وزير اعظم
”هندستان ۾ جيڪا قومي بيداري پيدا ٿي آهي ان جو اثر هن صوبي تي به ٿيو آهي، عوام جي جذبات ۽ اميدن کي مدنظر رکندي منهنجي وزارت انڊين نيشنل ڪانگريس ۽ جن ٻين پارٽين جي تعاون سان وجود ۾ آئي آهي انهن جي پروگرامن کي ملڪي حالتن ۽ ضرورتن جو خيال رکندي حتي الامڪان عمل ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.
مان صاف صاف ڳالهه چوڻ گهران ٿو ته اسان جي پارٽيءَ سودي بازي ڪري حڪومت ناهي ورتي، اسان صرف اهو وعدو ڪيو آهي ته سنڌ وطن جو انتظام قوم پرستي جي بنياد تي هلايو ويندو. ان جي تحت عوامي نمائندا نوڪر شاهي جي دست اندازي بغير حڪومت کي عوام جي خواهشات مطابق هلائين،. مان اسيمبلي ميمبرن کي گذارش ڪندس ته اسان جي ڪم کي ڏسي سٺي ۽ خراب جو فيصلو ڪن، اسان جو صوبو مرڪز جي امداد تي انحصار ڪري ٿو. اسان مرڪزي حڪومت کي گذارش ڪنداسين ته سنڌ تي جيڪو قرض آهي ان جو نئين سري سان حساب ڪري.
ٻيو اسان جي لاءِ اهم مسئلو زراعت پيشه ۽ زراعت تي دارومدار رکندڙ ماڻهن جو آهي. سکر بئراج کان هيٺ وهندڙ ڪئنالن جي خراب صورت حال جي ڪري اتي جو زراعت پيشه ماڻهو متاثر ٿيو آهي، ان کي بهتر سهولتون مهيا ڪنداسين. سرڪار هڪ اسپيشل آفيسر مقرر ڪيو آهي ته جانچ ڪري رپورٽ ڏئي ته جهرڪ يا ٻئي هنڌ هڪ ڊيم ٺاهيو وڃي.
اسان اتر سنڌ ۽ خاص ڪري روهڙي ڊويزن جي زرعي علائقي کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪنداسين
اسان انتظامي بهتري ۽ خرچ کي گهٽائڻ لاءِ بمبئي ري آرگنائزيشن ڪاميٽي ”Bombay Reorganistion Committee“ جي طرفان پيش ڪيل رپورٽ جي آڌار تي جيڪي شيون سامهون آيون آهن ان لاءِ هڪ مطالعاتي ڪاميٽي ٺاهينداسين ته جيئن ان جي تناظر ۾ اسين قدم کڻي سگهون.
اسان ڪانگريس وزارتن جي طرح گهٽ پگهار کڻنداسين
عدم ادائيگي جي صورت ۾ جيڪي سزائون ڏنيون ويون آهن، ان صورت ۾اهو قانون آهي ته ڪا به ڪورٽ ان متعلق وارنٽ جاري نه ڪري، ڪنهن خاص ڪيس ۾ لکت ۾ سبب ڄاڻائي ڪورٽ جي طرفان اهو ڪري سگهجي ٿو، گورنمينٽ جو اهو خيال آهي ته ضلع مئجسٽريٽن کي هدايت ڪري ته ڪورٽن جي ڌيان تي اها ڳالهه آڻائين ته سرڪار جي اها خواهش ناهي ته ان طريقي سان ڏنڊ ورتا وڃن.
موجوده اسپيشل مئجسٽريٽ نظام کي ختم ڪري ان جي جڳهه تي سرڪاري مئجسٽريٽ رکنداسين ۽ انهن جو خرچ حاصل ڪرڻ لاءِ اسان اسيمبلي ۾ بل پيش ڪنداسين، اسپيشل مئجسٽريٽ ايستائين ڪم ڪندا رهندا جيستائين اسان متبادل انتظام ڪري وٺون
لوڪل باڊيز جي ٿاڦيل ميمبرن جي نظام کي ختم ڪرڻ لاءِ اسيمبلي جي اجلاس ۾ اسان بل پيش ڪنداسين.
درٻار، درٻاري نظام ۽ ڪرسي ڏيڻ واري ڪليڪٽر ۽ ڪمشنر جي اختيار کي ختم ڪرڻ لاءِ جلد حڪم نامو جاري ڪنداسين.
رستن تي عام ماڻهن جي اچ ۽ وڃ لاءِ روڊ جو انتظام ضلعي لوڪل بورڊ کي ڏينداسين.
تڪاوي قرض جيڪو سابق حڪومت 2 روپيه هڪ ايڪڙ جي حساب سان رکيو هو ان مان ڪيترائي ماڻهو فائدو وٺي نه سگهيا آهن، خاص ڪري ٿرپارڪر ضلعي جا آبادگار، جن کي ٻوڏ جي حوالي سان تڪاوي قرض ڏنو ويو هو. مان اهو اعلان ٿو ڪيان ته انهن جو ڪيس همدردي سان ڏٺو ويندو ۽ انهن لاءِ اهڙيون آسان قسطون رکيون وينديون جنهن مان انهن کي تڪليف نه ٿئي.
استادن جي پگهارن کي وڌايو ويندو
مولانا عبيدالله سنڌي جيڪو سعودي عرب ۾ جلاوطن آهي ان کي واپس وطن آڻڻ جا اختيارات مرڪزي حڪومت وٽ آهن ان کي وطن واپس آڻڻ لاءِ اسان کي مرڪز کي سفارش ڪرڻ جي ضرورت پئي ته ضرور ڪنداسين. “
هن سنڌ جي جوان خون وزير اعظم جيڪو ڪجهه چيو اهو ڪري ڏيکاريو.
هن پراڻو درٻار نظام ختم ڪيو
هن ڪليڪٽر ۽ ڪمشنر جا ڪرسي ڏيڻ جا اختيار ختم ڪيا.
هن سرڪار طرفان لوڪل باڊيز ۾ ٿاڦيل ميمبرن جي رواج کي ختم ڪيو
هارين جي بهتري لاءِ هن زرعي اصلاحات آندا
مولانا عبيد الله سنڌي کي وطن واپس آڻائي هن جو ڪراچي بندرگاهه تي استقبال ڪيائين.
ياد رهي ته انگريز سرڪار جي زير عتاب هجڻ جي ڪري مولانا صاحب سعودي عرب ۾ جلاوطني جا ڏينهن گهاري رهيو هو. اهو الله بخش سومري جو همت ڀريو فيصلو هو جنهن جي ڪري مولانا عبيد الله سنڌي باوقار نموني سان وطن واپس موٽيو.
سنڌ جيئن ته جمهوري طرز حڪومت جي ابتدائي دور ۾ هئي ان ڪري قومي مفادن کان مٿي ذاتي ۽ گروهي مفادن کي اوليت ڏني ٿي وئي، مٿان انگريز حڪمرانن جا پنهنجا مقصد هئا، اهي ڳالهيون نه صرف الله بخش سومري جي ڪم ۾ رڪاوٽ هيون بلڪ سنڌ ۾ جمهوري عمل جي واڌ ويجهه ۽ معاشي ترقي ۾ وڏي رڪاوٽ هيون.
نوڪر شاهي جنهن 1843ع کان بيدردي سان سنڌ تي حڪمراني ڪئي هئي اها محسوس ڪري رهي هئي ته صوبائي خود مختياري ۽ جمهوري نظام سندن اثر رسوخ گهٽايو آهي.سائين جي ايم سيد چواڻي:
”سنڌ نوڪر شاهي جو شڪار گاهه هئي. هو سنڌ جي عوام کي پنهنجو غلام سمجهندا هئا. رشوت ۽ بدعنواني عام جام هئي“
نوڪر شاهي جيڪا 1843ع کان سر غلام حسين جي حڪومت تائين صوبي جو پاڻ کي بادشاهه سمجهندي هئي، ان الله بخش سومرو جي حڪومت کي پنهنجي لاءِ لغام محسوس ڪيو. الله بخش سومري نوڪر شاهي جي بجاءِ منتخب پارليامينٽ کي مضبوط ڪيو. پراڻي دور جي بي لغام نوڪر شاهي، الله بخش سومري جي حڪومت جي خلاف سازشون شروع ڪري ڇڏيون ۽ ٻيهر پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪرڻ ۽ الله بخش سومري جي حڪومت کي هٽائڻ لاءِ منصوبه بندي ڪندي رهي.
گورنر، وزير اعظم کان وڌيڪ اختيارات جو مالڪ هو. ان کي هڪ مبهم آئيني فقري تحت اهو به اختيار هو ته هو وزير اعظم کي هٽائي ٿي سگهيو. ان حيثيت ان کي اهو اختيار ڏيئي ڇڏيو هو ته عوامي حڪومت جي معاملن ۾ سولائي سان مداخلت ڪري، اهڙو هڪ واقعو الله بخش سومري جي درو اقتدار ۾ پيش آيو جنهن سنڌ جي سياست جو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيو ۽ برسر اقتدار سنڌ يونائٽيڊ پارٽي کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو.
سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي وقت جيڪي ٻه وڏا شرط وڌا ويا هئا، ان ۾ هڪ سکر بئراج ٺاهڻ لاءِ مرڪز کان جيڪو قرض ورتو ويو هو، نئين صوبائي حڪومت اهو واپس ڪندي. ان جو مدو 50 سال هو يعني 1977ع تائين سنڌ کي مرڪز کي قرض واپس ڪرڻو هو. 1939ع جي شروعات ۾ ٻي جنگ عظيم لڳڻ جي ڪري ۽ برصغير ۾ آزادي لاءِ قومي جاڳرتا پيدا هئڻ جي ڪري برطانوي حڪومت محسوس ڪيو ته اسان زياده وقت برصغير ۾ رهي نه سگهنداسين ۽ اسان جي بادشاهي جو وقت پورو ٿيڻ وارو آهي. هنن ان حالتن کي مدنظر رکندي سنڌ حڪومت تي زور ڀريو ته ڍل کي وڌائي قرض جلد به جلد واپس ڪيو وڃي.
ان مسئلي تي سنڌ اتحاد پارٽي ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي هڪ ڌڙو شهيد الله بخش سومري ۽ ٻيو سائين جي ايم سيد سان گڏ رهيو، شهيد جو خيال هو ته نئين حڪومت عوامي بهتري لاءِ سٺا ڪم ڪري رهي آهي ۽ ان کي تاج برطانيه سان رساڪشي ۾ اچڻ کان پاسو ڪري سنڌي عوام جي خدمت ڪرڻ گهرجي ۽ وائسراءِ هند ۽ گورنر جي ان خواهش کي پورو ڪرڻ گهرجي. سائين جي ايم سيد جو خيال هو ته سنڌي زراعت پيشه ماڻهن تي اهو اقتصادي بوجهه هوندو، ان ڳالهه تي اختلاف ايترو وڌيو جو شهيد الله بخش سومري ۽ سائين جي ايم سيد جي درميان ڪيترن سالن جي سياسي رفاقت، جدائي ۾ تبديل ٿي وئي. ان ساري معاملي تي سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“ ۾ مفصل روشني وڌي آهي. آءُ صرف ”برٽش لائبرري لنڊن“ مان ڍلن وڌائڻ جي معاملي تي گورنر ۽ وائسراءِ جي درميان جيڪا خط و ڪتابت ٿي آهي ان مان هڪ خط پيش ڪري رهيو آهيان ته جيئن پڙهندڙن کي خبر پئي ته برطانوي سرڪار ڍلن وڌائڻ جي معاملي تي ڪيڏي سخت هئي.
وائسراءِ لارڊ لنلٿگو جو گورنر سنڌ سر لانسلاٽ گراهام ڏانهن خط.
ڪلڪته
20 ڊسمبر
پيارا گراهام
مان دير لاءِ معذرت خواهه آهيان جو مان تنهنجي ڳجهي خط جيڪو تو مون کي9 ڊسمبر تي لکيو هيو، ان جو شڪريو ادا ڪري نه سگهيو آهيان، ان خط مون کي گهڻو خوش ڪيو آهي. مان انهي جي ڪري گهڻو خوش ٿيو آهيان جو تو الله بخش سان ڍلن وڌائڻ جي معاملي تي کرو کرو ڳالهايو آهي.
دٻاءَ جي نتيجي ۾ هن جي رويي متعلق تو جيڪو ڪجهه ٻڌايو آهي، اهو مطمئن ڪندڙ آهي ۽ اها منهنجي راءِ آهي ته تون الله بخش تي اهو دٻاءُ جاري رک.
توهان جو
لنلٿگو
هن خط جي لب ولباب مان اها ڳالهه واضح آهي ته مرڪزي حڪومت ڪنهن به صورت ۾ سنڌ ۾ ڍلون وڌائي سکر بئراج جو قرض واپس ڪرڻ گهريو ٿي.
الله بخش سومري ڍلن وڍائڻ وارو بل اسيمبلي کان منظور ڪرايو. سنڌ جنهن کي 50 سالن ۾ قرض واپس ڪرڻو هو مرڪزي حڪومت ڌونس ۽ دٻاءَ جي ذريعي سنڌ کان 20 سالن جي اندر واپس ورتو.
قرض ڏيڻ ايڏو وڏو مسئلو نه هو جيترو ان مسئلي سنڌ جي سياسي اتحاد کي نقصان پهچايو، سنڌ يونائٽيڊ پارٽي ٻن ڌرين ۾ ورهائجي ويئي ۽ ان پارٽي جا ٻه روح روان ۽ سنڌ جي سياست جا ٻه جرئتمند ۽ هڏ ڏوکي سياستدان، الله بخش سومرو ۽ سائين جي ايم سيد جي رستن جدا ٿيڻ، سنڌ کي ايڏو نقصان پهچايو، جنهن جي ڪٿا نه ٿي ڪري سگهجي.
منهنجي ذاتي راءِ آهي ته ڍلن وڍائڻ جي معاملي تي، عملي سياسي نقطه نگاهه کان الله بخش سومرو درست هو ۽ نظرياتي سياسي نقطه نگاهه کان سائين جي ايم سيد صحيح هو.
برصغير ۾ ايندڙ سياسي تبديلي جا اثرات سنڌ تي به پيا ۽ ساڳئي سال جي آخر ۾ جناح صاحب، سر عبدالله هارون جي دعوت تي ڪراچي ۾ آل انديا- مسلم ليگ جي تنظيم سازي ڪرڻ آيو. سر عبدالله هارون، سائين جي ايم سيد کي ان ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني، سائين جي ايم سيد جي مسلم ليگ اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ وري شامل ٿيڻ جي آمادگي شهيد الله بخش سومري ۽ سائين جي ايم سيد جي راهن کي مزيد جدا ڪري ڇڏيو. سومرو صاحب غير فرقيوارانه سياست ڪندو هو ۽ مسلم ليگ جو بنياد ئي فرقيوارانه بنياد تي هو.
ان اجلاس ۾ هڪ تجويز آئي ته جناح صاحب ۽ الله بخش سومري جي درميان جيڪا سياسي وڇوٽي آهي ان کي گهٽ ڪجي ۽ الله بخش سومري کي مسلم ليگ ۾ شامل ڪجي. مولوي فضل حق وزير اعظم بنگا ل ۽ سر سڪندر حيات وزير اعظم پنجاب، سر سعد الله خان وزير اعظم آسام ۽ ٻين سياستدانن الله بخش سومري سان ملاقات ڪئي. الله بخش سومري انهن کي چيو ته مسلم اسيمبلي ميمبرن جي اتحاد جي حوالي سان آءُ توهان جي تجويز سان متفق آهيان پر مرڪزي آل انڊيا مسلم ليگ جي تابع ٿي ڪم ڪرڻ مون لاءِ ڏکيو آهي.
هن مرڪزي سياست کي رد ڪندي پنهنجي دورانديش ٿيڻ جو ثبوت ڏيندي ان ڳالهه جو ڄڻ ته اظهار ڪيو هو ته مرڪزي سياست جا پنهنجا رنگ آهن ۽ وطن ۽ وطن پرست ان جا متحمل نه ٿي ٿا سگهن. 7 سال پوءِ سائين جي ايم سيد جناح صاحب سان صوبائي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ جي ڪري، مسلم ليگ کان پنهنجون راهون جدا ڪيون.
الله بخش تمام سياسي زندگي ۾ مرڪزي پارٽي ۾ شام نه ٿيو، هن سيٺ هرچندراءِ وشنداس ڀارواڻي جو رستو اختيار ڪيو. هرچندراءِ جو والد سيٺ وشنداس جڏهن 1885ع ۾ ڪانگريس ٺهي رهي هئي ته ان جي پهرين اجلاس ۾ مبصر طور شريڪ ٿيو هو. 1887ع ۾ نوجوان شاگرد جي حيثيت ۾ هرچندراءِ ڪانگريس جي مرڪزي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو هو. 1913ع ۾ ڪانگريس جو مرڪزي اجلاس هرچندراءِ جي ڪوششن سان ئي ڪراچي ۾ ٿيو هو. هرچندراءِ ان اجلاس جي آڌرڀاءُ ڪاميٽي جو چيئرمين هو ۽ هن جي دوستي جي ڪري مسلم قيادت رئيس اعظم غلام محمد خان ڀرڳڙي، غلام علي چاڳلا ۽ مير ايوب خان ڪانگريس اجلاس کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ وڏي مدد ڪئي پر جڏهن 1921ع ۾ هندستان اسيمبلي جي لاءِ ڪانگريس وارن، ڪانگريس جي ٽڪيٽ وٺڻ لاءَ گذراش ڪئي ته هن ان کان انڪار ڪندي چيو ته پارٽي ٽڪيٽ وٺڻ کان پوءِ مان ان جي هر حڪم جو تابع رهندس، مان پنهنجي آزادي ٽڪيٽ خاطر ختم نه ٿو ڪرڻ چاهيان، ڪانگريس هن جي مقابلي ۾ اميدوار بهاريو پر هرچندراءِ جهڙي اعليٰ پائي جي سياستدان کان هو کٽي نه سگهيو. هرچندراءِ اليڪشن جو خرچ ۽ ان جي مهم هلائڻ جا ڪشالا ته ڪٽيا پر پنهنجي آزادي جو سودو نه ڪيو، ان طرح الله بخش سومري مرڪزي سطح تي مسلم قوم پرستن جي ”آزاد مسلم ڪانفرنس“ پارٽي ته ٺاهي پر ڪنهن ۾ شامل نه ٿيو.
جناح صاحب ۽ الله بخش سومري اخباري بيان جاري ڪيو، تاريخدان جونس ايلن ڪيٿ پنهنجي پيپر،
"Muslim Politics and the Growth of Muslim League in Sindh" ۾ان کي هن طرح ڏٺو آهي:
”جناح صاحب 14 آڪٽوبر تي هڪ پريس بيان ذريعي الله بخش سومري کي جوابده ڄاڻائيندي طئه ٿيل معاهدي تان ڦري دغابازي ڪندڙ ڪوٺيو. هن چيو ته وزير اعظم کي اها ڳالهه ٻڌائي وئي هئي ته سندس وزارت کي مدد ڪرڻ جي حوالي سان ڪانگريس سوچي رهي آهي ٻيو ته الله بخش سومري ان ڳالهه تي زور ڀريو ته جيڪڏهن مسلم ليگ جي وزارت ٺهي ٿي ته مان وزير اعظم رهان“
”جناح صاحب جي الزام جو جواب ڏيندي الله بخش چيو ته ڪانگريس جي وزارت جي حمايت يا سندس وزير اعظم رهڻ جي ڳالهه جي جواز تي هن اهو قدم نه کنيو هو، هن وضاحت ڪندي چيو ته 9 آڪٽوبر جي معاهدي کي سندس پارٽي جي ٻه طرفي پاليسي جي ڪري ختم ڪيو ويو. مسلم ليگ جي آل انڊيا سطح جي اهم معاملن ۾ مدد ڪئي وڃي ليڪن آل انڊيا مسلم ليگ جي صوبائي معاملن ۾ ڪا به مداخلت نه هجي، الله بخش سومري اها ڳالهه زور ڏيندي چئي ته اهو طريقو مسلم ليگ اسيمبلي پارٽي رڪنيت کي روڪيندو“
گورنر سنڌ سر لانسلاٽ گراهام جو ان تمام معاملي تي وائسراءِ لنلٿگو ڏانهن خط:
”مون کي ان معاملي تي الله بخش وٽان اهم معلومات ملي آهي، هن مون کي جناح طرفان هارون کي لکيل خط جنهن جو مقصد هو ته الله بخش کي اهو ڏيکاريو وڃي جي ڪاپي ڏيکاري، اصلي خط جناح لکيو هو ۽ هارون کي ان ۾ ٻڌايو ويو هو ته شيخ عبدالمجيد ۽ سر غلام حسين تيار ٿي ويا آهن ته موجوده وزارت سان تعاون ڪندا، جيڪڏهن الله بخش پاڻ کي مسلم ليگ سان صاف طور ظاهر ڪري . الله بخش مون کي ٻڌايو ته مون کي ان ۾ ڪا به جهجهڪ نه ٿيندي ته ان آڇ کي رد ڪيان. هي موجوده مسلمانن ۽ هندن تي مشتمل وزارت کي جاري رکندو بجاءِ ان جي ته پاڻ کي لاڳاپي، انتها درجي جي فرقيوارانه جماعت سان. نتيجو ڇا نڪرندو ان متعلق ڪجهه نه ٿو چئي سگهان، پر الله بخش مون کي پر اعتماد لڳو ۽ منهنجي خيال ۾ هو حد کان وڌيڪ پر اعتماد هو.“
سنڌ اسيمبلي ۾ صرف پارلياماني پارٽي طور سنڌ يونائٽيڊ پارٽي اڀري آئي هئي اها به 2 سالن ۾ ٽوڙ ڦوڙ جي شڪار ٿي وئي. سنڌ ڪانگريس مرڪزي ڪانگريس جي حڪم جي ماتحت هئي. ”هندو انڊپينڊنٽ گروپ“ جي قومي مفادن کان مٿي هندو سيٺين جي مفادن کي اوليت هئي. مسلم آزاد ميمبر پنهنجي مفادن ۽ ٺاهه ٺوهه ۾ ئي پورا هئا، ان صورت ۾ هڪ تجربيڪار سياستدان جي حيثيت ۾ الله بخش سومرو هر ڳالهه کي منهن ڏيندو آيو.
هندو انڊپينڊنٽ گروپ طرفان جاتي بنياد تي اوم منڊلي تي پابندي هڻڻ جو مسئلو حڪومت سنڌ آڏو رکيو ويو. الله بخش سومري اوم منڊلي تي پابندي هڻڻ کان انڪار ڪيو ته منڊلي تي سرڪاري طور پابندي لڳائي نه ٿي سگهجي. ان مطالبي الله بخش سومري جي حڪومت کي لوڏي ڇڏيو.
دادا ليکراج جيڪو سنڌ ورڪي هو ان اوم منڊلي نالي هڪ حيدرآباد ۾ مرڪز ٺاهيو جنهن ۾ ڌرمي ۽ درسي تعليم ڏني ويندي هئي ۽ ان مرڪز ۾ ڀائي بند جاتيءَ جي بيوه ۽ غير شادي شاده عورتن کي پناهه ڏني ويندي هئي. ڀائي بند جاتي جو چوڻ هو ته اوم منڊلي جي ڪري هنن جي گهرو زندگي متاثر ٿي رهي آهي، ان ڪري اوم منڊلي تي پابندي لڳائي وڃي، هندو انڊپينڊنٽ گروپ ڀائي بند جاتي جو سنڌ اسيمبلي ۾ نمائنده گروپ هجڻ جي ڪري اخلاقي طور پابند هو ته ان مسئلي تي وزارت جي نه مڃڻ جي صورت ۾ مخالف ڌر سان ڳالهائي، ڄيٺمل پرسرام جي ذريعي مخالف ڌر سان ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ مسلم ليگ ۽ هندو انڊپينڊنٽ گروپ ۾ حڪومت کي ڪيرائڻ جو ٺاهه ٿيو.
الله بخش سومري مخالف ڌر سان ان مسئلي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ان کي سمجهايو ته هي خالصتن هندو جاتي جو مسئلو آهي. اوهان ان جي وچ ۾ نه اچو، پر مسلم ليگي قيادت ان خوشيءَ ۾ ته ڄاڻ ٿا حڪومت ڪيرايون، الله بخش جي ڳالهه ڏي توجهه نه ڏنو. الله بخش لاءِ ٻه صورتون هيون، هندو انڊپينڊنٽ گروپ جو اوم منڊلي تي پابندي هڻڻ جو مطالبو مڃي يا حڪومت جو خاتمو قبول ڪري. الله بخش سومري هندو انڊپينڊنٽ گروپ جي مطالبي کي مڃي پنهنجي حڪومت بچائي.
اسيمبلي ۾ جڏهن عدم اعتماد جي رٿ آئي ته هندو انڊپينڊنٽ گروپ مخالف ڌر جي بينچن تان اٿي سرڪاري بينچن تي ويٺو ان طرح عدم اعتماد جي رٿ ناڪام ٿي.
هي هڪ رپورٽ آهي جيڪا ان حالت جي سنگيني تي روشني وجهي ٿي:
دي ٽائيمس 20 مارچ 1939
سنڌ ۾ عدم تعاون جي تحريڪ ٻن وزيرن استعيفيٰ ڏيئي ڇڏي.
بمبئي
مارچ 27
سنڌ سرڪار جي ٻن وزيرن محترم نيچلداس وزيراڻي ۽ ڏيئل مل دولت رام استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. سرڪار جي تڪليف وڌڻ جو سبب اوم منڊلي عورتن جي اداري خلاف شروع ڪيل عدم تعاون جي تحريڪ آهي ۽ ان تحريڪ جي ڪري 110 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. سرڪار جي خلاف جيڪي عدم اعتماد جي تحريڪ ڪانگريس پيش ڪئي هئي اها ناڪام ٿي آهي. اوم منڊلي عورتن جو تعليمي ۽ ثقافتي ادارو سنڌ جي شهر حيدرآباد ۾ آهي. سيپٽمبر مهيني ۾ ان جي انتظاميه تي ڪيترائي الزام لڳايا ويا هئا ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته ان کي بند ڪري، تحريڪ جاري آهي ۽ ان فرقيوارانه رنگ ورتو آهي ۽ مقامي مسئلي کي صوبائي مسئلو بنايو ويو آهي.“
اهو مرحلو پورو ئي نه ٿيو هو جو مسلم ليگ هڪ نئين عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ڪئي. مسلم ليگ اها تحريڪ مخالف ڌر جي اڳواڻ سر غلام حسين جي بجاءِ سائين جي ايم سيد جي ذريعي پيش ڪئي. سر غلام حسين اها تحريڪ پيش ڪرائي پنهنجا ٻه مقصد حاصل ڪرڻ گهريا ٿي جيڪڏهن اها ڪامياب وڃي ٿي ته آءُ سنڌ جو وزير اعظم ٿيندس نه ته الله بخش سومري سان ڪا سياسي ڏي وٺ ڪندس، ائين ئي ٿيو سر غلام حسين، الله بخش سومري سان ٺاهه ڪري وزارت وٺي عدم اعتماد جي تحريڪ خلاف ووٽ ڏئي ان کي ناڪام بنايو. ان متعلق ڪيتريون ئي رپورٽون برٽش لائبرري لنڊن ۾ موجود آهن ۽ مون شهيد الله بخش تي 2001 ۾ پنهنجي لکيل ڪتاب "Allah Bux Soomro: Apostle of Secular Harmony" ۾ ڏنيون آهن. انهن مان هڪ هت ڏئي رهيو آهيان.
21 جنوري 1939
پيارا پڪل
ٻن هفتن کان اسيمبلي جو اجلاس جاري آهي. موجوده وزارت جي خلاف مخالف ڌر جي تحريڪ تڏهن ظاهر ٿي جڏهن محترم جي ايم سيد وزارت جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ڪئي. هن مهيني جي 10 کان 12 تاريخ تائين ان تي بحث جاري رهيو ۽ نتيجن سرڪار کي وڏي ڪاميابي ملي. عدم اعتماد جي تحريڪ جي فائدي ۾ 7 ۽ مخالفت ۾ 32 ووٽ پيا. ڪانگريس غير جانبدار رهي ۽ ڪجهه ميمبر جن ۾ سر غلام حسين سابق وزير اعليٰ جيڪو هن وزارت جو سخت مخالف هو ان حڪومت جي حق ۾ ووٽ ڏنو آهي.
تنهنجو خير خواهه
آءِ- ايڇ - ٽانٽن
هي ٻه واقعا ان ڳالهه جا گواهه آهن ته سنڌي هندو اسيمبلي ميمبر پنهنجي جاتي جي مسئلن ۾ صرف دلچسپي رکندا هئا ۽ سنڌي مسلمان ميمبر پنهنجي ذاتي مفادن ۾ دلچسپي رکندا هئا. سر غلام حسين جهڙو بزرگ سياستدان، سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ ۽ سنڌ جو پهريون وزيراعظم صرف وزارت خاطر پارٽي سان بي وفائي ڪئي ۽ وزارت وٺي الله بخش سومري جي بعيت ڪيائين.
مسلم ليگ کي الله بخش سومري کي هٽائي سگهڻ جا ٻه ڌچڪا آيا هئا ۽ هو مسلم اسيمبلي ميمبرن جي اتحاد جي نالي يا عدم اعتماد جي تحريڪ جي ذريعي الله بخش سومري کي هٽائي نه سگهي هئي.
الله بخش سومري عوامي ڀلائي ۽ بهبود جو ڪم جاري رکيو ۽ هجڻ ته ايئن گهرجي ها ته مسلم ليگ ان ٻن ناڪامين کان پوءِ ان مان سبق سکي هڪ سٺي مخالف ڌر جو ثبوت ڏيندي الله بخش سومري جي عوامي ڀلائي جي ڪم ۾ ان جي مدد ڪري ها پر هتي معاملو ئي ٻيو هو ۽ الله بخش کان انتقام وٺڻ لاءِ هنن اهڙو مذهبي هٿيار استعمال ڪيو جنهن سنڌ جي صدين جي ايڪتا ۽ ٻڌي کي ڀور ڀور ڪري ڇڏيو ۽ صوفين جي ڌرتي تي مذهب جي آڙ ۾ ڪشت و خون ٿيو.
فرقيوارانه پاليسي هنن جو وڏو هٿيار هو. ان لاءِ هڪ مثال پيش ڪريان ٿو، سر غلام حسين جي وزارت جڏهن ڪيرائي وئي هئي ته مسلم ليگ جو هڪ اجلاس 29 مارچ 1930 تي غلام حسين خالقڏني هال ۾ ٿيو هو. ان اجلاس جي روداد سائين جي ايم سيد نئين سنڌ لاءِ جدوجهد” ڪتاب ۾ بيان ڪئي آهي ۽ ڊاڪٽر حميده کهڙو به پنهنجي ڪتاب ”محمد ايوب کهڙو“ ۾ ان تي مفصل روشني وڌي آهي.
سر غلام حسين جي وزارت هٽڻ تي مسلم ليگي ڪارڪن تمام گهڻا ناراض هئا ۽ اڳواڻن کي وزارت هٽڻ جو ذميوار سمجهي رهيا هئا. ايتري تائين جو پنهنجي اڳواڻن جي وضاحت به ٻڌڻ لاءِ تيار نه هئا. جڏهن هنن پير الاهي بخش ۽ پير علي محمد شاهه راشدي کي نه ٻڌو ته سائين جي ايم سيد اٿي بيٺو ۽ هن وزارت کي ڊاهڻ جي ذميواري قبول ڪئي. ان ميٽنگ ۾ اهڙي صورت حال ٿي وئي جو سر غلام حسين جي وزارت ڊاهڻ کي ڄڻ اسلام جي شڪست قرار ڏنو پئي ويو.
ايڇ - پي - ڪرپلاڻي چيف سيڪريٽري سنڌ جي وائسراءِ ڏانهن لکيل خط ۾ اهو جملو واضح لکيل آهي ته سر غلام حسين جي وزارت ڊهڻ کي ”اسلام خطري ۾“ قرار ڏئي رهيا آهن. مذهب جي نالي الله بخش سومري جي حڪومت هٽائڻ جو جواز مسلم ليگ کي ”مسجد منزل گاه“ جي نازڪ مسئلي ۾ ملي ويو. ڊاڪٽر حميده کهڙو جي لفظن ۾، ڪتاب ”محمد ايوب کهڙو“
”وزارت کي هٽائڻ لاءِ هڪ سبب ملي ويو ۽ ان تحت منصوبه بندي ڪئي وئي ته جيئن صوبائي حڪومت واپس وٺجي، مسئلو انهن جي هٿن ۾ هو ۽ ڪيتري وقت کان اڳواڻن جو در کڙڪائي رهيو هو، انهن چوڌاري نهاريو ۽ ڳولي لڌو ”مسجد منزل گاه“
مسجد منزل گاه
الله بخش سومرو ان ۾ عمل جي حد تائين يقين رکندو هو ته صوبي جي رهواسين جي مذهبي ڇوت ڇات، ذات پات ۽ طبقي کان مٿي ٿي خدمت ڪبي. ليڪن جيڪي ماڻهو فرقيواريت ۾ يقين رکندا هئا ۽ ان کي پنهنجي مفاد ۾ استعمال ڪرڻ چاهين پيا، انهن ئي مسجد منزل گاه جو مسئلو پيدا ڪيو.
الله بخش سومري پاڻ به ان مسئلي کي حل ڪرڻ چاهيو پئي ۽ هن ان معاملي تي مسلم وفد سان به ميٽنگ ڪئي هئي ۽ انهن کي يقين ڏياريو هئائين ته هو مسئلي کي جذباتي طرح نه پر حقائق جي بنياد تي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هندن کي ان تي اعتراض آهي ان لاءِ هن کي وقت گهرجي. هندن جو خيال هو ته سندن مقدس عبادت گاهه ساڌ ٻيلو به ان طرف آهي ۽ عبادت ڪرڻ لاءِ ويندڙ عورتن لاءِ مسئلا پيدا ٿيندا ۽ جهيڙي جو به امڪان آهي ان ڪري مسجد کي بحال نه ڪيو وڃي.
مسلمان پنهنجي ضد تي ۽ هندو به سندرو ٻڌي بيهي رهيا. مسلم ليگ مسجد منزل گاه جي معاملي تي اجلاس گهرايو، ميٽنگ ۾ سائين جي ايم سيد مسلم ليگ قيادت کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيو ته ”مسجد منزل گاه“ جو مسئلو خالصتن مذهبي آهي ۽ ان کي جمعيت العلماءِ هند تي ڇڏيو وڃي ۽ مسلم ليگ کي صرف سياسي معاملن تائين محدود ڪيو وڃي. سائين جي ايم سيد جي ان راءِ کي رد ڪندي ورڪنگ ڪاميٽي وڏي اڪثريت سان مسجد منزل گاه جو مسئلو پنهنجي هٿ ۾ کڻڻ جو فيصلو ڪيو . الله بخش سومري جو خيال هو ته مذهبي مسئلو مختصر وقت ۾ حل ٿيڻ جوڳو نه هو. مسلم ليگ اهو محسوس ڪيو ته الله بخش سومرو هنن کي ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي ان تي هنن مسجد کي بحال ڪرائڻ لاءِ هڪ ”مسجد بحالي ڪاميٽي“ ٺاهي ۽ تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو. سائين جي ايم سيد جي موقف جي ڪري ان کي مسجد بحالي ڪاميٽي ۾ نه کنيو ويو.
اها پڙهندڙ لاءِ تعجب خيز ڳالهه هوندي ته جنهن شخص شروع ۾ مسجد منزل گاه جي معاملي ۾ مسلم ليگي دوستن کي تحريڪ هلائڻ لاءِ منع ڪيو هو. اهو تحريڪ هلندي ان ۾ ڇو شامل ٿيو؟
مسجد منزل گاه بحالي ڪاميٽي تحريڪ جي ابتدائي مرحلي تائين سائين جي ايم سيد ان ۾ شامل نه رهيو پر محمد ايوب کهڙي جي خطن ۽ ٻي مسلم ليگي قيادت جي زور ڀرڻ تي شامل ٿيو. سائين جي ايم سيد ڪهڙي به سبب جي ڪري مسجد منزل گاه جي تحريڪ ۾ شامل ٿيو پر ان عمل کي هميشه غلط قرار ڏيندو رهيو.
منزل گاه جي تحريڪ شروع ٿي وئي، ستياگره تي ويٺل ڪئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ اتر سنڌ ۾ ڦرلٽ ۽ قتل ڪرڻ جي بازار گرم ٿي وئي. صوفي سنڌ جا باسي سنڌي نه رهيا هئا پر هو پاڻ کي پڇ هڻي هندو سنڌي ۽ مسلمان سنڌي ٿي ويا، ان عمل جو آخر ۾ نتيجو ڇا نڪتو. سنڌي هندو در بدر ٿي ويا ۽ سنڌي مسلمان خاڪ بسر ٿي ويا.
الله بخش سومري هڪ دورانديش سياستدان جي حيثيت ۾ محسوس ڪيو ته هي مستقبل جي سنڌ جي تباهي ۽ بربادي جو سامان آهي. هن ٻنهي ڌرين کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو انڌي گهوڙي تي سوار هئا. تحريڪ جڏهن ٿڌي ٿي ۽ سائين جي ايم سيد ۽ مسلم سياسي ڪارڪن آزاد ٿيا، تڏهن مسلم قيادت ۾ سائين جي ايم سيد محسوس ڪيو ته هي وڏو نقصان ٿي چڪو آهي ۽ ان جي ازالي لاءِ هن ڪوشش شروع ڪئي، سائين ان پنهنجي عمل کي پنهنجي ڪتاب ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“ ۾ هيئن بيان ڪيو آهي.
”اسان جي 19 نومبر 1939ع تي گرفتاري کان پوءِ سکر ۽ ان جي ڀرپاسي ٿيندڙ واقعات دکدائڪ آهن. جنهن وقت مان جيل ۾ هوس ته مون کي جيل ۾ هندو ۽ مسلم دوست انهن حالتن کان واقف ڪندا رهيا. مون کي افسوس آهي ته مان جيل ۾ هجڻ جي ڪري متاثرن سان همدردي جو اظهار ڪري نه سگهيس. مان هن وقت سنڌي هندن ۽ مسلمانن جيڪي ان واقعات کان متاثر ٿيا آهن انهن سان هن بيان ذريعي دلي همدردي جو اظهار ڪيان ٿو. خاص ڪري اهي معصوم اڻ ڌريا هندو جن کي هنن واقعن جي ڪري نقصان ٿيو آهي.
جڏهن مان هن تحريڪ سان پاڻ کي وابسته ڪيو ته ان وقت منهنجي خيال ۾ به نه هو ته تحريڪ اهڙو ڀيانڪ رخ اختيار ڪندي. جيڪي به قتل ۽ غارت گيري جا واقعا ٿيا آهن اهي قابل مذمت آهن. وقت جي ضرورت آهي ته سنڌ جي باسي هندو ۽ مسلم عوام جي وچ ۾ امن ۽ ايڪتا پيدا ڪئي وڃي ۽ مان ان کي پنهنجو اولين فرض سمجهان ٿو ته ان امن ۽ ايڪتا جي حاصل ڪرڻ تائين پنهنجيون ڪوششون جاري رکان.“
مسلم ليگ مسجد جي بحالي جي تحريڪ آڪٽوبر 1939 کان ان حوالي سان شروع ڪئي ته وزير اعظم سنڌ الله بخش سومرو کي ليگين ڪافي وقت ڏنو ۽ هو ان مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، ان ڪري هنن تحريڪ شروع ڪئي هئي.
مسلم ليگين جي ان استدلال جي حوالي سان پڙهندڙن ۽ تاريخدانن جي ذهن ۾ ڪجهه سوال ته ضرور پيدا ٿيا هوندا.
ڇا اها ڳالهه سومري جي وس ۾ هئي ته فرقيوارانه مسئلي کي جلدي ختم ڪري سگهيو ٿي؟
ڇا مسئلي کي سومرو سمجهي نه سگهيو هو؟
ڇا سبب هو جو پراڻو ڏهاڪي سالن جو مسئلو بمبئي پريزيڊنسي وقت، ڪمشنر سنڌ، نوڪر شاهي ۽ سنڌ جي خودمختياري وقت سنڌ جو پهريون وزير اعظم سر غلام حسين حل ڪري نه سگهيا هئا؟
جيڪڏهن فرقيوارانه مسئلو حل طلب هو ته مهاتما گانڌي، جواهر لال نهرو، محمد علي جناح ۽ ابوالڪلام آزاد برصغير ۾ ان مسئلي کي ڇو نه حل ڪري سگهيا؟ اها به حقيقت آهي ته برصغير جي تقسيم ان فرقيوارانه مسئلي جي ڪري ٿي ۽ 15 کان 20 لک ماڻهو قتل ٿيا ۽ لکين عورتن جو عصمتون لٽيون ويون. اربين روپين جو نقصان ٿيو ۽ لکين ماڻهو پناهگير ٿيا.
ڇا فرقيوارانه مسئلو سنڌ تائين محدود هو، برصغير جي ٻين صوبن ۾ ان جو اثر نه هو؟
ڇا ٻين صوبن جا وزير اعظم ان مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا هئا؟
ڇا سومري جي لاءِ حالات بهتر هئا ته هو فرقيوارانه مسئلي کي جلدي حل ڪري سگهيو پئي؟
جيڪڏهن اهڙي صورت حال نه هئي ته پوءِ ڇو الزام لڳايو ويو ته سومرو مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام ويو؟
جيڪڏهن فرقيوارانه ڇوت ڇات جي تاريخ کي سمجهن ها ته ڪيئن ساڳي عيسائي مذهب جي ڪئٿولڪ ۽ پروٽيسٽن جي وچ ۾ خون وهايو ويو ۽ يهودين ۽ عيسائين ۾ ڪيئن قتل وغارت گيري ٿي ته هو ان مسئلي کي هٿ ۾ کڻڻ کان اڳ سو دفعا سوچين ها ۽ تڪڙ نه ڪن ها.
بغير ڪنهن نتيجي جي ٻئي هندو ۽ مسلم ڌريون، مسئلي ۾ ڦاسجي ويون، هاڻ ڇا ڪجي، فرقيوارانه ڪوڙڪي جيڪا هنن خود ٺاهي هئي، ان مان ڪيئن نڪرجي انهن جي لاءِ مسئلو بنجي وئي.
سنڌي هندو انڊپينڊنٽ گروپ ۽ مسلم ليگي قيادت جيڪي پاڻ ۾ مسجد منزل گاه جي مسئلي تي چانڊيا ۽ مگسي هئا، انهن فيصلو ڪيو ته سومري کي هٽائڻ لاءِ چانڊيا- مگسي اتحاد ضروري آهي. ڪلهه جن سنڌ جي صوفيانه ڌرتي تي فرقيواريت جي مسئلي تي خون خرابو ڪرايو، اڄ هي ڀائي ڀائي ٿي ويا ۽ هنن سومري کي هٽائڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ڪئي. هندو انڊپينڊنٽ گروپ وچ ۾ گوهي هڻندي الله بخش سومري سان ڀائي ڀائي ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي 21 پوائنٽن جو مسودو ڏنو پر سومري صاحب انهن سان معذرت ڪندي واپس ڪيو ۽ چيو ته وزارت کي بچائڻ لاءِ مان اهڙي ڳالهه قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهيان جيڪا منهنجي اصولن جي خلاف هجي.
هندو انڊپينڊنٽ گروپ جي طرفان ڏنل 21 پوائنٽن سان متفق هوندي به الله بخش سومري ان کي ڇو نه قبول ڪيو، سائين جي ايم سيد ان کي پنهنجي ڪتاب نئين سنڌ لاءِ جدوجهد ۾قلمبند ڪيو آهي. هي سائين جي ايم سيد جا خيال پڙهندڙن کي الله بخش سومري جي شخصيت ۽ خيالن کان بهتر نموني واقف ڪري سگهندا.
”ڪو به سوال ڪري سگهي ٿو ته سومري هندو انڊپينڊنٽ گروپ جي 21 نقطن کي ڇو نه قبول ڪيو ؟ هن سوال جو درست جواب لهڻ لاءِ مان چاهيندس ته پڙهندڙ هن تجزئي ۾مون سان گڏ رهن. گذشته ٻن سالن جي تلخ اسيمبلي تنازعات جا نفسياتي اثرات الله بخش سومري جي ذهن ۾ هئا.
گنڀير معاملن جي وقت الله بخش جوکم کڻندو هو ۽ جڏهن هو ڪنهن معاملي تي فيصلو ڪندو هو ته ان معاملي ۾ هو هر شي کي جوکي ۾ وجهڻ لاءِ تيار رهندو هو. هي زيرڪ قسم جو ٺيڪدار هو ۽ هو واپار جي طرح هر شي جو تخمينو لڳائيندو هو ۽ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هو انتها تائين ويندو هو. آفيسرن کي پنهنجو ڪرڻ هن کي ايندو هو ۽ وڏن زميندارن کي پنهنجي فراخ دلانه مهمان نوازي جي ذريعي پاڻ ڏانهن مائل ڪندو هو.
پنهنجي بهترين رويي، سخاوت ۽ شفقت جي ذريعي اسيمبلي ۾ عزت ۽ مرتبو حاصل ڪندو هو. اسيمبلي جي اليڪشن وقت قبائلي سردارن ۽ خاندانن تي توانائي، پيسو ۽ سڀ ڪجهه خرچ ڪندو هو، مقصد کي يقيني طور حاصل ڪرڻ لاءِ هو جيڪو ڪجهه ڪندو هو اهو ڳڻ ڳوت ۽ منصوبي تحت هوندو هو. پر هي ڳڻ ڳوت واڻڪي نموني نه هوندي هئي ته جيڪو هن خرچ ڪيو آهي ان جو لاڀ حاصل ڪري، هي نقصان ۽ فائدي جي سوچ کان مٿاهين فتح حاصل ڪرڻ جي تمنا رکندو هو، هن جا طريقا ان جنرل جي طرح هئا جيڪو خاص جنگ کٽڻ جي تمنا رکندو هو. “
مسجد منزل گاه جي مسئلي تي الله بخش سومري، سر عبد الله هارون ۽ مسلم ليگي قيادت سان مسئلي جي نزاڪت ۽ ان جي حل ڪرڻ لاءِ ضروري قدمن متعلق ملاقات ڪئي ۽ کين سمجهايو پر جيئن ته ليگ اڳواڻن کي مسجد منزل گاه جي بحالي کان وڌيڪ هڪ اهم ڪم الله بخش سومري جي وزارت کي ڊاهڻو هو. بهرحال مسجد جي تحريڪ جي ذريعي مسجد بحال ٿي نه سگهي پر هندو انڊپينڊنٽ گروپ ۽ مسلم ليگ (چانڊيا - مگسي) اتحاد جي ذريعي اسيمبلي ۾ هڪ تحريڪ پيش ڪئي ۽ ان تحريڪ تي الله بخش سومري جيڪا تقرير ڪئي آهي، اها تاريخ جو هڪ اهم باب سمجهندي پيش ڪري رهيو آهيان:
محترم اسپيڪر
اوهان جي اجازت سان هاڻ ڪجهه وضاحت ڪرڻ چاهيان ٿو ته جيئن هائوس ۾ آندل تحريڪ تي بهترين نموني سان مڪمل ۽ کلي طرح سان بحث ٿي سگهي.
اڳئين ڏينهن تحريڪ کي آڻڻ تي مون ان ڪري اعتراض ڪيو هو ته مان تنقيد کان نه بچان بلڪ منهنجو خيال هو ته اهڙي خاص موضوع تي بحث ڪرڻ لاءِ ماحول سازگار نه آهي، حالات معمول مطابق نه آهن ۽ مون کي خوف آهي ته بحث باهه کي نه ڀڙڪائي ڇڏي ۽ تڪليف ده حالتن ۾ مزيد اضافو نه ڪري، هينئر تحريڪ کي هائوس ۾ زير بحث آندو ويو آهي ۽ مان اميد ٿو ڪريان ته محترمه ميمبر صاحبان تنازعي پيدا ڪرڻ لاءِ جيڪي ڳالهيون ٻاهران موڪليو ويون هونديون ان کان بالا ٿي بحث ۾ حصو وٺندا، مان هائوس جي تمام اڪابرين کي گذارش ٿو ڪريان ته هو مسئلي کي هن ۽ هُن جي تناظر ۾ ڏسڻ جي بجاءِ ان کي حل ڪرڻ لاءِ ڪنهن نتيجي تي پهچن، ائين ڪرڻ سان دکدائڪ ۽ افسوسناڪ واقعات جيڪي ٽن مهينن کان جاري آهن انهن جي پڄاڙي ٿيندي.
مان اهو مڃان ٿو ته اڃا تائين سکر ضلعي جي هندن ۾ خوف ۽ حراس آهي ۽ اهو حڪومت جو فرض آهي ته گهٽ ۾ گهٽ عرصي ۾ سنڌ جي تمام طبقن ۾ احساس تحفظ پيدا ڪري ۽ قانون جي عملداري جو يقين ڏياري. گذريل ٻن مهينن جي افسوسناڪ واقعن اسان جي ترقي کي گهٽائي ڇڏيو آهي ۽ جيستائين ان ۾ بهتري اچي، صوبي کي هڪ نسل تاءَ پوئتي ڪيو ويو آهي.
اهو چوندي مان ڏکارو ٿيان ٿو پر اها هڪ حقيقت آهي ته سکر ۽ ان جي آس پاس ۾ ٿيندڙ بد ترين واقعات سنڌ جي تاريخ ۾ ڪاري ٽڪي طور رهندا.
سنڌ کي صوبائي خودمختياري ملڻ کان پوءِ ڪيترن ئي حلقن ۾ اقتدار، چاهي اهو ڪيتري ئي قيمت ادا ڪرڻ تي ملي جي بک پيدا ڪئي آهي. هڪ گروهه جنهن اقتدار حاصل ڪرڻ چاهيو ٿي اهو ئي سکر ضلعي ۾ ڀنڀڙ ٻارڻ جو ذميوار آهي. ڪنهن دور ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙا غلط هٿ ڪنڊا استعمال ڪيا ويندا هئا ۽ لاقانونيت ڦهلائي ويندي هئي. اهوئي هينئر ڪيو ويو آهي، منهنجي خيال ۾ انهن حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مقصد وارن ماڻهن کي اقتداري حوس ۽ جارحانه طريقي ذريعي اقتدار حاصل ڪرڻ واري عمل کي ختم ڪرڻ گهرجي. اهو طريقو ئي صوبي کي مستحڪم انداز ۾ ترقي ڪرڻ لائق بنائيندو ۽ هن مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيتري به قيمت جي ادائگي گهڻي نه هوندي.
منهنجي خواهش آهي ته هائوس کي متنبه ڪيان ته ڪنهن به سوچ کي جيڪا سياسي ۽ ٻئي مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ جارحيت جو ذريعو بنجي ان جو هتي وڌڻ ۽ ويجهڻ، تباهه ڪن ٿيندو، مون کي اها اميد هئي ته منهنجا مسلمان ڀائر هڪ ڳوٺ ۾ رهندڙ غير مسلم ڀائرن جا انهن تي عائد حق وساري نه ويهندا، ڪهڙا به سبب ها پر ڦر لٽ، خون ۽ خرابو ۽ عورتن جو اغوا ۽ انهن سان ناروا سلوڪ هڪ بي شرمائي جو عمل آهي.
اهو ضروري آهي ته جنهن سبب هي واقعا ٿيا آهن ان واقعي جي تاريخ جي خوجنا ڪئي وڃي، اقتدار ۾ اچڻ کان ٿوري دير بعد مون ڪوشش ڪئي ته ان کي حل ڪيان، مون کي اهو نظر آيو ۽ اهو اڄ به منهنجو خيال آهي ته ان کان ڪو به بهتر حل نه آهي جيڪو متفق طور سڀني پارٽين کي قبول هوندو، جيڪي هن وقت مسئلي جي گرمائش سبب متاثر آهن. سرڪار تي اهو الزام هنيو وڃي ٿو ته هن بي سبب دير ڪئي. مان هائوس کي ياد ڏيارڻ گهران ٿو ته مسئلو ايترو سولو ناهي جيترو سمجهيو وڃي ٿو. هڪ طرف سچائي سان هڪ ڌر جو ايمان آهي ته مسجد منزل گاه جي عمارت مسجد هئي ۽ ان کي مسلمانن جي مذهبي جذبات جو احترام ڪندي عوامي حڪومت کي بحال ڪرڻ گهرجي. ٻئي طرف هڪ ٻئي گروهه جو ايمان آهي ته اها عمارت ڪڏهن به مسجد نه رهي آهي، هڪ ٽيون طبقو آهي جنهن جي خيال ۾ اگر اها مسجد به آهي ته به ساڌ ٻيلي جي عبادت گاهه جي موجودگي ۾ مسلمانن کي ان جي حوالي ڪرڻ سنڌي قوم جي ٻن مذهبي گروهن ۾ نفرت پيدا ڪندو، اڃان هڪ ٻيو گروهه آهي جيڪو مذهبي لڳ لڳاپي هجڻ کان سواءِ صرف ان مسئلي کي سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي. ٻئي طرف غير مسلمانن جو هڪ گروهه آهي جيڪو پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ مسجد جي بحالي جي مخالفت ڪري رهيو آهي. سرڪار مسجد ۽ مندر ٺاهڻ لاءِ زمين ڏيڻ ۾ ڪڏهن به دير نه ڪئي آهي پر جتي مذهبي معاملو آڏو اچي وڃي اتي زمين ڏيڻ ڏکيو ڪم آهي، مان هنن حالتن ۾ ڪنهن به ڌر تي الزام نه ٿو هڻان پر هن وقت هائوس کي مسئلي جي اصلي سبب کان واقف ڪرڻ گهران ٿو. واسطيدار ڌرين جي نيڪ نيتي ۽ امن ڀريو رويو رهيو ته سرڪار پر اميد آهي ته ان مسئلي کي حل ڪري وٺندي، سرڪار ان مسئلي جي جلد حل ٿيڻ جي خواهش کان واقف آهي، سرڪار هڪ خاص وقت تائين ان مسئلي جي حل جي خواهش ڏيکاري ۽ مسئلو حل ٿيڻ جي نزديڪ هو ته مسجد بحالي ڪاميٽي ستياگرهه جي تحريڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سرڪار اهڙي ڌمڪي کان مرغوب نه ٿيندي. ڪنهن فيصلي ڪرڻ کان پهرين تمام حالتن جو اڀياس ڪيو. سوال ڪيو ويندو ته تحريڪ شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ سرڪار قدم ڇو نه کنيو. ان جو جواب آهي ته پروپيگنڊا ڪئي وئي هئي ۽ انهن اڃا ڪو به غير قانوني قدم نه کنيو هو. سرڪار کي اميد هئي ته حواسن کي درست استعمال ڪيو ويندو ۽ اُها بحالي ڪاميٽي سان ڪنهن مطمن ڪندڙ نتيجي تي پهچندي.
احترام لائق ميمبر ان واقعي کان ته ضرور واقف هوندا ته ڪيئن ستياگرهين مسجد منزل گاه جي عمارت تي زوري قبضو ڪيو. بحالي ڪاميٽيءَ گهڻا ماڻهو گڏ ڪري انهيءَ کي ستياگرهه نالو ڏنو، هنن کي اهو ته محسوس ڪرڻ گهرجي ها ته جيڏي مهل جوش جو هوش تي غلبو هجي ۽ مذهبي هيجان انتهائي مٿي هجي ته نتيجو ڇا نڪرندو. سرڪار محسوس ڪيو ته تحريڪ کي جلدي چٿڻ لاءِ خاصي قوت استعمال ڪرڻي پوندي، جنهن جي نتيجي ۾ اڳتي هلي مزيد ڳڙ ٻڙ پيدا ٿيندي. سرڪار ان ڪري مسجد منزل گاه تان پوليس هٽائي ۽ قيدين کي ان اميد سان آزاد ڪيو ته ڪاميٽي هوش ۽ حواس ۾ ايندي حالتن جي خطري کي جيڪو عوام جي تحفظ ۽ امن امان لاءِ هاڃيڪار ۽ انتهائي خطرناڪ آهي ان کي محسوس ڪندي ۽ ان کان پوءِ سرڪار ۽ بحالي ڪاميٽي جي درميان ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اها حقيقت آهي ته سرڪار عمارت جو قبضو ان لاءِ ورتو هو ته وقت سر طاقت جو استعمال ڪري سگهي پر اهو وڏو خطرناڪ عمل هو جنهن جي نتيجي ۾ مزيد هنگاما آرائي ٿي سگهي ٿي. ٻئي طرف اهو امڪان هو ته سرڪار ۽ بحالي ڪاميٽي جي درميان ڳالهه ٻولهه بهتر نتيجي تي پهچي سگهي ٿي. ڪنهن نتيجي تي پهچڻ جا امڪان گهٽ هئا يا وڌيڪ، سرڪار فيصلو ڪيو ته هڪ وڌيڪ ڪوشش ڪري ته جيئن طاقت جي استعمال ڪرڻ سان غلط نتيجا نڪرڻ کان بچي. سرڪار، بحالي ڪاميٽي جي چيئرمين سان ڳالهه شروع ڪري ڏني ۽ چيئرمين ۽ ٻين ڪجهه بحالي ڪاميٽي جي ميمبرن سرڪار سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ تي انهن کي راضي ڪيو پر بحالي ڪاميٽي جي اڪثريت انهن سان سهمت نه ٿي، چيئرمين نه سهمت ٿيندڙ ميمبرن کي راضي ڪرڻ لاءِ ڪجهه وقت ورتو، جيڏي مهل چيئرمين ۽ بحالي ڪاميٽي جي ميمبرن جي ڪوشش ناڪام ويئي، انهن تحريڪ کان پاڻ کي جدا نه ڪيو ۽ نتيجتن سرڪار سان عدم تعاون جي تحريڪ جو اڀار ڪيترن ئي ماڻهن ۾ پيدا ٿي ويو. ساڳئي وقت هندن جي طرفان پريس جي ذريعي سکر ۾ڊاڪٽر مونجي جي صدارت ۾ جيڪا تحريڪ شروع ڪئي وئي هئي ان به ان طرف پنهنجو پلڻو ڪيو. هندو اڳواڻن کي حالات کي سمجهندي هن ڏکئي وقت ۾ سرڪار سان تعاون ڪرڻ گهرجي ها، بحالي ڪاميٽي جا هوشمند ميمبر پنهنجي ذميواري محسوس ڪن ها ۽ خراب حالتن جي مد نظر پنهنجي ساٿين کي مشورو ڏين ها ته هو سرڪار جي حڪمن جو احترام ڪن. جيڪڏهن انهن جي مشوري کي ٻڌو نه ويو هو ته پاڻ کي تحريڪ کان جدا ڪن ها. رونما ٿيندڙ واقعا انتهائي دکدائڪ آهن ۽ مان هن موقعي مان فائدو وٺندي لاقانونيت ۽ تشدد جي متاثر ماڻهن ۽ انهن جي وارثن سان انتهائي دلي همدردي جو اظهار ڪيان ٿو.
هينئر سوال آهي ته مسئلي جو ڪهڙو حل آهي؟ جيئن مان اڳ ۾ چئي چڪو آهيان ته عدم تحفظ جو احساس موجود آهي ۽ تازا قتل، جن جا ڪهڙا به سبب آهن، اهي انهن ۾ پريشاني پيدا ڪندا، جيڪا هندن ۾ اڳ ۾ ئي موجود آهي، ممڪن آهي ته ائين هجي ته جيڪي فساد ٿيا اهي جوش جي غلبي تاري ٿيڻ جي ڪري ٿيا، هي لڳاتار خون خرابي جو جاري رهڻ هندن ۾ عدم تحفظ جو احساس پيدا ڪندو ۽ سرڪار ان ڳالهه کي هائوس کان لڪائڻ نه ٿي چاهي ته اهو انهن ۾ گهري سوچ پيدا ڪري رهيو آهي ۽ اهي ان حالتن مان نڪرڻ ۽ ان تي قابو پائڻ لاءِ سوچي رهيا آهن. جيڪڏهن وزارت کي هٽائڻ مسئلي جو حل آهي ته علاج هٿن ۾ آهي ۽ 24 ڪلاڪن جي اندر ان تي عمل ٿي سگهي ٿو ٻئي طرف جيڪڏهن هائوس محسوس ڪري ٿو ته مسئلو گنڀير آهي ۽ ان عمل جي ذريعي ان کي حل نه ٿو ڪري سگهجي ته هائوس جا تمام ميمبر پنهنجا اختلاف ختم ڪري، پنهنجي ذهن تي زور ڏئي رستو ڪڍن ته اسان کي اڳتي ڪيئن وڌڻو آهي.، سرڪار جي نظر ۾ هي آهي ته ٻه ڳالهيون ئي مطلوب شده نتيجا آڻي سگهن ٿيون.
قانون جو احترام
صوبي جي رهندڙ ٻنهي ڌرين جي درميان نيڪ نيتي ۽ امن
سرڪار جي خيال ۾قانون جي عزت ۽ احترام ايستائين بحال ٿي نه سگندو جيستائين امن و امان ۾ خلل وجهندڙ عناصر اهو محسوس نه ڪندا ته اهو رويو معاشري جي لاءِ نقصان ڪار آهي، اهو ضروري آهي ته امن لاءِ نقصان ڪار ماڻهن کي سزا ڏني وڃي ته جيئن ٻيا ماڻهو ان مان سبق حاصل ڪن. ٻنهي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سرڪار تيار آهي، هن پروپيگنڊا شروع ڪري ڏني آهي ته ماڻهن ۾ هڪ ٻئي لاءِ احساس ذميواري پيدا ڪجي. مسلم اڪثريتي گروهه جا ميمبر غير مسلم ماڻهن جيڪي انهن سان گڏ رهن ٿا انهن ۾ احساس تحفظ پيدا ڪن، سرڪار تيار آهي ته ان بدامني کي ختم ڪرڻ لاءِ پئسه ۽ موقعا ميسر ڪري، سرڪار جي اها به خواهش آهي ته ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن هائوس جا ميمبر ان سان تعاون ڪن، ان حوالي سان مان مخالف ڌر ۾ ويٺل گروپن کي دعوت ٿو ڏيان ته پنهنجي رويي کي بهتر ڪن. ان ۾ پهريون مسلم ليگي گروهه آهي. سرڪارجي خيال ۾ اهوئي گروهه مسجد منزل گاه تحريڪ جو هر اول دستو رهيو آهي ۽ ان تحريڪ جي ڪري ئي حالتون گنڀير ٿيون آهن ۽ بهتر ڪرڻ لاءِ سرڪار هر ڪا ڪوشش ڪئي آهي، اهو گروپ سرڪار سان نه صرف مذمت ڪرڻ ۾ تعاون ڪري بلڪه سرڪار سان انهي جي پاليسي ته انهن سڀن مجرمن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ پروپيگنڊا جي ذريعي ماڻهن تائين اها ڳالهه پهچائڻ ۾ تعاون ڪري ته جيڪو ٿيو ۽ ٿي رهيو آهي، اهو اسلام جي تعليمات جي خلاف آهي. سرڪار سندن تعاون تي انتهائي خوشي محسوس ڪندي. سرڪار جو مسلم ليگ گروپ جي متعلق خيال آهي ته هو ان مسئلي تي پنهنجا خيال پيش ڪن.
ٻيو گروپ هندو انڊپينڊنٽ گروپ آهي، اهو افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اهو درست هو ته خراب حالتن کي بهتر ڪرڻ لاءِ جڏهن هنن جي نمائندن جي ضرورت هئي انهن وزارت مان پنهنجن نمائندن کي ٻاهر ڪيو. معذرت سان مان اهو چوان ٿو ته هنن جو اهو عمل دانشمندانه نه هو، مان سمجهان ٿو ته ٿڌي دماغ سان سوچي هو مڪمل تعاون ڪندا.
آخري ڪانگريس گروپ آهي، هندستان ۾ سياسي حالات خراب هجڻ جي ڪري انهن لاءِ مشڪل آهي ته هو وزارت ۾ شامل ٿين، مهاتما گانڌي ۽ وائسراءِ جي وچ ۾ جيڪا ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ته اهي آئيني مسئلو حل ڪري وٺندا ۽ اهو ڪانگريس وزيرن لاءِ مختلف صوبن ۾آفيس ۾ ويهڻ جي راهه هموار ڪندو، سنڌ سرڪار لاءِ ان وقت سولو ٿي پوندو ته ڪانگريس ميمبرن کي چئي ته هو وزارتي ڪرسي ماڻين، اها اميد ڪئي وڃي ٿي ته جيستائين منهنجي وزارت آهي ته هو ۽ ٻيا گروهه اهليت جي بنياد تي حمايت جاري رکندا.
هڪ آخري نقطو مان محترم ميمبر صاحبان کي چوندس ته ڪنهن گهٻرائڻ کان سواءِکلي دل سان ڳالهائين. مان پنهنجا خيال لڪائڻ نه ٿو چاهيان. مان هن هائوس جو ان معاملي تي رويو ڏسڻ چاهيان ٿو، جيڪڏهن انهن جو خيال آهي ته موشن تي ڳالهايو وڃي، سرڪار انهن جي ڳالهه کي ذهن نشين ڪندي هڪ ڪاميٽي ٺاهيندي جيڪا هن حالت کي بهتر ڪرڻ ۾ رستو ڪڍي ڏئي. جيڪڏهن ٻئي طرف ميمبرن جي اها خواهش آهي ته موشن تي ووٽ ڏين ، مان دعا ٿو ڪريان ته 7 بجي تائين بحث پورو ٿئي ته جيئن موشن تي (ڊويزن) ووٽنگ ٿي سگهي. جيڪڏهن ووٽنگ جي ذريعي موشن کي پيش ڪيو ويو ته مون ڪنهن بغاوت ۽ للڪار جي حوالي سان نه چيو آهي پر اهو مان ايماندارانه طور سمجهان ٿو ته تمام بهترين ڪم ڪرڻ جي باوجود منهنجي ساٿي ميمبرن جو مون ۾ اعتماد نه رهيو آهي ته مون کي عهدو رکڻ جو ڪو به حق نه آهي. اهو ضروري نه آهي ته ان آفيس ۾رهجي جيڪا ڪا گلن جي سيج نه آهي. صوبو انتهائي نازڪ دور ۾آهي ۽ حالات جي تقاضا آهي ته عوام کي پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ ضروري آهي، هن حالات مان تڏهن نڪربو جڏهن ان کي مدبرانه انداز ۾ منهن ڏبو. اسلام جي اها تعليم آهي ته طاقتور ڪمزور جو تحفظ ڪري. اسان مسلمان سنڌ ۾ نه صرف اڪثريت ۾ آهيون بلڪ اسان ايترا مضبوط آهيون جو ڪمزور ۽ اقليتن کي تحفظ ڏيئي سگهون ٿا. مان ان تناظر ۾ اسيمبلي جي اندر ۽ ٻاهر جي مسلمانن کي اپيل ٿو ڪريان ته پنهنجي مذهب جي تعليمات کي سمجهندي صوبي کي امن ۽ آشتي جو گهر بنايو جتي هرڪو آرام سان رهي سگهي“
اسيمبلي ۾ موشن جي ذريعي مسلم ليگ ۽ هندو انڊپينڊنٽ گروپ گڏ ٿي الله بخش سومري جي وزارت ڊاٺي. انهن ڇا حاصل ڪيو، ان کي مان پنهنجن لفظن جي بجاءِ تاريخدان جونس ايلن ڪيٿ جي لفظن ۾پيش ڪري رهيو آهيان.
”الله بخش سومري کي مسلم ليگ ۾ شامل ڪرڻ جون ڳالهيون ناڪام ٿيڻ ۽ سنڌ ۾ مسلم ليگ جي وزارت نه ٺهڻ، سنڌ جي ليگين جي ذهن۾خدشا پيدا ڪيا ته انهن جي آل انڊيا ڪوششن ته صوبائي معاملن کي پنهنجي طرف آڻجي، اهو تاثر پيدا نه ڪري سگهيا. الله بخش سومري کي شڪست ڏيڻ لاءِ هنن مسجد منزل گاه وارو ڌماڪي خيز مواد ڳولي لڌو. انهن جي خيال ۾ هندن جي ٽيڪ ۽ پٺڀرائي ۽ طاقتور مسلم عوام جي حمايت سان، دٻاءَ وجهي، الله بخش وزارت کي ڊاٺو وڃي. هي سنڌ مسلم ليگ جي خواهش هئي ۽ سنڌ مسلم ليگ جي تعلق کي وائکو ڪري ٿي. اهو طريقو مزيد وائکو ٿيو، جڏهن سنڌ مسلم ليگ طرفان مرڪزي مسلم ليگ جي اجازت کان سواءِ ستياگرهي تحريڪ شروع ڪري پنهنجي مهم ذريعي مسجد منزل گاه کي بحال ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، سنڌ جا ليگي ان مذهبي هٿيار جي قوت کان خاصا واقف هئا ليڪن منصوبه بندي ۽ ڪيتري حد تائين ان مسئلي کي کڻي وڃجي ان ۾ ورهايل هئا، ليگ ۾ اعتدال پسند ۽ انتها پسند قيادت جي شامل ٿيڻ جي ڪري مزيد سندن وڌندڙ سياسي بناوٽ کي ظاهر ڪري ٿو. انهن جي متحد نه هجڻ جي ڪري انهن کي مبهم ڪاميابي نصيب ٿي.“
سنڌ جي ليگين الله بخش سومري کي هٽائي پنهنجو اهم مقصد ته حاصل ڪيو پر اهو ڀاري قيمت تي، هڪ ته ليگ جو هُليو خراب ٿيو ۽ ٻيو سنڌ جو فرقيوارانه امن تباهه ٿيو. اهو نتيجو ليگين جي اهليت ته حڪومت هلائڻ جهڙا آهن ان تي انتهائي سوال پيدا ڪري ٿو.“
هن تمام فرقيوارانه معاملي ۾سيد صبغت الله شاهه پير پاڳاري جو ڪردار تمام مٿانهون رهيو. پاڻ فسادن کي روڪڻ لاءِ پنهنجي مريدن کي حڪم ڏنائون ۽ پير صاحب جي حڪم تي حرن سنڌ ۾ فسادن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پير صاحب پير ڳوٺ ۾ هندو- مسلم گڏيل ميٽنگون گهرايون. هن ليگي اڳواڻن جي هن فرقيوارانه عمل کي رد ڪندي پنهنجي اخبار ”پير جو ڳوٺ“ گزيٽ ۾ هيٺيون ڪجهه لکيو.
”منهنجا وڏا “هندن ۽ مسلمانن جي اتحاد جا امين هئا ۽ اهو ئي منهنجو اصول آهي..... الله ساڳيو آهي جيئن پرماتما، صرف مختلف نالن سان. مان خوش ٿيندس. جڏهن مندرن ۽ مسجدن کي گڏ ڏسندس ۽ انهن جي وچ ۾ صرف ديوار هوندي ۽ هر هڪ (عبادت) پنهنجي مسلڪ جي تحت ڪري رهيو هوندو ۽ ڪنهن کي به ڪنهن ٻئي کان رنجش نه هوندي.“
موشن جي ذريعي الله بخش سومري جي حڪومت کي ڪيرايو ته ويو پر منصوبه بندي ساز ڦاسي پيا، پهرين ته وزير اعليٰ ڪير ٿئي. اڪثر ميمبرن جو خيال هو ته بزرگ سياستدان شيخ عبدالمجيد سنڌي کي وزير اعليٰ مقرر ڪيو وڃي، مير گروپ جي اڳواڻ مير بنده علي خان ان تي اعتراض ڪيو ۽ مير جي مدد کان سواءِ حڪومت بنجڻ ڏکي هئي. آخر ۾ غور ويچار کان پوءِ مير بنده علي خان کي سنڌ جو وزير اعليٰ مقرر ڪيو ويو، مير صاحب ذاتي طور تي سٺو ماڻهو هو پر نئين صوبي ۽ سنڌ جون سياسي ۽ معاشي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ جيڏي قدآور شخصيت جي ضرورت هئي اهو هي نه هو.
18 مارچ 1940ع تي مير بنده علي خان ۽ ان جي وزيرن حلف کنيو:
ميربنده علي خان وزير اعظم سنڌ
نيچلداس وزيراڻي روينيو
خانبهادر محمد ايوب کهڙو پبلڪ ورڪس
جي ايم سيد تعليم
شيخ عبدالمجيد ماليات
گوڪل داس ميولداس لوڪل سيلف گورنمينٽ ۽ زراعت
ان تمام معاملي تي گورنر جي وائسراءِ کي رپورٽ
گورنمينٽ هائوس
23 مارچ 1940ع
مان نه ٿو سمجهان ته پارلياماني تاريخ ۾ اهڙو مثال ملندو، جهڙو سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن غير ذميوارانه رويو اختيار ڪيو، سرڪار جي 3 حامي ميمبرن جي عليحدگي اصولن تحت نه پر مسلم ليگ جي دٻاءُ سبب ٿي آهي ته جيئن هڪ ڪانگريس ميمبر ۽ ٻن هندو انڊپينڊنٽ پارٽي جي ميمبرن جي پيروي ڪندي جوابي توازن برقرار رکيو وڃي. گرانٽ تي بحث مهل آيل معاملو ٽري ويو ۽ هڪ ووٽ جي اڪثريت سان بل منظور ٿي ويو ۽ ائين ڊويزن جي بغير ڪاروائي هلندي رهي. پنجن گرانٽن جي منظور ٿيڻ کان پوءِ ڊويزن کي چيلنج ڪيو ويو ۽ ٻن هندن هڪ سابق وزير مکي گوبند رام ۽ ٻئي آزاد ميمبر، ڪميونسٽ بيچر، طرف بدلايو............... نئين وزارت ٺاهي وئي آهي......... مون کي اجازت هجي ته چوان اهو هندو انڊپينڊنٽ گروپ، مسلم ليگ ۽ بلوچ گروپ جو اتحاد آهي. ٽيون گروپ (بلوچ گروپ) حڪومت جو مضبوط اتحادي هو ۽ ان جو اڳواڻ مير بنده علي خان اڳين حڪومت ۾ وزير هو. ليڪن جنهن نموني سان هن الله بخش سومري کي ڇڏيو آهي اهو اسان جي اصولن تحت انتهائي بي وقار ڪم آهي.
نئين وزارت ڀانت ڀانٿ قسم جي ماڻهن تي مشتمل آهي ۽ صرف هڪ ئي شيءَ انهن کي آفيس ۾آندو آهي اها آهي انهن جي ”خواهش“ ته آفيس ۾ رهون. وزارت جي کاتن جي ورهاست ۾ به هو مطمئن ناهن،3 وزير ڪراچي کان ٻاهر آهن ۽ 26 تاريخ سيشن شروع ٿيڻ تائين اهو مان چئي به نه ٿو سگهان ته اهي پاڻ ۾هلي به سگهندا يا نه، اها ڳالهه منهنجي لاءِ اطمينان بخش نه آهي ته ان وزارت ۾ گهٽ اهل ماڻهو وزير اعظم آهي.
لانسلاٽ گراهام
الله بخش سومرو مخالف بينچن تي ويٺو ۽ هن جو خيال هو ته نئين حڪومت کي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ته جيئن صوبي ۾ امن امان جي حالت بهتر ٿئي. نئين حڪومت ڪم ڪرڻ شروع ڪيو پر ڪم وڏو هو ۽ وزير اعليٰ جي اهليت کان مٿانهون هو، سائين جي ايم سيد محسوس ڪيو ته ”الله بخش سومري کان سواءِ اوندهه آهي“. سائين جي ايم سيد پنهنجي طور ڪجهه ڪرڻ جي شروعات ڪندي، سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي متبادل طور غير فرقيوارانه جماعت ٺاهڻ جوسوچيو ۽ هن ان معاملي تي ڄيٺمل پرسرام ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي سان صلاح مشورو ڪري ”سنڌ پيپلز ائسوسيئشن“ ٺاهي.
ايسوسيئشن جي ٺهڻ جي متعلق حڪومت سنڌ جي طرفان مرڪزي حڪومت ڏي موڪليل رپورٽ ۾ ايسوسيئشن جي مقصد ۽ ٺهڻ جو ذڪر آهي.
10 جولاءِ 1940ع
پيارا ڪونران سمٿ
سنڌ پيپلز ائسوسيئشن جي 18 جون تي ميٽنگ ٿي گذري، هن نئين تنظيم جو مقصد ديهي آبادي جي عوام جو اعتماد بحال ڪيو وڃي ۽ ٻنهي مذهبي گروهن جي درميان ايڪتا ۽ اتحاد پيدا ڪيو وڃي، ايسوسيئشن ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار وزير ماليات شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ٻنهي ڌرين جي اهم ماڻهن جو آهي.
وزير ماليات ايسوسئيشن کي خطاب ڪندي شهر ۾ والنٽيئرن جي تنظيم سازي ڪرڻ جو چيو ته جيئن شهر ۾ ڊيوٽي ڏئي سگهن، محترم ڄيٺمل پرسرام چيو ته ائسوسيئشن ڪراچي ۾ والنٽيئر فيڊريشن ٺاهڻ ۽ ان جو شاخون سڄي سنڌ ۾ کولڻ چاهي ٿي. سکر مسجد منزل گاه جي تنازعي جو ذڪر ڪندي هن چيو ته هي جلدي سکر ويندو ۽ اتي هندن کي چوندو ته مسلمانن سان مسجد منزل گاه جو مسئلو پر امن طريقي سان طئه ڪيو ۽ بنا ڪنهن شرط جي مسجد انهن جي حوالي ڪيو.
تنهنجو خير خواهه
آءِ - ايڇ - ٽانٽن
سنڌ پيپلز ائسوسيئشن تمام سٺي نموني ڪم شروع ڪيو پر مرڪزي جماعتن ڪانگريس ۽ ليگ کي ائسوسيئشن جا سٺا ڪم سندن شهرت لاءِ نقصان ڪار لڳا. ائسوسيئشن پئسي ۽ ڪارڪنن جي ڪمي سبب وڌي ويجهي نه سگهي.