شامل دستاويز نمبر 3: پٽيشن نمبر 6 سال 2013 جي ٻڌڻيءَ وقت سپريم ڪورٽ جو مشاهدو ۽ راءِ
* انهن ڪمپنين جي سرگرمين جا، جن علائقن ۾ اهي ڪم ڪري رهيون آهن، اتي جي رهواسين تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن.
* اڄ جي دنيا سجاڳ آهي ۽ اسين ڇڙواڳ سرمائيداري نظام ۽ هر قاعدي ۽ ضابطي کان آزاد دنيا ۾ نٿا رهون. ڪارپوريٽ ڪمپنيون سڄي دنيا ۾ ڪم ڪري رهيون آهن ۽ کين پابند بڻايو ويو آهي ته اهي اهڙي هر سرگرميءَ کان پاسو ڪن جنهن جا اتي جي رهواسين جي سماجي ۽ ماحولياتي زندگيءَ تي خراب اثر پون. ڪمپنيون جن علائقن ۾ ڪم ڪري رهيون آهن انهن علائقن جي انفرااسٽرڪچر ۽ عوام کي نقصان پهچائڻ بدران ان کي بهتر بڻائڻ جون پابند آهن.
* اهو بلڪل درست آهي ته ملڪ جي معاشي ترقي ۽ عوامي فلاح لاءِ قدرتي/معدني وسيلن جي اهميت سڀ کان وڌيڪ آهي پر ان سان گڏ اهو به ضروري آهي ته جتان اها قدرتي/معدني دولت نڪري رهي آهي ان جي آمدنيءَ ۾ اتي جي ماڻهن جو به حصو هجي ۽ اتي رهواسين جي مفادن، ترقي ۽ فلاح جو به خيال رکيو وڃي ۽ ان جو سندن عام زندگيءَ تي واضح اثر به نظر اچڻ گهرجي. کين معاشي ترقيءَ ۾ شراڪت دار بڻايو وڃي.
* هن ڪيس جي سنوائيءَ دؤران ان ڳالهه جا چٽا ثبوت مليا آهن ته وفاقي، صوبائي ۽ مڪاني حڪومتون اِي اينڊ پي ڪمپنين کي قاعدن ۽ ضابطن جو پابند بڻائڻ ۾ ناڪام رهيون آهن ۽ ان سلسلي ۾ واضح ڪوتاهي نظر اچي ٿي.
* ڊي جي پي سي پاران (سي ايم اي 2013/6508) بابت جمع ڪرايل رپورٽ مطابق ان عرصي دؤران اِي اينڊ پي ڪمپنين ٺيڪي جي شرطن جي پابندي ڪرڻ جي حامي ڀري ۽ ان مد ۾ رقم جو ڪاٿو ڪروڙين آمريڪي ڊالر لڳايو ويو آهي جيڪا قاعدي موجب واسطيدار علائقن ۾ خرچ ڪرڻي هئي. وڌيڪ اهو ته اِي اينڊ پي ڪمپنين تي لاڳو سماجي ڀلائي وارن ڪمن جي شروعات جي سلسلي ۾ ايم اين پي آر پنهنجي پريزنٽيشن ۾ جيڪي انگ اکر ڄاڻايا آهن سي هن ريت آهن انهن ڪمپنين کي تيل جي رائلٽيءَ جي سلسلي ۾ جيڪا رقم ادا ڪرڻي هئي سا 160 ارب رپيا کان به وڌيڪ هئي ۽ ساڳي ئي مد ۾ گيس جي رائلٽيءَ جي رقم 260 ارب رپيا کان وڌيڪ هئي. جيڪا ملڪ جي مختلف ضلعن مان نڪرندڙ تيل ۽ گيس جي رائلٽيءَ جي سلسلي ۾ ادا ڪرڻي هئي. اها تمام ڳري رقم آهي ۽ تيل ۽ گيس پئدا ڪندڙ علائقن ۾ رڳو صحت، پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ تعليم جي صورتحال تي نظر وجهبي ته ان رقم جي استعمال ۾ واضح بيقاعدگيون نظر اينديون. اهو ٻيهر دهرائجي ٿو ته ان رقم جو بيجا استعمال ڪيو ويو ۽ مقامي ماڻهن کي ان جو ڪو به فائدو نه ٿيو. اهو تمام ضروري آهي ته نه رڳو اِي اينڊ پي ڪمپنين کي ٺيڪي جي شرطن جو پابند بڻايو وڃي پر ان تي ڪرڙي نظر به رکي وڃي. ڊي جي پي سي، صوبائي ۽ مڪاني حڪومتن سميت اهي سڀ ادارا جيڪي ان جي نگراني ڪرڻ جا ذميوار آهن تن کان ڪوتاهيون ٿيون آهن. هاڻي انهن مڙني ادارن ۽ انتظاميه لاءِ ضروري آهي ته انهن ڪوتاهين جو ازالو ڪن.
* آخرڪار عدالت ان نتيجي تي پهتي ته اِي اينڊ پي ڪمپنيون سماجي ڀلائي ۽ ترقيءَ جي سلسلي ۾ جيڪي ڪم ڪرائڻ جون پابند هيون سي پورا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون آهن. ان سلسلي ڊي جي پي سي اهو تسليم ڪيو ته اِي اينڊ پي ڪمپنين ۽ انهن تي نظر رکندڙ ادارن ڀلائي جي ڪمن تي ڪو خاص ڌيان نه ڏنو ۽ اها خاطري ڪرائي ته ان سلسلي ۾ آئنده قاعدن ۽ ضابطن جي مڪمل پابندي ڪئي ۽ ڪرائي ويندي.
******