اداري پاران
سائين الطاف شيخ صاحب شروعاتي دور ۾ ڪهاڻيون به لکيون ته مضمون به لکيا. پر نالو سفرنامن ۾ ڪمايائون. سندس پهريان سفرناما: ”اناميڪا“ (1965ع)، ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ (1967ع)، ”پيار جي گھٽ“ (1970ع)، ”سمونڊ جن ساڻيهه“ (1972ع)، ”سمونڊ جي سيوين“ (1973ع)، دنيا آهي ”ڪاڪ محل“ (1974ع)، ”بندر بازاريون“ (1975ع).......
ان کان پوءِ به لڳاتار هر سال سندس سفرنامو يا ڪهاڻين جو ڪتاب ايندو رهيو. ڪن سالن ۾ ته سندس ٻه ٻه ڪتاب ايندا رهيا. سندس سفرنامن شايع ڪرڻ جي شروعات سنڌ جي قومي اڳواڻ ۽ سهڻي رسالي جي ايڊيٽر سائين طارق اشرف چپڻ شروع ڪئي. بعد ۾ نيو فيلڊس ڌڙاڌڙ سائينءَ جا ڪتاب شايع ڪيا. نيو فيلڊس وارن جو چوڻ هو ته هڪ ڪتاب شايع مس ٿي ڪري سگھيا ته اڳين ڪتاب جي ٻين ڇاپن جي ضرورت پئي ٿي. ان حوالي سان ڪافي پبلشر سائين کي ايلاز ڪندا هئا ته کين نئون ڪتاب ڇاپڻ لاءِ ڏئي. شيخ صاحب جو به نه ڪو شرط شروط نه اگر مگر، جيڪو آيو سو اگھيو. سائين کي راهه مان جيڪي پنج پتيون ملنديون هيون، سي به يارن دوستن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو، رکيا نام الله دا، اَسي (1980ع) واري ڏهاڪي جي آخر ڌاري پنهنجا سڀ ڪتاب ڀري ٻڌي ڏنائين. مون لاءِ اُهي ڀاڳن جي ڀري ثابت ٿيا. هر ڪتاب ڌيان سان پڙهيم ۽ پروڙيم. يقيناً ڄاڻ ۾ اضافو ٿيو، ٻاهرين دنيا جا ديدار ڪري ساهه سڌير ٿيو!
نوي (1990ع) ڌاري خيال آيم ته هڪ تحقيقي مضمون لکان، ”الطاف شيخ جي لکڻين جي مقبوليت جا سبب“ ان وقت تائين سندس جيڪي به ڪتاب شايع ٿيا هئا. سي سڀ هٿ ڪيم. مضمون لکي تيار ڪيم، اهو ماهوار سهڻي کي ڏنم، جو سائين طارق اشرف سان تمام ويجھا لاڳاپا هئا. سهڻي رسالي ۾ منهنجا پنج کن مضمون شايع ٿيا. ڏاڍي ڳولا ڪيم پر اهو مضمون هٿ نه آيم.
ان موضوع تي ٻين اڪابرن سائين سراج، علي احمد بروهي، عبدالرحمان قريشي کان علاوه ڪيترن ئي عالم، اديبن لکيو آهي. ٿلهي ليکي: شيخ صاحب جي مختلف ملڪن جي تاريخ، ثقافت، سماجي زندگي، طور طريقا، معاشي حالتون، عام رعايا جو قانون تي عمل، ملڪ ۾ عدل انصاف جو سرشتو وغيره بابت تفصيلي ڄاڻ ڏنل هوندي آهي. مثلاً اوهان سندس ڪتاب ”سي ئي جوڀن ڏينهن“ (1977ع) پڙهو، ان ۾ سرينلڪا جي تاريخ، تمدن، جاگرافي، مذهب، ٻوليون ڌنڌا، ريتون رسمون، ماڻهن جو مزاج، ماحول وغيره جو تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي.
وري جڏهن سندس موجود، ڪتاب ”وري ياد آيا“ (2019ع) ۾ سندس پهريون مضمون ”سنگاپور کي ٺاهڻ وارو همراهه – لي ڪئان يو“ جي ڪهاڻي پڙهندا ته هر صفحي تي حيران ٿي ويندا. اهڙي ته وڻندڙ، دلچسپ ۽ مستند معلومات ملندي جو ذهن کلندو ويندو. ضمير کان آواز ايندو ته ڪاش اسان وٽ به ڪو اهڙو لي ڪئان پيدا ٿي پئي! مضمون ۾ جتي لي جو تفصيلي ذڪر آهي ته اتي سنگاپور جي ترقي جي مڪمل تاريخ آهي ته 1960ع ۾ اتي ڇا هو ۽ هاڻي اتي ڇا نه آهي. حد اها آهي ته نه اتي پاڻي نه پوک، نه وري قدرتي وسيلا! سنگاپور جي ڪل ايراضي 580 چورس ڪلو ميٽر آهي. يعني اسان جي خيرپور ضلعي کان به گهٽ پوءِ دنيا جي صنعت، واپار، ميرين انجنيئرنگ ۾ ان جو ممتاز مقام آهي.
وري جڏهن شيخ صاحب ڪنهن ڪردار تي لکي ٿو ته ان بابت اهڙو ته تفصيل سان لکي ٿو ڄڻ ته اها پي ايڇ ڊي ٿيسز آهي. اعتبار نه اچيوَ ته هن ڪتاب ۾ ”خشونت کان سعديه تائين“ پڙهي ڏسو! ”خشونت سنگھ“ دنيا جو ممتاز ماڻهو آهي. ان تي ڪيئي ڪتاب اچي ويا آهن. سندس پڙهندڙن جو انگ به لکن - ڪروڙن ۾ آهي. پر شيخ صاحب جيئن پيرائتي ڳالهه ڪئي آهي. ڳالهه سان ڳالهه ملائڻ ۽ ڳالهه مان ڳالهه ڪڍڻ دنيا جو اهم فن آهي، جنهن تي مانوارو سائين شيخ صاحب مڪمل مهارت رکي ٿو. خشونت جي ڪن ڪتابن جو هن اهڙو ته تاثر ڀريو ذڪر ڪيو آهي، جو دل پئي گھري ته اڄ اهي ڪتاب گھرائي پڙهجن! اها آهي ڪامياب ليکڪ جي پهرين خوبي، جو هو پڙهندڙن کي ترتيب ۽ حڪمت سان گڏ وٺي هلي ۽ جيئن پاڻ محسوس ڪري پڙهندڙ کي به اها ريس ڏياري.
مونکي ياد آهي ته مون پنهنجي مضمون ۾ اهو نقطو نروار ڪيو هو ته سائين الطاف پنهنجي سادي سلوڻي اسلوب سان لکڻين ۾ دلڪشي پيدا ڪري ٿو ۽ ان جديد دور جي معلومات مهيا ڪري ٿو. ان سبب سندس پڙهندڙن جو دائرو وڌندو وڃي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سنڌي ادب ۾ لکين نوجوان اهڙا ملندا، جن شروعات ۾ سائين الطاف شيخ جا ڪتاب پڙهيا هوندا. ان کان پوءِ ان ۾ ذڪر ڪيل ڪتاب پڙهيا هوندا. جيئن منهنجي دل هاڻي به گھري ته جھڙي ريت سائين مضمون ۾ ذڪر ڪيو آهي ته خشونت جو ڪتاب ”دهلي“ ۽ A train to Pakistan پڙهان.
سائين الطاف شيخ جيتري دنيا ڏٺي آهي ۽ ان ۾ جيڪي رنگ ڏٺا آهن، هن اوتروئي لکيو آهي. پر ڀانيان ٿو سائين نوٽن (Notes) جي انداز ۾ جيڪي ڀانڊا ڀريا آهن، سي خالي ٿيڻا نه آهن، ساميءَ ته مٽ ڀريا هئا، جيڪي اوس خالي ٿيڻا هئا. پر کوهه خالي ناهن ٿيندا. 1982ع ۾ سهڻي اداري پاران شايع ٿيندڙ ڪتاب ”جاني ته جهاز ۾“ جي پيش لفظ ۾ سائين طارق اشرف، شيخ صاحب کي صلاح ڏني آهي ته هو هٿ هلڪو رکي! لکي ٿو ته: ”الطاف اڄ جو مقبول ليکڪ آهي، موجوده وقت ۾، جيڪي به ليکڪ لکي رهيا آهن، ڪنهن جا به ڪتاب الطاف کان وڌيڪ ڪونهن. پر هڪ ڳالهه چوڻ گھران ٿو ته، الطاف تمام تکو لکڻ لڳو آهي. تمام گھڻا ڪتاب نڪتا اٿس ۽ نڪرن پيا، پر لکڻ جي اها تيزي، الطاف کي ڪجھ نقصان ضرور رسائي رهي آهي........
سائين کي اهڙيون صلاحون ٻين اديبن ۽ ليکڪن به وقت بوقت پئي ڏنيون آهن، پر سائين ”جيئن ٿڌ تيئن وڌ“ جي اصول تي اڳ کان به وڌيڪ لکي رهيو آهي. سائين جي هاڻي ڪل وقت مشغولي وڃي اها رهي آهي، آءُ حيران آهيان ته اهي ڪهڙا ڪارڻ آهن، جن جي آڌار تي شيخ صاحب پنهنجي پڙهندڙن جي حلقي کي قائم ۽ دائم رکيون پيو اچي! هن لکڻ جي چاشني ۾ ڪمي ڪانه ڪئي آهي. اڃا به سندس پڙهندڙن جو انگ وڌندو پيو وڃي؟ اهو وڏو سوال آهي، ان تي تحقيق ٿيڻ گھرجي! منهنجي ڄاڻ مطابق ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ اديب سائين جي علمي ۽ قلمي پورهيي تي تحقيقي ڪم ڪري رهيا آهن. تن کي شاباس هجي! پر شيخ صاحب تي: تحقيق اهو ڪري، جيڪو سائين جي مشاهدي ۽ مطالعي جي گھٽ ۾ گھٽ اڌ برابر هجي! جن سريلنڪا، سنگاپور، ملائيشيا، انگلينڊ، آمريڪا، جاپان وغيره ڏٺو ئي ناهي ته سائين جي مشاهدن بابت هو ڇا لکي سگھندو؟ سائين جيڪو عالمي ادب پڙهيو آهي ۽ جيڪي ٻوليون هو ڄاڻي ٿو. ان جي باري ۾ اڻ ڄاڻ ڇا راءِ ڏيندو! سائين شيخ صاحب جي لکڻ ۽ مسلسل لکڻ جي پويان وڏو فهم ۽ ادراڪ آهي، ان کي سمجھڻ لاءِ به ساڃاهه گھرجي.
سائين سراج الحق ميمڻ الطاف شيخ جي ڪتاب ”اوهريا جي عميق ڏي“ جي ”مهاڳ يا پڄاڻيءَ جو جواب“ نيو فيلڊس پبليڪيشن 1992ع ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته الطاف اهو هنر، اهو فن ڄاڻي ورتو آهي ته جيڪا ڳالهه ڌيان تي آڻڻي هجي، ان جي ابتڙ ڳالهه کي کولي بيان ڪجي ته تضاد ظاهر ٿي پوندو، ڪنهن وڏيري جي حويلي يا ڪنهن سيٺ جي محل جي تفصيلن کي بيان ڪندي، جيڪڏهن ڪو اديب ڪشنچند بيوس جي اها الافاني سٽ ورجائي ته ”الا جهري مَ شال غريبن جي جھوپڙي“ ته نه رڳو تضاد روشن سج وانگر ظاهر ٿي پوندو، پر ان جي تو ۽ تپت کان ماڻهو جو ذهن ڀسم ٿيڻ به لڳندو. اهوئي فن الطاف استعمال ڪيو آهي ۽ اهو ئي فن مرزا قليچ بيگ استعمال ڪيو هو.
شاهه لطيف پنهنجي فهم ۽ فڪر کي سمجھڻ لاءِ پنهنجي شاعري ۾ ٻين گڻن سان گڏ، تضاد واري مفهوم کي ڀرپور انداز ۾ اڀاريو آهي، جيئن:
ڪُهي سو ڪَر لهي، ڪوٺي سو قريب. (ڪلياڻ)
ڪوٺڻ قريبن جو، عين تڙڻ آ. (ڪلياڻ)
اي اُلٽي ڳالهڙي سڪ ورندي ساهه. (ڪلياڻ)
سوئي راهه رد ڪري، سوئي رهنما.
سو هيءُ سوهو، سو اَجل سو الله،
سو پرين، سو پساهه، سو ويري سو واهرو.
(ڪلياڻ)
سائين سراج صاحب، الطاف شيخ صاحب جي هڪ ٻئي گڻ جو به ذڪر ڪيو آهي. لکي ٿو ته: ”الطاف سان پيار جو ٻيو سبب اهو سر سامونڊي آهي، هن منهنجي انهن سمورن خوابن کي هڪڙي شڪل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا سامونڊي سرن ۾ ڀٽ ڌڻي کولي بيان ڪئي آهي ۽ جنهن هن کي سامونڊي جي بيتن مان ئي عنوان چونڊڻ جو حوصلو ڏنو آهي. جڏهن سنڌ آزاد هئي، تڏهن سنڌ جا غوراب سموري دنيا کي تهذيب ۽ تمدن جو پيغام پهچائڻ لاءِ دنيا جي هر هڪ ملڪ ڏانهن ويندا هئا. تاريخ کان به اڳ، شام ۽ عراق جي سلطنت (ميسوپوٽيميا) ۽ مصر جي فرعونن کي سنڌ ۽ سنڌي تهذيب سان روشناس ڪرڻ لاءِ اُهي غوراب ۽ جھاز سمنڊ جو سينو چيري پهچندا هئا. ۽ کين سنڌ جي تهذيبي زندگي جو ڄاڻ ۽ اطلاع ڏيندا هئا.
وڌيڪ لکي ٿو ته، ”ان سموري بحث مان مراد فقط هڪڙي حقيقت کي بيان ڪرڻ آهي ته جڏهن ڪو اديب ۽ لکندڙ سفرنامن جي ذريعي اهي نظريا، اهي قدر، اُهي ملهه، اُهي ضد، اهي حوالا ۽ اُهي علامتون صاف سٿرن لفظن ۾، سندن اصلي پسمنظر ۾، بيان ڪري ٿو ته ان جي حيثيت ڪيئن مقرر ڪجي؟ منهنجي خيال ۾، الطاف – گھٽ ۾ گھٽ سنڌ جي تهذيبي ۽ ادبي تاريخ ۾ اهو ڪردار ادا ڪيو آهي، جيڪو بلاذري جي زماني ۾، عرب دنيا ۾، هڪڙي سنڌي غلام صرافن جي وڏي بازار ۾ وڏي واڪ ادا ڪيو هو ته ”سنڌي غلام ته ٿي سگھن ٿا، ڇاڪاڻ ته هو بي پهچ آهن، پر بي ايمان ۽ بي ضمير ٿي نٿا سگھن: ڇاڪاڻ ته سنڌ هنن کي اهڙو ايمان ۽ ضمير ڏنو آهي، جيڪو اوهان عربن جي مقابلي ۾، قرآن جي فلسفي مطابق فقط لفظ ”صادق“ ۽ ”امين“ جي معنيٰ ۾ بيان ٿي سگھي ٿو.“
تاريخ ۾ قومي اوسر ۽ استحڪام لاءِ ڪردار اهم ڪارناما سرانجام ڏيندا آهن. جيستائين دولهه دريا خان زندهه هو. تيستائين ڀرپاسي جي ڪنهن به حاڪم کي مَجال نه هئي جو هو سنڌ ڏانهن ميري اک کڻي ڏسي، پوءِ جڏهن ڄام فيروز جي ماءُ مدينيه ماڇياڻي هوڏ ڪري ڌارين کي دڳ ڏيکاريو ته سندس ان هڪ عمل سنڌ جو سماجي ڍانچو اهڙو ته اڊيڙي ڇڏيو، جو اڄ تائين سڌو نه ٿي سگھيو آهي. تفصيل لاءِ پڙهو ”برهانپور ڪي اولياءَ“ (سنڌي ادبي بورڊ) جو پير حسام الدين راشدي جو لکيل مهاڳ، ارعونن، ترخانن، ازبڪن ۽ مغلن سنڌ ۾ اهڙو ته محشر مچايو جو اسان جي عالمن، اڪابرن، هنرمندن، سنڌ ڇڏي وڃي بيا وڻ وسايا. اڄ دنيا جي اڪيچار ملڪن ۽ ماڳن تي اهي ڀاڳوند وسن پيا، انهن پنهنجي علم، هنر فن، بهادري، وڻج واپار ۽ سچائي ۾ اهڙو ته ڌاڪو ڄمايو، جو دنيا سندن ڳڻ پئي ڳائي. هو وري سنڌ جا بهه، چانور، انب، ٻوري، ڏڌڻي پيا ياد ڪن.
جھڙي ريت شاهه لطيف پنهنجي دور ۾ وکريل سماجي سرشتي کي جوڙڻ لاءِ هارين نارين، ڪمين ڪاسبين، هنرمندن، سخي ڏاتارن، غريبن جي واهرن وارا ڪردار ڳولي انهن جي گڻن کي واکاڻيو ته جيئن قومي سطح تي وڃايل ساک کي ٻيهر بحال ڪري سگھجي. پاڻ ۾ وڙهندڙ قبيلن کي هڪ ڪري قومي ڌارا ۾ شامل ڪجي. پورهيت طبقي کي هٿي ڏئي، سندن مان مٿاهون ڪجي:
”هَلو هلو ڪوريين، نازڪ جنين نينهن،
ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا“
اهڙي طرح شاهه صاحب ڪڏهنه ڏهه ڏاتارن جو ذڪر پئي ڪيو ته ڪڏهن جادم جکري جو، جيڪو نادارن جو آڌار هو. ته ڪڏهن وري مورڙي ميربحر جو ذڪر ڪيو، جنهن جڏي جيءَ سان مانگر ماري ڀائرن جو پلاند ورتو ۽ ملاحن جا منهن سنرا ڪرڻ لاءِ کين سگھ بخشي.
شاهه صاحب پنهنجي شاعريءَ ۾ سمنڊ رستي وڻج واپار کي وڏي اهميت ڏني، جو ان بابت هن ٻه سر: سامونڊي ۽ سريراڳ چيا، انهن سرن ۾ زندگي جو وڏو فلسفو سمايل آهي، جنهن طرف سائين سراج صاحب به اشارو ڪيو آهي.
منهنجي ذاتي راءِ آهي ته اسانجي سفري سلطان سائين الطاف شيخ به انهن سرن جي فلسفي کي سمجھي ورتو آهي ۽ ڏيهه پرڏيهه ۾ جتي ڪنهن سنڌي سنپورنج جي کيس خبر پئي آهي ته هزارين حيلا ۽ وسيلا ڪتب آڻي، ان سان ملاقات ڪئي اٿائين. ان جي خاندان ۽ سندس ڪرت جو اهڙو ته ذڪر ڪيو اٿائين، جو پڙهڻ سان ڳاٽ اوچو ٿيو وڃي ۽ مجموعي طور تي فخر جو احساس اڀري ٿو. سماج ۾ اهڙا ڪردار ئي هوندا آهن، جيڪي قومن جي ٻيهر اُڀار (Renaissance) جو باعث بڻبا آهن.
اهڙا نيڪ گڻ الطاف جي لکڻين ۾ سموهيل آهن، جن کي اجاگر ڪرڻ وقت جي عالمن ۽ محققن جو ڪم آهي. سنڌ جي يونيورسٽين کي گھرجي ته ”سير ۽ سفرنامن“ بابت هڪ تحقيقي پيپر رکن، ته جيئن اسان جا نوجوان عالمي ادب ۽ حالتن کان آگاهه ٿي سگھن.
اسان في الحال سندس ٻه ڪتاب ”وري ياد آيا“ ۽ ”رنگ برنگي دنيا“ شايع ڪري رهيا آهيون، جيڪي هن اَملهه شخص اسان جي ڪم جي معيار کي ڏسي پاڻ سڏي ڏنا آهن. ان کان علاوه هڪ ٻيو ڪتاب به اسان جي رٿا ۾ شامل آهي، جنهن ۾ سائين شيخ صاحب جي سڀني ڪتابن جا پيش لفظ/مهاڳ ڪتابن جي ٽيڪنيڪل ڊيٽا، ۽ انتساب وغيره شامل ڪيا ويندا. خاطري سان چئي سگھجي ٿو ته ان جي اشاعت سان مستقبل جي محققن کي وڏي مدد ملندي.
ڊاڪٽر آفتاب ابڙو
3559905-0334 چيئرمين
dr.aftababro@gmail.com پيڪاڪ پبلشرس