لِڱ منھنجا لوھه, ليکڪ : اشرف دھقاني

لِڱ منھنجا لوھه

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : لِڱ منھنجا لوھه
ليکڪ : اشرف دھقاني
سنڌيڪار : محبوب علي راھوجو
ڪيٽيگري : ناول
ڇپيندڙ : عظمت ادبي اڪيڊمي حيدرآباد
شايع ٿيڻ جو سال : 1985
شامل ڪيو ويو : 2016-06-12
ڏِٺو ويو : 2618 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 1155 ڀيرا
ايران جي تاجدار بادشاھه سمجھيو ھو ته عوام ته اٻوجھ آھي، انھن کي پنھنجن حقن جو ڪھڙو شعور؟ پر جي ڪڏھن عوام پنھنجا حق گھريا به، ته وفادار فوج کين نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيندي!. ايران جو عوام به نيٺ سجاڳ ٿيو ۽ جڏھن عوامي فوج، آزاديءَ جي متوالن جي فوج ميدان ۾ اچي ويئي، تڏھن شاھه جي جديد ترين ھٿيارن سان مسلح فوج به سندن راھه نه روڪي سگھي ۽ ايران ۾ عوامي عوام جو اقتدار قائم ٿي ويو. پاڻ کي ذري گھٽ خدا سمجھڻ وارو شاھه جان بچائڻ لاءِ دنيا ۾ ھنڌ ھنڌ پناھه جو طالب ٿي ڦرندو رھيو، پر نه کيس ڪٿي پناھه ملي سگھي، نه ذھني سڪون! نيٺ پرڏيھ ۾ گذاري ويو- ۽ دنيا جي امير ترين شخص کي سندس وطن ۾ قبر به نصيب نه ٿي.
عوام جي انھيءَ جنگ جو نالو آھي ’لِڱ منھنجا لوھه‘ شاھه جي فوجن، آزاديءَ جي متوالن تي ڪھڙا ڪھڙا ظلم ڪيا، ۽ ھو پنھنجي مقصد تي قائم رھي، منزل تائين ڪيئن پھتا، اھوئي سڀ ڪجھ ھن ڪتاب ۾ بيان ڪيل آھي.

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري ناول مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ