شخصيتون ۽ خاڪا

اللہ بخش سومرو

شھيد الله بخش سومرو ھڪ دورانديش، روادار۽ سرويچ سياستدان ھو. ھو سادگي پسند ۽ سچار ھيو. سنڌ اسيمبلي جي سابق ميمبر محمد امين کوسي الله بخش سومري کي ڀيٽا ڏيندي سندس عدل ۽ انصاف متعلق لکيو آهي تہ ””الله بخش جي حڪومت جي خطا ۽ ٻيو قصور  ڇا هو؟ سواءِ ان جي تہ سندس حڪومت ۾ ظالم ۽ مظلوم کي ڄاتو ويو.“ شھيد اللہ بخش سنڌ ۽ سنڌي قوم جي سياسي ۽ سماجي ارتقا ۽ جاڳرتا لاءِ ڪم ڪيو، معاشي طور وڌائڻ لاءِ زرعي سڌار آندا ۽ فڪري طور سنڌ ۾ قومي ۽ انسانيت جي لاٽ ٻاري.

Title Cover of book اللہ بخش سومرو

سياست ۾ پير

الله بخش جيئن ئي 19 سالن جو ٿيو ته سندن والد خان صاحب محمد عمر سومري وفات ڪئي. والد جي وفات نه صرف سندن تي گهر جي ذميواري سونپي پر تعليم کي به متاثر ڪيو ۽ ميٽرڪ کان پوءِ مزيد تعليم ڏانهن توجهه ڏئي نه سگهيا.
الله بخش سومري جو سنڌ جي حڪمران خاندان سان تعلق هجڻ جي ڪري سياست ۽ عوامي خدمت هن جي خون ۾ سمايل هئي. پاڻ 1923ع ۾ ضلع لوڪل بورڊ سکر جا ميمبر ٿيا. جيڪب آباد ميونسپالٽي جا به ساڳي وقت ميمبر ٿيا. 1928ع ۾ ضلع لوڪل بورڊ سکر جا نوجوان پريزيڊنٽ ٿيا. شهيد الله بخش سومري جي ضلع سکر لوڪل بورڊ جي دور کي عوامي ڀلائي ۽ بهبود جو سنهري دور قرار ڏئي سگهجي ٿو. الله بخش سومري ضلعي لوڪل بورڊ سکر جي پريزيڊنٽ جي حيثيت ۾1931ع ۾جيڪب آباد ۾چوپائي مال ۽ گهرو صنعتي ميلي دوران تمام سنڌ جي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ پريزيڊنٽن جي ميٽنگ سڏائي، ڪانفرنس ۾هن ضلعي لوڪل بورڊ جي پريزيڊنٽن جا اختيار وڌائڻ جي حوالي سان قرارداد پيش ڪئي جيڪا يڪراءِ طور منظور ڪئي وئي.
ساڳئي وقت عبدالله هارون جي زير صدارت ميٽنگ ۾ سنڌ جي بمبئي کان جدائي جي قرارداد منظور ڪئي وئي. هڪ ٻي قرارداد آل انڊيا مسلم ڪانفرنس جي حق ۾ پڻ منظور ڪئي وئي. هڪ ٻي اهم ڳالهه لوڪل بورڊ جي حوالي سان، سائين جي ايم سيد جون سياسي سرگرميون ۽ سندس ڪراچي ضلعي ۾ عوامي مهم ڏسي ان وقت جي ڪراچي جي ڪليڪٽر محترم گبسن ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچي جي بمبئي انتظاميه کان گرانٽ رد ڪرائي. شهيد الله بخش سومرو، سر شاهنواز ڀٽو، سيد ميران محمد شاهه ۽ خانبهادر غلام نبي شاهه جيڪي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جا ميمبر ۽ مختلف ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊن جا صدر هئا. انهن بمبئي انتظاميه سان ڳالهائي ضلعي لوڪل بورڊ جي گرانٽ بحال ڪرائي.
بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل
1926ع ۾ پاڻ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي اليڪشن ۾ حصو ورتائون ۽ نوجوان ۽ وچين طبقي سان تعلق هجڻ جي باوجود، سردارن ۽ زميندارن جي تڪ شڪاپور مان پنهنجي اهليت جي بنياد تي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جا ميمبر منتخب ٿيا. بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر منتخب ٿيڻ سان هن پنهنجي پارلياماني سياست جي ابتدا سر شاهنواز ڀٽو جي ساٿاري جي حيثيت ۾ ڪئي، سر شاهنواز ڀٽي جو عملي سياستدان هجڻ جي ڪري اهو خيال هو ته انگريز سرڪار سان ساٿ ڏيڻ جي ڪري سولائي سان پنهنجي تڪ ۽ سنڌ جا عوامي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا.
شهيد الله بخش سومري، سر شاهنواز ڀٽي جي ساٿاري جي حيثيت ۾ سرڪار سان سهڪار واري پاليسي هلڻ سان گڏ جتي به ان جي ضمير محسوس ڪيو ته سرڪار جو هي رويو عوامي مفادن جي خلاف آهي ته پاڻ ان جي مخالفت ڪيائون.
برٽش لائبرري جي فائيل V/9-2841 ۾ لکيل آهي ته الله بخش سومري 17 فيبروري 1927ع تي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي ميمبر جي حيثيت ۾ حلف کنيو.
بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي ان سيشن جي چيئرمين سر شاهنواز ڀٽو ولد غلام مرتضيٰ ڀٽو ميمبرن کان حلف کڻايو
حلف کڻندڙ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي ميمبرن جا نالا سر چني لال مهتا، محترم ڪاوسجي جهانگير، محترم جي - ايل ريو، محترم جي - اي هوسٽن، سر غلام حسين هدايت الله، سرهري لال ڊي، ڊيسائي، خانبهادر حاجي عبدالطيف، محترم جو ايڊي مين، مولوي رفيع الدين احمد، خان صاحب الله بخش محمد عمر سومرو، ڊاڪٽر جي - آر امبيڊڪر، محترم هري ڀائي جواهر ڀائي امين، محترم ايف- جي - ايڇ اينڊرسن، راءَ بهادر شنمکپاننگپا آنگندي، رامچندرا سنتارام اسالو، محترم اتمارام مهاديوآتواني، محترم بالڪ رام، محترم جان محمد خان ولي محمد خان ڀرڳڙي، خانبهادر شير محمد خان بجاراڻي، سردار محبوب علي خان محمد اڪبر خان بردار، محترم ستيا رام ڪيشاؤ بول، محترم ڊي. آر . ايڇ بروني، محترم نرساو بالڪرشنا چندرا چڊ، محترم جي چيٽفيلڊ، سر وسنت راو داڀولڪر، محترم غلام احمد ڊاگميا، محترم ڀلو ڀائي ترڀود ڊيسائي، محترم جيرام داس بيچرداس ڊيسائي، راؤ صاحب دادو ڀائي، پشو تمداس ڊيسائي، محترم لڇمڻ مهاديو ديشپانڊي، ڊاڪٽر موهن ناٿ ڪيڊارناٿ ڊڪسٽ، محترم جي گوسل، محترم غلام حيدر شاهه، سيد غلام نبي شاهه، ڊاڪٽر مان چرشڌن جي ڀائي گلڊر، محترم فراموز جمشيد جي گنوالا، محترم نارائن رام گنجال، محترم ڀسڪاراؤ ويٺوج راؤ جادهو، محترم جيرام داس دولت رام، خانبهادر جان محمد خان، خان بهادر شاهه پسند خان، محترم ديوان صاحب ابا صاحب جان ويڪر، خان بهادر حاجي امام بخش خان غلام رسول خان، محترم حاجي ابراهام، حاجي محمد جيٽڪر، محترم وشنو ناٿ نارائڻ جوڳ، محترم ڊبليو- اِلس جونس، محترم ايس- سي- جوشي، راءَ بهادر ٽوٽاپا ڪمبلي، محترم منجناٿ ديوار ڀاٽڪرڪ ، سر جوزف ڪي، محترم محمد ايوب شاهه محمد کهڙو، محترم حسين ڀائي عبدالله ڀائي، محترم لالجي نارنجي ۽ محترم شام راءُ پانڊورنگ راؤ لگيڊ.
الله بخش بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾9 سالن تائين سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي تائين ميمبر رهيو، برٽش لائبريري مان مليل مواد جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته الله بخش سومرو ڪائونسل جي هر اجلاس ۾ سنڌ جي مسئلن تي ڀرپور انداز ۾ ڳالهائيندو رهيو، هن سنڌ ۾آبپاشي نظام کي بهتر ڪرڻ لاءِ هميشه بمبئي حڪومت تي زور ڀريو، جنهن ۾ بيگاري واهه، ڪڙيا ۽ ٽيل تي رهندڙ آبادگارن تائين پاڻي پهچائڻ لاءِ حڪومت کي تجويز ڏيئي ان تي عمل ڪرائڻ لاءِ زور ڀريو.
سنڌ ۾پاڻي جي متعلق هو ڪيترو حساس هو ان جو اندازو 4 آڪٽوبر 1932ع تي بمبئي ڪائونسل جي اجلاس ۾ هن جي ڪيل تقرير مان ڪري سگهجي ٿو. هن ڪلري ڪئنال ۽ ڪڙين جي متعلق ڳالهائيندي چيو:
”پاڻي هڪ پاڻيٺ وارو خزانو“ آهي، اسان کي پاڻي کي احتياط سان استعمال ڪرڻ گهرجي، هڪ ڪيوسڪ پاڻي جي ضايع ڪرڻ جي معنيٰ آهي ته اوهان قومي معيشت کي نقصان پهچائي رهيا آهيو.“
شهيد الله بخش سومري جي هن مدبرانه ۽ دورانديشانه ڳالهه جيڪا صرف ٻن جملن تي مشتمل آهي ان کي اڄ به حقيقي تناظر ۾ جيڪڏهن ڏسبو ته اها سنڌ لاءِ نه پر تمام دنيا لاءِ هڪ مشعل آهي، ان تقرير کي 100 سال نه گذريا آهن ۽ اهو چيو وڃي ٿو ته ايندڙ جنگيون پاڻي تي ٿينديون ۽ هنن لفظن ۾ اهل سنڌ لاءِ به هدايت آهي ته سنڌو ۾ اسان جو ساهه آهي ان جي پارت اٿو.
الله بخش سومري جي اهليت ۽ ڪردار جي ڪري هن کي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي ڪيترن ئي ڪاميٽين تي ميمبر نامزد ڪيو ويو، سومرو صاحب سکر بئراج ڪاميٽي جو پڻ ميمبر هو.
12 مارچ 1930ع تي سومري صاحب بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ سنڌ ۽ ٻين هنڌن تي بئراج قائم ڪرڻ جي اهميت تي تقرير ڪئي. ياد رهي ته سنڌ جون ٻئي ابتدائي تنظيمون سنڌ سڀا ۽ محمدن ايسوسئيشن 20 صدي جي پهرئين ۽ ٻئي ڏهاڪي ۾ سنڌ ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ ”سنڌ ڪانفرنسن“ ۾سنڌ ۾ بهترين زراعت لاءِ جديد آبپاشي نظام لاءِ مطالبا ڪيا، جديد سنڌ جي ابتدائي سياست جي ٻن روح روائن رئيس اعظم غلام محمد خان ڀرڳڙي ۽ سيٺ هرچندراءَ وشنداس ۽ ٻيا سنڌ جا سڄڻ آواز اٿاريندا رهيا.
سکر بئراج 1932ع ۾ ٺهي راس ٿيو، جنهن سان سنڌ جديد آبپاشي نظام ۾ شامل ٿي ويو ۽ سنڌ ۾ لکين ايڪڙ زمين آباد ٿي ۽ سنڌ جو زراعت پيشه ماڻهو خوشحال ٿيو ۽ حڪومت کي به ڍل جي مد ۾ ڪافي رقم حاصل ٿي. سنڌ جي پاڻيءَ جي مسئلي کان سواءِ الله بخش سومري سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ حالات بهتر ڪرڻ لاءِ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ ڳالهايو.
13 مارچ 1928ع تي هن سنڌ ۾ بهتر تعليمي نظام لاءِ ڳالهايو.
28 مارچ 1931ع تي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾تقرير ڪندي هن سنڌ ۾ ڇهه ”ماڊل فارمز“ ٺاهڻ جو مطالبو ڪندي حڪومت تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته حڪومت ”ماڊل فارمز“ ٺاهڻ ۾ ناڪام وئي آهي.
12 مارچ 1931ع تي الله بخش سومري بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾تقرير ڪندي جيل ۽ ان ۾ رهندڙ قيدن جي حالت تي ڳالهايو ۽ انهن کي بهتر ڪرڻ لاءِ حڪومت کي چيو.
15 آگسٽ 1931ع تي هن رسائي ۽ لاپي تي ڳالهايو ۽ چيو ته بمبئي ڪائونسل جي ميمبرن جي سنڌ جي هن اهم مسئلي ۾ ڪابه دلچسپي ناهي. هن وڌيڪ چيو ته رسائي ۽ لاپو انتهائي خراب نظام آهي ۽ اهو ضروري آهي ته ان کي ختم ڪيو وڃي.
آگسٽ 1934ع ۾ الله بخش سومري سنڌ ۾ جننگ فيڪٽري لڳائڻ لاءِ بمبئي ڪائونسل ۾تقرير ڪندي چيو ته اها جلد به جلد لڳائي وڃي.
هن ساڳي اجلاس ۾ Sindh De-limitation Report سنڌ ڊي لميٽيشن رپورٽ تي ڳالهائيندي چيو ته اسان کي جمهوري نظام گهرجي ، ان نظام تحت ڪائونسل جي ميمبر کي پارٽي پروگرام تحت منتخب ٿيڻ گهرجي نه ڪه انفرادي يا ذات ۽ برداري بنياد تي.
هن سندس تقرير مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مستقبل جي سنڌ جي حوالي سان ڪهڙو نه سندس روشن خيال خاڪو هو، هن محسوس ڪيو ٿي ته جديد سنڌ جي ترقي لاءِ جمهوري نظام ئي بهتر طريقه ڪار آهي، جيڪڏهن اسان پارٽي پروگرام جي بنياد تي مستقبل جي سنڌ کي وٺي نه وياسين ته پوءِ انفرادي يا ذات پات وارو طريقه ڪار سنڌ کي پوئتي وٺي ويندو ۽ سنڌ پسماندگي مان نڪري نه سگهندي، ان لاءِ هن 1934ع ۾ ئي سر شاهنواز ڀٽو ۽ سائين جي ايم سيد سان گڏجي سنڌ جي پهرين سياسي پارٽي”پيپلز پارٽي“ ٺاهي.
پيپلز پارٽي
1934ع ۾ سائين جي - ايم سيد جي گهر ”حيدر منزل“ تي سنڌ جي پهرين سياسي جماعت ”پيپلز پارٽي“ جو بنياد رکيو ويو، سائين جي ايم سيد، شهيد الله بخش سومرو ۽ سر شاهنواز ڀٽو هن پارٽي جا روح روان هئا. بزرگ سياستدان جي حيثيت جي ڪري سر شاهنواز ڀٽو کي پيپلز پارٽي جو صدر مقرر ڪيو ويو، سر شاهنواز ڀٽو بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۽ بمبئي ۾ سياسي ۽ فلاحي مصروفيتن سبب پارٽي ڏي توجهه ڏيئي نه سگهيو ۽ پارٽي وڌيڪ هلي نه سگهي. پارٽيءَ صرف هڪ ڪم ڪيو جو 1934ع ۾ هندستان ليجسليٽو ڪائونسل تي پنهنجو اميدوار نواب نبي بخش خان ڀٽو بهاريو، ان اليڪشن ۾ ٽن اميدوارن سر حاجي عبدالله هارون، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ نواب نبي بخش خان ڀٽو حصو ورتو هو. نواب نبي بخش خان جي اليڪشن مهم جو الله بخش سومرو اتر سنڌ جو ۽ سائين جي ايم سيد هيٺين سنڌ جو انچارج هو. انهن ڪوششن سان نواب بخش خان هندستان ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر منتخب ٿيو.