الطاف شيخ ڪارنر

وري ياد آيا

ھن ڪتاب ۾ سنگاپور، آمريڪا ۽ آفريڪا سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ بابت ڄاڻ، ڪي حيرت ۾ وجهندڙ ڳالھيون ۽ سنسني خيز مضمون شامل آھي. آفتاب ابڙو لکي ٿو: ”اسانجي سفري سلطان سائين الطاف شيخ کي ڏيھ پرڏيھ ۾ جتي ڪنھن سنڌي سنپورنج جي خبر پئي آهي تہ هزارين حيلا ۽ وسيلا ڪتب آڻي، ان سان ملاقات ڪئي اٿائين. ان جي خاندان ۽ سندس ڪرت جو اهڙو تہ ذڪر ڪيو اٿائين، جو پڙهڻ سان ڳاٽ اوچو ٿيو وڃي ۽ مجموعي طور تي فخر جو احساس اڀري ٿو. سماج ۾ اهڙا ڪردار ئي هوندا آهن، جيڪي قومن جي ٻيهر اُڀار (Renaissance) جو باعث بڻبا آهن.

  • 4.5/5.0
  • 56
  • 17
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book وري ياد آيا

خوشونت کان سعديه تائين

پاڪستان ۾ بيحد پسند ڪيو ويندڙ ۽ پاڪستان کي پسند ڪندڙ سِکُ ليکڪ خوشونت سنگهه، اڄ هن دنيا ۾ نه رهيو آهي پر سندس لکڻيون ۽ ڳالهيون ماڻهن جي دماغ ۽ زبان تي آهن. منهنجي ساڻس پهرين ملاقات ان وقت ٿي جڏهن هو اڃان ايڏو مشهور نه ٿيو هو ۽ نه وري مونکي ان وقت تائين ڪو اهڙو Craze هو جو جنهن تنهن اديب سان ملندو وتان. اڃان اديبن شاعرن کان وڌيڪَ اندين فلمن جي مشهور اداڪارن خاص ڪري اداڪارائن سان ملڻ جو نه فقط مونکي پر مون سان گڏ جهاز تي رهندڙ ٻين نوجوان آفيسرن کي به شوق هو. اهو ان ڪري جو ان دور ۾ نه اڃان ڪميپوٽر ايجاد ٿيو هو ۽ نه وڊيو رڪارڊر جنهن سان سامونڊي ڊگهن سفرن تي وقت گذاري سگهجي. تن ڏينهن ۾ شاپنگ جو به ايڏو شوق نه هو ۽ نه اهڙيون فئنسي شيون هيون جهڙيون اَڄُ ڏسجن ٿيون. وڌ ۾ وڌ ايئرو، وارن هوسينٽ ۽ سينٽ مائيڪل جهڙيون برانڊيڊ قميصون، عطر، صابڻ، رومال، ڪف لنڪ ۽ شربتن ۾ ڪوڪاڪولا ۽ سيون اپ ...جن جا انهن ڏينهن ۾ دٻا شروع ٿيا هئا.... ۽ اهي سڀ شيون جهاز جي ڊيوٽي فري اسٽور مان تمام سستي اگهه تي ملي وينديون هيون. بندرگاهه ۾ جهاز جي لنگر انداز ٿيڻ تي سڀني جو رُخ سئنيما هالن ڏي هوندو هو. خاص ڪري ڪولمبو (سري لنڪا)، بيروت (لبنان)، ممباسا (ڪينيا)، زنجبار (تنزانيا)، پينانگ (ملائيشيا) ۽ سنگاپور جي بندرگاهن ۾.... جِتي جي ڪنهن هڪ يا ٻن سئنيمائن ۾ هميشه انڊين فلمون لڳل هونديون هيون. هڪ دفعي ته اسانجو جهاز بيروت ۾ بيهڻ بدران لبنان جي هڪ ٻئي بندرگاهه طرابلس (Tripoli) ۾ اچي بيٺو ۽ اسان جهاز جا دوست آفيسر طرابلس مان ٽئڪسي ڪري بيروت ۾ شمي ڪمپور ۽ سائره بانو جي فلم ”ايوننگ ان پئرس“ ڏسڻ ويا هئاسين.
هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ ڪولمبو جهڙن بندرگاهن ۾ جتي هاڻ انڊين فلمن جي شوٽنگ ٿيڻ لڳي هئي، انهن شهرن جي هوٽلن ۾ يا اهم مارڪيٽن ۾ ڪڏهن ڪڏهن انڊين فلمن جو عملو ملي ويندو هو. خاص ڪري جڏهن اسان جو جهاز ڊگهي مرمت لاءِ شپ يارڊ ۾ هوندو هو ته اسان جهاز هلائڻ وارن کي ڪمپني جي خرچ تي ان بندرگاهه جي وڏي هوٽل ۾ رهايو ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن انهن هوٽلن ۾ رهندڙ اهم ماڻهن سان صبح جي وقت ڊائننگ هال ۾ يا شام جو لائونج ۾ ملاقات ٿي ويندي هئي.
هڪ دفعي هانگ ڪانگ ۾ جهاز جي مرمت ۽ ڊراءِ ڊاڪنگ هلي رهي هئي. جهاز تي لائيٽ ۽ پاڻيءَ جو بندوبست نه هجڻ ڪري اسانکي هانگ ڪانگ ٻيٽ جي ٻئي پاسي ڪولون جي هوٽل ميرامار ۾ رهايو ويو. منهنجي خيال ۾ اهو سال 1972ع يا 73ع هو. مونکي پهريون دفعو شوق ٿيو ته هانگ ڪانگ جي ڪنهن مشهور چيني شاعر يا اديب سان ملجي ... خاص ڪري اسانجي ليکڪ امر جليل جي هم عمر زانگ يان جيڪا xixi به سڏجي ٿي جنهن جي هڪ ناول جو انگريزي ترجمو ايندي وقت سمنڊ تي پڙهيو هوم ۽ معلوم ٿيو هو ته هوءَ هانگ ڪانگ جي اسڪول جي ٽيچر آهي. باءِ دي وي سال 2006ع جي مشهور فلم “2Become1” هن جي ناول “Mourn Over the Breasts” جي بنياد تي ٺهيل آهي. هن جي هڪ ٻئي هم عمر ليکڪ ني ڪئانگ جو به هڪ رومانوي ناول پڙهيو هوم ۽ سوچيم ته هن ليکڪ سان به ضرور ملجي. پڙهندڙن جي معلومات لاءِ لکندو هلان ته هيستائين، جڏهن هو اسي سالن جي ويجھو آهي، هو 300 کن ناول ۽ 400 فلمن جون Scripts لکي چڪو آهي. سندس ڀاءُ يي شُو (Yi Shu) جا به ڪيترائي رومانوي ناول آهن. ميرامار هوٽل جي رسيپشن تي ويٺل صبح ۽ شامَ وارين ڪلارڪ ڏوڪرين سان مون پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ هنن وعدو ڪيو ته هو مونکي سڀان تائين مٿين ليکڪن جا فون نمبر ۽ اتا پتا هٿ ڪري ڏينديون جيئن آئون هنن سان ملي سگهان. پر مونکي حيرت ٿي جڏهن ان ئي ڏينهن شامَ ڌاري رسيپشن ڪلارڪ مونکي ڪمري تي فون ڪيو ته هيٺ لائونج ۾ اچي هڪ رائيٽر سان ملان.... بلڪه هو پاڻ مونسان ملڻ چاهي ٿو. اها هڪ عجيب ڳالهه هئي. آئون يڪدم ڪپڙا بدلائي پنجين فلور تان لفٽ ذريعي هيٺ آيس. منهنجي خيال ۾ اهو اديب چيني شڪل جو ئي هجڻ کتو ٿي پر لائونج ۾ ته ان وقت ويٺل ماڻهن ۾ ڪو به چيني مهانڊي جو نه هو. رسيپشن ڊيسڪ تي بيٺل چيني ڪلارڪ وٽ پهتس ته هن لائونج ۾ ڏهاڪو کن ماڻهن جي ميڙ ۾ هڪ سک همراهه ڏي اشارو ڪيو. مونکي ڳالهه ئي سمجهه ۾ نه پئي آئي. انهن ڏينهن ۾ سنگاپور، پينانگ ۽ هانگ ڪانگ جي هوٽلن جي درن وٽ ۽ رسيپشن لائونج جو دروازو کولڻ ۽ چوڪيداري لاءِ سک هوندا هئا. اهڙي طرح بئنڪن جي ٻاهران پٺاڻ هوندا هئا. پر اها ڪمال جي ڳالهه آهي ته انهن محنت مزوري ۽ پورهيا ڪري نه رڳو پئسو بچايو پر پنهنجي اولاد کي اعلا تعليم ڏني. اڄ انهن ملڪن ۾ ڪوبه سک يا پٺاڻ هيٺين نوڪريءَ ۾ نظر نٿو اچي. هنن جي ٻي ۽ هاڻ ٽي جنريشن سرجن، ڊاڪٽر، وڪيل، فوجي آفيسر ۽ رانديگر آهن.
بهرحال انهن ڏينهن ۾ يعني سٺ ۽ ستر واري ڏهي ۾ سک معنيٰ هوٽل جو درٻان ۽ هانگ ڪانگ جي هوٽلن جو درٻان معنيٰ سک. سو مون سمجھڻ ۾ غلطي ڪئي ۽ هانگ ڪانگ جي هوٽل جي رسيپشن ۾ ڪنهن سک کي ڏسي اهوئي سوچيم ته هوٽل جي ڪلارڪ يا غلط سمجھيو آهي يا مون سان تعدي ڪئي آهي. ڪلارڪ ڏي گهورڻ سان هن چيو ته هي ماڻهن جو جٿو ايئرپورٽ ڏي ويندڙ بس جو انتظار ڪري رهيو آهي ان ڏاڙهيءَ واري جنهن کي خبر آهي ته هن هوٽل ۾ توهان پاڪستاني به رهيل آهيو سو مونکي ڪنهن اهڙي سان ملڻ لاءِ چيائين جنهن کي لٽريچر سان شوق هُجي.
آئون هن سک سان اچي مليس ته هن سٺي انگريزي ۾ ٻڌايو ته هن جو نالو خوشونت سنگهه آهي ۽ هن کي لکڻ پڙهڻ جو شوق هجڻ ڪري هن وٽ هِتي هانگ ڪانگ ۾ رهڻ دوران ڪيترائي رسالا ۽ ڪِتاب گڏ ٿي ويا آهن ۽ هاڻ گهڻي وزن ڪري هو پاڻ سان انڊيا نٿو کڻي وڃي. ساڳي وقت ايڪسٽرا وزن اڇلڻ بدران ڪنهن مون جهڙي کي ڏيڻ چاهي ٿو جنهن لاءِ هوٽل جي ڪلارڪ کيس ٻڌايو. واقعي مونکي رسالا ۽ ڪجهه ڪِتاب حاصل ڪري ڏاڍي خوشي ٿي. فرصت ۾ هانگ ڪانگ ۾ ۽ سمنڊ تي پڙهڻ لاءِ مونکي ڄڻ ته قُوت ملي ويو. خوشونت سنگهه پنهنجي هئنڊ بئگ کولي پنهنجي صحيح سان مونکي پنهنجا ٻه ڪِتابَ ”ٽرين ٽو پاڪستان“ ۽ “I Shall not hear the nightingale” جي ڪاپي پڻ ڏني “Train to Pakistan” هندستان جي ورهاڱي بابت هڪ تاريخي ناول آهي جنهن جي اها ڪاپي 1956ع جي ڇپيل آهي. ٻيو ناول 1959ع جو ڇپيل آهي جيڪو امرتسر جي انهن ڏينهن جي عڪاسي ڪري ٿو جڏهن انگريزن خلاف Quit India تحريڪ زور شور سان هلي رهي هئي. اسان ٿوري دير هِتان هُتان جي خبر چار ڪئي ته بس اچي وئي ۽ هي دهلي وڃڻ وارا مُسافر ان ۾ سوار ٿي ايئرپورٽ هليا ويا.
’ٽرين ٽو پاڪستان‘ هڪ مختصر ناول آهي پر سندس ڪي ڪي جملا ڏاڍا چڀندڙ آهن جيڪي اڄ به مونکي لڳي ٿو ته ائين ئي آهن. انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ جڏهن هڪ سياستدان ڪنهن ڳوٺاڻي کي آزادي جو مفهوم سمجھائي ٿو ته هو وراڻيس ٿو ته:
”آزادي توهان سياستدانن ۽ رئيسن ڀوتارن لاءِ آهي. اسين ڳوٺاڻا تعليم کان پري رکيل، انگريزن جا غلام هئاسين ۽ هاڻ آزادي ملڻ بعد توهان جا غلام ٿي رهنداسين....“
اڄ جي سنڌ جي منظر تي نظر ٿو ڪريان ته ڄڻ اهي جملا اڄ به اها ئي حقيقت رکن ٿا. سنڌ جا ڳوٺاڻا جن کان تعليم پري رکي وئي آهي اهي اڄ به غلاميءَ جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيا آهن.
هن ناول تي ساڳي نالي Train to Pakistan سان 1998ع ۾ فلم به ٺهي چڪي آهي جنهن ۾ نرمل پانڊي، موهن اگاشي، رجيت ڪپور، سمرتي مشرا، ديويا دتا ۽ منگل ڌلان ڪم ڪيو آهي.
خوشونت سنگهه جو ”ٽرين ٽو پاڪستان“ ايڏو ته مشهور ناول آهي جو ڪيترن ئي زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. ڪجهه سال اڳ ملائيشيا ۾ ان جو تامل ترجمو پڻ ڏٺو هوم. ملائيشيا ۾ جيڪي ننڍي کنڊ جا ماڻهو رهن ٿا انهن ۾ 90 سيڪڙو تامل ڳالهائڻ وارا آهن. هن ناول جو سنڌيءَ ۾ ترجمو هالا جي ڊاڪٽر امجد ڪيريو ڪيو آهي ۽ سليمان وساڻ جي ”سنڌ سلامت“ ويب تي موجود آهي.
خوشونت سان اوچتو ملاقات بعد اٽڪل 35 سال بعد 2005ع ۾ دهلي ۾ ٿي جڏهن آئون پنهنجن پيٽارو جي اوڏ دوستن جي ٻارن جي شادي لاءِ مهينو کن دهلي ۾ رهيل هوس. مونکي خوشونت سنگهه هميشه پاڪستاني ڪالم نويس ۽ جهاز جو مالڪ آرڌشير ڪواسجي جي ياد ڏياريندو هو. ٻنهي جون لکڻيون شوخ آهن، ڏاڙهيون Impressive آهن ۽ سندن ڳالهين ۽ لکڻين ۾ هڪ عجيب طنز ۽ مزاح آهي. ٻنهي جي انگريزي ڏاڍي سٺي آهي.... بلڪه هئي جو ٻئي ڄڻا گذاري ويا آهن. هڪ سک هو ته ٻيو پارسي.... ڪواسجي صاحب سان گهڻي ملاقات ۽ گهڻي هجت هجڻ ڪري هڪ ڏينهن چيو هيومانس ته مونکي توهان ٻنهي مان ساڳي خوشبوءِ ٿي اچي. (منهنجو مطلب هو ته توهان ٻنهي جي لکڻين ۾ ساڳي Satire آهي) کلي وراڻيائين ته ساڳي برانڊ جو عطر ٿا هڻون يا ساڳي ڪمپنيءَ جي ناس ٿا ڏيون؟ هونءَ خوشونت سنگهه ڪواسجي کان ڏهه سال وڏو هو ۽ 1915ع ۾ پنجاب جي شهر هدالي ۾ ڄائو هو. سندس والد سر سوڀا سنگهه هڪ امير سِول ٺيڪيدار هو جنهن جون دهلي ۾ ٺاهيل ڪيتريون ئي مشهور عمارتون آهن جن مان ڪجهه هن ريت آهن:” ڪناٽ پيلس جو مارڪيٽ ڪامپليڪس ۽ مشهور ڪمرشل عمارت Chelmsford، دهليءَ جي ٽي بي اسپتال، ماڊرن اسڪول، گونگن ۽ ٻوڙن جو اسڪول، سينٽ ڪولمبيا اسڪول، بڙودا هائوس وغيره. سر سوڀا سنگهه کي ملڪ رياض وانگر زمين وٺڻ جو به شوق هو. دهلي جي غير آباد علائقن ۾ جِتي به هن کي سستو پَٽُ مليو ٿي ته اهو وٺي ڊيولپ ڪيو ٿي. ايتريقدر جو هن کي ماڻهو ”آدهي دهلي دا مالڪ“ سڏڻ لڳا. مرڻ وقت هن پنهنجي ملڪيت جو وڏو حصو خيراتي ڪمن لاءِ وقف ڪري ڇڏيو جيڪو ”سوڀا سنگهه ٽرسٽ“ جي نالي سان دنيا ۾ مشهور آهي. هڪ دفعي خوشونت سنگهه انڊيا ۾ جيڪو پنهنجي پيءُ بابت ليڪچر ڏنو هو، ان جو عنوان هو: ”ماءِ فادر، دي بلڊر“ سوڀا سنگهه وريام ڪور نالي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي جيڪا سوڀا کي انگريزي سرڪار کان Sir جو خطاب ملڻ بعد ”ليڊي سردارني ويرا ٻائي“ سڏبي هئي. کين چار پٽ ڀڳونت سنگهه، خشونت سنگهه، ميجر گربخش سنگهه ۽ دلجيت سنگهه ۽ هڪ ڌيءَ موهندر ڪور ٿي.
هِتي اهو لکندو هلان ته اسانجي دلپسند ليکڪ خشونت سنگهه جي ڀيڻ موهندر ڪور ”رخسانا سلطانا“ جي سس هئي. رخسانا سلطانا جو نانو ميان احسان الحق بيڪانير نوابي رياست جو چيف جسٽس هو. رخسانا جي ماسي (يعني جسٽس ميان احسان جي ٻي ڌيءَ ”بيگم پارا“ انڊيا جي مشهور ائڪٽريس ٿي گذري آهي. جنهن جو پٽ ايوب خان به ائڪٽر هو جنهن جو مشهور فلم ائڪٽر دليپ ڪمار (يوسف خان) سڳو چاچو ٿئي. رخسانا سلطان جي هڪ ڌيءَ (يعني خشونت سنگهه جي ڀاڻيجي، شِوندر سنگهه جي ڌيءَ) ”امرتا سنگهه“ بالي وڊ جي مشهور اداڪارا آهي جنهن 1983ع واري فلم ”بيتاب“ 1985ع جي بيحد ڪامياب فلم ”مرد“ ۽ ”صاحب“، 1986ع جي ”شادي“ ۽ ”نام“، 1987ع جي ”خود غرض“، 1992ع جي ”راجو بن گيا جينٽلمئن“ ۽ ”آئينا“ فلمن ۾ ڪم ڪيو ۽ کيس ڪيترائي ايوارڊ مليا. منهنجي خيال ۾ نواب آف پٽوڊي جي پٽ سيف جنهن هاڻ ٻي شادي ڪرينا ڪپور سان ڪئي آهي، ان جي ”امرتا سنگهه“ پهرين زال هئي. سيف علي خان جو پيءُ انڊيا جو نواب ۽ مشهور ڪرڪيٽر منصور علي خان ۽ ماءُ بالي وڊ جي ائڪٽريس شرميلا ٽيگور آهي.
بهرحال هِتي اسان خشونت سنگهه جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته هو پاڪستان جي پنجاب صوبي جي خوشاب ضلعي ۾ ڄائو. انهن ڏينهن ۾ سندس پيءُ سَر سوڀا سنگهه دهليءَ ۾ عمارتون ٺاهڻ جو ڪم ڪري رهيو هو جِتي جي هڪ اسڪول ”ماڊرن اسڪول“ مان خشونت بنيادي تعليم حاصل ڪئي، ان بعد هن دهلي جي سنيٽ اسٽيفن ڪاليج ۾ پڙهيو ۽ پوءِ گورنمينٽ ڪاليج لاهور ۾ داخلا ورتي. هن انگلنڊ جي شهر ڪئمبرج جي ”ڪنگ ڪاليج“ مان پڻ تعليم حاصل ڪئي. ان بعد هن لاهور اچي اتي جي هاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت ڪئي.
خشونت سنگهه مختلف سرڪاري ۽ غير سرڪاري نوڪريون ڪيون، اخبارن ۽ رسالن جو ايڊيٽر ٿي رهيو، سياست ۾ رهيو، ناول لکيائين، شاعري ڪيائين، اخبارن ۾ ڪالم ۽ سياسي ڪمينٽريون ڪيائين.
شروع ۾ ٽورنٽو (ڪئناڊا) ۾ انڊين حڪومت طرفان انفارميشن آفيسر ٿي رهيو ۽ 1948ع کان 1950ع تائين انگلنڊ ۽ آئرلئنڊ ۾ موجود انڊين هاءِ ڪميشن ۾ پريس اٽيچي (اتاشي) ۽ پبلڪ آفيسر ٿي رهيو. خشونت سنگهه انڊيا جي مشهور رسالي ”السٽريٽيڊ ويڪلي آف انڊيا“ (هاڻ هي رسالو بند ٿي ويو آهي نه ته اسان ڪي ڏها هن رسالي کي شوق سان پڙهيو ۽ پنهنجي انگريزي سڌاري. ان کان علاوه هر جهاز تي عورتن جو انڊين رسالو فيمينائن مشهور هوندو هو)، نئشل هيرالڊ ۽ هندستان ٽائيمس جو ايڊيٽر ٿي رهيو. خشونت جو ڪواسجي وانگر هفتيوار ڪالم (جنهن جو عنوان “With Malice Towards one & All”) ايڏو ته مشهور هوندو هو جو ڪيترن انگريزي اخبارن کان علاوه مڪاني مرهٺي، گجراتي، بنگالي ۽ تامل زبانن ۾ به ترجمو ٿيندو هو.
خشونت سنگهه 1980ع کان 1986ع تائين پارليامينٽ جو ميمبر به ٿي رهيو. سندس ننڍو چاچو سردار اُجل سنگهه جنهن 1983ع ۾ وفات ڪئي، پڻ پارليامينٽرين هو ۽ هندستان جي ڏاکڻي صوبي ”تامل ناڊو“ جو 1966ع کان 1971ع تائين گورنر ٿي رهيو. خوشونت کي 1974ع ۾ صدارتي ايوارڊ ”پدما ڀوشن“ مليو هو جيڪو هن اندرا گانڌيءَ جي سکن جي گولڊن مندر تي گوليباري ڪرائڻ جي ڏک ۽ احتجاج ۾ 1984ع ۾ واپس موٽائي ڏنو. سال 2007ع ۾ کيس هڪ ٻيو صدارتي ايوارڊ پدما وڀوشن عطا ڪيو ويو جيڪو سول ايوارڊن ۾ ٻئي درجي تي اعليٰ آهي.
خشونت سنگهه لکڻ جي معاملي ۾ سڄي عمر لکندو رهيو. سندس آخري ناول The Sunset Club ان وقت لکي پورو ڪيو جڏهن هن جي عمر 95 سال هئي. ان بعد به هو هلڪيون ڦلڪيون شيون لکندو رهيو ۽ مرڻ کان هڪ سال اڳ هن جو ڪِتاب” خشونت ناما ـــ دي ليسنز آف ماءِ لائيف“ شايع ٿيو هو. خشونت ٽيهن کان وڌيڪَ ناول لکيا ان کان علاوه ڪيترائي درجن افسانا ۽ مضمونن سميت 80 کان مٿي ڪِتابَ لکيا. هن لاءِ اهو ئي چيو وڃي ٿو ته هو هر روز صبح جو چئين بجي اٿي لکڻ شروع ڪندو هو. هن جي سکن بابت لکيل تاريخ جا ٻه واليوم “A History of the Sikhs” سندس آتم ڪٿا جو ڪِتاب 2002ع ۾ پينگئن پبلشرس ڇپرايو جنهن جو نالو “Truth, love & a little Malice” آهي. سندس ناولن ۾ “Delhi” پڻ تمام مشهور ٿيو جنهن جي ڇپجڻ سان سندس ايشيا کان علاوه يورپ ۾ هاڪ ٿي وئي. آئون انهن ڏينهن ۾ سئيڊن جي شهر مالمو ۾ رهندو هوس. درياهه جي ٻئي پار ڪوپن هيگن ۾ پڙهڻ جو مونکان وڌيڪَ شوقين محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو پٽ محمد علي ميمڻ رهيو ٿي. هو لنڊن مان ان ڪِتاب جي ڪاپي وٺي آيو هو پاڻ پڙهڻ بعد، منٿن سان مونکي هفتو کن اڌارو ڏنائين.
خشونت سنگهه جو هي انگريزي ناول “Delhi” هڪ تاريخي ناول آهي جنهن جي ڪهاڻي دهلي شهر ۽ دهلي سلطنت جي اڳيان پويان چُري ٿي. هن ۾ هڪ جرنلسٽ (ممڪن طور خشونت پاڻ) انگلنڊ ۾ عورتن سان دل پشوري ڪري واپس وطن دهلي اچي ٿو ته هن جي ميل ملاقات ”ڀاڳمتي“ نالي هڪ کدڙي سان ٿئي ٿي جيڪو تِهار جيل ۾ پنهنجي ڏوهن (پنهنجو جسم وڪڻڻ ۽ ڀڙوت جهڙن ڪمن) جي سزا ۾ جيل ڪاٽي ٻاهر نڪري ٿو ۽ ڪنهن سهاري جي ڳولا ۾ آهي ته هن خاطو (جرنلسٽ) سان هن جو ٽڪر ٿئي ٿو. دل جو مهربان هي سِکُ هن جي مجبورين کي منهن ڏئي ٿو. ڀاڳمتي نه مرد آهي نه عورت پر منجھس زبردست جنسي ڪشش آهي. ليکڪ هن عظيم شهر ۽ پنهنجي جنسي تعلقات جا تجربا چئپٽر پٺيان چئپٽر ۾ ڏيندو هلي. ان سان گڏ نادر شاهه، تيمور لنگ ۽ اورنگزيب جا به قصا لکندو هلي جن دهليءَ کي ڦريو لٽيو ۽ مير تقي مير ۽ بهادر شاهه ظفر جو به ذڪر ڪري ٿو جن کي دهليءَ تباهه ڪيو. هو لال ڪيسٿ جهڙي هندو مان مسلمان ٿيڻ واري نيم تاريخي ڪردار جو به ذڪر ڪري ٿو جنهن چوڏهين صديءَ جي غياث الدين بلبن وٽ ڪم ڪيو ٿي. هو مغل سلطنت جي سج جي اڀرڻ کان نهال سنگهه مسواڙ جي سک قاتل جو ذڪر ڪري ٿو جيڪو مغلن کان بدلو وٺڻ ڪارڻ 1857ع واري بلوي کي ٻنجو ڏيڻ ۾ انگريزن جي مدد ڪري ٿو. هو مغلن جي حڪمت جي ٻڏندڙ سج ۽ انگريز ڪاموري جي زال الائين الڊويل جو ذڪر ڪري ٿو جيڪا قيد جي سزا کان بچڻ لاءِ مسلمان ٿي پر ان هوندي به هوءَ پاڻ کي زوريءَ زنا کان بچائي نه سگهي ۽ هڪ تيز واپاري طبيعت جي پنجابي بزنيس مئن جو به ذڪر ڪيو آهي جيڪو دهلي جي Lutyen علائقي جي عمارتسازي لاءِ انگريز حڪومت کان ٺيڪو حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو وڃي (سر سوڀا سنگهه ليکڪ جو والد ئي اهو ”هڪ ماڻهو“ هو)، ته ان هندو نوجوان جو به جنهن جي ڀيڻ کي هندستان جي ورهاڱي دوران پاڪستان ۾ اغوا ڪري ريپ ڪيو ويو ۽ هن راشٽريا سوايام سيوڪ سانگهه (RSS) ۾ ڀرتي ٿي دهلي ۾ مسلمانن جو قتل ڪيو ۽ ان واقعي جو به اکين ڏٺو شاهد ٿيو جنهن ۾ مهاتما گانڌيءَ کي قتل ڪيو ويو.
سردار صاحب ٻڌايو ته اهو ناول “Dehli” کيس مڪمل ڪرڻ ۾ اٽڪل 25 سال لڳي ويا هئا. هن اهو ناول پنهنجي پٽ راهول سنگهه ۽ نيلوفر بلموريا کي منسوب ڪيو آهي. هن چرچن چرچن ۾ چيو ته:
“History provided me a skeleton, I covered it with flash and injected blood and a lot of seminal fluid into it”.
خشونت سنگهه جي اجازت سان هن ناول جو اڙدو ترجمو لاهور ۾ عرفان احمد خان ڪيو جيڪو سال 1988ع، ان بعد 1999ع ۾ ۽ ٻه دفعا سال 2000ع ۾ ۽ ان بعد 2005ع ۾ ڇپيو. غير قانوني طرح يعني خشونت جي اجازت بنا ته هن ناول جا اڙدو ۽ انگريزي ڇاپا ڪيترائي ڇپيا آهن ۽ ڪي ته اهڙي سادي ڪاغذ ۽ ڇپائي وارا آهن جيڪي پڙهڻ مشڪل آهن پر خشونت جا پرستار اهي به خريد ڪندي نطر اچن ٿا.
ناول ان سين تي ختم ٿئي ٿو ته اندرا گانڌيءَ کي سندس سک گارڊن قيتل ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ غصي ۾ هجوم سندس (يعني هن جرنلسٽ جيڪو پاڻ خشونت ئي چئي سگهي ٿو) جي پاڙي ۾ رهندڙ سکن جو ڪوس ڪري رهيا آهن.
ڳالهه اها آهي ته سردار خشونت سنگهه هميشه اهو ئي ڪجهه لکيو آهي جيڪو هن جي دل ۾ آيو آهي. هو هميشه پنهنجي خيال جو اظهار کلئيءَ دل سان ڪندو هو ۽ اڪثر سيڪس ۽ عورتن تي ڏنل بيانن ڪري مخالفتن جو شڪار ٿي ويندو هو. ان ڪري هو ڀارتي ادب جو “Dirty old man” (ڪمينو ڪراڙو) سڏجڻ لڳو هو. پر هن ان لقب تي ڪڏهن به اعتراض نه ڪيو. ها، انڊيا جي ”آئوٽ لڪ“ رسالي جي ايڊيٽر ونود مهتا سان هڪ دفعي ڳالهه ٻولهه ۾ چرچي خاطر ايترو ضرور چيو ته ”ماڻهو مونکي ڊرٽي اولڊ مئن ته سڏڻ لڳا آهن پر منهنجن ڪِتابن ۾ توهان کي سيڪس جو ڪو گهڻو احوال نه ملندو. مون گهڻو تڻو سنجيده موضوعن تي ئي لکيو آهي.“
ڪواسجي وانگر خشونت جو به هفتيوار ڪالم ”ود ميلس ٽوورڊز ون ائنڊ آل“ (بخشيو ڪنهن کي به نه ويندو) بي انتها مقبول هو ۽ مون جهڙا لکين ماڻهو ان کي پڙهڻ لاءِ انتظار ڪندا هئا. اڄ مونکي ڪواسجي ۽ سردارجي جي وڇوڙي جي افسوس کان وڌيڪَ هنن جي ڪالمن پڙهڻ کان محروم رهڻ جو ڏک آهي. ڪير آهي جيڪو لکڻ ۾ اهڙو سچار ۽ بولڊ هُجي.
خشونت کي هندستان جي ورهاڱي جي جنون بابت لکيل ڪتاب ”ٽرين ٽو پاڪستان“سڀ کان گهڻي شهرت ڏني. 1956ع جو ڇپيل هي ڪِتاب اڄ به ڪيترين ئي يونيورسٽين جي نصاب ۾ شامل آهي.
خشونت کي پيريءَ ۾ به ڇوڪرين ۽ عورتن سان ملڻ ۽ چرچا ڀوڳ ڪرڻ جو وڏو شوق هو. ان ڏينهن دنيا اخبار جي ڪالم نِگار محترما انجم نياز جو خشونت سان ملڻ جو احوال پڙهي رهيو هوس ته ان به ان بابت لکيو آهي ته هو پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ رکي رکي چرچن جو ”تڙڪو“ به ڏئي رهيو هو. ساڳي وقت مونکي غور سان ڏٺو ٿي ته آئون پريشان ته نٿي ٿي وڃان. حقيقت ته اها آهي ته آئون واقعي ٿورو گهڻو منجھي پئي هيس ۽ پنهنجو پاڻ تي ڪاوڙ اچي رهيو هيم ته ڇا هي احمقاڻا چرچا ٻڌڻ لاءِ هِتي آئي آهيان. هي چرچن جو دور هلندو رهيو جيسين چرن جيت سنگهه (ببلز) اتي آئي. هن جي پرڪشش شخصيت ۽ نشيلي اکيون هيون. هوءَ ريشم جي ساڙهيءَ ۾ ملبوس هئي. هن کي ڏسي خشونت سنگهه جي چهري تي رونق اچي وئي. ائين لڳو ڄڻ هن آبِ حيات پي ورتو هجي. خشونت سنگهه پنهنجي خوبصورت مهمان کي ٻڌايو ته هن ميريڊن هوٽل جي سئلون ۾، جِتي هو منهن ۽ هٿ پيرن جي مالش مساج ڪرائڻ ويو هو اتي هڪ حسينا جيڪا هن جي ٽريٽمينٽ ڪري رهي هئي، ان سان هن فلرٽ ڪيو هو ۽ پوءِ پاڻ ئي لقمو ڏنائين ته ”سب چلتا هي ...“
جنهن شامَ جو آئون خشونت سان سندس گهر ملڻ لا3 ويو هوس ان ڏينهن به مونکان علاوه باقي سندس ٽي مهمان عورتون هيون. پنهنجي پيٽارو جي اوڏ دوستن: پروفيسر رامچند ۽ سندس ڀاءُ انڪم ٽئڪس ڪمشنر نول راءِ اوڏ جي پٽن جي شاديءَ جي سلسلي ۾ ڪنڊياري ۽ ڪراچيءَ کان نڪتل ڄڃ کي دهليءَ ۾ مهينو کن رهڻو پيو هو جنهن ۾ هيڏانهن هوڏانهن گهمڻ ۽ ماڻهن سان ملڻ جو سٺو موقعو ملي ويو هو. فلم ائڪٽر فيروز خان سان منهنجي پهرين عيلڪ سليڪ هئي جنهن منهنجي خشونت صاحب سان ملاقات ڪرائي.
خشونت سنگهه وڏي عرصي کان وچ دهلي ۾ سنجن سنگهه پارڪ واري علائقي ۾ رهي ٿو. سندس زندگي جو آخري ڏينهن به اتي گذريو جِتان پوءِ سندس لاش کي ميل کن اڳيان لوڌي روڊ واري شمشان گھاٽ ۾ ساڙيو ويو. دهلي جي مشهور ۽ پاش مارڪيٽ ”خان مارڪيٽ“ جنهن جو ذڪر آئون پنهنجي پهرين انڊيا واري سفرنامي ”دهلي جو درشن ۾ ڪرري چڪو آهيان، جي بلڪل ڀرسان ”سجن سنگهه پارڪ“ وارا فلئٽ آهن جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته دهليءَ جو پهريون ”اپارٽمينٽ ڪامپليڪس“ آهي جيڪو خشونت جي والد صاحب هندستان جي ورهاڱي کان ڪجهه سال اڳ ٺاهيا هئا. سبرامنيا ڀارتي مارگ (روڊ) تي هن ڳاڙهين سرن واري اپارٽمينٽ بلڊنگ ۾ خشونت سنگهه جو گرائونڊ فلور تي E49 نمبر فلئٽ هو. هن عمارت جو نالو ”سجن سنگهه“ سر سوڀا سنگهه پنهنجي پيءُ يعني خشونت جي ڏاڏي نالي رکيو. ائڪٽر فيروز جي ڀيڻ دلشاد شيخ به هن جي پاڙيسري آهي. خشونت ٻڌايو ته فيروز خان جيئرو هو ته مون ڏي روز ڪواب موڪليندو هو يا شايد دلشاد وارا موڪلين ٿا جو ان ڏينهن به ڊنر تي ڪواب هئا. هونءَ به سندس گهر جي ڀرسان واري خان مارڪيٽ جا ڪواب سڄي دهليءَ ۾ مشهور آهن خاص ڪري ”سليم ڪباب“ ۽ ”خاص چاچا ڪباب“ شاپ وارن جا.
پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ اهو به لکندو هلان ته دهليءَ جي خان مارڪيٽ جو نالو پاڪستان جي اسفند يار جي ڏاڏي ۽ ولي خان جي والد ’خان عبدالغفار خان‘ جي نالي آهي جنهن کي ”فرنٽيئر گانڌي“ ۽ ”بادشاهه خان“ جي نالي سان پڻ ياد ڪيو وڃي ٿو. هِتي اهو به لکندو هلان ته ”باڇا خان“ به خشونت سنگهه جيتري عمر پاتي. هو 1890ع ۾ ڄائو هو ۽ 1988ع ۾ وفات ڪيائين. بهرحال دهليءَ جي هيءَ ”خان مارڪيٽ“ جيڪا پاڪستان ٺهڻ بعد ٺهي ۽ خوشونت جي والد سر سوڀا سنگهه جي ”سجن سنگهه پارڪ“ ٺهرائڻ کان ڏهه سال کن پوءِ ٺهي، دهليءَ جي ان اهم علائقي ۾ آهي جِتي زمين جو اگهه سڀ کان گهڻو آهي. هيءَ مارڪيٽ ”انڊيا گيٽ“ جي بلڪل ويجهو ان هنڌ تي آهي جِتي مهارشي رامائن مارگ (روڊ) سبرامانيا ڀارتي مارگ سان ملي ٿو. ٿورو ئي اڳتي لوڌي باغ به آهي. خان مارڪيٽ وٽ انڊرگرائونڊ ميٽرو اسٽيشن پڻ آهي. دهلي جا ڪجهه اهم روڊ جهڙوڪ شاهجهان روڊ، پرٿوي روڊ، همايون روڊ، اورنگزيب روڊ پڻ ڀرسان ئي آهن. انگريزن جي ڏينهن جي ائمبسڊر هوٽل جيڪا هاڻ ”تاج وي وانتا“ سڏجي ٿي پڻ خشونت سنگهه جي گهر واري علائقي سجن سنگهه پارڪ وٽ آهي. خشونت سنگهه جي گهر ڀرسان وهندڙ ”سبرامانيا ڀارتي روڊ“ اڳيان وڃي ڊاڪٽر ذاڪر حسين مارگ سان لڳي ٿو. انڊيا ۾ اهم روڊ کي ’مارگ‘ سڏجي ٿو جيئن ملائيشيا ۾ ”جالان“ ۽ اسان وٽ ”شاهراهه“ هونءَ مارگ لفظ سنڌي ۾ به رستي لاءِ استعمال ٿئي ٿو. شاهه لطيف جو هڪ بيت آهي ته: ”مارگ جي مرن وڏو طالع تن جو“ جيڪي روحاني واٽ ۾ ٿيون مرن، تن جو بخت وڏو چئبو. مارگ معنيٰ رستو، راهه، واٽ، ماڙ وغيره. سسئي محبت جي مارڳ ۾ مئي، تڏهن ته سندس نالو ديسان ديس وڄي ويو.
خشونت جي گهر جي ٻاهران سندس نالي جو بورڊ ته نظر نه آيو بلڪه اهو بورڊ ضرور هو جنهن تي لکيل هو:
Please do not ring the bell
Unless you are excepted
يعني توهان کي دعوت آهي يا توهان آڳهين appointment ورتي آهي ته پوءِ ڀلي ڊور بيل وڄايو. مونکي اهو به چيو ويو ته خشونت سان ملڻ وقت سندس گهر جو بيل فقط هڪ دفعو وڄائجانءِ. منهنجي جڏهن خشونت سان ٻيو دفعو دهليءَ ۾ ملاقات ٿي ته هو ڪافي ڪراڙو ٿي چڪو هو. نوي سالن جي لڳ ڀڳ هو پر ته به چرچن ڀوڳن ۾ ۽ آيل مهمان عورتن کي ڳراٽڙي پائي ملڻ ۾ نوجوان لڳو ٿي. هو پاڪستان ۽ ملائيشيا جي سياست جون به خبرون پڇي رهيو هو جنهن بابت منهنجي ڄاڻ مشڪل سان پاسنگ مارڪن يعني 33 سيڪڙو تائين مس رهندي آهي. ڏهن سالن بعد، اڳئين پير پاڳارو صاحب جي وفات کان هڪ سال اڳ جڏهن جپان کان آيل پنهنجي ڏهٽي احسن ميمڻ جي شوق تي آئون ساڻن ملڻ ويس ته ان وقت سندن عمر ۽ خبرون پڇڻ جو اسٽائيل مونکي دهلي ۾ مليل خشونت ياد ڏياري رهيو هو. منهنجي سياست ۾ اڻ ڄاڻائي ڏسي مٿيون 33 سيڪڙو پاس مارڪن وارو جملو پيرپاڳاري مون لاءِ چيو هو.
خشونت جو ڪمرو هر اديب جي ڪمري جيان لڳو. صوفي ڀرسان ننڍي ٽيبل جنهن جي مٿان لکڻ لاءِ پنا ٻئي پاسي ڊريسنگ ٽيبل جهڙي الماري جنهن تي ميڪ اپ جي سامان بدران رڳو ڪِتاب ئي ڪِتاب. مٿي تي پڳڙيءَ بدران پشم جي ٽوپي جيڪا اسان ناروي ۽ سئيڊن جي سيءَ ۾ گهر ۾ پائي وهندا هئاسين. صوفي جي پويان ”بُخاري“، جنهن ۾ سياري ۾ ڪاٺيون ٻاري ڪمري کي گرم رکبو آهي.
خشونت کي جِتي ادب، شعرو شاعري، جرنلزم جو شوق آهي اتي پيرپاڳاري وانگر سياست جو به آهي. هو وزير اعظم اندراگانڌيءَ سان 1960ع ۾ تمام ويجھو رهيو. ان بعد 70 ۾ ۽ هڪ دفعو وري 1980ع ۾ به هو اِندرا جي تعريف ڪندو رهيو ۽ هن جي ڪچن ڪئبينيٽ جو ميمبر رهيو. خشونت سنگهه جي جن پرستارن کي سندس اها ڳالهه نٿي وڻي انهن ماڳهين سندس نالو ”خوشامدي ٽوڊي (Toady) سنگهه“ کڻي رکيو، پوءِ 1984ع ۾ جڏهن اِندرا سکن جي امرتسر واري اهم مندر (Golden Temple) تي حملو ڪرايو ته خشونت حڪومت طرفان کيس مليل ايوارڊ واپس ڪري ڇڏيو ۽ اندرا جي سياست ۽ پارٽي کي هميشه لاءِ باءِ باءِ ڪري ڇڏيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته گهڻو گهڻو پوءِ اندرا جي ننهن سونيا گانڌيءَ خشونت کي سندس لکڻين تي ان کان به وڏو ايوارڊ ڏنو. امرتسر جي گولڊن ٽيمپل واري حملي ۾ 450 کان مٿي سک ماريا ويا. پنجن مهينن بعد اندرا گانڌيءَ کي سندس ٻن سک گارڊن قتل ڪري ڇڏيو. هندو جوش ۾ اچي ويا ۽ دهليءَ ۾ سکن جي مار مارا شروع ڪري ڏنائون. اسان واري خشونت سنگهه دهلي ۾ موجود سئيڊن جي سفارتخاني ۾ وڃي پناهه ورتو..... جنهن بابت هو پنهنجي ڊائري ۾ لکي ٿو ته:
“I felt a refugee in my own country”
بهرحال، خشونت ان ڳالهه جي حق ۾ بلڪل نه هو ته سک پنهنجو الڳ ملڪ ”خالصتان“ ٺاهين.
خشونت وٽ آيل مهمان ۾ هڪ سندس Best فرينڊ خاتون ”سعديه دهلوي“ به هئي. سعديه جي خشونت ڏاڍي تعريف ڪئي ۽ ان بعد مونکي به اڄ تائين جڏهن موقعو ملي ٿو ته سعديه جي ڪا لکڻي پڙهيو وٺان، سعديه به پنهنجي ڪالمن ۾ خشونت جي ڏاڍي تعريف ڪندي رهي آهي جنهن مان سندس خشونت لاءِ (يا شايد سندس فقط لکڻين لاءِ) هن جي دل سان چاهت جو اظهار ظاهر ٿئي ٿو. سعديه دهلوي صوفيزم جي اسڪالر آهي. خشونت سنگهه سندس 1993ع ۾ ڇپيل ڪِتاب “Not a nice man to know” سعديه کي منسوب ڪيو آهي ۽ سندس اسڪئنڊلن واري ڪِتاب “Women and men in my life” جي ٻاهران ڪور تي سعديه دهلويءَ جو فوٽو ڏنو آهي.
سعديه جي هڪ بلاگ thedehliwala.com ۾ سعديه لکي ٿي ته ”مونکان جيڪڏهن توهان پڇندائو ته ليکڪ خشونت سنگهه جي زندگيءَ ۾ ڪهڙيون عورتون رهيون آهن ته آئون اهو ئي چونديس ته اها فقط آئون ئي آهيان. خشونت لاءِ عورتون ان ڪري ڪشش محسوس ڪن ٿيون جو هو هنن سان همدردي ڪري ٿو.... هنن جي ڏکن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي ٿو.... جن جي دل ٽٽي پئي آهي انهن کي پنهنجو ڪلهو ڏئي ٿو ۽ هنن جا ڳوڙها اگهي ٿو. هن کي هر ماڻهوءَ کي برداشت ڪرڻ جي صلاحيت آهي. مون سميت ڪيترن ئي ليکڪائن ۽ ليکڪن جي ڪامياب بنجڻ ۾ خشونت جي همٿ افزائي شامل آهي.
سعديه ٻڌائي ٿي ته هن جي خشونت سان پهرين ملاقات عرب ڪلچرل سينٽر ۾ ٿي جِتي سندس ساهيڙي امينا احمد پنهنجي خطاطي (ڪيليگرافي) جي تصويرن جي نمائش ڪري رهي هئي. خشونت ان نمائش ۾ آيل هو. هو مون ڏي وڌيو ۽ مرڪندي چيو: Why are you so beautiful مون کلندي وراڻيو مانس ته: Because I am a beautiful person. هن مونکي ٻئي ڏينهن سندس گهر ”سجن سنگهه پارڪ“ ۾ اچڻ جي دعوت ڏني ۽ آئون ان ڏينهن کان سندس گهر ايندي ويندي رهان ٿي. سندس فلئٽ منهنجي لاءِ امير، نامور ۽ بيڪار ماڻهن جي دنيا ڏسڻ جي دري آهي. خشونت جي هن فلئٽ تي مون ملڪ جي صدرن، اسيمبلي، ميمبرن، مذهبي رهنمائن، مفڪرن، آرٽسٽن، اديبن، شاعرن، سوداگرن، مظلوم عورتن، لالچي مردن ۽ خبر ناهي ڪهڙي ڪهڙي قسم جي ماڻهن سان ملاقات ڪئي. منهنجي خشونت سان ايڏي ته دوستي وڌي وئي جو هو مونکي ڪڏهن ڪڏهن گهمائڻ، ماڻهن جي گهرن ۽ پبلڪ فنڪشنن ۾ به وٺي هلڻ لڳو. سندس زال ڪنول به مونکي پسند ڪيو ٿي ان ڪري هن کي منهنجي خشونت جي بيڊروم ۾ وڃڻ تي به اعتراض نه هوندو هو. جيتوڻيڪ ٻين عورتن کي فقط اسٽڊي روم تائين محدود رکيو ٿي ۽ هر هڪ کي ڊنر لاءِ آڌر ڀاءُ نٿي ڪيو....“
هڪ دفعي سعديه اخبار وارن کي خشونت لاءِ ٻڌايو هو ته:
“We grew to share an incredible bond, a friendship that continue to nurture me intellectually & emotionally.”
سعديه ٻڌايو ته سندس خشونت سان دوستي تي ڪيترن کي ساڙ به رهي ٿو ۽ ڪيترا اهو الزام هڻن ٿا ته ”منهنجا اخباري ڪالم آئون نه پر خشونت لکي ٿو. دراصل ڳالهه اها آهي ته خشونت ۽ مونکي هن شهر دهلي ۽ اڙدو شاعريءَ سان پيار آهي. خشونت کي مسلمانن لاءِ دل ۾ همدردي آهي، خاص ڪري مسلمان عورتن لاءِ.“
ڪيترا پڙهندڙ شايد سوچيندا هجن ته هيءَ سعديه دهلي ڪير آهي. منهنجي عمر جا خاص ڪري ۽ ٽيهه چاليهه سال کن ننڍا سعديه جي ادبي فئملي کان چڱي طرح واقف هوندا جيڪي 1987ع تائين اڙدو جو مشهور ادبي ۽ فلمي رسالو ”شمع“ ڪڍندا رهيا. اسان ته اڃان ننڍن ڪلاسن ۾ پڙهندا هئاسين ته اسانجي ڳوٺ ۾ به شمع رسالو مشهور هو جنهن کان وڌيڪَ ان ۾ ايندڙ ”شمع معما“ جيڪي صحيح طرح ڀرڻ سان انعام مليو ٿي. هي انعام ان وقت جي حساب سان ڪافي وڏا هئا جو ڪنهن کي ڪو ٽيون انعام مليو ٿي ته به سڄي شهر بلڪه اوسي پاسي جي شهرن ۾ به وڏي هاڪ هلي ٿي.
وڏڙن کي اڪثر ڏسبو هو ته چانهه جي هوٽلن تي صحيح جواب لاءِ مٿا ڪٽ پيا ڪندا هئا. هڪ دفعي 1955ع ڌاري اسانجي هڪ عزيز ۽ سنڌي جي مشهور شاعر سائين عبداللطيف ساقيءَ جو به انعام نڪتو هو. سڀ کان گهڻو چرچو شاهي بازار جي هڪ درزيءَ جو هوندو هو جنهن جي دڪان تي هر وقت شمع معما جي صحيح حلن (جوابن) بابت گرما گرم بحث هلندو رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن چرچي ڀوڳ لاءِ کيس مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ به گهرائيندو رهندو هو جو سندس گهر به اتي مخدومن جي بنگلي واري گهٽيءَ ۾ هو. مخدوم صاحب جن پهريون لُڪِ ۾ هڪ ڌارئين کي بيحد سنجيده لڳندا هئا پر هنن ۾ ادبي ۽ شعر و شاعري سان گڏ حسِ لطافت (Sense of Humor) به زبردست هئي. سندس وفات تائين آئون هنن وٽ پنهنجي والد صاحب گل محمد شيخ جيڪو هنن جو همعمر، کير شريڪ ڀاءُ ۽ دوست هو يا پنهنجي وڏي ڀيڻوئي ڊاڪٽر محمد عابد ميمڻ جيڪو هنن جو جنرل فزيشن هو، سان گڏ ويندو رهيس ۽ سندن شاعريءَ کان وڌيڪَ سندن وقتائتا چرچا ۽ مزاحيه جملا ٻڌي لطف اندوز ٿيندو هوس. سندن پهريون چرچو جيڪو اڃان تائين ياد اٿم ۽ اها سين اکين اڳيان ڦري رهي آهي، اڄ کان 61 سال اڳ جو آهي. انهن ڏينهن ۾ مخدوم اعجاز جي ڪوٽ ۾ سوئر ۽ ڪتن جي ويڙهه ٿيندي هئي جنهن کي ڏسڻ لاءِ شهر جا ماڻهو اچي گڏ ٿيندا هئا. هاڻ ثواب يا گناهه جو بحث نٿا ڪريون. انهن ڏينهن ۾ نه ٽي ويون هيون نه سئنيما هال، نه شراب خانا هئا ۽ نه جوا خانا، ماڻهن نه چوريون ڪيون ٿي ۽ نه خونريزون.... بس مهيني ڏيڍ ڪو سوئر جھلبو هو ته هن کي ڪتن سان ويڙهائڻ جو پڙهو ايندو هو ۽ ڳوٺ جي ماڻهن لاءِ اها ئي هڪ وندر هوندي هئي. هڪ دفعي ڪو اهڙو طاقتور سوئر اچي ويو جنهن لاءِ چون ٿا ته راڻيپور جي پير موڪليو هو، سڀ ڪتا چٽ ڪري ڇڏيا پاڻ اهڙو ئي تازو نوبنو چڪر هڻي رهيو هو. ڪتن لاءِ شوقينن کي سڏ ٿيندا رهيا پر ڪو ڪتو موجود نه هو. مخدوم صاحب سندن ڀر ۾ ويٺل منهنجي والد صاحب ۽ ٻين دوستن: قاضي عبدالعليم، الهه بچايو گاجڻي، محمد صديق گاجڻي، اسماعيل انصاري ڪِتابن واري ڏي ڏسي، شمع معما ڀريندڙ درزيءَ جو نالو وٺي چيو ته هاڻ ان کي هيٺ موڪلجي ته ويهي شمع معما ڀري. ان تي سڀني ٽهڪ ڏنا. بهرحال هي اڙدو رسالو ’شمع‘ سڄي کنڊ ۾ مشهور هو شمع رسالو دهلي مان ’شمع گهر‘ مان نڪتو ٿي جنهن ۾ رسالي جو ايڊيٽر يونس دهلوي (سعديه جو پيءُ) ۽ چيف ايڊيٽر يوسف دهلوي (سعديه جو ڏاڏو) رهيو ٿي. هي شمع گهر ”سردار پٽيل روڊ“ تي آهي جِتي 1957ع ۾ سعديه جنم ورتو. اڄڪلهه هن عمارت ۾ ”باهو جان سماج پارٽي“ جو هيڊ ڪوارٽر آهي.
سعديه اڄ ڪلهه انڊيا جي چڱي مشهور ليکڪا ۽ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪندڙ آهي ۽ انگريزي اخبار ”هندستان ٽائيمس“ کان علاوه اڙدو جي اخبار ”فرنٽ لائين“ ۾ پڻ سندس ڪالم ايندا رهن ٿا. پاڻ اجمير جي خواجا غريب نواز ۽ دهلي جي حضرت نظام الدين اولياء جي پوئلڳ آهي. پاڻ پنهنجي پٽ سان گڏ رهي ٿي. 2009ع ۾ سندس صوفيزم تي ڪِتاب هار پرڪولنس وارن ڇپيو جنهن جو نالو آهيSufism: The Heart of Islam سندس ٻيو ڪِتاب ”دي صوفي ڪورٽ يارڊ: درگاهز آف دهلي“ پڻ ساڳي پبلشر 2012ع ۾ ڇپيو.
خشونت سنگهه Not a Nice man to know ڪِتاب جيڪو سعديه کي منسوب ڪيو آهي ان ۾ سعديه لاءِ لکي ٿو:
“Dedicated to Sadia Dehlvi, who gave me more affection and notoriety than I deserve.”
”مين ائنڊوومين ان ماءِ لائيف“ ڪِتاب ۾ خشونت هڪ سڄو چئپٽر سعديه تي لکيو آهي. سعديه دهلوي کان ڪنهن انٽرويو ۾ جڏهن اهو پڇيو ويو ته تون هڪ وقت ڪراچيءَ ۾ به رهي چڪي آهين توکي ڪراچي ۽ دهليءَ ۾ ڪهڙيون ڳالهيون ساڳيون لڳن ٿيون؟ سعديه وراڻيو هو ته: ”جي ها. منهنجو مڙس پاڪستاني هو. اسان اسلام آباد، لاهور ۽ آخر ۾ ڪراچيءَ ۾ به رهياسين. منهنجي دماغ ۾ پاڪستان جون ڪيتريون ئي يادون آهن پر دهلي ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪا ورلي هڪجهڙائي آهي. اڃان به لاهور کي دهليءَ سان ڀيٽي سگهجي ٿو. ٻنهي شهرن ۾ ڪجهه شين جي ساڳائيءَ جو احساس ٿئي ٿو.... ٻيو نه ته تاريخ جي خيال کان، آب هوا ۽ ڪلچر جي خيال کان! هونءَ ته پاڪستان ۾ رهڻ دوران پورو ٽائيم آئون مونجھاري ۽ ڊپريشن جو شڪار رهيس ... مونکي ڪٿي به ڪا کليل جاءِ نه ملي جِتي مونکي پنهنجي وجود جي آزاد هجڻ جو احساس ٿي سگهي جيڪو انڊيا ۾ هر وقت رهي ٿو. دهليءَ جي ايئرپورٽ تي پير رکڻ سان مونکي فرحت اچي وئي ۽ رب جا شڪر ادا ڪيم ته چڱو جو منهنجي وڏن دهليءَ ۾ ئي رهي پوڻ کي ترجيح ڏني.
دهلي ڪي ناٿا ڪڇهه اوراقِ مصور ٿي
جو شڪل نظر آئي تصوير نظر آئي
بهرحال هِتي پاڻ خشونت سنگهه جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون ته هو هڪ وڏو ارڏو ۽ بيباڪ ناول نِگار، ڪالم نگار، وڪيل، سياستدان ۽ صحافي هو جيڪو اڄ اسان کان جُدا ٿي ويو آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته اڄ مذهبي انتها پسندي، لسانيت ۽ فرقيواريت جي باهه ۾ ٻرندڙ ”پاڪ هند“ ۾ سيڪيولرزم جي پرچار ڪندڙ هڪ وڏو وڪيل ۽ هندوستان ۽ پاڪستان وچ ۾ دوستي جي خواهش جو هڪ وڏو نالو هيءَ دنيا ڇڏي ويو آهي. بقول ذوالفقار هاليپوٽي (سنڌ جي جرنلسٽ) جنهن جي خشونت سان آخري ڏينهن ۾ مُلاقات ٿي ”خشونت سنگهه گهڻ رنگي ۽ گهڻ رخي طبيعت رکندڙ ماڻهو هو. سياسي ڪالم لکندو هو ته لڳندو هو ته سندس جهڙو سياسي تجزيي نِگار ورلي ڪو ملي. وري جنهن مهل ناول لکندو هو ته هن جو خيال هن جو گهاڻيٽو، لهجو ۽ ٻولي پڙهندڙ کي سحر انگيز ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندو هو. هو جنهن مهل شخصيتن جا پروفائيل يا تعزيتي مراسله لکندو هو ته لڳندو هو ته هن جهڙو درد دل ۾ رکندر ڪو ماڻهو دهليءَ ۾ نه ملندو ۽ وري جنهن مهل هو پنهنجي محبوب شهر دهلي جي اپر ڪلاس سياستدانن، صنعتڪارن، سول سرونٽس ۽ ٻين جي منافقانه ڪردار، انهن جي سيڪس لائيف ۽ شهر ۾ ٿيندڙ ٻين گهوٽالن بابت بي رحم تبصرا ڪندو هو ته ماڻهو کيس بدتميز ۽ ڇڙواڳ رائيٽر سڏيندا هئا. بقول احمد نديم قاسمي جي
عشق نه ٿا تو نقطي پي نقطا، بات سي بات نڪلتي ٿي
جب هوا عشق، تو آخري دم تڪ ايڪ هي افسانا چلا
خشونت ڇا ڇا نه لکيو. عورت، عشق، سيڪس، رومانيت، سياست، تاريخ، ثقافت ... هن هر موضوع تي ڪيترائي شاندار ڪِتاب تخليق ڪيا. سندس بهترين ڪِتابن ۾ دي گڊ، دي بئڊ، ائنڊ دي ريڊيڪيولس، ايگونسٽ خشونت، دي ڪمپني آف وومن، دي پورٽريٽ آف ليڊي، ايبسوليوٽ خشونت سنگهه ۽ ٻيا ڪيترائي زبردست ڪِتاب شامل آهن. هن سان ماڻهن جا ”لو ـــ هيٽ“ (محبتن توڻي نفرتن) وارا لاڳاپا رهيا. ڪن کي هو بي انتها وڻندو هو ته ڪن هن کي The Last Pakistani living on Indian soil قرار ڏنو. هن جي پاڪستان سان پيار ڪري ڪيترا کيس پاڪستان جو جاسوس به سمجھندا هئا.
خشونت سنگهه گارين وارا چرچا ڀوڳ ڪرڻ کان مشهور هجڻ جي باوجود هن هڪ ڊسپلينڊ زندگي گذاري ۽ هر شيءِ عادت مطابق ڪيائين. زندگي جا آخري سال به هو صبح جو 4 بجي اٿندو هو ۽ صبح جو وقت لکڻ پڙهڻ ۾ لڳائين ٿي، منجھند جو آرام ڪيائين ٿي. روزانو 7 بجي گهرايل مهمانن جي آڌر ڀاءُ ڪيائين ٿي ۽ ٻه پيگ وسڪيءَ جا پيتائين ٿي پنهنجي هڪ مضمون ۾ هو لکي ٿو ته هو انڊين ڇو آهي؟
پنهنجي ئي ڪيل ان سوال جو جواب ڏئي ٿو ته: ”ان ڪري جو مونوٽ ٻي ته ڪا Choice آهي ئي ڪانه. آئون انڊيا ۾ ئي ڄائس سو انڊين ٿي پيس. جيڪڏهن ڌڻي تعاليٰ هن ڌرتيءَ تي پيدا ڪرڻ کان اڳ مونکان ان سبجيڪٽ تي صلاح مشورو ڪري ها ته آئون ضرور ڪنهن اهڙي ملڪ جي چونڊ ڪريان ها جيڪو اميريءَ ۾ وڌ هجي ها، آدم شماريءَ ۾ گهٽ هجي ها، شراب ۽ مختلف کاڌن تي بندش نه هجي ها ۽ مذهبي منافقت کان پاڪ هجي ها....“
خشونت سنگهه 1939ع ۾ جڏهن 24 سالن جو هو ته ”ڪنول مَلڪ“ نالي ڇوڪريءَ سان شادي ڪيائين ۽ کيس هڪ پٽ راهول سنگهه ۽ هڪ ڌيءَ مالا سنگهه ٿي. سندس زالَ کانئس 13 سال اڳ 2001ع ۾ گذاري وئي. خشونت کي موت جو سوچي پريشاني ضرور ٿيندي هئي ۽ هن جي خواهش هوندي هئي ته هو چڙهي جُتي سوار ٿي وڃي ۽ ٻي جي محتاجيءَ کان بچيل رهي. ۽ واقعي ٿيو به ائين ئي. سندس پٽ راهول ٻڌائي ٿو ته خشونت آخر تائين ٺيڪ ٺاڪ ۽ پنهنجن پيرن تي هلندو رهيو. آخري ٻه ڏينهن هو ڪجهه دير سان ستو. وفات وري ڏينهن به پنهنجي روٽين مطابق صبح جو چئين بجي اٿيو ۽ صبح جو ستين بجي پنهنجي دل پسند وسڪي پيتائين ۽ نيرن ڪيائين. روز وانگر ان ڏينهن به اخبارون پڙهندو رهيو ان بعد ڪراس پزل (معما) حل ڪندو رهيو جن جو هن کي ڏاڍو شوق هو. هن جو ذهني توازن بلڪل فرسٽ ڪلاس هو ۽ پوءِ هڪ ۾ 15 منٽ هئا ته هن کي اوچتو دل جو دورو پيو ۽ سيڪنڊن ۾ ساه نڪري ويس.
2010ع ۾ موت بابت خشونت سنگهه جا لکيل ويچار بلڪل پڙهڻ جهڙا آهن: هو لکي ٿو ته: ”اسانجي گهرن ۾ موت جو ذڪر ڪو رولي ٿئي ٿو. خبر ناهي ڇو! جڏهن ته اسان مان هر هڪ اهو سمجھي ٿو ته موت کي اچڻو ئي اچڻو آهي ۽ اسانکي ڪيرائڻو اٿس. موت کان ڪو بچي نٿو سگهي جيئن ياس يگانا چنگيزيءَ چيو آهي ته ”خُدا ۾ شڪ هو تو هو، موت ۾ نهين ڪوئي شڪ“. ۽ هر هڪ کي ان کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻ کي تيار رکڻ کپي.
”95 ورهين جي ڄمار ۾ آئون موت جو سوچيان ٿو. آئون موت بابت هر هر سوچيندو رهان ٿو پر ان جي پريشاني ۾ پنهنجي ننڊ نٿو خراب ڪريان. آئون انهن جو سوچيندو رهان ٿو جيڪي هن جهان مان هليا ويا آهن. ڪيڏانهن هليا ويا آهن؟ هينئر هو ڪٿي هوندا؟ مونکي انهن سوالن جا جواب نه آهن: توهان ڪيڏانهن ويندائو، مرڻ کانپوءِ ڇا ٿيڻو آهي. دل وندرائڻ لاءِ فقط عمر خيام جي رباعي ڌيان ۾ ايندي آهي.
“There was a door to which I found no key,
There was a veil through which I could not see,
Some little talk awhile of Me and Thee,
There seemed - and then no more of thee & Me”
خشونت پنهنجي هڪ مشهور ڪِتاب ”ڊيٿ ائٽ ماءِ ڊور اسٽيپ“ ۾ لکيو آهي ته: موت ڪنهن کي به معافي نٿو ڏئي. هن ان ڪِتاب جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته: ”موت بادشاهه جي به ائين وَٺَ ڪندو آهي جيئن عام فقيرن، سنتن، ساڌوئن ۽ اوِتارن جي. موت جڏهن اچي ٿو ته هن کي نه جوانن تي قياس اچي ٿو نه پوڙهن مڙهن تي رحم. ان ڪري اسان مان هر هڪ تي لازم آهي ته جڏهن هو قهار سِر تي چڙهي اچي بيهي رهي ته بجاءِ ڊڄڻ ۽ ڪنبڻ جي مُرڪي ان جي آجيان ڪريون.“
مٿين ڪِتاب يعني ”موت منهنجي چائنٺ تي“ ۾ هُو وڌيڪَ لکي ٿو ته: ”آئون هڪ حقيقت پرست ماڻهو آهيان. ان ڪري موت بعد، جنم وٺي وري زمين تي موٽي اچڻ کي خام خيالي ٿو ڄاڻان، يعني هندن واري اواگون يا پُنر جنم ۾ مُنهنجو ڪو به ويساهه ڪونهي.... معنيٰ جيڪو هڪ دفعو ويو سو سدائين لاءِ ڇُٽو! دئٽس آل! ان کان علاوه آئون به چاچا غالب سان شامل راءِ آهيان ته:
هم ڪو معلوم هي جنت ڪي حقيقت ليڪن
دل ڪو بهلاني ڪو غالب يه خيال اڇا هي
خشونت جي يارن دوستن ۽ محبوبائن جو هڪ وسيع ٽولو هو جنهن ۾ ملڪ جا صدر، وزير اعظم، چيف جسٽس، وڏا اداڪار..... شاعر.... موسيقار.... مصور ۽ عام شهري.... سڀ اچي ويا ٿي. هو ڳالهائڻ توڙي لکڻ جي معاملي ۾ بيباڪ اهڙو هو جو هڪ دفعي لکيائين ته: ”مونکي جيڪڏهن پنهنجن ويجھن دوستن جي فهرست ٺاهڻ لاءِ چيو ويندو ته انهن ۾ مٿين نالن ۾ منهنجي وفادار ڪتي سمبا جو نالو هوندو.“
خشونت ٻڌائي ٿو ته ”مون هڪ دفعي دلائي لاما کان پڇيو ته انسان کي موت کي ڪيئن منهن ڏيڻ کپي؟ هن مونکي mediation جو مشورو ڏنو. مونکي ڪو موت جو خوف ناهي ۽ ان کان ڊڄان ٿو. اهو ته هر صورت ۾ اچڻو آهي. جيئن ته ان تي مون ڪافي غور فڪر ڪيو آهي ان ڪري آئون ان بابت پريشان نه آهيان. بلڪه آئون ان لاءِ تيار آهيان جيئن اسد الله مرزا غالب لکيو آهي ته:
رَو مين هي رخشِ عمر، ڪهان ديکيي ٿمي
ني هاٿ باگ پر هين نه پا رڪاب مين
(عمر آهي جيڪا گهوڙي وانگر ٽاپيون هڻندي اڳيان پئي وڌي، ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ڪٿي بيهي رهي. اسان جي هٿ ۾ نه هن جون واڳون آهن ۽ نه اسانجا پير ان جي رڪاب ۾ آهن.)
منهنجا سڀ همعمر جيڪي هتي انڊيا ۾ هئا يا پاڪستان ۽ انگلئنڊ ۾، سڀ هڪ هڪ ٿي گهليا ويا آهن. خبر ناهي ته سال ٻن کان پوءِ آئون به ڪٿي هوندس. موت کان ته ڊپ نه اٿم پر ان ڳالهه جو خوف ضرور اٿم ته ڪنهن ڏينهن پنهنجي اکين جو نور نه وڃائي وهان يا وڏي عمر ڪري لولو لنگڙو ٿي پوان ۽ ٻين جو محتاج ٿي رهان. آئون هونءَ ئي پنهنجي ڌي مالا تي ڪافي بار آهيان آئون هن تي وڌيڪَ بار نٿو ٿيڻ چاهيان.
منهنجي دل ۾ اها آس آهي ته موت مون وٽ ماٺ مٺوڙي ۾ اچي ۽ مونکي گهڻي تڪليف نه ڏئي. بس گھاٽي ننڊ مان ئي مونکي کڻي وڃي. ان جي اچڻ تائين آئون چاق چڱو ڀلو هجان ۽ هر ڏينهن پنهنجي ڪم ۾ مشغول هجان. ڪرڻ لاءِ مون وٽ اڃان به ڪيترو ئي ڪم رهي ٿو. ڇا مونکي اهو ڪم پورو ڪرڻ جي مهلت ملندي. بهرحال پنهنجو پاڻ کي آئون ڊاڪٽر اقبال جو هي شعر ٻڌائي مطمئن ڪندو رهان ٿو:
باغِ بهشت سي مجهي حڪمِ سفر ديا ٿا ڪيون؟
ڪارِ جهان دراز هي، اب ميرا انتظار ڪر
(اي ربَ تو جنت جي باغَ مان مونکي ڪڍڻ جو حڪم ڇو ڏنو؟ بهرحال هن دنيا ۾ منهنجو ڪافي ڪم اڃان رهي ٿو، هاڻ منهنجو انتظار ڪر.)
”سو آئون اڪثر ”بڙي ميان“ (پنهنجي رب کي وقت بوقت آئون ان نالي سان مخاطب ٿيندو آهيان) کي چوندو رهندو آهيان ته هاڻ ٿورو صبر ڪر مونکي اڃان هن دنيا ۾ ڪافي ڪم مڪمل ڪرڻو آهي. آئون انگريز شاعر ٽينيسن جي هنن سٽن تي يقين رکان ٿو:
Sunset and evening star,
And one clear call for me,
And way there be no moaning of the bar,
When I put out to sea...
Twilight and evening bell,
And after that the dark!
And may there be no sadness or farewell,
When I embark.”
دراصل آئون جين ڌرم جي ان فلسفي ۾ يقين رکان ٿو ته موت هميشه ملهائڻ گهرجي. جڏهن به مونکي مايوسي ۽ ڊپريشن ٿئي ٿي ته آئون ڪنهن شمشان گھاٽ جو رخ رکان ٿو جِتي مُڙدن کي سڙندو ڏسي پاڻ کي بهتر سمجان ٿو. اهو عمل منهنجي لاءِ ٿيراپيءَ جو ڪم ڪري ٿو. دراصل، مون ته پنهنجي قبر لاءِ ڪتبو به لکي رکيو آهي:
“Here lies one who spared neither man nor God
Waste not your tears on him, he was a sod
Writing nasty things he regarded as great fun
Thank the lord he is dead, this son of a gun.”
(هِتي اهو شخص دفن آهي، جيڪو جيستائين زندهه هو ته، نه پنهنجو پاڻ کي معاف ڪيائين، نه ڀڳوان کي بخشيائين! ان ڪري اهڙي بد مزاج ماڻهوءَ لاءِ پنهنجا قيمتي ڳوڙها ضايع نه ڪجو، هو هڪ نهايت گناهگار شخص هو، جيڪو پنهنجي فضول تحريرن کي ماڻهن لاءِ تفريح تصور ڪندو هو. ڀڳوان جا لک لک شڪرانا، جو هاڻي هو مري چڪو آهي ۽ اهو به سدائين جي لاءِ.....!“
بهرحال قبر جي ڪتبي لاءِ لکيل لفظ (epitaph) لاءِ ٻيا به ڪيترا اديب، شاعر مرزا قليچ بيگ کان سعادت حسين منٽو جهڙا وصيت ڪري ويا. سڪندر اعظم جي قبر تي ڪتبو آهي ته ”اهو شخص جنهن لاءِ سڄي دنيا به گهٽ هئي ان لاءِ هاڻ قبر ڪافي آهي.“ اسانجي مشهور راڳي ڪندن لعل سهگل وصيت ڪئي هئي ته ”منهنجو جنازو کڻڻ مهل منهنجي گاني جو رڪارڊ وڄائجو: جب دل هي ٽوٽ گيا، اب جي ڪر ڪيا ڪرين هم.“ هڪ حسابن جي ماهر Ludolph Van Ceulen جي قبر تي فقط هي انگ لکيل آهي:
3.14159265358979326846264338327950
مئٿس جا شاگرد سمجھي ويا هوندا ته اهو انگ ڇا آهي؟ اها پاءِ جي Value آهي جيڪا هن ڊچ حسابدان لڊولف ايجاد ڪئي ... جيڪا ٻن گولن (Circles) جي circumference جو سندن قطر سان ratio ڪڍڻ لاءِ ڪم اچي ٿي. يا ڪنهن گول جي گهيري يعني circumference جي ماپ ڪڍڻ لاءِ گول (circle) جي قطر (diameter) کي هن Pye سان ضرب ڏني وڃي ٿي.
گهڻو گهڻو اڳ 1943ع ۾، جڏهن خشونت 28 سالن جو هو ته هن پنهنجي موت جي خبر لکي هئي جيڪا سندس ڪهاڻين جي مجموعي ۾ “Posthumous” جي عنوان سان ڇپي هئي. ”ان مضمون ۾،“ خشونت ٻڌائي ٿو، ”مون اهو تصور ڪيو هو ته روزناما انگريزي اخبار ”دي ٽربيون“ جي پهرين صفحي تي منهنجي ننڍي فوٽوءَ سان گڏ منهنجي مرڻ جي خبر شايع ٿئي ته ڪيئن هوندي خبر جو عنوان هوندو: ”سردار خشونت سنگهه مري ويو.“ ان بعد ننڍن اکرن ۾ هوندو: ”اسان کي اهو اطلاع ڪندي ڏک ٿو ٿئي ته سردار خشونت سنگهه ڪالهه شام جو 6 وڳي مري ويو. پٺيان سوڳوار ۾ هن نوجوان زال، ٻه معصوم ٻار ۽ وڏو تعداد دوستن ۽ پرستارن جو ڇڏيو آهي. سندس جنازي تي ملڪ جا ڪيترائي اهم ماڻهو اچي گڏ ٿيا.....“ تقريباً ستر سالن بعد سندس وفات تي واقعي ملڪ جا اهم ماڻهو اچي گڏ ٿيا ۽ دنيا ۾ رهندڙ انيڪ پرستارن کي سندس مرڻ جو ڏک آهي. سندس وفات تي انڊيا جي وزير اعظم منموهن سنگهه ٽويٽ تي ميسيج ڪيو ته خشونت سنگهه هڪ باصلاحيت مصنف ۽ پيارو دوست هو. هن واقعي هڪ تخليقي زندگي گذاري.
مشهور تاريخدان رام چندر لکيو آهي ته خشونت سنگهه پنهنجي سکن جي تاريخ جي ڪري ياد ڪيو ويندو. جيتوڻيڪ اسان هن کي وساري سگهون ٿا پر هن جا ڪِتابَ ۽ سخاوتون هميشه ياد رکيو وينديون. مصنف امتياو گهوش خراج تحسين پيش ڪندي لکيو آهي ته عظيم مؤرخ، ناول نِگار، ايڊيٽر، ڪالم نِگار ۽ هڪ شاندار ماڻهو ”خشونت سنگهه“ جو موت هڪ بيحد افسوسناڪ خبر آهي.
خشونت سنگهه جي اها عجيب ڳالهه آهي ته هو سڄي زندگي نه رڳو چرچا ٻڌائيندو رهيو پر ماڻهن سان به ڪندو رهيو ـــ خاص ڪري عورتن سان! هونءَ ٻڌڻ وارا اهو به چوندا هئا ته خشونت جا ڪم ته ڪهڙا آهن پر ساڳي وقت وري تجسس ۾ به رهندا هئا ته هن فلاڻي يا فلاڻيءَ سان ڪهڙو چرچو ڪيو. جن ڏينهن ۾ پاڻ پارليامينٽ جو ميمبر هو تن ڏينهن ۾ فلم اسٽار نرگس دت به ميمبر هئي. نرگس جي تعزيتي نوٽ ۾ خشونت لکي ٿو ته: ”پارليامينت جي اجلاس ۾ ڪلهو ڪلهي سان ملائي ويٺا هئاسين ته نرگس چيو: ”سردار جي! هو تنهنجو جيڪو بئنگلور وارو بنگلو آهي نه، ٿورن ڏينهن لاءِ ان جي چاٻي ته ڏي. آئون ٻارن سوڌو اوڏانهن گهمڻ لاءِ ٿي وڃان.“ چيومانس.... ”حاظر! پر هڪ شرط تي چاٻيون ڏيندس، چيائين: ”شرط قبول آهي،“ چيومانس: ”ته پوءِ مونکي اجازت هوندي ته پنهنجي ڪالم ۾ لکندس ته، نرگس ... بئنگلور واري منهنجي بيڊروم ۾ منهنجي هنڌ تي..... آرام فرمايو هو.“
مختلف چرچا ٻين جي نالي ٻڌائڻ لاءِ هن ٻه خيالي ڪردار بانٽا سنگهه ۽ سانتا سنگهه ايجاد ڪيا هئا جن کي هر ڳالهه ۾ ٽنبيندو رهيو ٿي.
بانٽا سنگهه سانتا سنگهه کي چيو ته مون هڪ قسم جو ڪمپيوٽر ايجاد ڪيو آهي جيڪو اسان انسان وانگر behave ڪري ٿو. ”ڪهڙي ڳالهه ۾؟“ سانتا سنگهه حيرت مان پڇڇيو. ”جڏهن هو ڪا غلطي ڪري ٿو،“ بانتا سنگهه چيو، ”ته ان غلطيءَ جو ڏوهه ٻين ڪمپيوٽر تي هڻي ٿو.“ خشونت هڪ ٻيو لطيفو ٿو ٻڌائي ته :
• انٽرويو جي دوران هڪ ائڪٽريس کان پڇيو ويو ته آيا هن جو ويجھڙائيءَ ۾ شادي جو ارادو آهي؟
نوجوان عورت انڪار ڪندي وراڻيو ته: ”آئون پنهنجي والده جي نقش قدم تي هلڻ چاهيان ٿي. آئون هن وانگر سنگل رهڻ چاهيان ٿي.
• خشونت لکي ٿو ته: ننڍن ٻارن کي توهان هنن جي زندگيءَ جا پهرين ٻه سال واڪ ۽ ٽاڪ سيکاريو ٿا ۽ پوءِ توهان هنن کي 16 سال وهڻ ۽ ماٺ ۾ رهڻ جو حڪم ڏيندا رهو ٿا.
• آئون خدا کان سائيڪل جي گهر ڪندو رهيس. پر پوءِ سمجهه ۾ آيم ته قدرت جو ڪاروبار ائين نٿو هلي آئون ويس ۽ هڪ سائيڪل چوري ڪري آيس ۽ پوءِ خدا کان ان گناهه جي معافي گهرندو رهيس.
• روشني آواز کان تمام گهڻي تيز آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪيترا ماڻهو بيحد ذهين نظر اچن ٿا ۽ پوءِ سندن ڳالهيون ٻڌي سندن اصليت جي خبر پوي ٿي.
اڄ کان نو سال کن اڳ دهليءَ ۾ خشونت سان ملاقات دوران خبر ناهي ڪيئن دين ڌرم جي ڳالهه اچي نڪتي. ان شامَ جو ڪچهريءَ ۾ موجود هڪ خاتون جيڪا جرنلسٽ لڳي ٿي تنهن چيو ته ”سر! توهان جي لکڻين ۽ ڳالهين مان پڙهندڙ کي توهان بابت اهو اميج ملي ٿو ته توهان Agnostic (لا ادري) آهيو پر توهان جي لکيل ”سِکن جي تاريخ“ ڪِتاب مان توهان جو لاڙو سک ڌرم سان لڳي ٿو ۽ توهان جي قوميت پنجابي هجڻ جو اظهار ٿئي ٿو.“
دراصل ان کان اڳ Atheist (دهريو) جي عنوان سان ڳالهه ٻولهه هلي رهي هئي ته مون کلندي چيو هو ته اسان جي ادبي دنيا ۾ دهريو سڏائڻ فيشن ٿي ويو آهي پر پوءِ مرڻ جي ويجھو پهچڻ تي اهي اڪثر وڏا مذهبي ٿي ويندا آهن ۽ هونءَ به ”بي آف بسڪي“ (انلگلنڊ جي ڀر واري خطرناڪ سمنڊ) يا سياري جي مند ۾ ڏکڻ چيني سمنڊ ڪراس ڪرڻ مهل جهاز تي مونکي ورلي ڪو دهريو نظر آيو هوندو.
بهرحال ان رات اٿڻ وارا هئاسين سردار وسڪيءَ جو آخري پيگ چاڙهيو هو ۽ زبردست قرار ۾ هو. جواب ڏيڻ بدران اسانکي چتائي ڏسندو رهيو.
۽ پوءِ مرڪندي بلهي شاهه جو شعرُ چيو:
بلها! ڪي جانان مين ڪون؟
نه مين مومن وچ مسيتان
نه مين وچ ڪفر ديان ريتان
نه مين پاکان وچ پليتان
نه مين موسيٰ، نه فرعون
بلها! ڪي جانان مين ڪون.
خشونت سنگهه جي دلپسند شاعرن مان مرزا اسد الله غالب پڻ هو. سعديه دهلوي ٻڌائي ٿي ته ”سردار جي“ ڪڏهن غالب جو هي شعر به ٻڌائيندو هو.

هم وهان هين جهان سي هم ڪو ڀي
ڪڇه هماري خبر نهين آتي!