الطاف شيخ ڪارنر

وري ياد آيا

ھن ڪتاب ۾ سنگاپور، آمريڪا ۽ آفريڪا سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ بابت ڄاڻ، ڪي حيرت ۾ وجهندڙ ڳالھيون ۽ سنسني خيز مضمون شامل آھي. آفتاب ابڙو لکي ٿو: ”اسانجي سفري سلطان سائين الطاف شيخ کي ڏيھ پرڏيھ ۾ جتي ڪنھن سنڌي سنپورنج جي خبر پئي آهي تہ هزارين حيلا ۽ وسيلا ڪتب آڻي، ان سان ملاقات ڪئي اٿائين. ان جي خاندان ۽ سندس ڪرت جو اهڙو تہ ذڪر ڪيو اٿائين، جو پڙهڻ سان ڳاٽ اوچو ٿيو وڃي ۽ مجموعي طور تي فخر جو احساس اڀري ٿو. سماج ۾ اهڙا ڪردار ئي هوندا آهن، جيڪي قومن جي ٻيهر اُڀار (Renaissance) جو باعث بڻبا آهن.

  • 4.5/5.0
  • 56
  • 17
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book وري ياد آيا

ڪي ڪي ماڻهو موتيءَ داڻا

ڪجهه عرصو اڳ هڪ پلمبر (نل، پائيپ، ڪموڊ، واش بئسن ٺاهڻ واري) همراهه جي ڪهاڻي لکي هئي ته هن جيتوڻيڪ نواب شاهه جي انجنيرنگ تعليمي اداري مان تعليم حاصل ڪئي پر نوڪري نه ملڻ تي هو اهو به وساري ته هو چند ايڪڙ زمين جو به مالڪ آهي، ڪراچيءَ هڪ نلڪن واري جي دڪان تي اچي نوڪر ٿي بيٺو ۽ پوءِ آهستي آهستي ڪم به سکندو ويو ته پير به ڄمائيندو ويو. ڏهه ٻارهن سالن بعد هاڻ هو ڪم جو ماهر هڪ طرف مڃيو وڃي ٿو ته ٻئي طرف هو پنهنجو ذاتي دڪان هلائي ٿو. اڄ سندس دڪان تي کانئس ننڍو ڀاءُ ۽ ٻيو به هڪ ٻه پٺاڻ ۽ رياستي (بهاولپور پاسي جا) نوجوان هيلپر ۽ ٽيڪنيشن طور ڪم ڪري رهيا آهن. کيس مون چيو ”ڪجهه ڳوٺ جا پنهنجا به کڻي گهراءِ ته روزگار کي لڳي وڃن.“
جواب ڏيڻ بدران هو فقط مرڪندو رهيو.
”ڇو ڀلا ڪو اچڻ نٿو چاهي ڇا؟“ مون کيس کوٽڻ شروع ڪيو ته هن مرڪڻ بند ڪري سنجيدگي سان چيو: ”سائين ڇو نه. آئون پاڻ به چاهيندس .... بلڪه شروع ۾ ته مونکي ڏاڍو جوش هو ته منهنجي ڪري گهڻي کان گهڻا منهنجا ڳوٺائي فائدو وٺي سگهن.“
”پوءِ ـــ؟“ مون حيرت مان پڇيو.
”سائين پنهنجن ماڻهن ۾ حال ناهي. کڻي ائين چئو ته همٿ ناهي، Will power ناهي، يا وڌڻ ويجهڻ جي جستجو ناهي.“ هن چيو.
”ڪيئن ڀلا؟“ مون پڇيو.
”اهو هينئن ته ڪم ۾ ته کڻي آئون لڳائيندس پر اوائلي اسٽيج تي ته ڪو به ڪلاس ون آفيسر جو پگهار نٿو ماڻي سگهي ۽ ٻي ڳالهه ته شروع جي ڏينهن ۾ رهائش جي ڳولها، رهائش تائين ڪراچي جي ڀڳل بسن ۾ لڙڪي پهچڻ، ڪڏهن بک ڪڏهن ڍءَ تي گذارو ڪرڻ سان گڏ ڳوٺ جي يادِ ستائڻ ۽ دوستن مائٽن جي سڪ ستائڻ کي ته هن کي پاڻ منهن ڏيڻو پوندو. هر هڪ ماڻهو اهي منزلون اڪرڻ بعد ئي ڪاميابيءَ جي ڏاڪڻ تي چڙهي ٿو.“ هن پنهنجي ڀاءَ ڏي اشارو ڪري چيو ته، ”منهنجو فقط هي ڀاءُ هتي ٽِڪي پيو ۽ هاڻ ذري گهٽ مون جهڙو قابل پلمبر ٿي ويو آهي باقي هن سان گڏ آيل ٻيو ڀاءُ، سوٽ ۽ ٻه ٽي ٻيا ڳوٺ جا نوجوان ڪو هفتو ته ڪو مهينو کن مس ڪم ڪري موٽي ويا ته وري نظر نه آيا..... چي گهٽ ڪمائي آهي...... ڪم ڏکيو آهي..... هوٽل جي ماني مهانگي آهي ۽ پاڻ پچائڻ نٿي اچي.... بس ۾ چڙهندي تڪليف ٿي ٿئي.... وغيره وغيره. يقين ڪريو ڪيترا پٺاڻ ڇوڪرا ايندا آهن چوندا آهن ته شروع جا مهينا ڀلي پگهار به نه ڏيو رڳو ڪم سيکاريو. سو دراصل ڳالهه اها آهي ته منزل ماڻڻ لاءِ جيڪو شروع جو ڏکيو سفر آهي اهو پورو ڪرڻ لاءِ ڪن ڪن ۾ همٿ ٿئي ٿي ته ڪي صفا ڀاڙي ٿين ٿا. ڳالهه اها آهي ته اهو سوچڻ وارو ته ٺهيل ٺڪيل گرانهه ڪو منهنجي وات ۾ وجھندو، ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو .... اڄ به جن ۾ ولولو آهي جن کي غيرت آهي ته هو پنهنجي ۽ پنهنجي گهر جي بک ختم ڪندا، اهي هر ڪم ۾ ڪامياب ٿيو وڃن. هو چاهي ڪنهن درزي جي دڪان تي اچي نوڪر ٿي بيهن يا ويلڊنگ واري وٽ.... هو هڪ ڏينهن ڪامياب ۽ خوشحال ٿيو وڃن. باقي اسان جا ڪيترا نوجوان جيڪي محنت ۽ پورهئي کان ڀڄن ٿا .... انهن جو بس فقط هڪ ئي خواب آهي ته هنن کي ڪنهن سڻڀي سرڪاري اداري ۾ ڪلارڪي ملي وڃي جتي رشوت جو پئسو جام هجي .... پر سائين هاڻ اهي ڏينهن ئي ويا هليا.“
دل ۾ مون چيو ته ڳالهه ته صحيح ٿو ڪري. واشنگٽن ۾ منور لغاري جي فلئٽ تي رهيو پيو هوس ته هيوسٽن شهر کان هن جا ٻه اترادي دوست آيا جن لاءِ منور ٻڌايو يا شايد هنن پاڻ ئي ٻڌايو ته هنن مان هڪ سيڌي جو دڪان هلائي ٿو جنهن جون ٻين شهرن ۾ به شاخون آهن ۽ ٻئي کي آٽو گئراج آهي جتي هو ڪارن ۽ موٽر سائيڪلن جي مرمت ۽ سروس ڪري ٿو. انهن مان هڪ جي فئملي کان آئون واقف هوس ۽ هن جي بيروزگار ڀائرن جو سوچي هن کي چيم ته هو پنهنجي ڀائرن کي ڇو نٿو کڻي آمريڪا گهرائي ته هو به خوشحال ٿي وڃن.
”سائين نه. ائين ناهي جيئن توهان سوچيو ٿا،“ هن مون کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي، ”رڳو آمريڪا پهچڻ سان ڪو خوشحال نٿو ٿي وڃي .... هي ملڪ Land of Opportunities ضرور آهي پر انهن ماڻهن لاءِ جيڪي محنت ڪن ٿا .... جن ۾ Initiative آهي .... جن ۾ ڪجهه بنجڻ جيWill آهي ۽ ان خواب جي ساڀيان ماڻڻ لاءِ پورهئي ۽ تڪيلف برداشت ڪرڻ جي سهپ آهي....“
اهو چئي پوءِ مون کي آهستي چيو ”سائين مون پنهنجن ٻنهي ڀائرن کي ڀاڙا موڪلي هتي آمريڪا ۾ گهرايو... پاڻ وٽ رهائيو .... پر سوال آهي ته پورهيو ته کين ڪرڻو پوندو... ڀڄ ڊڪ ته کين ڪرڻي پوندي .... آئون ته کين آڱر کان وٺي نه پيو هلندس ....“
مونکي ڳوٺ جو هڪ گهر ياد آيو جنهن جي نوجوان ڇوڪري مڙيئي ڇڪي تاڻي ڪاپيون ڪري مئٽرڪ ۽ انٽر ڪئي ان بعد سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايڪانامڪس ۾ B.A ڪئي. مائٽن جي هر وقت اها شڪايت ته سندن ڪو وزير يا ايم اين اي، ايم پي اي مائٽ ڪونهي جو ڇوڪر کي نوڪري ڏياري يا وري پاڙي واري گهر تي چڙون هين جن جو ڇوڪرو مائڪروبايولاجي ۾ M.Sc ڪرڻ بعد اسڪالر ملڻ تي ڊاڪٽوريٽ ڪرڻ لاءِ آمريڪا هليو ويو هو ۽ هاڻ اتي ئي نوڪري ڪري رهيو هو. ”آمريڪا ۾ رهيو پيو آهي کڻي اسان جي به ڇوڪري کي گهرائي.“ هنن مون سان به پاڙي واري جي شڪايت ڪئي.
دل ۾ مون سوچيو ته آمريڪا به ڪنهن ماڻهوءَ کي ضرور گهرائجي پر هن ۾ همت ته هجي. سج وڃي چوٽ کي لڳو آهي پر هنن جو هي ڇوڪرو اڃان ستو پيو آهي. مکيون پيون پٽينس ته به هوش ناهيس. اهو شخص ولايت ۾ هلي ڪهڙا پورهيا ڪندو! پر اسانجي ڪيترن ماڻهن کي اها غلط فهمي آهي ته لنڊن، نيويارڪ يا جدي ۽ دبئي جهڙن هنڌن تي فقط پهچڻ سان امير ٿي سگهجي ٿو ..... ان ڪاميابيءَ پٺيان جيڪا محنت ۽ جدوجهد لازمي آهي اها ڪيترن کي ڌيان ۾ ئي نٿي اچي .... اهو ته ڪير به نٿو سوچي ته آمريڪا يا جپان ۾ رهڻ وارو ڏينهن جو ٻارهين تائين ستو نٿو رهي. هن کي ته رات جا صحيح طرح چار پهر ننڊ به آچر واري ڏينهن نصيب ٿئي ٿي ... ڪيترا ويچارا ته آچر وارا ڏينهن به آرام بدران ڊبل ڊيوٽي يا اوور ٽائيم ڪن ٿا ۽ اسان وٽ اهو به ڪو نٿو سوچي ته ٽوڪيو هجي يا نيويارڪ ڇا سياري ۾ غضب جي سردي ۽ اونهاري ۾ گرمي ٿئي ٿي جنهن ۾ هر هڪ کي پورهيو ڪرڻو پوي ٿو .... اهو ئي حال عرب ملڪن جي موسم جو آهي. ٻي ڳالهه اها ته ڪيترا اهو سمجھن ٿا ته ولايت ۾ انٽر يا بي اي پاس واري کي به نوڪري مليو وڃي. سچي ڳالهه ته اها آهي ته اڄڪلهه Ph.D وارا به پريشان آهن!
ڀلا جي ڪو وزير مشير ماتلي، ڏوڪري يا سڪرنڊ جي ڪنهن نوجوان کي ڪراچي ۾ نوڪري وٺرائي ڏئي ٿو ته اها وڌ ۾ وڌ ڪلارڪي ئي هوندي. ۽ هو نوجوان جي آرام پسند آهي (۽ ضرور هوندو جنهن مئٽرڪ ۽ انٽر ئي ڪاپي ڪري پاس ڪئي آهي) ۽ هن ۾ شامَ جو ڪٿي ڊبل ڊيوٽي ڪرڻ جي همت ناهي ته اهو فقط ان صبح واري ڪلارڪي جي پگهار مان ڇا کائيندو پيئندو، ڇا رهائش لاءِ مسواڙ ڏيندو، ڇا ڀاڙا ڀري آفيس پهچندو ۽ ڇا بچائي ڳوٺ موڪليندو؟!
ائين ناهي ته دنيا ختم آهي .... ڪيترا اهڙا آهن جن جو ڪو اثر رسوخ ناهي.... تعليم ۾ به اعليٰ پوزيشن هجڻ باوجود ڪا نوڪري نه ملي سگهي هوندن پر هنن جي غيرت، محنت، عزم ۽ پختي ارادي هنن کي نيٺ هڪ منزل تي وڃي پهچايو هوندو جتي هو نه فقط خوشحالي جي زندگي گذارين ٿا پر حق حلال جي روزگار ۽ ايمانداري ڪري هنن جو وڏن آفيسرن ۽ وڏن پيرن ميرن جاگيردارن کان به وڌيڪَ نالو ۽ ناموس آهي. اهڙا ڪجهه ماڻهو آئون به سڃاڻان ٿو ۽ هي ڪالم لکندي مونکي 1970ع وارو ڏهاڪو ياد ٿو اچي. اڄ ڪلهه ڪراچي اسان لاءِ ڪو ڌاريون شهر ناهي. توهان کي سنڌ جي هر ڳوٺ جا ماڻهو ملندا.... جيڪي توهانجي مالي نه ته اخلاقي ته ضرور مدد ڪندا. پر اڄ کان چاليهه پنجاهه سالَ اڳ اسان سنڌي ڪراچيءَ ۾ وائڙن وانگر هئاسين. ان وقت جي اوپرن ۽ ڏکين حالتن ۾ اڄ جي ٻن مشهور اديبن ۽ اهم شخصيتن: ڪاوش جي مارڪيٽنگ مئنيجر اسلم لغاريءَ ۽ سنگم پبليڪيشن جي پبلشر ڪرم الاهي چنا روزگار خاطر پٽيواليءَ کي به قبول ڪيو هو. ائين نه آهي ته ڪو هو انٽر فيل هئا ۽ مئٽرڪ ڪاپي ڪري پاس ڪئي هين .... انهن ڏينهن ۾ ته اڃان ڪاپي جو ڪلچر ئي شروع نه ٿيو هو.
ميرپور خاص ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ’حاجي سعيد خان لغاري‘ جي اسلم لغاريءَ سنڌ يونيورسٽي مان انٽرنيشنل رليشنز ۾ ايم اي ۽ سول انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما ڪئي. نوڪري نه مليس. حيدرآباد ۾ مرحوم ظفر حسن (سنڌ يونيورسٽي جي جاگرافي ڊپارٽمينٽ جي هيڊ) کان سندس ڇپائي جي پريس ٺيڪي تي وٺي مزور ٿي ڇپائي جو ڪم شروع ڪيو....“ بس ان مان مڙيئي پريس جي مسواڙ ۽ پيٽ جي ماني ڪڍي مولا جا شڪر ڪيو ويٺو هوس.“ هن پنهنجي زندگي جو احوال ڏيندي هڪ ڏينهن مونکي ٻڌايو هو. ”هي ضيا جي مارشل لاءِ جو دور هو جنهن ۾ سنڌي رسالن ۽ ڪتابن پٺيان وٽ پڪڙ لڳل هئي. ظفر حسن جو رسالو ”ڌرتي“ به انهن ڏينهن ۾ ان پريس مان نڪرندو هو. رسالو به بند ٿي ويو ۽ پريس به Seal ٿي وئي. ڪاروبار روزگار بند ٿي ويو.“ اسلم ٻڌايو ته پوءِ هو حيدرآباد ڇڏي ڪراچيءَ ۾ هڪ ڇپائي جي پريس جتان “Mining Engineer” رسالو ٿي نڪتو اتي اچي پٽيوالو ٿيو. اهو ٻڌي مونکان اچرج مان رڙ نڪري وئي ته اسلم چيو: ”ادا ٻيو ڇا ٿي ڪري سگهيس. بک پئي ميس.“
بهرحال اها اسلم جي عظمت چئجي جو هيڏو پڙهيل هوندي به نوڪري نه ملڻ تي مايوس ٿيڻ بدران حق حلال جي روزگار کي خوش آمديد چيو. شروع جا مهينا هن کي رهڻ لاءِ ڪا جاءِ نه هئي ته هو ان پريس ۾ ئي رات جو پَٽ تي سمهي رهندو هو. سال ٻن بعد هن کي آفتاب اخبار (جيڪا حيدرآباد مان علي محمد شيخ صاحب ٿي ڪڍي) جو ڪراچي جو بيورو چيف مقرر ڪيو ويو جيڪو ڪم هن يارهن سال کن ڪيو. ان دوران هن ڪنهن سان ملي الاعظم اسڪائر ۾ هڪ ڪمرو مسواڙ تي ورتو. پريس جي پٽيوالي يا اخبار جي خاطوءَ جي حيثيت ۾ کيس ڪو گهڻو پگهار نٿي مليو سو ڪٿي ٻي نوڪري ڪرڻ بدران هن ڪتابن جي ڇپائي شروع ڪئي. انهن ڏينهن ۾ سنڌي جي گهڻي تڻي ڇپائي حيدرآباد جي سهڻي پريس ۽ ٻين ڇاپخانن ۾ هلي ٿي پر هن اها نه رڳو ڪراچيءَ مان شروع ڪئي پر حيدرآباد مان ڇپيل مختلف پريسن ۽ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپيل ڪتابن جي مقابلي ۾ سستي قيمت ۽ اعليٰ سونهن وارا ڪتابَ ڇپيا جيڪي هو وڪڻڻ لاءِ به پاڻ ڀريون ٻڌي دڪانن تي ويندو هو ۽ بعد ۾ پئسن جي اوڳڙ ڪندو هو. هي اهو زمانو هو جو منهنجي هن سان هڪ ڏينهن ڪراچيءَ ۾ ملاقات ٿي. منهنجو جهاز، آمريڪا ڪئناڊا ۽ يورپ جي مختلف بندرگاهن ۽ سمنڊن تان اٺ ڏهه مهينن جو ڊگهو سفر ڪري ڪراچي بندرگاهه ۾ اچي لنگر انداز ٿيو هو. ان دفعي موسم ۽ جهاز بهتر هجڻ ڪري مونکي پنهنجي سامونڊي سفر ۾ لکڻ جو سٺو موقعو مليو هو ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻن کن ڪتابن جو مواد گڏ ٿي چڪو هو.
جهاز جي ڪراچي ۾ پهچڻ جي ٻئي يا ٽئي ڏينهن اسلم لغاري منهنجن دوستن قمر شهباز ۽ شمشير الحيدري سان مون وٽ جهاز تي آيو ۽ منهنجا ڪتابَ ڇپڻ لاءِ ارادو ڏيکاريو. انهن ڏينهن ۾ خليل جبران جا ڇهه ست ڪتاب هڪ ئي اسٽائيل جي ٽائيٽل ڪور سان ڇپيا هئا. اسلم لغاريءَ چيو ته هن جو خواب آهي ته هو منهنجا سفرناما ان نموني سان ڇپرائي. مون هائوڪار ڪئي جيتوڻيڪ ان وقت مون نٿي سوچيو ته اسلم لغاري جهڙو اڪيلو ماڻهو جنهن وٽ نه ڇپائي جي مشين آهي ۽ نه ڪم ڪار لاءِ ماڻهو اهو ڪو ڇپي سگهندو. بهرحال مون کيس تازه لکيل اهي ٻه سفرناما ڏنا ۽ بعد ۾ ٻئي سفر دوران جپان مان هڪ ٻيو لکيل سفرنامو به کيس پوسٽ ڪيم. هن منهنجا پنج يا ڇهه ڪتاب ڇپيا پر واقعي هن جيڪي چيو اهو ئي ڪري ڏيکاريائين ۽ انهن ڪتابن جي سرڪيوليشن به اهڙي زبردست ڪيائين جو اهي ڪتاب سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ملڻ لڳا. آئون اڄ به حيرت کائيندو آهيان ته جتي اسان جا سرڪاري ادارا هر سهولت هوندي به ڪو خاص ڪم نٿا ڪن اتي هن غريب اڪيلي سر بنا ڪنهن سواري ۽ مدد جي، هن هُنَ کان کنيل قرض تي ههڙا سهڻا ڪتابَ ڇپرائي کنيل قرض به لاٿو ٿي ته پنهنجو روزگار به بڻايو ٿي.
هو پهرين ڏينهن کان ئي مونکي محنتي، ايماندار، پختي ارادي وارو پورهيت لڳو .... ۽ شايد سندس اهي صلاحيتون اسانجي ڪاوش ۽ KTN واري علي قاضيءَ يڪدم پرکي ورتيون ۽ کيس 1991ع کان جو پاڻ وٽ رکيو آهي ته جوان اسلم لغاري هاڻ وڃي پوڙهو ٿيو آهي ۽ گذريل سال سٺ سالن جو به ٿي ويو پر نه علي ٿو کيس ڇڏي ۽ نه پاڻ ٿو عليءَ کي ڇڏي.
۽ اهڙي ئي محنت، پورهئي ۽ ايمانداري جي ڪهاڻي سڪرنڊ پاسي جي ڪرم الاهي چنا جي آهي جيڪو اڄ ڪلهه سچل ڳوٺ ۾ رهي ٿو. هن سنڌ يونيورسٽي مان ايم.اي. صحافت ۾ ۽ ايم.اي. انٽرنيشنل رليشن ۾ ڪئي ۽ هو نه فقط پوزيشن هولڊر هو پر هن پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان به پاس ڪيو پر هن کي نوڪري نه ملي. گذر سفر لاءِ هن ڪجهه سال حيدرآباد مان نڪرندڙ هلال پاڪستان اخبار جو رپورٽر ٿي ڪم ڪيو. پوءِ هن ڏٺو ته ان مان ڪو سٺو روزگار نٿو ٿئي ۽ جيئن ته هن ۾ همت ۽ جستجو آهي سو هو ان کي استعمال ڪري سگهي ٿو.
”پوءِ آئون اهو سڀ ڪجهه وساري ته مون وٽ ٻه ڊگريون آهن، پبلڪ سروس ۾ به چونڊيل آهيان، ڪراچي هليو آيس ۽ ڪتاب وڪڻڻ لڳس.“ هن ٻڌايو ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ منهنجي ملاقات ڪرم الاهيءَ سان ٿي هئي. هن وٽ ايترو پئسو نه هو جو پنهنجو ڪو دڪان ته ڇا گاڏو وٺي سگهي جنهن تي ڪتاب رکي وڪڻي. هو ڪتابن ۽ رسالن جي هڙ کڻي سرڪاري ۽ خانگي آفيسن ۾ جتي جتي سنڌي هئا انهن وٽ وڪڻڻ لاءِ پهچندو هو. مون وٽ به جهاز تي ڪتاب کڻي آيو هو ۽ بعد ۾ ته هن ’سنگم‘ نالي ماهوار ڊائجسٽ به ڪڍيو جنهن لاءِ پڻ مونکان مضمون وٺڻ ايندو هو.
ڪرم الاهيءَ کي ادب سان ته شروع کان دلچسپي هئي، اخبار ۾ به ڪم ڪيو هئائين ۽ سنڌي رسالا ۽ ڪتاب وڪڻندي هن جي نظر ۾ ڪافي پڪا گراهڪ ٿي ويا هئا. سو هن اهو مٿيون ڊائجيسـٽ ”سنگم“ ڪڍيو ۽ منجھس معياري ادب ڏيڻ ڪري اهو تمام گهڻو ڪامياب ويو.
ان دوران هن کي پاڪستان گيهه ڪارپوريشن ۾ پروٽوڪال آفيسر جي نوڪري ملي وئي پر بقول سندس هن اها ڪيترائي سال ڪئي پر کيس ان ۾ مزو نه آيو. نيٺ اها ڇڏي هن وري رسالا ۽ ڪتابَ ڇپڻ ۽ وڪڻڻ جو ڪم شروع ڪيو. اڄ هن کي پنهنجو ادارو آهي جنهن ۾ سندس ٻار به سنڌي ۽ انگريزي جي ڪمپوزنگ ۾ سندس مدد ڪن ٿا. هن کي پنهنجو گهر آهي ۽ هن جي سڀني ٻارن: پٽن توڙي ڌيئرن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان گرئجوئيشن به ڪئي آهي. ان کان علاوه پاڻ توڙي سندس ٻار سماج ۽ تعليم جي سڌاري لاءِ عام ماڻهن جي رهنمائي ۽ مدد ڪندا رهن ٿا. ڪرم الاهي چنا جيتوڻيڪ ڪو اعليٰ عهدو حاصل ڪري نه سگهيو ۽ نه وري هن ڪڏهن حرام جي ڪمائي ۾ دلچسپي ورتي پر اڄ هن جو اعليٰ آفيسرن کان وڌيڪَ نالو ۽ ناموس آهي ۽ هو بيحد مطمئن آهي ته هن محنت، جدوجهد ۽ ايمانداري سان زندگي گذاري.
منهنجي نظرن ۾ ان قسم جا ٻيا به ڪيترائي ماڻهو آهن جن پنهنجي ۽ فقط پنهنجي محنت ۽ قابليت ذريعي ڏکين حالتن ۾ به ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ پنهنجو نالو پيدا ڪيو. هتي اڃان هڪ ٻئي انسان جو به ذڪر ڪندس. دراصل هن شخص .... اسانجي ڳوٺ جي الهه بچايو ميمڻ جي ايندڙ مهني پهرين اپريل تي برٿ ڊي جو سوچي هي مٿيون ڳالهيون ياد اچي ويون ۽ هن قسم جو ڪالم لکڻ جو ارادو ٿيو.
الهه بچائي جو تعلق پڻ مٿين همراهن (اسلم لغاري ۽ ڪرم الاهي چنا) وانگر هڪ غريب فئملي سان آهي ۽ هو به انهن وانگر تعليم يافته هو. عمر ۾ هو مونکان ڇهه سال ننڍو آهي. ننڍپڻ کان هو ڳوٺ جي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن سان عزت سان ملندو ۽ سندن ڳالهيون غور سان ٻڌندو هو. هڪ ڏينهن اسان جي ڳوٺ جي مشهور اديب ۽ شاعر سليم هالائيءَ (جيڪو انهن ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ هو) تنهن چيس ته ٻي ته ڪا نوڪري ناهي سندس کاتي ۾ دفتريءَ جي آهي. الهه بچائي يڪدم حامي ڀري.
”پر اها ڳالهه به ڌيان ۾ رک ته ماهوار پگهار فقط چاليهه رپيا ملندءِ ان مان تون ڪيئن گذر سفر ڪري سگهندين؟“ سليم هالائي صاحبَ اڳواٽ چِتاءُ ڏنس.
”سائين اهو منهنجو ڪم آهي. ائون سمجھان ٿو ته مون ۾ ايتري همت ۽ Guts آهن جو آئون بکون ڪاٽي به مشڪلن کي منهن ڏئي ويندس.“ الهه بچائي چيو. ۽ پوءِ اسان ڏٺو ته هن ڪيئن نه سڄي زندگي محنت ڪئي. ڪراچي ۾ جنهن ڏورانهين مائٽ جي گهر اچي رهيو ان جا ڪم ڪار ڪيائين.... شامَ جو ريڊيو ۽ ٽي وي تي ته ڪڏهن اخبارَ ۾ ڪم ڪيائين. سندس هئنڊ رائيٽنگ سٺي هوندي هئي ۽ ننڍي هوندي ڪو مضمون لکندو هوس ته هن کان فيئر ڪرائيندو هوس. هاڻ جهاز تي هجڻ ڪري سؤ سوا سؤ کن صفحن جا سفرناما لکي ايندو هوس ۽ مون پاڻ به الهه بچائي جهڙو ماڻهو ڪراچيءَ ۾ پئي ڳوليو جيڪو منهنجي لکيل مواد کي فيئر ڪري ڏئي. کيس مون چيو ته آئون هڪ رپيو في صفحي جي حساب سان ڏئي سگهان ٿو. هن هائوڪار ڪئي ۽ روز شامَ جو منهنجي جهاز تي اچي فيئر ڪندو هو. مون هن جي حوالي هڪ ڪئبن ڪرائي ڇڏي هئي ۽ ماني ٽڪي جو بندوبست پڻ. هو ڪڏهن ڪڏهن رات جو دير تائين لکي جهاز تي ئي سمهي رهندو هو ۽ ٻئي ڏينهن جهاز تان آفيس ويندو هو. وچ ۾ آچر يا ڪو موڪل وارو ڏينهن اچي ويندو هو ته پوءِ ته هو لڳاتار لکندو رهندو هو ۽ منهنجو جهاز ڪراچيءَ ۾ هفتو کن به بيهندو هو ته هو سئو کن صفحا آرام سان فيئر ڪري ويندو هو. ان ڳالهه ۾ هن جو به فائدو ٿي ويندو هو ته منهنجو به.
بهرحال ڳالهه جو مطلب اهو ته الهه بچائي پورهئي ۾ ڪڏهن به آر محسوس نه ڪيو ۽ هر ڪم Perfect ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. واندڪائيءَ ۾ رلڻ پنن بدران ڪڏهن سگا وارن وٽ ته ڪڏهن ڪنهن تعليمي اداري ۾ جيڪو به ڪم مليس ٿي اهو ڪيائين ٿي.... هو ڄڻ محنت، ايمانداري سان ڊيوٽي ڏيڻ ۽ همٿ جو Symbol هو. آفيس ۾ به نه رڳو پنهنجي حصي جو پر ٻين جي ڪم ۾ به هٿ ونڊائيندو رهيو ٿي. ان ڪري آفيسرن توڙي هيٺين اسٽاف هن کي پسند ڪيو ٿي. ٻين وانگر هن موڪلون به نٿي ڪيون ۽ وقت تي آفيس پهچڻ کي هن اصول بڻائي ڇڏيو.
الهه بچائي ڪڏهن به حلال جي پورهئي کي عيب نه سمجھيو. هو جيتوڻيڪ ممتاز ڀٽو، لياقت جتوئي، ارباب رحيم، سردار علي محمد مهر ۽ سيد قائم علي شاهه جهڙن وڏن وزيرن جي حڪومت ۾ پريس سيڪريٽري ۽ فيڊرل منسٽر مخدوم امين فهيم جو PRO رهي چڪو آهي، ان هوندي به هو اڄ پنهنجي بايوڊاٽا ۾ اهو لکندي شرم نٿو محسوس ڪري ته هن ’دفتري‘ جي پوسٽ تان نوڪري شروع ڪئي. ان بعد ئي هو جونئر ڪلارڪ ٿيو پوءِ اسسٽنٽ انفارميشن آفيسر ۽ ٻين عهدن تان ٿيندو اڄ جي پوسٽ تي پهتو.
الهه بچائي هڪ سرڪاري ڪامورو ٿي ڪري اجائي ٽون ڦان رکڻ ۽ خود غرض ٿيڻ بدران غريب عوام لاءِ وڏي خذمت ڪئي خاص ڪري تعليمي ۽ سماجي ڳالهين ۾. هالا ۾ گرلس ڪاليج توڙي پرائمري اسڪول کولرائڻ لاءِ هو هر وقت ان وقت جي گورنرن جنرل جهانداد خان ۽ اشرف تاباني صاحب وٽ ائين پنڌ ڪندو هو ڄڻ هن جو ڪو پنهنجو ذاتي ڪم هجي. هالا ۾ سئي گئس جي سپلاءِ جو ڪم هجي يا اسپورٽس ڪامپليڪس ٺهرائڻ جو هي اڻ ورچ ٿي واسطيدار عملدارن ۽ چيف منسٽرن جو مٿو کائيندو رهيو ٿي. ان بابت ان وقت جا اسانجا پيٽارو جا همراهه لياقت جتوئي ۽ ڊاڪٽر ارباب رحيم به چوندا هئا ۽ ڪڏهن ته چڙ جو به اظهار ڪندا هئا ته هن جا ڪم کُٽن ئي نٿا. پر اسانجو هي الهه بچايو ڳوٺ جي خيري ڪمن لاءِ هنن کي چهٽيو پيو هوندو هو. ان کان علاوه هو ان ڳالهه لاءِ به Credit لهڻي ته ڪراچي جي امير ’ميمڻ ڪميونٽي‘ کان پڻ هن پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن لاءِ ڪيترائي خير جا ڪم ڪرايا جيئن ته غريب ماڻهن لاءِ خيراتي ڊسپينسري، اکين جي ڪلينڪ، ليڊي مريم آدمجي مئٽرنٽي هوم، ڪاليا گروپ طرفان ميمن ڪمپيوٽر ٽريننگ سينٽر، وغيره. هالا جي ڏيڍ هزار کن غريب شاگردن لاءِ اسڪالرون ۽ مفت ۾ ڪتاب ڪاپيون وٺرائي ڏيڻ ۾ پڻ الله بچائي جو هٿ آهي. آئون هميشهه نوجوان شاگردن کي دل شڪستو ٿيڻ بدران محنت ڪرڻ لاءِ ۽ اسانجي سرڪاري ڪاموري کي پنهنجي ڳوٺ جي ضرورتمند ماڻهن لاءِ خير جا ڪم ڪرڻ لاءِ الله بچائي جا مثال ڏيندو آهيان.
سالن بعد ٽيون ڏينهن اوچتو ساڻس ملاقات ٿي ته ٻڌائين ته هن کي رٽائرڊ ٿئي به ٻه سال ٿي ويا آهن يعني هو ٻاهٺ سالن جو ٿي ويو آهي. وقت ڪيڏي تيز رفتاري سان ڊوڙي ٿو..... منهنجي اکين اڳيان ڪالهه جو اهو ڏينهن اچي ويو جيڪو شايد سال 1970ع هو ۽ 20 سالن جو الهه بچايو چاليهه رپيا پگهار تي سائين سليم هالائيءَ سان گڏ هن جي سرڪاري ڪار ۾ ڪراچي وڃي رهيو هو ۽ پٺيان گهٽيءَ ۾ بيٺل سندس مائٽ ئي چئي رهيا هئا ته ”ڇورو اجھو ٿو ٻن ڏينهن بعد ڳوٺ موٽي.“
پر نه. اڄ ٿو سوچيان ته باوجود تڪليفن جي, دلشڪستو ٿي هو پاڻ ته ڳوٺ نه موٽيو پر موٽ ۾ پنهنجي ڳوٺ کي گهڻو ڪي ڪجهه ڏياري پنهنجو ۽ پنهنجي ڳوٺ جو مانُ مٿانهون ڪيو.