سنگاپور کي ٺاهڻ وارو همراهه
احمد حسين مخدوم سان منهنجي سڃاڻپ ۽ ساٿ 1960ع کان آهي جڏهن آئون ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ هوس ته هن فرسٽ ييئر ۾ ۽ سندس سال کن ننڍي ڀاءُ خالد حسين مخدوم اسان جي مئٽرڪ ڪلاس ۾ داخلا ورتي هئي. منهنجي هنن سان يڪدم سٺي دوستي ٿي وئي جو سندن والد صاحب جسٽس مخدوم عبدالوالي پتي راند جو شوقين هجڻ ڪري منهنجي ناني سيٺ محمد حسن سومرو جو سٺو دوست هو ۽ موڪل واري ڏينهن تي هي ٻه، ٽيون عبدالصمد ڪاڇيلو (منهنجي ڪلاس ميٽ رفيع ڪاڇيلو جو والد) ۽ چوٿون هيرآباد جو سيٺ مولراج ڀيرواڻي (پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج جي هڪ ٻئي ساٿي رميش ڪمار جنهن جو ڪِٽ نمبر ون هو، جو والد) حيدرآباد جي انگريزن جي ڏينهن جي ونڊسر نالي مشهور ريسٽورينٽ ۽ بار ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ تاش کيڏندا هئا. ڪئپٽن احمد حسين مخدوم جو والد صاحب بيحد سادگي پسند ۽ ايماندار سرڪاري ڪامورو هجڻ ڪري منهنجي والد گل محمد شيخ جو به دلپسند دوست هو. سندس ان عظمت کان وڏي ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي جو سندس والد يعني احمد حسين جو ڏاڏو جيڪو نوابشاهه ۽ موري پاسي جو وڏو پير هو، ان جي وفات بعد جسٽس مخدوم عبدالواليءَ گادي نشين بڻجي پيري مريدي هلائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ڪئپٽن احمد حسين مخدوم جيتوڻيڪ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ مونکان هڪ سال سينيئر هو پر انٽر بعد ٻه سال مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج ۾ پڙهڻ بعد هن کي مرچنٽ نيوي جو شوق ٿيو ۽ هن جڏهن مئرين اڪيڊمي چٽگانگ، مشرقي پاڪستان (هاڻ بنگلاديش) ۾ داخلا ورتي ته هو مونکان هڪ سال جونئر ٿي پيو. تعليم حاصل ڪرڻ بعد ڪاليجي ساٿين کي ورلي ڪو ساڳي جهاز تي Sail (نوڪري) ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو پر عجيب اتفاق آهي جو اسان ٻئي ڪيترن ئي جهازن تي گڏ گڏ رهياسين ۽ ڏور اوڀر توڙي يورپ ۽ آمريڪا جي بندرگاهن ۾ گڏ گڏ گهمندا رهياسين. سمنڊ تي به جهاز هلائڻ دوران جيئن ته هن جي نيويگيشن برانچ هئي ۽ منهنجي انجنيئرنگ برانچ جي ساڳي رئنڪ هجڻ ڪري اسان جي ڊيوٽي جا ڏينهن وارا چار ڪلاڪ توڙي رات وارا چار ڪلاڪ ساڳيا رهيا ٿي يعني ساڳي وقت جهاز گڏجي جهاز هلاياسين ٿي. ڊيوٽي دوران چانهه پيئڻ مهل هڪ ٻئي سان فون يا واڪي ٽاڪي ذريعي چرچا ڀوڳ ۽ خبرون ڪندا رهياسين ٿي ۽ ايندڙ بندرگاهه ۾ گڏ گهمڻ جا پروگرام پڻ سمنڊ تي ئي ٺاهيندا هئاسين.
سمنڊ جي نوڪري ڇڏي جڏهن ڪناري جي نوڪري جي چونڊ ڪئيسين ته خبر پئي ته اسان ٻئي هڪ ئي ملڪ ملائيشيا جي ساڳي تعليمي اداري ۾ ٽيچنگ لاءِ اچي نڪتا آهيون جنهن لاءِ اسان ڪو به پهرين کان پروگرام نه ٺاهيو هو. ملائيشيا اچڻ کان اڳ ڪئپٽن احمد حسين مخدوم هڪ يوناني جهازران ڪمپني جي جهاز تي ڏکڻ آمريڪا ۾ هو آئون پاڪستاني جهاز تي جپان ۾ هوس. احمد حسين کي به مون وانگر ماستر ٿيڻ جو ننڍپڻ کان شوق هو ۽ تعليم دوران سٺو شاگرد ٿي رهڻ ته هنن جي سڄي فئملي جي رَتَ ۾ آهي. احمد حسين جا سڀ ڀاءُ ڀيڻ پڙهائيءَ ۾ هوشيار، ذهين ۽ محنتي رهيا آهن ۽ سٺو شاگرد ئي سٺو ٽيچر ٿي سگهي ٿو. سندس وڏي ڀيڻ ثريا مخدوم به مهراڻ ڪاليج ۾ ڪيترا سال پڙهايو ۽ سندس ننڍن ڀائرن خالد، زاهد ۽ جاويد مخدوم جن به هر امتحان ۾ اعليٰ پوزيشن کنئي. ڪئپٽن احمد حسين مخدوم به پهريون سنڌي بلڪه پهريون پاڪستاني آهي جنهن نيويگيشن سان واسطو رکندڙ سبجيڪٽ ۾ ڊاڪٽوريٽ Ph.D ڪئي آهي.
ملائيشيا ۾ ڏهاڪو کن سال پڙهائڻ بعد آئون ته موٽي آيس پر هي 1982ع کان ان تر ۾ اڃان تائين درس تدريس جو ڪم ڪندو اچي..... پوءِ ڪڏهن ملائيشيا ۾ ته ڪڏهن برونائي ۽ سنگاپور ۾. ملائيشيا ۾ رهڻ دوران اسان هميشه گڏ گڏ گهمڻ يا آفيس طرفان سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ملائيشيا جي مختلف شهرن: ڪوالالمپور، شاهه عالم، اپوح، پينانگ وغيره توڙي سنگاپور ۽ ٿائلنڊ ڪار يا ٽرين ذريعي ويندا هئاسين. تن ڏينهن ۾ اسانجي ملڪ ۽ ماڻهن جو وڏو قدر هو. سريلنڪا ۽ دبئي جي ته ڇا پر ملائيشيا ۽ سنگاپور جي ايئر لائين، شپنگ ڪمپني ۽ نيول تعليمي ادارا اسان پاڪستانين هلايا ٿي. ساڳي وقت امن امان جي حالت بهتر هجڻ ڪري ۽ ملائيشيا ۽ سنگاپور جا سياسي ليڊر سادگي پسند هجڻ ڪري اسان جون هنن سان قومي ڏينهن توڙي عيدن ۽ نيوييئر جي موقعي تي ٿيندڙ اوپن هائوسن ۾ دوستي جي حد تائين ملاقاتون رهيون ٿي. ملڪ جي وزير اعظم کان اسيمبلي جي ميمبرن اسان جو خيال رکيو ٿي ۽ هنن کي احساس هو ته اسان سندن نوجوان ٽهيءَ کي تعليم ڏئي قابل بڻائي رهيا آهيون. هونءَ به هن تر (Malay Archipelago) جي ماڻهن جي اها خوبي آهي ته هو ماستر (Cigu) ”چِگو“ جي وڏي عزت ڪن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ملائيشيا جا ماڻهو پنهنجي وزير اعظم مهاتير محمد کان وڌيڪَ سندس والد جي عزت ڪن ٿا جيڪو ماستر ماڻهو هو.
اسان جي شهر ملاڪا کي سنگاپور ائين هو جيئن هالا، سڪرنڊ يا ٺٽي ۽ ٿاڻي بولا خان جي ماڻهن لاءِ حيدر آباد. هڪ نه ٻئي آچر تي يا عيد برات جي موڪل تي اسين ملاڪا کان صبح جو نڪرندا هئاسين ۽ ٽن ڪلاڪن اندر سنگاپور پهچي ويندا هئاسين. اڌ رستي تي آئر حطام نالي شهر اچي ٿو جيڪو ائين آهي جيئن ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ نوري آباد .... جتي نيرن ڪندا هئاسين ۽ رات جو واپس موٽڻ مهل ان ئي شهر آئير حطام ۾ هڪ انڊين مسلمان جي ريسٽورنٽ ۾ رات جي ماني کائيندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن سنگاپور ۾ ڪنهن سستي هوٽل يا دوست جي گهر ٽِڪي پوندا هئاسين. سنگاپور ۾ اسانجا ڪيترائي ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۽ مئرين اڪيڊمي چٽگانگ جا ڪلاس ميٽ مختلف نوڪرين ۾ هئا. هو ملائيشيا ايندا هئا ته اسان وٽ رهندا هئا. اسان سنگاپور اليڪٽرونڪ جي سامان يا ڪپڙن، بوٽن ۽ ڪراڪري جي سامان لاءِ ويندا هئاسين. ان قسم جو سامان سنگاپور ۾ سستو هو. ۽ سنگاپور جا اسان جا دوست ملائيشيا جا جنگل ۽ قدرت جا نظارا ڏسڻ کان علاوه ملائيشيا مان ڀاڄيون ميوا، گوشت ۽ مڇيون خريد ڪرڻ لاءِ ايندا هئا جيڪي شيون سنگاپور ۾ تمام مهانگيون ٿين ٿيون جو اهي ٻين ملڪن مان امپورٽ ڪيون وڃن ٿيون. پيٽرول به ملائيشيا ۾ ذري گهٽ اڌ قيمت تي رهيو ٿي.
گهمڻ کان علاوه اسان ڪڏهن ڪڏهن سرڪاري ميٽنگن، سيمينارن ۽ مختلف ڪورس اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ٽي چار ڏينهن يا هفتو ٻه سنگاپور ۾ رهندا هئاسين. سنگاپور جيڪو سٺ واري ڏهاڪي تائين به ڪجهه نه هو اهو اسي ۽ نوي جي ڏهاڪي تائين يورپ جو ڏيک ڏيڻ لڳو هو. ان ۾ سڄو ڪريڊٽ اتي جي سياستدانن جو، خاص ڪري ملڪ جي وزير اعظم ”لي ڪئان يو“ جو چئي سگهجي ٿو. ساڳي وقت سنگاپور کي ڏسي ملائيشيا به سڌرڻ لڳو جِتي پڻ ايماندار سياستدانن ڪري خاص ڪري مهاتير محمد جي محنتن ۽ نيڪ سوچن ڪري سڌارو اچي رهيو هو. اسان ملائيشيا يا سنگاپور ۾ نوڪريون ڪرڻ وارا ڌاريان .... خاص ڪري بنگلاديش، انڊيا، پاڪستان ۽ سري لنڪا جا، پنهنجن ملڪن کي پٺتي پوندو ۽ ملائيشيا ۽ سنگاپور کي اڳيان نڪرندو ڏسي اتي جي وزير اعظمن کي قدر جي نِگاهه سان ڏسندا هئاسين. قومي ڏينهن، اوپن هائوسن ۽ سيمينارن ۾ انهن سان ملاقات ٿيندي هئي ته اسان سندن واکاڻ ڪندي نه ڍاپندا هئاسين. ڏور اوڀر توڙي ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ۾ مذهبي ڏينهن تي يعني عيد، ڪرسمس ڊي، چائنيز نيوييئر تي هن پاسي جي ملڪن جا اهم سياسي ماڻهو عوام سان ملڻ لاءِ پنهنجي گهر جا دروازا کولي ڇڏيندا آهن ۽ هڪ ڏينهن اڳ اخبار ۽ ٽي وي ذريعي اعلان ڪيو ويندو آهي ته سڀاڻي عيد نماز بعد مهاتير محمد جي گهر اوپن هائوس جي دعوت هر عام ۽ خاص ماڻهو کي ڏجي ٿي. پوءِ اها دعوت صبح کان شامَ تائين پئي هلندي آهي. ٽيبلن تي کاڌا سجايا پيا هوندا ۽ هر ڪو ايندڙ مهاتير سان ملي پنهنجي پسند جي شيءِ کائي موڪلائي ويندو هو يا ٿوري دير لاءِ ويهي ڪچهري ڪندو هو. امن امان وارا ڏينهن هئا، آدمشماري گهـٽ هئي. اسان جهڙا ڌاريان به ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ هئا. بهرحال آخري اوپن هائوس مون 1990ع ۾ اٽينڊ ڪيا ان بعد دنيا ۾ عام ٿيندڙ دهشتگردي ڪري اهي اوپن هائوس ڄڻ خواب ٿي ويا. سياستدانن ۽ وڏن ماڻهن جي گهرن ۽ آفيسن ۾ بنا اطلاع جي وڃي ساڻن ملڻ يا ڪچهري ڪرڻ جو سلسلو ڄڻ بند ٿي ويو. اسان پاڪستانين لاءِ به ان سال کان ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ اچڻ لاءِ ويزا وٺڻ ضروري ٿي. نه ته انهن ملڪن توڙي ٿائلنڊ ۽ انڊونيشيا ۾ جنهن وقت موڊ ٿيندي هئي رڳو ٽڪيٽ وٺي هوائي جهاز ۾ چڙهبو هو. ڪوالالمپور، سنگاپور، جڪارتا يا بئنڪاڪ جي هوائي اڏن تي لهڻ سان مڪاني اميگريشن آفيسر پاسپورٽ تي ٽن مهينن جي ويزا جو ٺپو هڻي ڏيندا هئا.
مٿين ڳالهه مان توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته اهي ملڪ اسان لاءِ ڄڻ ٻي گهر مثال هئا جِتي ڪيترائي مڪاني ماڻهو ۽ هم وطني اسان جا دوست هئا. ڪئپٽن احمد حسين مخدوم ته اڄ ڏينهن تائين اتي ٽِڪيو پيو آهي. ايتريقدر جو رهائش لاءِ هن سنگاپور ۾ ئي گهر ورتو آهي. اڄ به ان پاسي منهنجو وڃڻ ٿيندو آهي ته هن سان ضرور ملاقات ٿيندي آهي نه ته مهيني ڏيڍ فون ذريعي هو ان تڙ جون خبرون ڪندو رهندو آهي خاص ڪري اسان جي سنڌي هندو دوستن ۽ بنگالي ڪلاس ميٽن جون جيڪي اڄ سنگاپور جا citizen آهن. هُنَ هِنَ ڀيري جڏهن اهو ٻڌايو ته پاڻ وارو همراهه گذاري ويو آهي ته مون پنهنجن هڪ ٻن ڪلاس ميٽن جا نالا کنيا.
”اهي سڀ خوش چاق چڱا ڀلا آهن.“ هن وراڻيو.
”ته پوءِ ڀلا ڪهڙو همراهه گذاري ويو آهي؟“ مون تجسس مان پڇيو.
”لي ڪئان يو صاحب!“ هن جواب ڏنو.
”ويري سئڊ!“ منهنجي وات مان نڪتو ۽ پوءِ کيس چيم ’لي ڪئان يو‘ ته ”همراهه“ نه ٿيو. هو ته پنهنجو’ ‘SIR ۽ دلپسند شخصيت هو. جنهن جهڙي انسان لاءِ دعائون گهرندا هئاسين ته اهڙو ماڻهو اسان جي ملڪ ۾ به ڄمي ۽ اسان جي ملڪ ۽ عوام جي به خوشحالي ٿئي.“
واقعي سنگاپور جو هي قائدِ اعظم محمد علي جناح وانگر قابل وڪيل اسان جو ڪو دوست نه هو پر هن سان 1968ع کان 1990ع تائين واري عرصي دوران دوستانا تعلقات رهيا. هن هر پڙهيل ماڻهوءَ جو قدر ڪيو ٿي ۽ ان کي عزت ڏني ٿي. منهنجو ڏهه ٻارهن سال ته هن ملڪ ۾ جهاز کي وٺي اچڻ ڪري ۽ ڏهه سال کن ڀر واري ملڪ ملائيشيا ۾ نوڪري دوران سنگاپور ۾ سيمينار اٽينڊ ڪرڻ جي سلسلي ۾ اچڻ لڳو رهيو ٿي ۽ انهن سيمينارن ۽ قومي ڏينهن تي ٿيندڙ فنڪشنن ۾ اسان هن شخص کي ڏسندا رهياسين ٿي. هُو جنهن محنت ۽ اڻ ورچائيءَ سان سنگاپور کي ٺاهڻ ۾ لڳو رهيو ٿي ان اسان کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو هو.
شروع وارن ڏينهن ۾ اسان جا ڪيترا جهازران ساٿي چوندا هئا ته سنگاپور جهڙي ٺڳ ملڪ کي راهه تي آڻڻ ناممڪن آهي. لي ڪئان يو کي کپي ته وڃي وڪالت ڪري. چيني اها بدمعاش قوم آهي جنهن کي مائوزي تنگ جهڙي ڏنڊي جي زور تي ئي سڌو ڪيو باقي هي ’لي ڪئان يو‘ فقط قاعدا قانون ٺاهيندو وتي.
پر يارو! اسان ڏٺو ته سنگاپور جو هي وزير اعظم نه فقط قاعدا قانون ٺاهيندو رهيو پر کيس انهن تي عمل ڪرائڻ به آيو ٿي. مٿال طور سنگاپور جيڪو ننڍڙو ٻيٽ آهي جنهن جي ڪل ايراضي 720 چورس ڪلوميٽر آهي. سنڌ جو سڀ کان ننڍو ضلعو مٽياري آهي جنهن جي ايراضي 1420 چورس ڪلوميٽر آهي يعني سنگاپور جو ٻيٽ نما ملڪ مٽياري ضلعي جي به اڌ جيترو آهي .... ۽ اهو به اڄ آهي نه ته ستر واري ڏهاڪي تائين ته سنگاپور جي ايراضي فقط 580 چورس ڪلوميٽر هئي. پوءِ سنگاپور ٻيٽ جي آسپاس واري سمنڊ کي مٽيءَ سان ڀري ڀريوڌيڪَ زمين reclaim ڪئي وئي.
سنگاپور جي ماڻهن لاءِ جِتي پوک ۽ پاڻي جو مسئلو هو اتي رهائش جو به وڏو مسئلو هو. ياد رهي ته سنگاپور ۾ ڀاڄي ڀُتي توڙي پاڻي ملائيشيا ۽ انڊونيشيا کان ٿو اچي. مون کي اڄ به ياد آهي ته سنگاپور جي مختلف علائقن ۾ مختلف قومن، مذهبن ۽ زبانون ڳالهائڻ وارا ناني ڪنڙو ڪري رهيا ٿي .... يعني هر قوم جا پنهنجا پاڙا هئا. ڪٿي چيني ته ڪٿي ملئي. ڪٿي تامل ته ڪٿي گجراتي ۽ سنڌي ڳالهائڻ وارا. ڪٿي هندو ته ڪٿي سک. ڪنهن به پاڻ کي سنگاپوري سڏائيندي عيب ٿي سمجھيو جو ان وقت سنگاپور ٺڳين ۽ دو نمبر مال جي وڪري کان بدنام هو. پوءِ لي ڪئان يو رهائش جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ vertical عمارتون يعني فلئٽس جون اتاهيون عمارتون ٺهرايون ۽ ماڻهن کي آسان قسطن ۾ فلئٽ ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو. ملئي ماڻهن گهڻو ئي چاهيو ته هو پنهنجو پنهنجو ٽولو ٺاهي رهن پر حڪومت طرفان ان حڪم تي عمل ڪيو ويو ته سستي اگهه تي فقط ان کي فلئٽ ملندو جنهن جو ڪُڻو نڪرندو ويندو. سڀ مجبور ٿي پيا. سستي ۽ سٺي فلئٽ کي ڪير ڇڏي. سائين سنگاپور جي سڄي آدمشماري مڪس اپ ٿي وئي. ساڳي بلڊنگ ۾ چيني به رهڻ لڳا ته ملئي به. هندو به رهڻ لڳا ته سک ۽ عيسائي به. ان مان اهو فائدو ٿيو جو ملئي، تامل ۽ ٻيون اهڙون سست قومون چينين جي ويجھو رهڻ ڪري هنن مان سٺيون ڳالهيون سکڻ لڳيون. اهو ئي سبب آهي جو اڄ سنگاپور جا ملئي ملائيشيا جي ملئي ماڻهن کان تيز آهن.
”لي ڪئان يو“ اتاهيون ڏهه ڏهه ٻارهن ٻارهن ماڙ عمارتون ته ٺهرايون ۽ منجھن لفٽ کان ڪڙي ڪنڍي تائين هر ڪم اعليٰ معيار جو رکرايو .... ويندي سئچ ۽ نلڪا اوچي قسم جا لڳرايا جيئن بار بار خراب نه ٿين. گهٽ پئسن ۾ ههڙا اوچا فليٽ ملڻ ڪري هر ڪو خوش هو پر ان سان گڏ ’لي ڪئان يو‘ انهن ۾ رهڻ وارن لاءِ قاعدا قانون به سخت ڪيا. هر هڪ فلئٽ ۾ نه فقط بجلي ۽ فون جو الڳ الڳ ميٽر رکرايو پر پاڻي جو پڻ جيئن ڪو اجايو سجايو پاڻي نه وڃائي. ڪموڊ جو Leak ٿيڻ تي فلئٽ وارو يڪدم پلمبر کي وٺي اچي ٺيڪ ڪرائي نه ته پاڻي جو بل ان مٿان چڙهي ويندو. اسان جي ملڪ ۾ اڄ به ان جو خيال نٿو رکيو وڃي. ڪنهن جو نلڪو ليڪ ٿئي ٿو ته 200 رپيا ڏئي پلمبر کان نئون وجھرائڻ بدران سڄي عمارت جي مٿاهين ٽئنڪ خالي ٿيو وڃي. فلئٽن ۾ سک سان رهڻ جي سلسلي ۾ حڪومت طرفان ڪيترائي قاعدا ٺاهيا ويا ته ڪو پنهنجي ٽي وي جو آواز وڏو نه ڪندو، ڪو به پنهنجي ڀت ۾ ڪوڪو پاڙي واري جي اجازت بنا نه هڻندو، ڪو فلئٽن اڳيان ڪار جو هارن نه وڄائيندو، ڪو به دريءَ مان هيٺ ڪچرو نه اڇلائيندو. مونکي ياد آهي ته 1970ع ڌاري اسانجي جهاز جي فرج انجنيئر محمود کِلي چيو هو ته: ”لي ڪئان يو“ جو دماغ خراب ٿيو آهي. چيني قوم فقط ڏنڊي سان سڌي ٿي سگهي ٿي جيئن چين ۾ مائوزي تنگ ڪيو آهي. اسان هر دفعي سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ کانپوءِ چين جي به هڪ ٻن بندرگاهن ۾ ويندا هئاسين ۽ اتي جي حالتن کان واقف هئاسين.
بهرحال اسان وقت سان گڏ ڏٺو ته سنگاپور جي وزير اعظم نه فقط قانون ٺاهيا پر انهن کي Implement به ڪرايو. فلئٽن ۾ رهڻ واري ڪنهن قسم جي ڀڃڪڙي ڪئي ٿي ته پهرين دفعي ان تي ڏنڊ هنيو ويو ٿي، ٻئي دفعي هفتو ٻه جيل ۽ ٽئي دفعي ان جو فلئٽ ضبط ڪيو ويو ٿي. اڄ سڄو سنگاپور فلئٽن سان ڀريل آهي ۽ دنيا ۾ سڀ کان پرُسڪون رهائش سنگاپور ۾ آهي. سنگاپور ۾ MTR ريلوي شروع ٿي ته ان سان به قانون لاڳو ٿي ويا ته ڪو به ٽرين ۾ دُورين جهڙو بدبودار ميوو کڻي نه چڙهندو، ڪو به چيغم نه کائيندو، ڪو به ٿڪ نه اڇلائيندو وغيره وغيره ۽ ان لاءِ اڄ تائين 50 ڊالر يعني اسان جا چار هزار رپيا ڏنڊ مقرر آهي. سنگاپور ۾ نشو پتو به خوب هليو ٿي. لي ڪئان يو قانون ڪڍيو ته ڪو به چرس، گانجو، هيروئن جي چپٽي به وڪڻندو، رکندو ڪنهن کي ڏيندو يا استعمال ڪندو ته ان کي ڦاهي ڏني ويندي. آمريڪا، انگلنڊ، آسٽريليا، نيوزيلنڊ جهڙن طاقتور ملڪن جي سياحن ان کي چرچو سمجھيو .... ۽ پوءِ انهن ملڪن جا سفارتخانا ۽ وزير اعظم اپيلون ڪندا رهيا پر سنگاپور جو ڦاهي گھاٽ بزي رهيو ۽ اهو قانون اڄ ڏينهن تائين هلندو اچي. ساڳيو قانون مهاتير محمد به پنهنجي ملڪ ملائيشيا ۾ رکيو ۽ پهريان ٻه جيڪي ڦاهي تي چڙهيا اهي نيوزيلئنڊ ۽ آسٽريليا جا هئا. اتي به اڄ تائين اهو قانون هلندو اچي ۽ مڪاني توڙي ڌاريان سڀ سڌا ٿيو پيا هلن.
مهاتير جو پيءُ ماستر هو ۽ گجرات کان لڏي ملائيشيا (انهن ڏينهن ۾ ملايا) جي ڪيداح رياست ۾ اچي رهيو. لي ڪئان يو جي فئملي امير هئي ۽ اهي به ٻاهران (چين کان) لڏي سنگاپور اچي رهيا. لي ڪئان يو جو پڙ ڏاڏو ”لي باڪ بون“ جيڪو چين جي گئان ڊانگ صوبي ۾ 1846 ۾ ڄائو، اتان 1863 ۾ لڏي سنگاپور آيو هو. سندس تعلق ”هَڪا“ چيني زبان ڳالهائڻ وارن سان هو. سنگاپور هڪ ويران ٻيٽ هو جنهن جي منهن وٽ جِتي سنگاپور ندي ڇوڙ ٿي ڪري سؤ ٻه سؤ مهاڻا ۽ بشني قسم جا ماڻهو رهيا ٿي. باقي سڄو ٻيٽ جنگل ۽ دلدل هئو. ملايا جي جوهور رياست وانگر هي ٻيٽ به ملئي سلطان جي ملڪيت هو. پوءِ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي واپاري بيٺڪ لاءِ سر ٿامس اسٽئمفورد رئفلس 1819ع ۾ جوهور جي سلطان کان خريد ڪيو جيڪو پوءِ 1826 ۾ برطانيا حڪومت حوالي ڪيو ويو. انگريزن هن کي پڻ پينانگ ٻيٽ ۽ ممبئي وانگر ٺاهيو سجايو، اوسي پاسي جي اميرن توڙي غريبن کي هتي اچي بزنيس ۽ پورهئي ڪرڻ لاءِ همٿايو. انگريزن جو انڊيا تي راڄ ته اڳهين هو جِتان هو تامل، سک، گجراتي به وٺي آيا ته جيئن هي اچي جنگلن جي صفائي ڪن، بزنيس ڪن، دڪان هلائين، روڊ رستا ۽ ريلوي ٽريڪ وڇائين، مينهون ڍڳيون پالين، ڌوٻي ٿي ڪپڙا ڌوئين .... اڄ به ڌوٻين وارو اهو علائقو ڌوٻي گھاٽ سڏجي ٿو ۽ ان ئي نالي سان ريلوي اسٽيشن Dhoby-Ghaut-MRT-Stationآهي. ۽ پوءِ جيئن جيئن ماڻهن جي رهائش ٿي ته چين جي ڏاکڻي صوبي کان چيني به اچڻ لڳا جن ۾ لي ڪئان يو جو پڙڏاڏو شروعاتي آيل ماڻهن مان هو. هن سِيو (Seow Huan Nio) نالي هڪ چيني دڪاندار جي ڌيءَ سان شادي ڪئي. کيس 1871 ۾ ”لي هُو لينگ“ نالي پٽ ڄائو جيڪو وڏو ٿي ڊسپينسر ٿيو. ياد رهي ته چيني نالن ۾ ذات اڳيان اچي ٿي ۽ هنن جي ذات لي (Lee) هئي. هُون لينگ يارهن سالن جو هو ته سندس پيءُ، زال ۽ ٻار کي ڇڏي واپس چين هليو ويو جِتي ٻن سالن بعد 1884 ۾ گذاري ويو. لي هُون لينگ (Lee Hoon Leng) ڪو لِيم نيو نالي سنگاپور ۾ رهندڙ هڪ چينياڻيءَ سان شادي ڪئي جنهن مان کيس اسان واري وزير اعظم جو پيءُ لي چِن ڪُون (Lee Chin Koon) ڄائو. چِن ڪُون ”چُئا جِم نيو (Chua Jim Neo) نالي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي جنهن مان کين 1923 ۾ ”لي ڪئان يو“ پٽ ڄائو. مون کي ياد آهي ته اسي واري ڏهاڪي جي ڪنهن سال ۾ اسان سنگاپور ۾ رهيل هئاسين ته شام جو ٽي وي تي خبر ٻڌيسين ته ملڪ جي وزير اعظم لي ڪئان يو جي والده ”چُئا جم نيو“ گذاري وئي آهي. اسان سمجھيو ٻئي ڏينهن آفيسون بند رهنديون ۽ ٽي وي تي ٻيا پروگرام بند ڪري سڄو ڏينهن مائي ”چُئا“ جي مرڻ ۽ دفن ڪفن جو رسم رواج ۽ روڄ راڙو هلندو پر اهڙي ڪا به ڳالهه نه ٿي جنهن مان ملڪ ۽ حڪومت جي ڪاروبار ۾ ڪا ردو بدل اچي. اهڙي طرح ستر واري ڏهاڪي ۾ اسانجو جهاز جپان ۾ بيٺو هو ته اتي جو وزير اعظم گذاري ويو. اسان ته سمجھيو ته ٻئي ڏينهن ڪم ڪاريون سڀ بند رهندا پر ڪجهه نه ٿيو هر ڳالهه نارمل هلندي رهي. مون پنهنجي مڪاني آفيس ۾ جپاني مئنيجر کي چيو ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏينهن ته موڪل ڪيو ته هن مون ڏي حيرت مان ڏسي چيو: ”ڇا مطلب؟ هڪ وزير اعظم مئو اهو نقصان ۽ ٻيو موڪل ڪري ڪاروبار جو نقصان ڪيون!“
اسان واري سنگاپوري وزير اعظم ”لي ڪئان يو“ جو ڏاڏو ”لي هون لينگ“ سنگاپور جي ”رئفلس انسٽيٽيوشن“ مان انگريزي تعليم حاصل ڪئي هئي ان بعد ڪجهه سال ڪمپائونڊر (فارماسسٽ) ٿي رهيو. ان کان پوءِ هن هڪ آگبوٽ (ٻاڦ تي هلندر جهاز) تي پرسر ٿي ڪم ڪيو. جهاز تي نوڪري دوران هن ”جاوا“ ٻيٽ تي رهندڙ هڪ سورهن سالن جي چينياڻي ڇوڪري ”ڪو لائيم نئو (Ko Liem Nio) سان شادي ڪئي. ان وقت سندس عمر 26 سال هئي. هيءَ سال 1897جي ڳالهه آهي.
انهن ڏينهن ۾ جِتي ملايا (اڄ واري مغربي ملائيشيا)، سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ ننڍي کنڊ تي انگريزن جو راڄ هو اتي اڄ وارن انڊونيشي ٻيٽن جاوا، سماترا ۽ بالي وغيره تي ڊچن جي حڪومت هئي جن جو تعلق هالنڊ سان هو جيڪو ملڪ نيدر لئنڊ به سڏجي ٿو. لي ڪئان يو جي هيءَ ڏاڏي ”ڪو لائيم نِيئو“ سيمارنگ نالي شهر ۾ رهي ٿي جيڪو جاوا ٻيٽ جو گادي وارو شهر ۽ وڏو بندرگاهه پڻ آهي ۽ اڄ به هي شهر Semarang انڊونيشيا جو جڪارتا، سُوربايا، باندنگ ۽ ميدان بعد پنجون نمبر وڏو شهر آهي جنهن جي آدمشُماري 60 لک کن ٿيندي.
انڊونيشيا جي ٻيٽن تي ڊچ ٻولي پڙهائي وئي ٿي پر چيني هوشيار ماڻهو آهن. هنن انگريزي جي اهميت سمجھي ٿي ۽ ”ڪولائيم نئو“ کي انگريزي اسڪول ۾ پڙهائيو ويو. ”لي هون لونگ“ جو مامو امير ماڻهو هو. هو سنگاپور جي ڪٽونگ مارڪيٽ جو مالڪ هجڻ کان علاوه رٻڙ جي ڪيترين ئي جاگيرن جو مالڪ هو ۽ اڄ واري آرچرڊ روڊ تي هن جا ڪيترائي گهر هئا. لي هون لونگ آخرڪار ان جهازران ڪمپني ”هيپ اِنگ موهه“ جو وڃي M.D (مئنيجنگ ڊائريڪٽر) ٿيو. هِتي اهو لکندو هلان ته هن جهازران ڪمپني جو مالڪ ”اوئي تئانگ هام“ (Oei Toing Ham)انڊونيشي امير چيني ٿي گذريو آهي جنهن جي نه فقط مٿين جهازران ڪمپني هئي پر ڪيترائي کنڊ جا ڪارخانا هئا. پاڻ 1866 ۾ سيمارانگ (جاوا) ۾ ڄائو هو. هو “Man of 200 Million” جي لقب سان به مشهور آهي جو هن مرڻ وقت پنهنجي 200 ملين گلڊر (هالنڊ جو سڪو) جي جاگير سنگاپور کي ڏئي ڇڏي. سنگاپور ۾سندس نالي Oei Toing Ham Road آهي ۽ ان کان علاوه هالنڊ روڊ ڀرسان Oei Tiong Ham Park باغيچو پڻ آهي. عمر ۾ هي توڙي لي ڪئان يو جو ڏاڏو ”هون لينگ“ هندستان جي موهن داس ڪرمچند گانڌيءَ جيڏا هئا جيڪو 1869 ۾ ڄائو هو. هِتي اهو به لکندو هلان ته ”هون لينگ“ ان وقت جي فئشن موجب ٻي به شادي ڪئي ۽ کيس ڪل پنج ڌيئر ۽ ٽي پٽ هئا. هن جي پُٽ ”لي چن ڪُون“ جيڪو انگريزي اسڪول مان پڙهيو ۽ ”چُئا جَم نيو“ سان شادي ڪئي گهر نمبر 92 ڪمپونگ جاوا روڊ تي رهندا هئا جتي 1923 ۾ کين ”لي ڪئان يو“ نالي پٽ ڄائو.
Lee Bok Bon پڙ ڏاڏو:
1846 ۾ چين ۾ ڄائو. 1863 ۾ سنگاپور لڏي آيو جِتي
Seow Huan Nio سان شادي ڪئي.
1882 ۾ چين موٽي ويو جِتي ٻن سالن بعد 1884 ۾ گذاري ويو.
Lee Hoon Lengڏاڏو:
1871 ۾ سنگاپور ۾ ڄائو
1897 ۾ Ko Liem Nio سان شادي ڪئي
پيءُ: Lee Chin Koon
Chua Jim Neo سان شادي ڪيائين.
پاڻ: Lee Kuan Yew
1923 ۾ سنگاپور ۾ ڄائو 1959 ۾ وزير اعظم ٿيو.
2015 ۾ گذاري ويو. Kwa Geok Choo شادي ڪيائين.
پُٽ Lee Hsien Loong
2004 ۾ سنگاپور جو وزير اعظم ٿيو.
Ho Ching سان شادي ڪيائين.
لي ڪئان يو کي ٽي ٻيا به ڀائر هئا جن مان هڪ ڊينس وڪيل ٿيو، ٻيو فريڊي جيڪو بزنيس مئن ٿيو ۽ ٽيون ڊاڪٽر هو جيڪو سنگاپور ميڊيڪل ڪائونسل جو صدر هوندو هو.. هڪڙي ڀيڻ مونيڪا هئي. هِتي لي ڪئان يو جي ڀائرن ۽ ڀيڻ جا انگريزي نالا پڙهي انهن کي حيرت ٿي هوندي جيڪي ملائيشيا، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جهڙن ملڪن ۾ نه رهيا آهن. دراصل چين کان ٻاهر رهندڙ ڪيترائي چيني پنهنجي نالي اڳيان جان، فريڊرڪ، ڊيني، جارج جهڙو ڪو انگريزي نالو به رکن ٿا. ويندي لي ڪئان يو جو به ڄمڻ وقت ماءُ پيءُ انگريزي نالو ”هئري“ رکيو هو. پر پوءِ ڪجهه وڏو ٿيڻ تي لي کي پاڻ تي فالتو ۽ ٻئي ڪلچر جو نالو رکڻ پسند نه آيو ۽ هن هميشه پاڻ کي فقط پنهنجي چيني نالي Lee Kuan Yew سان سڏرايو. هِتي اهو به لکندو هلان ته چيني ماڻهن لاءِ سندن ٽن حصن وارا نالا کڻي ڏکيا نٿا لڳن پر اسان جهڙن ڌارئين لاءِ سخت مونجھارو پئدا ڪن ٿا ۽ ياد رکڻ ڏکيو ڪم ٿيو پوي. ان ڪري اهي چيني جن جو ٻين قومن ۽ ملڪن جي ماڻهن سان وهنوار رهي ٿو اهي ”چيني نالي“ سان گڏ انگريزي نالو به پاڻ تي رکرائڻ ضروري سمجهن ٿا. اها ڳالهه مون اسان جي سنڌي هندو واپارين ۾ به ڏٺي ته هو پڻ، خاص ڪري جپان جا رهاڪو پنهنجي سنڌي نالي قيمت راءِ، جھٽ پٽ مل، لڇمڻ داس سان گڏ انگريزي يا جپاني نالو به رکرائين ٿا.
”لي ڪئان يو“ جي فئملي سندس پڙ ڏاڏي کان وٺي سنگاپور جي سکين ستابين فئملين مان رهي آهي. پر هڪ اهڙو به ڏڪار جو زمانو اچي ويو جو هن جي ڏاڏي جي آخري سالن ۾ هو غريب ٿي ويا ۽ لي ڪئان يو جو پيءُ ”لي چِن ڪُون“ وٽ هڪ ننڍڙو دڪان وڃي بچيو ۽ هو غربت جي زندگي گذارڻ لڳا. لي ڪئان يو جي پڦي ”لي چُو نيو“ سنگاپور جي پهرين ليڊي ڊاڪٽر هئي.
لي ۽ هن جي زال ”ڪوا گيوڪ چو“ جي 1950 ۾ شادي ٿي. هنن ٻنهي جي پهرين ٻولي انگريزي هئي. ”لي“ چيني ٿي ڪري هن کي چيني نٿي آئي. هن 32 سالن جي ڄمار ۾ 1955 ۾ چيني ٻولي سکڻ شروع ڪئي. ان کان اڳ ٻي جنگ عظيم ۾ جڏهن چئن سالن لاءِ جپانين جو سنگاپور ۽ ملائيشيا تي قبضو رهيو ته ٻين وانگر هو به اسڪول ۾ جپاني پڙهيو ۽ ساڳي وقت جپانين وٽ ترجميڪار جي نوڪري به ڪئي.
لي جي زال Kwa Geok Choo سن 2010 ۾ گذاري وئي. کين ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ آهي. لي جو وڏو پٽ ”لي هسين لونگ“ جيڪو 1952 ۾ ڄائو ۽ فوج ۾ برگيڊيئر جي رئنڪ تائين رهيو ۽ پوءِ سياست ۾ آيو. 2004ع ۾ سنگاپور جو وزير اعظم ٿيو. لي جو ٻيو نمبر پٽ Lee Hsien Yang به آرمي ۾ برگيڊيئر هو. هو اڄ ڪلهه CAAS (سول ايويئيشن اٿارٽي، سنگاپور) جو چيئرمين آهي. لي جي ڌيءَ Lee Wei Ling نئشنل نيورو سائنس انسٽيٽيوٽ جي هيڊ آهي.
لي ڪئان يو 1923 ۾ جنهن گهر ۾ ڄائو اهو اڄ به گهر نمبر 92 ڪمپونگ جاوا روڊ تي موجود آهي. پاڻ پنهنجي يادگيرين واري ڪتاب ۾ لکيو اٿس ته شروع جا سال هو Telok Kurau انگلش اسڪول مان پڙهيو جِتي جا سندس ڪلاس ميٽ غريب گهرن جا هئا ۽ ايڏا هوشيار به نه هئا. بعد ۾ ”لي ڪئان يو“ سنگاپور جي رئفلس انسٽيٽيوٽ ۾ داخلا ورتي. هي اسڪول سنگاپور جوسڀ کان پُراڻو اسڪول آهي جيڪو 1823 ۾ ٺهيو. ڳالهه اها آهي ته هي علائقا .... يعني سنگاپور ۽ ملائيشيا وارا بيحد پٺتي پيل هئا. انهن کان اسانجو ننڍو کنڊ وڌيڪَ سلجھيل هو .... يعني ان مان اندازو لڳايو ته 1819 ۾ جڏهن رئفلس جيڪو ان وقت انگريز راڄ طرفان جاوا جو گورنر جنرل هو، ملئي سلطان کان سنگاپور ٻيٽ خريد ڪيو ته سنڌ جي ڪچي کان به بدتر هو. سڄو جنگل، دلدل ۽ سؤ پيرين ۽ نانگ بلائن سان ڀريل هو. درياهه جي منهن وٽ سئو کن مهاڻن ۽ سامونڊي چورن جون فئمليون رهيون ٿي. انگريزن هن ٻيٽ کي ٺاهيو ۽ اوسي پاسي جا چيني، انڊين ۽ ملئي اچي آباد ٿيا. انهن ۾ گهڻائي اڻ پڙهيلن، غريبن ۽ پورهيتن جي هئي. انگريزن جيئن سنڌ فتح ڪرڻ سان ڏهن سالن اندر ڪراچي ۽ سکر ۾ انگريزي اسڪول کولي ڇڏيا تيئن هِتي به رئفلس انسٽيٽيوٽ 1823 ۾ يعني پنجن سالن اندر انگريزي تعليم جو بهترين اسڪول کولي ورتو. پوءِ جن چيني، ملئي يا انڊين کي ڳالهه سمجهه ۾ آئي تن پنهنجن ٻارن کي انگريزي تعليم ڏياري جنهن ڪري هنن کي وڏي Lead ملي وئي ۽ اڳتي هلي وڏين نوڪرين ۽ عهدن تي پهچي ويا.... خاص ڪري چيني ماڻهو. باقي ملئي مسلمانن ائين سستي ڪئي جيئن اسان وٽ سنڌ ۾. پارسي ۽ هندو ته يڪدم انگريزيءَ کي چهٽي پيا پر سنڌي مسلمانن سستيءَ جو مظاهرو ڪيو. ان معاملي ۾ اسان جا سنڌي ملئي مسلمانن کان به سست ثابت ٿيا جو ملئي ماڻهن کي وري به خيال اچي ويو ته انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ ضروري آهي ۽ پنهنجي ملڪ ملايا ۾ انگريزن جي کليل اسڪولن ۾ پنهنجي ٻارن کي داخل ڪرڻ لڳا .... نتيجي ۾ اڄ ملائيشيا جي اسيمبلي ۾ ملئي ميمبرن ۽ اسانجي سنڌ اسيمبلي جي سنڌي ميمبرن جي ڀيٽ ڪريو. اسان جا ميمبر اڄ جي دؤر ۾ به اعليٰ تعليم يافته نه آهن ۽ نه هنن جي ڪا will ٿي نظر اچي ته سندن علائقن ۾ ٻچو ٻچو تعليم حاصل ڪري. هڪ جاهل ماڻهو اهو ئي چاهيندو ته باقي دنيا به جاهل رهي. ملائيشيا ۽ سنگاپور به ملئي ۽ چيني وڏيرن سان ڀري پئي آهي پر انهن جا ٻار ڇا ته اعليٰ تعليم يافته آهن ۽ جن پنهنجن هارين نارين، مزدورن پورهيتن جي ٻارن کي به اعليٰ تعليم يافته ۽ پروفيشنل بنائي ڇڏيو آهي. اسان وٽ گھوسٽ اسڪول ۽ ويزا استعمال ڪندڙ ٽيچر آهن. آئون پنهنجي منهن هڪ هڪ ملڪ جو سوچيندو رهان ٿو .... ويندي ويٽنام، ڪمبوڊيا ۽ آفريڪا جي ڪينيا ۽ يوگنڊا جهڙن ملڪن جو .... مونکي ڪٿي به ان قسم جي تعليم جي معاملي ۾ بيدردي نظر نٿي اچي جهڙي سنڌ ۾ نظر اچي ٿي.
مٿي رئفلس جو نالو آيو آهي سندس سڄو نالو سر ٿامس اسٽئمفورد رئفلس هو. توهان کي هن جون مورتيون سنگاپور ۾ جِتي ڪٿي نظر اينديون. هن جي ئي idea هئي ته سنگاپور جو ٻيٽ حاصل ڪرڻ بعد هن علائقي ۾ انگريزن جي ڊچن ۽ فرينچن کان طاقتور پوزيشن ٿي ويندي. ان ڪري کيس ”سنگاپور جو بابو“ سڏيو وڃي ٿو. جن لنڊن ڏٺي هوندي ۽ اتي جي چڙيا گهر (Zoo) ۾ ويا هوندا انهن جي ڄاڻ لاءِ اهو به لکندو هلان ته اهو هن همراهه رئفلس ٺهرايو ۽ کيس ”فادر آف لنڊن زو“ به سڏيو وڃي ٿو. پاڻ 1781 ۾ ڄائو ۽ 1826 ۾ هن پاسي جي مليريا وگھي گذاري ويو. ان وقت تائين اڃان مليريا جو علاج (ڪوئنن جون گوريون) عام نه ٿيو هو. رئفلس جاوا ۽ بينڪولين (انڊونيشيا پاسي وارن علائقن) جو گورنر ٿي رهيو. نيپولي جنگين دوران رئفلس جاوا ٻيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ڊچ ۽ فرينچ مليٽري سان مقابلا ڪيا. ان بابت هن پنهنجي ڪتاب The History of Java ۾ تفصيل سان لکيو آهي.
”لي ڪئان يو“ جونئر ڪئمبرج دوران يعني مئٽرڪ دوران ڪافي محنت ڪئي. هو نه فقط پڙهائي ۾ ذهين هو پر سٺو ڊبيٽر ۽ رانديگر پڻ هو .... خاص ڪري ڪرڪيٽ، ٽينس ۽ شطرنج (Chess) جو سٺو رانديگر هو. کيس وڌيڪَ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ رئفلس ڪاليج ۾ اسڪالر سان گڏ داخلا ملي. هي ڪاليج اڄ نئشنل يونيورسٽي آف سنگاپور آهي. گذريل دفعي هن يونيورسٽي ۾ ليڪچر لاءِ ويس ته فارين اسٽوڊنٽس ۾ پاڪستان جا به ڪيترائي شاگرد هئا .... خاص ڪري سنڌ جي ٻهراڙي جا. لي سڄي سنگاپور ۽ ملايا جي ٽاپ شاگردن مان هڪ هو. ٻي جنگ عظيم ۽ سنگاپور تي جپانين جي قبضي ڪري ليءَ جي 1942ع کان 1945ع تائين يونيورسٽي تعليم ۾ رخنو پئجي ويو. لي هنن سالن ۾ جپاني سکي ”شمودا“ نالي هڪ امپورٽ ڪمپني ۾ ڪلارڪ ٿي نوڪري ڪئي. گهر جي خرچ جو پورائو ڪرڻ لاءِ هن دوستن سان گڏجي گهر ۾ کونئر (Glue) ٺاهي ڪِتابن جي دڪانن تي “Stik Fas” جي نالي سان وڪيو.
1945ع ۾ ٻي جنگِ عظيم ختم ٿيڻ بعد لي انگلنڊ روانو ٿيو جِتي پهرين ”لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس“ ۾ پڙهيو ان بعد يونيورسٽي آف ڪئمبرج ۾ داخلا ورتي جِتي هن Fitzwilliam ڪاليج مان قانون (Law) جي ڊگري حاصل ڪئي. هي ڪاليج جيڪو فقط Fitz جي نالي سان به سڏيو وڃي ٿو 1869 ۾ شروع ٿيو. هن ڪاليج مان ڪيترين ئي اهم شخصيتن ”لا“ پڙهيو. هڪ ٻه جن کي آئون سڃاڻان ۽ توهان به واقف هوندائو، هن ريت آهن: انڊيا جو بنگالي سڀاس چندر بوس جيڪو 39-1938ع ۾ انڊين نئشنل ڪانگريس جو صدر ٿي رهيو، شنڪر ديال شرما انڊيا جو نائون صدر 97-1992ع، احمد رشيد افغانستان جو صحافي جيڪو هيٺين انگريزي ڪِتاب جو مصنف به آهي:
Taliban: Militant Islam, Oil & Fundamentalism in Central Asia
۽ اسان جي سپريم ڪورٽ جو 1992ع کان 1994ع تائين جو چيف جسٽس ناصر اسلم زاهد.
’لي ڪئان يو‘ انگلنڊ ۾ به تعليم ۾ نالو پيدا ڪيو ۽ گرئجوئيشن ۾ ڊبل اسٽار (ڊبل فرسٽ ڪلاس آنرس) حاصل ڪيو. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد هو 1949ع ۾ واپس پنهنجي وطن سنگاپور آيو. جپانين جي قبضي دوران ”لي ڪئان يو“ اهو ئي سوچيندو رهيو ته انگريز پنهنجي پر ۾ پاڻ کي ڀلي پهلوان سمجھندا هجن پر هو کين جپانين جي حملي کان بچائي نه سگهيا. ۽ پوءِ ليءَ اهو ئي فيصلو ڪيو ته سنگاپور تي اتي جي رهواسين جي حڪومت هجڻ ضروري آهي. سنگاپور ۾ موٽڻ بعد ليءَ ٽي چار سال وڪالت ڪئي ان بعد 1954ع ۾ هن پيپلز ائڪشن پارٽي (PAP)نالي سياسي جماعت ٺاهي. 1955ع جي اليڪشن ۾ لي ”تنجنگ پگار“ واري علائقي جي سيٽ کٽي ۽ مخالف ڌر جو ليڊر ٿيو.
1959 وارين چونڊن ۾ لي جي پارٽيءَ PAP ايڪونجاهه مان 43 سيٽون حاصل ڪيون ۽ لي سنگاپور جو وزير اعظم ٿيو. ”لي ڪئان يو“ ڪڏهن ڪڏهن سيمينار يا ڊنر پارٽين ۾ چرچي چرچي ۾ چوندو هو ته: ”مون پنهنجي زندگيءَ ۾ چار قومي ترانا ڳايا: گاڊ سيوِ دي ڪنگ، ڪِميگايو، نيگاراڪُو ۽ ماجولا سنگاپورا.“
جن ڏينهن ۾ ليءَ سنگاپور ۾ جنم ورتو انهن ڏينهن ۾ سنگاپور برطانيا راڄ ۾ هو جيئن اسانجو جنم ۽ ٻين جو 14 آگسٽ 1947ع کان اڳ برتش انڊيا ۾ ٿيو. جيئن منهنجي برٿ سرٽيفڪيٽ تي 14 نومبر 1944ع هالا نوان، برٽش انڊيا لکيل آهي ۽ ملڪ کي خود مختيار ٿيڻ کان اڳ سنگاپور ۾ به اسان وانگر برطانيا وارو قومي ترانو God Save the Queen ڳايو ويو ٿي. جيڪو ڪجهه هن ريت آهي:
God Save the Queen!
Send her victorious,
Happy and Glorious
Long to reign over us:
God save the Queen!
دل کي ڳالهه وڻي يا نه وڻي پر برطانيه جي راڻي صاحبا لاءِ روزانو صبح جو اسڪول جي اسيمبلي ۾ ”اول ڌڻيءَ جو نالو ڳنهجي“، يا ”لب په آتي هي دعا“ يا قرآن مجيد جي ڪا سورة پڙهڻ بدران ”منهنجا مولا اسان جي راڻي صاحبه کي سلامت رک.... کيس وڏي حياتي ڏي ته اسان تي راڄ ڪندي رهي .... ڳايو ويندو هو.
بهرحال اڄ به اسان جا لکين مسلمان جيڪي انگلنڊ يا ڪئناڊا ۾ رهن ٿا ۽ اتي جي شهريت اختيار ڪئي اٿن، پاسپورٽ ورتو اٿن، اهي راڻي صاحبه لاءِ دعائن جو ترانو پڙهندا رهن ٿا. پر هاڻ اهي خوف يا غلامي جي ڪري نه پر اتي رهي آسودي زندگي ماڻڻ خاطر. پوءِ انهن ۾ ڪي ته غريب مجبور آهن. هو پورهيت آهن ۽ اتي به پورهيو ڪري پنهنجن ٻچن لاءِ اٽو ۽ لٽو مهيا ڪن ٿا ته ڪي وري اسان جا بدنام سياستدان، ڪامورا ۽ ٺڳ واپاري ۽ ظالم وڏيرا آهن جيڪي پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي مسڪيني جي حالت ۾ وجھي پئسو کڻي وڃي ڌارين ملڪن ۾ پناهه ورتو آهي جيئن سندن وٺ پڪڙ نه ٿئي، جيئن پنهنجي وطن کان پري رهي سڪون سان عيش جي زندگي گذارجي ..... بقول ”لي ڪئان يو“ جي، ”جيڪڏهن اسان جهڙن ملڪن جا ماڻهو ملڪ کان ٻاهر پئسو نه ڪڍن ته اسان جا ملڪ به يورپ جهڙا سکيا آسودا ٿي پون.“ ان ئي اصول تي هلي لي ڪئان يو ۽ مهاتير محمد سنگاپور ۽ ملائيشيا کي اوج تي پهچائي ڇڏيو جيڪي ملڪ 1975ع تائين به اسان جي ملڪ کان گهڻو گهڻو پٺتي پيل هئا. اڄ سنگاپور ۽ ملائيشيا جا سياستدان پنهنجي ملڪ جي بسين ۾ چڙهن ٿا. هنن مان ڪو ٻاهرين ملڪ ۾ بيمار ٿئي ٿو ته به پاڻ کڻائي پنهنجي ملڪ ۾ علاج لاءِ اچي ٿو. هو سياست کي عوام جي خذمت ڪرڻ سمجھن ٿا.
”لي ڪئان يو“ جنهن ٻئي تراني ”ڪِمي گايو“ جي ڳالهه ڪري ٿو اهو جپان جو قومي ترانو آهي. اسان ننڍي کنڊ جا ماڻهو ان کي ڳائڻ کان ذري گهٽ بچي وياسين نه ته ٻي جنگ عظيم دوران جنهن رفتار سان جپاني هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ ملايا تي قبضو ڪري برما جي بارڊر تي اچي پهتا هئا، هيروشيما ۽ ناگا ساڪي تي بم نه ڪري ها ته جپاني ننڍي کنڊ ۾ پهچي وڃن ها ۽ اسان جي ماڻهن کي به سنگاپورين ۽ ملئي ماڻهن وانگر جپان جو قومي ترانو پڙهڻو پوي ها:
Kimigayo wa ڪِمي گايو
Chiyo ni چي يو ني
Yachiyo ni ياچييو نِي
Sazare – ishi no سازاري ـــ ايشي نو
Iwao to Narite اي وائو تو نارِي تي
Koke no ڪوڪي نو
Musu made موسو مادي.
هي ترانو جپان جي شهنشاهه ۽ ان جي راڄ جي بيقرار هجڻ جي دعا آهي: شل تنهنجو راڄ، هزارين سالن تائين هلندو رهي .... اٺ هزار ڄمارون .... جيسين پٿريون ٽڪر ٿي وڃي .... ساوڪ سان ڀرپور.
سنگاپور تي جپانين جو 1945ع تائين راڄ رهيو ان بعد وري انگريز جي قبضي ۾ اچي ويو. 1963ع ۾ انگريز پنهنجي وطن روانا ٿيا ۽ سنگاپور ۽ ملايا گڏجي هڪ ملڪ ٺاهيو ۽ سنگاپور ۾ اهو قومي ترانو وڄڻ لڳو جيڪو اڄ ملائيشيا ۾ ڳايو وڃي ٿو.
Negara Ku
Tanah tumpahnya
Darahku
Rakyat hidup
Bersatu dan maju
منهنجو ملڪ
اها ڌرتي جِتي منهنجو رت وهيو
ان جي زندهه رعيت
هڪ آهي ۽ ترقي جي راهه تي
Rahmat Bahagia
Tuhan Kurnikan
Raja Kita
Selamat Bertakhta
شل رب جي رحمت وسي
خوشحالي ۽ امن
شل اسان جي بادشاهه جو
تخت سلامت هجي.
سنگاپور ۽ ملايا جو ميلاپ گهڻو نه هلي سگهيو. سنگاپور وارن جدا نٿي ٿيڻ چاهيو پر ملايا وارن پنهنجو ان ۾ فائدو ڏٺو ته سنگاپور جيڪو چينين سان ڀريو پيو آهي جيڪي ملايا جي ماڻهن کان هر ڪم ۾ اڳڀرا آهن انهن کان جدا ٿيڻ کپي. 1965ع ۾ ملايا بورنيو ٻيٽ جي صباح ۽ سرواڪ رياستن سان ملي نئون ملڪ ملائيشيا ٺاهيو ۽ سنگاپور اڪيلي سر ملڪ جي حيثيت اختيار ڪئي. سنگاپور جون شروع کان ۽ اڄ تائين چار قومي زبانون هلنديون اچن: انگريزي، چيني، تامل ۽ ملئي. سنگاپور جو نالو تامل زبان جو آهي يعني ”شينهن وارو شهر“..... اها ٻي ڳالهه آهي ته سڄي سنگاپور ۾ ڪڏهن به شينهن نظر نه آيو. سنگاپور کي هاڻ پنهنجو قومي ترانو آهي جيڪو ملئي زبان ۾ آهي جيتوڻيڪ سنگاپور ۾ 80 سيڪڙو چيني رهن ٿا. 15 سيڪرو ملئي ۽ 5 سيڪڙو انڊين جن ۾ گهڻا تامل آهن ۽ باقي ٿورا گجراتي، پارسي، سنڌي، ملباري، بنگالي وغيره. پر سنگاپور جو قومي ترانو ۽ ٻيون ڪيترين شين جا نالا ملئي زبان ۾ آهن جو بنيادي ۽ ثقافتي طور هن ٻيٽ جو ملئي زبان ۽ ڪلچر سان واسطو آهي. پڙهيل ڳڙهيل چيني انگريزيءَ ۾ ڳالهائيندا ۽ جِتي انگريزي کان اڻ واقف چيني هوندا اتي اهي ملئي زبان ۾ ڳالهائيندا. ملائيشيا ۾ به چينين کي توهان ملئي زبان ۾ڳالهائيندو ٻڌندائو. اهو ان ڪري جو هو کڻي چيني آهن پر ضروري ناهي ته سندن ساڳي چيني زبان هجي. چين تمام وڏو ملڪ آهي جِتي پنجاهه کن اهم چيني ٻوليون آهن جيڪي هڪ ٻئي کان مختلف آهن. سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ جيڪي چين کان لڏي آيا انهن جو جيتوڻيڪ چين جي ڏاکڻي صوبي سان واسطو آهي پر اتي جا به ڪي ٽيوچو، ڪي هاڪا ڪي منڊارن ته ڪي ڪئنٽونيز چيني ٻولي ڳالهائين ٿا. جيئن دبئي ۾ رهندڙ انڊين اڙدو (هندي) ڳالهائين ٿا جن ۾ ڪن جي مادري زبان تامل آهي ته ڪن جي مليالم، ڪنهڙ، مرهٺي ۽ گجراتي وغيره.
سنگاپور جو قومي ترانو Majulah Singapuraڪجهه هن ريت آهي. Maju ملئي لفظ جي معنيٰ آهي خوشحال، ترقي جي راهه تي گامزن.
اچو ته گڏجي هڪ ٿيون Marilah Kita Bersatu
هڪ نئين جوش مان Dengan Semangat yang baru
گڏجي اسان حاصل ڪريون Semna Kita berseru
خوشحال سنگاپور Majulah Singapura
خوشحال سنگاپور Majulah Singapura
وغيره.
لي ڪئان يو لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو دنيا ۾ سڀ کان وڏو عرصو وزير اعظم ٿي رهيو. هن جي پارٽي PAP(پيپلز ائڪشن پارٽي) ست دفعا لاڳيتو کٽڻ بعد 1990ع ۾ وري وزير اعظم ٿيڻ بعد هن اهو عهدو ”گوهه چوڪ ٽانگ“ حوالي ڪيو. ملڪ کي 1963 ۾ آزادي ملڻ بعد هي پهريون دفعو هو جو سنگاپور جو وزير اعظم بدليو. ان بعد لي ڪئان يو ڪابينا ۾ رهي نئين وزير اعظم ”گوه“ جي رهنمائي ڪندو رهيو. لي هميشه چوندو هو ته جيڪي هن کان پڄندو سنگاپور جي بهتري لاءِ هميشه ڪندو رهندو. 1988ع واري قومي ڏينهن تي اسان سنگاپور هئاسين. جلوس کي خطاب ڪندي لي چيو هو:
“Even from my sick bed, even if you are going to lower me into the grave and I feel something is going wrong, I will get up.”
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن شخص (ليءَ) سنگاپور ٻيٽ کي اخلاقي توڙي ٽيڪنالاجيڪلي سڌاري ڇڏيو. اڄ هن ملڪ جا ماڻهو خوش حال آهن ۽ سندن سڪو ملائيشيا جي سڪي کان به ٽيڻو آهي. شروع کان ليءَ ملڪ ۾ قاعدو قانون ايڏو سخت رکيو، ۽ سڀني لاءِ امير توڙي غريب لاءِ، جو ڪنهن کي به ڏوهه ڪرڻ جي همت نٿي ٿئي. مون کي ياد آهي ته 1987ع ۾ آرچرڊ روڊ تي هڪ هوٽل ٺهي رهي هئي. اها هڪ يا ٻن ماڙين تائين پهتي ته خبر پيئي ته هن هوٽل واري ڇهه انچ کن انڪروچ مينٽ ڪئي اهي. هن جي سڄي هوٽل ڊهرائي وئي. هن گهڻو ئي ڏنڊ ڏيڻ يا رشوت جي ڪوشس ڪئي پر هن جي ڪجهه نه هلي. اخبار ۾ خبر اچڻ بعد ٻئي دفعي ملاڪا (ملائيشيا جو شهر جنهن ۾ آئون رهيل هوس) کان سنگاپور ويس ته آرچرد روڊ تي اها هوٽل ڊٺل ڏٺم. دراصل اها ڳالهه ٻين لاءِ صاف نياپو هئي ته ڪنهن کي به انڪروچمينٽ نه آهي ڪرڻي .... ڪنهن به قسمَ جو غير قانوني ڪم نه آهي ڪرڻو. اسان سنگاپور گاڏي هلائيندا هئاسين. ڪڏهن ڀُل ۾ يا تڪڙ ۾ ڪٿي سگنل خلاف هليا ويندا هئاسين ته ٿنڀن ۾ لڳل ڪئميرائن ذريعي فوٽو نڪري ويندو هو ۽ شامَ جو ملائيشيا موٽڻ وقت جيئن ئي بارڊر ڪراس ڪندا هئاسين ته سنگاپور پوليس جھلي وٺندي هُئي ۽ اتي جو اتي ڏنڊ ڏيڻو پوندو هو. مطلب ته سنگاپور حڪومت اها خاطري ڪري ٿي ته ڪنهن به قسم جو ڏوهاري بچي نه سگهي. اهو ئي سبب آهي جو سنگاپور ۾ پهچي وڏا وڏا ڏوهاري به ساڌو پنڊت ٿيو وڃن.
”لي ڪئان يُو“ سنگاپور ۾ صفائي سٿرائي ۽ اخلاق تي به زور ڏنو. اڃان اسان جهاز تي هئاسين يعني ستر واري ڏهاڪي ۾ ته سنگاپور جي روڊ رستن تي ٿڪ اڇلائڻ يا ڪنهن پارڪ مان گل پٽڻ تي ڏنڊ رکيو ويو هو. اسان ڌاريان جهاز کي وٺي ڪجهه ڏينهن لاءِ سنگاپور ۾ اچي رهڻ وارا ”لي ڪئان يُو“ تان پيا کلندا هئاسين! پر يارو! هن شخص ملڪ کي ٺاهي ڇڏيو. اڄ ڏينهن تائين سنگاپور Mr. Clean جي لقب سان سڏجي ٿو. ان جهڙو صاف سٿرو ته جپان ۽ سئٽزرلئنڊ به نه آهي. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ بيٽلز ۽ هپيز مشهور ٿيا ۽ ڪيترا نوجوان ڇوڪرا ڇوڪرين وانگر ڊگها وار رکرائڻ لڳا. سنگاپور ۾ به ان شوق جي شروعات ٿي ٿي ته ”لي صاحب“ يڪدم خبردار ڪيو ته سنگاپور ۾ رهندڙ ڪوبه مقامي يا ڌاريون مرد رنن وانگر ڊگها وار رکي سنگاپور ۾ نه هلندو. ۽ پوءِ اسان ڏٺو ته دنيا جي اخبارن ۾ فوٽن سان خبرون اچڻ لڳيون ته ڪيئن ’ڊگهن وارن‘ وارن ٽوئرسٽن جا ايئرپورٽ تي ئي وار ڪٽيا ويا ٿي. ڪجهه وقت دنيا جي ملڪن لي جي ان قانون تي ٺٺولي ڪئي پر پوءِ سگهوئي سڀ سڌا ٿي ويا.
سنگاپور ۾ MTR ريل شروع ٿي ته ٻين قانونن سان گڏ ان ۾ چيغم کائڻ تي به بندش پئجي وئي ۽ سگريٽ ڇڪڻ تي ته ڪڏهوڪي جھل آهي. بلڪه ڏٺو وڃي ته دنيا ۾ سڀ کان گهٽ سنگاپور جا ماڻهو سگريٽ ڇڪين ٿا.
هڪ ٻي ڳالهه پئي ياد اچي ته سنگاپور ۾ اليڪشن دوران هر شهري لاءِ ووٽ ڏيڻ ضروري آهي. آئون جڏهن ملائيشيا ۾ پڙهائي رهيو هوس ته دائود نالي سنگاپور جو هڪ ملئي چيف انجنيئر به مونسان گڏ ليڪچرر هو. جيئن ئي اليڪشن جا ڏينهن ويجھا ٿيندا هئا ته پنهنجي سنگاپوري زال سان گڏ ووٽ ڏيڻ لاءِ سنگاپور روانو ٿي ويندو هو.
انگريزن جڏهن ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ اليڪشنون ڪرائي انهن ملڪن کي 1963ع ۾ خود مختياري ڏني ته ان وقت ملائيشيا جو وزير اعظم تنڪو عبدالرحمان هو ۽ سنگاپور جو لي ڪئان يو. ٻنهي جو اهو فيصلو ٿيو ته ٻئي ملڪ ملايا جي نالي سان هڪ ٿي هلندا. ظاهر آهي هڪ طرف پاڪستان جي ايراضي جيڏو ملايا ۽ ٻي طرف مٽياري ضلعي جي اڌ جيترو سنگاپور سو به الڳ ٿلڳ ٻيٽ ..... ان لاـءِ الڳ جياپو ڪرڻ يعني الڳ فوج، ڪرنسي، ڪورٽون، سفارتخانا ٺاهڻ وڏي مشڪل جي ڳالهه ٿيو ٿي پئي. ٻنهي ملڪن ۾ ساڳي قسم جا ماڻهو ملئي، چيني ۽ انڊين (جن ۾ گهڻائي ڏکڻ هندستاني تاملن جي هئي) رهيا ٿي ۽ ٻنهي ملڪن ۾ ساڳيون زبانون ڳالهايون ويون ٿي پر اهو هو ته پکيڙ ۾ سنگاپور کڻي ننڍو ملڪ هو پر آدمشماري تمام گهڻي هيس. جنهن ۾ وڏو حصو چينين جو هو. اهي چيني ۽ ملايا ۾ رهندڙ چيني گڏجڻ سان ملئي ماڻهن کان وڌي ويا ٿي. سو ملايا جي ملئي حاڪمن کي اهو ڀوت به اچي سوار ٿيو ته هر ڳالهه جي فيصلي ۾ چينين جو تعداد وڌيڪَ هجڻ ڪري فتح ۽ ڪاميابي چينين جي ٿيندي. ٻي ڳالهه ته سنگاپور ۾ اسڪول ڪاليج هجڻ ڪري اتي جا ماڻهو خاص ڪري چيني گهڻو پڙهيل ۽ هر ڳالهه ۾ هوشيار هئا .... ويندي راندين ۽ هنرن ۾ به. سو جڏهن ملڪ هڪ ٿيو ته هر ڳالهه ۾ راندين کان وٺي نوڪرين ۾ سنگاپور جي ماڻهن جو فائدو پئي ٿيو ۽ ملايا جا مسلمان سنڌ جي ٻهراڙي وارن ماڻهن جيان هئا جن کي نه تعليم هئي نه هنر ۽ نه وري واپار ۾ هوشياري. رڳو کيتي ٻاڙي ڪري ڳوٺن ۾ ويٺا هئا. سو اهي پنهنجن ماڻهن جا نقصان ساري ملايا جي وزير اعظم ۽ پارليامينٽ 1965ع ۾ سنگاپور کي ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جيتوڻيڪ سنگاپور وارن الڳ ٿيڻ نٿي چاهيو. کين ڌار ڪرڻ تي ’لي ڪئان يو‘ تقرير ڪندي روئي ڏنو هو ۽ پنهنجي يادگيرين واري ڪتاب ۾ لکي ٿو ته هو ڇهه هفتا کن ذهني مريض ٿي پيو ۽ هن تقرير ۾ اهو به چيو ته هي جدائي جو اعلان کين هر وقت چڀندو رهندو....
“Whole my life….. I have believed in merger and unity of two territories. We people are connected by geography, economics, by ties of kinship….”
سنگاپور جهڙن ملڪن کي ڪو اڪيلو هلائڻ سولو ڪم نه آهي. سنگاپور اهو زمين جو ٽڪرو آهي جِتي نه باغ ۽ پوکون آهن نه معدنياتي شيون: ٽامو پتل، تيل يا گئس. ٻيو ته ٺهيو پيئڻ لاءِ پاڻي ناهي جيڪو اڄ تائين وڏي اگهه تي پائيپن ذريعي ملائيشيا کان خريد ڪن ٿا .... پر پوءِ دنيا ڏٺو ته لي ڪئان يو هن ننڍڙي ملڪ ۽ ماڻهن کي ماڊرن ۽ خوشحال بڻائي ڇڏيو. هن سڀ کان گهڻو زور امن امان ۽ انصاف تي ڏنو. ٻي نمبر تي تعليم ۽ پوليس کاتي تي ڏنو .... ان بعد واپار تي. سنگاپور ۾ ته نه پوک هئي نه ڪارخانا فئڪٽريون. پوءِ هِتي جا ماڻهو هڪڙن ملڪن مان شيون گهرائي ٻين کي وڪڻڻ لڳا. چيني هنر مند ته هئا. هو ريڊيو ٽي وي کان جهازن جي مرمت ڪرڻ لڳا. لي ڪئان يو پنهنجن ماڻهن کي تلقين ڪئي ته موڪلن جو گهٽ سوچيو. اسان جي ڪمائي ”سروس“ ۾ آهي يعني ٻئي جي خذمت ڪرڻ سان ڪمائي ٿئي ٿي ان ڪري موڪل واري ڏينهن به ڪو جهاز مرمت لاءِ اچي وڃي ٿو ته ان جي مرمت ڪريو. ان کي تيل پاڻي يا جيڪا شيءِ کپي اها دڪانن تان خريد ڪري پهچايو .... نتيجي ۾ ڇا ٿيو جو اسان جهاز وارا هر وقت سنگاپور وڃڻ جو سوچڻ لڳاسين جِتي بنا وقت ضايع ٿيڻ جي موڪل واري ڏينهن به جهاز جي repair لاءِ ورڪ شاپ وارا پهچي ويا ٿي. کاڌي پيتي کان جهاز جي اسپيئر پارٽن تائين هر شيءِ مهيا ٿي وئي ٿي. ۽ پوءِ ته آهستي آهستي سنگاپور کي جهازران ۽ هوائي ڪمپنيون به پنهنجيون ٿي ويون. تعليمي ادارا به ايترا وڌي ويا ۽ انهن جو معيار ايڏو اتاهون رکيو ويو جو اسان جي ملڪن جا ماڻهن به اڄ اعليٰ تعليم لاءِ سنگاپور جو رخ اختيار ڪن ٿا. نه ته 1980ع تائين به سنگاپور ۽ ملائيشيا جا ماڻهو پڙهڻ لاءِ اسان جي يونيورسٽين ۾ ايندا هئا. اڄ سنگاپور ايڏو خوشحال ۽ هر سهولت وارو ملڪ آهي جو ڪنهن سنگاپوريءَ جي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ بدلي ٿي ٿئي ته هن جو منهن لهيو وڃي .... اهو ائين آهي جيئن ڪراچي يا حيدر آباد جي رهاڪوءَ کي نوڪري لاءِ مٺي، کپرو يا گھوٽڪي موڪلجي. ايشيا جي ملڪن ۾ سنگاپور اهو ملڪ آهي جنهن جا ماڻهو دنيا جي جنهن به ملڪ ۾ وڃڻ چاهين ته بنا ويزا جي وڃي سگهن ٿا. ويندي آمريڪا (USA) ۾ به. ان جي ڀيٽ ۾ اسان ڏسون ته ڪو زمانو هو جو اسان بنا ويزا جي جپان ۽ ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ پئي وياسين ۽ اڄ اسان کي بنگلاديش، دبئي ۽ نيپال جهڙن ملڪن ۾ وڃڻ لاءِ به ويزا لاءِ پريشان ٿيڻو پوي ٿو. سري لنڪا ئي هڪڙو ملڪ هو جِتي وڃڻ لاءِ ويزا جي ضرورت نه هئي .... ان ملڪ لاءِ به ٻڌجي پيو ته گذريل مهيني کان اسان جي ماڻهن تي بنا ويزا جي سندن ملڪ ۾ وڃڻ تي بندش هڻي ڇڏي آهي.
”لي ڪئان يو“ جيتوڻيڪ جمهوريت کي قائم رکيو پر ان ۾ ڪجهه پنهنجيون ڳالهيون به سختيءَ سان مڃايون. جيئن اخبارن کي آزادي هوندي به هن اخبارن تي سختي ڪئي ٿي خاص ڪري جيڪڏهن هنن ڪنهن خبر کي سنسني خيز بڻائي باهه ڀڙڪائي ٿي جنهن سان مذهبي، لساني يا قومي هنگاما ٿي سگهن. هو اجاين جلوسن جلسن جي به خلاف هو. ڏياري، پونگل، لائن ڊانس، ڪرسمس ڊي جهڙا خوشيءَ جا جشن ملهائڻا آهن ته ڀلي ملهايو .... جيئن سِک يا چيني رنگين ڪپڙا پائي سنگاپور جي رستن تي نچن ٽپن ٿا ته سٺي ڳالهه آهي. سنگاپور ۾ آيل ڌاريان ٽوئرسٽ به ان قسم جا جشن ڏسي خوش ٿين ٿا. اندرا گانڌي جي قتل وارن ڏينهن ۾ آئون سنگاپور هوس. دهلي ۾ سکن سان ٿيل ظلمن جي خلاف سنگاپور جا سک روڊن تي نڪري آيا ۽ انڊيا حڪومت خلاف نعرا هڻڻ شروع ڪيا. لي ڪئان يو هڪدم حڪم جاري ڪيو ته ان قسم جي مسخري ڪرڻي اٿانوَ ته انڊيا وڃي ڪريو هِتي ڪو به ”هنگامو“ يا ”گوڙ گهمسان“ نه ڪريو. سِکَ ويچارا چُپڙي ڪري گهر هليا ويا. ان سان گڏ ٻين کي به سبق/نياپو ملي ويو. اسرائيل جو وزير اعظم سنگاپور آيو ته ملائيشيا جي ملئي مسلمانن سان گڏ سنگاپور جي ملئي ماڻهن به احتجاج ڪيو. ’لي ڪئان يو‘ کين اکيون ڏيکاريون ته ”سڌا ٿي هلو. اسان کي هر ملڪ جي عزت ڪرڻي آهي جيڪو اسان سان سٺو ٿو هلي“. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنگاپور کي جڏهن شروع وارن ڏينهن ۾ اڪيلو ڪيو ويو هو ته ملڪ جي سيڪيورٽي ۽ ڊفينس لاءِ سنگاپور جي نوجوانن کي اسرائيل ۽ انڊيا ٽرين ڪيو هو. هونءَ به انڊيا جا سنگاپور سان ويجھا تعلقات ان ڪري آهن جو سنگاپور جا تامل ڏکڻ هندستان جا آهن ۽ سنگاپور جڏهن انگريزن جي هٿ هيٺ هو ته اهو ”مدراس پريزيڊنسي“ ۾ آيو ٿي جيئن سنڌ ۽ عدن ٻئي ”بامبي پريزيڊنسي“ ۾ هئا. هينئر به ”لي ڪئان يو“ جي وفات تي انڊيا هڪ ڏينهن جو سوڳ ملهايو آهي.
سنگاپور ٻيٽ جي پکيڙ گهٽ هجڻ ڪري ’لي ڪئان يو‘ هر فئملي تي گهڻا ٻار ڄڻڻ تي سختي ڪئي. مون کي ياد آهي انهن ڏينهن ۾ سنگاپور جي بندرگاهه کان ٻاهر نڪربو هو ته جِتي ڪٿي “STOP AT TWO” جا بِل بورڊ نظر ايندا هئا يعني ”بچي دو هي اڇي“ اڄ به سنگاپور ۾ جنهن کي ٻن کان وڌيڪَ ٻار ٿين ٿا انهن کي حڪومت طرفان سهولتون گهٽ ملن ٿيون. ’لي ڪئان يو‘ زال ڳولڻ جي سلسلي ۾ به پرچار ڪئي ته جيتري قدر ٿي سگهي گهڻو پڙهيل ڳڙهيل ڇوڪرين سان شادي ڪريو.
انگريزن جي ڏينهن کان اسڪول ۾ ڪيننگ (لڪڻ سان مار ڏيڻ) جاري هئي. لي ڪئان يو ان کي جاري رکيو جو هن جو اهو ئي خيال هو ته ڏنگن ٻارن کي سڌو ڪرڻ لاءِ ڏندو ضروري آهي. نه رڳو شاگردن لاءِ پر نشي پتي جي ڏوهارين ۽ ڀتين تي لکڻ وارن (Vandals) لاءِ به ڪيننگ قائم رکي. ان تي ڪافي ملڪن اعتراض ڪيو پر لي ڪئان يو ڪنهن جي نه ٻڌي. ملڪ جي هر نوجوان لاءِ ٻه سال فوجي سکيا وٺڻ پڻ ضروري ڪئي ۽ اسڪولن ڪاليجن ۾ پڙهائي سان گڏ رانديون، تقريرون ۽ ڊبيٽنگ ضروري ڪئي. لي پاڻ به سٺو ۽ محنتي شاگرد هو ۽ سندس تعلق امير خاندان سان هجڻ جي باوجود ٻي جنگِ عظيم دوران ڏکيا ڏينهن اچڻ تي روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ هن هٿ جو پورهيو ڪيو .... خاص ڪري Stik fas برانڊ جو کونئر پاڻ ٺاهي وڪرو ڪيو. ان ڪري لي چاهيو ٿي ته سندس ملڪ جا ٻار به محنتي ٿين ۽ جيڪو پاڻ کي پڙهڻ ۾ هوشيار نٿو سمجھي اهو مئٽرڪ بعد واڍي، اليڪٽريشن، پلمبر يا درزي وغيره جو هنر سکي ان فيلڊ ۾ ماهر ٿئي. تعليم جو معيار هن تمام مٿانهون رکيو جنهن ڪري سنگاپور جي گرئجوئيٽ کي جِتي ڪٿي نوڪري مليو وڃي.
لي ڪئان يو جي ڪاميابين تي چين به حيرت کائيندو رهيو ٿي. چين جي حڪمران دينگ زيائو پنگ (Deng Xiaoping) جي ڏينهن ۾، چين کان 2200 آفيسر سنگاپور ۾ خاص ان بابت سکيا وٺڻ لاءِ موڪليا ويا ته ملڪ کي ڪيئن خوشحال بنائجي. ان کي ڪيئن ترقي وٺرائجي. آمريڪا جو صدر رچرڊ نڪسن چوندو هو ته لي جيڪڏهن آمريڪا يا يورپ ۾ هجي ها ته هن جو قد ڪاٺ چرچل، ڊسرائيلي ۽ گلئڊ اسٽون برابر هُجي ها. برطانيه جو وزير اعظم ٽوني بليئر چوندو هو ته: “Lee is the Smartest leader I ever met”.
انگلنڊ جي مئڊم تساد جي ميوزيم ۾ لي ۽ سندس زال کي مرڪندو ڏيکاريو ويو آهي. گذريل سال 2014ع ۾ A Luxury we cannot afford نالي شاعريءَ جو ڪتاب ڇپيو آهي جنهن جو اهو عنوان لي جي هڪ اڻ پسند چوڻيءَ تان آهي. لي چوندو هو ته شعر و شاعري جهڙين شين تي وقت ضايع نه ڪريو ان جي بدران ڪنهن ڪم جي ڳالهه ڪريو.
“Poetry is a luxury we cannot afford…. What is important for pupils is not literature, but a philosophy of life”.
لي ڪئان يو ڪيترائي ڪتاب لکيا جيڪي وڏي دلچسپي سان پڙهيا وڃن ٿا. سڀ کان گهڻو مشهور يادگيرين جا ٻه واليوم آهن The Singapore Story۽ ٻيو ڪتاب From Third World to first
ان کان علاوه لي جا ڪجهه ٻيا مشهور ڪِتاب آهن:
Keeping Mandarin Alive هن ڪتاب ۾ لي ڪئان يو جو چيني زبان سکڻ جو تجربو آهي
Hard Truths to keep Singapore Going.
The Wit & Wisdom of Lee Kuan Yew ۽
One Man’s View of the World.