روزگار
ان سلسلي ۾ ڪمپنيون اهو بهانو پيش ڪن ٿيون ته سنڌ ۽ بلوچستان مان قابل ۽ تجربيڪار ملازم نٿا ملن. ان کي سکڻو عذر ئي چئي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته انهن صوبن يونيورسٽيون ۽ ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽس مان گهربل اهليت رکندڙ نوجوان وڏي تعداد ۾ ڊگريون حاصل ڪري اچن ٿا پر پوءِ به ڪمپنيون انهن گرجوئيٽس کي روزگار نٿيون ڏين. ٻئي طرف ڪمپنيون مقامي ماڻهن کي گهربل تربيت ڏيڻ کان به انڪاري آهن. چارٽ نمبر 6 اي ۽ 6 بي ۾ سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ ٻن ملٽي نيشنل ڪمپنين ۾ ڪم ڪندڙ عملي جا انگ اکر ڏنا ويا آهن.
چارٽ نمبر 6 اي
[img]http://oi63.tinypic.com/fviicl.jpg[/img]
۽ 6 بي
[img]http://i68.tinypic.com/1234is9.png[/img]
اهي ته رڳو ٻن ڪمپنين جا انگ اکر آهن جڏهن ته باقي ڪم ڪندڙ ڪمپنين ۾ به صورتحال ان کان ڪا گهڻي مختلف نه آهي ۽ انهن ڪمپنين جا دروازا به مقامي لاءِ بند آهن. پيٽروليم ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊڪشن پاليسي 2012 به ڪمپنين کي ان جو پابند بڻائي ٿي ته اهي پاڪستانين کي ان شعبي ۾ تربيت ڏيڻ تي پنهنجي آمدنيءَ جو ڪجهه حصو خرچ ڪن. تربيت جي سلسلي ۾ جنهن رقم جو تعين ڪيو ويو آهي ان جو تفصيل چارٽ نمبر 7 ۾ ڏنو ويو آهي.
چارٽ نمبر 7
[img]http://i66.tinypic.com/9aq0sy.png[/img]
اها رقم سيکڙاٽ يا نيم هنرمند مقامي عملي کي تربيت ڏئي مهارت پئدا ڪرڻ تي خرچ ڪرڻي آهي. ان صورتحال ۾ تجربيڪار عملو نه ملڻ واري عذر جي ڪابه اهميت نٿي رهي. ملازمت جي حوالي سان ڪم ڪندڙ ٺيڪيداري ڪمپنين ۾ صورتحال ساڳي ئي نظر اچي ٿي. تيل ۽ گيس ڪمپنيون پنهنجا اڪثر ڪم بهتر ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ٺيڪيدارن جي حوالي ڪن ٿيون جيڪي ڪمپنيءَ جي پاليسين تي عمل نٿا ڪن. اهي ٺڪيدار به اڪثر ٻين علائقن جا ئي هوندا آهن ۽ سندن عملو به ٻاهر جو ئي هوندو آهي. اهڙيءَ طرح مقامي بيروزگار نوجوانن کي گهٽ اجرت واري عام مزوريءَ کان به محروم رکيو وڃي ٿو. ان جو بهترين مثال اهي ٺيڪيداري ڪمپنيون آهن جن کي سائيٽ تي ڪم ڪندڙ ملازمن کي کاڌو پيتو فراهم ڪرڻ جو ٺيڪو ڏنو ويندو آهي ۽ اهي ٺيڪيدار ايتريقدر جو بيرا ۽ بورچي به ٻين شهرن مان وٺي اچن ٿا. ٻيا ٽيڪنيڪل ۽ نيم ٽيڪنيڪل ٺيڪا جهڙوڪ مواصلاتي سسٽم، ڊرلنگ، اڏاوت، سيڪيورٽي، ٽرانسپورٽ وغيره جهڙن ڪمن لاءِ به مقامي ماڻهن کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. انهن ٺيڪيدار ڪمپنين جو عملو ڪمپنيءَ جي عملي کان الڳ هوندو آهي ۽ اهڙا لڳ ڀڳ سمورا ملازم غيرمقامي هوندا آهن. مقامي ماڻهن کي رڳو اهڙن ڪمن لاءِ رکيو ويندو آهي جن جي اجرت تمام گهٽ هوندي آهي ۽ اهڙن ڪمن لاءِ ٻاهران ماڻهو آڻڻ ۾ ڏکيائي پيش ايندي آهي. اهڙين ملازمتن ۾ وري ڪمپنيون ۽ ٺيڪيدار پنهنجا خسيس مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ مقامي وڏيرن ۽ سردارن سان رابطو ڪندا آهن ته جيئن سندن مفاد محفوظ رهن. اهڙيءَ طرح اهي ملازمتون به من پسند ماڻهن لاءِ محفوظ ٿي وڃن ٿيون. اهي ڪمپنيون جيڪي مقامي سطح تي رقم خرچ ڪرڻ جي دعويٰ ڪن ٿيون سي پاڻ ئي پنهنجي پاليسين جي ڀڃڪڙي به ڪن ٿيون.
وفاقي حڪومت جي پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جي وزارت جو ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف پيٽروليم ڪنسيشنس (DGPC) وارو ادارو انهن ڪمپنين جي تمام ملازمتن جو ذميوار ۽ نگهبان آهي. هن سان لڳايل دستاويز 3 جي پيٽروليم ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊڪشن پاليسي 2012 واضح ڪري ٿي “پاڪستاني قوميت رکندڙن جي ملازمت جو پروگرام وقت بوقت جاري ٿيندڙ هدايتن تحت سالياني بنياد تي ڊي جي پي سي جي رضامنديءَ سان عمل ۾ آندو ويندو.” انتهائي افسوس جي ڳالهه آهي ته اسلام آباد ۾ قائم ڊي جي پي سي (DGPC) ڪڏهن به ڪمپنين سان ان معاملي تي لهه وچڙ ۾ نه آئي آهي. ان معاملي تي ڪڏهن به ڪي رهنما اصول پڌرا نه ڪيا ويا آهن نه ڪڏهن ان معاملي تي مقامي ماڻهن يا سول سوسائٽيءَ کي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي. ڪنهن به ڪمپنيءَ ڪڏهن به پنهنجي ويب سائيٽ تي اهڙي ڪا پاليسي جاري نه ڪئي آهي ۽ نه ئي ڊي جي پي سي جي ويب سائيٽ تي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. مطلب ته مقامي ماڻهن جو ملازمتن ۾ حصو بس نالي ماتر آهي. دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته پيٽروليم ڪنسيشن ايگريمينٽ (پي سي اي) ۾ ڪمپنين کي ان جو ته پابند بڻايو ويو آهي ته اهي مرحليوار پرڏيهي عملي جي جاءِ تي پاڪستاني عملو مقرر ڪنديون پر ان جو ڪو به ذڪر نه آهي ته قومي عملي جي جاءِ تي مرحليوار مقامي عملو مقرر ڪيو ويندو. اهو ڪمپنين جي ڪاروباري مفادن وٽان آهي ته اهي ان تي ڌيان ڏين ڇاڪاڻ ته مقامي ماڻهن کي نظرانداز ڪرڻ سان مسئلا پئدا ٿيندا ۽ ان سان ڪمپنين جي ڪاروباري مفادن کي ڇيهو رسندو. ان کان سواءِ به ڪمپنين جي اها اخلاقي ذميواري ٿئي ٿي ته اهي مقامي ماڻهن کي وچولي يا سينيئر سطح جو نوڪريون فراهم ڪن ۽ انساني ترقيءَ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. توڙي جو ڪجهه اهڙيون به ڪمپنيون آهن جن ساراهه جوڳو ڪم ڪيو آهي پر اهو انتهائي محدود پئماني تي آهي.