ناول

لِڱ منھنجا لوھه

ايران جي تاجدار بادشاھه سمجھيو ھو ته عوام ته اٻوجھ آھي، انھن کي پنھنجن حقن جو ڪھڙو شعور؟ پر جي ڪڏھن عوام پنھنجا حق گھريا به، ته وفادار فوج کين نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيندي!. ايران جو عوام به نيٺ سجاڳ ٿيو ۽ جڏھن عوامي فوج، آزاديءَ جي متوالن جي فوج ميدان ۾ اچي ويئي، تڏھن شاھه جي جديد ترين ھٿيارن سان مسلح فوج به سندن راھه نه روڪي سگھي ۽ ايران ۾ عوامي عوام جو اقتدار قائم ٿي ويو. پاڻ کي ذري گھٽ خدا سمجھڻ وارو شاھه جان بچائڻ لاءِ دنيا ۾ ھنڌ ھنڌ پناھه جو طالب ٿي ڦرندو رھيو، پر نه کيس ڪٿي پناھه ملي سگھي، نه ذھني سڪون! نيٺ پرڏيھ ۾ گذاري ويو- ۽ دنيا جي امير ترين شخص کي سندس وطن ۾ قبر به نصيب نه ٿي.
عوام جي انھيءَ جنگ جو نالو آھي ’لِڱ منھنجا لوھه‘ شاھه جي فوجن، آزاديءَ جي متوالن تي ڪھڙا ڪھڙا ظلم ڪيا، ۽ ھو پنھنجي مقصد تي قائم رھي، منزل تائين ڪيئن پھتا، اھوئي سڀ ڪجھ ھن ڪتاب ۾ بيان ڪيل آھي.
Title Cover of book لِڱ منھنجا لوھه

باب ستون : قيد تنھائيءَ جون يادگيريون

[ ڏونگر ڏکوين کي، تپي ڪندين ڪوھه،
تون جي پھڻ پٻ جا، ته لڱ منھنجا لوھه،
جنھن ڇوريءَ ۾ ڇوھه، سا ڇپرين ڇُلندي.]
(شاھه)

اھا سڄي رات مون سڪون سان ننڊ ڪئي. صبح جو ڪمري جي ھڪ پاسي واري ڀت تي ڌڪ ھڻڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ڀر واري ڪمري مان ڪو ساٿي ان ذريعي ”صبح جو سلام“ چئي رھيو ھو. مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. ھھڙي سُڃي ڪمري ۾ جتي دشمن جي دلالن کان سواءِ ڪوبه نه ھو، ڪنھن ساٿيءَ جو ھن طرح آواز ڏيڻ وڏي غنيمت ھئي. منھنجو پاڙيسري ٿوري ٿوري وقفي کان پوءِ ڀت تي ڌڪ ھڻي رھيو ھو. جڏھن ڪو ساٿي پڇندو ھو ته ”آفيسر! ٽائيم گھڻو ٿيو آھي؟“ ڪھڙي نه پياري ڳالھه ھئي. ساٿي ھڪ ٻئي جو آواز ٻڌي پئي سگھيا ۽ اھڙي طرح قيد تنھائيءَ ۾ سندن خود اعتمادي وڌي رھي ھئي. ٻئي ڏينھن منھنجا ھٿ ھڪ ڪلاڪ لاءِ کوليائون جنھن ڪري آءٌ ساٿيءَ جي ڀِت تي ڌَڪن جو جواب ڏئي پئي سگھيس. اسان پنھنجا انقلابي گيت ”ساٿي! او ساٿي“ جي ڌن تي ڀت کي ڌڪ ھڻي ڳائيندا ھئاسون. ٻن پھرن جو وقت ھو، سخت گرميءَ جي ڪري پگھر تمام گھڻو وھي رھيو ھو ۽ مون کي سخت تڪليف محسوس ٿي رھي ھئي. ھڪ پاسي ھٿ ۽ پير زنجيرن سان جڪڙيل ٻئي طرف سخت گرميءَ جي ڪري پگھر وھي رھيو ھو، جنھن سبب ساھه ٻوساٽجڻ لڳو- آخرڪار تنگ ٿي پيس ۽ سوچيم ته ڪونه ڪو گيت ڳايان- اھو سوچي ھي گيت ڳائڻ شروع ڪيم:
دشمن پڇي ته اڳواڻ ڪٿي آ،
ڇاتيءَ تي ھٿ ھڻي،
۽ دشمن جي،
اکين ۾ اکيون وجھي،
اسين چوندا آھيون،
ته ساٿي وڙھي رھيا آھن.

آءٌ، صمد، جواد ۽ رحمت جا نالا بدلائيندي، گيت ڳائيندي رھيس. ان لاءِ منھنجي ذھن ۾ تحريڪ جي پھرين واقعي جو ڏيک چٽيل ھو. جنھن ۾ پويان، پيرديءَ ۽ نظيريءَ حصو ورتو ھو. جلاد عورتون مون کي چيڙائڻ لاءِ ان واقعي جو ذڪر ڇيڙينديون ھيون. حقيقت ۾ ان واقعي کان ھو ڊنل ھئا پر ظاھري طرح خوشيءَ جو اظھار ڪندا ھئا ۽ مون کي ڏک پھچائڻ جي ڪوشش ڪندا ھئا. ڇوته ان واقعي ۾ ساٿي پويان اسان کان جدا ٿي ويو ھو. جيڪو اسان جي تنظيم جي مرڪزي ساٿين مان ھو. سامراجي دلال ان حملي کان دھلجي ويا ھئا. ان واقعي جو خوف مٿن ھڪ ڀوت وانگر سوار رھندو ھو ۽ ان جو ذڪر اھڙي ريت ڪندا ھئا ڄڻ اھو واقعو جنن ۽ ڀوتن جي آکاڻي ھئي. آءٌ ساٿين جي جدوجھد جو تصور ڪندي رھيس. دشمن، ساٿين کي گرفتار ڪري، کانئن تنظيم جا راز اڪلائڻ گھرندا ھئا مگر ھو بھادري، سورھيائي ۽ ڏاھپ سان آخري گوليءَ تائين، شھر جي وچ ۾ دشمن جي ھيڏي ساري فوج سان مقابلو ڪندا رھيا. سندن انقلابي نعرن ۽ گولين جي آواز سان سڄو علائقو گونجي رھيو ھو ۽ دشمن کي سواءِ مردہ لاشن جي ٻيو ڪجھ به ھٿ نه آيو. آءٌ ڪاوڙ ۽ جوش ۾ ڏڪي رھي ھيس ۽ پاڻ کي چيم، ”نفرت به محبت وانگر اھم آھي.“ پوءِ ھي گيت ڳائڻ لڳيس:
انقلاب،
انقلاب،
انقلاب.
ٻن پھرن جا ٽي وڳا ته پھريدارن جي بدلي ٿيڻ جو گوڙ شروع ٿيو. ايتري ۾ آواز آيو، ”اوھان جو نالو ڇا آھي؟“ مون سمجھيو شايد ڪنھن قيديءَ کان پھريدار نالو پڇي رھيو آھي. مگر ساڳيو ئي سوال ٻيھر پڇيو ويو ۽ ساڳئي وقت ڀر واري ڀت تي زور زور سان ڌڪ لڳڻ شروع ٿيا. ھن وري پڇيو، ”اوھان جو نالو ڇا آھي؟“ ھاڻي مون کي پڪ ٿي ته ڀر وارو ساٿي مون کان نالو پڇي رھيو آھي. اسان ٻنھي ھڪ ٻئي کي نالا ٻڌايا اھو پڻ ٻڌايو ته ڪيئن گرفتار ٿيا آھيون. اسان ھڪ ٻئي کي اھو پڻ ٻڌايو ته اسان دشمن کي ڪوبه راز نه ٻڌايو آھي. ٻاھر خاموشي ٿي وئي ۽ اسان به ماٺ ڪئي. جڏھن مون سيٽيءَ تي ”او ساٿي!“ جي ڌن شروع ڪئي ته ڀت تي زور سان ڌڪ لڳو، ۽ آءٌ چپ ٿي ويس. انتظار ڪرڻ لڳيس ته ايترو زور سان ڀت تي ڌڪ ڇو ھنيو ويو؟ ٿوري دير کان پوءِ منھنجي ڪنن تي ”ساٿي! او ساٿي“ جي ڌن جو پڙلاءُ پيو. اھو گيت ساٿي سيٽيءَ ذريعي ڳائي رھيو ھو. ھن پھريون مصرعو چوڻ شروع ڪيو ۽ اھڙي ريت اسان سڄو گيت سيٽيءَ ۾ ڳايو- پھريدار جو آواز آيو، ڪھڙو احمق سيٽي وڄائي رھيو آھي؟ ڪھڙو مسخرو آھي، ڪھڙو خبيث سيٽي پيو وڄائي؟ ۽ پھريدار جي بوٽن جو آواز ٿيڻ لڳو ۽ اسان وري خاموش ٿي وياسون. ماني کائڻ مھل پھريدار آيو ۽ منھنجا زنجير کوليائين. جيئن ئي پھريدار ڪمري کان ٻاھر ويو تيئن ئي ڀت وٽ پھتس ۽ ۽ ڀت تي ڌڪ ھڻي، ”سچائيءَ جو پيغام“ ڏنومانس. جڏھن پھريدار جي بوٽ جو کڙڪو ٿيو تڏھن آءٌ ڀت کان پري ٿي ويس. ان ئي وقت تھ خاني جي ھر پاسي کان سيٽي وڄائڻ جو سلسلو شروع ٿيو. ھاڻي پھريدارن لاءِ اھو اندازو لڳائڻ مشڪل ٿي پيو ته ڪھڙي پاسي کان سيٽيءَ جو آواز اچي رھيو آھي. اسان وري پھريدارن کي سيٽيون وڄائي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو. جڏھن ھو ڪنھن به ڪمري وٽ پھچندا ھئا ته سيٽي وري ڪنھن ٻئي ڪمري کان وڄڻ شروع ٿيندي ھئي. وھنجارڻ واري ڏينھن ھڪ ھڪ ڪمرو کوليندا ھئا. ھر قيديءَ کي ڏھه منٽ ٻاھر ڪڍندا ھئا، پنج منٽ وھنجڻ لاءِ ڏيندا ھئا، ان کان پوءِ وري ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيندا ھئا. ان مصروفيت ۽ گوڙ ۾ قيدين کي ڳالھائڻ جو موقعو ملي ويندو ھو. منھنجو پاڙيسري ”ارمان خلق گروھه“ سان تعلق رکندو ھو. آءٌ کانئس سندن حڪمت عمليءَ بابت سوال پڇندي ھيس. جيئن جيئن اسان ڳالھيون ڪندا رھياسين تيئن تيئن اسان جي دوستي مضبوط ٿيڻ لڳي. مگر اسان کي گھڻو وقت ڳالھائڻ لاءِ ڪونه مليو. اسان جو آواز پھريدارن تائين پھچي رھيو ھو. جنھنڪري ھو ڇڙٻون ڏيڻ لڳا. ساٿيءَ ڀت تي ڌڪ ھنيو ۽ چيائين وري سڀاڻي. مگر ٻئي ڏينھن کيس ٻئي ڪمري ڏانھن وٺي ويا ۽ ڳالھيون ڪري نه سگھياسين.
ھڪ ڏينھن ان ئي ڪمري مان زنانو آواز آيو. مون سوچيو ته شايد پھريدار عورت جو آواز ھوندو. وري سوچيم ته شايد ساٿي فزان (ساٿي رقيه دانشتگريءَ کي گھر وارا ان ترڪي نالي سان سڏيندا ھئا) آھي. منھنجو اندازو صحيح نڪتو ڇوته ٻئي پاسي واري ڪمري ۾ ساٿي شاھين ھئي ۽ ساٿي رقيه تھ خاني ۾ کلندڙ وڏي دراوزي جي ڀر واري ڪمري ۾ ھئي. اسان ڀت کي ڌڪ ھڻي، اشارن سان ھڪ ٻئي کي پيغام ڏيڻ شروع ڪيو ۽ جيستائين ھڪٻئي جي پاڙي ۾ رھيونسين، اھو سلسلو جاري ھو. ان دوران اسان ڪڏھن به تنگ ڪونه ٿياسين. اھڙي طرح ڀت کي ڌڪ ھڻي پيغام پھچائڻ واري طريقي کي اسان ”زيرو بم“ سڏيندا ھئاسين ۽ اسان زيرو بم ذريعي ھڪٻئي کي گيت پڻ ٻڌائينديون ھيوسين.

”پوئتي قدم ڪڏھن به نه وڃي،
چاھي موت جي گھڙي اچي.“

۽ ”او ساٿي!“ جون سڀئي مصرائون ڀت تي ڌڪ ھڻي، ھڪٻئي کي ٻڌائينديون ھيوسين. صبح جي وقت تھ خاني جو ٻاھريون دروازو وڏي زور شور سان کلندو ھو. سيخن جي ٻاھران ھڪ ڦلڪو ۽ ٿورو پنير رکي ويندا ھئا. ان گوڙ شور جي ڪري اسان ننڊ مان جاڳي پونديون ھيوسين ۽ پھريدار ھٿڪڙيون کوليندا ھئا، جيڪي رات جو ھنيون وينديون ھيون. آءٌ يڪدم ساٿي شاھين جي ڪمري واري ڀت تي ڌڪ ھڻندي ھيس. اسان پنھنجي انقلابي ڌن جو ورد ڪنديون ھيوسين. آءٌ ساٿيءَ جي زور زور سان ساھه کڻڻ جو آواز پڻ ٻڌندي ھيس.
اسان ٽنھي جي تھ خاني ۾ موجودگيءَ سبب ھتان جو ماحول ئي بدلجي ويو ھو، تھ خاني جي خاموشي ٽُٽي پيئي ھئي. اھو اسان جو فرض ھو، ڇوته جدوجھد ھر حالت ۾ جاري رکڻي آھي. ٻين ڏينھن جي ڀيٽ ۾ اڄوڪو ڏينھن وڌيڪ مصروف ڏينھن ھو. پھريدارن ھڪ پاسي ڪنڊ ۾ پئي چرچا ڀوڳ ڪيا ۽ اسان کي ڳائڻ جو سونھري موقعو ملي ويو. ان ڪري آءٌ سيخن جي ڀرسان ويھي ”نگوين وان تُروئِي“ جي نظم جو بند ڳائڻ شروع ڪيو. پوءِ وري ٻنھي گڏجي ٻين شاعرن جا گيت ڳايا. وري ساٿي رقيه پنھنجا شعر ٻڌايا جيڪي ھن 3 جون جي موقعي تي ( ھن تاريخ تي ساٿي پويان، پيردي، نظيري ۽ صادقي شھيد ٿيا ھئا.) لکيا ھئا.

ٻڌ! اي قاتل ۽ جلاد
جڏھن به
ڪنھن ساٿيءَ سر ڏنو آھي
جڏھن به
ڪنھن ڪونڌر ڪنڌ ڪپايو آھي
ته اسان
نئون وچن، نئون واعدو
ڪيو آھي عوام سان.

اسان جا مرد ساٿي پنھنجي پنھنجي ڪمري جي سيخن وٽ بيھي، گيت ٻڌي رھيا ھئا. ساٿي حبيب فرزو ڪجھ ڏينھن اڳ تھ خاني ۾ آندو ويو ھو. اسان جو گيت ٻڌي، پاڻ به جوش مان ڳائڻ لڳو.

”ساٿي! او ساٿي
اٿي ٿيءُ کڙو ۽ تيار
دشمن لئه تيغ ترار.“

سندس ڳوري آواز ھئڻ ڪري سڄو تھ خانو وڄڻ لڳو. جنھن تي ساٿين چيو ته ساٿيءَ کي درخواست ٿي ڪجي ته ھو خاموش رھي ڇوته ھي ڀاڙيتو دلال اسان جي عورت ساٿين کي به ڳائڻ ڪونه ڇڏيندا، تنھن تي ھو خاموش ٿي ويو. انھن ڏينھن ۾ تھ خاني جي اھا حالت ھئي جو ھر پاسي کان سيٽيءَ جا آواز اچي رھيا ھئا، زيڊ فلم جون ڌنون ٻڌڻ ۾ پئي آيون ۽ ڪڏھن ڪڏھن رقيه ۽ آءٌ ترڪي گيت ڳائينديون ھيوسين. اسان خاموشي ٽوڙڻ لاءِ ڀت تي ”فتح اسان جي آھي.“ جي ڌن وڄائينديون ھيوسين. جڏھن به اسان کي ڳائڻ جو موقعو نه ملندو ھو تڏھن اسان ڪپھ جي ٽڪرن مان ڀڪوڙيل مُٺيون، بندوقون، مشين گن، بم، گل، مڇيون ۽ خنجر ٺاھي ھڪٻئي تحفا ڏيندا ھئاسين. جڏھن به موقعو ملندو ھو ته ھڪٻئي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندا ھئاسين. ساٿي رقيه ھر وقت خاموش رھندي ھئي پر جڏھن به ڪو ساٿي پائخاني ڏانھن ويندي، سندس ڪمري وٽان لنگھندو ھو ته مُٺيون ڀڪوڙي نعرا ھڻي، سندن ھمت وڌائيندي ھئي.
مون کي ڪجھ ڏينھن کان تھ خاني جي آخري ڪمري ۾ رکيو ويو. انڪري پائخاني ڏانھن ويندي، سڀني ڪمرن وٽان لنگھڻو پوندو ھو ۽ جڏھن به آءٌ ڪمرن وٽان لنگھندي ھيس ته سڀ ساٿي ھٿ لوڏي، منھنجو آڌرڀاءُ ڪندا ھئا. مون کي ڏاڍي خوشي ٿيندي ھئي. پنھنجو پاڻ کي چوندي ھيس، ”اذيتن جون تڪليفون ته جلد ختم ٿينديون پر عوام، قيدي ساٿين ۽ انھن ساٿين (جيڪي اڃا تائين جدوجھد ۾ مصروف آھن) سان محبت اڻ ٽٽندڙ آھي، انسان کي ان محبت مان راحت ملي ٿي ۽ دشمن سان نفرت ڪرڻ مان پڻ.“ ھڪ ڏينھن فرھنگ اچي ڪڙڪيو ۽ بڪواس ڪرڻ لڳو. ”تون جيڪا بڪواس پيو ڪرين، ان سان مون کي ڪابه دلچسپي ڪانھي، ھاڻي کڻي چپ ڪر.“ مون چيو- پر ھو به پھريون نمبر حرامي ھو. کلندي چوڻ لڳو ته، ”توھان ماڻھو به الائجي ڪھڙي آفت آھيو، ايتريون اذيتون برداشت ڪريو ٿا پوءِ به خاموش آھيو- جنھن ڏينھن توکي ”ايوين“ مان آندو ھئائون، مون توکي ڏٺو ھو، ھڪ سپاھي توکي ڪلھي تي کنيو ٿي آيو. تون بلڪل لاش پئي لڳينءَ، مون ڀانيو تون مري ويندينءَ. اھو ٻڌاءِ ته آخر اِھو ڪھڙو جذبو آھي جنھن سبب توھان ايتريون اذيتون برداشت ٿا ڪريو؟“ منھنجي جواب ٻڌڻ کانسواءِ ڳالھائيندو رھيو. ”آءٌ توکي ٻڌايان ٿو ته ھن نظام لاءِ مون سڄي عمر ڪم ڪيو آھي، ھن وقت مون وٽ جيڪو ڪجھ آھي سو ان جي ئي بخش آھي، پر پوءِ به جيڪڏھن توھان مون کي ٿوري به مار ڏيو ته آءٌ ھڪ چماٽ کائڻ کان سواءِ ئي سڀڪجھ ٻڌائي ڇڏيان. منھنجي سمجھ ۾ نٿو اچي ته آخر توھان ڪھڙي بلا آھيو؟ ڇا توھان چريا آھيو؟“ ۽ پوءِ پاڻ ئي لڄي ٿي، انھن مجاھدن جي ھمت کي ساراھڻ لڳو. جن کي 1953ع ۾ ”موت جي سزا“ ڏني ويئي ھئي. ھي خود ان ۾ شامل ھو ۽ جنھن نموني مجاھد بندوقن آڏو سينو ساھي بيٺا ھئا، ان لاءِ کين داد ڏيڻ لڳو.
ھاڻي وري ٻن ڏينھن تائين مون کي کٽ سان ٻڌائون. جڏھن سپاھيءَ ماني کائڻ لاءِ کوليو ته آءٌ ڊوڙي وڃي، سيخن وٽ پھتس، ساٿي رقيه سامھون واري ڪمري ۾ بيٺي ھئي. مون ھٿ مٿي کنيو ۽ ھن به ڀڪوڙيل مٺين سان ”انقلاب جو سلام“ چيو، آءٌ ڏاڍي خوش ٿيس. ماني کائڻ واري وقفي کان پوءِ مون کي وري کٽ سان ٻڌائون. زخمن سان چُور ھوندي به منھنجو ڳاٽ اوچو رھيو. وري ھاڻي ھٿ کوليائون ۽ آءٌ سولائيءَ سان سيخن کان ٻاھر ڏسي پئي سگھيس. ھڪ ڀيري ڪمري نمبر 9 (نو) ۾ ڊاڪٽر کي ويندي ڏٺو. مون کي حيرت ٿي ۽ سندس اچڻ جو سبب معلوم ڪرڻ ٿي گھريم. جڏھن به ڪو ڊاڪٽر ۽ سندس مددگار تھ خاني ۾ ايندو ھو ته ان مان صاف ظاھر ھو ته ڪنھن قيديءَ کي سخت اذيتون ڏنيون ويون آھن. طبي مددگار ساٿي رقيه جي ڪمري ۾ پڻ ويو. دشمن ساٿيءَ جي پيرن جون آڱريون لائيٽر جي باھه سان ساڙيون ھيون ۽ ھو انھن زخمن جي ملم پٽي ڪرڻ ويو ھو. مون سيخن کان ٻاھر ڏٺو ته ٻيا ساٿي به سيخن وٽ بيٺا ھئا. ڪمري نمبر نو مان مشڪل سان ساٿي رڙھندو نظر آيو. ھو ”ارمان خلق گروھه“ سان تعلق رکندو ھو. جڏھن ھڪ سپاھيءَ کيس ٽيڪ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ھن سپاھيءَ کي ڌڪو ڏيئي پري ڪيو. صاف ظاھر ھو ته ھن کي سخت اذيتون ڏنيون ويون ھيون. ھن جي چيلھ ۽ ھڪ ٻانھن کي ڏنڀ ڏيئي ساڙيو ويو ھو. سندس ھٿ زخمن جي ڪري سڌا ڪونه پي ٿي سگھيا ۽ پيرن جا زخم پڻ تازا ھيس جنھنڪري ھو ھلي چلي به ڪونه ٿي سگھيو. ايتري تڪليف ھوندي به ھو ھمت ۽ مردانگيءَ سان اڳتي وڌي رھيو ھو. ھڪ مجاھد کي ايترو زخمي ڏسي، مون کي چڪر اچڻ لڳا ۽ سڄو ڪمرو گول ڦرندي محسوس ٿيو. ھو جيئن ئي نظرن کان پري ٿيو آءٌ جيڏي سا تيڏي وڃي سيخن جي جھنگلي سان ٽڪرجي ڪري پيس ۽ ڀت تي زور سان مُڪون ھڻڻ لڳس. انتقام جي باھه ۾ ٻرندي، منھنجو ساھه منجھڻ لڳو ۽ ڳوڙھا لارون ڪري وھڻ لڳا. پنھنجو پاڻ کان پڇيم، ھي وحشي اھڙن ڏوھن ڪرڻ لاءِ ڇو آزاد آھن؟
ساٿي اصغر عرب حارثي دشمن کان سخت نفرت ڪندو ھو. ننڍي عمر ھوندي به ڄاڻ تمام وسيع ھيس. اھڙو ته سخت محنتي ڪارڪن ھو، جو سڀ ساٿي سندس عزت ڪندا ھئا. ايتري قدر جو دشمن به سندس تعريف ڪندا ھئا. مون کي ياد آھي ته جڏھن مٿس ڦٽڪا وسائي رھيا ھئا ته ٻڙڪ به ٻاھر نه ڪڍيائين. آخرڪار دشمن ڪَڪ ٿي پيا ۽ چوڻ لڳا ته، ”ھن ڇوڪري کي ڦٽڪا ھڻڻ ڄڻڪ ڀت کي ڦٽڪا ھڻڻ جي برابر آھي.“ کيس چوويھ چوويھ ڪلاڪ کٽ تي زنجيرن سان ٻڌي ڇڏيندا ھئا ۽ جڏھن به زنجير کوليندا ھئا ته ڀرسان بيٺل دلال کي لت وھائي ڪڍندو ھو. جنھن ڪري کيس ڏنڊا ٻيڙي پارائي، ٻه سپاھي پائخاني ڏانھن وٺي ويندا ھئا. ساٿي اصغر جو چوڻ ھو ته، ”دشمن سان ڪڏھن به زبان سان گفتگو نه ڪجي پر ساڻس بندوق جي ناليءَ وسيلي گفتگو ڪرڻ گھرجي.“ ھڪ ڏينھن پھريدار عورت مون کي ساٿي شاھين جي ڪمري ۾ وٺي وئي. مون کي بغل ۾ ماني ھئي ۽ سواءِ ڪنھن سوچ جي ننھن سان ماني پٽي کائي رھي ھيس ته ساٿي شاھين چيو. ”ممڪن آھي تون ڪمري جو فرش به ننھن سان کوٽيندي رھندي آھين جيئن تون مانيءَ کي پٽي کائي رھي آھين.“ مون چيو، ”ھاڻي نه، پر اھو ممڪن آھي ته کليل جيل مان ڀڄڻ جي ڪوشش ضرور ڪنديس.“ پھريدار عورت وچ ۾ ڳالھائيندي چيو، ”پياري! اھو خيال دل مان ڪڍي ڇڏ، ھيترن سپاھين ۽ پھريدارن جي موجودگيءَ ۾ تون ڪيئن ٿي ڀڄي سگھين؟“ ان لاءِ مون کي انتظار ھو ۽ فدائيءَ کي ھميشہ موقعي جي تلاش ھوندي آھي.
سياري جي موسم ۾ سخت ٿڌ پوندي ھئي، آءٌ پنھنجي جسم کي بال وانگر گول ڪري سمھندي ھيس پر پوءِ به ھڪ ڪمبل مان ايترو سيءُ ٿيندو ھو جو سڄي رات ننڊ نه ايندي ھئي. ائين محسوس ٿيندو ھو ڄڻ سيءَ کان منھنجي دماغ جون رڳون خشڪ ٿي ويون آھن. مون ٿڌ کان بچڻ لاءِ چولي کي ٽانڪا ھڻي ڇڏيا ۽ قيدخاني وارو ڪوٽ مٿي کي ويڙھي، سوگھو ڪندي ھيس.
ڪجھ نوان قيدي آيل ھئا ۽ آءٌ انھن سان گفتگو ڪرڻ لاءِ واجھائي رھي ھيس- ھڪ ڀيري انھن قيدين مان ھڪ سان ملاقات ٿي. مون کانئس پڇيو، ”ساٿي ڪھڙا حال آھن؟“ ھو خوش ٿي چوڻ لڳو، ”ڇاپامار ٽولي جنرل فرديءَ جي ھيلي ڪاپٽر کي گوليون ھڻي، تباھه ڪري ڇڏيو ۽ ھو به مري ويو.“ مون کي ڏاڍي خوشي ٿي، کيس چيم ته اھا ڳالھ وري چئي ٻڌاءِ- وري پڇيومانس، ”ساٿيءَ مھرنوش جو ڇا حال آھي؟“ ھن وراڻيو، ”ھوءَ فدائين ۾ شامل ٿي ھئي ۽ دشمن سان مقابلو ڪندي شھيد ٿي وئي. ھن دشمن جو ان وقت تائين مقابلو ڪيو جيستائين ٻيا ساٿي اتان کسڪي ويا، ھوءَ وڏي بھادريءَ سان وڙھي ھئي ۽ ان ڳالھ جي عوام کي به خبر آھي.“ اھا خبر مون لاءِ ھمت افزائيءَ واري ھئي. ھڪ ڏينھن وري ھڪڙي ٻئي ساٿيءَ خبر ٻڌائي ته ھڪ مذھبي جماعت تاريخي ماديت کي مڃي ٿي. ھڪ ٻئي چيو، جماعت مجاھدين خلق به ھٿياربند جدوجھد ۾ ايمان رکي ٿي. اھو ٻڌي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي.