ڪھاڻيون

اڻپوري خواھش

گل محمد سومري جي ڪھاڻين جا اڪثر موضوع درد ۽ المين جي واقعن تي مشتمل آهن. سندس ڪھاڻين ۾ سماجي، سياسي ۽ معاشي مسئلا، نفسياتي رويا، رشتن جا رويا ۽ سماجي اڻبرابري وارا رويا عيان آهن. ڪھاڻيون پڙهندي ڪڏهن ڪڏهن اکيون اشڪبار ٿي وڃن ٿيون. سندس هيءَ ڪاوش سماج جي سڌاري ڏانھن هڪ وک آهي.

Title Cover of book اڻپوري خواھش

صبر جو سوادُ

عشاءَ جي آذان اچي رهي هئي، قادر سگريٽن جي مانڊڙي بند ڪري پنهنجي ننڍي پُٽ سان گڏ بازار کان ٻاهر مسجد ۾ نماز پڙهي گھر وڃڻ کان اڳ هڪ هوٽل جي ٻاهران ڪُنڊ ۾ ٻن پراڻين ڪُرسين تي ويهي چانههِ پيئڻ سانگي ويهي رهيو. هوٽل تي ڪجهه ماڻهو اندرين حصي ۾ پاڪستاني فلم ڏسي رهيا هئا. هوٽل جي اندرين حصي مان فلم کان وڌيڪ ماڻهن جون رڙيون ۽ هوڪرا هئا. هوٽل جي ٻاهران ڪجهه ماڻهو ڪرسين تي ۽ ڪاٺ جي ٺهيل صندل تي ويهي دنيا جهان جا حوال ڪري ٽهڪن ۾ مست هئا ته ڪي وري پاڻ ۾ ٻٽاڪون هڻي دل وندرائي وقت جي گاڏي کي ڌڪي رهيا هئا. قادر هميشه دڪان بند ڪري گھر وڃڻ کان اڳ بابوءَ واري هوٽل تي هڪ ڪنڊ ۾ ويهي تڪڙ تڪڙ ۾ چانهه ساسر ۾ وجهي پيئڻ بعد شڪور ٽيبل واري کي پئسا هٿ ۾ پڪڙائي گھر ويندو هو. اڄ پهريون ڀيرو قادر سان سندس پُٽ سرمد به ساڻُ هو. سرمد کي هوٽل تي ويهندڙ ماڻهن جو ماحول عجيب لڳي رهيو هو. هو ان ڳڻتيءَ ۾ هو ته بابا سائين هميشه تربيت ڪندي مونکي هوٽل تي ويهڻ کان منع ڪندو آهي، پر اڄ ابو پاڻ مونکي هوٽل تي وٺي آيو آهي.
سرمد ڇهين درجي جو شاگرد هو، هو نهايت گھڻو ذهين، هوشيار، سلڇڻو، قد بت ۾ پورو سارو پر رنگ جو سانورو هو. اسڪول ۽ پاڙي وارا سرمد جي ڏاڍي عزت ڪندا هئا. کيس ڏاڍو ڀائيندا هئا. سرمد جو هڪ وڏو ڀاء منير ۽ ٻه وڏيون ڀينر رضيه ۽ مديحه سرمد جي سانوري رنگ جي ڪري کيس ناپسند ڪندا هئا. منير، رضيه ۽ مديحه ته پاڻ ۾ کير کنڊ هئا پر سرمد سان هر ڳالهه ۾ ويڳن ڀائرن جيان ناروا سلوڪ اختيار ڪندا هئا. جڏهن ته سرمد به انهن جو سڳو ڀاءُ هو.
سرمد جي اسڪول ۾ امتحانن ۾ ڪاميابي، پاڙي ۾ عزت ۽ والد جو گھڻ گھرو هجڻ سبب گھر جا ڀاتي کيس نفرت ۽ حسد جي نگاهه سان ڏسندا هئا. اڪثر مديحه ۽ رضيه سرمد جي ماني تيار ئي نه ڪنديون هيون ۽ جيڪڏهن گھر ۾ والد جي موجودگيءُ سبب سرمد جي ماني رکنديون به هيون ته منير لڪي ڇپي ان جي حصي جي ماني پڻ کائي نڪري هليو ويندو هو، ڀينر ان ڳالهه کان واقف هوندي به پيءُ آڏو اڻ ڄاڻائي ظاهر ڪري وينديون هيون. ان باوجود به سرمد صبر جو ڍڪُ ڀري پيءُ کي بنا ٻڌائي بک تي سمهي پوندو هو. اهو ويچار ڪندي ته جيڪڏهن بابا سائينءَ کي انهن جي شڪايت ڪندس ته انهن جو وير ويتر مون سان وڌي ويندو.
سرمد هوٽل تي جيتري دير ويٺو رهيو هيڏانهن هوڏانهن جي ماحول ڏانهن حقارت جي نظر سان نهاري رهيو هو. شڪور ٽيبل وارو آيو ۽ اچي قادر سان هٿ ملائي سرمد سان به هٿ ملايائين.
چاچا قادر ڇا ڀلا اڄ سرمد کي به اسان جي هوٽل جي چانههِ پيئڻ جو شوق جاڳيو آهي ڇا؟ شڪور، سرمد جي پٺاڙن تي پيار منجهان هٿ ڦيريندي خوشيءَ منجهان قادر کان پڇا ڪئي.
نه ادا! اڄ سرمد سان دل جا حال اوري هانءَ تان ڪجهه وزن هلڪو ڪرڻ لاءِ سرمد کي هتي وٺي آيو آهيان. قادر، سرمد ڏانهن نهاريندي شڪور کي مرڪندي جواب ڏنو. ادا شڪور هاڻي تون اسان کي اسان جي حال تي ڇڏي ڏي، اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ٻه چانهيون باقائده ڪڙڪ کڻي اچجان، قادر شڪور کي هلڪي آواز ۾ چيو.
ها چاچا، جيڪو اوهان جو حڪم. شڪور ادب ۾ ٻئي هٿ ٻڌي هاڪاري ڪنڌ لوڏي هليو ويو.
پُٽ سرمد، آءٌ ڀايان ٿو ته تون هن هوٽل تي ويهي تمام عجيب ۽ بُرو محسوس ڪندو هوندين، مان سمجهان ٿو ته هن ماحول کي تون نا پسند ڪندو آهين ۽ اها تربيت به مون ئي توکي ڏني آهي، پر تون هن وقت مون سان گڏ آهين، گھٻرائڻ جي ڳالهه نه آهي. قادر آهستگيءَ ۾ سرمد کي سمجهايو.
ها، بابا سائين، اوهان جو سايو سِر تي هُجي، ته پوءِ دنيا جون وڏيون وڏيون آفتون منهنجو وار به لوڏي نه سگهنديون. هي ته هڪ معمولي هوٽل آهي. سرمد ادب سان ۽ معصوميت واري انداز ۾ پيءُ کي وراڻيو.
سرمد جي اهڙي اخلاقي جواب قادر جو من موهي ڇڏيو. هو پنهنجي ڪُرسيءَ تان اٿيو، پنهنجي ڪرسي هڪ هٿ سان کڻي سرمد جي پاسي ۾ رکي ان تي ويهي رهيو. قادر پنهنجو ساڄو هٿ سرمد جي پٺاڙن تي رکي کانئس اکيون اکين ۾ ملائي پيار منجهان ڏسڻ لڳو. ڏسندي ڏسندي ٻئي هٿ جي آڱرين سان سرمد جي کاڏي پڪڙي ساڻس مخاطب ٿيندي چيو ته “پُٽ آءٌ جڏهن به تنهنجي سُلڇڻائپ، ادب ۽ اخلاق واريون ڳالهيون ۽ سهڻو ڪردار ڏسندو آهيان ته يقين ڪر منهنجا ٿَڪ لهي ويندا آهن. اکين کي آرام ۽ دل کي سڪون ملي ويندو آهي. ان ڪري آءٌ اڄ تو سان ڪجهه سلڻ ٿو چاهيان.
ها بابا سائين، اها ته منهنجي لاءِ وڏي سعادت آهي، جو اوهان مون کي ان لائق سمجهيو ٿا. سرمد ڪنڌ جھڪائي پيار منجهان پيءَ جي آڏو شرمائيندي وراڻيو.
پُٽ آءٌ ڄاڻان ٿو ته تنهنجي امڙ جي وفات کان پوءِ تنهنجي ڀاءُ ۽ ڀينرن جو رويو تون سان بهتر نه آهي، پُٽ تون منهنجو سڪيلڌو ۽ فرمانبردار پُٽ هئڻ ڪري پنهنجي ڀينرن ۽ ڀاءُ جي اک ۾ ڪنڊي جيان هروقت چڀندو رهين ٿو، هو توکي گھر ۾ ڏسي سڙيون ٻوٽيون پيا کائيندا آهن. الله ته ڪري خير، جنهن ڏينهن مون اک ٻوٽي ته. ...
سرمد يڪدم پنهنجو هٿ قادر جي چپن تي رکي زور ڏئي وڌيڪ لفظ اچارڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، سرمد جون اکيون آليون ٿي ويون ۽ لڙڪ اکين جا پردا ڦاڙي سندس ڳلن تي ڪري پيا. نه بابا سائين رب اوهان کي وڏي ڄمار عطا ڪري، اوهان آهيو ته آءٌ به آهيان. اوهان کان سواءِ آءٌ اڌورو ۽ ڪجهه به نه آهيان، ائين نه چئو بابا سائين، اوهان جا اهي لفظ منهنجو هانءُ ٿا جھورين. اوهان اهڙا لفظ ڪڍي منهنجي طاقت ۽ منهنجي جذبن کي ڪمزور نه ڪيو. سرمد، قادرکي اهڙا جملا نه دهرائڻ جو عرض ڪندي سڏڪن ۾ پئجي ويو.
قادر، سرمد جو هٿ پڪڙي هيٺ ڪيو نيڻ نيڻن سان ملائي يڪدم سرمد کي پنهنجي ڇاتيءَ سان لائي، سرمد جا لُڙڪ اگھي پيشاني چمندي کيس پرچايو، بابا رب نه ڪري جو ائين ٿئي.
قادر، سرمد کي آٿت ڏئي پنهنجي ڳالهه ٻيهر شروع ڪئي. پُٽ آءٌ چاهيان ٿو ته تو کي زندگيءَ ۾ خوشحال ڏسان. منهنجو ڪاروبار ته ايترو آهي جو گھر جو خرچ آسانيءَ سان هلي پيو، اهو ئي گنج آهي. رهي ڳالهه اها ته آءٌ توکي ڊاڪٽري يا انجنيري ته نه ٿو پڙهائي سگهان، ها ايترو ڪري سگهان ٿو ته تون ڪو هنر سکي پنهنجي تعليم حاصل ڪر جيترو ٿي سگهئي. ايئن تون مرضيءَ جو راڻو هوندين. حيثيت آهر جيترو وڻئي، جيڪو وڻئي علم پرائي پنهنجي ٻار، زندگي سنوار، مونکي ڪجهه ٿي ڏيکار. هاڻي کان ئي ڪو هنر سِکي پوندين ته اڳتي هلي ان هنر جي ڪمائيءَ مان تعليم به حاصل ڪري سگهندين. تيستائين آءٌ به ٻڍڙو ٿي ويندس ته پُٽ، تو جهڙو فرمانبردار اولاد مون کي بزرگيءَ ۾ ٿڌي ڇانوَ ۾ ويهاري کارائيندو. ان ڪري منهنجو خيال آهي ته تون ڪو صاف سٿرو ۽ عزت وارو ڪو هنر سک. قادر جي نصيحت سرمد جي ذهن ۾ ويٺي.
بابا سائين مونکي يقين آهي ته اوهان منهنجي لاءِ جيڪو به سوچيندا، اهو منهنجي حق ۾ بهتر هوندو. بابا سائين اوهان جو حڪم منهنجي اکين تي، جڏهن چئو، جيئن چئو اوهان جو سرمد اوهان جي خوابن جي تعبير ٿيڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهي. سرمد پنهنجي ڪرسيءَ تان اُٿي، قادر سان ڀاڪر پائي، قادر جي ڪلهن تي پنهنجو ڪنڌ رکي چهري تي مُرڪ سجائي پيار ۽ ادب واري انداز ۾ جواب ڏنو.
پُٽ مون مجاهد درزيءَ سان ڳالهايو آهي، اهو پڻ منهنجي ان فيصلي تي تمام گھڻو خوش پيو ٿئي. هن چيو آهي ته سرمد کي سڀاڻي دڪان تي موڪلجانءِ ته آءٌ کيس ڪم سيکاري ڪاريگر ڪندس. سڀاڻي پُٽ، تون اسڪول کان موٽي سڌو ادا مجاهد جي دڪان تي هليو وڃجان. قادر کي اهو يقين هيو ته سرمد منهنجي ڳالهه نه ٽاريندو، ڇاڪاڻ ته هو هڪ فرمانبردار پُٽ آهي.
بلڪل بابا سائين آءٌ سُڀاڻي ائين ئي ڪندس، مونکي اوهان جي فيصلي تي تمام گھڻي خوشي ٿي آهي، بس! بابا سائين اوهان جو پيار، اوهان جو منهنجي مٿان سايو ۽ اوهان جون دعائون منهنجي زندگيءَ جي تمام رستن ۾ ڪاميابي ۽ خوشين جا گُل نڇاور ڪنديون. سرمد وڏي فخر سان قادر کي ڀاڪر پائي وراڻيو.
شڪور چانههِ کڻي آيو. قادر روز جيان ساسر ۾ چانههِ پيئندي دير ئي نه ڪئي. سرمد ڪوپ ۾ چانههِ پيتي. چانههِ پيئڻ بعد ٻئي پيءُ، پُٽ ڪُرسين تان اُٿي شڪور کي پئسا ڏئي گھر ڏانهن روانا ٿيا.
ٻئي ڏينهن سرمد اسڪول کان موٽي، ڪتابن جو ٿيلهو رکي، بنا ماني کائڻ جي هنر سکڻ جي حب ۾ تڪڙو تڪڙو دڪان تي وڃي پهتو.
سائين آءٌ اوهان جي دوست قادر جو فرزند آهيان. سرمد وڏي ادب ۽ احترام سان ٻئي هٿ اڳتي ڪري مجاهد سان هٿ ملائي سلام ڪيو ۽ پنهنجو تعارف ڪرايو.
پُٽ آءٌ توکي سُڃاڻا ٿو، مجاهد شفقت واري لهجي ۾ سرمد سان هٿ ملائي جواب ڏنو ۽ پاسي ۾ رکيل هڪ اسٽول تي ويهڻ لاءِ چيو.
پُٽ! پهريون مانيءَ گرهن کائي پيٽ گذر ڪيون، بعد ۾ آءٌ تو کي سمجهايان ٿو ته هي ڪم سکڻ لاءِ تو کي ڇا ڪرڻو پوندو. ۽ هاڻي تنهنجي منجهند جي ماني اسان سان گڏ هوندي. ٺيڪ آ پُٽ. مجاهد اخلاق وارو طريقو اختيار ڪندي سرمد سان پيش آيو. دڪان جي هڪ ڪنڊ ۾ هڪ شاگرد چادر وڇائي ماني رکي، سڀني کي سڏ ڪيو. سڀني شاگردن ۽ ڪاريگرن لاءِ مانيءَ جو بندو بست مجاهد جي گھران ٿيندو هو. هر هڪ پيٽ ڀري ماني کائي شڪر ادا ڪيو. چانههِ جا ٻه ٻه ڍُڪ ڀري هر ڪو پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ مصروف ٿي ويو. پوءِ مجاهد شفقت واري انداز ۾ سرمد کي پنهنجي ڀر ۾ هڪ اسٽول تي ويهاري طريقي سان هنر سکڻ جا ڪارگر گُر سمجهايا. دڪان تي ڪم ڪندڙ 3 ڪاريگرن ۽ ٻن شاگردن کي سرمد سان هر معاملي ۾ تعاون ڪرڻ جي هدايت ڪئي. مجاهد ڄاڻيندو هو ته سرمد ذهين، فرمانبردار، سُلڇڻو ۽ محنتي ٻارُ آهي. هي نه رڳو تمام جلد هنر سِکي وٺندو پر استاد جي ادب جو پڻ هر موڙ تي خيال رکندو. ان ڪري مونکي ان جو احساس ۽ قدر ڪندي سچائيءَ سان ڪم سيکارڻ گھرجي.
سرمد به دڪان تي وڏي چاهه سان ڪم سِکي رهيو هو، هو دڪان تي ڏاڍو خوش هو، امڙ جي وفات کان پوءِ هاڻي وڃي سُک جو ساههُ کنيائين. سرمد اڌ ڏينهن اسڪول ته باقي وقت دڪان تي گذاري رات جا ٻه پهر گھر اچي آرام ڪندو هو.
سرمد وڏي چاههَ سان ٻن سالن ۾ تمام سُٺو ڪاريگر ٿي ويو. هن وقت هو اٺين درجي جو شاگرد هو. دڪان تان جيڪي به ڪمائيندو هو، سڀ اچي قادر جي هٿن ۾ ڏيندو هو. قادر ڪيترائي ڀيرا سرمد کي منع ڪيو ته مونکي انهن پئسن جي ضرورت نه آهي. پر سرمد هڪ سُلڇڻو ۽ فرمانبردار پُٽ هئڻ جي ناتي ڪمائي والد جي هٿ ۾ ڏيڻ مناسب پيو سمجهي. قادر انهن پئسن مان ڪجهه خرچ ڪري باقي ٽاريندو رهندو هو، بچت ڪيل رقم مان سرمد ۽ پنهنجي لاءِ لٽو ڪپڙو وٺندو هو. سرمد جي ڪاريگر ٿيڻ تي قادر ڏاڍو خوش هو، هو هميشه هٿ کڻي سرمد کي دعائون ڏيندو هو. ۽ سرمد به هاڻي پنهنجي ڪمائي آهر پنهنجو خرچ پاڻ ڪندو هو.
سرمد جا نائين جا ساليانا امتحان ٿي رهيا هئا، ڇنڇر جو ڏينهن هو، آخري پيپر هو سرمد صبح سوير پيپر ڏيڻ لاءِ والد کان موڪلائي اسڪول ويو. ڪجهه دير کان پوءِ دڪان جو سامان وٺڻ لاءِ پنهنجي دوست ڪريم رڪشه واري سان گڏ شهر هليو ويو.
منجهند جو هڪ ٿي رهيو هو، پاڙيوارن جي ڪنن تي ايمبولنس جي گھنٽيءَ وارو آواز ٻڌجڻ ۾ آيو. ننڍڙو پاڙو غريباڻي آبادي، هر ڪو هڪ ٻئي سان پيار ۽ محبت سان رهڻ وارو ماحول پسند ڪندڙ، ڏک، سُک ۾ هڪ ٻئي جي ڪم اچڻ وارا پورهيت سڀيئي پنهنجا ڪم ڪاريون ڇڏي اچي ٻاهر بيٺا، ڇا ڏسن ته ايمبولنس قادر جي گھر وٽ ٻاهران بيٺي آهي. ويجهو وڃي ڏسن ته ڪريم جي مٿي تي پٽي ٻڌل هئي، ڀر ۾ قادر جو لاش پيو هو. پاڙيوارا سڀ افسوس ۾ پئجي ويا، ڪجهه ماڻهن همت ڪري لاش ايمبولنس مان ٻاهر ڪڍي گھر جي ورانڊي ۾ رکيل هڪ کٽ تي رليون وڇرائي رکيو. اوڙي پاڙي جون عورتون ۽ مرد جمع ٿي ويا، روڄ راڙو شروع ٿي ويو گھٽيءَ ۾ پٿر رکيو ويو، ڪريم ٻڌايو ته اسان جي رڪشه جي پويان هڪ ٽرڪ واري اچي ٽڪر هنيو رڪشه ڪلٽي ٿي پئي، قادر ٿڌي تي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو مونکي ڳجها ڌڪ لڳا. اتي موجود ماڻهن ۽ پوليس وارن کڻائي اسان کي اسپتال پهچايو، اسپتال وارن منهنجي پٽي ڪري ايمبولنس ۾ قادر جو لاش رکرائي اسان کي اجازت ڏني.
سرمد آخري پيپر ڏئي جيئن ئي گھر واري گھٽيءَ وٽ پهتو، ڇا ڏسي ته گھٽيءَ ۾ فراسيون ۽ رليون وڇايون پيون آهن، ڪيترائي ماڻهو ويٺل آهن. سرمد پري کان ماڻهن جي خاموشي ڏسي محسوس ڪيو ته پاڙي ۾ ڪو وفات ڪري ويو آهي.سرمد جيئن ئي ويجهو آيو ته پاڙي جي هڪ ٻن بزرگن سرمد کي سيني سان لاتو. بزرگن جي ان طريقي تي سرمد جي جسم مان اڌ ساهه ڇڏائجي ويو. سرمد پڇا ڪرڻ چاهي پر سندس زبان ۾ ڳالهائڻ جي سگهه نه رهي. نه ئي وري پاڙي وارن ٻڌائڻ پسند ڪيو. پاڙيوارن کي اها خبر هئي ته قادر جو سڪيلڌو پُٽ سرمد آهي.
سرمد پاڙي جي ٻن بزرگن ساڻ جيئن ئي گھر ۾ اندر داخل ٿيو ته سامهون لاش تي نظر پوندي ڊوڙندو اچي پيءُ جي مٿان پيءُ جي پيشاني چمي، اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪري روئڻ لڳو. پاڙي جي ڪيترين ئي هڏ ڏوکي عورتن، بزرگن، مٽن مائٽن، منير ۽ سندس ڀيڻين سرمد کي ڌيرج ۾ آڻڻ لاءِ وڏا وس ڪيا پر سرمد کي اوچتو پيءُ جي وڇوڙي جيئري ئي ماري وڌو. سرمد رڙيون ڪري هڪ جملو بار بار دهرائي رهيو هو ته “بابا سائين تون ته مون سان هر موڙ تي قدم قدم سان گڏ کڻي هلندو هئين پر اڄ تون اڪيلو ڇو وئين، بابا سائين تنهنجي سرمد ڪهڙو ڏوهه ڪيو جو تون اڪيلو ڇڏي وئين.” سرمد والد جي لاش مٿان هنجون هاري نيٺ ڏندڻين پئجي ويو. پاڙيوارن سرمد جا ڏندڻ ڀڳا پر هو زنده لاش، بي حال هو، کيس دنيا جي ڪا خبر نه هئي. کيس بزرگن سهارو ڏئي ٻاهر مردن ۾ وچ ويهاري چئن چڱن صبر ڪرڻ جي تلقين لاءِ وڏا زور لاتا، سلڇڻو ۽ سلجهيل ٻار هو، وڏن جي ڳالهه ذهن ۾ ويٺس، نيٺ ڌيرج ۾ آيو. پر رت جي رشتي جي ڳنڍ جو اثر، والد جي وڇوڙي جي جدائيءَ جي صدمي جيءُ جھوري ڇڏيو هو. اندر جو پاڻي اکين جا پردا ڦاڙي لڙڪن جي قطار ۾ وهي رهيو هو. سرمد ظاهري طور ته صبر ڪيو پر اندر ۾ جھري رهيو هو. وقت مطابق ڪفن دفن جو انتظام ڪري رب جي امانت کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪري قُل بخشي سڀيئي گر موٽي آيا، ڪانڌپو، ٽيجھو نيٺ فاني دنيا جا رهجي ويل پکي پنهنجي پنهنجي آکيرن ڏانهن عبرت جو مقام حاصل ڪري اڏامندا موٽي ويا، هر ڪو هن فاني دنيا جي ڪارخاني ۾ پنهنجا پنهنجا فن ڏيکارڻ ۾ مصروف ٿي ويو. تان جو قادر جي وڇوڙي کي 15 ڏينهن به مس ٿيا، اڃا ته وڇوڙي جي ياد ۾ اکيون به آليون هيون، سُڏڪن جي تار به هلي رهي هئي ته اوچتو منير، رضيه ۽ مديحه پنهنجا تارا مٿي ڪيا ۽ اصليت ڏيکاري. انهن اُنڊ ڏئي سرمد سان جھيڙو ڪري کيس گھر مان ڪڍي ڇڏيو. سرمد کي اهو يقين هو ته بابا جي وفات کان پوءِ ڪنهن به وقت مون سان اهڙو ورتاءُ ٿيندو.
سرمد ننڍو ضرور هو، ڦوهه جواني هئس، پيءُ جي اثرائتي تربيت جي ڪري سندس جذبا بلند هئا، ننڍ پڻ کان هو ذهين ۽ سلڇڻو هو، والد جي هوندي سندس والد علم ۽ هنر جي دولت سان مالا مال ڪري ڇڏيو هيس. محنتي ٻار هئڻ سبب ننڍ پڻ ۾ ئي پنهنجي پيرن تي بيهي رهيو هو. سرمد همت نه هاري، سڌو استاد مجاهد وٽ دڪان تي آيو ۽ سڄي حقيقت کولي ٻڌايائينس. استاد مجاهد هنر سيکارڻ واري عرصي دوران سرمد جي فرمانبرداريءَ وارا جوهر ڏسي کيس پُٽ ڪري سڏيو هو. مجاهد کي هڪ نياڻي هئي. مجاهد پنهنجي نياڻي ناديه سان بيحد پيار ڪندو هو پر پوءِ به پُٽ جي اولاد کان سڪايل هو. ڊاڪٽرياڻيءَ سندس گھر واريءَ کي آپريشن کان پوءِ اولاد نه ٿيڻ جي حقيقت کان آگاهي ڏئي ڇڏي هئي. پر اڄ سرمد جهڙي سُلجهيل، محنتي، نماڻي ۽ فرمانبردار ٻار، مجاهد کي پنهنجو هڏ ڏوکي استاد سمجهندي زندگيءَ جو سورُ سليو ته مجاهد کيس ڀاڪر پائي آٿت ڏني.
پُٽ سرمد! آءٌ توکي قادر وانگر پُٽ سمجهندي اهو ئي پيار ڏيندس. جنهن پيار لاءِ تون ڪجهه ڏينهن کان اُڃايل آهين. سرمد کي پُٽ جهڙي آٿت ڏيندي مجاهد جي اکين مان لڙڪ وهي پيا. مجاهد سرمد کي پاڻ سان گڏ موٽر سائيڪل تي سڌو گھر وٺي آيو. ٻئي اچي ڪمري ۾ ويٺا.
مجاهد پنهنجي زال بشيران ۽ نياڻي ناديه کي سڏ ڪري ڪمري ۾ ويهاريو.
بشيران سرمد اڄ کان پوءِ اسان سان رهندو. جهڙيءَ ريت اسان جي ڌيءَ ناديه آهي، اهڙي طرح سرمد به اسان جو پُٽ آهي. مجاهد سرمد کي ڀاڪر ۾ هڻي مٿي تي هٿ ڦيرائي، بشيران سان مخاطب ٿيندي چيو.
بشيران هڪ ماءُ جي ناتي پُٽ جي اولاد لاءِ سڪايل هئي، نه رڳو بشيران پر ناديه کي پڻ هڪ ڀاءُ جي پيار جي ڪمي هميشه محسوس ٿيندي هئي. ڪيتري عرصي کان حقيقت ۾ ٻئي سرمد جي سلڇڻائپ ۽ اخلاق کان سهڻيءَ ريت واقف هيون، ان لاءِ اها ڳالهه ته سندن دل کي ڏاڍي وڻي ۽ ٻنهين سرمد کي وڏي محبت مان سڏ ڪري پنهنجي وچ ۾ ويهاري پيار ڏنو.
سرمد پندرهن ڏينهن کان پيءُ جي وڇوڙي ۾ جهري پيو هو، وري اڄ ساڻس ڀائرن ۽ ڀينرن ويڳاڻن وارو رويو رکندي گھر کان بي گھر ڪري ڇڏيو، پر اڄ مجاهد جي سچائيءَ، بشيران جي پاران هڪ ماءُ جو پيار ۽ ناديه جي طرفان هڪ ڀيڻ جي پيار سندس سڀيئي ڏک ڏاکڙا ختم ڪري ڇڏيا. بس! سرمد کي پنهنجي والد قادر جي ڪمي محسوس ٿي رهي هئي.
مجاهد جو سهارو ۽ گهر ۾ وڏي سچائيءَ سان ملندڙ عزت جي ڪري اڄڪلهه سرمد خوش گذاري رهيو هو. هڪ پاسي سرمد کي سچي پيار ۽ قرب جي ضرورت هئي، ٻئي پاسي مجاهد ۽ بشيران کي پُٽ جي ۽ ناديه کي هڪ ڀاءُ جي ضرورت هئي، سرمد جي اچڻ کان پوءِ سڀني جون اميدون پوريون ۽ خواب ساڀيان ٿي ويا. هاڻي سڀيئي گھر جا ڀاتي هڪ رت جي رشتي جيان سچائي، پيار، محبت، سهپ ۽ اخلاق جي دائري اندر هڪ خوشحال گھراڻي جيان زندگي گذاري رهيا هئا. وقت گذرندو ويو، سرمد ٻارهين درجي جو امتحان سٺن نمبرن سان پاس ڪيو. سرمد اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي وڃڻ جو ارادو ڪيو.
رات جو وقت هو، هڪ ڪمري ۾ مجاهد، سرمد ۽ بشيران دنيا جهان جون ڳالهيون ڪري رهيا هئا. بابا سائين ۽ امان اوهان سان هڪ عرض ڪرڻو آهي. سرمد وڏي ادب منجهان نماڻائيءَ واري انداز ۾ اجازت گھري.
ها پُٽ! ڳالهه ڪر، خير ته آهي؟ مجاهد ۽ بشيران ٻنهين مٺڙي
آواز ۾ وراڻيو.
بابا سائين! جيڪڏهن اوهان اجازت ڏيو ته آءٌ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي وڃان، سرمد گھٻرائيندي نماڻائيءَ منجهه مجاهد پنهنجي دل جي ڳالهه مجاهد ۽ بشيران جي آڏو رکي.
پُٽ! تون جيترو چاهين تعليم حاصل ڪر، تو کي اسين نه روڪينداسين، پر. ..! مجاهد خاموش ٿي ويو. پر پُٽ! تون رهندين ڪٿي؟ ماني ٽڪي، لٽو ڪپڙو ڌوئڻ، اهو سڀ پرديس ۾ تون ڪهڙيءَ ريت ڪندين؟. مجاهد جملو پورو ئي مس ڪيو ته بشيران يڪدم چيو، آءٌ پنهنجي ٻچڙي کي اڪيلو ڪڏهن به نه ڇڏينديس. سرمد ڪراچيءَ ۾ ئي اعليٰ تعليم حاصل ڪندو، آءٌ سرمد سان گڏ ڪراچيءَ وڃي رهنديس. اهو ٿي نه ٿو سگهي جو اسين پنهنجي هانءَ جو ٽڪرو اڪيلو ڇڏي ڏيون. شبيران سرمد جي مٿي تي هٿ ڦيرائي پيار منجهان چيو.
ايتري ۾ ناديه به اچي وئي، ڪهڙي ڪچهري ٿي هلي؟ ادا سرمد مون کي به ته خبر پوي. ناديه سرمد جي ڀرسان ڪُرسيءَ تي ويهي ڀاءُ سان حجت واري انداز ۾ ڳالهايو. ڌيءَ اسان فيصلو ڪيو آهي ته سرمد اعليٰ تعليم لاءِ ڪراچي وڃي رهيو آهي ان ڪري آءٌ به ساڻس گڏ وينديس ۽ تون هتي پيءُ سان گڏ هوندينءَ. بشيران ناديه کي جواب ڏنو. ها بلڪل، امان آءٌ بابا جي خدمت لاءِ ڪافي آهيان، ادا سرمد پڙهي لکي وڏو آفيسر ٿئي، ان کان وڌيڪ اسان لاءِ ٻي خوشيءَ جي ڪهڙي ڳالهه. ناديه خوشيءَ ۾ سڀني سان مخاطب ٿي چيو.
مجاهد: مون کي به ڪو اعتراض نه آهي بلڪه اها ته خوشيءَ جي ڳالهه آهي، رهي ڳالهه منهنجي مون سان ناديه هوندي. اوهان ٻه ڏينهن ترسو، آءٌ افضل سان ڳالهايان، هو منهنجو پراڻو يار آهي، هاڻي ڪراچيءَ ۾ ٿو رهي، هن کي سڄو حوال ڏيانس ٿو، پوءِ ڏسان هو ڪهڙي مدد ٿو ڪري. ٻيو نه ته رهڻ جي جاءِ جو بندو بست ته ڪندو، آءٌ به اوهان سان گڏ هلندس، ڪراچيءَ ۾ ڪرائي جي گھر جو بِلو ڪري ۽ گھر جو استعمال ۾ ايندڙ سامان سڙو وٺي ڏئي پوءِ آءٌ ۽ ناديه واپس موٽي ايندا سين. سرمد کي دلي خوشي پهتي. ٻئي ڏينهن مجاهد، ڪراچيءَ واري دوست افضل سان فون تي رابطو ڪري کيس ٻڌايو.
افضل ڏاڍو خوش ٿيو، هن جاءِ ڪرائي تي وٺرائي ڏيڻ جي خاطري ڪئي. افضل ۽ مجاهد ننڍ پڻ ۾ هڪ ئي استاد وٽ درزڪو ڪم سِکيو هو، ٻئي گھاٽا يار هئا، ان ڪري هاڻي به هڪ ٻئي جي تمام گھڻي عزت ڪندا آهن.
ٻئي ڏينهن سڀيئي تيار ٿي، اسٽيشن تي پهتا. مجاهد قطار ۾ بيهي ٽڪيٽون ورتيون، ريل 10 بجي اچڻي هئي. انتظار گاهه ۾ وڃي ريل جي انتظار ۾ ويهي رهيا. سرمد اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي خوشيءَ ۾ ڏاڍو خوش نظر اچي رهيو هو، ناديه کي ڀاءُ جي بهاني ڪراچي گھمڻ جو موقعو مليو ته اُها به ڏاڍي خوش هئي.
وقت ٿي ويو ريل گاڏيءَ پري کان ئي هارن ڏيندي اچي پليٽ فارم تي پهتي، هي به پنهنجي بوگيءَ جو نمبر تلاش ڪري پنهنجي پنهنجي سيٽن تي ويهي رهيا. صبح 7 بجي ريل ڊرگ روڊ جي اسٽيشن تي اچي بيٺي. ٽيڪسي ڪري سچل ڳوٺ ۾ افضل جي گھر پهتا.
افضل ۽ سندس گھر ڀاتين سڀني جي تمام سهڻيءَ ريت مهمان نوازي ڪئي. افضل سچل ڳوٺ ۾ مسواڙتي هڪ ننڍي گھر جو انتظام ڪري ڇڏيو هو.
مغرب جي نماز مسجد ۾ پڙهي افضل، مجاهد ۽ سرمد دڪان تي ڪچهري ڪري رهيا هئا، افضل ۽ مجاهد وڏي عرصي کان پوءِ مليا هيا، سو ننڍ پڻ جون ڳالهيون دُهرائي خوش ٿي رهيا هئا، سرمد سندن حوالن مان انهن جي ننڍپڻ وارين حرڪتن کان واقف ٿي رهيو هو. ڪجهه دير ۾ افضل جي دڪان تي طارق ۽ سليم اچي سرمد ۽ مجاهد سان مليا، خير خيريت معلوم ڪري يونيورسٽيءَ جي داخلا بابت سرمد کي ٻڌايائون ته داخلائون جاري آهن، ان سان گڏ داخلا ڏيارڻ ۾ سهڪار ڪرڻ جي خاطري ڪيائون. افضل خاص خور تي طارق ۽ سليم کي گھرايو ئي سرمد جي داخلا جي سلسلي ۾ هو، سليم ۽ طارق افضل جا پراڻا گراهڪ آهن. ٻئي هميشه افضل کان ڪپڙا سبرائيندا رهندا آهن. ان ڪري افضل جي سٺي عزت ڪندا آهن. ٻئي ڏينهن سرمد، سليم ۽ طارق سان گڏجي يونيورسٽي ويو ۽ داخلا فارم ڀري جمع ڪرائي آيو. شام جو سڀيئي ڀاتي پنهنجي مسواڙ واري جاءِ ۾ وڃي رهيا. سامان سڙو جيڪي کڻي آيا هئا سو عارضي طور سجائي رکيائون. وڌيڪ جنهن جنهن سامان جي کين ضرورت هئي اُهو ويجهو واري بازارين مان گھمي ڦري خريد ڪري آيا، ڪجهه ڏينهن بعد مجاهد ۽ ناديه ٻئي واپس ڳوٺ ويا. سرمد جي داخلا به يونيورسٽيءَ ۾ ٿي وئي، پرديس ۾ ڪنهن منزل تي پهچڻ لاءِ انسان کي محنت وڌيڪ ڪرڻي پوندي آهي ۽ هُو ڪشالا ڪڍڻ سان ئي سرخرو ٿيندو آهي. سرمد افضل جي دڪان تي اڌ ڏينهن سلائي ڪري پنهنجو خرچ ڪڍندو هو، سرمد کي سي، ايس، ايس ڪرڻ جو گھڻو شوق هو، وڏي محنت ڪندو هو. وڏي محنت ۽ جدوجهد ڪري سرمد پهرين پوزيشن سان گريجوئيشن جو امتحان پاس ڪيو. بشيران هر موڙ تي سندس ٻانهن ٻيلي هئي. ان عرصي دوران ڪڏهن مجاهد ملڻ لاءِ ايندو هو ته وري موڪلن ۾ بشيران ۽ سرمد به ڳوٺ جو چڪر هڻي ايندا هئا. وقت جو ڦيٿو بهار جي موسم ۾ گلشن جي گسن تان خوبصورت روانيءَ ساڻ، مينهوڳيءَ ۾ ٻارن جي مست مستانيءَ جيان ڦري رهيو هو.
سرمد کي سُڌ پئي ته سي، ايس،ايس جا امتحاني فارم ڀرجي رهيا آهن. سو سرمد به الله جو نالو وٺي فارم ڀري ڇڏيو. ان ڏينهن کان مقابلي جي امتحان جي تياريءَ جا جوهر ڏيکارڻ ۾ مست ٿي ويو. ڇا جو ڏينهن، ڇا جي رات، پرهه ڦٽي پرڀات ۾ به سرمد ڪتابن ۾ ويڙهيو پيو هوندو هو. انهن ڏينهن ۾ ته وري بشيران به خدمت جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، هن ڪا ڪسر نه ڇڏي. بشيران هڪ سڳي ماءُ جو ڪردار ادا ڪري اهو ثابت ڪيو ته جيڪڏهن انسانن جون دليون صاف آهن ته پوءِ انسانن منجهه انسانيت جي سڳنڌ سان ماحول مهڪي پوي ٿو. سرمد به ڪنهن موڙ تي ۽ ڪنهن ڳالهه ۾ انسان ته ڇا پر پکي پکڻ کي به اهو محسوس ٿيڻ نه ڏنو ته اسان جي رشتي جي ڏور ڪهڙي ڏانءَ سان جڙيل آهي. اهڙي رشتي جي سچائيءَ آڏو سڳو ۽ ويڳو لفظ ڪا به حيثيت ۽ معنيٰ نه پيو رکي. مجاهد ڪجهه سال اڳ جيڪا ان رشتي جي ڳنڍ ڳنڍي هئي، ان کي مضبوط ڪرڻ ۾ هر هڪ ڀاتيءَ پنهنجي پنهنجي سچائيءَ جو مظاهرو ڪري ايترو ته مضبوط ڪيو جو اها ڳنڍ خلوص ۽ سچائيءَ جي طاقت سان رت جي رشتن جيان مضبوط ٿي چڪي آهي.
سي، ايس، ايس جي امتحانن جي تاريخ جو اخبارن ۽ ٽيليويزن تي اعلان ڪيو ويو، لکت جي امتحان ۾ سرمد جو نالو پوري پاڪستان ۾ ٽئين نمبر تي آيو، سندس جذبا ويتر وڌي ويا، سرمد محنت ۽ جدوجهد جا ڏيئا مسلسل ٻاريندو رهيو. زباني امتحان جي تياريءَ لاءِ سرمد ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي. نيٺ زباني امتحان ۾ پڻ سرمد جذبن جا جوهر ڏيکاري پنهنجو پاڻ مڃائي منزل مقصود ماڻي ڏيکاري. سرمد جو خواب نيٺ ساڀيان ٿيو. ۽ پوليس کاتي ۾ اي. ايس. پي طور ڀرتي ٿيو.
سرمد گھر اچي ماءُ جيجل جا پير چمي زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي خوشخبري کان آگاهه ڪيو سندس ماءُ جو هانءُ ٺري پيو.
بشيران خوشيءَ مان نه پئي ماپي، پُٽ کي سيني سان لائي دعائن
جا ڍڳ کڻي سرمد جي جھوليءَ ۾ رکيائين.
سرمد فون ڪري مجاهد ۽ ڀيڻ ناديه کي به سُتت ئي گھرائي ورتو. اهي به ڪراچيءَ پهچي ويا. سڀ گھر جا ڀاتي خوشيءَ مان نه پيا ماپن. گھر ۾ بهار جي موسم واريون ٿڌڙيون هوائون سڀني جي ذهنن کي سڪون بخشي رهيون هيون. هيءَ ڪاميابي حقيقت ۾ صرف سرمد جي نه بلڪه سڀني گھر جي ڀاتين جي هئي.
سنگت ساٿ، پاڙيوارن ۽ مٽن مائٽن ۾ جيڪي ڪراچيءَ ۾ هئا مٺايون ورهايون ويون. هر پاسي کان مبارڪن جا پيغام اچي رهيا هئا.
ڪجهه ڏينهن ۾ سرمد کي ٽريننگ لاءِ وڃڻو هيو. رات جو پهر هو، سڀ گھر جا ڀاتي هڪ ڪمري ۾ ويٺا آهن.
بابا سائين هڪ عرض ڪيان؟ پر اوهان کي مڃڻو پوندو. سرمد هٿ ٻڌي مجاهد کي فرمانبردار اولاد جيان عرض ڪيو.
جيءُ ڪيان پُٽ ٰ ڇا مون ڪڏهن تنهنجي ڳالهه ٽاري آهي، ڳالهه ڪر پُٽ، مجاهد فخر سان سرمد جا ٻئي هٿ هيٺ ڪري شفقت ڀري لفظن ۾ ڳالهه ڪرڻ جي اجازت ڏني.
بابا سائين اوهان ڪجهه سال اڳ پنهنجي گھر ۾ هڪ ٻوٽو پوکي ايتري عرصي تائين ان جي ڪڙمت ڪري اڃ ان کي ميوي دار ۽ ڇانوَ ڏيندڙ وڻ تيار ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي. بابا سائين اوهان ايڏي ته جدو جهد ڪئي جو لڦن منجهه هٿ جون لڪيرون به لِڪي ويون. وقت اچي ويو آهي، هاڻي اوهان جي جدو جهد جي ڦل ملڻ جو. بس! هاڻي اوهان وڌيڪ محنت نه ڪندا. هاڻي هي اوهان جو ٻچڙو اوهان جي خدمت ڪندو. بابا سائين آءٌ سمجهان ٿو ته آءٌ اوهان جي خدمت ۾ زندگي گذاري اڇو مٿو به ڪيان ته به اوهان جو مقابلو نه ڪري سگهندس.
بابا سائين ۽ جيجل مونکي اوهان جي خدمت ڪرڻ جو ڏاڍو دلي شوق آهي، امان مونکي پنهنجو فرض نڀائڻ ڏيو، مون کي جواب نه ڏيو. سرمد پنهنجي جاءِ تان اٿي بيٺو، ٻيهر پيءُ ۽ امڙ آڏو هٿ ٻڌي نماڻو عرض ڪندي روئي ڏنو. بابا سائين اوهان جي خدمت ۽ اوجاڳن پارس جي پٿر جيان سرمد کي سون برابر ڪري ڇڏيو، اوهان جي قرب، پيار ۽ سهاري مونکي هڪ نئين زندگي بخشي. جيجل آءٌ اوهان جي آڏو ٻالڪڙو آهيان، انسان خطا جو پتلو آهي جيڪڏهن خدمت ۾ ڪا ڪسر رهجي وڃي ته بابا سائين ۽ جيجل معاف ڪجو، بابا سائين آءٌ ڪهڙي به منزل ماڻيان، ڪيڏو به آفيسر ٿي وڃان پر آءٌ زندگيءَ جي هر موڙ تي اوهان جي تربيت ۽ پيار جو محتاج ئي رهندس. جيجل دعا ڪر ته رب مونکي اوهان جي سٺي نموني خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا ڪري ۽ اوهان جي پيار، محبت ۽ شفقت جي اوسيئڙي ۾ منهنجي باقي زندگي به گذري. سرمد هانءُ ڏاريندڙ پيار ڀريا لفظ چئي ماءُ جي پيرن تي هٿ رکي سڏڪن ۾ پئجي ويو. بشيران پنهنجي ٻچڙي جا جذبا ڏسي نه رهي سگهي کيس پنهنجي سيني سان لائي هٿڙن سان لڙڪ اُگھي مٿو چمي پاڻ به روئي ڏنو. سرمد جي لفظن تي مجاهد جون اکيون به آليون ٿي ويون. ٻئي پاسي کان مجاهد به سرمد کي سيني سان لاتو.
پُٽ سرمد! تنهنجي فرمانبرداري ۽ هر موڙ تي اسان جي خدمت سان اسان جي دل ۾ اهڙا ته گلاب جا گُل ٽڙيا انهن جي خوشبوء سان سڀئي واسجي ويا سون. پٽ! جيئن تون چوندين ائين ئي ٿيندو. تون پنهنجي خواهش پوري ڪر. مجاهد سرمد کي وڏي پيار منجهان پنهنجي خواهش پوري ڪرڻ جي تسلي ڏني.
بابا سائين بس! هاڻي اوهان درزڪو ڪم ڇڏي ڪراچي اچو، هتي اسين پنهنجي جاءِ وٺندا سين. منهنجي پگهار مان اسين سڀ خوشحال طريقي سان زندگي گذاري سگهنداسين. سرمد وڏي فخر ۽ خوشيءَ منجهان چيو.
پُٽ! جنهن ۾ تون راضي، آءٌ تنهنجي خواهش جو قدر ڪندي ائين ئي ڪندس. مجاهد، سرمد کي سيني سان لائي اکيون اکين سان ملائي پيار منجهان اجازت ڏني.