شخصيتون ۽ خاڪا

اللہ بخش سومرو

شھيد الله بخش سومرو ھڪ دورانديش، روادار۽ سرويچ سياستدان ھو. ھو سادگي پسند ۽ سچار ھيو. سنڌ اسيمبلي جي سابق ميمبر محمد امين کوسي الله بخش سومري کي ڀيٽا ڏيندي سندس عدل ۽ انصاف متعلق لکيو آهي تہ ””الله بخش جي حڪومت جي خطا ۽ ٻيو قصور  ڇا هو؟ سواءِ ان جي تہ سندس حڪومت ۾ ظالم ۽ مظلوم کي ڄاتو ويو.“ شھيد اللہ بخش سنڌ ۽ سنڌي قوم جي سياسي ۽ سماجي ارتقا ۽ جاڳرتا لاءِ ڪم ڪيو، معاشي طور وڌائڻ لاءِ زرعي سڌار آندا ۽ فڪري طور سنڌ ۾ قومي ۽ انسانيت جي لاٽ ٻاري.

Title Cover of book اللہ بخش سومرو

ليکڪ پاران

سائين جي ايم سيد قومن ۾ اُتساهه ۽ جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڳالهين کي اهم ۽ ضروري قرار ڏنو آهي:
سماجي، سياسي ۽ ثقافتي گڏجاڻيون
زبان جي ترويج ۽
پنهنجن قومي اڳواڻن کي ياد ڪرڻ لاءِ انهن جا ڏينهن ملهائڻ ۽ انهن جي جدوجهد ۽ قرباني کان واقف ڪرڻ.
سائين جي وفات کان پوءِ ان جي ساٿ جي هڪ 25 سالن کان پانڌيئڙي جي حيثيت ۾ مون تي اهو فرض بنجيو ٿي ته مان هن پنڌ کي جاري رکان.
تمام گهڻا دوست سائين جي سياسي جدوجهد کي جاري رکڻ جو عظم ڪري چڪا هئا، ان ڪري مون سائين جي گهڻ پاسائتي شخصيت جي حيثيت ۾ ان جي مختلف پهلوئن تي سوچيو ۽ فيصلو ڪيو ته سائين جي ڪتابن کي اردو ۽ انگريزي ۾ ترجمو ڪرائي دنيا تائين سائين جو امن ۽ آشتي، تصوف، انسانيت ۽ جديد قومپرستي جو پيغام پهچايان.
سائين، جي ايم سيد جي تصوف جي حوالي سان ٺاهيل ”بزم صوفياءَ سنڌ“ جي طرح. ”سنڌ صوفي انسٽيٽوٽ“ ٺاهي سائين جا جديد تصوف جا خيال پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پڻ ”پيغام سنڌ“ جيڪو امن ۽ پيار جو پيغام آهي ان کي ڪانفرنسن، ادب ۽ اجلاسن ذريعي پيش ڪري رهيو آهيان.
سائينءَ سنڌ جي عظيم شخصيتن ، تصوف ۽ سنڌ جي سياسي تاريخ تي لکيو آهي. سائين جي ايم سيد پنهنجي زندگي جو آخري ڪتاب ‘سنڌ ڳالهائي ٿي’ لکيو ۽ ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ ان جي ترجمي لاءِ دوستن کي چيو ۽ گهڻن دوستن جي ڪوشش ڪرڻ جي باوجود سائين جي ايم سيد جو ڪورٽ جو بيان انگريزي ۾ ترجمو ٿي نه سگهيو. سائين جي ايم سيد مون کي حڪم ڪيو ته مان ان کي انگريزي ۾ ترجمو ڪرايان، ان جو مون پاڻ اردو ترجمو ڪري، سيد افضل حيدر جي مدد سان، لاهور جي ڊان اخبار جي ڪالمسٽ ۽ ريزيڊنٽ ايڊيٽر محترم ظفر اقبال مرزا کان ترجمو ڪرائي سيد ضيا الحق شاهه ۽ غلام شاھ جي حوالي ڪيو. جنهن کي سنڌ ۾ “The Case of Sindh” جي نالي سان ڇاپيو ويو.
سائين مون کي ٻيو حڪم ڪيو هو ته ان جي خود نوشت ڇپايان، مواد مون وٽ نه هئڻ جي ڪري اهو ڪم مون کان مٿي هو، سائين جلال محمود شاهه ان ڪم کي سرانجام ڏيندي ان کي ڇپائي رهيو آهي.
مان سوچيو ته سائين جي ايم سيد جي خود نوشت ته ڇپائي نه سگهيس پر ان جي نوشت ڇپايان، مان ان سلسلي ۾ سائين جي لائبريري ۾ ڪجهه دستاويز ڏسي رهيو هوس ته ان ۾ هڪ ميٽنگ جو احوال مليو:
سائين جي ايم سيد جي زير صدارت هڪ ميٽنگ 1960ع جي پوين سالن ۾ ٿي گذري، اجلاس ۾ سنڌ جا ڏاها ۽ ليکڪ موجود هئا، ان ميٽنگ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي قومي اڳواڻن، شهيد الله بخش سومرو، سيد صبغت الله شاهه پير پاڳارو، رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي، سيٺ هر چند راءِ ۽ ٻين قومي سورمن جي نوشت لکي ويندي. ان لاءِ ڪم ورهائي مختلف ماڻهن جي ذمي لڳايو ويو. مون محسوس ڪيو ته سواءِ سائين جي ايم سيد جي جنهن” سنڌ جا سورما“ ڪتاب لکي پنهنجي حصي جو ڪم ڪيو آهي باقي ڪنهن به ڪجهه نه لکيو آهي، ان وقت مون فيصلو ڪيو ته سائين جي ان خواهش کي به پورو ڪندس، هي ڪتاب به ان خواهش جو حصو آهي.
سائين جي زبان مان هيمشه انهن شخصيتن لاءِ احترام ٻڌو هوم ان جو هڪ مثال هي آهي ته سائين جڏهن شهيد الله بخش جي قبر تي شڪارپور ۾ ويا هئا ته سائين هي تاريخي لفظ چيا هئا:
”اي شهيد اسان کي معاف ڪر اسان توکي سڃاڻين نه سگهياسين“
تاريخ جي هڪ وڏي ماڻهو سائين جي ايم سيد جي شهيد الله بخش سومري کي اهڙي وڏي ڀيٽا، شهيد جي عظمت کي سمجهڻ لاءِ ڪافي آهي:
ليڪن افسوس جو سنڌ جي اهڙي مهان انسان تي ڪو به ڪم نه ٿي سگهيو هو سواءِ مشهور ليکڪ جڳت ايس برائيٽ جي ڪتابچي:
Allah Bux Soomro – India’s Nationalist No. 1 يا Golden Brain of Sindh” “The 1944ع ۾ ڇپيو هو. مان جڏهن سائين جي ايم سيد تي نوشت لکڻ جي حوالي سان لنڊن ۾ ”برٽش لائبريري“ ۾ سائين جي متعلق مواد ڏسي رهيو هوس ته سورهيه بادشاهه سيد صبغت الله شاهه پير پاڳاري ۽ شهيد الله بخش سومري تي تمام گهڻو مواد نظر آيو، ان مواد منهنجو ڪم وڌيڪ آسان ڪري ڇڏيو ۽ 1999ع ۾ سائين جي ايم سيد جي نوشت ”جي ايم سيد آدرشي انسان سي اوتار تڪ“ لکي ڇپائڻ کان پوءِ مون شهيد جي نوشت تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، ان سلسلي ۾ آءُ ٻيهر به لنڊن ويس ۽ 2001ع ۾ ٻن سو صفحن تي مشتمل هڪ ڪتاب
Allah Bux Soomro - Apostle of Secular Harmony
لکي ڇپايم.
محترم بئريسٽر محمد عمر سومري صاحب سان ڊسمبر 2010ع تي ملاقات ٿي ۽ انهن خواهش جو اظهار ڪيو ته شهيد تي سنڌي ۾ ڪتاب اچڻ گهرجي ۽ اڄ هي ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي.
شهيد جي زندگي جا ڪيترائي پهلو آهن. الله بخش سومري سنڌ ۾ سماجي ۽ معاشي بهتري لاءِ ”سنڌ وليجرس ايسوسيئشن“ ٺاهي, ان ايسوسيئشن جي ذريعي جيڪي ڪم ٿيا اهو ته تاريخ جو حصو آهن پر سنڌ ۾ جيڪي لائبرريون ايسوسيئشن ٺاهيون ان لاءِ 1940ع ۾ سنڌ جي عظيم انسان راج رشي ديارام گدومل جي پٽ ۽ پي - ڪي شاهاڻي ۽ اين- ڪي شاهاڻي جي والد محترم ڪيول رام شاهاڻي 10 هزار روپين جا ڪتاب مهيا ڪيا هئا، اهو ڳوٺن ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ ڏانهن هڪ وڏو قدم هو.
سنڌ جي ٽن اهم شخصيتن شهيد الله بخش سومرو، سيد صبغت الله شاهه پير پاڳارو ۽ سائين جي ايم سيد انتهائي خوشحال گهراڻي ۾ پيدا هئڻ جي باوجود سادگي اپنائي ۽ هنن پنهنجي اٿڻ، ويهڻ ۽ پهرڻ جو انداز سادو رکيو. هنن کاڌي پهرڻ کي اهميت ڏني. چاهي سياست هجي، يا معاشرتي طور اٿڻ جو انداز هجي، هنن بازاري هيرو بنجڻ جي بجاءِ هڪ حقيقي قومي پيغام رسان ٿيڻ پسندڪيو. ان ۾ نه لالچ هئي نه لوڀ هو ۽ نه ئي جر ڦوٽي واري ڦونڊ هئي صرف ايثار ۽ قرباني هئي. روسي انقلاب جي دماغ ۽ تاريخدان ليون ٽراٽسڪي پنهنجي ”خود نوشت“ ۾ هيرن جي متعلق هڪ جملو لکيو آهي:
Heroes are instantly blinded by their own effulgence
هيرو هڪدم پنهنجي تجلي ۾ ئي انڌا ٿي ويندا آهن.
ان ڪري انهن ٽن عظيم شخصيتن هيرو ٿيڻ جي بجاءِ ايثار، سادگي، قرباني، علم ۽ حلم جي ذريعي جيڪا لاٽ ٻاري آهي ان جو اثر صرف سنڌ ۾ نه بلڪ دنيا به ان روشني مان گهڻو ڪجهه حاصل ڪندي.
سائين جي ايم سيد ۽ سيد صبغت الله شاهه پير پاڳاري جي قرباني، ايثار، سادگي ۽ فڪر جي متعلق مون انهن جي جيڪا ”نوشت“ لکي آهي ان ۾ ذڪر ڪري چڪو آهيان هت صرف برڪت علي آزاد جيڪو شهيد جو هڪ بهترين ساٿي هو ان جيڪو ڏٺو ۽ لکيو آهي اهو پيش ڪري رهيو آهيان:
”مان ڪراچي ۾ شهيد الله بخش سومري وٽ وزير اعظم هائوس ۾ ترسيل هوس ته اتي هڪ ٻيو به مهمان رهيل هو. ان شهيد سان شڪايت ڪئي ته صبح جو روزي رکڻ مهل اوهان جو نوڪر مون کي گهرڻ جي باوجود گرم پاڻي نه ٿو ڏئي، شهيد ان کي چيو ته صبح اوهان کي گرم پاڻي ملي ويندو ۽ روزي رکڻ مهل مون ڏٺـو ته مهمان کي نوڪر جي بجاءِ الله بخش پاڻ گرم پاڻي ڏيئي رهيو آهي.
سخي ٿيڻ قدرت جي وڏي عطا آهي.
سائين جي ايم سيد الله بخش سموري جون خصوصيتون بيان ڪندي لکي ٿو ته:
”الله بخش جيترو ڪمائيندو هو، ايترو ئي ڪشاده دلي سان خرچ ڪرڻ ڄاڻيندو هو. مجلسن، يارن، دوستن، محتاجن، علمي ادارن ۽ شاگردن تي خرچ ڪرڻ ۾ هٿ ڇوٽ هوندو هوس. ان ڪري سندس اثر جو دائرو ويو وڌندو.“
پير علي محمد راشديءَ شهيد کي ثابت قدم ۽ بهادر قرار ڏيندي لکيو آهي ته:
”صحيح يا غلط پر سندس رفاقت هڪ ڀيرو ڪانگريس سان ٿي وئي هئي، ان رفاقت کي پڇاڙي تائين قائم رکندو آيو. وزارت وئي ۽ سياست چڪر ۾ پئجي ويئي پر ڪانگريس سان سندس قرابت آخر تائين قائم رهندي آئي.“
”مسجد منزل گاهه متعلق جيڪو فيصلو ڪيائين ان تي آخر تائين قائم رهيو سندس خلاف وڏا طوفان کڙا ٿيا هڪ - ٻه ڀيرو ته پنهنجي زندگي خطري ۾ ڏٺائين پر هڪ دفعي جي معين ڪيل نظريي تان پڇاڙي تائين نه هٽيو“
شهيد جي ساٿي ۽ هڪ سخن سياستدان ۽ سنڌ اسيمبلي جي سابق ميمبر محمد امين کوسي الله بخش سومري کي ڀيٽا ڏيندي سندس عدل ۽ انصاف متعلق هيئن لکيو آهي:
”الله بخش جي حڪومت جي خطا ۽ ٻيو قصور ڇا هو؟ سواءِ ان جي ته سندس حڪومت ۾ ظالم ۽ مظلوم کي ڄاتو ويو.
خدا پناهه ڏئي، جتي عدل و انصاف ۽ حق و صداقت کان خالي حڪمراني آئي، اتي يقيني تباهي و بربادي ۽ زوال آيو. الله بخش عادل ۽ انصاف وارو حڪمران هو. وٽس رعيت جي حقن جي باري ۾ ڪا به ٻيائي ڪا نه هئي. سنڌ وارو توهان برابر هنن واقعن کي وساري ڇڏيو آهي.“
شهيد جو هڪ اهم پهلو وزيراعظم جي حيثيت ۾ انتظامي گرفت، چابڪدمتي ۽ پاليسي پيش ڪري ان تي عمل ڪرائڻ جو آهي. برطانيه جي 19 صدي جي موتبر شخصيت ۽ وزير اعظم محترم بينجمن ڊسرائيلي جو چوڻ آهي ته:
”اهو هڪ عظيم ماڻهو جو ڪم آهي ته جيڪا شي انقلاب مهيا ڪري سگهي ٿو اهو ڪم پاليسي جي ذريعي عمل ۾ آڻي.“
شهيد، سنڌ ۽ سنڌي قوم جي سياسي ۽ سماجي ارتقا ۽ جاڳرتا لاءِ ڪم ڪيو، معاشي طور وڌائڻ لاءِ زرعي سڌار آندا ۽ فڪري طور سنڌ ۾ قومي ۽ انسانيت جي لاٽ ٻاري آهي. اچو ته ان کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ سنڌ جي عظيم سرويچ جي ياد ۾ ميٽنگون ۽ مذاڪرا ڪرايون ۽ ان تي لکي سنڌ ۽ دنيا کي هن جي خيالات ۽ جدوجهد کان واقف ڪريون.
محترم الاهي بخش سومرو، سيد جلال محمود شاهه، بئريسٽر محمد عمر سومرو، ڊاڪٽر ضياءُ الحق شاهه، فادر يونس عالم، سيد غلام شاهه، محترم فضل الله قريشي، محترم اشفاق ميمڻ، محترم نصير ميمڻ، محترم اسد الله ابڙو، محترم هاشم ابڙو، محترم يوسف حيدر شيخ، محترم ساجد الله صديقي، محترم يونس مهر ۽ محترم سليمان جتوئي جو ممنون آهيان.
ٽائيٽل ۽ ڪمپوزنگ لاءِ محترم ظفر آفتاب ابڙو، محترم ڪپتان ابڙو، سارنگ ابڙو ۽ محترم قمر آفتاب ابڙو جو ٿورائتو آهيان.

خادم حسين سومرو