اُڏام جو ۽ ٻيا خوف
آئون آمريڪا کان لبنان پنهنجي ڀيڻ رُئنڊيءَ وٽ ڪجهه ڏينهن لاءِ گهمڻ پئي ويس. هوءَ اتي هڪ عيسائي عرب سان پرڻايل آهي، جنهن سان هن ارڙهن سالن جي عمر ۾ برڪلي ۾ شادي ڪئي هئي. ان کان پوءِ ڪئليفورنيا ۾ ئي هئي ته چار ٻار ڄايس ۽ پوءِ بيروت پنهنجي مڙس جي وطن لڏي وئي، جتي پنج ٻيا ٻار، في ٻار ڏهين مهيني جي حساب سان، سوا چئن سالن ۾ ٿيس.
منهنجيون باقي ٻه ننڍيون ڀيڻون ”لالاح ۽ چُولي“ آمريڪا کان اتي پهتل هيون ۽ هينئر آئون اڪيلي يورپ کان ڦرندي بيروت وڃي رهي هُيس ۽ هميشه وانگر جهاز ۾ مونکي اجايا ڊپ ۽ وسوسا ورائي ويٺا هئا: جهاز جي تباهي، باد فرنگ بيماري، شيشن جي ڀرڪٽ ڳهڻ، عرب، ڇاتيءَ جو ڪئنسر، نازي، رت جي کوٽ، ماليخوليا، يهودي هجڻ جا ۽ ٻيا.
اسان جو اڃان اڌ سفر به پورو نه ٿيو ته منهنجا خيالي خوف ماڳهين سچ ۽ حقيقتن ۾ ڦرڻ جو ڏيکُ ڏيڻ لڳا. بحر روم جي مٿان جهاز اچي طوفان ۾ ڦاٿو. طوفان سان گڏ مينهن جو وڏ ڦڙو ڄڻ ته جهاز کي ٻنهي پاسن کان ٿڦڙون هڻڻ لڳو. اندر ٽيبلن تي رکيل ماني ۽ سامان سڄي جهاز ۾ ٽڙي پکڙي ويو. پيٽ وات سان اچي ٿي لڳو. اطالوي زبان ۾ اطالوي پائلٽ جون آٿتون به ڪم نه ڪري سگهيون. (هونءَ به اطالوي زبان ۾ ڪا به شيءِ اعتبار جوڳي نه لڳندي آهي). آئون مرڻ لاءِ تيار ٿي ويس. هر دفعي جيئن ئي اسان جو جهاز هوائي پور ۾ ٿي گهڙيو ۽ پنج سؤ فوٽ هيٺ ٿاٻو ٿي کاڌائين ته مون هڪدم ٻڪ کڻي سُکا ٿي باسي ته منهنجا مولا بس هن ڀيري سو آئون بچي وڃان، باقي پوءِ سدائين لاءِ سيڪس، سوئر ۽ سفر کان پاسو ڪنديس.
مرڻ لاءِ پوءِ تيار به ٿي ويس، پر چوڌاري نگاهه ڪيم ته ڪي اهڙا خاص ماڻهو به نه هئا، جن سان گڏ مرڻ به موج ثابت ٿئي. جيئن ئي جهاز هيٺ گهت ٿي هنئي ته هڪ ٻن گڏهن نشي جي حالت ۾ وٺي ٿي رڙ ڪئي يا اٻڙڪا ڏئي الٽي ڪڍي، ۽ ڪي ڇسا وري چرين وانگر ٽهڪ ڏئي رهيا هئا. ههڙن چرين سان گڏ مرڻ جي خيال مونکي ڏڪائي ٿي رکيو. سڄي واٽ الله کي ياد ڪندي آيس. خراب موسم ۾ ڪنٽرول کان ٻاهر نڪتل هوائي جهاز منجهه توهان کي ڪو به دهريو نظر نه ايندو.
ڀاڳن سان جيئن قبرص مٿان پهتاسين ته طوفان جھڪو ٿي ويو، يا ان کي اسان پٺيان لتاڙي آياسين. منهنجي ڀرسان هڪ تکن نقشن وارو مصري ويٺو هو. (ڇا ٻيو به ڪو انهن جو قسم آهي؟) ۽ پوءِ هڪ ڀيرو جڏهن هن کي پڪ ٿي وئي ته خطرو لنگهي ويو ۽ هاڻ سڀني جي جان سلامت آهي، ته هو مون کي عشق جي چڪرن ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. پاڻ قاهره ۾ ڪو رسالو ڇاپيندو آهي ۽ هينئر واپار جي سلسلي ۾ بيروت وڃي رهيو هو. هروڀرو ضد ڪرڻ لڳو ته طوفان مهل هو مور نه ڊنو هو جو هن وٽ هڪ فيروزو آهي، جيڪو هر خطري ۽ بلا کي ٽاريو ڇڏي. (فيروزو، موتي يا ڪو پٿر ان وقت سندس حالت به ڏسڻ وٽان هئي. پر هاڻ همراهه پنهنجي لئه رکڻ لڳو.) ۽ اڃا به وڌيڪَ ڊاڙوڻ هڻڻ لڳو ته سندس ۽ منهنجو ”لڪي نڪ“ آهي ان ڪري به جهاز پرزا پرزا نه ٿيو ۽ پوءِ پنهنجي ۽ منهنجي نڪ تي هٿ رکي چوڻ لڳو، ”ڏس. آهن نه ڀاڳ ڀريا نڪ؟“
”منهنجا نبي! موسيٰ عليه السلامـ! آئون چڱي هن جي نڪ جهڙي بيهودي ڳالهه مان ڦاٿيس.“ مون سوچيو. آئون هن جي ان خوشامد ۾ مور نه آيس. اها به ڪا ڳالهه چئبي! هن جو ٿاڦوڙي جهڙو نڪ هو، بلڪل ناصر مرحوم جهڙو (سڀ مصري مون کي ناصر جهڙا لڳندا آهن) ۽ منهنجو نڪ کڻي چتونءَ جي چهنب جهڙو سهڻو نه سهي ته به ننڍڙو ۽ سڌو ته آهي. اهو کڻي ڪنهن پلاسٽڪ سرجن جو سهڻو خواب نه هجي پر ساڳئي وقت جمال ناصر جهڙو بي ڊلو به ته نه آهي.
خير سائين سندس کٿريل ڳالهين صفا متاثر نه ڪيو ۽ مون جند ڇڏائڻ جي پئي ڪئي ته ايتري ۾ اسان جي اطالوي پائلٽ اعلان ڪيو ته جهاز بيروت جي هوائي اڏي تي لهي رهيو آهي. دريءَ مان هيڏانهن هوڏانهن نهاريم ته لوهي ٻنوڙي پويان، پري کان پڌري منهنجي ڀيڻ رئنڊي اٺين يا نائين مهيني پيٽ ۽ شان سان بيٺي هئي. مون سمجھيو ڪسٽم مان پار اڪرڻ ۾ ڪا دير لڳندي، پر منهنجي عرب ڀيڻيوئي پيريءَ جي ڪسٽم ۾ چڱي ڄاڻ سڃاڻ ٿي ڏٺي جو ان مرحلي ۾ ڪا ويرم نه لڳي. اهو 1965ع جو سال هو. عربن ۽ اسرائيل وارن جي اڃا ڇهن ڏينهن واري جنگ ڪانه لڳي هئي، ان ڪري حالتون ايتريون خراب نه ٿيون هيون. جي توهان اسرائيل کان سڌا نه آيا آهيو ته پوءِ لبنان ايئن هو ڄڻ آمريڪا جي ميامي.
روئنڊي ۽ سندس مڙس پيري ايئرپورٽ کان مون کي جنازي کڻڻ جهڙي وڏي ايئرڪنڊيشنڊ، ڪاري رنگ جي ڪئڊلڪ ڪار ۾ گهر وٺي آيا، جتي گهر جا باقي ڀاتي منهنجو انتظار ڪري رهيا هئا.
بيروت جو شهر پنهنجي ليکي سٺو آهي، پر اهڙو به ڪو هيڪاندو وڏو ناهي، جيڏو پيريءَ اسان جي مغز ۾ ويهاريو هو. ذري گهٽ هر شيءِ نئين آهي. چوڌاري ڪارن فليڪس جي کوکن جهڙيون سوين اڇي رنگ جون عمارتون سنگ مرمر جي ڏيڍين سان آهن. جيڏانهن تيڏانهن گهٽين جي ڀڃ ڊاهه لڳل هئي. آگسٽ جي مهيني ڪري بيورت ۾ چڱي گهم ۽ ڪاڙهو هو. خبر ناهي ڪهڙي رنگ جو هتي گاهه ٿئي ٿو، پر سج جي تپش ڪري ڏاسجي ڇاڻ جي رنگ جهـڙو ڀورو ٿي ويو هو. ميڊيٽرينين (ڀؤنچ) سمنڊ گُليءَ جهڙو نيرو ضرور آهي (پر ايجين سمنڊ کان وڌيڪَ ناهي، چاهي پيري ڪيترو به کڻي ان کي پڏائي).
ڪن ڪن ڪُنڊن وٽان بيروت جو شهر ڪجهه اهڙو ٿو لڳي جهڙو اٿينس، ڪاٽو يوناني قلعي جي، هڪ ٽنگون ٽيڙيل ۽ چيلهه چٻي ٿيل مشرقي شهر، جنهن جي چپي چپي تي پراڻين جُھريل جاين جي ڀرسان نيون اڀرندڙ عمارتون نظر اچن ٿيون. شهر گهمڻ کان پوءِ توهان کي ڪهڙيون شيون ياد رهي سگهنديون: مسجدن ڀرسان ڪوڪا ڪولا جا اشتهار، برماشيل پيٽرول پمپن جا عربيءَ ۾ لکيل نالا. جتي ڪٿي مکين جا انبار. مرسيڊيز ۽ شيورليـٽ ڪارن ۾ پوين سيٽن تي منهن ڍڪي ويٺل عرب عورتون. ڪارن جا شيشا پڙدن سان ڍڪيل، منجھن رکيل اسپيڪرن تان ڪن کائيندڙ وڏي آواز ۾ عربي ميوزڪ جي ڌم. ڪٿي ته پڙدي جو اهو حال ڪٿي وري عربياڻيون الحمرا اسٽريٽ جهڙين جڳهين تي مني اسڪرٽن ۽ سنهين آرپار نظر ايندڙ چولن ۾ پسار ڪندي نظر اينديون. ساڳي مٿئين گهٽيءَ ۾ تازيون آمريڪن آيل فلمون ۽ ڪتابن جي ڀرمار لڳل. ڪتابن جا دڪان پينگوئن، لائوريس ڊي پوچي، آمريڪن ڪاغذي جلدن وارن ڪتابن ۽ ڪوپن هيگن ۽ ڪئليفورنيا کان آيل تازن فحش ڪتابن سان ڀريل. ايئن محسوس ٿو ٿئي ته واقعي مشرق ۽ مغرب پاڻ ۾ اچي مليا آهن، پر ملڻ سان ڪا سهڻي شيءِ ڄڻڻ بدران ڄڻ ٻئي ڪتن جي حوالي ٿي ويا آهن.
منهنجي ڀيڻ جي فليٽ تي سڄو ڪٽنب اسان جو انتظار ڪري رهيو هو، سواءِ امان بابا جي، جيڪي جپان ويل هئا ۽ ڪنهن وقت به هتي پهچڻ وارا هئا. اسان جي ڀيڻ روئنڊي هيڏي لوڌ ڄڻڻ بعد به لڳاتار ايئن نخرا ڪري رهي هئي ڄڻ تاريخ ۾ هيءَ پهرين عورت پيٽ سان ٿي هجي.
مون کان چار سال ننڍي ڀيڻ لالاح کي گهمرا ٿي پيا هئا ۽ هر ڀيري هن ڪاڪوس مان موٽڻ مهل هر هڪ کي پنهنجي ڪاڪوس جو رنگ ۽ پٽڙائيءَ بابت ٻڌايو ٿي. سندس شادي ننڍي هوندي ئي آمريڪا جي هڪ (سندس چواڻي) اڇي ۾ اڇي شيدي باب سان ٿي هئي. باب اڇو خير ڪو آهي، پر چاڪليٽ جهـڙو ناسي چئي سگهجي ٿو. بهرحال سندس دل سا اڇي اُجري آهي، کير جهڙي. پاڻ ڊاڪٽر آهي. ايم. بي. بي ايس بعد هڪدم هن ان طرف رُخ رکيو، جيڏانهن ڪمائي گهڻي آهي، يعني آرٿوپيڊڪ سرجري ۽ هاڻ هفتي جا چار ڏينهن ماڻهن جون ٽنگون سڌيون ڪندو آهي، ڀڳل هڏن ۾ ڪلا ٺوڪي ڳنڍيندو آهي ۽ انشورنس ڪمپنين کان ڏوڪڙ اوڳاڙيندو آهي. اسان جي اها ڀيڻ سڀني ۾ سکي آهي. زال مڙس کي ڌار ڌار ڪارون آهن ۽ فرصت ۾ رڳو گهمڻ ڦرڻ هوندو اٿن. اسان اهو پئي سمجھيو ته ههڙن مشغول ماڻهن کي ٻار ڄڻڻ جي لاءِ نه خيال هوندو نه ئي وري واندڪائي! پر اسان ڀليل هئاسين. هوءَ ته ماڳهين ”ٻار روڪ“ بدران ”ٻار ڄم“ جون گوريون کائي رهي هئي. (جيئن پوءِ پاڻ ڳالهه ڪيائين ۽ ساڳي وقت اخبارن ۾ به پڙهيوسين). شاديءَ کان پورن ٻن سالن بعد هڪ نه ٻه، يڪا سارا چار ٻار هڪ ئي وقت ڪڍي کڻي ٻاهر ڪيائين. بهرحال لالاح جي به مون سان نه پوندي آهي خاص ڪري منهنجو لکڻ پڙهڻ جو شوق کيس ڀانءِ نه پوندو آهي. هر وقت ڏوراپا ڏيندي آهي ته آهي ڇا ان شعر و شاعريءَ ۾؟ ڪا ڪم جي ڳالهه به سجھنئي ٿي يا نه. مون وانگر چار نه ته گهٽ ۾ گهٽ جاڙا ئي کڻي ڄڻ.
هونءَ گهر ۾ امان بابا جن، منهنجي مڙس کي درويش سمجھي سڀني کان وڌيڪَ ان جو خيال رکندا ۽ هر وقت هن کان ڊڄندا رهندا. هنن جي مغز ۾ اها ڳالهه ويٺل آهي ته منهنجي مڙس کي ٻين جي دلين جو حال پڙهڻ اچي ٿو. پر اها ڳالهه ناهي. ڪيترا دفعا سمجھايو هوندو مان ته: ”امان! جڏهن هو خالي دماغ سان توهان ڏي گھوري ٿو ڏسي ته ڪو توهان جي اندر جون ڪمزوريون ڪونه پيو جانچي، هو ته ان مهل پنهنجي کٽاري گاڏيءَ جو تيل بدلائڻ، چڪن سوپ ٺاهي پيئڻ ۽ مليريا کان بچڻ جون ترڪيبون ويٺو سوچي.“
چُولي منهنجي ٽيون نمبر ڀيڻ آهي. مون کان ڇهه سال ننڍي آهي. بيروت پهتس ته هوءَ پنهنجي مڙس جي خطن جي انتظار ۾ ڪانگ اڏائي رهي هئي. هوءَ سڀني ۾ لاڏلي ۽ سهڻي آهي. هن آمريڪا ۾ ئي اسان جي پاڙيسري عبل نالي يهوديءَ سان شادي ڪئي هئي ۽ کيس هڪ ئي پٽ آدم آهي جيڪو ماءُ پيءُ وانگر سهڻو ۽ اڇي رنگ جو آهي. ڪڏهن ڪڏهن عيد برات ڪٽنب جي گڏجاڻين مهل، اڱڻ ۾ کيڏندڙ ڏهٽن ڏهٽين ۾ هڪ آدم ئي آريو لڳندو آهي، باقي ٻيا ٽين دنيا جا اڻ آريا.
۽ هينئر ته بيروت جي ڪجهه گرميءَ ڪري، ڪجهه گهڻن مهمانن جي ڪري روئنڊيءَ جا ٻار پڻ ڇتا ٿي پيا هئا. سڄو ڏينهن بالڪني ۽ ڇت تي ٽاپيون هڻڻ ۾ پورا هئا يا نوڪرياڻيءَ کي عربيءَ ۾ گاريون ڏيڻ ۾. (جنهن ڪري هن روز سامان ٻڌي گهر ڇڏڻ جي ڌمڪي ٿي ڏني). اسان جي ڀيڻوئي پيريءَ، جيڪو پنهنجي پر ۾ پنهنجو پاڻ کي خليل جبران سمجھي ٿو، گائون پائي گهر جي پٿرائين پٽ تي چڪر هنيا ٿي ۽ وچ اوڀر بابت پراڻي زماني جا ڪنا چرچا ٻڌايا ٿي، جن مطابق وڏي ڀيڻ جي مڙس کي باقي ٻين ڀينرن تي به ساڳيو حق هو. جڏهن ان قسم جي بڇڙين ڳالهين کان واندڪائي مليس ٿي ته پنهنجي شاعري کڻي ويٺو ٿي، (لڳي ٿو سڀ عرب شاعري ڪن ٿا) جيڪا ڪجهه هن ريت لڳي ٿي:
منهنجو پيار ڪڻڪ جي تهه مثال،
جيڪو کڙيو گل ٿيو پوي.
هن جون اکيون ڄڻ آسمان ۾ هيرا..... وغيره.
”ظلم اهو آهي ته“، چاش جهڙي مٺي عربي ڪافيءَ جون سرڪيون ڀريندي مون پيريءَ کي ٽوڪيو، ”ڪڻڪ جا تهه ڪڏهن به ٽڙيل ٿيندا ته نه آهن.“
”شاعراڻو سرٽيفڪيٽ“. هن ڳنڀير ٿي چيو.
”چڱو، چڱو. هلو ته سڀ بيچ (سمنڊ جي ڪناري) تي هلون.“ مون صلاح ڏني مان، پر هرڪو ٿڪل هو. هر هڪ کي گرمي لڳي رهي هئي. هر هڪ کي سستي چڙهيل هئي. ظاهر آهي بالبيق يا صيدار ڏي وٺي هلڻ لاءِ ته چئي نٿي سگهياسين. ڀلا دمشق .... قاهره .... ٺهيو ڇڏين کڻي. هلندا هونءَ ئي ڪونه. اسرائيل جيتوڻيڪ بارڊر جي هن پاسي آهي، پر اوڏانهن وڃڻ لاءِ پهرين قبرس وڃڻو پوندو ۽ ايندي وقت واري هوائي سفر بعد اوڏانهن وڃڻ جو سوچڻ به عذاب هو. ۽ جي کڻي وڃجي ته به وري لبنان موٽڻ مسئلو هو، جو عرب ملڪن مان نه سڌو سنئون اسرائيل وڃي سگهجي ٿو نه اتان اچي سگهجي ٿو. سو سڄو ڏينهن گهر جي بيٺڪ ۾ ئي ويهي وقت گذارڻو پيو ٿي.
۽ پوءِ جڏهن امان بابا جن هٿ ٺوڪئي ”پراسرار اوڀر“ کان سوکڙين پاکڙين سان ٽٻ ٿي گهر پهتا ته گهر جون حالتون ويتر ابتڙ ٿي ويون. پهريان ٽي چار ڏينهن اسان جي ڀيڻ هنن کي ڏسي ٺري خوش پئي ٿي، پر پوءِ جيئن ڏينهن تي ڏينهن پوڻ لڳو ته سندس ڇتائيءَ جي ڊگري وڌڻ لڳي. ڳالهه ڳالهه تي ڄڻ چڪ پائڻ ٿي آئي. جهيڙي خاطر، کوٽي کوٽي اڄ کان ويهه سال اڳ جون ڳالهيون ڪڍيائين ٿي. ”مُئا پر پٽجن هيل“ چوڻيءَ مطابق هاڻي اها به ڪا ڳالهه ته: امان مون کي ننڍي هوندي پيانو سکڻ جي موڪل ڇو نه ڏنئي؟ ننڍي هوندي منهنجا پيشاب هاڻا ڪڇا سگها سگها ڇو مٽائيندي هئينءَ، يا ڇو نه مٽائيندي هئينءَ؟ مطلب ته هر ڳالهه لاءِ ڏوهاري امان بابا جن. ۽ آئون اهو سوچيندي رهيس ته مون کي ڪهڙي ڪاري بلا کاڌو جو آرام لاءِ سڄو جهان ڇڏي هتي بيروت کان اچي نڪتيس.
منهنجا والدين ته هفتو کن مس ٽڪي وٺي اٽليءَ ڀڳا، جتي کين واپار جي سلسلي ۾ وڃڻو هو ۽ جتان پوءِ واپس آمريڪا موٽڻو هون. خوش قسمتيءَ سان هنن وٽ ته امپورٽ ايڪسپورٽ لائسنس آهي، سو جڏهن وڻين تڏهن اچي سگهن ٿا ۽ جڏهن چاهين (يا جڏهن ڏسن ته گهر ۾ ڇتائي بمباريءَ جي حد تي پهتي آهي) ته وڃي سگهن ٿا. هو هميشه پنهنجن ڌيئن وٽ گهمڻ لاءِ ايندا آهن ته سوکڙين جا ڍير اچي ڏيندا آهن ۽ وڃڻ وقت دعائن جا ڍير. اهو سڄو مرحلو هفتي اندر پورو ٿي ويندو آهي، باقي سال جا ڏينهن هو اهي ئي ڳڻتيون کائيندا آهن ته هنن پنهنجا ٻار ايڏو ڏورانهين ڏيهه ۾ ڇو پرڻايا.
جن ڏينهن ۾ آئون جرمنيءَ اچي رهيس (۽ رئنڊي بيروت اچي چڪي هئي) ته امان هر وقت اهو سوچيندي هئي ته ٻن ٻارن ڇو کڻي دشمنن جي ڌرتيءَ تي رهڻ پسند ڪيو آهي. هڪ ڏينهن نيٺ مون به چئي ڏنومانس: ”امان، ان ڪري جو اهي توهان کان وڌيڪَ مهمان نواز آهن“، ۽ پوءِ ته امان مونسان لائي ٻاري ڏني. ڏٺو وائٺو منهنجي خلاف ٿي بيٺي.
امان جن ته بيروت ڇڏيو، پر گهر اڃان تائين مهمانن سان ڳتيل هو. چار اسين ڀينرون، ڀيڻويو، ڊزن کن ٻار، نوڪرياڻي ۽ ڪپڙن ڌوئڻ ۽ ٿانون ملڻ واري مائي. گرمي به انهن ڏينهن ۾ اهڙي هئي، جو اسان ورلي ڪو ٻاهر ٿي نڪتاسين، نه ته سڄو ڏينهن ايئرڪنڊيشنڊ ڪمري ۾ وقت گذريو ٿي. مون چاهيو ٿي ته ٻاهر نڪري ڪو سير سپاٽو ڪجي، پر ڪٽنب جي ٻين ماڻهن جي سستيءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، ختم ٿيڻ جو نالو نٿي ورتو. ”سڀان“، مون سوچيو، ”قاهره ٿي وڃان هلي.“ پر مصر اڪيلو ويندي ڀؤ ٿي لڳو ۽ اوڏانهن هلڻ لاءِ نه ته لالاح ساٿ ڏيندي نه چولي بس ايئن ئي هڪ ٻيو هفتو به گذري ويو. هڪ دفعي اسان سڀ ڪبانا ڪلب وياسين، جتي پيري پٿرائين ڪناري تي بيهي نيري رنگ جي ميڊيٽرينن سمنڊ ڏي نهاري شاعري شروع ڪري ڏني، پر اسان کي باهه وٺي پئي وئي. (هن ذري ذري بيروت جي سٺي ۽ سڪون ڀري زندگيءَ بابت ليڪچر ٿي ڏنو. جنهن خاطر هو آمريڪا جي واپاري ۽ مشينري قسم جي جيئڻ کي الوداع چئي موٽي آيو هو.) ها ڪلب ۾ پنهنجي هڪ دوست سان اسان جو اهو چئي تعارف ڪرايائين ته: ”هي چار منهنجيون زالون آهن.“ ۽ ان وقت مونکي اهڙي چڙ لڳي، جو دل چاهيو ته هينئر جو هينئر گهر هلي وڃان، پر منهنجو گهر ڪٿي آهي؟ امان بابا جن وٽ، پنهنجي رسي ويل مڙس وٽ، پنهنجي ساهيڙي پيئا وٽ، پنهنجي يار چارليءَ وٽ، پنهنجي پهرين مڙس برئان وٽ، يا اڪيلو؟
بس وقت في الحال ايئن بي مقصد گذرندو رهيو. ڏينهن جو هڪ ڏيڍ وڳي اٿندا هئاسين ۽ سڄو ڏينهن ٽي. وي ۽ ٻارن جون دانهون ڪوڪون ٻڌندا هئاسين. پئرس کان ايندڙ اخبار هرالڊ ٽربيون، سينسر طرفان ڪتريل سوراخن جي چوڌاري پڙهندا هئاسين (بيروت ۾ اڄڪلهه اسرائيل بابت هر ڇپيل ڳالهه پڙهڻ تي پابندي آهي. ايتري قدر جو ايلزبيٿ ٽيلر ۽ سيمي ڊيوس جهڙن ناليرن يهودي ائڪٽرن جي فلمن تي به بندش آهي) ۽ پوءِ باقي بچيل ڏينهن گذارڻ لاءِ ويهي فيصلو ڪندا هئاسين ته ڪهڙو پروگرام ٺاهجي. ان رٿا ۾ اسان ايترو ئي هڪ راءِ هئاسين، جيترو عرب اسرائيل تي حملو ڪرڻ لاءِ، ڪو سمنڊ جي ڪناري تي هلڻ لاءِ پيو چوندو هو ته ڪو بائبلاس هلڻ لاءِ منهن ٺاهيندو هو. لالاح صلاح ڏيندي ته بالبيق هلون، ته ٻار هڪدم چڙيا گهر هلڻ لا دانهون ڪندا ۽ رئنڊيءَ جا وڏا ٻار اميوزمينـٽ پارڪ لاءِ ٻاڪاريندا هئا ۽ رئنڊيءَ ويٽو جو پاور استعمال ڪري سڀ ڪجهه ختم ڪري ڇڏيندي هئي ۽ هونءَ به ان بحث مباحثي ۾ ايتري دير ٿي ويندي هئي، جو ٻاهر نڪرڻ لاءِ باقي وقت ئي نه رهندو هو ۽ پوءِ ڪو الحمرا اسٽريٽ ۾ ڪا ڦٿل سٿل فلم وڃي ڏسندو هو ته ڪو ماٺ ڪري. ٽي وي اڳيان ويهي بونانزا سيريز (Bonanza) ڏسندو هو، جنهن جو عربي ۽ فرينچ ترجمو ٽي ويءَ جو اڌ ولاري ڇڏيندو هو.
ڪنهن ڪنهن شام جو بحث مباحثي جي وچ ۾ اسان جي ڀيڻوئي پيريءَ جي ماءُ ۽ ماسيون ڳوٺان اچي وينديون هيون. (ٽي ٿلهيون متاريون زالون، ڀريل ٿڻن ۽ مڇن جي ٻر سان، ڪارن جبن ۾ ذري گهٽ هڪ جهڙيون لڳنديون هيون. منجھن ڪو تفاوت ته ٻڌائي سگهي!) اهي ٽئي ڳائڻين جو ٽولو واهه جو ٺاهي سگهيون ٿي. انهن سان مصيبت اها هئي ته هنن کي ڇڙو هڪ ئي راڳ آيو ٿي: ”لبنان گڊ لبنان سٺو يا نيويارڪ؟“ جيڪو ذري ذري ڳائينديون رهيون ٿي. هونءَ هيون ڀليون، پر کين انگريزي نٿي آئي، سو هر ڳالهه سمجھائڻ لاءِ مٿو ڦاڙڻو پيو ٿي. هنن جي نازل ٿيڻ سان ئي عرب نوڪرياڻي راحما ڪافيءَ جا وڏا پيال ڀري آڻي اڳيان رکندي هئن. پيريءَ کي اوچتو ڪو ڪم ان وقت ياد اچڻ سان غائب ٿي ويندو هو ۽ اسان واري ڀيڻ رئنڊيءَ کي، جا هونءَ ته سڄو ڏينهن گهر جي هڪ هڪ ڪمري ۾ جهار پئي هڪليندي هئي، پر سس ۽ ان جي ڀيڻ کي ڏسي هڪدم ياد اچي ويندو هيس ته هوءَ نائين مهيني جي نازڪ حالت ۾ آهي ۽ ڪمري کي اندران بند ڪري کونگھرا وڃي هڻندي هئي. انهن کونگھرن جي پسِ منظر ۾ باقي: لالاح، چولي ۽ آئون رهجي وينديون هيونسين ۽ اسان هنن پوڙهين اڳيان ”هائو. لبنان نيويارڪ کان سٺو آهي“ جو هر ڏينديون رهنديون هيون سين.
زندگي ويٺي ويٺي ايئن ئي بنا ڪنهن ڳالهه جي گذري رهي هئي، ته اوچتو هڪ اهـڙو ڦڏو ٿي پيو جنهن ڪري اسان سڀ هلچل ۾ اچي وياسين. جيتوڻيڪ ڪو اهڙو وڏو جھڳڙو نه هو پر في الحال اسان جو مطلب ٿي ويو ڇهن سالن جي راجر کي نوڪرياڻي راحما زوريءَ وهنجاري رهي هئي ته هن ٺوڪي کڻي ابن شرت چيس، جنهنجو آزاد ترجمو ”حرامڙي“ يا ”ڪڃري جي اولاد“، يا ڪيئن به کڻي ترجمو ڪجي ته اها عربيءَ جي حساب سان وڏي ۾ وڏي گار آهي. بس پوءِ ته راحما جو روڄ پٽڪو پئجي ويو. ڇوري گهر ڇڏڻ لاءِ هڙ ٻڌڻ لڳي. پيريءَ فرينچ ائڪٽرن واري اداڪاري ڪري هن کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هوءَ به ڪا اڳهين ڳوٺ وڃڻ لاءِ تيار ويٺي هئي، سو هڪ به نه مڃيائينس. پيريءَ وري پنهنجا خار پٽس راجر کي موچڙا هڻي ڪڍيا، جيتوڻيڪ راجر جو ان ۾ ڪو به ڏوهه نه هو. هو ته پڻس کان ئي اها گار، ڪار هلائيندي ٻڌندو هو. (بيروت ۾ رستي جا اصول نه پر گاريون ٿين. ۽ خود پيري پاڻ به چوندو آهي ته سندس پُٽَ عربيءَ ۾ گاريون ڏيندي ٺاهوڪا لڳن ٿا).
خير سائين اها شام ايئن گار گند ۽ روڄ راڙي ۾ گذري وئي ۽ سڄو گهر پاڻيءَ جي ڇنڊن سان چڪڻ ٿي ويو پر ٻارن ۽ راحما جي ماٺ نه ٿي. نتيجي ۾ ڪيڏانهن به گهمڻ جو پروگرام ان ڏينهن به نه ٺهي سگهيو، پر ان جھڳڙي مان اهو سو فائدو ٿيو جو راحما کي ڳوٺ ڇڏي اچڻ بهاني اسان کي گهمڻ جو وجهه ملي ويو.
ٻئي ڏينهن راحما کي هن جي جابلو ڳوٺ ڪارڪابي ڇڏڻ ۽ ٻي نوڪرياڻيءَ کي آڻڻ لاءِ سڀ ڪار ۾ نڪتاسين. ڪارڪابي لبنان جو هڪ ننڍو ۽ پراڻو ڳوٺ آهي، جنهن ۾ لائيٽ ئي هاڻ آئي آهي ۽ لائيٽ جو ٿنڀو ئي سڄي ڳوٺ ۾ سڀ ڪجهه آهي، جنهن ڏي ڳوٺاڻا اشارو ڪري ڌارين کي ڏيکاريندا آهن. جڏهن اسان ڳوٺ جي وچ تي پهتاسين (جتي هڪ ڏٻرو ڏاند ڪڻڪ پيهڻ جي جنڊ جي چڪي ڇڪي رهيو هو)، ته ذري گهٽ هڪ هڪ ڳوٺاڻو اسان جي وڏي ڪار کي هٿ لائي عجب مان ڏسڻ لڳو ۽ پيري ڄاڻي واڻي ڪار آهستي هلائڻ لڳو، جيئن ڀلي سڀ ڏسن ۽ پنهنجي اها لئه ڏسي ٺريو پئي. هن، ٿي سگهي ٿو اهو به چاهيو هجي ته سندس ڳوٺائي اهو سوچين ته اسان چارئي هن جون زالون آهيون. (جيتوڻيڪ هر ڪو اسان کان ڀلي ڀت واقف هو). ڳوٺ جا سڀ پيريءَ جا مائٽ هئا. پوءِ ڪو ماسات ته ڪو سؤٽ. ڪو پڦاٽ ته ڪو ماروٽ. سڀ غريب ۽ اڻ پـڙهيل ٿي ڏٺا. ڪيترا ته پيرين اگھاڙا هئا. هاڻ اهڙن اٻوجھن تي لئه رکڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي.
آخر سندس گهر اڳيان ڪار اچي بيٺي، جيڪو اڇي پوچيءَ سان وهنتل هو. ڊاک جون وليون ڇت تان پئي لڙڪيون. درين جي جاءِ تي رڳو ڪاٺ جا چؤنڪ لڳل هئا، جن تي ڪو به شيشو نه هجڻ ڪري مکيون اندر ٻاهر بنا جھل پل جي آيون ويون پئي. (اڃا به ايئن کڻي چئجي ته اندر گهڻيون آيون ٿي ٻاهر ڪا ورلي وئي ٿي.) اسان جي اچڻ ڪري سڄو ڳوٺ افراتفريءَ ۾ اچي ويو. پيري جي ماءُ ۽ ماسيون رڌ پچاءَ کي لڳي ويون ۽ اسي سالن جو پوڙهو پيءُ ان ئي وقت بندوق کڻي پکين کي مارڻ لاءِ نڪتو ۽ ذري گهٽ پاڻ کي ٿي ماري وڌائين. چاچو ڪٺل سهي کي صاف ڪرڻ لڳو. گهر کي چار ڪمرا هئا، جن جي ڀتين تي حضرت عيسيٰ جون تصويرون، پاڪ منڌيئڙو ۽ ڪجهه گهنجيل اخبارن مان ڪتريل چٻيون سٻيون مورتيون هيون.
جيسين ماني تيار ٿئي تيسين پيري اسان کي پنهنجي زمين ڏيکارڻ وٺي هليو. رئنڊيءَ ته پيٽ جو بهانو وٺي کٽ تي ڊگهي سمهي رهي. اسين پيريءَ پٺيان گهمڻ لاءِ نڪتونسين. (۽ اسان جي پٺيان پٺيان پيريءَ جي ڀائٽن، ڀاڻيجن، سؤٽن، مامن جي ٻارن جو پيرين اگھاڙو لشڪر، جن رکي رکي اسان کي اشاري سان لائيٽ جو ٿنڀو ٿي ڏيکاريو). پيريءَ ان ڳالهه تان هنن کي عربيءَ ۾ ڇنڊ پئي ڪڍي. هن اسان کي ان کان وڌيڪَ ڪا ٻي شيءِ ڏيکاري متاثر ڪرڻ چاهيو ٿي ۽ آخر کيس نظر اچي وئي. سامهون ٻي ٽڪريءَ جي ماٿريءَ ۾ هڪ ريڍار ڇوڪرو، صوفن جي وڻ هيٺ رڍن جي جيئري جاڳندي ڌڻ سان بيٺو هو. پيريءَ کي به اهو ٿي کتو. يڪدم خليل جبران ۽ ايگرگيسٽ بڻجي لڳو شاعري ڪرڻ: ”ريڍار! رڍون! صوفن جو وڻ، ڪيڏو نه وڻندڙ، ڪيڏو نه دلبر نظارو آهي! هومر، ورگل ۽ بائيبل جو هڪ ئي وقت ميلاپ!“
سو اسان اڳتي هلي ان پنڌرهن سالن جي نينگر وٽ آياسين، جو ان وقت جپاني ٽرانسسٽر تي عربي اشتهارن بعد فرئنڪ سانترا ٻڌي رهيو هو. چوليءَ سگريٽن جو پاڪيٽ ڪڍي هن کي آڇيو، جيڪو هن ڏاڍي لئه ۽ انداز سان ورتو. پوءِ هن دلبر ريڍار پنهنجي دلبر کيسي مان هڪ دلبر گئس لائيٽر ڪڍيو. پوءِ جنهن دلبر فلمي ادا سان هن پهرين چوليءَ جو ۽ پوءِ پنهنجو سگريٽ دکايو، ان مان هر ڏسڻ وارو اندازو لڳائي سگهيو ٿي ته هن پنهنجي سڄي ڄمار فلمون ڏسندي ئي گذاري آهي.
مانيءَ کانپوءِ، پيريءَ جا سڀ مائٽ، ٻين لفظن ۾ سڄو ڳوٺ اچي گڏ ٿيو. انهن ۾ ڪيترا ته ٽي وي ڏسڻ لاءِ آيا هئا جو سڄي ڳوٺ ۾ پيريءَ جي ماسيءَ کي ٽي وي آهي. پر ان رات اسان کي ڏسڻ لاءِ آيا هئا ۽ رکي رکي ڪنڌ ورائي اسان کي ٿي ڏٺائون. هڪ ٻن مائين ته اسان جي سونهري وارن کي هٿ به لاٿو. منهنجي دل ۾ ته اهو خوف پئي پيدا ٿيو ته ڪٿي هنن کي وارن مان اها خبر نه پئجي وڃي ته آئون يهودڻ آهيان پر منهنجو اهو خيال اجايو هو. وڃڻ وقت جيڪي اسان کي تحفا ڏنائون انهن ۾ پاڪ منڌيئڙو ۽ بيبي مريم جي مورت پڻ هئي. هڪ هٿ جو اڻيل ڇائيتاليهه نمبر جو سوئيٽر (جيڪو مونکي گوڏن تائين ٿي آيو)، هڪ نيري رنگ جو پٿر (مشڪل کي دفع ڪرڻ لاءِ) پڻ هو. چڱي دير مهمان ٽي ويءَ اڳيان پاٿيلي ماريو ويٺا هئا ۽ وڃڻ جو نالو ڪونه ٿي ورتائون. پوءِ پيريءَ جي چاچي ڏٺو ته اسان ٿڪجي پيا آهيون ۽ اوٻاسين جو ڦهڪو لاهي ڏنو اٿئون، ته هو دستور موجب آهستي آهستي ڪري مٿي وڃي ٽي ويءَ جي ائنٽينا کي هيٺ مٿي ڪرڻ لڳو. ۽ هيٺ ٽي ويءَ تي تصويرون ڦڏيون سڏيون ٿينديون ويون ۽ ٿورن ئي منٽن اندر سڀ مهمان موڪلائي هليا ويا.
سمهڻ لاءِ ڪو سٺو بندوبست نه هو. رئنڊي، پيري ۽ سندس ٻارن کي پيريءَ جي پيءُ واري گهر ۾ رکيو ويو، ڀر ۾ ماسينس جي گهر ۾ هڪ ٻٽي بستري تي چولي ۽ لالاح کي سمهڻو پيو ۽ مون کي ٿورو پري ٽڪريءَ تي ٻي ماسيءَ جي گهر اڪيلي سر ننڍي ڪوٺي ڏني وئي. مون چاهيو اهو ٿي ته چولي ۽ لالاح سان گڏ مونکي به رکيو وڃي پر هنن جو هنڌ ٻن لاءِ مس پورو ٿي ٿيو. سو آئون اڪيلي پاڪ منڌيئڙي جي هيٺان پور پچائيندي رهيس. ننڊ نه اچڻ ڪري آئون جنن ڀوتن جون ڳالهيون سوچيندي رهيس، زهريلن نانگن ۽ وڇن بابت، جيڪي ڀت ذريعي ڇت تي پهچي منهنجي مٿان ڪِري پوندا. اهو سوچي رهي هيس ته جڏهن رات جو بنا ٽارچ جي اڱڻ واري ڪاڪوس ۾ وينديس ته پڪ ڪا ڏائڻ منهنجو مڻڪو ڀڃي ويندي، ۽ ٻيون بيشمار ڳالهيون، ڊڄڻي دل کي رڌل رکڻ لاءِ سوچيندي رهيس.
مون کي ايئن سوچيندي ڪلاڪ ڏيڍ ٿيو هوندو ته در چيچاٽ ڪري کليو.
”ڪير آهي؟“ مون چيو ۽ ان سان گڏ منهنجي دل پڻ ٻڏي وئي.
”شش.....“ مونکي ڪڇڻ کان منع ڪندي، ڪارو پاڇولو مون طرف وڌيو.
”خدا جي واسطي ڪير آهين؟“
”شش. آئون آهيان پيري.“ پيريءَ چيو.
”ڇا ڳالهه آهي؟“ مونکي سمجهه ۾ نه آيو ته اهڙين مهلن تي مونکي ڇا ڪرڻ گهرجي.
”تون ايڏي ڏکويل ڇو لڳي رهي آهين؟ ڊڄ نه مان ته توکي ننڍي ڀيڻ ٿو سمجھان.“ هو وڌي منهنجي ڀرسان اچي ويٺو. منهنجيون وايون بتال ٿي ويون ته ڇا ڪريان. دانهون ڪريان؟ متان هو دل ۾ ڪري ته همدرديءَ جو بدلو اهو مليو. هو ته مون کي ڀيڻ ٿو سمجھي. ته پوءِ ماٺ ۾ رهان؟ پر نه. ٿي سگهي ٿو ته هن جي نيت خراب هجي.
”ڏس تون منهنجي ڀيڻ آهين نه؟“ هو پنهنجو هٿ هاڻ منهنجي سٿر تي گهمائڻ لڳو.
”ڏس پيري اها غلط ڳالهه آهي. ڪو مذهب، ڪو انساني اخلاق، ڪو به ملڪي قانون ان جي اجازت نٿو ڏئي.“
”شش. آهستي ڳالهاءِ.“ هن مونکي هنڌ تي ٿيلهو ڏيندي چيو.
”پيري.“ مون وٺي رڙ ڪئي. پيري اُڀ کڙيءَ وٺي ڀڳو.
آئون هڪ منٽ لاءِ ڄڻ گونگي ٿي ويٺي رهيس. منهنجو پڙاڏو ڪوٺيءَ ۾ گونجندو رهيو ۽ انتظار ڪرڻ لڳيس ته ڇا ٿو ٿئي. ڪجهه به نه ٿيو. پوءِ گائون پائي ٻاهر لالاح ۽ چوليءَ جي ڳولا ۾ نڪتيس. مون لبنان ان وقت ئي ڇڏڻ چاهيو ٿي. هڪ دفعو وچ اوڀر مان وڃڻ بعد وري هتي هرگز قدم نه رکنديس. پٿرن تان ٿڙندي ٿاٻڙندي اڳتي وڌيس. ٿنڀي ۾ لڙڪيل بلب جي روشني ۾ هيٺ سڄي ڪارڪابي شهر جي گهرن جون ڇتيون نظر پئي آيون. مون ڌڪار منجھان هتي جي پراڻي تهذيب ۽ تمدن بابت سوچيو. تهذيب؟! اها آهي هتي جي تهذيب! هتي جي وٿاڻن ۾ پڪ هن وقت به اڌ کان وڌيڪَ ڇوڪرا رڍن سان ستا پيا هوندا يا پنهنجين ڀيڻن سان، ۽ هنن لاءِ ڪا وڏي ڳالهه ئي ناهي. ڪو پاپ ئي ناهي، پر مونکي ڇو ٿي چڙ وٺي. ان ڪري شايد جو مونکي اها ڳالهه نٿي وڻي. آخر مذهب، اخلاق، انسانيت به ڪا شيءِ آهي ۽ سڀ کان مٿي انساني ضمير. اڄ مان پنهنجي ڀيڻ جي مڙس سان سمهڻ کي گناهه نه سمجھنديس ته سڀاڻ پنهنجي ماءُ جي مڙس سان سمهڻ ۾ ڪهڙو عيب محسوس ڪنديس. ۽ توبهه نعوذ بالله اهو ڪير ٿيو، منهنجو پيءُ! بابو!.
آخر ٻيا به چار پنج گهر لتاڙي هنن جو گهر ڳولي ڪڍيم. چُولي ۽ لالاح اڃا جاڳي رهيون هيون. هو ڪو رسالو پڙهي رهيون هيون جنهن ۾ هو ايڏو گم هيون جو آئون اچي اڳيان بيٺي سان ته به هنن جو ڌيان مون ڏي نه ٿيو.
”چڱو هاڻ ان کي بند ڪري هڪ منٽ منهنجي ڳالهه ٻڌنديون؟“ مون دانهن ڪئي.
”آهي ڇا ڇوري؟“ لالاح رسالي کي لوڏي خارن مان پڇيو.
”مان توهان کي ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ آڌيءَ رات جو آئي آهيان.“ مون چيومان.
”ٻڌاءِ؟ آخر ڪهڙي ڳالهه تنهنجو سک ڦٽايو آهي.“ هنن پڇيو ۽ مون ڏٺو ته هو هڪ ٻئي ڏي نهاري پوءِ شڪي نگاهن سان مونکي ڏسي ٽهڪ ڏيڻ لڳيون.
”چئبو ته توهان کي اڳواٽ خبر آهي. سچ ٻڌايو خبر اٿانوَ نه؟“ مون پڇيو مان.
”تون اهو ٻڌائڻ آئي هوندينءَ ته پيريءَ تنهنجي عزت تي حملو ڪيو.“ لالاح چيو. سندن ٺٺڪو اڃان بند ڪونه پئي ٿيو.
”رنون توهان کي ڪيئن خبر پيئي؟“ مون وائڙن وانگر پڇيومان.
”ڇاڪاڻ جو هن مونسان به هڪ دفعو هٿ چراند ٿي ڪئي.“ لالاح چيو.
”۽ مون سان به.“ چوليءَ چيو.
”پوءِ توهان ڇا ڪيو؟“ مون پڇيومان.
”ڇا ڪرڻ کپي، مون ته کيس گاريون ڏئي ڪمري کان ٻاهر ڪڍيو هو ۽ چولي به چوي ٿي ته هن به کيس ڀڄائي ڪڍيو هو، پر مونکي مڙيئي چُوليءَ تي شڪ آهي.“ لالاح چيو.
”ڪميڻي. ذليل.“ چوليءَ کيس وهاڻو هڻندي دانهن ڪئي.
”چڱو. چڱو. هاڻ گهڻو ئي ٿيو. مونکي توهان ٻنهي تي يقين آهي.“ مون ڳالهه ختم ڪرڻ ٿي چاهي.
”۽ توکي ته هاڻ ڪتابن ۾ لکڻ لاءِ پنهنجي ڀيڻوئي جي آکاڻي ملي وئي.“ لالاح کي منهنجي لکڻ واري ڳالهه ان وقت به نه پئي وڻي. پر مون به سڙي کامي ورندي ڏني مانس: ”ها پوري ڪوشش ڪنديس لکڻ جي.“
ٻئي ڏينهن ڪاراڪابي کان واپس بيروت اچڻ وقت پيري بلڪل ايئن لڳي رهيو هو، ڄڻ رات ڪجهه ٿيو نه هجي. هو رستي تان گذرندڙ ڳوٺن ۽ شين جا نالا ٻڌائيندو هليو ۽ آئون سوچيندي رهيس ته آئون مغرب جي ٿي ڪري به پاپ ۽ پن جي ڦيرن ۾ نپوڙجي رهي آهيان ۽ ڪي هن جهڙا ماڻهو به آهن جن کي ذرو به گناهه جو احساس ناهي!
بيروت پهچڻ تي اسان کي هونءَ به واپس موٽڻو هو. لالاح ۽ چوليءَ کي نيويارڪ لاءِ چارٽر فلائيٽ جي ٽڪيٽ هئي، سو اهي ٻئي گڏ روانيون ٿيون. مون وٽ اٽلين ايئر لائين ”ال اٽاليا“ جي ٽڪيٽ بيروت کان روم ۽ روم کان جي.ايف.ڪي ايئرپورٽ نيويارڪ تائين هئي، سو هفتي کن لاءِ روم ۾ ٽڪڻ لاءِ اٽليءَ هلي ويس.
(ايريڪا جونگ جي ناول جا ٽڪرا... ترجمو: الطاف شيخ)