽون آڏو اچي وڃن ٿيون ۽ اِي پي ايز غير مؤثر بڻجي وڃن ٿا. اها صورتحال اِي اينڊ پي ڪمپنين کي ماحولياتي تحفظ جي پابندين کان آجو ڪري ڇڏي ٿي. ڪجهه اهڙيون به ڪمپنيون آهن جن جي دعويٰ آهي ته ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسيبلٽي (سي ايس آر) تحت سندن اندروني نظام ايترو ته سگهارو آهي جو اهي ماحول کي بچائڻ لاءِ پاڻمرادو اپاءَ وٺي سگهن ٿيون. خير اها صورتحال ڪهڙي به هجي پر مئدان تي اچي ڏسون ٿا ته مقامي آبادين کي ماحولياتي تحفظ جي حوالي سان تمام گهڻيون شڪايتون آهن. ڪجهه ڪنسلٽنگ فرمون تصديق ڪندي اها حتمي راءِ پيش ڪن ٿيون ته ڪجهه ڪيسن جي اڀياس دؤران ماحولياتي تحفظ وارن قاعدن ڀڃڪڙين جون پختيون شاهديون به مليون آهن پر انتظامي اختياريون ان ڌيان ڏيڻ يا قدم کڻڻ کان لنوائي وڃن ٿيون. ڪمپنين کي ماحولياتي تحفظ جي قاعدن جي ڀڃڪڙين کان بچڻ ۾ ڪمزور انتظامي سرشتو، نظرداريءَ جو اڻپورو انتظام ۽ ڪمزور سول سوسائٽي اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. نتيجو مقامي آباديءَ بيمارين، زرخيز زمين جي غيرآباد ٿيڻ ۽ جر جي پاڻيءَ جي سطح هيٺ ٿيڻ جي شڪل ۾ ڀوڳڻو پوي ٿو.