تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ جي تيل ۽ گيس جي وسيلن جي ڦرلٽ

هي ڪتاب سنڌ رائيٽرس ۽ ٿنڪرس فورم پاران ڇپائي سنڌي عوام تائين آندو ويو آهي جنهن ۾ ڪيترائي دستاويز، انگ اکر ۽ ثبوت شامل آهن، جيڪي اهو ثابت ڪن ٿا ته ڪيئن نه خوشحال سنڌ جا وسيلا ڦري ان جي مالڪ سنڌين کي بک ۽ بدحالي ڪناري پهچايو ويو آهي. سڀني سنڌ دوستن کي گهرجي ته هن ڪتاب جو مطالعو ڪن ۽ سنڌ جي آجپي لاء ۽ سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين خلاف هر فورم تي پنهنجو ڪيس پيش ڪن.
  • 4.5/5.0
  • 4036
  • 1437
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نصير ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌ جي تيل ۽ گيس جي وسيلن جي ڦرلٽ

صوبائي حڪومت جو ڪردار

سنڌ صوبي جو توانائيءَ جي قومي شعبي ۾ حصو مڙني کان وڌيڪ حصو آهي. ان هوندي به قدرتي وسيلن مان ٿيندڙ آمدنيءَ تي وفاق ۽ صوبي وچ ۾ تڪرار هلندو رهي ٿو. 18هين ترميم کان اڳ ۾ تيل ۽ گيس جي وسيلن جو انتظام سڌيءَ طرح وفاقي حڪومت جي هٿ ۾ هو ۽ ان سلسلي ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جا قاعدا به نظرانداز ڪيا ويندا هئا. صوبن کي بس نالي ماتر رقم ملندي هئي جنهن جو ورڇ جوڳي پول سان ڪو به تعلق نه هوندو هو. ان سلسلي ۾ صوبي کي رائلٽي ۽ ايڪسائيز ڊيوٽيءَ مان حاصل ٿيندڙ آمدنيءَ جو 12.5 سيڪڙو ڏنو ويندو هو. بهرحال انهن قدرتي وسيلن جا مالڪ صوبا نه هوندا هئا. سمورا فيصلا وفاقي حڪومت ۽ تيل ۽ قدرتي وسيلن واري وفاقي وزارت ڪندي هئي. 18هين ترميم انقلابي تبديليون آنديون ۽ تيل ۽ گيس سميت سمورن قدرتي وسيلن جي مالڪي صوبن جي حوالي ڪئي وئي. پر جيتري زيادتي وفاق قومي وسيلا ڄاڻائي صوبن سان ڪندو رهيو ۽ هن وقت ايتري ئي زيادتي وري صوبائي حڪومت انهن معدني وسيلن جي آمدنيءَ جي رقم خرچ ڪرڻ جي سلسلي ۾ انهن علائقن سان ڪري رهي آهي جتان تيل ۽ گيس نڪري ٿي. ان سلسلي ۾ سڀ کان گهڻو فائدو سنڌ صوبي کي ٿيو آهي ۽ گذريل اٺ سالن ۾ اها ملندڙ رقم 475 ارب رپيا آهي. ان جو تفصيل چارٽ نمبر 10 ۾ موجود آهي.

[IMG]http://i65.tinypic.com/wbp9au.png[/IMG]

سال 90/1989ع کان 14/2013ع تائين سنڌ صوبي کي تيل ۽ گيس جي رائلٽيءَ جي مد ۾ 319 ارب رپيا مليا. ان جو مطلب اهو ٿيو ته سنڌ صوبي کي ساليانو 12.76 ارب رپيا حصو ملندو رهيو آهي. اها ايتري رقم ضرور آهي جنهن سان تيل ۽ گيس پئدا ڪندڙ علائقن ۽ ضلعن جي انفرااسٽرڪچر جي ترقي ۽ اتي جي رهواسين کي بنيادي ضرورتن جي فراهميءَ کي بهتر بڻائڻ ممڪن هو پر ايئن ٿي نه سگهيو آهي. ان سلسلي ۾ جيتريون قصوروار وفاقي حڪومت ۽ ڪمپنيون آهن ايترو ئي صوبائي حڪومت به آهي. پيٽروليم پاليسيءَ ۾ اهو واضح طور تي ڄاڻايو ويو آهي ته ملندڙ رائلٽيءَ جي رقم جو 50 سيڪڙو لازمي طور تي واسطيدار ضلعن جي انفرااسٽرڪچر جي ترقيءَ تي خرچ ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ صوبائي حڪومت رڳو پسند جي ضلعن ۽ تمام گهٽ تيل ۽ گيس جي پئداوار ڏيندڙ علائقن کي ئي چونڊيو جيڪا پنهنجن ئي ماڻهن سان سراسر زيادتي آهي.
ويجهڙ ۾ سنڌ سرڪار سپريم ڪورٽ وٽ جمع ڪرايل هڪ رپورٽ ۾ اهو مڃيو آهي ته تيل ۽ گيس ڪمپنين پاران مقامي آبادي جي ترقي لاءِ ڏنل فنڊن تان شروع ڪيل 14 مان ڏهه رٿائون پاليسيءَ جي ڀڃڪڙيءَ طور هلندڙ آهن. اهي رقمون مقامي غريب آباديءَ جي ترقي لاءِ استعمال ڪرڻ بجاءِ ڪشمور بدين ۽ ٺٽي ۾ جيم خاني ۽ سٽيزن ڪلب جي تعمير تي پڻ خرچ ڪيون ويون آهن.
ٻنهي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ڪمپنين تي ڪڏهن به نظر نه رکي ته اهي ٺيڪي واري معاهدي ۾ لکيل شرطن جو مڪمل پورائو ڪن. عدالت به ان ڳالهه کي تسليم ڪيو هو ته ڪمپنين کي شرطن مطابق جيڪي ترقياتي ڪم ڪرائڻا هئا انهن اهي به نه ڪرايا. ڊي جي پي سي به اها ڳالهه تسليم ڪئي ته نظرداري ڪندڙ ادارن ۽ تيل ڪمپنين شرطن جي پورائي ۽ انفرااسٽرڪچر جي ترقيءَ واري معاملي کي ڪا گهڻي اهميت نه ڏني. ان سلسلي ۾ عدالت جون هن سان گڏ دستاويز 2 ۽ 3 ۾ واضح هدايتون به شامل ڪيون ويون آهن جن تي هن وقت به عمل نٿو ڪيو وڃي.
سنڌ حڪومت ان سلسلي ۾ سنڌ انرجي هولڊنگ ڪمپني قائم ڪئي ته جيئن تيل ۽ گيس جي وسيلن مان ٿيندڙ آمدني صوبي جي ترقيءَ تي خرچ ڪري سگهجي. سنڌ حڪومت عالمي بئنڪ سان به رابطو ڪيو ته ان سلسلي ۾ فني ۽ صنعتي رهنمائي فراهم ڪئي وڃي. سنڌ حڪومت ماضيءَ جي ڪوتاهين کي وساري رڳو پنهنجي ان پروگرام تي ايمانداريءَ سان عمل ڪري ته صورتحال بهتر ٿي سگهي ٿي.