باب اٺون : ٻيھر اِيوين ۾ نفسياتي اذيتون ۽ ڪجھ ساٿين سان ملاقاتون
مون ڪر اڳي نه ڪيو، اھڙو ڪوجھو ڪم،
جان جان دعوا دم، تان تان پرت پنھوارن سين.
اسان کي وري اِيوين بدلي ڪيائون، اکين تي ڪاري پٽي ٻڌي وٺي ويا. ان کان اڳ مون ٻڌو ھو ته ظالم شاھه ساواڪ ۽ پوليس سان روزانو ٽيليفون تي رابطو قائم ڪري، جانچ، اذيتن ۽ ان جي نتيجن جي خبرچار لھندو ھو.
ٻه ڏينھن مون کي قيد تنھائيءَ ۾ رکيائون. ٽئين ڏينھن ساٿين شاھين ۽ رقيه سان گڏ مون کي ھڪ ڪمري ۾ قيد ڪيائون. قيد تنھائيءَ ۾ رھڻ کان پوءِ جڏھن اسان ٽئي گڏيوسين ته ايتري خوشي ٿي جو بيان نٿي ڪري سگھان. خوشيءَ ۾ اھو احساس به نه رھيو ته واقعي اسان ٽئي ھڪ ڪمري ۾ آھيون يا نه- ڄڻ ته خواب جو سمو ھو. ڪافي عرصي کان پوءِ ھيتري خوشي ملي جنھنڪري اسان وري وري ڀاڪر پائي رنيونسين. ان کان پوءِ پورو اڌ ڪلاڪ وري کِلياسين. اسان ڳالھيون ڪنديون رھيونسين، ايتريقدر جو ٻه ڏينھن ٻه راتيون گذري ويون ۽ اسان ننڊ به ڪونه ڪئي. جنھن ڪمري ۾ اسان کي قيد ڪيو ويو، ان کي ھڪ در ۽ ھڪ دري ھئي. دريءَ جي سامھون ھڪ گھاٽو وڻن جو جھڳٽو ھو، ان کان سواءِ ٻي ڪابه شيء نظر ڪونه ٿي آئي. ڪانوَ ھڪ وڻ کان ٻئي وڻ تي وھندي نظر اچي رھيا ھئا، انھن جي ڪان ڪان جي آواز کان سواءِ ٻيو ڪوبه آواز ٻڌڻ ۾ ڪونه ايندو ھو. ڪڏھن ڪڏھن پري کان ڪن رولو ڪتن جي ڀونڪڻ جو آواز ٻڌبو ھو. انھن آوازن سان ماحول وڌيڪ ماٺيڻو محسوس ٿيندو ھو. ان ماحول مان دشمن پورو پورو فائدو وٺندا ھئا ۽ اسان جي ساٿين کي نفسياتي اذيتن ڏيڻ لاءِ ھو گولي ھڻڻ جھڙو مذاق به ڪندا ھئا. اھو ھيئن ڪندا ھئا جو صبح جو سوير ڪنھن به ھڪ ساٿيءَ کي ننڊ مان اٿاري، چوندا ته اڄ توکي گولي ھڻنداسون، پوءِ ان کي اکين تي ڪاري پٽي ٻڌي کيس ھڪ وڻ سان ٻڌندا ھئا، سپاھي قطار قطار ٺاھي، بندوقون سڌيون ڪري بيھندا ھئا ۽ ساٿيءَ کي موت جو حڪم پڙھي ٻڌايو ويندو ھو. گولي ھڻڻ کان ڪجھ گھڙيون اڳ ۾ ھڪ سپاھي ڊوڙندو ايندو ھو ۽ چوندو ھو ته موت جي سزا نه ڏني وڃي، ڇاڪاڻ جو ھينئر حڪم مليو آھي ته موت جي سزا رد ڪجي ٿي. ان طرح دشمن اسان ساٿين کي ’موت جو ذائقو‘ چکائيندا ھئا. جيئن ھو ڊڄي، ھراسجي ۽ بزدل ٿي پون، سندن مضبوط ارادو ڪمزور ٿئي ۽ ھو موت جي خوف کان تحريڪ بابت ڪي ڳجھيون ڳالھيون ٻڌائين.
ھڪ ڏينھن ھو ساٿي مسعود احمد (مسعود احمد ”فدائين خلق“ جي مرڪزي ڪميٽيءَ جو ميمبر ھو. 1971ع ۾ ھڪ مُھم دوران گرفتار ٿيو ھو. 1972ع ۾ پنجن ٻين ساٿين سان گڏ کيس شھيد ڪيو ويو. سندس لکيل مضمون ”ھٿياربند جدوجھد، حڪمت عملي ۽ مھارت“ فدائين خلق جي پارٽي دستاويزن ۾ شامل آھي.) کي وٺي آيا. اسان سندس انتظار ۾ در تي بيٺيون رھيونسين. اھا ڳالھ بيان کان ٻاھر آھي ته اسان ساٿيءَ سان ملاقات ڪرڻ لاءِ ڪيترو نه بيقرار ھيوسين. نيٺ انتظار جون گھڙيون پوريون ٿيون، دروازو کليو ۽ ساٿي مسعود اندر داخل ٿيو. اسان ٽيئي ساڻس تمام گھڻي جوش ۽ جذبي سان مليونسين. سندس سنجيدہ چھري تي پريشانيءَ جا آثار ظاھر ٿي رھيا ھئا، ھٿ ملائن مھل اسان محسوس ڪيو ته ساٿي مشڪل سان ھٿ مٿي ڪري رھيو آھي. اسان ھڪٻئي ڏانھن نھاريو ۽ سوچيوسين ته اجايو ساڻس ھٿ ملائي، کيس تڪليف پھچائيسون. کانئس پڇيم، ”اذيتون سھندي اوھان کي ڪيترا مھينا گذري ويا آھن، ڇا اوھان کي اڃا سُور ٿئي ٿو؟“ ھن ھٿ لوڏيو ۽ چيائين، ”ڪا خاص ڳالھ ڪانھي.“ ھو فرش تي ويھي رھيو ۽ اسان به سندس چوڌاري ويھي رھيونسين. ساٿيءَ رقيه کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ کانئس ڳوڙھا وھڻ لڳا. ھُن جانچ دوران اذيتن جو جھڙي طرح مقابلو ڪيو ھو، ان جي باري ۾ ٻڌايائين ۽ پڇڻ لڳو، ”اوھان جي راءِ ڪھڙي آھي، ڇا مون اصولن سان غداري ڪئي آھي؟“ وري پاڻ ئي چيائين، ”نه ..... ھرگز نه ..... اھا غداري ناھي.“ وري کيس جيئن ئي ڪو واقعو ياد آيو ته سندس ڳاٽ اوچو ٿي ويو. ڇا ساٿي مجيد بابت توھان ڪجھ ٻڌو آھي؟ تنھن تي پھريدار مصطفوي کيس روڪڻ لڳو. مگر اسان ساٿيءَ کي منٿون ڪيون ته ڪجھ ٻڌاءِ. ھن چيو، ساواڪ جي غنڊن ھڪ غدار جي مدد سان ساٿي مجيد کي گرفتار ڪيو. گاڏيءَ ۾ ، سندس ھڪ ٽَنگ مشين گن سان ٻڌي ڇڏيائون. ساٿي مجيد سان گڏ ٻه ساواڪ جا غنڊا پڻ ويٺل ھئا. ھن وٽ اڃا تائين ھڪ دستي بم رھجي ويو ھو جيڪو ساواڪ جي دلالن ڪونه ڏٺو ھو. ساٿي مجيد پنھنجي وات ۾ سائينائيڊ جي زھريلي گوري وڌي، جيڪا وٽس موجود ھئي ۽ پوءِ بم مان پن ڪڍي، ڪار جي اڳين سيٽ تي بم اڇلايائين، اڳيان ويٺل ٽئين ساواڪ جي دلال بم کي پڪڙي ٻاھر اُڇلائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پر بم سندس ھٿن ۾ ڦاٽي پيو. جنھن سبب اھو دلال ۽ ڊرائيور ٿڏي تي مري ويا ۽ پويان ويٺل ٻئي ساواڪ جا ڇاڙتا زخمي ٿي پيا.
ھڪ ڀيري منھنجي ننڍي ڀاءُ محمد کي وٺي آيا. مون کي ٻڌايائون ته سندس طبيعت تمام خراب آھي ۽ مون سان ملاقات فقط ان لاءِ ڪرائي پئي وڃي ته جيئن سندس طبيعت سڌري پوي. محمد کي مون ھڪ سال کان ڪونه ڏٺو ھو. منھنجي ذھن ۾ مختلف سوال اڀرڻ لڳا. ڇا، ھو اسان جي تنظيم ۾ شامل ٿيو آھي؟ اھو سوال وري وري اڀري رھيو ھو. دشمن وري اھو پئي گھريو ته محمد کي ٽيليويزن تي ڏيکاري، اسان جي ساٿي ۽ تنظيم جي ڪارڪن بھروز کي ڏنل اذيتن جو بار ھلڪو ڪري ڏيکارين.
آءٌ ۽ محمد، ساٿي بھروز سان انقلابي خوبين ۽ صلاحيتن جي ڪري تمام گھڻي محبت ڪندا ھئاسين. جڏھن به کيس موقعو ملندو ھو ته اسان سان مارڪسزم تي بحث ڪندو ھو. سندس زندگيءَ جي ھر شيءِ انقلاب جي لازوال اصولن لاءِ وقف ٿيل ھئي. ھو ترڪي زبان ۾ قول ورجائيندو ھو، ھو ”انقلاب کان سواءِ پاڪائي اڻ ٿيڻي آھي.“
ھي شعر پڻ پڙھندو ھو:
قربانين کان ڪڏھن نه منھن موڙجي،
سچ خاطر جان ڏئي سَرھو ٿجي.
ساٿي بھروز جي زندگي محبت ۽ ايمان جو مجسمو ھئي. ھو دنيا جي عوام سان پيار ڪندو ھو ۽ کيس انقلاب ۾ ويساھه ھو. محمد سان کيس پيار ھوندو ھو. ان ڪري ساواڪ جي مڪار دلالن سندس اِن ڪمزوري جو فائدو حاصل ڪرڻ پئي گھريو. ھُنن محمد کي ڪجھ ڏينھن قيد تنھائيءَ ۾ بند ڪيو ۽ سندس ڪمري جي سامھون واري ڪمري ۾ ھڪ اھڙي ڪيسٽ وڄائيندا ھئا جنھن ۾ ھڪ انسان جي خوفناڪ رڙين ڪرڻ جو آواز ڀريل ھو. جنھن کي ڄڻ اذيتون ڏنيون پئي ويون. ڪڏھن ڪڏھن اڌ رات مھل محمد جي ڪمري جي ڀرسان بندوقن جا فائر ڪندا ھئا ۽ کيس چوندا ھئا ته قيدين کي گوليون ھڻي ماريو پيو وڃي. ڪڏھن رات جو اوچتو ننڊ مان اُٿاري چوندا ھيس ته اُٿي ھَلُ جو توکي ھن وقت اذيتون ڏينداسون. مسلسل نفسياتي ۽ جسماني اذيتن جي ڪري ۽ ٻيو ته کيس ٻڌايائون ته سندس وڏي ڀاءُ بھروز کي شھيد ويو آھي، جنھن سبب ھو نفسياتي مريض بڻجي ويو ھو. جڏھن کيس مون وٽ آندو ويو ته مون سمجھيو ته بيھوش ٿيڻ وارو آھي- ھو نه ڪنھن شيءِ کي چڱي طرح ڏسي پئي سگھيو نه ئي ڪا ڳالھ صحيح نموني سمجھي پئي سگھيو. ھر ڳالھ بي مقصد پئي ڀانيائين. ھُن پنھنجون اکيون ٻوٽي ڇڏيون. ڪنھن به شيءِ تي توجھ ڏيڻ سندس وس کان ٻاھر ھو. دشمن تي سندس ڪوبه اعتبار ڪونه ھو. کيس يقين ئي ڪونه ٿي آيو ته آءٌ سندس حقيقي ڀيڻ آھيان. ھُن ڀانيو ته ساڻس وري ڪا نئين چال کيڏي پئي وڃي. ائين پئي محسوس ٿيو ته ھو پاڻ کي چئي رھيو ھجي آءٌ پنھنجي اکين تي به اعتبار ڪري نٿو سگھان. ھن سپاھيءَ کي چيو ته، ”مون کي خبر آھي ته ھتان واپس ھلي وري توھان اذيتون ڏيندؤ، جن جي مون کي ڪابه ڳڻتي ڪانھي. آءٌ اھوئي چوندس جيڪو صحيح سمجھندس-“ پوءِ ھُن شاھه جي تصوير ڏانھن معصوم ٻارڙن وانگر آڱر کڻي چيو، ”آءٌ ھن شخص جي ھرگز حمايت نه ڪندس، ھي منھنجو ازلي دشمن آھي. مون کي ساڻس سخت نفرت آھي ..... نفرت!“ ھو ايترو ته سادو ۽ معصوم ھو جو اُن جو مون تي تمام گھڻو اثر ٿيو. مون سندس سادي جملي جي معنيٰ چڱي طرح ٿي سمجھي. ”آءٌ ھن شخص جي حمايت ھرگز نه ڪندس.“ جيڪڏھن سندس ڄاڻ وڌيڪ وسيع ھجي ھا ته ھو اھا ڳالھ اڃا به وضاحت سان چئي پي سگھيو. شروعاتي تعليم کان پوءِ ٻارھن سالن جي عمر ۾ ھُن پڙھڻ ڇڏيو ۽ گاڏين جي مرمت جو ڪم ڪندو ھو ۽ سڄو ڏينھن گاڏين جي مرمت ڪري، شام جو تعليم حاصل ڪندو ھو. ھن کي دشمن سان سخت نفرت ھئي. ھڪ ڀيري رات جو جڏھن خياطيءَ کيس اذيتن ڏيڻ لاءِ جاڳايو ته محمد مٿس حملو ڪري، سندس پير زخمي ڪري ڇڏيو ۽ خياطيءَ کي ڇڏائڻ لاءِ ڪيترائي ڀاڙيتو دلال مڙي آيا ھئا ۽ وڏي جھڳڙي کان پوءِ مس مس سندس جان ڇڏائي ھئائون. اھو سڄو ڏينھن اسان ٽنھي ويھي کيس سمجھايو تڏھن مس وڃي يقين آيس.
جڏھن آءٌ قصريٰ جي قيد خاني ۾ ھيس تڏھن خبر ملي ته محمد جي طبيعت ڪجھ سڌري آھي. پر دشمن کيس وري اذيتون ڏيڻ شروع ڪيون ۽ آخرڪار چار سال قيد جي سزا ڏنائونس. قصريٰ جي قيد ۾ وڃڻ کان اڳ اسان کي پوليس جي مرڪزي چاوڙيءَ ۾ آندائون. جيئن اسان جون تصويرون ۽ آڱرين جا نشان وٺي سگھن. اتي ھڪ ڊگھي قد وارو قيدي مليو، جنھن جي ھٿ ۾ ھڪ پيالي ھئي، جنھن ۾ دال ۽ ڪجھ چانور پيل ھئا. ھُن پنھنجي خوراڪ اسان کي ڏيئي ڇڏي. اتي ھڪ ٻيو ٻارھن تيرھن سالن جو نينگر پيلي رنگ جو قيدي ھو، تنھن پڻ پنھنجي خوراڪ آڻي، اسان جي آڏو رکي.
جڏھن اِيوين ۾ ھونديون ھيوسين ته اسان کي ٻڌايو ويو ته قصريٰ جيل ۾ مجرم ۽ فاحشه عورتون قيد آھن، جيڪي اتان جي ماحول کي ايترو ته خراب ڪريو ڇڏين جون ٻيون عورتون ان ماحول کي برداشت ڪري نه سگھنديون. جڏھن اسان قصريٰ قيد خاني جي زناني حصي ۾ پھتيوسين ته اسان سيخن جي پٺيان قيد ٿيل عورتن کي سلام ڪيو. بعد ۾ خبر پئي ته ساواڪ وارا ڪوڙ ڳالھائي رھيا ھئا. اھي عورتون ته نيڪ ھيون. مجرم ۽ خبيث جا لقب ته ساواڪ وارن کي ڏيڻ گھرجن، اھي بد نصيب عورتون ته معاشري نا انصافين جو شڪار ٿي، قيد خاني ۾ پھتيون ڳيون. ھتي احمد زادي ۽ ٽي ساھيڙيون به قيد رھيون ھيون، جن کي اسان جي تنظيم سان واسطيدار ھئڻ جي ڏوھه ۾ قيد ڪيو ويو ھو. ھڪ ٻي ڇوڪري به ھئي جنھن جو ڏوھه فقط اھو ھو جو ھُن وٽان اسان جو ھڪ ڪتابڙو نڪتو ھو. اسان جي پھچڻ کان اڳ ھنن کي آزاد ڪيو ويو ھو. ھنن جو ڏوھه اھو ھو جو ھنن اسان جي سياہ ڪل واري تحريڪ کان متاثر ٿي، اُن جي حمايت ۾ نعرا لکيا ھئا. ھتي ڪجھ ٻيون قيدياڻيون شيرن ليبرڪنگ جون به موجود ھيون. مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ته ايتري تعداد ۾ ڇوڪريون سياست ڪرڻ جي ڏوھه ۾ سزا ڀوڳي رھيون آھن. مگر قصريٰ قيد خاني ۾ اسان کي معلوم ٿيو ته دشمن انقلابي جوش گھٽائڻ لاءِ ھڪجھڙيون پاليسيون اختيار نٿو ڪري. ڪنھن به انقلابيءَ لاءِ تھ خاني ۾ اڪيلو سڙڻ ئي ڪافي ناھي، ان جي ابتڙ گرم ۽ آرام وارن ڪمرن ۾ رھڻ سان به وڏي تباھي اچي ٿي. اھڙين جاين تي آرام جي طلب پڻ انقلابي جوش ۽ جذبي کي ختم ڪرڻ لاءِ سبب بڻجندي آھي ۽ دشمن ھاڻي اسان تي به اھڙو طريقو استعمال ڪري رھيو ھو، ليڪن اسان جي اڪثريت سندن اِن چال کي سمجھي ورتو ھو ۽ اُن جي مقابلي لاءِ تيار ھئاسين.
¬¬¬¬--------------