الطاف شيخ ڪارنر

وري ياد آيا

ھن ڪتاب ۾ سنگاپور، آمريڪا ۽ آفريڪا سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ بابت ڄاڻ، ڪي حيرت ۾ وجهندڙ ڳالھيون ۽ سنسني خيز مضمون شامل آھي. آفتاب ابڙو لکي ٿو: ”اسانجي سفري سلطان سائين الطاف شيخ کي ڏيھ پرڏيھ ۾ جتي ڪنھن سنڌي سنپورنج جي خبر پئي آهي تہ هزارين حيلا ۽ وسيلا ڪتب آڻي، ان سان ملاقات ڪئي اٿائين. ان جي خاندان ۽ سندس ڪرت جو اهڙو تہ ذڪر ڪيو اٿائين، جو پڙهڻ سان ڳاٽ اوچو ٿيو وڃي ۽ مجموعي طور تي فخر جو احساس اڀري ٿو. سماج ۾ اهڙا ڪردار ئي هوندا آهن، جيڪي قومن جي ٻيهر اُڀار (Renaissance) جو باعث بڻبا آهن.

  • 4.5/5.0
  • 4
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book وري ياد آيا

سراواڪ جو سفيد راجا

انگريزن يا يورپين ايشيا توڙي آفريڪا جي ملڪن تي حڪومت ڪئي.... جيئن اسان واري ننڍي کنڊ تي انگريزن. انگلنڊ جي راڻي صاحبه يعني مهاراڻي وڪٽوريا طرفان انڊيا ۾ وائسراءِ، گورنر، ڪمشنر مقرر ٿيندا رهيا پر ائين نه ٿيو ته مغل بادشاهن جي حڪومت جي خاتمي بعد انگلنڊ جو ڪو عام انگريز ماڻهو هندستان جو ’بادشاهه‘ ٿي رهيو هجي. سنڌ فتح ڪرڻ بعد ائين نه ٿيو ته چارلس نيپئر پاڻ کي ’ميرنيپيئر ٽالپر‘ سڏرائي سنڌ جو راجا بڻجي حڪومت ڪري. ايتريقدر جو سنگاپور ۽ پينانگ جيڪي ويران ٻيٽ هئا (جن جهڙا ٻيا به انيڪ ٻيٽ ملئي راجائن جي هٿ هيٺ هئا،) اهي ٻيٽ انگريزن ملئي راجائن/سلطانن کان پئسن تي خريد ڪري انهن کي بمبئي وانگر آباد ڪيو پر ائين نه ٿيو ته رئفلس يا ڪو ٻيو انگريز پاڻ کي انهن ٻيٽن جو سلطان، بادشاهه يا راجا سڏائي. پر ايشيا جو هڪ اهڙو ملڪ ضرور هو جنهن جو انگريز راجا ٿي رهيو .... نه فقط پاڻ راجا ٿي رهيو پر سؤ سالن تائين هن جي گهراڻي ان تي حڪومت ڪئي .... ۽ اهو ملڪ هن انگريز ڪنهن راجا کان کسيو نه هو پر کيس تحفي طور مليو ۽ پاڻ انگريز راجا ”وائيٽ راجا“ جي نالي سان حڪومت ڪئي.
ان انگريز ماڻهوءَ جو نالو ”جيمس بروڪ“ هو جيڪو سراواڪ Sarawak جو راجا ٿي رهيو. ملئي زبان ۾ کيس ”راجا پوتيح“ يعني سفيد راجا سڏيو ويو ٿي. هن پهرين سفيد راجا ’جيمس بروڪ‘ جي وفات بعد کيس اولاد نه هجڻ ڪري سندس ڀائٽيو تخت تي ويٺو ان بعد ان جو اولاد راجا بڻيو.
اڄ ڪلهه سراواڪ ملائيشيا جو حصو آهي بلڪه ملائيشيا جي تيرهن رياستن مان هڪ آهي. جن ڏينهن ۾ سراواڪ ۾ سفيد راجائن جي حڪومت هئي انهن ڏينهن ۾ يا ان کان اڳ ڪنهن کي خواب خيال ۾ به نه هو ته سراواڪ اڳتي هلي ”ملائيشيا“ نالي ملڪ جو حصو ٿيندو.... بلڪه 1957ع تائين ته ڪنهن اهو نالو يعني ملائيشيا ٻڌو به نه هوندو. ننڍي هوندي کان اسان هن علائقي جو نالو فقط ”ملايا“ ٻڌو. ايتريقدر جو 1968ع ۾ جڏهن پاڻيءَ جي جهاز ذريعي منهنجو پهريون ڀيرو پينانگ ۽ ڪوالالمپور اچڻ ٿيو ته به هن نئين نالي واري ملڪ ملائيشيا کي اسان ڪاليج جي ڏينهن ۾ جاگرافي جي ڪتاب ۾ پڙهيل نالو ’ملايا‘ سڏيندا رهياسين. ۽ مڪاني ماڻهو اسانجي درستي ڪندا رهيا ته بابا هي ملڪ ملايا 1957 کان پوءِ ملائيشيا سڏجي ٿو. اسانجي ٽيڪسٽ بڪ بورڊ وارن جو ته اهڙو حال آهي جو اسي واري ڏهاڪي ۾ جڏهن منهنجا ٻار وڏا ٿيڻ تي انهن جي تعليم خاطر سامونڊي نوڪري ڇڏي ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ اچي نوڪري ڪئي ۽ هنن کي مڪاني اسڪول ۾ اسان جي چوڻ تي پاڪستان مان جيڪي ٽيڪسٽ بڪ گهرائي پڙهائيندا هئا انهن ۾ (1980 واري ڇاپي ۾) ان وقت به ”ملايا“ لکيل هو جو اسڪول جو هيڊ ماستر سخت ناراض ٿيندو هو ته ملايا کي ملائيشيا ٿئي ٽيهه سال ٿي ويا آهن پر توهانجي سنڌ جي بورڊ آف ايڊيوڪيشن جي ڪتابن ۾ اڃان تائين ”ملايا“ پيو لکجي. اها ساڳي غلطي اسان جي ٻارن سان گڏ پڙهندڙ انڊيا، برما ۽ سري لنڪا جي ٻارن جي ڪتابن ۾ نه هئي.
دراصل صدين تائين هي علائقو ”ملايا“ سڏيو ويو ٿي جنهن ڏکڻ ٿائلنڊ کان شروع ٿي سنگاپور ٻيٽ تي اچي دنگ ڪيو ٿي .... جنهن ۾ ڪوالالمپور، ملاڪا، اپوح، پينانگ، جوهوربارو، شاهه عالم جهڙا شهر آهن جن ڏي اڄ ڪلهه اسان جا ڪيترا ماڻهو گهمڻ، پڙهڻ يا نوڪري لاءِ اچن ٿا. ان پراڻي ’ملايا‘ ۾ يارهن رياستون هيون جن مان نَوَ رياستن تي مڪاني ملئي سلطانن جو راڄُ هو جن سلطانن مان اڄ به واري وٽي تي هڪ بادشاهه ٿئي ٿو ۽ ٻه رياستون ملاڪا ۽ پينانگ انگريزن جي هٿ هيٺ هيون جن جو اڄ به سربراهه گورنر رهي ٿو. اها ملايا اڄ واري مغربي ملائيشيا آهي. مشرقي ملائيشيا ۾ ٻه رياستون صباح ۽ سراواڪ آهن جيڪي سمجهو ته ڪوالالمپور کان هزار کن ميل اوڀر ۾ آهن جيئن مشرقي پاڪستان (هاڻوڪو بنگلاديش) مغربي پاڪستان کان هو جنهن جي وچ ۾ انڊيا جو ملڪ هو پر هتي ٻن ملائيشيائن جي وچ ۾ ڏکڻ چيني سمنڊ آهي.
اهي ٻه رياستون ”صباح“ ۽ ”سراواڪ“ بورنيو ٻيٽ جو حصو آهن پنهنجي ڪتاب ”هي ٻيٽ هي ڪنارا“ ۾ تفصيلي احوال لکي چڪو آهيان ته هي ٻيٽ (بورنيو) دنيا جو ٽيون نمبر ۽ ايشيا جو سڀ کان وڏو ٻيٽ آهي جنهن جي ايراضي 752 هزار چورس ڪلوميٽر آهي.... يعني ذري گهٽ سڄي پاڪسيتان جيڏو ٿيو جو پاڪستان جي پکيڙ 770 هزار چورس ڪلوميٽر آهي. بورنيو ٻيٽ جو وڏو حصو (ڏکڻ وارو) جيڪو انڊونيشيا جي جاوا، بالي ۽ سولاويسي ٻيٽن جي ويجھو آهي اڄ به انڊونيشيا جو حصو آهي ۽ ڪاليمنتان سڏجي ٿو ۽ سڄي ٻيٽ جو 73 سيڪڙو آهي. باقي بورنيو واري اتراهين حصي ۾ ٽي رياستون صباح، سراواڪ ۽ انهن جي وچ ۾ برونائي آهي. برونائي تمام ننڍو ملڪ آهي ۽ بورنيو ٻيٽ جو هڪ سيڪڙو به نه ٿيندو پر سون ۽ تيل ڪري هي رياستي (ملڪ) دنيا جي امير ملڪن مان هڪ آهي.... سندس گاديءَ جو هنڌ ”بندر سري ڀڳوان“ آهي. سراواڪ ڪافي وڏي رياست آهي...... بورنيو ٻيٽ جي 17 سيڪڙو .... اٽڪل 125000 چورس ڪلوميٽر يعني سنڌ صوبي جيڏي جيڪو 141000 چورس ڪلوميٽر آهي. سراواڪ جي گاديءَ جو شهر ”ڪُچنگ“ آهي. اهڙي طرح مشرقي ملائيشيا جي ٻي رياست صباح آهي جنهن جي ايراضي 75000 کن چورس ڪلوميٽر آهي يعني بلڪل KPK خيبرپختونخواهه جيڏي ٿي. سندس گاديءَ جو شهر ”ڪوٽا ڪنابالو“ آهي.
انگريزن جڏهن ملايا، سنگاپور، صباح، سراواڪ ۽ برونائي کي خود مختياري ڏني ته ملايا سنگاپور جي ننڍڙي ٻيٽ کي به پاڻ سان شامل ڪري هڪ ملڪ ملايا ٺاهيو پر سال ڏيڍ بعد سنگاپور کي الڳ ڪري ڇڏيائون ۽ هنن سنگاپور نالي ملڪ جو اعلان ڪري وڃي پنهنجي فوج، پنهنجي حڪومت ۽ پنهنجي ڪرنسي ٺاهي. برونائيءَ به پنهنجي الڳ حيثيت رکي باقي بورنيو ٻيٽ جي صباح ۽ سراواڪ رياستن ملايا سان گڏجڻ جو فيصلو ڪيو جن کي ملايا جي حڪومت قبول ڪري ۽ نئين ملڪ جو نئون نالو ملائيشيا رکيو.
سو اها سنڌ جيڏي رياست سراواڪ آهي جنهن تي سفيد راجائن جو راڄُ رهيو جنهن جو پهريون راجا جيمس بروڪ هو جنهن 1842ع کان مرڻ تائين (1868ع تائين) سراواڪ تي راڄ ڪيو. سراواڪ جو هي پهريون سفيد راجا جيمس بروڪ 1803ع ۾ انڊيا جي شهر بنارس ۾ ڄائو هو. سندس پيءُ ٿامس بروڪ انڊيا جي هڪ ٻئي مشهور شهر بريلي ۾ انگريز حڪومت طرفان جج هو.
ننڍپڻ جا ٻارنهن سال هندستان ۾ گذارڻ بعد جيمس کي ماءُ پيءُ انگلنڊ جي ”ناروچ اسڪول“ ۾ داخل ڪيو پر هو ڪو سال اڌ مس پڙهيو ۽ پوءِ اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنائين. ان بعد کيس گهر ۾ ماستر رکي پڙهايو ويو. بهرحال جهڙا تهڙا چار سال کن پڙهي 1819ع ۾ هندستان موٽي آيو ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي بينگال فوج ۾ اچي جونئر آفيسر ٿيو. 1825ع ڌاري ’ائنگلو برمي‘ جنگ ۾ هو ڪافي ڦٽجي پيو ۽ کيس علاج لاءِ انگلنڊ موڪليو ويو. سندس پنج سال علاج هليو ان بعد 1930ع ۾ هو واپس هندستان آيو جِتي مدراس ۾ هن پنهنجي ساڳي فوجي دستي ۾ شامل ٿيڻ چاهيو ٿي پر دير سان موٽڻ ڪري هن کي نه رکيو ويو. ان بعد هو فوج مان استيعفا ڏئي ان ساڳي جهاز Castle Huntly ۾ اچي رهيو جنهن ۾ هو انگلنڊ کان آيو هو. انهن ڏينهن ۾ جهاز معنيٰ پاڻيءَ وارا ڪاٺ جا ٻيڙا. هوائي جهاز ته اڃان هلڻ نه لڳا هئا پر پاڻيءَ جا هي جهاز به بِنا ڪَلَ جي هئا.... گهڻو گهڻو پوءِ آگبوٽ يعني ٻاڦ تي هلندڙ ٻيڙا ۽ لوهي وڏا جهاز هلڻ شروع ٿيا هئا.
جيمس بروڪ انگلنڊ پهچي ڏور اوڀر جي ملڪن سان بزنيس قائم ڪيو پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. ان دوران 1833ع ڌاري هن جو ڪو ويجھو مائٽ گذاري ويو جيڪو ڪافي امير هو جنهن جي ڇڏيل ملڪيت مان جيمس کي ورثي ۾ 30 هزار پائونڊ مليا جيڪا ان وقت هڪ وڏي ملڪيت هئي جو انهن ڏينهن ۾ تولو سون جو پائونڊ ڏيڍ جو مليو ٿي چانديءَ جو تولو هڪ رپئي جو هو .... بلڪه رپئي واري چانديءَ جي سڪي جي تور ئي هڪ تولو رکي وئي هئي. جيمس بروڪ انهن پئسن مان هڪ ڏيڍ سؤ ٽن وارو اسڪونر جهاز خريد ڪيو. هن قسم جا جهاز سڙهن تي هليا ٿي جن ۾ بندوقون به فٽ ڪيون ويون ٿي جيئن رستي تي قزاقن (سامونڊي ڦورن) سان يا ڪناري تي غنڊن ڌاڙيلن سان مقابلو ڪري سگهجي.
جيمس 1838ع ۾ پنهنجي جهاز، جنهن جو نالو The Royalist رکيو هئائين، ان جو لنگر کنيو ۽ بورنيو ٻيٽ جي مشهور شهر ”ڪُچنگ“ کان اچي نڪتو. اتي پهچي هن کي خبر پيئي ته اتي جا ابان ۽ بدايو برادري جا ماڻهو برونائي جي سلطان جي خلاف هنگاما ڪري رهيا آهن. جيمس کي بورنيو ٻيٽ جا هي سر سبز ۽ سهڻا علائقا بيحد وڻيا ۽ هِتي رهڻ ۽ پير ڄمائڻ جي خيال کان هن برونائي جي سلطان سان، هن جي خلاف لڳل بلوي کي منهن ڏيڻ جو وعدو ڪيو. پنهنجي جهاز جي بندوقن ۽ بارود جي مدد سان هن في الحال گوڙ گهمسان کي ٻنجو ڏئي ڇڏيو. برونائي جو سلطان ڏاڍو خوش ٿيو ته هن جي حڪومت برقرار رهجي وئي. هن ان جي بدلي ۾ جيمس کي 1841ع ۾ سراواڪ رياست جو گورنر مقرر ڪيو.
انهن ڏينهن ۾ انهن علائقن ۾ قذاقن (سامونڊي ڦورن) جو وڏو آزار هو. ڳالهه اها آهي ته Piracy جو اهو مرض اڄ به انهي پاسي توڙي هن پراڻي ملايا پاسي هلندو اچي. انهن سامونڊي ڦورن ڪري سراواڪ ۽ برونائي پاسي عام واپاري جي زندگي عذاب ٿي پئي هئي. ڪاروبار وڌڻ بدران ڏينهون ڏينهن گھٽجي رهيو هو.
جيمس بروڪ سراواڪ جو گورنر ٿيڻ سان ملڪ ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ ڪناري جي چورن ڌاڙيلن توڙي سامونڊي قذاقن جي خوب وٺ پڪڙ ڪئي.... جنهن ۾ سُڪن سان گڏ آلا به ٻرڻ لڳا ۽ مڪاني ماڻهن احتجاج به ڪيا پر هن انگريز سختيءَ کان ڪم ورتو. جيئن اڄ ڪلهه سنڌ جو حال آهي، خاص ڪري اتر سنڌ ۾ جِتي ڏينهن ڏٺي جو به ڌاڙا، فساد ۽ اغوائون عام ٿي پيون آهن بلڪه روزگار جو ذريعو ٿي پيون آهن جنهن ۾ ڏوهارين ۽ ڌاڙيلن سان گڏ ڏسڻا وائسڻا سردار، سياستدان ۽ ڪامورا به شامل ٿي پيا آهن. اهو ئي حال ان وقت جي برونائي ۽ سراواڪ جو هو. جيمس بروڪ جيئن ئي ان قسم جي ڏوهن کي ٻنجو ڏنو ته مڪاني وڏيرا رئيس مڇرجي پيا ۽ هنن برونائي جي سلطان ۽ ان جي انتظاميه کي لوڏي رکيو ۽ مودا هاشم (ملئي ٻوليءَ ۾ شهزادي کي ”مُودا“ Muda سڏجي ٿو) ۽ هن جي اهم آفيسرن کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ برونائي جو سلطان جان بچائي پاسي تي ٿي ويو. پر جيمس بروڪ آڻ نه مڃي. هن سنگاپور ۽ ملايا جي برٽش فوج کان مدد وٺي هنن باغين کي قابو ڪري ورتو. برونائي جي سلطان جو تخت ۽ تاج هڪ دفعو وري قائم ٿي ويو. ان خوشيءَ ۾ سلطان جيمس بروڪ کي سڄي سراواڪ رياست جي مالڪي ڏئي ڇڏي جنهن ۾ ليبئان وارو ٻيٽ به اچي وڃي ٿو جيڪو اڄ جي ملائيشيا ۾ ڪوالالمپور وانگر فيڊرل حڪومت ۾ اچي ٿو. جيمس بروڪ ان وقت، يعني 1846ع ۾، اهو ٻيٽ (Labuan) برطانيه جي حڪومت کي تحفي طور ڏنو. هي واقعو سمجھو ته لڳ ڀڳ انهن ڏينهن جو آهي جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي ۽ هاڻ گاديءَ جو هنڌ حيدرآباد مان ڦيرائي ڪراچي ڪيو هئائون ۽ منهوڙي ٻيٽ کي ان جي اهميت مطابق ترقي وٺرائي رهيا هئا. بهرحال جيمس بروڪ هاڻ سراواڪ جو گورنر نه پر راجا ٿي چڪو هو جيڪو خطاب کيس برونائي جي سلطان طرفان مليو. ڏٺو وڃي ته سراواڪ ۽ سنڌ تي انگريزن جو راڄُ لڳ ڀڳ هڪ ئي وقت ٿيو ۽ ٻنهي ملڪن جي اصلي حاڪمن جا حال پورا سارا هئا. انگريزن اچڻ سان سنڌ ۾ اسڪول، اسپتالون، ٽپال، ريلوي ۽ ٻيا ادارا قائم ڪيا پر انهن کان به وڌيڪَ هن سفيد راجا سراواڪ کي سڌاريو ۽ ترقي وٺرائي. جيمس بروڪ جي سڄي دنيا ۾ واهه واهه ٿي وئي خاص ڪري سندس ملڪ انگلنڊ ۾...... جِتي هو مهيني ٻن لاءِ 1847ع ۾ ويو ته هن کي KCB جهڙا خطاب ۽ لقب عطا ڪيا ويا.
جيمس بروڪ کي اولاد نه هو ان ڪري هن پنهنجي ڀيڻ جي ٻئي نمبر پٽ چارلس کي پنهنجي بادشاهت جو والي وارث بنايو جيڪو 1868ع ۾ جيمس جي وفات بعد سراواڪ جو سفيد راجا بڻيو. چارلس بروڪ 49 سال راڄ ڪيو ۽ 1917ع ۾ وفات ڪيائين جنهن بعد هن جو پٽ وائينر بروڪ (Charles Vyner de Windt Brooke) سراواڪ جو سفيد راجا بڻيو. هي ٽئي راجا انگلنڊ مان پڙهيا ۽ مرڻ بعد سندن مڙهه کي اوڏانهن دفن ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو.
راجا وائينر بروڪ جي حڪومت ٻي وڏي لڙائي تائين قائم رهي. جپانين جي قبضي کان اڳ هن سراواڪ برطانيا حڪومت حوالي ڪري ڇڏيو جنهن جي بدلي ۾ هن کي هر مهيني پينشن طور وڏي رقم ملندي رهي. جپان تي بم ڪرڻ بعد ملايا، سنگاپور ۽ سراواڪ وري انگريزن جي قبضي ۾ آيا جن کي هنن ڪجهه عرصي بعد هندستان ۽ سلون وانگر هڪ ئي وقت خود مختياري ڏئي ڇڏي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سؤ سالن جي راڄ ۾ هنن ٽن سفيد (انگريز) راجائن پنهنجي لاءِ خوب ملڪيت ٺاهي پر هنن سراواڪ کي به اسپتالن، اسڪولن، پارڪن ۽ ٻين عمارتن سان يورپ بڻائي ڇڏيو. انگريزن جي وڃڻ بعد مڪاني ملئي حاڪم به ان کي نه فقط قائم رکندا اچن پر وڌيڪَ ماڊرن بنائي ڇڏيو اٿن. ملئي ماڻهو پنهنجي اڄ جي حاڪمن توڙي انگريزن طرفان ڏنل آزادي ۽ جمهوريت مان خوش آهن جو هو وڃن خوشحال ٿيندا ۽ ملڪ جو چپو چپو وڃي ترقي ڪندو. پر اسان وٽ نرالو حال آهي جِتي جي جمهوريت عوام ۽ ملڪ کي خوشحال بنائڻ بدران حاڪمن کي امير بڻائي ڇڏيو آهي.... ڪارخانن ۽ زمينن جو مالڪ بنائي ڇڏيو آهي ..... اسان کي انگريزن کان مليل آزادي ڄڻ هڪ دفعو وري کسجي وئي ۽ غريب عوام وتي سڌون ڪندو ته اسانجو ملڪ به سنگاپور ٿئي، ملائيشيا ٿئي جِتي جا حاڪم اتي جي عام بسين ۾ سفر ڪن ٿا، مڪاني اسپتالن ۾ علاج ڪرائين ٿا ۽ جن جا ٻار انهن ساڳين اسڪولن ۾ وڃن ٿا جن ۾ غريب هاري، پورهيت ۽ مزدور جا ٻار وڃن ٿا.