ناول

لِڱ منھنجا لوھه

ايران جي تاجدار بادشاھه سمجھيو ھو ته عوام ته اٻوجھ آھي، انھن کي پنھنجن حقن جو ڪھڙو شعور؟ پر جي ڪڏھن عوام پنھنجا حق گھريا به، ته وفادار فوج کين نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيندي!. ايران جو عوام به نيٺ سجاڳ ٿيو ۽ جڏھن عوامي فوج، آزاديءَ جي متوالن جي فوج ميدان ۾ اچي ويئي، تڏھن شاھه جي جديد ترين ھٿيارن سان مسلح فوج به سندن راھه نه روڪي سگھي ۽ ايران ۾ عوامي عوام جو اقتدار قائم ٿي ويو. پاڻ کي ذري گھٽ خدا سمجھڻ وارو شاھه جان بچائڻ لاءِ دنيا ۾ ھنڌ ھنڌ پناھه جو طالب ٿي ڦرندو رھيو، پر نه کيس ڪٿي پناھه ملي سگھي، نه ذھني سڪون! نيٺ پرڏيھ ۾ گذاري ويو- ۽ دنيا جي امير ترين شخص کي سندس وطن ۾ قبر به نصيب نه ٿي.
عوام جي انھيءَ جنگ جو نالو آھي ’لِڱ منھنجا لوھه‘ شاھه جي فوجن، آزاديءَ جي متوالن تي ڪھڙا ڪھڙا ظلم ڪيا، ۽ ھو پنھنجي مقصد تي قائم رھي، منزل تائين ڪيئن پھتا، اھوئي سڀ ڪجھ ھن ڪتاب ۾ بيان ڪيل آھي.
Title Cover of book لِڱ منھنجا لوھه

باب پھريون : جان جان دعوا دم

(ڏاگھن، ڏيرن، ڏونگرن، ٽنھي ڏنم ڏُک،
سي سڀ ڀانيم سُک، ھيڪاند ڪارڻ ھوت جي.)
’شاھه‘
فيبروري 1971ع ۾ سياھه ڪل جو واقعو ايراني عوام جي جدوجھد جي تاريخ جي ھڪ نئين، اھم ۽ فيصلي ڪُن دؤر جي شروعات ھئي. عوام جا بھادر جوان پنھنجي تاريخي فرض ادا ڪرڻ لاءِ اُٿي کڙا ٿيا ۽ انھن سالن جي ظلم ۽ ڏاڍاين جو ڳَٽ ٽوڙي ڦٽو ڪيو ۽ دشمن جي فرعونيت جو بُت ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. حالانڪ ھن تحريڪ ۾ ڪيترن ئي انقلابين جون جانيون ضايع ٿيون، جن کي حڪومت گرفتار ڪري گولين سان اُڏائي ڇڏيو مگر جدوجھد جي شروعات ٿي چڪي ھئي ۽ جدوجھد ھلندي رھي.
عوامي عدالت غدار ۽ قاتل جنرل فريسئو تي ڪيس ھلائي کيس قتل ڪري ڇڏيو. دشمن دھلجي ويو ۽ ڏاڍ ۽ ظلم جي حالت ۾ دھشت ۽ دٻاءَ سان خوف ۽ ھراس پکيڙڻ شروع ڪيو. سياھه ڪل جي چند مجاھدن کي مارائي، حڪومت سمجھڻ لڳي ته ھُن تحريڪ کي ڄمڻ شرط ئي چيڀاٽي ڇڏيو آھي. عوامي فوج جي پندرھن نوجوانن کي ھنن گولين ۽ بي رحم تشدد وسيلي قتل ڪري ڇڏيو ۽ ھو سمجھڻ لڳا ته ھنن عوامي فوج کي ختم ڪري ڇڏيو آھي، جيڪا سندن ڀُل ھئي. جڏھن کين خبر پيئي ته ڏھه جوڌا جوان اڃا زندھه آھن، تڏھن ايران جي تاريخي حالتن ۽ وڌندڙ عوامي اُڀار کي نظر انداز ڪري، شاھه کي اڃا به ذليل زندگي بخشڻ ۽ انقلابين کي گرفتار ڪري مسلح جدوجھد ختم ڪرڻ لاءِ، ساواڪ جا دلال سر توڙ ڪوششون ڪرڻ لڳا. آخرڪار حڪومت ڏھن جوڌن جون تصويرون ڇپرائي، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ورھايون ۽ کين گرفتار ڪرائڻ واري کي وڏي رقم انعام طور ڏيڻ جي آڇ ڪئي. اھي ڏھه انقلابي ساٿي امير پرويز پويان، جاويد صلاحي، حامد اشرف منوچھرڀائي پور، اسڪندر صادقي، نزھت، عباس مفتاحي، احمد زبيروم، محمد سفاري آشتيائي، ۽ رحمت الله پائيروف نظيري ھئا. دشمن ايترو ته بدحواس ۽ نادان ٿي ويا جو سمجھڻ لڳا ته عوام پنھنجي جانباز مجاھدن کي سندن حوالي ڪري ڇڏيندو. اِن حرڪت جو نتيجو اھو نڪتو جو سڄي مُلڪ جي عوام کي خبر پئجي ويئي ته ھتي به ڪا انقلابي فوج موجود آھي ۽ ھٿياربند جدوجھد ڪري رھي آھي. عوام، عوامي انقلاب جي ڏھن اڳواڻن کان پڻ واقف ٿيو. رد عمل ايترو تيز ٿي ويو جو ماڻھن جا سينا جوش وچان ڦاٽڻ لڳا. اشتھار ماڻھن جي گھرن ۾ به پھچي چڪا ھئا. ماڻھن پنھنجن ابن ڏاڏن جي تصويرن سان گڏ ڏھن مجاھدن وارو اشتھار ٽنگي ڇڏيو. پوري قوم ۾ جوش پيدا ٿيو، ماڻھو اميدن سان ٽمٽار ٿي ويا. جانبازن سان سندن پيار ۾ واڌارو آيو ۽ چوڻ لڳا ته، ”اسان جي جان ۽ مال ھليو وڃي ليڪن مجاھدن کي ظالمن جي حوالي ڪونه ڪنداسون. اسان لاءِ مجاھدن جي جان جي بدلي ۾ مليل دولت حرام آھي.“ اھو عوام جو واعدو ھيو، ”ھي ماڻھو ته ويٽ ڪانگ جي مثل آھن.“
ڪيترائي پڙھيل لکيل نوجوان به متاثر ٿيا ۽ انھن مان ڪافي تعداد به ھٿيار بند جدوجھد ۾ شامل ٿيو. انقلاب پھريائين پُر امن نموني شروع ٿيو. پر ھنن واقعن، انقلابي واٽ تي ھلندڙ مجاھدن کي چقمق وانگر ڇڪيو ۽ تاريخي نتيجي طرف رواني ٿيڻ جو ڏس ڏنو.
”فدائين خلق“ ۾ آءٌ، ادا بھروز سان گڏ شامل ٿي ھيس. جڏھن دشمن ھنڌ ھنڌ عوامي جانبازن کي ڳولي رھيو ھو. تڏھن مان به انقلابي ساٿين پويان ۽ بندل سان گڏ رھيل ھيس. اسان کي ڪتابڙا ۽ اعلان، تيار ڪري ورھائڻ جو حڪم مليل ھو. اسان جو اصل فرض اھو ھو پر ضرورت وقت، اسان کان ٻيا به ڪيترائي ڪم ورتا ويندا ھئا.
ھر ڇاپا مار عمل کان پوءِ اسان وڌيڪ خوش ۽ پُر اميد ٿيندا ھئاسون. اسان کي پنھنجي اختيار ڪيل واٽ جي صحيح ھجڻ ۾ ڪوبه شڪ ڪونه ھو ۽ ھاڻي ھٿياربند جدوجھد رجعت پرستن ۽ سامراج خلاف جدوجھد ڪرڻ جو سچو پچو رستو ثابت ٿي رھي ھئي. پر گھٽ تجربي ھئڻ ڪري، اسان پورو تجزيو نه ڪري سگھياسون ته، ”وسيع عوامي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترو وقت لڳندو.“ جيڪا ڳالھ نظر ۾ ھئي، اھا جدوجھد جو رخ نه پر ان جي رفتار ھئي. ساٿي پويان جي راءِ ھئي ته: ”ھن جدوجھد ھلندي، اسان جي تحريڪ تي حملا ٿيندا، ڪيترائي مارجي ويندا، ليڪن اسان جي تحريڪ پُرامن آھي ۽ ’سازمان چريکائي فدائين‘ کانسواءِ به ھيءَ جدوجھد ٻيون انقلابي تحريڪون جاري رکنديون.“
14 اپريل 1971ع تي شام جو ساڍي ڇھين وڳي ساٿي پويان، گولاوي، بندل ۽ صلاحي انقلابي اڏو ڇڏي روانا ٿيا، ڇوته ھنن کي ڪتابڙا ورھائڻا ۽ پوسٽر لڳائڻا ھئا. ساٿي بندل ۽ صلاحي ڪونه موٽيا. ٿيو ھيئن جو ھڪ سابق ننڍي فوجي علملدار، ھنن کي ڀِت تي پوسٽر لڳائيندو ڏسي وٺي گوڙ مچائڻ شروع ڪيو. جيئن ته ساٿين کي ان علائقي ۾ ڪم ڪرڻ جو تجربو ڪونه ھو، سو پنھنجي موٽر سائيڪل تي چڙھي اٿي ڀَڳا. ھڪ سوڙھي گھٽيءَ ۾ ڦاسي پيا ۽ اڻ واقف ھجڻ ڪري مُنجھي پيا. اھو فوجي پٺيان شور ڪندو پئي آيو. بدقسمتيءَ سان ان ئي گھٽيءَ ۾ پوليس ٿاڻو ھو. گوڙ ٻڌندي ئي پوليس وارا ڀڄندا آيا ۽ ايندي ئي گولين جو وسڪارو لائي ڏنائون. پوليس وارا گھڻا ھئا ۽ مجاھد ٻه. جنھن ڪري پوليس مٿن غالب پئجي ويئي. نتيجي ۾ ساٿي بندل گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي، بيھوش ٿي ڪري پيو. صلاحي وڙھندو رھيو، ڀڄي ڪونه پئي سگھيو. بارود به ختم ٿي ويس. نيٺ آخري بچيل گوليءَ سان پاڻ کي ماري وڌائين، جيئن دشمن کي بڪواس ڪرڻ جو موقعو نه ملي. ”ڏھن اڳواڻن مان ھڪ اڳواڻ........“
ساٿي بندل کي پوليس اسپتال کڻائي ويئي. اتي زخمن جي مرھم پٽي ته پري رھيو، اُٿائون دشمن کيس بجليءَ جي تار وسيلي ايذاءَ رسائڻ لڳا. شروع ۾ ساٿي بندل، سخت مقابلو ڪيو، جو خود تشدد ڪندڙ نه حيرت ۾ پئجي ويا. کيس چيو ويو ته جيستائين تون تحريڪ بابت راز نه ٻڌائيندين، تيستائين تنھنجي ٽَنگ مان گولي ڪانه ڪڍي ويندي. ساٿي بندل جواب ڏنو ته، ”گولي توھان جي آھي ۽ راز منھنجو آھي، آءٌ عوام جي امانت ۾ ڪڏھن به خيانت نه ڪندس.“ تڏھن وڃي دشمن کي شرم پيو ۽ پوءِ گولي ڪڍيائونس ۽ مرھم پٽي به ڪيائونس، پر ته به پڇا ڳاڇا جاري رھي. ھڪ ڏينھن ساٿي بندل ٽين ماڙ تان ٽپو ڏنو، جيئن دشمن جي قيد مان ھميشہ لاءِ آزاد ٿي وڃي. پر ھو بچي ويو ۽ فقط ڪجھ ھڏيون ڀڳيون ۽ ڪي ٽانڪا ٽُٽا- وري ھن، پنھنجي ڄڀ ڪَٽڻ جي ڪوشش ڪئي پر دشمن جي نظر پئجي ويس ۽ قابو ڪري ورتائونس- سخت پھرو بيھجي ويو. کيس ائين به چيو ويو ته تنھنجي تنظيم جا سڀ ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آھن ۽ توھان سڀني کي گولي ھڻي ماريو ويندو. ھن جواب ڏنو ته: ”اِن ڳالھ جي ڪابه اھميت ڪانھي جدوجھد جاري آھي ۽ جاري رھندي- توھان اسان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري سگھو ٿا، پر اسان کي جدا ڪري نٿا سگھو- اسين اوھان جي آڏو ڪڏھن به ڪونه جھڪنداسون.“
مسلسل وِيھ ڏينھن ايذائن ڏيڻ جي باوجود کانئس ڪوبه راز پڇڻ ۾ ڪامياب ڪونه ٿي سگھيا. سختين دوران ان گھر جو ڏس به نه ڏنائين جنھن ۾ اسان جو ٽولو رھندو ھو. (دشمن جڏھن اتي حملو ڪيو ته اڏو خالي ٿي چڪو ھو.) ساٿي بندل جي آزاد ٿيڻ جي ڪابه واھه ڪانه ھئي. پوءِ به اسان اھا رات اتي گذاري. ٻئي ڏينھن صبح جو اسان گھر جي صفائي ڪئي ۽ غير ضروري ڪاغذ پَٽَ ساڙي ڇڏيا. ٻنپھرن جو مان ”تبريز“ رواني ٿي ويس. پر ساٿي پويان ۽ ھڪ ٻئي ساٿيءَ ٻي رات به اتي گذاري. جيڪڏھن ساٿي بندل دشمنن کي ان گھر جو ڏس ڏئي ھا ته سندس گرفتاريءَ کان پوءِ، ’ڪوچہ نيروي ھوائي‘ (ھڪ بازار جو نالو) ۾ جيڪو دشمن سان مقابلو ٿيو سو ھن ئي گھر مان وڙھڻو پوي ھا. اھا حقيقت آھي ته ساٿي ’پويان‘ جھڙي انقلابي مجاھد جي زندگيءَ جي ھر گھڙي اسان جي ھلندڙ جدوجھد لاءِ بيحد قيمتي آھي.
ٻئي ڏينھن ’تبريز‘ جي سڀني ساٿين کي مون ساٿي بندل جي گرفتاريءَ کان آگاھه ڪري ڇڏيو. آءٌ ۽ ساٿي بھروز، لڪي ڪونه ويٺاسون. ٻن ڏينھن کان پوءِ ساٿي پويان سان ٿيل واعدي موجب تھران پھتيس پر ساڻس ملاقات ٿي نه سگھي ۽ واپس تبريز موٽي آيس. ھي سفر ٻن سببن ڪري غلط ثابت ٿيو. پھريون ته ساٿي بندل تي مون کي مڪمل ڀروسو ھو، تنھن ڪري مون کي سندس گرفتاريءَ کان پوءِ يڪدم لڪي وڃڻ کپندو ھو. ٻيو ته مون گھر وارن کي چيو ھو ته آءٌ تھران ۾ پڙھندي آھيان. ان ڪري سال جي وچ ۾ تبريز اچڻ نه گھربو ھو. ٻه ڀيرا تبريز ۾ اچڻ شڪ جھڙي ڳالھ ھئي. ٻئي ڀيري آءٌ سڄو ھفتو تبريز ۾ رھيس ۽ اُتان ئي تھران آيس. ڪجھ ڏينھن کان پوءِ ساٿي بھروز به تھران پھچي ويو. اسان کي اڃا تائين اندازو ڪونه ھو ته ساٿي بندل اسان جي باري ۾ راز نه ٻڌائڻ ڪري ڪيتري قدر اذيتون سھي رھيو ھو ۽ اسان آزاد گھمي رھيا ھئاسون.
ساٿي بندل جي گرفتاريءَ کي ويھ ڏينھن گذري چڪا ھئا. مون کي حڪم مليو ته آءٌ گھر مالڪياڻيءَ سان ڀر واري مسجد ۾ ملي حالتن جي خبر چار لھان. پوري طرح جائزو وٺي، ان گھر ۾ رھندڙ ”ساواڪ“ جي ماڻھن تي حملو ڪريون. مان سج لٿي واري نماز دوران مسجد ۾ ويس ۽ گھر مالڪياڻيءَ سان ملاقات ڪيم. ھوءَ ڏاڍي پريشان نظر پئي آئي، جنھن مان ظاھر ھو ته ساواڪ وارا حرامخور سندس گھر ۾ رھندا ھئا. وري جيئن ئي ھن نماز پڙھڻ شروع ڪئي ته مان اتان کِسڪي آيس. بعد ۾ خبر پيئي ته منھنجي ملاقات کان پوءِ جڏھن به ھوءَ نماز پڙھڻ ايندي ھئي ته دشمن سندس چوڪسي ڪندا ھئا ته متان منھنجي ساڻس ٻيھر ملاقات نه ٿئي.
ھڪ ڏينھن گھڻي مارڪُٽ، اذيت ۽ تڪليف کان مجبور ٿي، ساٿي بندل ساٿي بھروز جا پار پتا ڏنا. ساواڪ جي ڇاڙتن اڌ رات جو اسان جي گھر تي ڇاپو ھنيو. سخت تلاشي ورتائون. منھنجي ماءُ کي ھڪ ڪمري ۾ بند ڪيائون ۽ جيڪو به گھر ۾ داخل پئي ٿيو، تنھن کي به گرفتار ٿي ڪيائون. ٻئي ڏينھن منھنجو ننڍو ڀاءُ محمد گھر نه پھتو، ڇاڪاڻ ته کيس گرفتار ڪيو ويو ھو. ان کان پوءِ ڀاڙيتو غنڊن منھنجي وڏي ڀيڻ جي گھر ڇاپو ھنيو ۽ سندس مڙس ڪاظم سعادتيءَ کي گرفتار ڪري، ساواڪ جي مرڪز ۾ وٺي ويا. ڪاظم فدائين خلق جي مخلص ھمدردن مان ھڪ ھيو. ھو پنھنجي گھر واريءَ ۽ ٻارن سان گھر ۾ ھيو ۽ پاڻ ڪونه لڪايو ھئائين. جڏھن گرفتار ٿيو ته پاڻ کي بيوقوف ۽ بي خبر ظاھر ڪرڻ لڳو، جيئن ساواڪ جا غُنڊا کانئس اسان بابت ڪابه پڇا ڳاڇا نه ڪن. ڀاڙيتو غنڊن گھڻي وٺ وٺان کان پوءِ کيس آزاد ڪيو- ڇو جو کين اميد ھئي ته ھو ساٿي بھروز جي گرفتاريءَ ۾ سندن مدد ڪندو. آزاد ڪرڻ وقت کيس ڌمڪي ڏنائون ته جيڪڏھن تو بھروز جي گرفتاريءَ ۾ اسان جي مدد نه ڪئي ته اسان توکي ٻيھر گرفتار ڪري، اذيتون ڏينداسين. کين اھا خبر پئجي چڪي ھئي ته ساٿي بھروز ويجھڙ ۾ ساڻس ملڻ وارو آھي. ڪاظم اھو ڄاڻي ورتو ته سندس چوڪسي ڪئي ويندي. کيس اھڙو وجھ ئي نه مليو جو ھو ساٿي بھروز کي خبردار ڪري. جنھن رات کيس آزاد ڪيو ويو، ان ئي رات ھن زھر کاڌو ۽ ڪارائين وٽان ھٿن جون رڳون ڪاٽي خودڪشي ڪيائين، جيئن دشمن کي موقعو ئي نه ملي جو ٻيھر کيس گرفتار ڪري، ڪجھ پڇڻ جي ڪوشش ڪن. جڏھن دشمن کي اھا خبر پيئي ته ھو سندس جان بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. پر انھن جون ڪوششون ناڪام ويون ۽ ساٿي ڪاظم ايران جي انقلابي شھيدن ۾ شامل ٿي ويو، ۽ سڀ راز سندس سيني ۾ دفن رھجي ويا. دشمن ھن واقعي کان ايترو ته مايوس ۽ پريشان ٿيو جو ڪاظم جي رشتيدارن پاران ڊاڪٽر تي ڪيس ڪيائون، ڇوته ھو ڪاظم جي جان بچائڻ ۾ ناڪام ويو ھيو. سندس جنازو وڏي ڌام ڌوم سان کنيو ويو. سندس جنازي ۾ ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي. جنازي جي جلوس کي ڇڙوڇڙ نه ڪيائون ڇاڪاڻ جو دشمن ساٿي ڪاظم جي موت جو ذميوار پاڻ کي ٺھرائڻ نٿي گھريو. ڪجھ ڏينھن کانپوءِ ڪيترن ماڻھن کي گرفتار ڪيائون، جنھن جو ٻين ماڻھن تي تمام گھڻو اثر پيو.
ساٿي ڪاظم حڪومت جي نامرديءَ جو ھڪ ٻيو به ثبوت مھيا ڪيو ۽ اھو ثابت ڪيو ته انقلابين جي مڪمل عزم ۽ ھمت جي مقابلي ۾ ھو ڪيتريقدر نااھل آھن. مرڻ وقت ھن جيڪي لفظ منھنجي ماءُ کي چيا، اھي ھن طرح آھن: ”دشمن منھنجي اولاد کي سخت اذيتون ڏيئي، قتل ڪندو، مگر دشمن کي ڪابه رحم جي درخواست نه ڪجانءِ، کانئس رحم جي خيرات نه گھرجانءِ، ڇوته دشمن وڏو مڪار، عيار ۽ فريبي، دوکيباز ۽ شيطان آھي.“
اسان جي گرفتاريءَ لاءِ تھران ڏانھن ويندڙ ھر رستي تي سخت چوڪسي رکي ويئي. مون پنھنجي گھر وارن کي چيو ھو ته تھران پڙھڻ پئي وڃان، جنھن ڪري دشمن تھران جي سڀني تعليمي ادارن ۾ جانچ پڙتال ڪئي ۽ رات جو اوچتو ھاسٽلن تي ڇاپا ھڻڻ شروع ڪيا.
ھڪ ڀيري لومڙ ٻُوٿِي (جيڪا پوءِ منھنجي مٿان نگران مقرر ٿي ۽ مون تي تشدد پڻ ڪيو ھئائين) رات جو ٻي وڳي پوليس جي جٿن سان ڇوڪرين جي مدرسي واري ھاسٽل تي ڇاپو ھنيو. عمارت کي چؤطرف گھيري ۾ ڪري پاڻ ھڪ ھڪ ڪمري ۾ وڃي، ڇوڪرين کي جاڳائي منھنجي باري ۾ پڇڻ لڳي. ڪن ڇوڪرين کي چيائين ته ھوءَ (پاڻ) منھنجي ماسي آھي. ۽ ڪن کي چوڻ لڳي آءٌ (اشراف) سندس ڀاڄائي آھيان. منھنجي ماءُ سخت بيمار آھي ۽ کيس وٺي وڃڻ لاءِ آئي آھيان. ڇوڪرين ڏٺو ته ڪڏھن ماسي پئي چوائي ۽ ڪڏھن مون کي پنھنجي نڻان پئي ظاھر ڪري، اھو معاملو ڇا آھي؟ سو شڪ لاھڻ لاءِ کانئس سوال ڪرڻ لڳيون. ڇوڪرين کي جڏھن پڪ ٿي ته ھوءَ منھنجي مائٽياڻي نه آھي ۽ ڪوڙ پئي ڳالھائي ته کيس ڌِڪا ڏيئي ٻاھر ڪڍيائون. دشمن جي اھا چال به ناڪام ويئي. نتيجو اھو نڪتو جو اوچتو ڇاپن ھڻڻ ڪري، شاگردن جي چڱي اڪثريت تي حڪومت جي ڪارنامن جي حقيقت کُلڻ لڳي ۽ کين اھا به خبر پيئي ته حڪومت ڪيتري جاھل، وحشي ۽ ظالم آھي.

*