ڪهاڻين وسيلي سماج ۾ بهتري آڻيندڙ ڪهاڻيڪار. . .
زير نظر ڪتاب “اڻپوري خواهش” اسان جي جاکوڙي ۽ کاهوڙي دوست گل محمد سومري جي نون ڪهاڻين تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ ٽائٽل ڪهاڻي اڻپوري خواهش سميت لائيف ٽائيم ايوارڊ، ساک جو صدمو، آسائش جو انت، ثقافتي ارڏايون، صبر جو سواد، جذبن جو جادو، نصيحت ۽ خودڪشي؛ ڪهاڻيون شامل آهن. گل محمد سومرو صاحب تعليم واري شعبي سان واڳيل آهي، ان ڪري سندس گهڻين ڪهاڻين جا پلاٽ به تعليم جي شعبي سان وابسته آهن. هي ڪهاڻيون ڪهاڻيون گهٽ الميه وڌيڪ آهن، جن ۾ سماجي حوالي سان تعليم جي ميدان سان واڳيل گهڻيون شيون ڏنل آهن. هنن ڪهاڻين ۾ شاگردن جي نفسيات به ڏنل آهي ته والدين ۽ تعليمي ادارن کي به مختلف حوالن سان بحث هيٺ آندو ويو آهي.
لائيف ٽائيم ايوارڊ هڪ اهڙي هونهار شاگردياڻي جي ڪهاڻي آهي، جيڪا تمام گهڻي محنت ڪري ٿي، ڏينهن رات هڪ ڪري پڙهي ٿي ۽ سندس لاءِ گولڊ ميڊل جو به اعلان ٿئي ٿو، پر هوءَ بيماري سبب فوت ٿي وڃي ٿي. توڙي جو ليکڪ نياڻي جي بيماري جو سبب ناهي ڄاڻايو پر پوءِ به پڙهندڙ سمجهي وڃي ٿو ته نياڻي تمام گهڻي محنت ڪرڻ سبب ۽ مسلسل اوجاڳا ڪرڻ سبب بيمار ٿي آخر فوت ٿي وڃي ٿي. اهو ميڊل يا ايوارڊ ڪهڙي ڪم جو جيڪو ڪنهن جي زندگي ئي کسي وٺي. حقيقت ۾ هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ پيغام خاص طور والدين لاءِ آهي، جيڪي پنهنجي اولاد سان تمام گهڻيون اميدون وابسته ڪري کين ڏينهن رات محنت جو درس ڏين ٿا. محنت سٺي ڳالهه آهي، پر ٻار جي صحت کان وڌيڪ نه هجڻ گهرجي. والدين کي گهرجي ته هو ٻار جي تعليم ۽ ان جي رزلٽ سان گڏ انهن جي صحت جو به خيال ڪن. اسان وٽ ڪيترائي مثال آهن، جن ۾ ٻارن تمام گهڻي محنت ڪئي، صحت جو خيال نه ڪيو ۽ نتيجي طور هو پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو ئي وسائي ويهي رهيا. عرفه ڪريم رنڌاوا جو مثال به اسان جي سامهون آهي، جيڪا ننڍي عمر ۾ ئي تمام گهڻي محنت ڪري وڏي ڪاميابي ماڻي زندگيءَ جي بازي هارائي وئي. اها ڪاميابي حقيقت ۾ ڪاميابي نه بلڪه ناڪامي آهي. اهڙو ئي هڪ ٻيو مثال گل محمد سومري صاحب جي هڪ ٻي ڪهاڻي خودڪشي ۾ به اهڙو ميسيج ڏنو آهي، جنهن ۾ والدين پنهنجي نياڻي تي تمام گهڻي سختي ڪن ٿا ۽ کيس وڏو رزلٽ آڻڻ لاءِ دٻاءُ وجهن ٿا. آخر جڏهن هوءَ گهربل نتيجو نٿي آڻي سگهي ته هيءُ خط لکي خودڪشي ڪري ڇڏي ٿي:
“آءُ سمجهان ٿي ته آءٌ جيڪو قدم کڻي رهي آهيان، ان سان اوهان کي تڪليف ضرور ايندي ۽ آءٌ به پنهنجي آخرت ڪاري پئي ڪيان. پر ڇا ڪيان منهنجي ڪو ٻڌڻ وارو ئي ڪو نه هو. آءٌ مسلسل سوچي سوچي تنگ اچي وئي هئس. بابا جڏهن ڪنهن سان پيار ڪجي ته کيس سوچڻ ۽ مرضيءَ مطابق دائري اندر زندگي گذارڻ جي به آزادي ڏيڻ گھرجي. بيشڪ اولاد جي تربيت ڪرڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته تربيت کان سواءِ اولاد اڌوري آهي ۽ اولاد جي بهتر تربيت والدين کان وڌ ڪو ٻيو نه ٿو ڪري سگھي. پر پيار ۾ اولاد کي پنهنجي خواهشن جي آڙ ۾ غلام بنائي نه رکجي، پنهنجي خواهشن جي ڄار ۾ قيدي بنائي نه رکڻ گھرجي. اهو پيار نه بلڪه اولاد کي ذهني مريض بنائي رکڻ جي هڪ ڪوشش آهي، جيڪا اوهان کي زندگيءَ جي ڪنهن به موڙ تي سمجهه ۾ نه آئي. آءٌ اوهان جي خواهشن جو احترام ڪندي پنهنجي خواهشن جو هر موڙ تي ڳلو دٻائيندي رهيس، جيترو ٿي سگهيو. مون هڪ فرمانبردار نياڻي ٿيڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي. بابا سائين امتحانن ۾ محنت ڪرڻ جيترو منهنجي وسَ ۾ هو مون وسان نه گھٽايو، پر رزلٽ منهنجي وس جي ڳالهه نه هئي. جنهن ڪري آءٌ اوهان جو ٽاگيٽ پورو ڪري نه سگهيس، مونکي خبر آهي اوهان منهنجي ان رزلٽ تي مونکان ناراض ٿيندا، ان کان اڳ جو اوهان مونکان ناراض ٿيو، آءٌ پنهنجو انتُ ٿي آڻيان. نه هوندس ۽ نه ئي اوهان جي نافرماني ڪري اوهان جي بار بار دل ڏکوئيندس. ٿي سگهي ته اوهان منهنجي هيءَ نا فرماني معاف ڪندا.”
هيءُ هڪ اهڙو خط آهي، جنهن ۾ درد جون سٽون ۽ سِٽون آهن. خاص طور ڪهاڻين جو هيءُ ڪتاب سڀني والدين کي پڙهڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته هن ۾ سماجي حوالي سان والدين جي نفسيات ۽ ٻارن جي نفسيات تي تمام گهڻو مواد موجود آهي. هيءُ ڪتاب ڪاميابين ۽ ناڪامين جو داستان آهي. هڪ پاسي اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جن ۾ ٻارڙن تي ناحق سختي ڪرڻ جا خراب نتيجا ڏيکاريل آهن. يا ڪي اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جن ۾ سماجي حوالي سان ڪلاس جو فرق سامهون اچي ٿو. اڻپوري خواهش اهڙي ئي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ڪهاڻيءَ جا مکيه ڪردار خانداني طور هڪ ٻي کان گهڻو پري بيٺل آهن، ۽ جڏهن هو ڪورٽ مئريج ڪن ٿا ته ڇوڪريءَ جو پيءُ جيڪو پوليس آفيسر آهي اهو ڇوڪري جو “انڪائونٽر” ڪري ڇڏي ٿو جنهن جي خبر پوڻ تي ڇوڪري به خودڪشي ڪري ڇڏي ٿي. هن ڪهاڻيءَ ۾ به سخت طبيعت والدين لاءِ هڪ ميسيج آهي ته جيڪڏهن بيجا سختي رکي وئي ته اولاد ڪو به غلط قدم کڻي سگهي ٿو. هن ئي ڪتاب ۾ ٻئي پاسي “صبر جو سواد” هڪ اهڙي نوجوان جي ڪهاڻي آهي، جنهن جا سڳا رشتا ساڻس نفرت ڪن ٿا ۽ هو پنهنجي پيءَ جي گذاري وڃڻ کان پوءِ درزڪي ڌنڌي ۾ پنهنجي استاد سان رهي ٿو، جيڪو کيس پڙهائي ٿو ۽ هو محنت ڪري سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري ٿو ۽ پنهنجي استاد جو سهارو بڻجي ٿو. هيءَ هڪ ڪاميابين جي ڪهاڻي آهي.
مطلب ته هن ڪتاب ۾ شامل سڀني ڪهاڻين ۾ ڪو نه ڪو سبق موجود آهي. هڪ اهڙو سبق جنهن تي عمل ڪري اسان پنهنجين زندگين کي بهتر بڻائي سگهون ٿا.
هي ڪهاڻيون پڙهندي ڪيترن ئي هنڌن تي اکين جون پنبڻيون ڀنيون آهن. خاص طور تي ويساهه گهاتيءَ تي ٻڌل ڪهاڻي ساک جو صدمو ۽ “خودڪشي” ۾ ليکڪ درد کي وڏي ڪاريگريءَ سان پيش ڪيو آهي. هو سماج مان ڪردار کڻي انهن جو سور بيان ڪري ٿو؛ جيڪو سور سماجي ڪٿارسس طرف وڌي ٿو. آرٽ جو سماجي ڪارج به اهوئي آهي ته ان وسيلي سماج ۾ سڌارا آڻجن. گل محمد سومري صاحب جون ڪهاڻيون سنئون سڌو اسان جي سماج سان وابسته آهن، ۽ انهن ۾ هڪ سلجهيل ۽ ذهين شخص جا ويچار آهن. ڪهاڻين جو هيءُ ڪتاب خاص طور تي تعليمي شعبي سان وابسته ماڻهن لاءِ انتهائي اهم ۽ ڪارائتو ثابت ٿيندو.
ڊاڪٽر شير مهراڻي
ڪراچي يونيورسٽي