ٻيهر وزير اعظم
اڄ ڪلهه جاگيردار ۽ جاگيرون ختم ڪرڻ جون وڏيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ۽ پارٽين جا اهم اڳواڻ ان تي وڏا بيان ڏيئي رهيا آهن، منهنجي خيال ۾ جاگيردار ۽ جاگيرن متعلق انهن کي يا ته ڪا به خبر نه آهي يا دانسته طور پنهنجا عارضي قد وڌائڻ لاءِ اهڙا نعرا هڻي رهيا آهن، منهنجي خيال ۾ جيڪا بنيادي طور جاگيرداري ۽ جاگير جي وصف آهي ان مطابق هتي ڪو به جاگيردار يا جاگير نه آهي. بادشاهتن جي دور ۾ جاگيرون، فوجي جرنيلن ۽ پسنديده ماڻهن کي انعام طور ڏنيون وينديون هيون ۽ جڏهن ڪو ٻيو بادشاهه اهو علائقو فتح ڪندو هو ته اهي جاگيرون هو وري پنهنجي پسنديده ماڻهن کي ڏيندو هو. جاگيرداري ۽ زمينداري ۾ فرق اهو آهي ته جاگيرون مستقل نه آهن ۽ زمينداري ڪنهن حد تائين مستقل آهي ڇو ته اها ذاتي ملڪيت جي ذمري ۾ اچي ٿي. جنهن زمين تان سرڪار ڍل اڳاڙي ٿي يا لينڊ روينيو جي 7 فارم ۾ جيڪا زمين داخل آهي اها جاگيرداري ۾ نه ٿي اچي.
شهيد وزير اعظم ٿيڻ سان پهريون قدم جاگيرداري نظّام ۾ اصلاح آڻڻ جو ڪيو. شهيد سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد آڻي ۽ ان کي منظور ڪرائي، سنڌ ۾ جاگيرادري نظام ۾ اصلاح ڪئي. يادرهي ته ڪانگريس برصغير جي آزادي کان پوءِ جاگيرداري نظام ۾ اصلاح ڪئي.
سومري صاحب جي سنڌ ۾ تبديلي جي هيءَ ڳالهه، مسلم ليگ ۽ ان ۾ شامل جاگيردار، مير گروپ کي نه وڻي ۽ هنن وقت جو انتظار ڪيو. جڏهن الله بخش سومري جي حڪومت ختم ٿي ته انهن اصلاحات کي واپس ڪرڻ لاءِ سر غلام حسين جي وزارت اعظميٰ جي دور ۾ هڪ قرارداد اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سائين جي ايم سيد اهم قدم کڻندي مسلم ليگ جي اهڙي عمل جي مخالفت ڪئي ۽ اسيمبلي ۾ قرارداد آڻڻ کي روڪايو.
الله بخش سومري ٻيو اهم ڪم ڪيو ته هن ڌرتي جي ناسور، فرقيواريت جون پاڙون پٽي. الله بخش سومري ٻين دوستن سان گڏجي، برطانيه جي ”ورهايو ۽ حڪومت ڪريو.“ پاليسي سان مهاڏو اٽڪايو ۽ هن ڪوشش ڪئي ته فرقيواريت جيڪا خراب حالت پيدا ڪئي آهي ان کي بهتر ڪري ۽ بني نوع انسان جي اتحاد لاءِ پنهنجو ڪم جاري رکي. ان سلسلي ۾ هي لاهور ويو ۽ پنجاب جي وزير اعظم سر سڪندر حيات سان مشورو ڪيو.
سر سڪندر حيات ۽ الله بخش سومري جي ملاقات جي تناظر ۾ سنڌ جي گورنر سر هيو ڊو جو وائسراءِ لارڊ لنلٿگو کي خط:
گورنمينٽ هائوس ڪراچي
23 جولاءِ 1941
پيارا لارڊ لنلٿگو
هن مهيني جي 6 تاريخ تي مون الله بخش سومري جي لاهور مان واپسي تي سومري ۽ سر سڪندر حيات جي ملاقات جي تناظر ۾ حال احوال پڇيو، سومري مان مون کي معلوم ٿيو ته سر سڪندر حيات پنهنجي مسلم ليگ سان تعلق ۽ تنظيم جي ٻين ميمبرن تي پنهنجي اثر رسوخ هجڻ جي ڪري پر اعتماد هو ته جنگ جي ڪري ڪهڙيون به حالتون ٿين پر پنجاب ۾ ڪو به فرقيوارانه مسئلو نه ٿيندو، سر سڪندر حيات پنهنجي اتحادي حڪومت ۾ مسلم ليگ ۽ ڪانگريس ورڪنگ ڪاميٽي جي ميمبرن کي گڏ کنيو آهي، الله بخش جي موجب، سر سڪندر حيات، سنڌ جي مسلم ليگين جي هٺ ڌرمي تي حيران هو ۽ ان جو هن سخت نوٽيس ورتو.
ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته الله بخش ان معاملي ۾ ڪمزور آهي، ان جو سبب هي آهي ته هي مسلم ليگ ۾ شامل نه آهي ۽ جيستائين مسلم ليگ تي جناح صاحب جا اختيار آهن، هن جو ان سان ٺهڻ مشڪل آهي.
اوهان جو خير خواهه
هيو ڊو
هن معاملي تي ان ساڳئي رپورٽ ۾ گورنر سنڌ هيو ڊو جا وائسراءِ لارڊ لنلٿگو سان ويچار.
”منهنجي خيال ۾ الله بخش سومرو، ان نتيجي تي پهتو آهي ته مسلم ليگي يا انفرادي طور جيڪو به فرقيواريت جي پرچار ڪري ٿو يا ”يونٽي مومينٽ“جنهن جي لاءِ اسيمبلي مان پئسه به منظور ڪيا ويا آهن ان جي خلاف جيڪي به ڌريون پروپيگنڊا ڪن ٿيون انهن جي خلاف سخت قدم کڻي. مون وٽ ڪو به اهڙو سبب نه آهي جو ان کي ان عمل ڪرڻ کان روڪيان، ان ڳالهه تي عمل جي ممڪن هجڻ کي محسوس ڪندي منهنجي انهن مسلم ليگين جي خدو خال کي بيان ڪرڻ کي اوهان پسند ڪندو.
انهن ۾ اڌ درجن کن اهم آهن جن جي خلاف قدم کڻي صوبي مان اهڙين حالتن کي ختم ڪري سگهجي ٿو، اهي آهن سر عبدالله هارون ايم. ايل اي، سابق صوبائي وزير جي ايم سيد، خانبهادر محمد ايوب کهڙو، شيخ عبدالمجيد، محمد هاشم گذدر ميئر ڪراچي ۽ سابق وزير اعليٰ سنڌ مير بنده علي خان.
انهن سڀني مان مون کي رڳو جي ايم سيد لاءِ احترام آهي، هي انتهائي خطرناڪ ماڻهو آهي. هي هڪ ئي وقت قدامت پسند، ذهين ۽ جرئت مند آهي . هن مان مون کي خوف آهي ۽ اهو ضروري آهي ته مان هن کي قابو رکان، هي ئي سنڌ ۾ تحريڪ جو حقيقي اڳواڻ آهي. هارون وڏو اڳواڻ نه آهي هي پڻ قدامت پسند آهي، هن جو اثر هن جي دولت ۽ حيثيت جي ڪري آهي. هي مضبوط ماڻهون به ناهي، جيڏي مهل هن کي معلوم ٿيو ته سرڪار معنيٰ ”واپار“ ان وقت هي ٺهڻ لاءِ تيار ٿي ويندو. عبدالمجيد هندو مان مسلمان ٿيڻ جي ڪري اهل آهي ۽ هو سياسي هيرا ڦيري جو ڪنهن کي به رستو ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي، کهڙو ايماندار نه آهي بلڪ غرض مند آهي پر مان هن ۾ ڪا به قرباني ڪرڻ جي ڳالهه نه ٿو ڏسان، مسجد منزل گاه جي تحريڪ جنهن کي شروع ڪرڻ ۾ هن جو اهم ڪردار هو جڏهن خطري جي حالت تي پهتي ته هو انتهائي تيار هو ته ان مان پاڻ کي ٻاهر ڪڍي.
گذدر زندگي ۾ پهريون دفعو خراب معاملي ۾ پيو آهي، ان لاءِ اهو ڪافي آهي ته ميئر جي حيثيت ۾ هن جيڪي لکي ڏنو آهي ان تي عمل ڪري، باقي، سابق وزير اعليٰ سنڌ مير بنده علي خان ٽالپر بچي ٿو. هن جو مسلم ليگ سان تعلق عارضي آهي، هن پنهنجي هر سياسي دوست جنهن هن جي وعدي تي هڪ مرد جي حوالي سان اعتبار ڪيو آهي، هن ان سان دوکو ڪيو آهي ۽ صرف هڪ ئي شي جي ان ۾ اميد رکي سگهجي ٿي ته هو انهي عمل کي وري ورجائيندو.
توهان جو خيرخواهه
هيو ڊو
سيد صبغت الله شاهه پير پاڳاري جي ٻيهر گرفتاري
24 آڪٽوبر 1941ع تي سيد صبغت الله شاهه پير پاڳاري کي گرفتار ڪيو ويو، گورنر سنڌ هيو ڊو، سنڌ جي وزير اعليٰ الله بخش سومري سان مشورو ڪرڻ يا اجازت وٺڻ جي بغير ۽ هن جي سنڌ کان ٻاهر بمبئي ۾ هجڻ جو فائدو وٺندي، 24 آڪٽومبر 1941ع تي پنهنجو حڪم جاري ڪري سيد صبغت الله شاهه پير پاڳاري کي گرفتار ڪرايو. برطانوي حڪومت پير صاحب کي هي پهريون دفعو گرفتار نه ڪيو هو بلڪ هن نوجوان پير جنهن کي سنڌ جا ماڻهو”سورهيه بادشاهه“ سڏيندا هئا، خوف منجهان 21 سالن جي عمر ۾ گرفتار ڪرايو هو. پير صاحب هندستان جي مختلف جيلن ۾ 7 سال سزا ڀوڳي 1936ع ۾ سنڌ ۾ واپس آيا هئا.
گورنر جي هن قدم جي خلاف سڄي سنڌ ۾ حر تحريڪ شروع ٿي وئي ۽ رد عمل گورنر ۽ نوڪر شاهي جي سوچ کان مٿانهون ٿيو. سرهيو ڊو جي هن آمرانه عمل پر امن صوبي جي ماحول کي انتهائي مشتعل ڪري ڇڏيو.
الله بخش سومري جو رد عمل فطري هو ۽ هن 19 ڊسمبر 1941ع تي سنڌ اسيمبلي ۾ گورنر جي اختيارن جي غلط استعمال کي غير جمهوري ۽ غير آئيني قرار ڏنو.
”19 ڊسمبر 1941ع تي وزير اعليٰ سنڌ الله بخش سومري، گورنر سنڌ جي روز بروز خصوصي اختيارن جي استعمال جي حوالي سان آئيني اثرن تي سنڌ اسيمبلي ۾ تقرير ڪئي.
”ڪانگريس طرفان وزارت کي قبول ڪرڻ وقت جيڪو مسئلو پيدا ٿيو هو ان جو ذڪر ڪندي، وائسراءِ جي برطانوي حڪومت جي منظوري سان گورنر جي انفرادي فيصلي جي حوالي سان يقين دهاني ڪرايل هئي. خانبهادر ان ڳالهه کي کوليو ته هن گورنر جي اچڻ کان اڳ ۾ جڏهن مون وزير اعظم جي حيثيت سان اقتدار حاصل ڪيو هو ته ان وقت جي گورنر جي ڪا به خواهش نه هئي ته هو خصوصي اختيارات استعمال ڪندي صوبي جي معاملن ۾ مداخلت ڪري، موجوده گورنر خصوصي اختيارن جي استعمال جي مختلف وصف بيان ڪري رهيو آهي.
گورنر محسوس ڪري رهيو آهي ته ايڪٽ جي تحت انفرادي طور تمام مسئلن ۾ جتي هن جي ذميواري ٿئي ٿي هي اختيار استعمال ڪري سگهي ٿو. پڻ هن جو خيال آهي ته جتي به هن جي راءِ وزيرن کان مختلف هوندي، چاهي اهو مسئلو ڪيڏو ئي اهم هجي ۽ وزيرن جي راءِ بيجا ۽ مختلف هجي هن جي خصوصي اختيارن جي ذميواري چاهي ساڳيو مسئلو جنهن ۾ روزمرهه جي اتنظامي معاملي ۾ اختلاف راءِ هجي، هو خصوصي اختيارات استعمال ڪري سگهي ٿو. هز ايڪسيلنسي اهو ڏسي نه رهيو آهي ته جيڪا هن جي خصوصي ذميواري آهي اها وزيرن جي به بنيادي ذميواري آهي.
وزير اعليٰ چيو ته گورنر ان حد تائين هليو ويو آهي جو صوبائي گورنر جن اختيارن کي استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪن ٿا، چاهي اهي مناسبت موجب نه آهن يا اهي هدايت يا برطانوي پاليسي موجب آهن، جيڪڏهن موجوده گورنر جي طرز عمل کي وائسراءِ يا برطانوي حڪومت منظور ڪيو ته اهو هڪ اهم آئيني مسئلو هوندو. هي هائوس منهنجي ان ڳالهه سان متفق هوندو ته وزير رڳو اسيمبلي جي آڏو جوابده آهن نه ٻئي ڪنهن جي آڏو ۽ گورنر سيڪريٽري آف اسٽيٽ جي آڏو جوابده آهي.
وزير اعظم چيو ته گورنر جيڪو رويو اختيار ڪيو آهي ان تي ڪا به”ڏي وٺ“ نه ٿيندي، جيڪڏهن روز مرهه جي معاملن ۾ هو پنهنجا ذاتي فيصلا هلائڻ گهري ٿو ته پوءِ انهن معاملن جي روزانه هڪ فهرست جاري ڪئي وڃي ته ڪٿي اسان جي مفادن ۾ ٽڪراء ٿي رهيو آهي، ان جي معنيٰ اها ٿي ته برطانوي حڪومت جي نمائندي گورنر ۽ عوامي حڪومت جي درميان توازن ماپيو وڃي، هڪ لمحي لاءِ اهو خيال به نه ٿو ڪري سگهجي ته ڪانگريسي وزارتون جتي آهن اتي گورنر خصوصي اختيارات استعمال ڪندي صوبائي معاملن ۾ مداخلت ڪري پر اتي اها ڳالهه ڏٺي وڃي ٿي ته چاهي اهليت جي بنياد تي ڳالهه هجي انهن صوبن ۾ گورنر مداخلت نه ٿو ڪري ڇاڪاڻ ته اتي هڪ جماعت جي حڪومت آهي. ان مان اها ڳالهه ثابت ٿي ته برطانوي سرڪار پنهنجا اختيارات ختم ڪرڻ نه ٿي گهري ۽ هن جي خواهش آهي ته جيستائين ممڪن آهي اختيارن کي پاڻ وٽ رکي.
وزير اعظم ڳالهه جاري رکندي چيو ته قانوني طرح هائوس پڇا ڪري سگهي ٿو ته وزارت ان تذليل جي حالت ۾ به آفيس ۾ ويٺي آهي، هن چيو ته هي جڏهن دهلي ويو هو ته ان گورنر جي خصوصي اختيارن جي استعمال تي وائسراءِ سان شڪايت ڪئي هئي، وائسراءِ جي اعلاميه ۾ اها ڳالهه واضح ڪئي وئي ته گورنر ۽ وزيرن جي درميان جيڪا به لکپڙهه ٿئي ٿي ان کي ظاهر ڪري سگهجي ٿو، آءُ جڏهن واپس آيس ته مون فيصلو ڪيو ته سڀئي ڳالهيون هائوس جي سامهون رکان، ليڪن گورنر مون کي مشورو ڏنو ته هڪ ٻئي سان سهمت نه هجڻ جو معاملو سيڪريٽري آف اسٽيٽ ڏانهن موڪليو وڃي ۽ اسان ان جي فيصلي جو انتظار ڪريون، وزير اعظم چيو ته حالانڪ اسان کي اهو چيو ويو آهي ته مان ذاتي طور سمجهان ٿو ته اهو ضروري نه آهي ته چڙچڙهاٽ جي حالت جي ڪري استعيفيٰ ڏجي. جيڪا وائسراءِ ڳالهه ڪئي آهي، ان جو انتظار ڪجي، مزيد معلومات حاصل ڪجي ۽ مڪمل جواب تائين برطانوي سرڪار جي ان معاملي تي رويي جو انتظار ڪجي، ان کان پوءِ هائوس کي اعتماد ۾ وٺندي، ٿيندڙ معاملن کان واقف ڪيو ويندو ته هو اهليت جي بنياد تي فيصلو ڪن ته جيڪا ڳالهه وزيرن ڪئي آهي اها درست آهي يا گورنر جيڪي فيصلا ڪيا آهن اهي ملڪي مفادن ۾ آهن يا نه، هن ڳالهه پوري ڪندي چيو ته، اسان وزير اڃان تائين حتمي نتيجي تي نه پهتا آهيون پر اسان اهي واقعا سيڪريٽري آف اسٽيٽ کي لکت ۾ موڪلي رهيا آهيون.“
ان دوران حر تحريڪ پنهنجي جوڀن تي پهتي ۽ برطانوي حڪومت اره زورائي ڪندي حرن جو قتل، انهن کي جيل ۾ وجهڻ ۽ انهن جون زمينون کسڻ روزمرهه جو معمول بنائي ڇڏيو هو، پر سر جو سودو لڳائڻ وارا حر ”ماءُ ۽ مرشد“ تان سر ۽ مال گهورڻ جو وچن ڪري چڪا هئا، انهن کي هي ڪوٽ ۽ ڦاسيون روڪي نه سگهيون نيٺ آخري حربي طور برطانوي سرڪار سنڌ جي ڪجهه حصن ۾مارشل لا هنئي.
الله بخش جا مخالف جن سندس پهريون دفعو سنڌ جو وزير اعظم ٿيڻ تي” اسلام خطري ۾“ جي پروپيگنڊا ڪئي هئي، انهن حر تحريڪ جي خلاف برطانوي سرڪار جي قدمن کي الله بخش سومري جي ذمي لڳائڻ جي پروپيگنڊا ڪئي ۽ ان پروپيگنڊا جي اثر سنڌ ۾ هڪ وڏو واقعو الله بخش سومري جي شهادت جي صورت ۾ ڪرايو.
سر هيو ڊو ۽ سنڌ جي آخري گورنر سر فرانسس موڊي ۽ سرحد جي گورنر ڪائرو کي برصغير جا بدنامه گورنر سمجهيو ويندو هو. تاريخ جا ورق ورائيندي هڪ ڳالهه ضرور ڪرڻ گهران ٿو ته اهو سر فرانسس موڊي هو جنهن 1946ع ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سائين جي ايم سيد کي وزير اعليٰ بڻجڻ نه ڏنو ۽ جنوري 1946ع ۾ منتخب اسيمبلي کي ڏهن مهينن ۾ ٽوڙيو ڇاڪاڻ ته هو جي ايم سيد کي وزير اعليٰ نه ڏسڻ پيو چاهي.
حقيقت ڇا آهي ان کي مان ان وقت جي گورنر سر هيو ڊو، جنهن جي هوڏ ۽ انانيت پسندي جي ڪري حر تحريڪ شروع ٿي بيان ڪرڻ گهران ٿو.
سر هيو ڊو جو سنڌ جي حالتن تي وائسراءِ لارڊ لنلٿگو کي خط.
گورنمينٽ آف سنڌ
21 سيپٽمبر 1942ع
پيارا لارڊ لنلٿگو
مون کي اهو معلوم ٿيو آهي ته سنڌ مسلم ليگ جيڪا گذشته فيبروري کان مارشل لا هڻڻ جو مطالبو ڪري رهي هئي ۽ مارشل لا لڳائڻ تي هنن سرهائي ظاهر ڪئي هئي، اها مارشل لا هٽائڻ جو مطالبو ڪري رهي آهي. اهو ان جي ڪري نه آهي ته حر تحريڪ کي مات ڪيو ويو آهي پر ان جي ڪري آهي ته ان جماعت جي ٻن اڳواڻن جي ايم سيد ۽ خانبهادر محمد ايوب کهڙو جا حرن سان تعلقات آهن ۽ مارشل لا اختياريون انهن جي خلاف جانچ ۾ مصروف آهن. هنن جي تحريڪ خطرناڪ ٿي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته جيڪي مسلم ليگي پير جي جماعت جي مخالفت ڪري رهيا هئا، اهي حرن سان ٺاهه ڪرڻ چاهين ٿا ته جيئن حرن جو رخ هندن جي خلاف ڪيو وڃي، ”مسلم ليگي الله بخش سومري کي مارشل لا جي ناخوشگوار واقعن جو ذميوار قرار ڏيڻ ۾ تمام بي احتياط آهن“.
هيو ڊو
وائسراءِ جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ لارڊ ايمري کي لکيل خط ۾ سنڌ جي گورنر سرهيو ڊو جي وزير اعظم سنڌ الله بخش سومري بابت ڏنل راءِ:
نئي دهلي
6 آڪٽومبر 1942ع
”ڊو جي راءِ آهي ته سنڌ مان حر تحريڪ ختم نه ٿي آهي. ڪوشش ٿي رهي آهي ته معاملي کي گرم رکيو وڃي، حرن لاءِ هندو پريس ۽ وزيرن جي طرفان هلڪي همدردي ۽ الله بخش سومري جي طرفان به همدردي جا بيان جاري ڪيا ويا آهن“
ياد رهي ته جيستائين الله بخش سومرو وزير اعظم سنڌ هو، برطانوي سرڪار سيد صبغت الله شاهه پير پاڳاري تي ڪنهن به ڪورٽ ۾ ڪيس هلائڻ جي جرئت نه ڪئي، الله بخش سومري کي هٽائڻ کان پوءِ ئي هو ڪيس هلائڻ جو فيصلو ڪري سگهيا.
. . . . . . . . . . . .
الله بخش سومري جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ جلد ئي 1942 ۾ برصغير ۾ سياست جو رخ انتهائي تيز ٿي ويو سنڌ ۾ حر تحريڪ کان سواءِ ٻيا مسئلا به اڀري آيا جي سنڌ جي معاشي ۽ سياسي حالتن تي اثر انداز ٿيا.
ٻوڏ
هندستان خالي ڪريو تحريڪ
ٻوڏ جي حوالي سان اڄ به اتر سنڌ جا ماڻهو جڏهن به ٻوڏ کان متاثر ٿيندا آهن ته هو الله بخش کي ياد ڪندا آهن.
شڪارپور شهر کي ٻڏڻ جو خطرو هو ۽ سومري صاحب کي ٻڌايو ويو ته شڪارپور شهر کان اڳتي ڪٿي ڪٽ ڏئي شهر کي بچائي سگهجي ٿو، سومري صاحب حڪم ڏنو ته جتان منهنجون زمينون آهن اتان پاڻي کي موڙي شهر کي بچايو وڃي.
الله بخش صرف اها قرباني نه ڏني پر ٻوڏ کان بچاءُ جا انتظام ۽ متاثرين جي جنهن نموني مدد ڪئي اهو تاريخ جو هڪ اهم باب آهي.
الله بخش سومرو ۽ ان جا سياسي دوست آزاد مسلم بورڊ جي پليٽ فارم تان اڳئي اقتدار جي منتقلي جو مطالبو ڪري رهيا هئا. هي ان سلسلي ۾ ڪيترين ئي ميٽنگن ۾ شريڪ ٿيو ۽ هن برصغير ۾ پر امن ماحول آڻڻ لاءِ وائسراءِ، لارڊ ڪرپس ۽ ڪانگريس اڳواڻن سان خط و ڪتابت ۽ ملاقاتون ڪيون.
ان سلسلي ۾آزاد مسلم بورڊ جي هڪ ميٽنگ مارچ 1942ع ۾ دهلي ۾ ٿي گذري، ان ۾ بورڊ مطالبو ڪيو ته برصغير کي هڪدم آزاد ڪيو وڃي.
وائسراءِ لارڊ لنلٿگو جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ لارڊ ايمري کي تار:
نئي دهلي
2 مارچ 1942ع
39. D. 42- هيٺ آهي نام نهاد آزاد مسلم بورڊ جي قرارداد جو متن، هي ميٽنگ 28 فيبروري کان 1 مارچ تائين دهلي ۾ الله بخش سومري جي زير صدارت ٿي گذري. ان ميٽنگ ۾ فضل حق، آصف علي، افتخار الدين، نوري، (سابق وزير بمبئي سرڪار) ۽ ابراهيم (سابق وزير متحده صوبه جات) شريڪ ٿيا.
”هندستان هن جنگ ۾ ڪو به پري جو تماشائي نه آهي بلڪ انتهائي خطري جي حالت ۾ آهي، اهي جيڪي هن جارحيت جي زد ۾ آيا آهن انهن جي قسمت موڙڻ ۽ جدوجهد ڪرڻ لاءِ هندستان جي تمام ماڻهن کي گڏ ڪرڻ ۾ ڪا به ڪثر ڇڏي نه ويندي. انهن کي همت ڏياري ويندي ۽ ان جي قوت ملڪ کي بچائڻ جي ڪم لاءِ تيار ڪئي ويندي ۽ جارحيت کان آزاد دنيا ۾ آزادي کي مستحڪم ڪيو ويندو، بورڊ جو اهو خيال آهي ته هندستان ۾ اها عام راءِ آهي ته ملڪ کي ماتحتي مان نڪرڻ گهرجي ۽ اهو مقصد جيڪڏهن حاصل ٿي ويو ته انهن کي آزادي جا مزا ماڻڻ جو حق ملندو جيئن ٻيا ملڪ، برطانيه ۽ ان سان واسطيدار ملڪ ماڻي رهيا آهن، نون مسلم تنظيمن جي نمائندگي ڪندي ۽ هندستان جي اڪثر عوام جي آواز ٿي بورڊ ان مطالبي جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. . . . . . . . . . . . . .
بورڊ پڻ هڪ قرارداد منظور ڪئي ۽ ان ۾ چيو ته قريبن تمام مسلمان ملڪن جي آزادي، ڀنگ ڀرڻ لاءِ روڪي وئي آهي، اسان جي جنگ جي متاثر ملڪن ۽ ٻين ملڪن جي باسين سان دلي همدردي آهي ۽ اميد آهي ته مصر، فلسطين، شام، عراق ۽ ايران هن بري حالت مان نڪري جارحيت ۽ ناجائز استعمال کان آزاد دنيا ۾ مضبوطي ۽ آزادي ماڻيندا.
آزاد مسلم بورڊ جي ميٽنگ جي حوالي سان وائسراءِ لنلٿگو جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ لارڊ ايمري کي تار.
نئي دهلي.
7 مارچ 1942ع
No-557-G - توهان جي تار جي حوالي نمبر 4017، تاريخ 4 مارچ، آل انڊيا آزاد مسلم ڪانفرنس.
”هن اجلاس جو آصف علي منتظم هو، جنهن قرارداد کي ٺاهڻ ۽ پريس ۾ ڏيڻ جو بندوبست ڪيو”نو مسلم تنظيمون“ جن جو قرارداد ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي، انهن جي تمام سڃاڻپ نه ٿي ڪري سگهجي.
پر انهن ۾ احرار، جمعيت العلماءِ هند، شيعه انتها پسند، هڪ حصو ”مومن“ جماعت جو، اتحاد ملت ۽ ريڊ شرٽس، انهن مان ڪا به تنظيم اهم نه آهي، ۽ انهن جو ميلاپ بناوٽي آهي. انهن ۾ اثر رکندڙ غير ڪانگريسي مسلمان، الله بخش سومرو ۽ فضل حق آهن.
مسلم ليگ جا اسيمبلي ميمبر ڪڏهن به ڳڻي نٿا سگهجن ۽ انهن جو مڪمل تخمينو نه ٿو لڳائي سگهجي. مسلم ليگ جي ٻاهر ۽ اسيمبلي ۾ حمايت جي تفريق ڪرڻ گهرجي. بنگال ۾ 112 نشستن مان فضل حق کي اڌ کان وڌيڪ اڪثريت آهي ليڪن هن جي اڪثريت ذاتي بنياد تي آهي ۽ بنگال مسلم ليگ جو نئين اليڪشن جو مطالبو اهم آهي. پنجاب ۾ مسلمانن جي 84 نسشتن مان رڳو 12 مخالف ڌر ۾ آهن، باقي سر سڪندر حيات جي سر مهر قيادت ۾ مسلم ليگي ميمبر آهن. سنڌ ۾ ذاتي مفاد تي ٻڌل گروهه ٻين گروهن کان وڌيڪ مضبوط آهن، مسلمانن جي 33 نشستن مان اڌ الله بخش سومري سان آهن ۽ 11 مسلم ليگ جا ميمبر آهن.
صوبه سرحد ۾ مسلم ليگ ڳڻپ ۾ نه آهي، مسلم اقليتي صوبن ۾ جناح جي مضبوط حمايت آهي. بنگال ۽ پنجاب ۾ اسيمبلي کان ٻاهر مسلم ليگ کي وڌيڪ حمايت حاصل آهي. آسام ۽ سنڌ ۾ جيڪي به ليگ دعويٰ ڪري، اتي ٻي مسلم تنظيم نه آهي.
”مومن جماعت“ جو ڪو به اثر نه آهي ۽ هن جماعت جا اڪثر ميمبر مسلم ليگي آهن
”احرار“ قوم پرست مسلمانن ۾ هٿيار بند آهن ۽ ڪانگريس جي حمايت ڪن ٿا ۽ عدم تعاون جي تحريڪ کي به هنن جي مڪمل حمايت آهي. 1940ع ۾ قريبن 5000 هزار والنٽيئرن جي تنظيم هجڻ جي ڪٿا ڪئي وئي هئي. هنن جو مضبوط ڳڙهه، پنجاب، صوبه سرحد ۽ متحده صوبه جات آهي.
جمعيت العلماءِ هند جي اڳواڻ حسين احمد مدني، جمعيت العلماءِ جي 13 سيشن کي خطاب ڪندي چيو ته آئيني طور تي برصغير جي سياسي مسئلي جو حل، وفاقي طرز حڪومت آهي.
شيعا هندستان جي مسلمانن ۾ اقليت ۾ آهن ۽ سني اڪثريت جي خوف کان هو مسلم ليگ جي مخالفت ڪن ٿا، مسلم ليگ جي شيعه مخالف گروپن کي شيعه فرقي جو مڪمل طور نمائندو نه ٿو سمجهي سگهجي، ڪيترائي اهم شيعا شخصيتون جناح سميت مسلم ليگي آهن.
آل انڊيا مومن ڪانفرنس جي ميٽنگ ڪانپور جي مرڪز ۾ ٿي گذري جنهن ۾ ڪورين جي سماجي، سياسي ۽ معاشي ترقي جي ڳالهه ڪئي وئي (مومن طور سڃاتا وڃن ٿا)
اتحاد ملت، نيري رنگ جي والنٽيئرن طور سڃاتي وڃي ٿي، 1935ع ۾ مولانا ظفر علي خان ان تنظيم کي ٺاهيو ته سکن کان لاهور واري مسجد شهيد گنج جو قبضو ڇڏايو وڃي.“
الله بخش سومري، فضل حق ۽ خان صاحب طرفان اقتدار جي منتقلي جي حوالي سان هڪ ٻي تار:
پنل کي ٽرن بل جي طرفان
انڊيا آفيس
10 مارچ 1942ع
وزير اعظم هيءَ تار، فضل حق، خان صاحب ۽ الله بخش سومري کان وصول ڪئي آهي.
”هي ڏکيو وقت جيڪو انڊيا تي حملي جي خطري جي صورت ۾ پيدا ٿيو آهي. ان ڪري اقتدار جي حقيقي منتقلي جو مطالبو ڪري ٿو ۽ آزادي کي تسليم ڪندي ان جي حقيقي نمائندن تي مشتمل هڪ نمائنده حڪومت قائم ڪئي وڃي، جيڪا مڪمل اختيار حاصل ڪندي، ملڪ جو بچاءَ آزاد ۽ جمهوري حڪومتن جي تعاون سان ڪندي جارح جو مقابلو ڪري.
اها هندستان جي مسلمانن جي به پڻ راءِ آهي. جيڪڏهن توکي ڪو به اعتراض نه هجي ته وزير اعظم جي طرفان وصول ڪرڻ جو اطلاع ڏيڻ فرمائيندا.“
ان دوران برطانوي حڪومت هندستان جي مستقبل بابت راءِ جو اظهار ڪندي پنهنجي نمائندي سر سٽافرڊ ڪرپس کي هندستان موڪليو ته هو جنگ کان پوءِ برصغير جي آزادي لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪري، وزير اعظم سنڌ ۽ آزاد مسلم بورڊ جي صدر جي حيثيت ۾ الله بخش سومري کي به ڪرپس مشن سان ملاقات ڪرڻ لاءِ دهلي ۾ اچڻ جي دعوت ڏني وئي.
سيڪريٽري ڊومينن معاملات جو نوٽ.
11 ڊائوننگ گهٽي، ايس - ڊبليو - آءِ
7 مارچ 1942ع
تاج برطانيه جي حڪومت طرفان، هندستان جي مستقبل جي حڪومت جي حوالي سان مان جنگ جي وزارت کي غور ڪرڻ لاءِ هڪ مزيد تبديل شده مسودو هندستان جي وزيرن جي ڪاميٽي طرفان پيش ڪري رهيو آهيان.
C. R. A
265 - انيڪس
شهنشاهه جي سرڪار، ملڪ ۾ بيچيني کي محسوس ڪندي ۽ مستقبل جي هندستان جي حوالي سان ڪيل واعدو نڀائڻ خاطر، مختصر ۽ صاف شرطن جي بنياد تي قدم کڻي خود مختيار حڪومت بنائي، هن قدم کڻڻ جو مقصد آهي ته هندستان جي يونين ٺاهجي جيڪا (Domain) بادشاهه جي تابع رهندي تاج برطانيه ۽ ٻين ڊومينن سان برابري جي بنياد تي منسلڪ هجي ۽ ڪنهن به صورت ۾ اندورني توڙي بيروني معاملن ۾انهن جي تابع نه هجي.“
لارڊ ايمري طرفان وائسراءِ لارڊ لنلٿگو کي هڪ ٻي تار.
انڊيا آفيس
12 مارچ 1942ع
اميد ته لارڊ ڪرپس هوائي جهاز ذريعي 21 يا 22 مارچ تي ڪراچيءَ پهچندو پر پڪي تاريخ جو تو کي بعد ۾ ٻڌايو ويندو، هن سان گڏ ٽرن بل، اي. ڊي .ڪي اوون ۽ گراهم سپري سيڪريٽري طور هوندا، اوهان جو ٿورائتو ٿيندس جيڪڏهن اوهان اعتماد جوڳي سيڪريٽريٽ انهن کي مدد ڪرڻ لاءِ جوڙيندا.
جيڪڏهن تون راضي آهين ته پوءِ هي توسان گڏ ٻه ڏينهن يا وڌيڪ گذاريندو ۽ تو سان، ڪمانڊر انچيف، گورنرن، ڪائونسل جي ميمبرن ۽ ٻين سرڪاري مشوري ڏيندڙن سان ۽ ٻين جن کي تون اهل سمجهين ملاقات ۽ بحث لاءِ ملندو. هن خصوصي طور تي هالٽ، هربرٽ ۽ ليوملي سان ملاقات لاءِ چيو آهي پر اها ڳالهه شڪ ۾ آهي ته جيڪڏهن هي دهلي اچي ٿو ته هي ٻين گورنرن سواءِ ڪننگهام جي ملاقات ڪندو يا نه.
ان کان پوءِ هو خانگي گهر ۾ منتقل ٿي هندستاني اڳواڻن سان ملاقات ڪندو، هي ٻن هفتن کان مٿي اتي نه ترسندو سواءِ ان جي ته جنگي وزارت جي پاليسي موجب ڪنهن خاص ڪم لاءِ هن کي رهڻو پوي. جيڪڏهن ڳالهه ٻولهه نتيجه خيز ٿي رهي آهي ته هي وڌيڪ رهندو، هي صوبن جو دورو نه ڪندو پر ضرورت ۾ هي ڪري به سگهي ٿو. هن جي خواهش آهي ته هي دهلي ۾ ئي اهم ۽ اثر رسوخ رکندڙ ماڻهن سان ملاقات ڪري. هن جي خواهش آهي ته ابتدائي طور هي انهن ماڻهن سان ملاقات ڪري جن جا نالا پيرا نمبر 4 ۾ لکيل آهن ۽ هي خوش ٿيندو ته جيڪڏهن تون انهن ماڻهن کي چئين ته هو 26 مارچ کان 5 اپريل تائين دهلي اچن . هن جي خواهش آهي ته ڪنهن کي به اهو موقعو نه ڏنو وڃي ته هو مختصر وقت جي ڪري دهلي اچي نه سگهي، اهو بهتر ٿيندو ته وقت اچڻ مهل ئي انهن دعوت نامن کي موڪلجان، ڪرپس شايع شده فهرست ۾ وڌيڪ واڌ چاهيندو ۽ تو طرفان تنهنجي ڪائونسل جي ڪنهن به ميمبر سان ملاقات ڪرڻ جي تنهنجي خواهش تي ان سان ملاقات ڪندو.
فهرست:
ڪانگريس: آزاد، نهرو، راج گوپال آچاريه، پنت، کير، خان صاحب
مسلم ليگ: جناح، سڪندر، ناظم الدين ۽ سعدالله
اعتدال پسند: سپرو ۽ جيڪر
غير مسلم ليگي مسلمان: فضل حق، الله بخش
مهاسڀا: ساوارڪر
هيٺيون طبقو: امبيڊڪر
ليبر: جوشي
سک: گورنر پنجاب جيڪي هڪ يا ٻه نالا ڏئي
رياستون : نوان نگر، ڀوپال، بيڪانير، ڪشمير،ڇتاري ۽ ڪرشنا ماچاري
الله بخش سومري، ڪرپس مشن جي حوالي سان 12 مارچ تي سنڌ اسيمبلي ۾ بيان ڏنو.
”مان سياسي ۽ فرقيوارانه تنظيمن کي گذارش ٿو ڪريان ته مادر وطن جي بهتري ۽ ڪامن ويلٿ ۾ آزاد قوم جي حيثيت سان هجڻ ۽ برصغير جي مستقبل جي آئين جي حوالي سان ڪرپس سان تعان ڪيو وڃي. محترم چرچل جي اعلان کي هتي جي سکر ماڻهن دل سان مڃيندي سمجهيو آهي ته برصغير جي آئيني مسئلي جي حل لاءِ اهو هڪ اهم قدم آهي. ڪرپس کي موڪلڻ اميد پيدا ڪئي آهي ته مستقل مفاد ۽ جماعتون جيڪي تنازعي ۾ آهن اهي عقل کان ڪم وٺندي مسئلن کي باهمي رضامندي ۽ تعاون جي جذبي سان حل ڪندا. ذاتي ڳالهه ٻولهه تالابندي کي ختم ڪرڻ جو رستو ڪڍندي. ڪرپس ڪيترا ئي اهڃاڻ ڏنا آهن ته هو بر صغير جي آزادي ۾ مدد ڪندو، اها ڳالهه اهم آهي ته هي صرف سفير ٿي نه اچي رهيو آهي پر هي تاج برطانيه جي طرفان مليل مڪمل اختيارن سان اچي رهيو آهي.“
الله بخش بيان ڏئي ڪرپس مشن کي آزادي جي حوالي سان سٺو سوڻ قرار ڏنو پر آزاد مسلم بورڊ جي الله بخش جي زير صدارت 2 مارچ 1942ع جي قرارداد کي انگريز اختيارين بد سوڻي ۽ سندن مستقبل جي مفادن ۽ منصوبن لاءِ نقصان ڪار سمجهيو هو.
الله بخش سومري جي هنن خيالن کي يقيني طور سامراجي ذهنيت جي مالڪ برطانوي اختيارن هڪ باغي جا خيال ئي سمجهيا هوندا. هنن سمجهيو هوندو ته هڪ ننڍي صوبي جو سياسي ماڻهو اسان دنيا جي مالڪن کي نصيحت ڪري رهيو آهي. انهن الله بخش سومري جي ڳالهه ڏي توجهه ته نه ڏنو پر وائسراءِ پنهنجي طور يا مٿان جي حڪم تي الله بخش سومري جي ڪرپس مشن سان ملاقات ۾ به روڙا اٽڪايا هئا ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد جي زور ڏيڻ تي ڪرپس مشن الله بخش سومري سان ملاقات ڪئي. مولانا صاحب پنهنجي ڪتاب ”انڊيا ونس فريڊم“ ۾ هيئن بيان ڪيو آهي.
”ڪرپس جي حوالي سان بي بي سي تي جيڪو اعلان ٿيو هو ان نقطن تي اسان ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. ان وقت جيڪو بيان ڏنو ويو هو، ان ۾ اهو واضح هو ته هندستان کي موقعو آهي ته هو پنهنجي قسمت جو فيصلو ڪري ۽ اها لکت هئي جيڪا ڪرپس پهرين ملاقات ۾ ڏيکاري پر ڳالهه ٻولهه جي دوران جيڪو ابتدائي رويو ، اعتماد ۽ اميد هئي اها آهسته آهسته فضول لڳي رهي هئي.
رويي ۽ ماحول تبديل ٿيڻ جا ٻيا به سبب هئا، ڪرپس هندستان ۾ اچڻ کان اڳ ۾ وائسراءِ کي چيو هو ته ملاقات لاءِ دعوت ڏنل سياسي اڳواڻن الله بخش سومري سميت سڀني کي دعوت نامون ڏنو وڃي. اهو عيان آهي ته ڪرپس هندستان ۾ اچڻ کان پوءِ پنهنجو رويو تبديل ڪيو. شايد، وائسراءِ هائوس جي اثر جي ڪري، الله بخش دهلي ۾ وائسراءِ جي دعوت تي آيو ۽ سر اسٽافرڊ ڪرپس سان ملاقات لاءِ انتظار ڪندو رهيو پر ملاقات جو وقت طئه نه ڪيو ويو ان هڪ خراب ماحول پيدا ڪيو. مان ان معاملي تي ڪرپس سان ڳالهايو ۽ هن مونکي چيو ته هو جلد ئي الله بخش سان ملاقات جو وقت رکي ٿو. الله بخش جي ملاقات جي حوالي سان ڪرپس وعدو نه پاڙيو ۽ الله بخش مايوس ڪن صورت حال جي پيش نظر چيو ته هو وڌيڪ انتظار نه ڪندو. مون جڏهن اهو ٻڌو ته مون ڪرپس سان سختي سان ڳالهايو ۽ چيو ته الله بخش جي متعلق توهان کي ڪي تحفظات هئا ته پوءِ ان کي ملاقاتين ۾ شامل ئي نه ڪيو ها. اها الله بخش سان بدتميزي نه آهي پر مسلمانن جي هڪ تنظيم ۽ ان جي صدر سان آهي. منهنجي مداخلت جي ڪري الله بخش ۽ ڪرپس درميان ٻئي ڏينهن ملاقات رکي وئي. ملاقات هڪ ڪلاڪ تي مشتمل هئي ۽ ان ۾ اصل مسئلن جي بجاءِ عام معاملن تي ڳالهه ڪئي وئي ۽ ڪرپس حقيقي معاملن تي نه ڳالهايو.
هن واقعي مون تي خراب اثر ڪيو. مون محسوس ڪيو ته ڏکين معاملن تي بحث ڪرڻ جو اهو طريقو ڪار غلط آهي. منهنجي خيال ۾ ڪرپس جو رويو موتبر شخص وارو نه هو. الله بخش سومري کي دعوت هندستاني سرڪار جي مشوري کان سواءِ جاري نه ڪئي وئي هوندي. جيڪڏهن ڪا تڪليف هئي ته اها سڌي طرح الله بخش کي ٻڌائي وڃي هان ته هو دهلي ۾ ايترو انتظار نه ڪري هان.“
الله بخش سومري جي سنڌ واپس اچڻ کان پوءِ سنڌ جي گورنر سرهيو ڊو سان ملاقات ٿي ۽ ان ۾ سندس ڪرپس مشن سان ملاقات جو به ذڪر آيو گورنر سر هيو ڊو پنهنجي رپورٽ ۾ وائسراءِ سان ان ملاقات جو ذڪر ڪيو آهي.
گورنمينٽ هائوس ڪراچي
25 اپريل 1942
”اها حقيقت تي مبني ڳڻتي آهي ته ڪرپس مشن ناڪام ويو آهي. الله بخش جنهن ڪرپس مشن سان ملاقات ڪئي هئي. ان مونکي ٻڌايو ته مون ڪرپس مشن کي چيو ته بچاءِ کاتي کان سواءِ تمام معاملن تي هڪ وڏي ڪائونسل حقيقي وزارت هوندي، اها ان ڳالهه جي مجاز هجي ته هو اڪثريتي فيصلا ڪري ۽ ان ۾ وائسراءِ کي ويٽو ڪرڻ جو ڪو به اختيار نه هجي. هن زور ڏيندي چيو ته بحث ختم ڪرڻ وقت، ڪرپس اصل ڳالهه تان پوئتي هٽي ويو. ان مان هن اندازو لڳايو ته اهو وائيٽ هال جي هدايتن تي ئي ڪيو ويو آهي. اهو خيال پريس ۾ ڦهلايو ويندو. جيڪڏهن ان ڳالهه جو ڪو بنياد نه آهي ته منهنجو خيال آهي ته اهو اهم ٿيندو ته ان جي ترديد ڪئي وڃي پر ممڪن آهي ته هائوس جي ايندڙ اجلاس ۾ بحث ان سوال کي صاف بيان ڪندو.“
الله بخش سومري جي ڪرپس سان برصغير جي سوال تي ڳالهه ٻولهه مان واضح آهي ته هو برطانيه ۽ هندستان جي سياسي اڳواڻن ۽ جماعتن جي درميان هڪ بهترين حل جو خواهشمند هو ۽ ان لاءِ ڪوششون به ڪري رهيو هو ۽ هنن الله بخش سومري جي راءِ ڏانهن توجهه نه ڏنو ۽ ٿيو ڇا پنجن سالن کان بعد هنن کي هندستان کي خالي ڪرڻو پيو، هنن جي ان تڪڙي روانگي کي ٻي جنگ عظيم جي ويڙهاند جي هيري ۽ برطانوي وزير اعظم، سر ونسٽن چرچل "Shameful Flight"بي شرمي واري روانگي قرار ڏنو آهي.
خان عبدالولي خان ان برطانوي هوڏ کي پنهنجي ڪتاب facts are facts ۾ هن طرح بيان ڪيو آهي:
”هي سنڌ جي وزير اعليٰ الله بخش سومري سان تعلق رکي ٿو، اهو ذڪر ٿيل آهي ته قوم پرست مسلمانن جو هڪ اجلاس دهلي ۾الله بخش سومري جي زير صدرات ٿيو هو. ان وائسراءِ کي ڪاوڙائي ڇڏيو. سومري جو مسلم ليگ سان ڪو به واسطو نه هو ۽ هو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر هو. وزير اعليٰ جي حيثيت ۾ هو وائسراءِ جي ڊفينس ڪائونسل جو ميمبر هو. هن ڪنوينشن کان پوءِ وائسراءِ جو هن سان رويو صرف سخت نه ٿيو بلڪ موتبر ماڻهن وارو به نه هو، وائسراءِ جي چوڻ تي، فرقيوارنه مسئلي جي حل لاءِ سومري ڪجهه تجويزون وار ڊفينس ڪائونسل جي آڏو پيش ڪيون، هن اهو به مشورو ڏنو ته جواهر لال نهرو ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد جيڪي ان وقت جيل ۾ هئا انهن کي آزاد ڪيو وڃي، وائسراءِ لکيو آهي ته 11 آڪٽوبر 1941 جي خط ۾ ڇا ڇا ٿيو.
”جڏهن،هن چيو مان توهان کان ٻڌڻ گهران ٿو؟ توهان فيصلو ڪيو آهي؟ مون جواب ڏنو ڪجهه به نه ٻڌندي. تون منهنجو مشير ڪو نه آهين. پر وزير اعظم سنڌ آهين. مون کي زرو به خيال نه آهي ته توکي ٻڌايان ته مان ڪيئن پنهنجا معاملا هلايان ٿو. ان ڳالهه کي سمجهه ته مان توتي اعتماد ان ڪري ڪيان ٿو جو تون صاف گو آهين. مون چيو، مان اهو فرض سمجهان ٿو ته صاف گو هجان اهو منهنجو معاملو آهي ۽ منهنجي زميواري آهي.“
”اهو تعجب خيز لڳي ٿو ته هڪ طرف وائسراءِ مسلم ليگي اڳواڻن سان تمام سياسي، آئيني ۽ تنظيمي مسئلن تي ڳالهائي رهيو هو. ٻئي طرف هڪ صوبي جي وزير اعليٰ ۽ پنهنجي ڊفينس ڪائونسل جي ميمبر کي اجازت نه ٿو ڏيئي ته هو ڪجهه تجويزن تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري، هن جي ڳالهائڻ ۾ هٺ ڌرمي ڏسو. ظاهر آهي، ان جي خواهش هئي ته محترم سومري تي واضح ڪري ته هو مسلم ليگ کان ٻاهر ۽ جناح صاحب جي منظوري کان سواءِ ڪنهن به مسلمان چاهي اهو مسلم اڪثريتي صوبي جو وزير اعليٰ هجي يا ڊفينس ڪائونسل جو ميمبر هجي. ان جي اختيار کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.“
ڪرپس مشن جي هندستان آمد ۽ ان جي ڪارگذاري ۽ ناڪامي تي لارڊ پروي سيل جي رپورٽ:
لارڊ پروي سيل جي طرفان ياداشت
6 جولاءِ 1942ع
منهنجي خيال ۾ سرڪاري ڪارگذاري کي مقصد ۽ ٻئي ڪنهن مشن جي هندستان ۾ آمد جي مدد لاءِ هندستان جي اڳواڻن سان منهنجي هندستان ۾ آمد وقت ٿيل ڳالهه ٻولهه جو مڪمل ذڪر ڪيان. مشن جو مقصد جنهن لاءِ وار ڪيبينيٽ مون تي ڪم سونپيو هو ته ذاتي طور هندستان جي اڳواڻن کان هنن جي راءِ معلوم ڪيان ته شهنشاهه جي سرڪار جيڪو مسودو پيش ڪيو آهي اهو انهن کي منظور آهي ته ان کي قابل قبول ضمانتن سان برصغير جي عوام جي راءِ اڳتي وڌائڻ لاءِ موجوده سرڪاري اختيارين سان هندستاني اڳواڻ تعاون ڪن. ٻه مختلف پر هڪ ٻئي سان جڙيل ڳالهيون مسئلي سان لاڳاپيل هيون، پهريون قبوليت يا ٻي صورت ۾ جنگ کان پوءِ جي هندستان لاءِ آئين ٺاهڻ لاءِ ان جا بنيادي اصول ۽ طريقه ڪار طئه ڪرڻ ۽ ٻيو دوران جنگ هندستاني اڳواڻن جي جلدي ۽ اثرائتي نموني موجوده حڪومت ۾ حصيداري ۽ نئين آئين بنائڻ واري معاملي کي پوئتي ڪيو وڃي. وار ڪيبينيٽ جي اها راءِ هئي ته جيڪڏهن مسودي جي متعلق مان اصولن تي حمايت حاصل ڪري وڃان ٿو ته پوءِ گورنر جنرل هندستاني اڳواڻن سان موجوده حڪومت ۾ شموليت جي حوالي سان ڳالهيون ڪري پر ڪانگريسي اڳواڻ مسودي ۾ مستقبل جي ضمانتن کان سواءِ راءِ ڏيڻ لاءِ تيار نه هئا. ابتدائي طور هنن سان فقري (اِي) تي بحث ٿيو ۽ حالانڪ خاص ٺهراءِ جي حوالي سان ڊگهي عرصي جي تجويز مخالفت جي حوالي سان بيان ڪئي وئي. ان فقري تي ئي ڳالهيون ناڪام ويون.
ان مقصد کي وڌائڻ لاءِ ته مان صوبائي نقطه نظر ٻڌان، مڪمل دروازي کليل رکڻ کان سواءِ مون صوبائي حڪومت جي وزير اعظمن ۽ سابق وزير اعظمن جيڪي قاعدي 93 تحت بنايا ويا آهن ته هو مون کي اچي ڏسن. انهن ۾ تمام گهڻن دعوت قبول نه ڪئي پر مون راج گوپال آچاريه ۽ سر سڪندر حيات خان سان قيمتي بحث ڪيو، جن سان مان پارٽي حوالي سان ڳالهه ڪيان پيو نه ته منهنجي لاءِ ڏکيو هو ته نوان تعلقات بنايا ها. مون بنگال جي وزير اعظم فضل حق سان ملاقات ڪئي، راجا آف پارلاڪمڊي وزير اعظم اوڙيسا، پنڊت پنت، محترم کير، سر محمد سعدالله ۽ الهه بخش، سابق وزير اعظم متحده صوبه جات، بمبئي، آسام ۽ سنڌ ۽ محترم شڪلا سابق وزير اعظم مرڪزي صوبه جات سان به ملاقات ڪئي، مون لارڊ لنلٿگو جي مشوري تي مهاتما گاندي کي به دعوت ڏني ته مون سان ملاقات ڪر، مون ڪاميابي لاءِ ان کي ضروري سمجهيو هو. ان کان سواءِ مون تيج بهادر سپرو ۽ جيڪر کي به دعوت ڏني ته هو گڏ اچي مون سان ملاقات ڪن. آخر ۾ نيشنل لبرل فيڊريشن ۽ انڌراس جي نمائندن سان به ملاقات ڪئي.“
الله بخش جو آزادي جي حوالي سان وائسراءِ کي خط .
سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي
31 آگسٽ 1942ع
مان پنهنجو فرض سمجهان ٿو ته توهان جي آڏو ڪجهه حل طلب معاملا رکان ته جيئن موجوده تالابندي واريون سياسي حالتون ختم ٿين، انهن حالتن تي هر نيڪ نيت ۽ ملڪ جي ڀلائي چاهيندڙ ماڻهو ۽ اقوام متحده جيڪا هن عظيم مقصد لاءِ مختلف جڳهن تي حالت جنگ ۾ آهي ان کي نندي ٿي.
هندستان جي ماڻهن جو خيال آهي ته برطانوي حڪومت جي نه اڳ ۾ نه ئي هينئر خواهش آهي ته هندستان مان وڃي هتي جي باسين جي قانوني خواهش کي پورو ڪري. بيان جيڪي وقت به وقت برطانوي نمائندن سر اسٽافرڊ ڪرپس سميت ڏنا ويا آهن عيان ڪن ٿا ته برطانيه ڪنهن به صورت ۾ هندستان کي اختيارات منتقل نه ڪندو. حالانڪ اهي جمهوريت کي بچائڻ لاءِ موجوده جنگ وڙهي رهيا آهن ليڪن هندستان ۾ جيڪي تجويزون سر اسٽافرڊ ڪرپس ڏنيون آهن ان يقين کي مزيد وڌايو آهي ۽ موجوده حالت هن جي اچڻ جو ئي نتيجو آهي، جنهن صرف هندستان جي عوام ۾ برطانوي حڪمرانن لاءِ تلخي پيدا ڪئي آهي.
هندستاني قوم پرست جيڪي ڪانگريس ۽ ان کان ٻاهر آهن، جيڪي هندستان جي عوام جو سياسي حوالي سان وڏو قد ڏسڻ گهرن ٿا انهن جو اهو مڪمل ايمان آهي ته هندستان ۾ سياسي ۽ فرقيوارانه مسئلا برطانوي حڪمرانن جي پاليسي جا پيداوار آهن، جنهن جو مقصد هندستاني معيشيت کي برطانوي دولتمندن ۽ عوام لاءِ استعمال ڪرڻ آهي. فرقي پرست گروهن ۽ فردن کي طاقتور ڪيو ويو آهي۽ غير فرقيوارانه ماڻهن ۽ اعتدال پسندن کي ان ڪري گهٽايو ويو آهي ته دنيا جي غصي کي برطانيه جي حق ۾ ٿڌو ڪري، فرقيوارانه اختلافن کي بهانو بنائي هندستان تي برطانيه جو تسلط قائم رکجي، اهو برطانيه جو هڪ طرفو رخ آمريڪا ۽ الائيڊ حڪومتن کي ڏيکاريو وڃي ٿو.
هر جڳهه اهو سوال ڪيو وڃي ٿو: هندستان هميشه ايستائين غلامي ۾ رهندو جيستائين هڪ خاص گروهه ۽ تمام جاتيون يا ان جون سياسي تنظيمون فيصلي ڪن نتيجي تي پهچي پنهنجي ملڪ جي آزادي جو مطالبو نه ٿيون ڪن.
جيڪڏهن ان هيئت کي تسليم ڪيو ويو ته جنگ کان پوءِ به هندستان کي آزادي نه ملندي نه ئي ڪنهن مرحلي تي برطانوي حڪومت هندستان جي مختلف گروهن کي انهن جي اهم قومي حوالي، قومي نقطه نگاهه ۽ ملڪ جي عظيم مقصد لاءِ متحد ڪيو آهي، صرف اُن اها ئي ڪوشش ڪئي آهي ته انهن ۾ جدائي پيدا ڪري پنهنجو مقصد حاصل ڪيو وڃي.
اهو منهنجو خيال آهي ته تردد جي خوف کان پاسو ڪري اهو چوان ته هندستان ۾ ڪا اهڙي تنظيم آهي جنهن جو يقين هوندو ته برطانيه جي اها انتها درجي جي خواهش آهي ته هندستان کي آزاد ڪري. هندستان ۾ مڪمل طور اها راءِ آهي ته متحده قوتون سٺي مقصد لاءِ وڙهي رهيون آهن، هندستان جي اڳواڻن جو هندستان جي مسئلي متعلق ٻن سوچن رکندڙ مڪتب فڪر جي حوالي سان سمجهيو وڃي.
سوچ رکندڙن جي هڪ گروپ جي راءِ آهي ته اقوام متحده جنهن بنياد تي قدم کنيا آهن اها ساڳي هندستان جي ماڻهن جي به خواهش آهي ۽ جنهن مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هي جنگ وڙهجي پئي، هندستان پنهنجي تمام قوت جنگ ۾ جهوڪيندو ته ان جي فتح کي يقيني بنايو وڃي. هو ان ۾ ايمان رکن ٿا ته جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ قرباني ڪرڻ کان سواءِ هنن کي آزادي نه ملندي، انهن جو ايمان آهي ته قومي آزاد ي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن کي وڌيڪ قرباني ڏيڻي پوندي پر انهن جو خيال آهي ته عالمگير مقصد پهرين حاصل ڪيو وڃي ۽ آزادي لاءِ جدوجهد پوءِ ڪئي وڃي، هي اهو پڻ محسوس ڪري رهيا آهن ته جنگ جي ٿڪاوٽ جي سبب برطانيه جي لاءِ ڏکيو ٿي پوندو ته هو پنهنجي شرطن کي هن ملڪ جي ماڻهن تي مسلط ڪري ۽ هندستان وارن لاءِ ان حالتن جي ڪري سولو ٿي پوندو ته هو آساني سان آزادي حاصل ڪن. هڪ ٻي سوچ رکندڙ گروهه کي خوف آهي ته برطانيه جنگ کان پوءِ پنهنجي معيشيت کي سهارو ڏيڻ لاءِ هندستاني عوام جو معاشي استحصال ڪندو.
جيئن مان چئي آيو آهيان ۽ هندستان جي ماڻهن جو به اهو يقين آهي ته برطانيه هندستان کي آزاد نه ڪندو ۽ هي جيڪي هندستان جي مسئلي کي حل ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي اهو علامتي سامراجي ڏيک آهي، ان صورت ۾ ظالم جي اها پاليسي، اتحادي قوتون جنهن مقصد لاءِ جنگ وڙهي رهيون آهن ان کي نقصان پهچائيندي، اها پاليسي ڪنهن به لاڀ ڏيندڙ نتيجي تي نه پهچائيندي ۽ اها جيڪڏهن ڪنهن حاصلات کي ڏيکاري ٿي ته اها صرف ڏيکاءَ واري هوندي. جنهن بنياد تي ناراضگي آهي، ظالم ان کي ختم ڪري نه سگهندو ۽ اهو ان ناراضگي کي زير زمين وٺي ويندو. ان ظلم ملڪ جي مختلف طبقن کي ڪانگريس جي قريب ڪيو آهي ۽ انهن ۾ هندستان جي قومي مقصد جي حوالي سان قوم پرستي پيدا ڪئي آهي ۽ هو برداشت نه ٿا ڪري سگهن ته هنن جي هم وطنن تي ظلم ڪيو وڃي. جيترو ظلم وڌندو ايترو ئي قرباني لاءَ اتساهه وڌندو ۽ انهن ۾ انتها درجي جي ناراضگي پيدا ڪندو ۽ ڪانگريس لاءِ همدردي پيدا ڪندو. ڪنهن ٻي سوچ کان سواءِ مان اهو ضرور چوڻ گهران ٿو ته اها پاليسي اتحادي قوتن لاءِ انتهائي خطرناڪ ۽ نقصان ڪار آهي ۽ محوري قوتون ان مان فائدو وٺندي پروپيگنڊا ڪري سگهن ٿيون. پاليسي جي سبب جيڪو اڻ ٽر گوڙ آهي اهو محوري قوتن کي موقعو فراهم ڪري سگهي ٿو ته هو ملڪ ۾ گهڙي اچن ۽ هي جيڪا روزمرهه جي برطانيه جي خلاف ناراضگي آهي اها حملي جو موقعو مهيا ڪري رهي آهي ۽ حالات پيدا ڪري رهي آهي ، جنهن جا هو متحمل ناهن. ان پاليسي جي ڪري برطانيه ۽ اتحادي قوتون هر نقطه نگاهه کان وڃائي رهيون آهن.
انهن ڳالهين جي مدنظر، مان ان خيال جو آهيان ته برطانوي حڪومت کي هڪ اعتبار جوڳي ثبوت جو اظهار ڪرڻ گهرجي ته هو اقتدار منتقل ڪري رهيا آهن. منهنجو خيال آهي ته اهڙو ثبوت اعلان جي ذريعي ڪيو وڃي، جنهن ۾ ڪا به شڪ جي گنجائش نه هجي ته جنگ کان پوءِ هندستان کي آزاد ڪيو ويندو ۽ انهن کي آئين ٺاهڻ جي مڪمل آزادي هوندي. ڪنهن به جاتي جي مفادن جي تحفظ جي حوالي سان ان مسئلي کي آزاد بين الاقوامي ٽربيونل ڏانهن موڪليو ويندو، برطانيه جي مداخلت کان سواءِ جيڪو هندستان جي معاشي ڦرلٽ ۾ دلچسپي رکي ٿو.
اهو دليل ڏنو وڃي ٿو ته هن وقت ڳالهين جو دروازو کولڻ ۽ ڪانگريس سان ڪنهن معاهدي تي پهچڻ برطانيه جي توهين سمجهي ويندي. جيڪڏهن اهو خيال جاري رهيو ته اهو ان يقين کي وڌيڪ پڪو ڪندو ته هو هندستان ۾ پنهنجي اقتدار کي مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو. ڪنهن جي عزت کي نقصان ٿيندو: جيڪڏهن هن کي ڪا به خواهش نه آهي ته هندستان کي پنهنجي قبضي ۾ رکي ۽ نه ئي هو هندستان جي ماڻهن کي پنهنجي سامراجي تسلط ۾رکڻ چاهي ٿو ته پوءِ سامراجي موتبري جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي ۽ نه ڪنهن سامراجيت جي موتبري جي متعلق سوچي سگهجي ٿو.
مون ڪوشش ڪئي آهي ته کلي دماغ سان مسئلي تي پنهنجو نقطه نظر پيش ڪيان، مون محسوس ڪيو آهي ته جتي ملڪي مفاد داءِ تي هجي اها انساني خدمت جي حوالي سان بدنيتي ۽ ڪوتاهي ٿيندي ته با اختيار حڪمرانن کي خوش ڪرڻ لاءِ سچ نه ڳالهايو وڃي. مان اتساه سان اها ڳالهه توهان جي آڏو پيش ڪري رهيو آهيان ته جيڪو مون مشورو ڏنو آهي ان بابت شهنشاه جي سرڪار صاف اعلان ڪري. هندستان جي تمام جماعتن جي اڳواڻن کي ڳالهين جي دعوت ڏئي موجوده ختم ٿيل ڳالهين کي جاري ڪري ۽ متحده قوتون جن اعليٰ مقصد لاءِ لڙهي رهيو آهن ان کي فائدو پهچائي. دشمن هندستان جي در تي بيٺو آهي ۽ هن ملڪ جا ماڻهو ئي هن عظيم مقصد کي اثرائتي ۽ تهه دل تعاون سان آزادي جي حالت ۾ پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي حقن جو بچاءُ ڪري سگهن ٿا.
الله بخش سومرو
الله بخش سومري جي لکيل خط جي جواب ۾ وائسراءِ لارڊ لنلٿگو جو الله بخش سومري کي خط.
وائسراءِ هائوس، نئي دهلي
8 سيپٽمبر 1942
پيارا خانبهادر الهه بخش
توهان جي 31 آگسٽ جي لکيل خط جي مهرباني. مون ان کي تمام توجهه ۽ خيال سان پڙهيو آهي، پر مون کي خدشو آهي ته توهان جي اڪثر خيالن ۽ دليلن کي قبول ڪيان. مان توهان جي ڳڻتي ته هندستان جي بهتري لاءِ تمام ڌرين جو معاهدو ٿيڻ گهرجي ان کي قدر جي نگاهه سان ڏسان ٿو. مان تسليم ڪيان ٿو ته توهان پنهنجي صوبي جي مشڪل حالات کي منهن ڏئي رهيا آهيو، ان جي باوجود مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ اوهان جي ڳڻتي قابل قدر آهي.
توهان جو خير خواهه
لارڊ لنلٿگو
ڪرپس مشن جي ناڪام واپس وڃڻ کان پوءِ ڪانگريس ۽ برطانيه سرڪار جي وچ ۾ ”هوم رول“ حڪومت بنائڻ جي ناڪامي بعد ڪانگريس جي لاءِ ان کان سواءِ ڪجهه به نه بچيو هو ته هو ڪو انتها جو قدم کڻي، ڪانگريس آگسٽ 1942ع ۾ پنهنجي اهم اجلاس ۾ تاج برطانيه کان آزادي جو مطالبو ڪندي عدم تعاون جي تحريڪ "Quit India Movement" هندستان خالي ڪريو جي نعري سان شروع ڪئي. برطانوي حڪومت جواب ۾ ڪانگريس اڳواڻن، مهاتما گانڌي، ابوالڪلام آزاد، جواهر لال نهرو ۽ ٻين اهم اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ۽ تمام برصغير ۾ گرفتارين ۽ تشدد کي روا رکيو. هتي هڪ ڳالهه لکڻ ضروري سمجهان ٿو: برطانوي حڪومت تمام برصغير ۾”ڊفينس آف انڊيا رولز “ جي شق 16 تحت تمام برصغير مان هزارين ڪانگريسي ۽ آزادي جو مطالبو ڪندڙ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو. برطانوي سرڪار جي ان عمل جي خلاف چيف جسٽس آف آنڊيا جسٽس گائير جي ڪورٽ ۾ حبس بيجا جي درخواست داخل ڪئي وئي. چيف جسٽس گائير ڊفينس آف انڊيا جي شق 16 جي تحت گرفتارين کي غير قانوني قرار ڏنو، جنهن تحت هزارين ماڻهو آزاد ٿيا ۽ ان فيصلي کان پوءِ هزارين ڪارڪن ان ڪاري قانون جي تحت گرفتاري کان بچي ويا. عدل جو اهو مثال تمام انصاف ڪندڙن لاءِ هڪ وڏو سبق آهي.
ڪانگريس جي آزادي جي تحريڪ پنهنجي عروج تي هئي ۽ برطانوي سرڪار ٻي جنگ عظيم کي منهن ڏئي رهي هئي. جنگ ۽ هن تحريڪ فطري طور برطانوي سرڪار ۾ چڙچڙاهٽ پيدا ڪئي ۽ ان جو مثال سر ونسٽن چرچل جي پارليامينٽ کي 11 سيپٽمبر جي خطاب مان ملي سگهي ٿو.
پارليامينٽ کي خطاب ڪندي هن ”هندستان خالي ڪريو“ تحريڪ جي ڪانگريسي ۽ وطن پرست اڳواڻن جي خلاف نفرت انگيز ٻولي ڳالهائي. الله بخش سومري کي اها اميد نه هئي ته سر ونسٽن چرچل جهڙو اڳواڻ پارليامينٽ جي آڏو اهڙا لفظ به ڳالهائي سگهي ٿو. هن محسوس ڪيو ته هن بيان کان پوءِ برطانيه مان برصغير جي بهترين حل جي ڪا به اميد نه ٿي رکي سگهجي ۽ هو جيڪي برطانيه ۽ ڪانگريس جي درميان عزت ڀرئي ٺاهه جون ڪوششون ڪري رهيو آهي اهي اونداهي ۾ هليون ويون آهن ۽ هن فيصلو ڪيو ته آزادي لاءِ پنهنجي حصي جي قرباني ڏئي، هن صرف ان جو اعلان نه ڪيو بلڪ وزارت اعظميٰ ۽ سر جي قرباني ڏئي پنهنجي وچن کي عملي طور پاڻي ڏنو. 15 ڏينهن کان پوءِ 26 سيمٽمبر تي وائسراءِ لارڊ لنلٿگو کي خط لکي، چرچل جي ڪيل تقرير جو جواب ڏنو ۽ انگريز سرڪار کان مليل خطاب آرڊر آف برٽش امپائر Order of British Empire)) ۽ خانبهادر جا لقب واپس ڪيا. الله بخش سومري جي هن عمل کي دنيا جي مظلومن ۽ غلام قومن طرفان ساراهيو ويو ۽ دنيا جي پريس ان کي اخبارن ۾ جڳهه ڏني.
”مانُ وارا سائين هن خط ذريعي اوهان کي آگاه ڪريان ٿو ته منهنجو ضمير گوارا نه ٿو ڪري ته حڪومت برطانيه طرفان مليل ٻئي لقب ”خانبهادر“ ۽ ”او- بي - اي“ پاڻ وٽ رکان.
هندستان گهڻي وقت کان پنهنجي آزادي لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي. ٻي جنگ عظيم شروع ٿيڻ وقت اصولن ۽ نظريي جي تحت اها اميد ڪئي ٿي ويئي ته جنگ ۾ بچاءُ جنهن لاءِ اتحادين تمام وڏو تصادم سر تي کنيو آهي، ان صورت ۾ انڊيا کي آزاد ڪيو وڃي ته هو دنيا جي هن جدوجهد ۾ هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت ۾ حصو وٺي سگهي.“
”اهو منهنجو يقين آهي ته انهن کي اهو حق آهي ته هو آزادي ماڻين ۽ انهن لاءِ اهڙا حالات هجن جو هو امن ۽ آشتي سان رهن. برطانيه جي اعلان ۽ عمل مان واضح آهي ته هو پنهنجو سامراجي تسلط قائم رکندي. هندستان جي ڪنهن به سياسي پارٽي سان هندستان جي اقتدار اعلى جي حوالي سان اختلاف ختم ڪرڻ چاهين ٿا ۽ نه ئي اختيار ڏيڻ چاهين ٿا ته هو پنهنجي مرضي مطابق خوش خورم ۽آزاد گذارين ۽ پنهنجي تقدير جو پاڻ فيصلو ڪن . برطانيه جو اهو به طرز عمل آهي ته هو مذهبي فرقيوارانه ۽ سياسي اختلافن کي وڌائي قومي قوتن کي چٿڻ چاهي ٿو ته جيئن سامراجي مقصد ۽ مرادون حاصل ڪري سگهي.
وزير اعظم برطانيه سر ونسٽن چرچل جي هائوس آف ڪامنس ۾ تازي ڪيل تقرير خير سگالي جو جذبي رکندڙ ماڻهن ۾ جن جي خواهش آهي ته انصاف جيڪو ڪيتري وقت کان واجب الادا آهي، اهو هندوستان جي عوام کي نه ٿو ڏنو وڃي، ان انهن ۾ سخت نااميدي پيدا ڪئي آهي.
بدقسمت اعلان، انصاف کي روڪي ڇڏيو ۽ اهو اعلان گواهي ڏيئي رهيو آهي ته برطانيه جي ڪابه خواهش ناهي ته هندستان تان پنهنجو تسلط ختم ڪري. اهو منهنجو خيال آهي ته حڪومت برطانيه طرفان مليل ٻئي لقب سامراجي نشاني آهن، انڪري انهن ٻنهي لقبن کي انهن حالتن ۾ مان پاڻ وٽ رکي نه ٿو سگهان.“
برصغير جي ڪنهن به پارٽيءَ ايڏو سخت رد عمل نه ڏيکاريو هو ان ڪري هنن کي ان ڳالهه جي توقع به نه هئي ته ڪو ڪنهن صوبي جو وزير اعظم ايڏو سخت رد عمل ڪندو. ان ڳالهه جي ڏونڪي جو آواز هندستان جي انگريز اختيارن ته ڇا پر برطانوي حڪمرانن تائين پهتو ۽ ان معاملي تي گهري انداز ۾ بحث ڪيو ويو. ابتدائي طور ته گورنر، الله بخش سومري کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر الله بخش جي ثابت قدم رهڻ تي گورنر، وائسراءِ هند ۽ برطانوي اختيارن جي خواهش مطابق، الله بخش سومري کي وزير اعظم تان معطل ڪيو.
گورنمينٽ هائوس ڪراچي
21 سيپٽمبر 1942
منهنجو وزير اعظم دهلي جو دورو اڪثر بيشتر ڪندو رهي ٿو. هن وقت جڳهن جي هجڻ ڪري، هن گهڻو حصو سياسي منظر ۾ حاصل ڪيو آهي. هي انتهائي سخت رخ ۾ موٽيو آهي، جڏهن مقامي اخبارن سندس خط کي شه سرخين سان ڇاپيو آهي،”الله بخش“ ”چرچل“ کي جواب ڏنو، ۽ هن جي وائسراءِ کي لکيل ”اعليٰ خط“ "Classic letter" جو ذڪر ڪيو هو. هو پاڻ کي ”بين الاقوامي شخصيت“ سمجهي رهيو آهي ۽ اهو ڏکيو آهي ته ان کي اُن ڳالهه تان هٽائجي، اهو ارمان آهي ته هن جو متزلل نه ٿيڻ ڪيترن ئي بهترين خصوصيتن کي بي اثر ڪندو. هن کي ان ڳالهه ڳولڻ ۾ ڏکيائي لڳي رهي آهي ته هو ڪهڙي ڌر ڏي وڃي. مون توهان کي انهن حالتن کان واقف ڪيو هو ته ڪهڙين حالتن جي سبب هو پنهنجا خطاب واپس ڪرڻ جي طرف وڃي رهيو آهي. 19 تاريخ تي هن مون سان ملاقات ۾ تجويز ڏني ته هو پنهنجو خط پريس کي جاري ڪري ۽ اوهان ڏانهن موڪلي ۽ اهو ڪجهه ڏينهن ۾ اوهان کي پهچي ها. مون هن سان هلڪو سخت رويو اختيار ڪيو. مون هن کي چيو ته اهو مسئلو بهترين رويي جو آهي ۽ اهو منهنجو ڪم نه آهي ته توکي پڙهايان، مون ان کي چيو ته اها ڳالهه سوچ ته اهو ڪو دنيا کي هِلائيندڙ واقعو آهي جو عوام کي ان کان ڪجهه ڏينهن لاءِ واقف نه ڪيو وڃي ۽ پڻ هن کي چيو ته تنهنجي وزارت ۾ شامل وزيرن جن کي اهي خطاب پڻ آهن ان تي اثر انداز نه ٿيندو جن وزيرن کي هو پاڻ کان گهٽ ذهين سمجهي ٿو. ان هن کي متاثر ڪيو ۽ هي مون سان سهمت ٿيو. (مون ان متعلق اوهان کي تار ڪئي هئي)۽ هن ان جي اشاعت کي روڪيو. جيڪا اڄ ”ڊيلي گزيٽ“ اخبار ۾ شايع ٿي آهي، جيڪا اوهان پڻ ڏٺي هوندي، مان اهو چئي نه ٿو سگهان ته اها وزير اعظم جي پنهنجي عمل جي ڪري ٿي آهي پر اها گهڻو ڪري ان جي سيڪريٽري ڏني آهي، جيڪو صحافي رهيو آهي ۽ ڊيلي گزيٽ اخبار جو اڳوڻو ايڊيٽر آهي. هن جي ڪجهه وقت لاءِ وزير اعظم سان سٺي راهه رسم نه هئي۽ هينئر ان کي ڇڏي جوناگڙهه ۾ نوڪري ورتي اٿس.
وزير اعظم تان استعيفيٰ ڏيڻ کان سواءِ هن لاءِ ڪو به رستو ناهي. هن مون کي پهرين اشارو ڏيئي ڇڏيو آهي ته ڪانگريسي اسيمبلي ميمبر ۽ قيدين کي آزاد ڪيو ويندو. ان دوران نيچلداس جيل جو دورو ڪيو ۽ انهن سان ڊگهي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ڏهن صفحن تي مشتمل تجويزون ڏنيون اٿس جنهن جي ذريعي انهيءَ جي ساٿين کي سک ملي.
توهان جو خير خواهه
هيو ڊو
خطاب واپس ڪرڻ ۽ وائسراءِ کي خط لکڻ کان پوءِ، گورنر هيو ڊو جو سنڌ جي سياسي حالتن ۽ الله بخش سومري کي سمجهائڻ جي گورنر جي پنهنجي ڪوشش جي حوالي سان وائسراءِ لارڊ لنلٿگو کي خط .
گورنمينٽ هائوس ڪراچي
5 آڪٽوبر 1942
پيارا لنلٿگو
سنڌ ۾ پنڌرهن ڏينهن خاموشي سان گذريا آهن. عوام۾منهنجي وزير اعظم جي طرفان خطاب آرڊر آف برٽش امپائر ۽ خان بهادر جا لقب واپس ڪرڻ جو ذڪر آهي، گهڻي ڳاله ٻولهه ۾ مون ڪوشش ڪئي ته هن جي غير دانشمندانه فيصلي تي هن کي سمجهايان. مقامي طور به ان کي هن جي طرفان سياسي دٻاءَ طور ڏٺو وڃي ٿو. مون کي تعجب ٿيندو جڏهن اها ڳالهه ان جي سياسي اثر کي ضلعن ۾ گهٽ نه ڪندي جتي انهن خطابن کي شهنشاهه سان ذاتي تعلق جي تناظر ۾ انتهائي ڏٺو وڃي ٿو. ماڻهو ان حقيقت کي سمجهن ٿا ته الله بخش جا ساٿي وزير هن جي عمل کي نه دهرائيندا ۽ الله بخش جو پنهنجو ڀاءُ جنهن سان هن جا سياسي ۽ ذاتي قريبي تعلقات آهن ۽ سر عبدالله هارون جي وفات جي ڪري اتي ٿيندڙ اليڪشن ۾ مرڪزي ليجسليٽو اسيمبلي لاءِ اميدوار نامزد ڪيو آهي ۽ هن کي گذريل سال خان بهادر جو لقب مليو آهي ۽ ان جي ڪا به خواهش ناهي ته لقب کي واپس ڪري. الله بخش هڪ هفتي کان صوبي کان ٻاهر آهي ۽ هن جي واپسي جي تاريخ جو ڪو به پتو ناهي، هن کي ڌچڪو آيو هوندو ته ڪانگريس کان سواءِ ڪنهن به ٻئي ان جي عمل تي داد نه ڏنو آهي. اهو واضح آهي ته نه هي نه ئي هن جا ساٿي جلدي نمودار ٿيندڙ سياسي نتيجن جي قيمت جيڪا انهن سڀني کي ملندي کي سمجهي سگهيا آهن.
توهان جو خير خواهه
هيوڊو
سياسي معاملن ۾ الله بخش سومري جيڪي ڪانگريس ۽ برطانوي سرڪار جي درميان ٺاهه جون حقيقي بنيادن تي ڪوششون ڪيون پئي اهي برطانيه جي هٺ ڌرمي جي ڪري ناڪام ويون. برطانيه کي هن مشڪل گهڙي ۾ برصغير جي سياسي اڳواڻن جي ضرورت هئي. وائسراءِ ان سلسلي ۾ مختلف سياستدانن سان ملاقاتون ڪري رهيو هو. هن جو خيال هو ته الله بخش وزارت عظميٰ تان معطل ٿيڻ جي خطري جي ڪري اسان جي مدد نه ڪندو، وائسراءِ جو برصغير جي سياسي تناظر جي حوالي سان خط:
شملا
6 آڪٽوبر 1942ع
نمبر 449 ايس - سي - تنهنجي 3 آڪٽوبر جي تار نبمر 17284، سوال جو مقصد هي آهي ته، اهو به وزن اسان تي وڌو ويو آهي ته سياسي اڳواڻن کي گذارش ڪيون ۽ انهن جي درميان ٺاهه ڪرايون جيڪو هو خود تلاش نه ڪري رهيا آهن، ڪانگريسي اڳواڻ جيل ۾ آهن يا تعاون نه ڪري رهيا آهن. يورپين کان سواءِ مسلم ليگي ۽ مها سڀا وارا رهيا آهن، مڪرجي سان مون ملاقات ڪئي ۽ اوهان کي معلوم آهي ته اسان جي درميان ڇا وهيو واپريو، ٻئي ڏينهن مون جناح کي چيو ته مون سان اچي ماني کاءَ، هن انڪار ڪيو (اخلاقي بنيادن تي) هن جي اڳ ۾ طئه ٿيل پروگرام جي ڪري، مان ان کي سٺو نه ٿو سمجهان ته ان کي وري ملاقات لاءِ چوان، مان ڪا به ڳالهه چوان ايستائين جو جڏهن ڪنهن سياسي مسئلي جو معاملو هجي، مون هن جي انڪار کي وائکو نه ڪيو، جيڪا هتي اشاعت پذير نه ٿي. فضل حق تجويز ڏني ته هو دهلي اچي رهيو آهي ۽ هن ملاقات جي لاءِ چيو پر هو بنگال ۾ نظر بند ڪيو ويو. اسان جا ٽي ڏينهن نيشنل ڊفينس ڪائونسل جي نمائندن سان گذريا آهن ۽ ان جي ڪيترن ميمبرن سان انفرادي طور ملاقات ٿي آهي، (بدنيصبي سان حق ۽ پارلاڪمڊي غير حاضر رهيا ۽ الله بخش سندس معطلي سر تي هئڻ جي ڪري اسان جي دليل جي حمايت نه ڪندو ) مون 8 آگسٽ کان ٻين اهم ماڻهن سان ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ يورپين (هن جي پڌرائي نه ڪئي وئي آهي) ضياءُ الدين، سر محمد يوسف ايند ڪمپني، اسيمبلي ۾ منهنجي ڪائونسل ۾ مددگار، جنهن کي اهو موقعو مليو آهي ته پاڻ کي انفرادي ماڻهن جي نمائندي طور پيش ڪري.“
وائسراءِ لارڊ لنلٿگو جو الله بخش ۽ سنڌ جي سياسي حالات تي سيڪريٽري آف اسٽيٽ لارڊ ايمري ڏانهن خط:
M.SS. EUR. F.12511
10 آڪٽوبر 1942ع
جيئن مان خط لکائي رهيو هوس ته ڊو فون جي ذريعي الله بخش ۽ هن جي ملاقات ۽ ان جي نتيجي جي مون کي خبر ڏني. مان معذرت خواهه آهيان ته هن تڪليف ده ۽ ڪڪ ڪندڙ معاملي متعلق لکي رهيو آهيان، مان وزارت جي ان فيصلي ته الله بخش کي معطل نه ڪيو وڃي ان جو قدر ڪيان ٿو.
اها حقيقت آهي ته اها معطلي آهي ۽ جيئن تون ڏسي رهيو آهين، آءُ ان ڪري تبديل شده اعلان جو مشورو ڏئي رهيو آهيان ته جيڪڏهن الله بخش سومرومستعفي نه ٿي رهيو آهي ته پوءِ پهرين مسودي ۾ تبديلي ڪئي وڃي ۽ ڊو ان کي حالات جي مطابق ڪري رهيو آهي. مان اهو سمجهي نه سگهيو آهيان ته الله بخش اهڙو ڪڪ ڪندڙ عمل ڇو ڪيو آهي. ڊو ان ۾ درست آهي ته هن جو سر ڦري ويو آهي ۽ هن کي مستقبل ۾ سٺو فائدو نظر اچي رهيو آهي. مان اهو وسوق سان چئي رهيو آهيان ۽ مان اها اميد ٿو ڪريان ته ڊو غلام حسين کي پاڻ ڏي ڪندو، مون اهو سمجهيو آهي ته هو اڄ بنا ڪنهن دير جي وزارت ٺاهيندو ۽ الله بخش جي تحريڪ ۽ ٻاهران تنقيد ڪندڙن، جيڪي شايد اهو مشورو ڏين ته هو ئي صوبي جو حقيقي نمائندو هو لاءِ بهترين جواب آهي. مون اهو محسوس ڪيو آهي ته ڪيترائي هندو وزير نيچلداس جي طرح ڪانگريس سان پنهنجي راهه رسم رکن ٿا، الله بخش هڪڙو ئي شخص آهي جنهن جا انهن سان تمام سٺا لاڳاپا آهن، جيڪڏهن غلام حسين وزارت ٺاهي وڃي ٿو ته اهو ڪانگريس کي ٻيو جواب هوندو“
گهڻي بحث کان پوءِ برطانوي انتظاميه فيصلو ڪيو ته الله بخش سومري کي معطل ڪيو وڃي. گورنر سنڌ، سر هيو ڊو گورنمينٽ آف آنڊيا ايڪٽ 1935ع جي شق 51 (الف) جي تحت الله بخش کي معطل ڪيو ۽ هيٺيون بيان گورنر هائوس مان جاري ٿيو:
”هزايڪسيلنسي گورنر سنڌ، الله بخش سومري سان سندس خطاب واپس ڪرڻ واري معاملي تي ڳالهايو ۽ خطاب واپس ڪرڻ جا سبب هن جي شايع شده خط ۾ موجود آهن.
ان ڳالهه جي تناظر ۾ هن وٽ ڪو به رستو نه آهي. سواءِ ان جي ته هو الله بخش سومري کي اطلاع ڏيئي ته هي گورنر جو اعتماد وڃائي ويٺو آهي ۽ هو ان صورت ۾ پنهنجي عهدي کي جاري نه ٿو رکي سگهي، الله بخش کي گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ جي شق 51 (الف) تحت معطل ڪيو ويو آهي، جيڪو بيان ڪري ٿو، ”گورنر جا وزير منتخب ۽ هن جي طرفان سڏي سگهجن ٿا. هو هن جي رضا جي تحت ڪائونسل جي ميمبر طور قسم کڻي سگهن ٿا ۽ آفيس ۾ ويهي سگهن ٿا.“
الله بخش سومري هڪ بيان ذريعي چيو ته ”مون کي اسيمبلي جي اڪثر ميمبرن جي حمايت حاصل آهي ۽ گورنر جو هي عمل غير آئيني آهي. هن چيو ته اسيمبلي ميمبرن کي ئي حق آهي ته مون کي تحريڪ عدم اعتماد جي ذريعي هٽائن.“
”برطانوي پارليامينٽرين محترم سرونسن هائوس آف ڪامنس ۾ 15 آڪٽوبر 1942ع تي الله بخش سومرو جي معطلي جي خلاف آواز اٿاريو. مسٽر ايمري جواب ڏيندي چيو ته ”مون الله بخش سومرو جي وائسراءِ کي لکيل خط جي حوالي سان صلاح مشورو ڪيو آهي ۽ ان ڳالهه سان متفق آهيان ته هن حالت ۾ سندس وزير اعلى ٿي رهڻ نامناسب ٿيندو. هن کي معطل ڪرڻ جو آخري فيصلو گورنر، الله بخش سان ملاقات ڪرڻ کانپوءِ ڪيو. هيءَ ملاقات وزير اعلى جي سنڌ کان ٻاهر هجڻ جي ڪري 10 آڪٽوبر تي ممڪن ٿي سگهي. ”هڪ خاص سوال ته ڇا هن جي معطلي لقب واپس ڪرڻ جي ڪري ٿي آهي! مسٽر ايمري چيو ”نه“ اهو انتهائي نازڪ وقت ۾ هن جو نامناسب رويو کنيل قدمن جي سنئون سڌو خلاف هو ۽ پڻ اخباري بيان ذريعي ڪانگريس جي رويي جي حوالي سان مڪمل حملو هو.“
گورنر صرف اهو غير آئيني عمل نه ڪيو پر هڪ ٻيو غير جمهوري عمل به ڪيو، هن سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ محمد ايوب کهڙي کي حڪومت بنائڻ لاءِ سڏڻ جي بجاءِ الله بخش سومري جي حڪومت جي وزير سر غلام حسين کي وزارت بنائڻ جو چيو. اهو هڪڙو صرف سنڌ جي گورنرن جو غير جمهوري عمل نه آهي پر 1937ع ۾ ٽن ميمبرن واري ساڳئي سر غلام حسين کي چيو هو ته حڪومت ٺاهه، فرق صرف هي هو ته پهريون عمل، سنڌ جي پهرين گورنر سر لانسلاٽ گراهام ڪيو هو ۽ ان جي نقش قدم تي هلندي ٻيو عمل سنڌ جي ٻئي گورنر سر هيو ڊو ڪيو هو. پهرين عمل جي ذريعي الله بخش سومرو سنڌ جو وزير اعظم نه ٿيو هو پر محمد ايوب کهڙو سر غلام حسين جي وزارت ۾ وزير ٿيو ۽ ٻئي عمل جي ڪري کهڙو وزير اعليٰ نه بنيو پر هن جو پراڻو ساٿاري سر غلام حسين وزير اعظم ٿيو.
”الله بخش سومري جو وائسراءِ کي خط لکڻ ۽ برطانوي اختيارن جي جوابي ڪاروائي ڪرڻ تائين جي حالتن کي مشهور ليکڪ جڳت ايس برائيٽ، جنهن 1944 ۾ الله بخش سومري تي ڪتابچو انڊيا جو پهريون نمبر قوم پرست Indian’s Nationalist No.1 لکيو هو ان کي هتي مان پيش ڪيان ٿو.
الله بخش 11 سيپٽمبر 1942 ع تي سخت احتجاج ڪيو. محترم چرچل جي تقرير جو هندستان ۾ چرچو هو، تمام ملڪ غصي ۾ ٻري رهيو هو. وزير اعظم اعلان ڪيو ته انڊين نيشنل ڪانگريس جا اڳواڻ جاپاني ففٿ ڪالم جي مدد ڪري رهيا آهن ۽ ڪانگريس جي سازش جو خاتمو آندو ويو آهي، هن پنهنجي تلخي جو مزيد اظهار ڪيو. اهي ان جي ذهن ۾ ڪانگريس جي گذريل آگسٽ جي ”هندستان خالي ڪريو“ “Quit India Movement” جي پروگرام ۽ ”ڪريو يا مرو“ جي پاليسي اپنائڻ جي ڪري آهن. چرچل هڪ طئه شده تقرير ڪئي جيڪا داڻيدار ختم ٿيندڙ جملي سان ڀريل هئي ان جو هتي ڪجهه حصو ڏيان ٿو: ”انڊين نيشنل ڪانگريس تمام هندستان جي نمائندگي نه ٿي ڪري (تاڙيون) اها هندستان جي عوام جي اڪثريت جي نمائنده نه آهي (تاڙيون) ايتري تائين جو هندو عوام جي به نمائندگي نه ٿي ڪري (تاڙيون) اها هڪ سياسي جماعت آهي جيڪا پارٽي مشين جي بنياد تي ٺهيل آهي ۽ هن جو موجود هجڻ ڪجهه ڪاريگري ۽ معاشي مفاد تي آهي (تاڙيون ۽ کل). محترم چرچل وڌيڪ اظهار ڪيو. ”ڪيترائي جنگجو نسل ڪانگريس سان نه ڳنڍجندڙ خال جي ڪري ان جي حڪمراني ۾ رهڻ نه ٿا چاهين.“ اهو چيو ويو آهي ته برطانيه، آمريڪا ۽ آسٽريليا جون فوجون هندستان ۾ ڪنهن به ڪانگريسي تحريڪ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن.“ پارليامينٽ ۾ حڪومت تي تنقيد ڪرڻ وارن ۾ هڪ شن ويل هو. هن سوال ڪيو ته برطانوي فوج جپانين کي روڪڻ لاءِ يا عدم تعاون جي تحريڪ سان منهن ڏيڻ لاءِ هندستان ۾ موڪلي وڃي ٿي. اهو ٻئي مورچي کولڻ جو ته حصو نه آهي؟“ هن کي ان جو ڪو به جواب نه ڏنو ويو پر ان جو آواز ايٽلانٽڪ پار ٻڌڻ ۾ آيو، واشنگٽن هڪدم قدم کنيو. هندستان ۾ موجود امريڪي فوج لاءِ حڪم نامو جاري ڪيو ويو. اهي پنهنجيون انڱريون عوامي تندور ۾ نه ساڙين.
چرچل جي تقرير کي هندستان ۾ تپش واري پذيرائي ملي، سڄي قوم غصي ۾ تپي وئي، جذبات اڀري آيا، جنگجو قومن جوابي بيان جاري ڪيا. سک قوم پرستي لاءِ اٿي کڙا ٿيا. ايستائين جو مسلم ليگين ڏک مان ڳالهايو، تقرير قوم جي ڇاتي تي لوهه داغي ڇڏيو. هر اڳواڻ ان تي ڀرپور آواز اٿاريو، اها هندستان جي وقار تي للڪار هئي ۽ هر عزت مند ماڻهو هن جي سوچ تي اظهار ڪيو. ڊاڪٽر امبيڊڪر جيڪو انتهائي وفادار هو ان به وزير اعظم کي سنڱن تي کنيو ايستائين جو برطانوي – هندستاني اخبارون جيڪي برطانوي اقتدار جو ٻانهن ٻيلي آهن. ان تي ناخوش هيون. شهري ۽ فوجي گزيٽ ڦوڪون ڏيڻ لڳيون، ٽائيمس آف انڊيا ميائو ميائو ڪرڻ لڳي ۽ دي اسٽيٽسمين گجگوڙ ڪرڻ لڳي.
الله بخش کي انتهائي ڏک ٿيو. ڏک ۽ ڪاوڙ، گهري ۽ انتهائي درجي جي، هن برطانيه جي پاليسي کي حقيقي رنگ ۾ ڏٺو. اها خنجر جي طرح ننگي هئي. محترم چرچل مريض جي منهن تي دروازي کي زور سان بند ڪيو. ٿوري دير کان پوءِ وفادار، سر سپرو، برطانيه جي پياري دوست پنهنجو قلم ڪاوڙ مان کنيو، هندستان جو ضمير انتهائي صحيح جڳهه تي هو.عوام کاٻي ڌر هو. جيل ۾ قيد ڪانگريسي اڳواڻ غصي ۾ خاموش ٿي ويا. گانڌي جي طرفان ڪو به احتجاج نه ڪيو ويو، جواهر لال نهرو جو ڪو به روح ڀريو آواز نه آيو، پر ان جا روحاني آواز هوا ۾ هئا، محترم جناح، گانڌي سان گڏ قطار ۾ بيهڻ کي وساري ڇڏيو، هن کي چرچل جي خلاف ڪيترائي واضح سبب هئا پر اهي سبب هن جا پنهنجا هئا.
الله بخش ڪيترن ڏينهن کان اداس هو، هن هندستان جي مستقبل تي گهڻو سوچيو ۽ برطانيه جي ماضيءَ تي به نگاهه ڪئي موجوده وقت ترڻ هن جي اکين جي آڏو هوائي ٻيڙي هو. حڪومت جي وزن سان، هو هلڪي ٻيڙي جي طرح هو، هن جون گلن ڀريون اميدون ڪومائجي ويون، صوبائي خودمختياري جو چوغو ٿڳڙيون ٿي ويو، خنجر جي طرح هڏن جي طرح ڏيکارجي رهيو هو. وزير رولس رائس گاڏين ۾ گهمي رهيا هئا ۽ عوام گندي ڪچري ۾ پيا هئا.
26 سيپٽمبر 1942ع تاريخ ۾ اهم سنگ ميل هو، جنهن ڏينهن خانبهادر الله بخش سومري. ”آرڊر آف برٽش امپائر “ ۽ خان بهادر، وائسراءِ لارڊ لنلٿگوکي” اعليٰ خط“ “Classic Letter” لکيو.
ان خط لکڻ کان پوءِ الله بخش نه خانبهادر ۽ نه ئي ان جو ”آرڊر آف برٽش امپائر“ جو خطاب رهيو، هن اهي ٻئي لقب قربان ڪيا قوم پرستي جي مٿاهين قربان گاهه تي ۽ هن درست ڪيو. جمهوريت جي مهاديويءَ جو هلڪو رويو هو لقب وارن اهم شخصيتن سان اها ساڌه جوهن ۽ غلام پسند ڪري ٿي، ننڍا ۽ وڏا نواب هن جي لذت نه آهن، اهو بهتر آهي ته هي ۽ هو ٿيڻ بجاءِ ان جي عقل چرخ خاندان جو ميمبر ٿجي، حقيقي عزت حاصل ڪئي ويندي آهي، اها عنايت نه ٿيندي آهي. اها انصاف ۽ سچ جي جدوجهد ذريعي ايندي آهي نه ڪنهن تاج واري شخصيت جا گوڏا چمڻ سان.
الله بخش سومري جو تاريخي خط ڪيترا اهم نقطا پيش ڪري ٿو. اهو هڪ سونو دستاويز آهي ۽ جيتو جاڳتو ثبوت آهي برطانيه جي خراب مدبر پائي جو. ابتدائي طور تي برطانيه دنيا جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. جرمني جي پڃري مان ڳيري کي آزاد ڪرڻ لاءِ جنگ وڙهي رهيو آهي ۽ سندس پڃري ۾ جيڪو ڪبوتر آهي ان کي آزاد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، گهڻائي دليل گهڙيا ويا آهن. ايتري تائين جو آمريڪا، انگريز گوشت جي حقيقت ۽ انگن اکرن جو سواد چکڻ لاءِ تيار نه آهي، برطانيه جو هندستان ڏانهن رويو هن جي خير خواهي جي ڪسوٽي تي آهي ۽ دنيا ان کي هندستان ڏانهن برطانوي پارليامينٽ جي رويي سبب پرکي ڇڏيو.
ٻيو، الله بخش جو اهو يقين هو ته هندستان کي هر حق آهي ته هو آزاد ٿئي، برطانيه ان کان انڪار نه ٿي ڪري سگهي. ايتري تائين جو سختگيرن به ان کي قبوليو آهي. محترم چرچل حالانڪ ان کي تسليم نه ڪيو آهي پر هن پنهنجي پورهئي جي ذريعي ثابت ڪيو آهي، قبضو اوڻيهون قانون آهي. ڇاڪاڻ ته برطانيه ان کي بنايو آهي ان ڪري برطانيه جي طرف آهي. هندستان کي حق آهي پر ان کي طاقت نه آهي. اسان سڀني کي خبر آهي ته قلم ڪنهن قيمت ۾ تلوار کان مٿي نه ٿو ٿي سگهي ۽ نه مستقبل ۾ ايئن ٿيڻو آهي.
ٽيون، الله بخش چاهيو پئي ته هندستان امن ۽ ايڪتا ۾ رهي، اها دوا اسان لاءِ انتهائي ضروري آهي. برطانيه انهي ايڪتا تي ڌاڙو هنيو آهي. هندستاني فلسفي جي تاج ۾ چمڪندڙ هيرو جيڪو برطانيه جي هن سر زمين تان اچڻ کان پوءِ، اسان ڪا اندورني شي وڃائي چڪا آهيون جيڪا ماڻهو کي کل مک رکي. اسان کاڌو نه ٿا چاهيون نه آزادي ۽ نه اختيار. برطانيه سٺو ٿيندي اسان کي امن واپس ڏئي.
چوٿون، الله بخش جو خيال هو ته برطانوي سرڪار هندستان جي مختلف جماعتن جي درميان اختلاف نبيرڻ ۾ تعاون نه ٿي ڪري، برطانيه چرڻي جي ڏاڪي جو ڦيٿو هندستاني ٻڌي ۾ وجهي رهي آهي، آزاد هندستان جپاني جارحيت جي خلاف ڪوٽ هوندو، ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو“ جي پاليسي اڃان تائين جاري آهي، حالانڪ گڏيل اقتدار، برطانيه لاءِ عملي طور سـٺو ڪجهه آڻيندو. سياسي بيان بازي لاءِ مذهب کي ڍال طور استعمال ڪيو پيو وڃي اهو هڪ نقاب آهي.
پنجون، برطانوي سرڪار جو ڪو به خيال نه آهي ته هو” اقتدار کان جدا ٿئي.“ وعده ڪيا ويا آهن، اهي صرف خالي وعده آهن، گلن وارا آئين معطل ڪيا ويا آهن، پر ان جي پسمنظر ۾ بدخواهي جو ڪنڊو هميشه رهندو. لفظ ڳالهايا وڃن ٿا پر اهي عمل جو ڪو رستو نه لهن ٿا. ڌرتي ڌڻين کان اقتدار پري ڪري نه ٿو سگهجي، ڪير به هجي ان کي ملڪ جي تقدير خاڪ ۾ملائڻ نه ڏبي؟ جيڪو هنن جو پيدائشي حق آهي.
ڇهون، الله بخش سومري چيو” برطانيه جي پاليسي آهي ته پنهنجو سامراجي قبضو جاري ۽ انهن کي ماتحت رکان ۽ فرقيوارانه اختلاف کي دونهي جي بادل طور استعمال ڪيان. قومي ڪارڪنن کي ڪچليو وڃي ۽ سامراجي مقصد تي عمل ڪيو وڃي. قومي ٻڌي تي ڌاڙو هنيو ويو آهي. سياسي اصلاحات راند آهن، نوجوان گلن جهڙي هندستان جا اڏامڻ لاءِ مٿي چڙهڻ جي ذهن کي هيٺ زمين تائين ڪيرايو وڃي ٿو ختم ٿيل راڪيٽ جي طرح، اختلا ف جي خلا ڪڏهن به پر نه ٿيندي، سياسي افق تي ڪا به گلابي نشاني نه آهي.
ستون، محترم چرچل جي تازي تقرير، تمام وڏي مايوسي ڦهلائي آهي ”بهتر سوچ رکندڙ ماڻهن کي ڌچڪو ڏنو آهي. نماڻي هندستان تي آسمان مان ڄڻ وڄ جو ڪڙڪو ٿيو آهي. جمهوريت جي ڪفن ۾ آخري ڪلي هنئي وئي آهي،“ سر اسٽافرڊ ڪرپس نئون آئين جاپاني حملي کي خريد ڪرڻ لاءِ لٽڪائي رهيو هو. الله بخش انهن تمام مراعات کي برطانوي سامراجيت ڏسي رهيو هو، الله بخش تا هم محوري قوتن جي حمايت نه ڪئي، هن کلي انداز ۾ اخبارن کي ٻڌايو ”مان ٻن ڳالهين ۾ يقين رکان ٿو، برطانوي سامراج کي شڪست ڏجي ۽ ساڳئي وقت نازي ازم ۽ بربريت جو مقابلو ڪجي، اهو منهنجو پيدائشي حق آهي“ مزيد هن چيو ”مان بديسي غلامي جو طوق لاهڻ چاهيان ٿو ۽ ساڳي وقت بديسي حملي جو مقابلو ڪندس“ هن کان سوال پڇيو ويو ته ٺاهه ڪرائڻ لاءِ هي مزيد قدم کڻندو، هن سادو جواب ڏنو، ڏسو ۽ انتظار ڪريو، هڪ صحافي چيو،هن کان پوءِ توکي وزير اعظم چيو وڃي، وزير اعظّم کلندي جواب ڏنو. مان نه ٿو ڄاڻان ته منهنجھي وزارت عظميٰ ڪيستائين هلندي.
الله بخش جي وزارت عظميٰ گهڻو وقت نه هلي ۽ هن جي کل وليانه هئي. هو پنهنجي دشمنن کي چڱي طرح سڃاڻيندو هو، اوندهه جي طاقتن رفتار ورتي هن طوفان کي ڏسي ورتو هو. ان جون نشانيون اڳ ئي آسمان تي هيون، هي سياسي قوت جي انتهائي منزل تي پهچي چڪو هو. انتهائي قومي وقار جي آڪاش جي انتها تي پهچي چڪو هو. موجوده آئين ڪا به نئين ڳالهه پيش نه ڪري رهيو هو. اڀرندڙ قدم ختم ٿي چڪو هو.
نازڪ وقت سر تي ۽ ماجرا تريءَ تي هئي، محترم الله بخش قوم پرستي جي مڪمل قيمت ادا ڪري رهيو هو. اها نقد پئسو هئي رت ۽ لوهه جو. هن تمام طاقتور ڪم سر تي کنيو هو. اهو ڪم طاقتور شهنشاهت سان مقابلو هو ”الله بخش ان جي قيمت ڏيڻ کي ڪٿيو هوندو، هن کي اها بهادري سان ادا ڪرڻي هئي، هي سڀ ڪجهه بهتر طور ڄاڻيندو هو ۽ خرابي ڪا دور ڪا نه هئي جيئن ئي طوفان لڳو، دوزخ تيزيءَ سان ۽ انتهائي تڪڙو هن جي سر تي ڪريو.
10 آڪٽوبر 1942ع تي هيٺيون سرڪار اعلان گورنر هائوس ڪراچي مان جاري ٿيو:
هز ايڪسيلنسي گورنر سنڌ، الله بخش سومري سان سندس خطاب واپس ڪرڻ واري معاملي تي ڳالهايو ۽ خطاب واپس ڪرڻ جا سبب هن جي شايع شده خط ۾ موجود آهن.
ان ڳالهه جي تناظر ۾ هن وٽ ڪو به رستو نه آهي. سواءِ ان جي ته هو الله بخش سومري کي اطلاع ڏيئي ته هي گورنر جو اعتماد وڃائي ويٺو آهي ۽ هو ان صورت ۾ پنهنجي عهدي کي جاري نه ٿو رکي سگهي، الله بخش کي گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ جي شق 51 (الف) تحت معطل ڪيو ويو آهي، جيڪو بيان ڪري ٿو، ”گورنر جا وزير منتخب ۽ هن جي طرفان سڏي سگهجن ٿا. هو هن جي رضا جي تحت ڪائونسل جي ميمبر طور قسم کڻي سگهن ٿا ۽ آفيس ۾ ويهي سگهن ٿا.“
محترم الله بخش سومري صحافين کي ٻڌايو ”منهنجي معطلي جو آئيني مسئلي سان ڪو به واسطو نه آهي.“ هن مزيد چيو” انهي ڳالهه کي تسليم نه ٿو ڪري سگهجي ته آئين جي تحت وزير اعظم ايستائين وزير اعظم رهندو جستائين ان تي گورنر جو اعتماد هوندو ۽ نه ان تي ته وزير اعظم تي پارليامينٽ جو اعتماد هوندو“. هن کان پڇيو ويو ته هن جا ڪي اڳتي لاءِ منصوبه آهن، سابق وزير اعظم چيو ”انتظار ڪريو ۽ ڏسو“.
الله بخش سومري جي معطلي کي هندستان جي اخبارن شهه سرخين سان ڇاپيو. گورنر جي ان عمل جي سخت نندا ڪئي وئي. سنڌ جو وزير اعظم پهريون نه هو جنهن خطاب واپس ڪيا هئا، ٻين اهڙو مثال ڪئي سال اڳ ۾ قائم ڪيو هو ۽ ڪنهن کي به سزا نه ڏني وئي هئي، سر ايس سبرامانيا آئير، مدراس جي هاءِ ڪورٽ جي وڏي جج برطانيه جي طرفان پهرين جنگ عظيم کان پوءِ هندستان کي گهرو حڪومت نه ڏيڻ تي احتجاج ڪندي ڪي - سي - آءِ - اي جو لقب واپس ڪيو. 1919ع ۾ جليانواله باغ پنجاب ۾ قتل وغارت تي احتجاج ڪندي امر شاعر رابندرناٿ ٽئگور پنهنجو نائٽ هڊ جو لقب قربان ڪيو ۽ هن هڪ اعليٰ خط لکي چلمسفورڊ ان وقت جي وائسراءِ کي واپس ڪيو ۽ گانڌيءَ قيصر هند جو لقب وائسراءِ کي واپس ڪيو ۽ گانڌئ جي ان قدم تي ڪيترن ئي قوم پرستن عمل ڪيو. ته پوءِ ڇو اڪيلو الله بخش، قوم پرستي جي ڪري ڏمر هيٺ آيو. هن تي پارليامينٽ جو مڪمل اعتماد هو، هو عوام جي آڏو جوابده هو، گونر ان کي معطلي جي ريشمي روڊ تي نه وٺي ويو هو. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هو طاقتور ٿي اڀريو، طاقت جي استعمال کي هن ملڪ ۾ رُڪ جي طرح استعمال ڪيو ويو جتي جمهوريت اڃان پلجڻ جي صورت ۾ آهي. اهو سٺو آهي ته ديو جهڙي طاقت هجي، پر جيئن ”شيڪسپيئر جو نقطه نظر آهي ته اهو ظّلم ٿيندو ته ان کي ديو جي طرح استعمال ڪجي.“
راجا مهيشور ديال سيٺ، جنرل سيڪريٽري آل - انڊيا مها سڀا هيٺيون بيان جاري ڪيو:
”جنهن جمهوريت لاءَ متحده قوتون وڙهي رهيو آهن ان جهموريت جي ڪفن ۾ ٻي ڪلي لڳائي وئي آهي. اها ڳالهه منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي ته لقبن جي واپسي جو پارليامينٽ ۾ اڪثريت جي حمايت سان واسطو آهي“.
فري پريس جنرل پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ راءِ ڏني :
”الله بخش سومري سابق وزير اعظم سنڌ هڪ لقب هٿ ڪيو.
هي هئو ”خانبهادر“
ان جي معنيٰ ڇا آهي يقينن ڪو به ڪجهه نه ٿو چئي سگهي،
ڪيترائي خان آهن، بهادر کان سواءِ ۽ ڪيترا بهادر آهن خان کان سواءِ،
پر خان بهادر برطانيه جا ٺهيل آهن،
محترم الله بخش خان بهادر هو.
هن پنهنجا لقب واپس ڪيا ۽ واپس ڪرڻ هن کان عهدو کسي ڇڏيو.
محترم الله بخش کي ٿورڙو ئي سبب آهي ته هو شڪايت ڪري، يقيني طور اُهو گورنر سنڌ جو اختيار هو ته الله بخش جي خيالن جي متعلق مشورو ڪري. اهو تمام ساڌو آهي ته فرضي جمهوريت سنڌ ۾ ڪفن دوزن جي نگهاباني ۾ ڏني وڃي. اهو انتظار نه ڪندو پر ان جو عاليشان دفن ڪندو.“
ڪانگريس جي 1942ع جي تحريڪ کان ئي سرڪار هندستان جي واڳن کي ڇڪيو آهي، تمام اميدون زمين تي ڪچليون ويون ايتري قدر جو اعتدال پسند به پنهنجا ڏند ڀيڻڻ لڳا. اهو نظر اچي رهيو آهي ته تالابندي ڪڏهن به نه کلندي، چرچل جي ٽولي مان تمام مختصر اميد رکي سگهجي ٿي. برطانوي وزير اعظم وڏو ڪاريگر آهي ۽ اهو ڪجهه هن جو نائب ايمري آهي. انهن جا ڏند جرمني کي کائڻ لاءِ آهن ۽ انهن کي ڪا به هٻڪ نه ٿيندي ته رستي ۾ ايندڙ هندستان کي پنهنجن تيز چنبن ۽ تيز ڏندن سان چڪ هڻي، الله بخش سندس معطلي وقت هيٺيون بيان جاري ڪيو، ”محترم ايمري جي ڪلهوڪي هائوس آف ڪامنس جي تقرير هندستاني عوام ۽ اڳواڻن جي چرچل ۽ ايمري ۽ ڪمپني جي متعلق جڙيل راءِ مطابق هئي. ايمري مقصد تي ڳالهايو، جيڪي هن چيو: برطانيه دنيا جي آڏو حلفيه انجام ڪيو آهي. هن ڪڏهن ۽ ڪنهن به وقت ڪا به شئي درست نموني سرانجام ڪئي؟
اڻ چٽائي برطانيه جي رويي جو پيش ٿيل گناهه آهي، هر ماڻهو جي خواهش آهي ته جوهن بُل ٿورو مفڪر هو، منطق جو انگريزي ڪردار ۾ ڪو به عمل دخل نه آهي. اها صاف هلت آهي جيڪا کاڌ چرچل ڏئي رهيو آهي، هن وٽ ڪجهه به نه آهي سواءِ پگهر ۽ خون جي، انگلينڊ لاءِ جنگ جي دوران ۽ جنگ کان بعد ڪا به اميد نه آهي ته برطانيه جي تاج ۾ جيڪو روشن هيرو آهي اهي واپس ڪندا. انهن اهو ذهن ٺاهي ڇڏيو آهي ته شنهشاهت جي قرض جي صفائي جي صدارت نه ڪئي وڃي پر دنيا جي پنجين حصي جي عوام جي آزادي جي قرض جي صفائي شهنشاه تي آهي؟ جيڪڏهن ايئن آهي ته اها انهن جي مهرباني آهي. مناسب آهي هڪ عظيم موتبر ماڻهو لاءِ، هر انگريز ان کي آڌرڀاءُ ڪندو، آزاد هندستان برطانيه لاءِ هڪ طاقتور ڪلهو آهي ليڪن برطانيه ۾ اهو حال ئي نه آهي ته حقيقتن کي منهن ڏئي. هو آزادي جي تلوارن سان پنهنجي غلام تي اعتبار نه ٿو ڪري. آمريڪا جي تاريخ مهمل تي رکي آهي. آمريڪا پنهنجي فتح خوني جنگ ذريعي حاصل ڪئي، برطانيه کان پاڻ کي اڇو نه ڪيائين. پاڻ پرواهه نه ڪندي؟ اهي اڃان تائين قريبي دوست آهن، هندستان جيڪڏهن ڪنهن رت ڦڙي وهائڻ کان سواءِ آزاد ٿيندو ته اهو ڪيئن نه احسان مند رهندو؟ غلام هندستان هڪ پکي هٿ ۾ آهي، اقتدار جي بکين سياستدانن لاءِ، ڏهن پکين کي هڪ ٻوڙي ۾ ڪا به اهميت نه آهي.“
هي جڳت ايس برائٽ جا الله بخش ۽ ان جي ڪردار بابت خيال هئا.
سنڌ ۾ ڇا ٿي رهيو هو ان تمام سياسي صورتحال تي گورنر سنڌ سر هيو ڊو جي وائسراءِ لارڊ لنلٿگو کي رپورٽ.
گورنمينٽ هائوس ڪراچي
22 آڪٽوبر 1942
پيارا لنلٿگو
گهڻو ڪري ان دوران صوبي جو سياسي وايو منڊل الله بخش سومري جي معطلي ۽ ان کان پوءِ جي سياسي نتيجن متعلق رهيو. اهو توهان جي لاءِ ناگوار ۽ منهنجي لاءِ ان ۾ ڪو به فائدو نه آهي ته صوبي ۾ ٿيندڙ ننڍڙين سازشن جو مڪمل چٺو پيش ڪيان ته نئين وزارت ٺاهڻ مهل ڪيئن نه وفاداريون تبديل ٿين پيون. صورتحال لمحي به لمحي تبديل ٿي رهي آهي ۽ ذاتي مفادن کي اصولن تي فوقيت آهي، پر مان ڪوشش ڪندس ته موجوده حالات جي مختصر وضاحت ڪيان ۽ ايندڙ مستقبل جي صورت کي واضح ڪيان.
پريس ۾ منهنجي قدم کي غيرقانوني قرار ڏنو ويو پئي اهو هاڻي روز بروز گهٽجي رهيو آهي، اهو واضح ٿي ويو آهي ته الله بخش کي اڪثريت ان ڪري هئي جو هو وزير اعظم هو. سر غلام حسين کي ڪا به دقت نه ٿيندي ته هو وزارت ٺاهي ۽ الله بخش کان وڌيڪ ميمبر گڏ ڪري. الله بخش به اهو دليل ڏيڻ گهٽ ڪري ڇڏيو آهي ته منهنجو عمل غير آئيني هو. هن بيان ۾ چيو آهي ته منهنجي وزارت تان نه لهڻ جي ڪري گورنر کي ڪو به رستو نه بچيو هو سواءِ ان جي ته هو مون کي معطل ڪري حالانڪ آخري ڳالهه هي اميد ڪري پيو ته ان جي لفظ مطابق هجي ۽ هن جي معطلي کي تمام جماعتن حيرانگي سان ڏٺو.
توهان جو خيرخواهه
سر هيو ڊو