خانداني لڙهي
سما دور قريبن 1350 کان 1520ع تائين ٻه صديون رهيو. هن دور ۾ ثقافتي ۽ سماجي ترقي سان گڏ اقتصادي خوشحالي رهي، سما دور کان پوءِ ارغون، ترخان، ۽ مغل دور رهيا ان ۾ سومرا ته ڇا سڄي سنڌي قوم پسماندگي ۾ هلي وئي. ان دور کي سنڌ جو اونداهون دور قرار ڏجي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. 1700ع کان 1782ع تائين ڪلهوڙا ۽ 1783کان 1843 جو عرصو ٽالپر حڪمرانن جو رهيو. 1843ع ۾ ٽالپر حڪمرانن کي شڪست ڏئي انگريز سنڌ جا حڪمران ٿيا. سنڌ کي آزاد وطن طور فتح ڪندڙ انگريز ، سنڌ کي متحده هندستان جو هڪ صوبو قرار ڏنو ۽ 4 سالن کان پوءِ فاتح انگريز ڪمانڊر ۽ سنڌ جي پهرين گورنر سر چارلس نيپيئر جي سنڌ مان روانگي کان پوءِ سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪري. گورنر جي جڳهه تي ڪمشنر مقرر ڪري سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي ۾ شامل ڪيو ويو. انهن حالتن جي باوجود سنڌ جي باسين همت نه هاري ۽ هنن تعليمي ادارا ٺاهي سنڌ ۾ انگريزي جي تعليم کي وڌايو ۽ پڻ سماجي ۽ سياسي تنظيمون، سنڌ سڀا ۽ محمدن ايسوسئيشن ٺاهي، سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندا رهيا. ان دوران سيد حزب الله شاهه پير پاڳاري ۽ ان جي مريدن انگريزن سان مهاڏو اٽڪايو ۽ 1893 کان 1896ع واري پهرين حر بغاوت ان جو نتيجو هئي.
سومرا خاندان جو حال شڪست خورده قومن ۽ حڪمرانن جي طرح ٿيو ۽ هو تتربتر ٿي وڃڻ سان گڏ پسماندگي ۾ هليا ويا. محترم ڊاڪٽر مهر عبدالحق سومري پنهنجي ڪتاب "The soomras" ۾ سومرا دور ۽ ان کان پوءِ جي حالات تي مفصل لکيو آهي. ان وچين دور ۾ ڪئي سومرا بزرگ ۽ اهم شخصيتن جنم ورتو. شڪست کان 550 سو سالن کان پوءِ برصغير جي اهم شخصيت الله بخش سومرو 1900ع ۾ شڪارپور ۾ خانصاحب محمد عمر جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ پنهنجي جرئت، دورانديشي، ديانتداري سادگي ۽ انتظامي حڪمراني جي ذريعي خود کي ۽ ابن ڏاڏن کي ملهايو اهو تاريخ جو هڪ بينظير مثال آهي.
20 صدي جي ابتداءِ ۾ صرف الله بخش سومري جنم نه ورتو پر ان جي ابتدائي ڏهاڪي ۾ ٻن اهم شخصيتن سائين جي ايم سيد 1904ع ۽ سيد صبغت الله شاهه پير پاڳارو 1909ع ۾ جنم ورتو، منهنجي ذاتي راءِ آهي ته هنن ٽن شخصيتن کان سواءِ سنڌ جي جديد سياسي، سماجي ۽ تهذيبي تاريخ نامڪمل آهي، ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته شهيد الله بخش سومرو جديد سنڌ جو دماغ، سورهيه بادشاهه ان جي دل ۽ سائين جي ايم سيد روح آهي. اڄ تائين مون جي ذهن ۾ هڪ سوال رهي ٿو ته انهن سنڌ جي ٽن عظيم شخصيتن سيد صبغت الله شاهه پير پاڳاري کي 34 سالن جي عمر ۾ ڦاسي تي ڇو چاڙهيو ويو، الله بخش سومري کي 43 سالن جي عمر ۾ ڇو قتل ڪرايو ويو ۽ سائين جي ايم سيد کي مرڻ گهڙي تائين 30 سالن کان مٿي ڇو قيد ڪيو ويو؟ اڄ به اسان انهن عظيم شخصيتن جي فڪر ۽ جدوجهد کي مشعل راهه بنائي سنڌ کي روحاني، ثقافتي ۽ سماجي طور بهتر ڪري سگهون ٿا ۽ معاشي ۽ سياسي خود مختياري ڏئي سگهون ٿا.