باب نائون : قيد مان ڀڄڻ
ھر ڪنھن ھانوَ ۾ ھُر کُر ٿي، ڪا ڳالھ ڳري ھِن ڪرڻي آ.]
فيبروري 1972ع ۾ اسان جي تنظيم جي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن تي ڪيس شروع ٿيا. ساٿين شاھه جي عدالتن کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جن کي اھو حق ئي نه ھو ته ھو ڪنھن کي ڏوھاري ۽ بيگناھه ثابت ڪن. اسان فدائين وارن لاءِ شاھه جي حڪومت ڪٺ پتلي واري کيل جي حيثيت رکِي ٿي، ھو پنھنجي گناھن کي لڪائڻ لاءِ پردي پوشي ڪري رھيا ھئا ۽ قانون جو ڍونگ پيا رچائين. اسان جا ساٿي عدالتن جي سوالن جا جواب ڪونه ڏيندا ھئا. ھُنن کي ڪھڙي گَتي پئي ھئي جو ڀاڙيتو قاتلن جي آڏو بيھي، پنھنجي صفائي پيش ڪري، بچاءُ ڪن. اسان پنھنجو بچاءُ ڪرڻ بدران مٿن جارحانه رويو اختيار ڪيو. اسان عدالتن ۾ بيھي مٿن حملا ڪندا ھئاسين. اھو اسان جي ڇاپا مار جنگ جو زباني مورچو ھو، اسان چوندا ھئاسين ته، ” تاريخ شاھه کي نيست و نابود ڪري ڇڏيندي.“ فدائين ڪارڪن وڏي واڪي چوندا ھئا، ”توھان ڀاڙيتو قاتل عوام جا دشمن آھيو، تاريخ اوھان جي موت جو فرمان جاري ڪري ڇڏيو آھي، اسان فدائين خلق وارن توھان کي موت جي سزا ڏيڻ جو فرض پنھنجي ذمي کنيو آھي، توھان تباھيءَ طرف وڃي رھيا آھيو. جيئن جيئن ڏينھن گذرن ٿا، تيئن تيئن توھان جي جھنم وڃڻ جا ڏينھن ويجھا ٿيندا پيا وڃن. توھان خود ئي پنھنجي موت جو سامان ڪٺو ڪري رھيا آھيو. اسان عوام سان گڏجي اوھان کي ختم ڪنداسين، توھان ٻِرن جا ڪوئا آھيو، توھان اڻ مٽ تاريخي تباھيءَ ۾ لازمي ماريا ويندا ۽ توھان جي آقائن جي تباھي جا ڏينھن ضرور ايندا.“
جڏھن ايڪيھن فدائي ڪارڪنن کي نام نھاد عدالتن ۾ آندو ويو تڏھن سندن انقلابي جوش ۽ جذبو ڏسي عدالتون ڪنبڻ لڳيون. پھرين اجلاس ۾ انھن مجاھدن، ساواڪ وارن جي وردين تي ٿوڪيندي مٿن حملو ڪيو. ساٿي احمد زادي، ساواڪ جي حسين زادي کي چڱي سيکت ڏني. عدالت جي حڪم ملڻ تي ساٿي اُٿي نه ٿي بيٺا ۽ سپاھين کي طاقت استعمال ڪرڻي پوندي ھئي ۽ کين ڌڪن ھڻڻ تائين نوبت پھچندي ھئي. ھو جڏھن فيصلو پڙھي ٻڌائيندا ھئا ته ساٿي گوڙ ڪرڻ شروع ڪندا ھئا ۽ چوندا ھئا، ”اسان ايراني عوام جي رعيت آھيون، اسانجو ڌنڌو انقلاب آڻڻ آھي. اسان عوامي مجاھد آھيون ۽ اھوئي اسان جو مستقبل آھي.“ جڏھن کين آخر ۾ ڪجھ چوڻ لاءِ چيو ويو ته ھنن گجگوڙ ڪندي چيو.
”توھان ڀاڙيتو دلال آھيو، توھان کان انصاف جي گھُر ڪرڻ ٿيندو ٻٻرن کان ٻير گھرڻ.“ ان طرح ڪيسن جو رچايل سانگ ختم ٿيو ۽ اسانجي ايڪيھن فدائين ساٿين کي موت جي سزا ڏني وئي. ھڪ ڀيري منھنجِي ساٿي احمدي سان عدالت ۾ ملاقات ٿي جيڪو تبريز يونيورسٽي ۾ شاگرد ھو ۽ تبريز جي پارٽي شاخ جو ڪارڪن ھو. ھو ننڍي عمر جو ھو مگر ڏاڍو خوش مزاج ھو. ساٿين سان مذاق ڪندي، پاڻ به کِلي رھيو ھو. مون کانئس پڇيو، ”ساٿي! ڇا اڄ توھان جي ڪيس جو آخري ڏينھن ھو؟“ چيائين، ”ھائو“ مون وري پڇيو، ”ڪيتري سزا ملي آھي؟“ ھن جو ڳاٽ فخر کان اوچو ٿي ويو ۽ کلندي چوڻ لڳو، ”موت جي سزا ملي آھي.“
جڏھن منھنجو ڪَيس شروع ٿيو ته مون به حملي سان شروعات ڪئي ۽ آذربائيجان جي زندگيءَ بابت حال بيان ڪيو. ساٿي رقيه به انقلابي تقرير ڪئي. اسان کي ھن ظالم حڪومت کان ڪنھن به چڱائيءَ جي اميد ھرگز ڪانه ھئي. اسان صاف صاف چيو، ”ھن ظالم نظام جو وجود ويھين صديءَ جي پيشانيءَ تي داغ آھي، اسان عوامي مجاھد آھيون ۽ فتح حاصل ڪرڻ تائين جدوجھد جاري رکنداسون.“ دشمن، عوام کي ڪچلڻ لاءِ ٻن قسمن جون چالون استعمال ڪندو آھي. پھريون ته ھو عوام کي اذيتن ۽ وحشي سلوڪ سان دٻائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي پر جڏھن مقابلو سخت ٿي وڃي ته ھو اھو رويو تبديل ڪندو آھي. مثال طور 1971ع ۾ جھان چيت ڪارخاني جي مزدورن تي گوليون ھلايون ويون پر ان کان اڳ 1969ع ۾ٽرانسپورٽ جي ڪرايي گھٽائڻ واري مھم دوران صلح ڪيو ويو. ھو قيد ۾ به اھڙا طريقا استعمال ڪندا ھئا. ھو يڪدم اسان جي ڪوٺين ۾ اچي ڪڙڪندا ھئا ۽ تلاشيون وٺڻ شروع ڪندا ھئا. اسان کي قيد تنھائي ۾ رکندا ھئا، مگر اسان به پڪو پھ ڪيو ته اسان جي زندگيءَ جي ھر گھڙي دشمن خلاف جدوجھد ۾ گذرندي ۽ اسان پنھنجو انقلابي فرض پورو ڪندا رھنداسين. قيد خاني ۾ جڏھن به قيدي پنھنجا حق وٺڻ لاءِ احتياج ڪندا آھن ته آفيسر ھٿيار ڦٽا ڪندا آھن. ھو وري رڪاوٽون وجھڻ شروع ڪندا ۽ قيدين کي ٻيھر احتياج ڪرڻو پوندو آھي. جڏھن شيرين، رقيه ۽ آءٌ ان قيد خاني ۾ پھتيونسين ته ساواڪ جي لکيل قانون موجب اسان کي عام قيدي عورتن سان ملڻ جي اجازت ڪانه ھئي پر اسان کي ٻن عام قيدي عورتن سان گڏ رکيو ويو، اھي ٻئي عورتون مالدار ھيون، جن تي دوکيبازي ڪرڻ جو الزام ھو. انھن ڪوڙا چيڪ ڏئي، دوکو ڪيو ھو. اھي جيلر ۽ نائب جيلر جي خدمت لاءِ مقرر ٿيل ھيون ۽ روزانو ٻنھي جي خدمت چاڪري ڪنديون ھيون. انھن ڪمري کي اھڙو ته سينگاريو ھو جو ڄڻ سندن گھر آھي. ٻيون سڀ قيدي عورتون سندن باري ۾ مختلف ڳالھيون ڪنديون ھيون ۽ ٻنھي کي پڻ اھا شڪايت ھئي ته قيد خاني ۾ علاج لاءِ طبي ماھرن جي سھولت ڪانھي، ان سان گڏوگڏ جيلر ۽ نائب جيلر اسان سان وڏي بيحيائيءَ سان پيش ايندا آھن. اسان به سوچيو ته ڪجھ ٿيڻ کپي. نيٺ ھڪ ڏينھن صبح جو فيصلو ٿيو ته جيلر ۽ نائب جيلر کي سڀ گڏجي گاريون ڏيون. صبح جو اڌ ڪلاڪ ۽ شام جو ھڪ ڪلاڪ اڱڻ ۾ گھمڻ ڦرڻ جي اجازت مليل ھئي. ھڪ سپاھي آيو ۽ پڇڻ لڳو ته توھان اڱڻ ۾ ڇو بيٺيون آھيو؟ اسان کيس سنجيدگيءَ سان چيو ته اسان جو جيلر ۾ ڪم آھي. ٿورو اڳتي وڃي وري موٽيو ۽ منٿون ڪرڻ لڳو ته سچ ٻڌايو، اصل ڳالھ ڇا آھي؟ اسان کيس جواب ڏيڻ بدران زور زور سان جيلر کي گاريون ڏيڻ شروع ڪيون. ھو وٺي ڀڳو ۽ جيلر سان سڄي ڳالھ ڪيائين. تنھن تي جيلر چوائي موڪليو ته آءٌ توھان سان ملڻ چاھيان ٿو. اسان کيس ڪاوڙ مان چوائي موڪليو ته تون ڏوھاري آھين، تون پاڻ اسان سان ملڻ لاءِ اچ نه ته اسان توسان ملڻ ڪونه اينديون سين. آخرڪار جيلر خود اڱڻ ۾ آيو ۽ اسان کيس ڏسندي ئي زور سان گاريون ڏيڻ شروع ڪيون، جيئن ٻيون قيدي عورتون ٻڌي سگھن. اسان رڙيون ڪري چيو، ”تون ٻين قيدي عورتن کي ڏوھاري ۽ بدڪردار ٿو چوين پر اصل ۾ تون وڏو ڏوھاري ۽ بدڪردار آھين. اسان انھن قيدي عورتن جي عزت ٿيون ڪريون ڇوته اھي غريب آھن ۽ بکيو پيٽ ئي آھي جنھن کين قيد خاني ۾ پھچايو آھي. اصل ۾ ڏوھاري تون آھي.“ جيلر بُت بڻجي ويو. اسان کي خاموش ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳو، ڇاڪاڻ جو کيس خوف ھو ته ائين نه ٿئي جو سندس اصليت ظاھر ٿي پوي. ان ڪري به جو ھن اسان کي ساواڪ وارن جي اجازت کان سواءِ ٻين عام قيدي عورتن سان گڏ رکيو ھو، جن سان حقيقت ۾ اسان کي گڏ رکڻو ئي ڪونه ھو. اسان زمين تي ويھي گوڙ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ھوبه اسان سان گڏ ويھي رھيو ۽ منٿون ڪرڻ لڳو. اھو سمورو گوڙ ٻيون قيدي عورتون پڻ ٻڌي رھيون ھيون. اسان اِن ڳالھ تي ضد ڪيو ته انھن ٻنھي عورتن کي اسان جي ڪمري مان ڪڍي، ٻين عام عورتن سان گڏ رکيو وڃي، ۽ اھو غير قانوني ڪم ڇو ڪيو ويو؟ آخرڪار ھُن کي اسان جي ڳالھ قبول ڪرڻي پئي ۽ ٻنھي عورتن کي اسان جي ڪمري مان نڪرڻو پيو. اھڙي طرح اسان جو پھريون منصوبو ڪامياب ويو. ٻيون قيدي عورتون اھا سڄي ماجرا سيخن کان بيھي ڏسي رھيون ھيون ۽ جيلر سان اسان جي جھڳڙي کان ڏاڍو متاثر ٿيون. ھي جيلر وڏو موذي ھو ۽ قيدي عورتن کي ھميشہ لاءِ مايوس ڪري ڇڏيو ھئائين.
ھڪ ڀيري شاھه جي ڀيڻ دنيا جي بدنام رنڊي اشرف پھلوي قيد خاني جو معائنو ڪرڻ آئي. ھر ايرانيءَ کي خبر آھي ته ھوءَ ڏوھن، چرس ۽ آفيم جي اڏن ۽ ڪاروبار ۾ ملوث آھي. جيلر ۽ قيد خاني جو آفيسر ڪنھن به معائني ڪندڙ کي اسان جي ڪمري ۾ ڪونه آڻيندا ھئا، ڇاڪاڻ ته کين ڊپ ھو ته اسان سندن آقائن جي بي عزتي ڪنديوسين. ان ڊپ کان ھو ھِن رنڊيءَ اشرف پھلويءَ کي به اسان جي ڪمري جو معائنو ڪرڻ لاءِ وٺي ڪونه آيا. وڏيون وڏيون ڀتيون، تالا ۽ ھٿڪڙيون قيديءَ کي ٻاھرين معاشري کان ھرگز جدا نٿيون ڪري سگھن. جنھنڪري ھو خاموش ۽ گمنام زندگي گذاري نٿو سگھي. قيد خاني جي خاص حالتن ۾ قيديءَ جي ذھني ردعمل مان ظاھر ٿيندو آھي ته ھو پنھنجي عقيدي ۾ اڳتي وڌي رھيو آھي يا پٺتي ھٽي رھيو آھي. قيد خاني ۾ ڦرڻي گھرڻي وچولي طبقي جي ماڻھن جي اڪثريت ھئڻ ڪري، اتي جي حالتن تي مٿئين طبقي جي خواھشن جو ڌاڪو ڄميل آھي. گڏيل زندگي گذارڻ جو مسئلو نه ھو. جيلر ۽ سپاھين جي خلاف اسان متحد ھئاسين پر ڦرڻي گھرڻي قسم جي ماڻھن جي گھڻائيءَ ڪري، اتي جي قيدين جا پاڻ ۾ اختلاف به موجود ھئا. ايتري قدر جو ڪيتريون ھلتون جيڪي قيد خاني کان ٻاھر ضابطي ۾ رھنديون ھيون، اھي وري اڀرڻ لڳيون. ليڪن پوءِ به اسان ڪوشش ڪنديون ھيوسين ته پنھنجي تربيت ڪريون۽ انھن ڳالھين کي ضابطي ھيٺ ھلايون.
در حقيقت اسان ۾ اڃان تائين انقلابي خاصيتون پيدا ئي ڪونه ٿيون ھيون. اسان پنھنجي ڪمري جي اندر ٿيندڙ ننڍڙي ڦيرڦار جي ڪري جلد ئي مشڪلاتن ۽ فڪرن ۾ پئجي وينديون ھيونسين. ڊپ ھو ته اسان انقلابي جذبو وڃائي، دغابازيءَ ۾ نه مبتلا ٿي وڃون. نوبت ايستائين پھچي وئي ھئي جو ھاڻي جڏھن لفظ ”دشمن“ ورتو پيو وڃي ته منحوس شاھه جي شڪل ۽ سندس آقائن جون شڪليون اسان جي اکين جي سامھون ظاھر ڪونه پئي ٿيون.
بھرحال اسان پنھنجي ڪمزوري سڃاڻي ورتي ھئي. ٻين لفظن ۾ اسان اڃا تائين پنھنجي ڪمزوريءَ کي غلط انداز ۾ ڏسي رھيون ھيونسين جيڪا پنھنجي مادي حالتن کان ڪٽيل ھئي. اسان اھا ڳالھ وساري ويٺيون ھيوسين ته مادي حالتن جي پيدا ڪرڻ کان سواءِ ارادي جي ڪمزورين ۽ ڦرندڙ گھرندڙ خيالن کي ھرگز ختم نٿو ڪري سگھجي ۽ اسان جي وقت جو ڪافي حصو اھڙين ئي بيڪار جدوجھدن ۾ ختم ٿي ويو جن مان انقلاب کي ڪو خاص فائدو ڪونه ھو. ان کانسواءِ اسان اھي ئي پراڻيون ڪھاڻيون وري وري ٻڌائي وقت ضايع ڪنديون ھيوسين، پر جڏھن اسان شعوري ڪوشش ڪري قيد خاني جي آفيسرن کان ڪتاب ۽ اخبارون حاصل ڪري ورتيون ته ماحول خود بخود بدلجي ويو. ھاڻي اسان تائين ڪجھ خبرون پھچڻ لڳيون ۽ اسان کي گفتگو ڪرڻ لاءِ ڪجھ نوان موضوع ملي ويا. اھي ماڻھو جيڪي گھڻي عرصي لاءِ قيد ھوندا آھن، انھن لاءِ ضروري آھي ته ھو آئندہ جي جدوجھد لاءِ سنجيدگيءَ سان سوچين ۽ ان سان گڏوگڏ جيڪي ٿوري عرصي لاءِ قيد ھوندا آھن، تن کي مستقبل جي جدوجھد لاءِ ٺوس بنيادن تي تياري ڪرڻ لاءِ آمادہ ڪن. دشمن اھا ڪوشش ڪندو آھي ته قيد خانو ماڻھن کي سياسي عمل ڪرڻ کان توبھ ڪرڻ تي مجبور ڪري ۽ انھن کي عوامي جدوجھد کان ھٽائي. ان ڪري انقلابي ڪارڪن جي اھا ڪوشش ھئڻ گھرجي ته دشمن پنھنجي سازش ۾ ڪامياب نه ٿئي. ان ڪري قيد خاني اندر يا ٻاھر اھا ڪوشش ڪرڻ گھرجي ته پنھنجو پاڻ کي ھٿ ٺوڪين لاڙن ۽ خيالن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ لڳاتار جدوجھد ڪريون.
ڪجھ ماڻھو جڏھن قيد خاني ۾ ھوندا آھن ته آزاديءَ جا ۽ قيد مان ڀڄڻ جا خواب ڏسندا آھن. خيال رھي ته آءٌ ”ڀڄڻ جا خواب“ لفظ استعمال ڪري رھي آھيان. نتيجي ۾ اھڙو شخص قيد جي زندگيءَ مان ايترو بيزار ٿي پوندو آھي جو ھو غداري ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندو آھي. اسان کي ياد رکڻ گھرجي ته جيتوڻيڪ اسان دشمن جا قيدي ھوندا آھيون ۽ ظاھري طرح اسان جي آزادي ختم ٿيل ھوندي آھي پر اسان پنھنجو پاڻ کي انھيءَ حالت ۾ پاڻ ئي پھچايو آھي. ھڪ سچي انقلابيءَ لاءِ جنھنجي سڄي زندگي جدوجھد لاءِ وقف ٿيل ھوندي آھي. قيديءَ جي اھا معنيٰ نه ھوندي آھي ته سندس آزادي ختم ٿي وئي- سچو انقلابي ھميشہ آزاد ھوندو آھي ٻين لفظن ۾ قيد جدوجھد جو ھڪڙو حصو آھي ۽ فقط جدوجھد جاري ھجڻ کي ئي آزادي چيو ويندو آھي، جھڙي طرح قيد کان ٻاھر ھٿيار کڻي دشمن سان ويڙھه ڪرڻ جدوجھد آھي، اھڙي طرح دشمن جي خلاف قيد خاني ۾ ھر عمل به جدوجھد چوائيندو آھي، ته پوءِ جدوجھد ڇاکي چئبو آھي؟ انساني ترقي ۽ آزاديءَ جي مخالف شيءِ جي آڏو جھڪڻ کان انڪار ڪرڻ کي جدوجھد چئبو آھي- مايوس ٿي، خاموش رھڻ دراصل موت جي نشاني آھي- مختلف حالتن جي گھرج مختلف جدوجھد آھي. صحيح ۽ سچو انقلابي اھو آھي جيڪو ھر وقت پنھنجي چوڌاري ماحول ۽ حالتن کي نظر ۾ رکي، بنيادي مسئلا حل ڪندو رھندو آھي.
ھڪ ڏينھن صبح جو ڪجھ پردي پوش عورتون، جن ۾ جوان ۽ پوڙھيون شامل ھيون، اھو چئي اسان سان ملڻ آيون اھي اسان جون رشتيدار ٿين. اسان کين ڏسي ڏاڍيون خوش ٿيونسين. نئين سال جي جشن وارو زمانو ھو ۽ قيدين سان ملاقات لاءِ تمام گھڻا ماڻھو آيل ھئا جنھنڪري پھرو گھٽ ھو. جڏھن موڪلاڻيءَ جو وقت ٿيو ته ھنن اسان کي پيار ڪيو ۽ اسان کين دروازي تائين ڇڏڻ ويونسين. مون کي يڪدم خيال آيو ته قيد مان ڀڄڻ جو اڄ بھترين وجھ مليو آھي. ڦاٽڪ وٽ فقط ھڪ سپاھي بيٺل ھو ۽ ھو نه ماڻھن جي ڳڻپ ڪري رھيو ھو ۽ نه وري سندن شڪل ڏسي رھيو ھو. مون سوچيو ته ميڙ ۾ شامل ٿي، ٻاھر وڃي سگھان ٿي. مگر مون کي قيد خاني جا پراڻا ڪپڙا پاتل ھئا ۽ وڏي چپل پاتل ھئي جنھن سان ڀڄڻ تمام گھڻو ڏکيو ھو. ناھيد جلال زادي ڪمري ۾ آئي سندس چھري مان شرارت ظاھر ٿي رھي ھئي، چوڻ لڳي، ”اڄ ڀڄڻ جو ڀلو موقعو ھو.“ اسان پاڻ ۾ ڀڄڻ جي لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ھڪٻئي کي ڀڄڻ لاءِ ھمٿايو. سندس وڃڻ کان پوءِ مون ويھي سنجيدگيءَ سان ڀڄڻ جون تياريون ڪرڻ شروع ڪيون. پھريائين مون کي ڪپڙا بدلائڻا پوندا، مون کي ڪو بھانو ٺاھڻو پوندو. مون کي پنھنجي ماءُ ۽ ٻيا مائٽ ياد اچڻ لڳا. مگر ان تبديليءَ کي ٻيا ماڻھو جھٽ ۾ سڃاڻي وٺندا. مون ڪمري جي ٻين قيدي عورتن کي چيو، ”ھي مائرون به ڏاڍيون عجيب ٿينديون آھن. ننڍين ننڍين شين جو تمام گھڻو خيال ڪنديون آھن، سوچينديون آھن ته منھنجي اولاد کي نوان نوان ڪپڙا پھريل ھجن، کين سٺو کاڌو ملي وغيرہ وغيرہ. منھنجي ماءُ کي به اھا ڳڻتي ھئي ته آءٌ پنھنجو لباس تبديل ڪريان. توھان جو ڇا خيال آھي، آءٌ پنھنجو ڦاٽل لباس لاھي پنھنجا نوان ڪپڙا پايان؟“ انھن مان ھڪ چيو، ”ڪوبه حرج ناھي، ننڍين ننڍين ڳالھين تي ماءُ کي ناراض ڪرڻ نه گھرجي.“ ٻين به اھائي راءِ ڏني ۽ آءٌ وري نخرا ڪري، نيٺ ڪپڙا بدلائڻ لاءِ راضي ٿيس. رات جو سڀ ننڊ ۾ ھيون مگر آءٌ جاڳيس پئي. ڀڄڻ جي ترڪيب سوچي رھي ھيس. سڄو منظر منھنجي اکين اڳيان گھمي ويو. بيچينيءَ مان بستري تي پاسا بدلائيندي رھيس. ناھيد به جاڳي پئي. اسان ھڪٻئي ڏسي مرڪيو. ھن آھستي چيو، ”ٻئي ڏينھن اسان ڪٿي ھونديونسين؟“ اسان وري مرڪڻ لڳيونسين ۽ آڱريون چپن تي رکي ھڪٻئي کي خاموش رھڻ جو اشارو ڪيو.
24 مارچ تي اسان جون ملاقاتي آيون. دروازي تي ٻه سپاھي بيٺل ھئا ۽ ملاقاتين جو تعداد تمام گھٽ ھو. آءٌ پنھنجو پاڻ کي ملامت ڪرڻ لڳيس، ڪيتري احمق آھين، مجاھد جو ڪم دشمن کي چڪر ڏيڻ ھوندو آھي ۽ ھاڻي چڪر ڏيڻ جو موقعو ھٿان نڪري چڪو ھو. آءٌ ملاقاتين سان ڳالھين ۾ مشغول ٿي ويس. انھن جي موجودگي ئي منھنجي منصوبي لاءِ تمام ضروري ھئي. مون پنھنجي ماءُ کان ڪجھ پئسا گھريا. ٻين عورتن منٿون ڪري مون کي ڏوڪڙ ڏياريا. منھنجو خيال ھو ته ٻاھر نڪرندي ئي مون کي پئسن جي سخت ضرورت پوندي. مون قيدين کي مھمانن سان ڳالھين ۾ مصروف ڪيو ته جيئن ماڻھو منھنجي چرپر ڏانھن توجھ نه ڏيئي سگھن. اھا ڳالھ ظاھر ھئي ته آءٌ ان ڏينھن ڀڄي ڪونه ٿي سگھيس. مون قيدين کي چيوته سڀاڻي ملاقات جو آخري ڏينھن ھوندو، جنھنڪري سڀني ملاقاتين کي ضرور اچڻ گھرجي. جڏھن ملاقات جو وقت ختم ٿيو ته ٻاھر دروازي وٽ ٻه سپاھي ۽ ھڪ آفيسر موجود ھو ۽ ھر ھڪ کي غور سان ڏسي رھيا ھئا. مون ناھيد کي چيو ته اسان ڀڄڻ جو موقعو ھٿان وڃائي ڇڏيو، اسان کي اڳ ئي تياري ڪرڻ کپندي ھئي. اسان وري خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ھر ھڪ پھلو جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ شروع ڪئي ته اتفاق سان جيڪڏھن ھڪڙي پڪڙجي پئي ته ڇا ھو ٻاھريون ڦاٽڪ بند ڪري، سڀني جي تلاشي وٺندا يا نه، ڇا ٻي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيندي؟ اسان جو اندازو ھو ته ھو ڦاٽڪ ضرور بند ڪندا ۽ ٻين عورتن جي تلاشي به وٺندا. جڏھن ملاقاتي ھليا ويا ته اسان پنھنجي ڪمري ۾ ڪونه ويوسين. اسان اھو ٿي گھريو ته اسان جون قيدي ساٿي عورتون جيڪڏھن اسان کي سڀاڻي ڪمري ۾ نه ڏسن ته جيئن انھن کي حيرت نه ٿيڻ گھرجي. ڇاڪاڻ ته انھن جي حيرت ۾ پوڻ سان پھريدار يڪدم اسان جي ڳولا ڪندا.
شام جو سڀني قيدين کي قطار ۾ بيھاري ڳڻپ ڪئي وئي. سپاھين کي شڪ پيو ھو ۽ ھنن اسان کي چيو ھو ته ھتان ڀڄي وڃڻ ۾ ڪوبه ڪامياب ٿي نه سگھندو. مون ناھيد کي چيو، ”ھاڻي اسان جي ڀڄڻ ۾ ڪاميابيءَ جي چاليھه سيڪڙو اميد آھي ۽ اسان کي ڪوشش ضرور ڪرڻ گھرجي، ھر ڪم ۾ خطرو ضرور ھوندو آھي.“ ڳڻپ کان پوءِ آءٌ ڪمري ۾ ڪونه ويس پر اڱڻ ۾ رھي، موقعي جي تلاش ڪرڻ لڳس ته اُن ڪمري تائين ڪيئن پھچان جتي ڪپڙا رکيا ويندا آھن. قيد خاني ۾ اچڻ کان پوءِ ھتي لباس تبديل ڪيا ويا ھئا. مون کي ڀڄڻ لاءِ ھڪ چادر ۽ بوٽن جي جوڙي جي ضرورت ھئي. اڱڻ جي ھڪ ڪُنڊ ۾ سڪينه روئي رھي ھئي. ھوءَ ايتري غمگين ۽ ڪاوڙ ۾ ھئي جو ڪنھن کي به ويجھو اچڻ نٿي ڏنائين. ھوءَ شاھه جي ”انصاف“ جو شڪار ھئي. سندس روئڻ جي ڪري منھنجي دل ۾ به درد پيدا ٿيو. ھڪ مظلوم قيدي عورت جنھنجو نالو قدم خير ھو، ڀرسان ويٺي، پنھنجي درد جو افسانو بيان ڪري رھي ھئي. مٿس چرس وڪرو ڪرڻ جو الزام ھو. ھوءَ چئي رھي ھئي، ”پوءِ آءٌ زندھه ڪيئن پئي رھي سگھيس، قيد ان ڪري ٿي آھيان ته مون لاءِ زندگي ھڪ مصيبت ھئي، ٽي ٻار ھئا، منھنجو مڙس بيڪار ھيو، ھڪ سال تائين نوڪري جي ڳولا ۾ در در جون ٺوڪرون کاڌائين ۽ نيٺ چريو ٿي پيو. مون چرس وڪڻي چند سڪا ڪمائڻ تي چاھيا، خدا ڄاڻي منھنجي ٻچڙن جو ڪھڙو حال ٿيو ھوندو.“ ۽ زارو زار روئڻ لڳي. ”مون کي ڇو قيد ڪيو ويو آھي؟“ ڪپڙن واري ڪمري جي نگران پوڙھي، وڏي ڏائڻ ھئي. ھوءَ ٻاھر ويھي، مون کي تاڙي رھي ھئي. مون کيس چيو ته مان پنھنجو پاجامو وٺڻ آئي آھيان ۽ پوءِ اک وٺي ھڪ چادر ۽ بوٽن جو جوڙو کڻي، پنھنجي ٽوڪريءَ ۾ لڪائي، ڪمري ۾ پھتس ۽ ٽوڪري بستري جي ھيٺان لڪائي ڇڏيم. رات جو گھڻي دير تائين قيدي ساٿين جا نوٽ بوڪ پڙھيم، جيئن ڪا اھڙي شيءِ دشمن تائين نه پھچي سگھي، جنھن مان ڪنھن کي خطرو ھجي ڇو ته منھنجي ڀڄڻ کان پوءِ سخت تلاشي وٺندا.
ان رات آءٌ گھڻي دير تائين جاڳندي رھيس. ٻاھرين ساٿين جي باري ۾ سوچيندي! آءٌ ان وقت جو تصور ڪري رھي ھيس جڏھن ھٿيارن سان سينگارجي ٻيھر عزم ۽ بھادريءَ سان آزاديءَ جي جدوجھد ۾ شريڪ ٿي وينديس. آءٌ پنھنجي ساٿين جي ھٿيار بند جدوجھد تي فخر ڪرڻ لڳيس، جن دشمن جي طاقت ۾ ڏارون وجھي ڇڏيون ھيون ۽ ڀاڙيتو قاتل ان خوف کان ڏڪي رھيا ھئا.
25 مارچ تي صبح جو سوير اٿي ويٺس. اڄ اسان کي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪرڻي ھئي، آءٌ جذبات ۾ بي قابو ھيس، دل تيزيءَ سان ڌڪ ڌڪ ڪري رھي ھئي. پنھنجو پاڻ تي ملامت ڪرڻ لڳس، ”ھي ڇا آھي .....؟ اي دل تنھنجي ڪھڙي حالت ٿي وئي آھي، ھيءَ ڪھڙي نه اھم مُھم آھي.، مون ھڪ ساٿيءَ بابت سوچيو جنھن کي ساواڪ وارا نه سڃاڻندا ھئا. ھن ھڪ ساٿيءَ کي ٻڌايو ھو ته، ”جڏھن به مون کي اذيتن واري ڪمري ۾ وٺي ويندا ھئا، خوف کان ڏڪڻ لڳندو ھوس، ليڪن اذيتن جي ڪري مون ھڪڙو لفظ به قبول نه ڪيو ۽ نه ئي تنظيم بابت ڪجھ ٻڌايم.“ اھو انسان جو معراج آھي، کيس اذيتون ڏنيون ويون ھجن، ھو ڏڪندو ھجي مگر ھڪ لفظ به قبول نه ڪري، نه ئي ٻڌائي. مون پاڻ کي سنڀاليو، ٻن پھرن تائين تياري مڪمل ھئي، اڄ تمام گھڻا ملاقاتي آيا ھئا. سڀني کي ڪاريون چادرون پاتل ھيون. مون ٽوڪري ڪمري جي ڪُنڊ ۾ رکي، جتي تمام گھڻيون عورتون ويٺل ھيون. ڪمري ٻه سپاھي عورتون ۽ ھڪ مرد سپاھي موجود ھئا. ھڪ آفيسر ڪمري ۾ گھڙيءَ گھڙيءَ پئي آيو. مون پنھنجي ماءُ ۽ ٻين کي چيو ته ھو پوليس وارن کان مختلف ڳالھيون پڇن جيئن ھو ڳالھين ۾ رُڌل رھن. ۽ پوءِ ڀڄڻ جي گھڙي به آئي. ملاقات واري ڪلاڪ ختم ٿيڻ کان ٿورو اڳ مون پنھنجن مائٽن کان موڪلايو، مون ٽوڪري کنئي. ناھيد ڀرسان ھئي. ميڙُ موڪلائڻ ۾ مصروف ھو. اسان چپ چاپ چادرون ويڙھيون ۽ بوٽ پاتا. ماڻھو ايترا مشغول ھئا جو ڪنھن به اسان ڏانھن ڌيان ڪونه ڏنو. پوليس واريون مايوس نظر پئي آيون. منھنجي ماءُ پوليس وارن کان لڳاتار سوال ڪري رھي ھئي ۽ ھُنن کي جواب ڏيڻا ٿي پيا. ھاڻي اسان ڪمري کان ٻاھر آياسين ۽ ڦاٽڪ ڏانھن روانيون ٿي ويوسين، جتي جيلر، سندس نائب ۽ ڪجھ پوليس وارا موجود ھئا. ھاڻي آءٌ سڪون سان ھلي رھي ھيس. اسان ڪجھ وال ڦاٽڪ کان پري ھيوسين ته ھڪ سپاھيءَ رڙ ڪئي، ”توھان ڪيڏانھن پيون وڃو؟“ ھو ڊڪندو آيو. ناھيد مون کان ٻه ٽي قدم اڳ ۾ ھئي، آءٌ پٺيان پئي آيس، سپاھيءَ ناھيد کي پڪڙيو ۽ کيس اڱڻ ڏانھن گھلي ويو، ھن کي اڱڻ ۾ ڇڏي، واپس موٽيو ۽ عورتن کي گھورڻ لڳو. منھنجي ڀرسان واري عورت جي چادر ٿوري مٿي ڪري، کيس ڏسڻ لڳو. آءٌ ڪوشش ڪرڻ لڳيس ته پنھنجا حواس درست رکان. مون ھُن ڏانھن ڪوبه ڌيان نه ڏنو. مون پنھنجي ٽوڪريءَ کي لوڏو ڏنو. اکين کان چادر سرڪائي سپاھيءَ کي ٽيڏي اک سان ڏٺم. ھو سڪون سان ٻين عورتن جون چادرون مٿي ڪري، سندن چھرا ڏسڻ لڳو.
ھاڻي اسان جي ملاقاتين مون کي ڏسي ورتو ۽ اھو سمجھيائون ته موقعو ھٿان وڃي رھيو آھي، ھو منھنجي چوڌاري گڏ ٿي ويون، مون کي وچ ۾ ڪيائون ۽ چوڻ لڳيون ته ھلو ته ھلون، ڀلا سڄو ڏينھن ھتي گذارڻو آھي ڇا؟ پوءِ اسان ملاقاتين جي وڏي ميڙ ۾ داخل ٿيونسين ۽ مون سڄي ميڙ جي وچ ۾ پھچي، پاڻ لڪائي ورتو. اِتي مون کي ساواڪ جي ٺڳن ھٿان گرفتاري وارو منظر ياد آيو ۽ ڪار جي دريءَ مان جڏھن مون آخري ڀيرو عوام کي ڏٺو ھو ۽ پنھنجو پاڻ کي چيو ھو، ”آءٌ پڪو واعدو ٿي ڪريان ته آءٌ توھان سان وفادار رھنديس.“ ھاڻي مون سوچيو ته مون واعدو پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ۽ فخر وچان منھنجو ڳاٽ اوچو ٿي ويو. پنھنجو پاڻ کي چوڻ لڳيس، ”اھو عوام ئي آھي جنھنجي محبت سمنڊ وانگر وسيع آھي، جنھنجو انت ۽ ڪنارو ڪونھي، سندن طاقت ٻين طاقتن تي حاوي آھي ۽ جڏھن ھو چُرپُر ۾ اچن ٿا ته دشمن دشمن ٿوري ئي عرصي ۾ تباھه ٿي وڃي ٿو.“
وڏي ڦاٽڪ تائين پھچڻ کان اڳ اسان کي ٽن قيدخانن جي اڳيان لنگھڻو پيو جتي پوليس موجود ھئي. وڏي ڳالھ ھيءَ ھئي ته مون پاڻ کي ضابطي ۾ رکيو ۽ ائين پئي ھليس جيئن عام ماڻھو ھلي رھيا ھئا. تيز ھلڻ ڪونه پئي چاھيم جيئن ڪنھن کي شڪ نه پوي. ھي گھڙيون منھنجي زندگيءَ جون سڀ کان وڌيڪ ڏکيون گھڙيون ھيون. ھر گھڙيءَ اھو پئي ڊپ ٿيو ته ڪٿي ڪو پوليس وارو گوڙ نه مچائڻ شروع ڪري. ”ھن کي پڪڙيو ، گرفتار ڪريو، ھيءَ ڀڄي رھي آھي.“ ھاڻي جڏھن انھن کي معلوم ٿيو ته ھڪ ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رھي ھئي يا ٻي به. اھو سوچي مون کي ڪاميابي جو ڏيک اونداھو نظر اچڻ لڳو. ٿي سگھي ٿو ته آءٌ جيستائين ڦاٽڪ تي پھچان، ھو ڦاٽڪ بند ڪري ڇڏين. انھن ٽيليفون ڪئي ھوندي، ھو ڦاٽڪ جي تلاشي وٺندا. ڇا منھنجا اڳتي وڌندڙ قدم آزاديءَ ڏانھن آھن يا خطري ڏانھن؟ اسان وڏي ڦاٽڪ تي پھتيونسين. منھنجي ڀر وارين عورتن چيو، ”پويان ايندڙن مان ھڪ کان پاس ٽڪيٽ وٺ.“ ميڙ تيزيءَ سان ٻاھر وڃي رھيو ھو. پوليس وارا پاسون جمع ڪري رھيا ھئا ۽ آءٌ چپ چاپ ٻاھر نڪري ويس. ھاڻي آءٌ قيدياڻين کان ٻاھر ھيس. مون ھڪ ڀيرو حسرت جي نگاھه کڻي، قيد خاني ڏانھ مڙي ڏٺو ۽ اڳتي وڌي ھڪ وڏي ڪار ۾ ويٺيس ۽ دشمن جي اکين کان گم ٿي ويس.
ھاڻي مون شاھه جي قيد خاني کان ٻاھر نڪري، آزاد ٿي، ٻيھر بندوق سنڀالي ورتي آھي جيئن انقلابين سان گڏ دشمنن جي خلاف جنگ ۾ حصو وٺي سگھان ۽ انقلاب ۾ پنھنجي پوري طاقت لڳائي عوام جو قرض چڪائي سگھان. اسان جو ويساھه آھي ته انقلاب وسيلي ئي آزادي حاصل ڪري سگھجي ٿي ۽ عوام دشمنن سان، اسان کي گھري ۽ بي انتھا نفرت آھي.