سي ئي سندر ڏينهن
اسان جي گهرو فوج ۾ ست ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ هئي، جنهن جا اڳواڻ امان بابا هئا. زندهه رهڻ جي جاکوڙ ۽ غربت سان وڙهڻ لاءِ اسان جا هٿيار هئا: سخت پورهيو، ڪٽنب جي ساک ۽ سڀ کان اُتم، تعليم ۾ ڀروسو. اسان جو روز جو قول هو: اوندهه کي پِٽڻ بدران ڪا جوت جلائڻ جي ڪجي.
گهر ۾ اڀرو سڀرو جيڪو ملندو هو، ان ۾ خوش رهي پڙهڻ کي لڳا رهياسين ٿي. تن ڏينهن ۾ ته اسان کي اها به خبر نه هئي ته سمهڻ لاءِ هنڌ نرم هئڻ کپي. اسان لاءِ ته ڪاٺ جي تختي ۽ گاديلي، ساڳيو مطلب رکيو ٿي. مون کي اها به خبر نه هئي ته ونجهوٽيءَ لاءِ سوڙهي گهٽي نه پر چورس ميدا سٺو ٿئي ٿو. آئون ان وقت راند ۾ ايڏو رڌل رهندو هوس جو انهن ڳالهين ڏي ڌيان ئي نه ويندو هو. مون کي ته اها به خبر نه هئي ته ٻڪريءَ يا ڍڳيءَ جي گوشت جو ڪهڙو حصو وڌيڪَ سوادي ٿئي ٿي ۽ ڪهڙو گهٽ. اسان لاءِ ته فقط ٻه ڳالهيون سامهون هونديون هيون: ”کائڻو اٿوَ ته کائو نه ته اٿي وڃو.“ گهڻو ڪري دال ۽ ڪُهرن تي گذر ٿيندو هو. امان انهن کي ڪوفتن جو ٻوڙ سڏيندي هئي. اڄ جڏهن آئون وڏو ماڻهو ٿي ويو آهيان ته به سچ ته انهن ڪوفتن جي ٻوڙ جو مزو اصلي گوشت جي ٻوڙ مان نٿو اچي. مهيني جا اڌ کان وڌيڪَ ڏينهن پاروٿي ساروٿي تي گذر ٿيندو هو.
اسان جي پاڙي ۾ ويهه کن پراڻين فليٽن واريون جايون هيون. هر عمارت ۾ ٽيهه کن ڪٽنب رهيا ٿي (انهن ۾ مهمان شامل نه آهن، جي هر وقت پاڇي وانگر غريبن سان لڳل هوندا آهن). محڪمي مردم شماري مطابق هر ڪٽنب کي اٽڪل پنج ڏهائي ڇهه ٻار هئا، اهي انگ اکر گڏ ڪرڻ وارو جي ٿورو ئي صبر ڪري ها ته ڏهائي بدران کيس سڄا انگ حاصل ٿي سگهن ها.
آمريڪا ۾ اهڙا به شهر آهن، جن جي آدمشماري اسان جي علائقي کان گهٽ آهي. بهرحال اسانجو علائقو ايڏو ڳتيل هوندي به مون ڪڏهن سوڙهه محسوس نه ڪئي. چوندا آهن ته شاهوڪارن کي سڀ غريب هڪ جهڙا لڳندا آهن، پر مون لاءِ اسان جي غريب پاڙيسرين انفرادي حيثيت رکي ٿي. اسان کي هنن بابت هر ڳالهه جي خبر هئي ۽ هنن کي اسان جي. اسان ڪڏهن اهو به محسوس نه ڪيو ته هوم ورڪ ڪرڻ لاءِ ماٺ جي ضرورت آهي. سڀ ڀائر هڪ هنڌ گڏ ٿي سائنس ۽ جاگرافي جا سبق ياد ڪندا هئاسين ته حساب به. انهن ڏينهن ۾ آئون ان کان به اڻ ڄاڻ هوس ته مائرن کي ٻارن تي نفسيات استعمال ڪرڻ کپي. ان زماني ۾ مائرون اهو ئي استعمال ڪنديون هيون، جيڪو هنن جي هٿ چڙهي ويندو هو: وڃڻو، لڪڻ، ڇٽيءَ جو ڳن، يا ٻيو ڪجهه نه ته پادر يا ٿڦڙ ته هوندو ئي هوندو هو. مون کي اها خبر نه هئي ته ڏنگائي ڪرڻ تي پيءُ کي مارڻ کپي يا نه، پر جنهن ٻار کي موچڙا نه ملندا هئا، اهو پاڻ دل ۾ ڪندو هو ته شايد پيءُ کيس سڌارڻ نٿو چاهي، يا ته سندس ويڳو پيءُ آهي.
اسان جو گهر سڄي پاڙي ۾ مثالي ليکيو ويو ٿي. مائٽن جو سڄو زور تعليم تي هو. اسان جي صحت ۽ پيٽ قوت لاءِ امڙ هميشه خدا کي ٻاڏائيندي رهندي هئي. اسان کي اهو ئي سبق ڏنو ويو ٿي ته ڪنهن شيءِ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ان جي پٺيان لڳجي، محنت ڪجي، بچائجي. ڇڙو ٻانهون ٻڌي انتظار ڪرڻ سان ڪڏهن به ڪجهه ملي نه سگهندو، پوءِ کڻي علم هجي يا روزگار. انسان جو ڀاڳ ۽ بخت به هجڻ ضروري آهي، پر منهنجو ته اهو تجربو آهي ته جيتري ڪو محنت ڪري ٿو اوترو ئي ڀاڳ به سندس ويجھو اچي ٿو.
اسان کي ان احساس کان پري رکڻ لاءِ ته اسان غريب آهيون، امان ڇا ڪيو هو جو هڪ دٻي تي ”غريبن لاءِ“ لکي، خيرات لاءِ رکي ڇڏيو هو. جنهن ۾ اسان کي غريبن لاءِ ڪجهه نه ڪجهه وجھڻو پوندو هو. ايئن ڪرڻ سان اسان پاڻ کي خوشنصيب ۽ شاهوڪار سمجھندا هئاسين. ڪڏهن ڪنهن شيءِ جي سڌ ڪندا هئاسين ته امان وراڻيندي هئي: هينئر نه، پهرين اسان کي ضرورت جون شيون حاصل ڪرڻ کپن ۽ ضروري شيون ڪهڙيون هيون: فقط ڪتاب! راند روند جون شيون، جهـڙوڪ: بلور، لاٽون، سائيڪلون سڀ پوءِ. مان اهو ان وقت به محسوس ڪندو هوس ته امان کي اسان جي ٻاروتڻ جا شوق پورا نه ڪندي ڏاڍو ڏک ٿيو ٿي، پر غربت ڪري مجبور هئي. پوءِ اسان کي پنهنجي منهن سمجھائيندي هئي ته ٻچا سڀاڻي جو ڏينهن جي آرام ۾ گذارڻ چاهيو ٿا ته اڄ لاءِ ٿوري قرباني ڏيو.
اسان ڀائرن جي ننڍي هوندي کان ٻڌي هئي. هڪ ٻئي سان وڙهڻ بدران پڙهائيءَ ۾ مدد ڪندا هئاسين. وڏي ڀاءُ جو وڳو واري وٽي تي ڦرندو جڏهن مون تائين پهچندو هو ته ليڙون ليڙون ٿيڻ تي هوندو هو. سڀني ڀائرن ۾ ننڍو هوس ان ڪري اڄ به ٻار سمجھيو ويندو آهيان. آئيس ڪريم جي ضرورت پوندي هئي ته مون کي ڊوڙائيندا هئا. اسان ستن ڀائرن کي رڳو هڪ ڀيڻ ڊورا آهي. ڊورا جي ڄمڻ تي بابا کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ امان تي ڪاوڙ ڪيائين ته: تو منهنجي پٽن جو رڪارڊ ڀڃي رکيو، پر پوءِ پاڙي وارن سمجھايس ته ائين به ٿيندو آهي.
امان کي وڏن ڀائرن جا نالا چڱيءَ طرح ياد هوندا هئا، پر ننڍي هجڻ ڪري امان منهنجي نالي تي ڪڏهن ڪڏهن منجھي پوندي هئي. خاص ڪري ڪاوڙ مهل مونکي مخاطب ٿيڻ لاءِ ٻين ڀائرن جا نالا وٺندي ويندي هئي: ”جئڪ. نه نه. ڊيوڊ، نه، نه.....“ پوءِ امان بيزاريءَ مان مون کي چنبو هڻي چوندي هئي ”ڇورا تون. ڇا اٿئي نالو، توکي پئي چوان، ٻوڙا.“
هونءَ امڙ سڄي پاڙي ۾ سگھڙ ۽ سليقي شعار سمجھي وئي ٿي ـــ ان ۾ ڪو شڪ ناهي. انهن ڏينهن ۾ ماڻهو گهڻو وقت نه رهندا هئا، پر شيون رهنديون هيون. پراڻين شين کي اڇلائڻ بدران رڌڻي ۾ ٺهيل خانن تي رٽائر ڪيو ويندو هو. هر گهر ۾ اهڙو ڪٻٽ ضرور هوندو هو، جنهن ۾ ڀڳل ڪئنچي، ڏندن ڀڳل ڦڻوٽو، شيشن بنا عينڪ، چٿريل ۽ ڳن ڀڳل ڪوپ، ويزلين جون ڍڪ بنا شيشيون، گهڙيال جو منهن، نموني نموني جا ڪوٽن جا بٽڻ، پراڻيون چاٻيون، انڊپين جو ڍڪ ۽ ٻيون اهڙيون شيون ڪٻـٽ جي خانن تي ڏسڻ ۾ اينديون هيون. هر ماهي، ٽي ماهي انهن خانن مٿان پراڻين اخبارن جا نوان پوش چڙهندا هئا.
پراڻين اخبارن جي کوٽ ڪنهن به گهر ۾ نه هئي. تازي اخبار ته اسان ڪڏهن به امان کي وٺندي نه ڏٺي. آخر اها وٺي به ڇو جڏهن هن اڃان پراڻيون ئي پڙهي بس نه ڪيون هيون. اخبارون اسان جي گهر ۾ خبرون پهچائڻ کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي ڪم سرانجام ڏينديون هيون. امان جڏهن به ڪاٺ جي فرش کي پوچو ڏئي بس ڪندي هئي ته پوءِ سڄي ڪمري ۾ ”وال ٽُ وال“ اخبارون وڇائيندي هئي. کيس مٿان جھڪي پراڻا اداريا پڙهندي ڏسندو هوس. اخبار جو رنگين فلمي صفحو ناندان مٿان وڇائڻ لاءِ مخصوص هوندو هو. ناندان جو هيٺيون خانو ويم گهر ئي سمجھيو ويندو هو. جڏهن به اسان جي ٻلي (وري) پيٽ سان ٿيندي هئي ته امان گوشت ڪَپڻ واري ڪات سان اخبار جا ڀور ڀور ڪري ان خاني ۾ وڇائي مٿان اخبار رکي ڇڏيندي هئي، جيئن ٻلي ۽ سندس پونگڙا گاديلي وارو آرام محسوس ڪن. عورتون ئي اهي ڳالهيون سمجھي سگهن ٿيون. اسان جي گهر ۾ ٻليءَ جا پونگڙا هلڻ کان اڳ پڙهڻ سکندا هئا. وڏي ڀاءُ جي ٽوپي ننڍي کي پوري نه ايندي هئي ته امان ان ۾ به اخبار جا ٻه تهه ڏئي سوڙهي ڪندي هئي. اخبار مان ٻيا به ڪيترائي ڪم اسان جي گهر ۾ ورتا ويندا هئا، جهڙوڪ: شيشن جا ڍڪ ٺاهڻ، ڀت جا سوراخ بند ڪرڻ، ڪتابن تي جلد چارهڻ، ٻيڙيون ۽ ٻيا رانديڪا ٺاهڻ، رول ٺاهي مارڻ وغيره وغيره. گهڻي ڪاوڙ مهل آچر جي اخبار جو رول ٺهندو هو نه ته عام حالت ۾ ٻي ڪنهن ڏينهن جي اخبار جو.
امان کي صفائيءَ جو به ڏاڍو خيال هو. گهر ۾ غربت سارو جيڪا شيءِ هوندي هئي، چمڪندي هئي. ”گندگي نه رڳو شين کي خراب ٿي ڪري پر اسان جي روحَ کي پڻ.“ خاص ڪري بستري کي صاف رکڻ تي زور ڏيندي هئي.
”ميراڻ کان ونءُ وڃڻ کپي“ پاڻ پڏائيندي هئي. ”ڪنا بسترا ڪنا خيال آڻين ٿا، ۽ ڪنا خيال ڪنن ڪمن جي پوئواري ڪن ٿا.“
اسان جي گهر ۾ صبح جو ڪجهه سوير ئي اٿڻو پوندو هو. امان پرهه ڦُٽيءَ کان به اڳ اٿي گهر جي صفائيءَ جو ڪم لاهيندي هئي، پوءِ هنڌ ويڙهڻ شروع ڪندي هئي. ڪو اڃا ستل هوندو هو ته هيٺان چادر ڇڪي وٺندي هئي ۽ لڪڻ سان وهاڻي کي سٽي هنڌ ويڙهيندي هئي. مجال آهي جو سج اڀرڻ کانپوءِ ڪو سمهي. هڪ ڏينهن ماستر مونکي اسڪول کان موڪل ڏيئي چيو: ”ٻچا توکي تپ ٿي پيو آهي، سڌو گهر وڃي هنڌ تي سمهه“ گهر پهتس ته امان هميشه وانگر پٽ تي جھڪي آلي ڪپڙي سان فرش صاف ڪري رهي هئي. ”امان! سر چيو آهي ته آئون بيمار آهيان. مونکي هنڌ وڇائي ڏي ته سمهان.“
امان مون ڏي مٿي نهاريو ”ڇا چيئي؟ ڇا وڇائي ڏيانءِ؟ هنڌ ته مون ويڙهي ڇڏيو. ڇا واقعي اهڙو اگھو ٿي پيو آهين جو ويهي به نه سگهندين؟“
سومر ڏينهن سڀني فليٽن ۾ ڪپڙن جو ڌوپ هلندو هو. ان ڏينهن صبح ساڻ جھرڪين جي چرچر سان گڏ ڏنڱرين جي سَٽِ سَٽِ به شروع ٿي ويندي هئي. منجھند ڌاري هيٺ مٿي، چوڌاري، هر وقت فليٽ اڳيان پويان رسين تي ڪپڙا سڪندي نظر ايندا هئا ۽ منهنجو ڪم اهو هوندو هو ته ڏاڪڻيون لهي هيٺ ڪريل رومال مٿي کڻي اچان. پر آئون ان کان ڪيٻائيندو هوس، ڇو جو جهڙو هيٺ پهچندو هوس ته ڪنهن ٻئي فليٽ جي دريءَ مان ڪا عورت منهن ڪڍي ڪاوڙ مان مون کان پڇندي هئي: ”ڇورا، ڇا پيو ڪرين؟؛“
”امان جا رومال ڪري پيا آهن، اهي ٿو کڻان.“
”ماڻهين جا نه آهن. اهي منهنجا آهن.“ ۽ پوءِ انهن دانهن تي ڪنهن ٻئي فليٽ جي مائي نڪري نروار ٿيندي هئي ۽ ٻنهي ۾ جھيڙو شروع ٿي ويندو هو. ”اهي نه هن جا آهن ۽ نه تنهنجا. اهي منهنجا آهن.“
”مائي ڇتي ڇو ٿي آهين. ڪيئن ٿي چئين ته اهي تنهنجا آهن؟“
”پنهنجا رومال آئون نه سڃاڻندس ته ٻيو ڪير سڃاڻندو؟“
”مان به پنهنجا سڃاڻا ٿي. ڪوڙ ڇو ٿي ڳالهائين.“
”الله ڪندو ته آئون ڌيءَ جي شاديءَ تائين جيئري نه رهنديس جي ڪوڙ ڳالهايو هجيم.“
”چڱو چڱو مائي هاڻ پاڻ کي ايڏو نه پِٽ. رومال آهن ڪي ميز پوش ته نه آهن.“
۽ پوءِ ڪيترن ڏينهن جي جھيڙي بعد صلح جو واءُ ورندو هو.
بابي سان گڏ امڙ پڻ اسان کي پنهنجن هٿن جو پورهيو ڪري پڙهايو. گهر جي ڪم ڪار پوري ٿيڻ تي مشين اڳيان رکي سبڻ ۾ لڳي ويندي هئي. شاديءَ کان وٺي جو مشين هلائڻ شروع ڪئي هئائين ته سندس ننڍا ٻار به اچي جوان ٿيا ۽ شاديءَ وقت بابا امان جي فقط هڪ آڱر ۾ منڊي پاتي هئي. باقي ٻين ۾ انگستان سُئيءَ کي سخت ڪپڙي ۾ اندر ڌڪڻ لاءِ لوهي کوپو). هوءَ عينڪ بنا هڪ هٿ سان سئيءَ ۾ ڌاڳو چارهي ويندي هئي. ڏندن سان ڳنڍ ٻڌي ۽ کولي ويندي هئي. پاڙي وارن جي سلائيءَ سان گڏ اسان جا به ڪپڙا سبندي هئي. وڏي ڀاءُ جي ڦاٽل سوٽ کي ڪتري ننڍي لاءِ چڍي ٺاهيندي هئي. ڪن ۾ ڳنڍ ۽ چتيون هڻندي. ٺونٺ وٽان ٻانهن ۾ پلاسٽڪ سرجن واري گرافٽنگ ڪندي هئي. ڪو ويڪري پتلون جي دانهن ڪندو هو ته، چوندي هيس: ”پٽ پرواهه ناهي، ٻئي سال تون ايڏو وڏو ٿي ويندين جو ماڳهين سوڙهي لڳندئي، ان ڪري هينئر ڀلي ٿوري ڍري هجي. امان کي فئشن جو فڪر نه هو، رڳو اوگھڙ ڍڪڻ جي اون هئي. اسان جا ڪپڙا هميشه مسافريءَ ۾ رهندا هئا، هڪ ڀاءُ کان ٻئي ڀاءُ تائين. گهڻو ڪري هن قسم جا جملا اسان جي گهر ۾ ٻڌبا هئا: .امان منهنجي هوءَ قميص ڪٿي آهي؟“
”ڪهڙي قميص پٽ؟“
”امان اها ئي جيڪا البرٽ جو پهراڻ هئي، جيڪا جئڪ جي به قميص هئي ۽ جيڪا اديءَ جو چولو به هئي.“
”ها ها. هاڻ ياد آيو. پٽ ان مان تنهنجي وڏي ڀاءُ ڊيوڊ جا اڳئين هفتي ڪڇا ٺاهي ڇڏيم.“
اسان مسواڙين ۽ جاءِ جي مالڪ ۾ فقط اها ڳالهه ساڳي هئي ته ٻئي مسواڙ گڏ ڪرڻ ۾ رڌل هوندا هئاسين. هو اسان مان، اسان پورهئي مان. بچت سچت ڪري ڏيڻ ۾ هميشه دير ٿي ويندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن پهرين تاريخ تي ئي پئسا ڏيندا هئاسين ته جاءِ جو مالڪ ٽوڪي چوندو هو: ”هي ڇا؟! هن دفعي مسواڙ ائڊوانس ۾ پيا ڏيو ڇا!؟“
بهرحال خدا ڪارڻ ڳالهه ڪبي ته هن ڪڏهن به اسان کي ڏاڙهيو ڪونه. گاريون ڏيڻ بدران هو ٻيا طريقا استعمال ڪندو هو. مثال طور: مسواڙ ۾ دير ٿيڻ تي هو صبح سوير هڪ ڌارئين عورت کي پاڻ سان وٺي نموندار ٿيندو هو ۽ اسان سان بنا عليڪ سليڪ جي ان مائيءَ کي جاءِ ايئن ڏيکارڻ شروع ڪندو هو، ڄڻ اسان گهر جا ڀاتي نه پر روح هجون جي فقط هڪ ٻئي کي ڏسي سگهون. هونءَ به اسان ان وقت چتين لڳل ڪڇن ۽ گنجين ۾ ڌارين مهمانن اڳيان بحث ڪرڻ بدران لڪندا وتندا هئاسين.
مسواڙي ۽ مالڪ جي جھڳڙي اسان جي ڪچي ذهن تي ايڏو اثر وڌو، جو اسان لاءِ جاءِ جو مالڪ معنيٰ ڏنگو ماڻهو، خوفناڪ جانور، يا رت چوسيندڙ ڄؤر هو. اسان هن کي شايد ان لاءِ به نٿي وڻياسين، جو اسان، هن سان دولاب ڪيو هو. اسان جهڙي وڏي آڪهه لاءِ مسواڙ تي گهر ڳولڻ ڪا سولي ڳالهه نه هئي. اسان جا ماءُ پيءُ جڏهن گهر جي ڳولا لاءِ نڪتا هئا ته پاڻ سان فقط ٻه ٻار کنيا هئائون. پوءِ جڏهن اسان سامان کڻي رهڻ لاءِ آياسين ته جاءِ جو مالڪ اسان کي ڏسي وائڙو ٿي ويو هو. هڪ ٻئي پٺيان يڪا سارا اٺ ٻار ڏسي سندس منهن جو رنگ ئي اڇو ٿي ويو هو (۽ پوءِ وارن جو پڻ) امان کي ٽوڪ مان چيائين: ”پهرين ڇو نٿي ٻڌائي ته توهان کي هيڏي اعليٰ فئملي آهي؟“
”ابا ڪڏهن پنهنجي به نظر لڳي ويندي آهي. ان ڪري مون هڪدم نٿي ٻڌايو.“ امان ڪاٺ جي پيتي ٽانگي تان لاهيندي چيس.
ٻئي ڏينهن جاءِ جي مالڪ سنجيدگي سان بابا کي چيو: ”ڳالهه ٻڌ! ٻار تمام گهڻا آهن. آئون ته فقط ٻه رکندس.“
بابا هن جي ڳالهه اُبتي سمجھي ۽ وراڻيس: ”اسان ته پاڻ خوش ٿينداسين. ڪهڙا ٻه ٻار تون رکڻ ٿو چاهين؟“
اسان غريبن جو پاڙو به عجيب هو. هر هڪ وٽ ڏکن هوندي به خوشي هئي. هڪٻئي سان جهيڙو جھٽو هجڻ جي باوجود هڪ ٻئي کي اوکي ويل سڏ تي سڏ ڏيندا هئاسين. هڪٻئي جي اوڻاين پوڻاين، غمين خوشين کان چڱيءَ ريت واقف هئاسين. گهرج تي (جيڪا هر وقت لڳي رهندي هئي)، هڪٻئي کان لوڻ، مرچ ۽ کٽ بسترو ته ٺهيو، پر ذاتي شيون به اڌاريون وٺندا ۽ ڏيندا هئاسين. ”ماسي ذرا پٽهين کي ته ٿوري دير منهنجي حوالي ڪجانءِ ته هيءَ هڙ بس اسٽاپ تائين کڻائي هلي.“
”ڀيڻ پنهنجي درين جا پڙدا اڄ رات لاءِ ڏجانءِ، منهنجو ناٺي پيو اچي.“
ڪي پاڙي وارا ته کنڊ جو ”ٻڪ“ وٺڻ لاءِ پاڻ ايندا هئا ۽ موٽائڻ مهل ڪنهن ننڍي ٻار هٿان موڪليندا هئا، جيئن گهٽ موٽائڻي پوي. پاڙي ۾ هڪ غريب رن زال مسز برنيس رهندي هئي. جڏهن هن جي ڌيءُ جو مڱيندو پهريون دفعو سندس گهر اچي رهيو هو ته امان سان ڳالهه ڪندي چيائين: ”ڀيڻ اڄ شامَ لاءِ پنهنجو مڙس ته اڌارو ڏجانءِ، جيئن اسان جي گهر جو وڏو ٿي ساٺ سنوڻ پورا ڪري.“
واندڪائين ۾ وڏڙن جون رهاڻيون ٿينديون هيون. امان، پاڙي واريءَ کي فقط چئي ايندي هئي: ”اڄ ته اسان وٽ گهمڻ اچ.“ انهن ڏينهن ۾ نه ٽي وي هئي، نه ڊانسنگ ڪلب، نه شراب ڪواب نه پتي راند. بس ٺلهو ٻئي جي گهر اچي دل جي وندر ڪچهريءَ سان پوري ڪبي هئي. وڌ ۾ وڌ عياشي، ته سياري ۾ چلهه ۾ ڪجهه وڌيڪَ ڇوڏا ۽ اڱار وجھي باهه جو ڀنڀٽ کڻي ٻاربو هو. مرد ماڻهو هڪ طرف ڌار ويهي پنهنجين نوڪرين، صاحبن، ڪمدار ڪامورن ۽ ڪارخارنن جون ڳالهيون ڪندا هئا ته عورتون ٻي ڪنڊ وٺي وهنديون هيون. پوءِ ڪي عورتون گهران آندل چونئرا پيون ڇلينديون، ڪي آر به هٿن سان پيون هلائينديون ته ان سان گڏ اوڙي پاڙي جي چشڪا ڏئي گلا به پيون ڪنديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن صوف کڻي ويهنديون ۽ پوءِ آهستي آهستي ان جي کل بنا ڇڄڻ جي نانگڻ وانگر لاهي، پنهنجي باقي بچيل ڏندن سان چٻ چٻ ڪري کائينديون هيون ۽ پنهنجي ويم جا سور ۽ مسئلا به کڻي ويهنديون هيون. ”پهرين ٻار تي مونکي ٽي ڏينهن سور هليا، ٻئي تي رڳو چار ڪلاڪ.“ پنهنجا ڪوڙا سچا ۽ خيالي ويم، ڪُهايون ۽ ٻار ڪيرائڻ جون تڪليفون به هڪٻئي کي ٻڌائينديون، ته رکي رکي نڪ کي موڙا ڏئي ”هنن“ يعني مردن ڏي به آڱرين سان اشارا ڪنديون، جيڪي سندن خيال مطابق سندن تڪليفن جا ذميوار هئا.
پاڙي جو هر ڪردار مختلف ڳالهين ۽ ڪمن کا سڃاتو ويو ٿي. ڪي ڪي ماڻهو رڌ پچاءَ کان سڃاڻبا هئا، جنهنجي خوشبوءِ سڄي پاڙي ۾ ڇانئجي ويندي هئي. بصر سڙڻ جي ڌپ تي هڪدم امان چوندي: ماسي ”ب“ اڄ وري بصر پئي تري ۽ سندس نالو ئي مائي بصران پئجي ويو. کومي جي ڌپ جي سمجھي وينداسين ته ماسي استري آهي، ڪپڙا پئي استري ڪري. اهڙيءَ طرح در تي ڪڙو لڳڻ جي انداز مان ماڻهو سڃاڻي سگهبو هو ته ڪهڙو پاڙي وارو آهي. ڪنهن جو ڪڙو زور سان هوندو هو ڪو ڄڻ چؤنئريءَ تي چمچو پيو هڻي. ڪو ڪڙي بدران آڱرين جي ڏوڏن سان در کڙڪائيندو هو، ڪو نهن سان ٽپ ٽپ ڪندو هو ۽ جڏهن در تي ڪنهن به قسم جو ڪڙو نه لڳندو هو ته سمجي ويندا هئاسين ته جاءِ جو مالڪ پيو اچي. ڪي پاڙي وارا سندن هلڻ جي آواز مان سڃاڻبا هئا ۽ سندن نالا به ان مطابق رکيل هئا.
هر قسم جي رسم رواج، ساٺ سنوڻ ۽ ڦڪيءَ ڦيڻي لاءِ ڪانه ڪا وڏي، پاڙي ۾ ضرور هئي. خاص ڪم جيڪو خير خوبيءَ سان سرانجام ڏنو ويندو هو، سو هو هڪ ٻئي جي ڌيئن جي شادي ڪرائڻ. فقط اهي شادي کان ڀاڄوڪڙ ڪنوارا بچي سگهندا هئا، جن جون ڪئين سالن جو تجربو هوندو هو. پوليس به ايترا ماڻهو نه جھليا هوندا، جيترا هنن پوڙهين پاڙي جي ڇوڪرين کي اگھائڻ لاءِ ڪنوار ڦاسايا هوندا.
جيڪڏهن اتفاق سان ڇوڪرو پنهنجي پاڙي ۾ نه هوندو هو ته پوءِ ٻئي محلي يا شهر جا به ساڳي سٽاءُ ۽ ائڪٽنگ سان جھليا ويندا هئا. جنهن جي ريهرسل اڳواٽ ٿيندي هئي، جا هن ريت هئي: ”آئون پنهنجي ڀاڻيجي کي فلڊلفيا مان مانيءَ تي گهرايان ٿي. پوءِ مانيءَ بعد اٽڪل نائين وڳي ڌاري تون ڌيڻين هٿان ٻه ڊالر مون ڏي موڪلجانءِ، جيڪي آئون توکي لهڻان. آئون پوءِ بهاني سان ڌيڻين جي ڄاڻ سڃاڻ ڀاڻيجي سان ڪرائينديس ۽ هن کي چانهه لاءِ چونديس. بس هڪ دفعو هن ڏٺو ته سمجهه ته اڌ قصو پورو ٿيو.“
سو ايئن مڱڻا ۽ شاديون ٿينديون هيون: پوءِ کڻي ڇوڪريءَ ۾ ڪا خاص سونهن يا قابليت نه هجي. ڪا ٿلهي ۽ بندري هوندي ته اٽڪلي پوڙهي چوندي: ”قد جي سا ٿوري ننڍي آهي، پر عقل ۾ ڪير نه پڄيس.“ ۽ ڪا چست چالاڪ نه هوندي ته چونديون: ”ٻيون ڳالهيون کڻي ڇڏ اهي ته پيون اينديون، پر سبڻ، ڀرڻ ۽ رڌ پچاءَ ۾ هن سان ڪير پُڄي؟“ وغيره وغيره.
پوءِ جڏهن شادي ٿيندي هئي ته پاڙي جون ننڍيون وڏيون ڪنور کي اچي سينگارينديون. گهر جو ڪم ڪار ڪنديون ۽ آيل مهمانن لاءِ ماني ٽڪي تيار ڪنديون. ”ڪنوار جا وار هيئن نه هيئن ٺاهينديس. ان اسٽائيل ۾ ته صفا ڏهه سال پوڙهي ٿي لڳي.“ ڪا پڇندي: ”امان ڇوڪرو ڪهڙي ٿو نوڪري ڪري؟“
”اڃان پڙهي پيو. آخري سال ۾ آهي. مائٽن جو به سڀ ڪجهه اٿس.“
”ڪنوار جا ڀاڳ ڀلا! اڄڪلهه ڪٿي ٿا اهڙا ڇوڪرا ملن.“
”ڇوڪري به ته گهٽ نه آهي، ڀاڳن وارن کي اهڙي ڪنوار ملندي.“
”امڙ پنهنجو پاڻ ۾ ويٺا آهيون ڪنهن سان ڳالهه نه ڪجانءِ، هو هن جي لائق آهي ته هوءَ هن جي.“
شاديءَ جي دعوت تي ننڍو وڏو اچي گڏ ٿيندو هو. اهي ٻار جن کي اڃا ڏند نه آيا هوندا، انهن کي به مائرون وات ۾ ڪجهه نه ڪجهه گچينديون رهنديون هيون. ڪي زالون در تي بيهي ڄڃ اچڻ تي لوڻا هيڏانهن هوڏانهن ڦيرائي مهمانن کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪنديون هيون. ”هي گھوٽ جو چاچو آهي، نيو جرسيءَ ۾ ٿو رهي، هي مامون اٿس، هي بروڪلن ۾ نلڪن جو ڪم ٿو ڪري ۽ هي جيڪو اچي پيو ان کي ته مان نه سڃاڻان، لڳي ٿو گھوٽيتن پاسي جو آهي. ٻڌجي پيو ته گھوٽيتا مڙئي ٿوري ٽون ڦان وارا آهن. اجھو هارن جو کارو به اچي ويو. اڃان گھوٽ جو پتو ڪونهي.“
”اچي ويو. اچي ويو.“ ٻارن جي هُل ۾ هڪ پراڻي ٽئڪسي لڏندي اچي بيهندي. پهرين گهوٽ جا ماءُ پيءُ ان مان لهندا، پوءِ ٻارن جو ڌڻ، پوءِ گھوٽ، پوءِ گھوٽ جي ڪنواري ڀيڻ، پوءِ چاچي ۽ ان سان گڏ ٽئڪسيءَ جا بار ڪري چٻا ٿيل ڦيٿا ڪجهه مٿي کڄندا. ايتري ۾ ڪنوار به اندرين ڪمري مان ٺهي جڙي نڪرندي. ٻار شاديءَ جا ڳيچ ڳائيندا:
Here comes the Bride – All dressed in white
Here comes the feller – All dressed in Yeller.
هڪ دفعو وري نئين جوڙي تي عورتون ٽيڪا ٽپڻي ڪنديون. سس پس شروع ٿي ويندي. اٿڻ مهل هڪ ٻئي کي آهستي ڪن ۾ ڦسڪا هڻنديون: ”پنهنجو پاڻ ۾ ويٺا آهيون، ڪنهن سان ڳالهه نه ڪجانءِ، هوءَ هن جي لائق آهي نه هو هن جي.“
پاڙي ۾ ڪيترا پوڙها ۽ پوڙهيون رهنديون هيون جي سڀني جا چاچا ۽ چاچيون هيون. هڪ چاچي هوندي هئي جيڪا ايڏي ته پوڙهي هئي جو هن کي اهو به ياد نه هو ته هن جا وڏا ڪير هئا ۽ ڪٿان آيا. سندس مائٽن مان ڪير جيئرو نه بچيو هو. سندس مڙس کي به ياد نه هو. منهنجا ڀائر ساڻس چرچا ڪندا هئا ته هنن جو نڪاح نامون رد ٿي ويو آهي ۽ هاڻ گناهه جي زندگي پيا گذارين. ننڍن ٻارن کي ڪوڏائڻ وقت چوندي هئي: ”بلڪل پڙڏاڏي تي ويو آهين.“ يا ”بلڪل تڙنانيءَ تي مهانڊو اٿس.“ هاڻ ڪير جيئرو آهي جو سندس ڳالهه جو ثبوت ڏئي يا رد ڪري.
هڪ ٻي پوڙهي چاچي هوندي هئي، جنهن لاءِ مشهور هو ته سندس سؤٽ جو هن سان عشقُ هو. هڪ ڏينهن سندس سوٽ سندس ڳل تي کڻي هٿ لاٿو. جنهن تي مائي ڪاوڙجي پئي ۽ سخت دل ۾ ڪيائين ته اهو ماڻهو جيڪو هينئر ئي هٿ ٿو لاهي، سو اڳتي هلي خبر ناهي ڪهڙا ڪم ڪندو ۽ هو ويچارو به شرم ۽ گناهه جي احساس کان ماڳهين نيويارڪ ڇڏي ڪئليفورنيا هليو ويو، جيئن اها ڳالهه دل تان وسري وڃي. هيءَ چاليهه سالن تائين سوچيندي رهي. آخر اها ڳالهه درگذر ڪري هن ڏي نياپو موڪليائين ته، شاديءَ لاءِ اچان پئي. قدرت خدا جي، جنهن ڏينهن هوءَ پنهنجي سؤٽ وٽ ڪئليفورنيا پهتي، ان کان هڪ ڏينهن اڳ سندس سؤٽ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. پوڙهيءَ تي ان ڳالهه هيڪاندو اثر ڪيو ۽ محسوس ڪيائين ته سندس سوٽ ڪيڏو نه بلند اخلاق هو. ڪاش هوءَ اڳواٽ شادي ڪري اهي چاليهه سال اڪيلو گھارڻ بدران هن سان گڏ گذاري ها. بهرحال، جيئن ته هوءَ شاديءَ جو پڪو پهه ڪري ڪئليفورنيا آئي هئي، سو اتي ئي هڪ ٻئي واندي سان شادي ڪيائين، جيڪو پورن ٽن سالن بعد گذاري ويو. مرحوم پٺيان کيس ۽ هڪ غير استعمال شده دوائن جو خانو ڇڏي ويو. چاچيءَ هڪ دفعو وري شادي ڪئي، پر اهو همراهه به ستت ئي وفات ڪري ويو. ان بعد هوءَ هڪ مَني ٿي واپس نيويارڪ موٽي آئي ۽ هڪ دفعو وري پاڻ کي ڪنواري سڏائڻ لڳي.
• سئم ليونسن
• سنڌيڪار: الطاف شيخ