پڄاڙي
برصغير جون سياسي حالتون اهڙيون هيون جو ڪانگريس ۽ مسلم ليگ هڪ ٻئي سان گٿم گٿا هيون، سواءِ هڪ وقت جي جڏهن مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ جناح صاحب اي - بي - سي نظام تي متفق ٿيا پر نهرو جي ڪانگريس جي صدر ٿيڻ کان پوءِ هن اهڙو بيان ڏنو جنهن محمد علي جناح کي مجبور ڪيو ته هو ان طئه ٿيل ڳالهين تان هٿ کڻي وڃي، مولانا ابوالڪلام آزاد پنهنجي ڪتاب ”انڊيا ونس فريڊم“ ۾ ڪانگريس جي صدارت تان هٽي وڃڻ ۽ جواهر لال نهرو کي ڪانگريس جو نئون صدر ڪرڻ کي غلط عمل ڪوٺيو آهي، ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي هن جهيڙي ۾ سنڌ جي ٻن عظيم سياستدانن شهيد الله بخش سومري ۽ سائين جي ايم سيد، انهن جي درميان ٺاهه ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. شهيد الله بخش سومري غير فرقيوارانه جماعت آزاد مسلم بورڊ جي سربراهه هوندي به هميشه ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ٺاهه تي زور ڏيندو رهيو ۽ هن جو خيال هو ته انگريز جو زياده رهڻ جو سبب ئي برصغير جي ٻن اهم سياسي جماعتن جي درميان ڪنهن دانشمندانه سياسي فيصلي تي نه پهچڻ آهي ۽ هن محسوس ڪيو پئي ته انهن ٻنهي جماعتن جي نه ٺهڻ جي ڪري انگريز جي غلامي جو دور نه صرف وڌي رهيو آهي پر انهيءَ جي پٺيان جيڪا نفرت ۽ ڪشت وخون هو اهو ان کي نظر اچي رهيو هو.
سج سڀاڻي جا ڪري سا ساميءَ روءِ،
سائين جي ايم سيد مسلم ليگ جي درميان ڪنهن عزت ڀرئي ٺاهه جي ڳالهه به ڪئي ۽ ان لاءِ ڪوششون به ڪيون.
آگسٽ 1942ع ۾ ”هندستان خالي ڪريو“ جي ڪانگريس تحريڪ کان پوءِ جناح صاحب ان تمام معاملي جي تناظر ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي بمبئي ۾ ميٽنگ سڏائي. ان اجلاس ۾ سائين جي ايم سيد مسلم ليگ جي مرڪزي ڪاميٽي جي ميمبر جي حيثيت ۾ شريڪ ٿيو ۽ هن اجلاس کان اڳ ۾ ڪانگريس جي عورت اڳواڻن ارونا آصف علي، محترما هاٿي سنگهه ۽ سر لاديوي چوڌراڻي سان ان سلسلي ۾ ملاقات به ڪئي ۽ انهن سان اهاڳالهه طئه ٿي ته گانڌي، جناح صاحب سان هڪ بهترين ۽ باوقار ٺاهه لاءِ تيار آهي.
سائين جي ايم سيد اها ڳالهه ميٽنگ ۾ رکي پر ان جي ڳالهه تي ڪو به توجهه نه ڏنو ويو ۽ جناح صاحب ان عمل کي رد ڪيو ۽ سائين جي ايم سيد ان ميٽنگ ۾ ڪانگريس- ليگ ٺاهه تي زور ڀريندي اختلافي نوٽ لکيو.
1945ع ۾ ڪيبينيٽ مشن ۽ وائسراءِ شملا ۾ هندستان جي اڳواڻن کي گهرايو ته هو سياسي مسئلي جو حل ڳولين ۽ ڳالهيون تمام ننڍي ڳالهه تي ٽٽيون، جناح صاحب ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪانگريس جي نمائندگي صرف هندو ئي ڪري سگهن ٿا، جناح صاحب جي ان ڳالهه سان به سائين جي ايم سيد اختلاف ڪندي چيو ته ڪانگريس جو هي اندورني مسئلو آهي ته هو ڪنهن کي پنهنجو نمائندو سمجهن. قومي مسئلي جي متعلق به سنڌ جي هن ٻنهي اڳواڻن جي راءِ هئي ته برصغير جي گهڻ قومي ۽ ثقافتي هجڻ جي ڪري ڍيلي ڍالي فيڊريشن ئي ان جو بهترين حل آهي، شهيد الله بخش سومري آزاد مسلم پارٽي جي صدر جي حيثيت ۾ بيان ڏيندي اها ڳالهه ڪئي هئي ته وفاقي اڪايون پنهنجا سياسي ۽ معاشي مسئلا حل ڪرڻ ۾ آزاد هونديون ۽ سائين جي ايم سيد ڪيبينيٽ مشن ۽ وائسراءِ هند سان 2 اپريل 1946ع ۾ ڪيل ميٽنگ ۾ برصغير جي ڍيلي ڍالي فيڊريشن ۽ وفاقي اڪاين جي سياسي ۽ معاشي خود مختياري جي ڳالهه ڪئي آهي. 40 سال پوءِ شهيد الله بخش سومري ۽ سائين جي ايم سيد جي ڳالهه تي عمل ڪندي ميخائل گوربا چوف سابق صدر متحده روس، قومي مسئلي کي سمجهندي روس ۾ زار بادشاهن جي ڪيل قبضن کي ختم ڪري نئين روس کي جنم ڏنو ۽ اڄ نئون روس سياسي ۽ اقتصادي طور تي اڳتي وڌي ويو آهي. آزاد ملڪ به پنهنجي خوشحالي ۽ ترقي ڏي وڌي رهيا آهن. ميخائل گوربا چوف صرف اهو ڪجهه نه ڪيو پر پهرين ۽ ٻي جنگ عظيم ۾ اوڀر يورپ جا ملڪ جيڪي روس جا تابع بنيا هئا انهن کي پنهنجي اطاعت مان ڪڍيو جنهن جي ڪري اوڀر جرمني ۽ اولهه جرمني پاڻ ملي هڪ ساڳو فطري ملڪ ۽ قوم بنيا.
شهيد سومري جي تقريرن ۽ عمل جي ڪري برطانوي سامراج کي خوف هو، شهيد جو مولانا عبيدالله سنڌي کي جلاوطني ختم ڪرائي سنڌ ۾ گهرائڻ انگريز جي نظر ۾ هڪ باغيانه عمل هو ڇاڪاڻ ته هن انهن جي باغي مولانا عبيدالله سنڌي کي وطن آندو هو.
مولانا صاحب جي سوچ به غيرفرقيوارانه هئي ۽ انگريز محسوس ڪيو ته مولانا جي ذريعي سومري جا مذهبي رواداري جا خيالات وچ اوڀر جي اسلامي ملڪن تي نه اثر ڪن. ان وقت برطانيه جو پنهنجي سامراجيت کي مضبوط ڪرڻ جو وڏو هٿيار فرقيواريت هو. برطانوي سامراج جو خيال هو ته جيڪڏهن مذهبي رواداري جو فروغ برصغير کان ٻاهر نڪري وچ اوڀر تائين پهتو ته پوءِ مستقبل جا جيڪي به هنن جا سامراجي منصوبا آهن، انهن ۾ رڪاوٽون اچي وينديون ۽ قومن جي معاشي ۽ سياسي آزادي جو رستو کلي پوندو.
گورنر سر هيو ڊو جو وائسراءِ کي خط ۾ ذڪر ته الله بخش برطانوي وزير اعظم چرچل جي تقرير جو وائسراءِ کي خط لکي جواب ڏنو آهي، هو ان کان پوءِ پاڻ کي ’بين الاقوامي اڳواڻ سمجهڻ لڳو آهي‘، ان مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو ڪيتري قدر الله بخش سومري مان خوف زده هئا.
دنيا ۾ ڪنهن ملڪ جي سربراهه ٿيڻ سان ماڻهو وڏو نه ٿو ٿئي، هن انگريز سامراج جي گورنر کي ڪهڙي خبر ته وڏي انسان ٿيڻ جا پيمانا ئي ٻيا آهن، دنيا ۾ اهم شيون ٻيون آهن جن جي ڪري انسان اعليٰ بڻجي ٿو، ” هڪ ڪردار ۽ ٻيو فڪر“.
الله بخش سومري جي 43 سال زندگي تي نظر وجهنداسين ته هو ٻنهي ڳالهين ۾ بلند نظر ايندو، شاهه لطيف به ان ڳالهه کي سر مارئي ۾ چيو آهي.
سونهن وڃايم سومرا ميرو منهن ٿيوم
وڃڻ ات پيوم جت هلڻ ناهي حسن رئ
اهو ئي حسن جنهن لاءِ الله بخش سومري پنهنجو سر ته ڏنو پر پنهنجي ڪردار ۽ عمل تي ٽڪو هڻڻ نه ڏنو.
هن صرف برصغير جي لاءِ امن جو پيغام نه ڏنو هو پر دنيا جي سياسي ساخت ۾ اٿل پٿل کي هن پنهنجي تجربي ۽ ڏات سان ڏسندي، 1940ع ۾ دهلي ۾ تقرير ڪندي پنهنجو نقطه نظر پيش ڪيو. اڄوڪي دنيا لفظ ”نيو ورلڊ آرڊر“ کان 1990ع جي ڏهاڪي ۾ واقف ٿي جڏهن آمريڪا ان نئين نظام جي ڳالهه ڪئي، پاڻ پنهنجي تقرير ۾ چون ٿا:
هي ٻي جنگ عظيم”نيو ورلڊ آرڊر“ لاءِ آهي، هي يقيني وڏو پيغام هو ته هي طاقتور ۽ذهين ڌرين جو ڪمزور، پسمانده عوام ۽ قومن کي تابع ڪرڻ جو عمل آهي، هنن کي ته پنهنهجي مفاد کي ڳڻڻو آهي نه لاشن ۽ ملڪيتن جي تباهي کي، اهوئي سبب آهي ته هن وائسراءِ کي لکيل خط ۾ آمريڪا، برطانيه ۽ ٻين قوتن کي جتي سامراجي سڏيو اتي جرمني جي قيادت ۾ وڙهندڙ قوتن کي به نئين سامراج جو پيش خيمو قرار ڏنو.
1940ع جي تقرير ۾ جيڪا ٻي انتهائي اهم ڳالهه آهي.
”حوص ۽ هرس جا نقشا چاهي اهي جمهوريت جي بنياد تي هجن يا آمريت جي بنيادن تي جيستائين انهن کي ويڙِهيو نه ويندو تيستائين امن جنهن لاءِ انسان ذات واجهائي رهي آهي اهو هن ڌرتي تي نمودار نه ٿيندو“. الله بخش جي ان ڳالهه مان اهو واضح آهي ته جتي حرص ۽ هوس هوندو اتي امن ۽ آشتي اچي نه سگهندا. اهو حرص ۽ هوس هو جنهن جي ڪري دنيا ۾ جنگ و جدال ٿيندو رهيو آهي، 20 صدي ۾ ٻه عظيم جنگيون ان جو اهم مثال آهن.
ٻي عظيم جنگ جي هيتري ڪشت وخون کان پوءِ به حوص ۽ هرس هنن کي سرد جنگ (Cold War) ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو ۽ روس ۽ آمريڪا ٻن نون بلاڪن جا اڳواڻ هئا، جيڪڏهن هو ٻي عظيم جنگ مان سبق حاصل ڪري امن ۽ آشتي لاءِ پنهنجون توانائيون صرف ڪن هان ته امن ۽ آشتي اچي ها ۽ انسان ذات سک جو ساهه پٽي هان پر هنن جي ان عمل آمريڪا ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر جهڙو واقعو ڏنو، جنهن دنيا کي معاشي ۽ سياسي طور وڏو نقصان پهچايو ۽ ڪشت و خون جي هولي اڃان تائين جاري آهي. اڳتي ان دلدل مان نڪرڻ جي ڪا به ممڪن راهه نظر ٿي اچي.
ان ساڳئي تقرير ۾ هن چيو ته جارحيت ڪنهن به روپ ۾ هجي اها عقيدي جي بنياد تي هجي يا دنيا کي مهذب بنائڻ جي سبب ڪئي وڃي اها قابل مذمت آهي ۽ هر انسان دوست ان کي نفرت سان ڏسي ٿو. آخر ۾ هن چيو ته انهن ٻن شين حرص ۽ هوس ۽ جارحيت کي ختم ڪرڻ کان سواءِ هن دنيا تي امن نه ٿو اچي سگهي.
الله بخش سومري کي جتي به موقعو مليو ان حرص ۽ هوس ۽ جارحيت جي نشانين کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
هن سنڌ مان جاگيرن ۽ جاگيرداري نظام کي مٽائڻ جي ابتدا ڪندي، ان ۾ اصلاح آڻڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ بل پيش ڪري ان کي اسيمبلي کان منظور ڪرائي ان تي عمل ڪرايو.
اهو سچ ڳالهائڻ ئي الله بخش جي معطلي جو سبب هو پر معطلي انگريز کان هضم نه پئي ٿئي. وائسراءِ جنهن وزير اعظم لاءِ چئي ته تون “صاف گو آهين” ۽ پنهنجي صوبي جي مقبول اڳواڻ کي ان ڪري معطل ڪيو ويو ته غلام قوم مان هو ۽ حق جو پيغام ڏئي رهيو هو.
ڇا سچ چوڻ جو حق صرف حاڪم قوم لاءِ آهي؟ اهو ڪجهه عجيب لڳي ٿو! ان حوالي سان هيٺ آهن لارڊ ايمري جا 5 آڪٽوبر 1942ع جي خط ذريعي وائسراءِ لارڊ لنلٿگو سان ونڊيل خيالات:
”اهو حقيقت جي خلاف ٿيندو جڏهن دنيا ٻڌندي ته وزير اعظم کي لقب واپس ڪرڻ جي ڪري معطل ڪيو ويو آهي. آسٽريليا جي ڊومين ۾ ڊئڪن ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ هر ٽزوگ پروي ڪائونسلري کان انڪار ڪري چڪا آهن. اها حقيقت آهي ته پارليامينٽ ۾ تنقيدڙ ڪندڙ اهو چئي سگهن ٿا ته هڪ وزير اعظم کي ان ڪري معطل ڪيو ويو جو هن چرچل جي بيان کي پسند نه ڪيو.“ 1
ياد رهي ته پارليامينٽ ۾ چرچل جي تقرير کان پوءِ پارليامينٽ جي ميمبر شن ويل چرچل جي تقرير تي تنقيد ڪئي هئي. ڇا ان عمل جي ڪري اُن جي پارليامينٽ جي رڪنيت معطل ڪئي وئي هئي؟ جيڪڏهن نه ته پوءِ اهو چوڻ بجا ٿيندو ته حاڪمن ۽ غلامن لاءِ الڳ قانون آهن. انگريزن جي معطلي بابت اُڻ تُڻ لاءِ 5 آڪٽوبر جي خط جو حاشيو ڏجي ٿو.
آخر ۾ مان اهو چوندس ته اهو انومان ڪري سگهجي ٿو ته جيڪڏهن الله بخش جي ڪردار کي قبول ڪيو وڃي هان ته برصغير ۾ فوجي مداخلت کان بغير جمهوري حڪومتون هجن هان ۽ ڪا به فرقيوارانه جماعت اقتدار ۾ نه اچي هان ۽ نه ئي بنگلاديش جهڙو حادثو ٿئي ها نه ئي عرب دنيا ۾ مذهبي انتها پسندي وڌي ها ۽ نه ئي ورلڊ ٽريڊ سينٽر جو واقعو ٿئي ها.
الله بخش سومرو هن دنيا ۾ موجود ته نه آهي پر هن جو فڪر ۽ عمل جنهن لاءِ هن وزارت اعظميٰ ۽ جان قربان ڪئي اهو موجود آهي.
شاهه لطيف اهڙن عظيم فرزندن کي ڀيٽا ڏيندي فرمايو آهي:
جـــوڳــيـــئڙا جــهــان ۾ نـــــوري ۽ نــــاري
ٻري جن ٻاري، آءُ نــه جــيــئــنــدي ان ريء