نصيحت
سهيل پنهنجي ڪمري ۾ ڪا به شيءَ ڍنگ سان نه رکندو هو. هڪ شيءَ جي ڳولا ۾ ڪمري ۾ موجود باقي سامان جو جڻ ٻچو رولي ڇڏيندو هو. بعد ۾ ان جو ذميوار وري به پنهنجي گھر ڀاتين کي سمجهندو هو. جنهن وقت ڪا شيءَ ڪا نه ملندي هئس ته ماءُ ۽ ڀيڻ سان روَيو اهڙو هوندو هيس، جيئن هڪ وياجي واڻيي جو سندس قرضيءَ جي قرض ۽ وياج نه ادا ڪرڻ تي هوندو آهي. گھر ۾ ان طرح جي روزاني حرڪتن ڪرڻ با وجود به سهيل ڪنهن به ڳالهه ۾ پنهنجي غلطي تسليم ڪرڻ پسند ئي نه ڪندو هو.
ماءُ، پيءُ جي ننڍ پڻ کان وٺي دادلائپ کيس شعور، اخلاق ۽ تهذيب کان پوري طرح ڪورو ڪري ڇڏيو هو. سهيل جي ننڍپڻ کان وٺي هر هڪ سان بد سلوڪي ڪرڻ واري انداز جا ڪرڻا ۽ انهن جو اثر سهيل جي عمر مطابق هن وقت سندس گھر وارن جي دل کي تڪليف ڏئي رهيو هو. گھر جا ڀاتي ڪجهه ڪري به نه پيا سگھن. ڇاڪاڻ ته پنهنجي ئي پَيرن تي پاڻ ڪهاڙو هڻڻ وارو وڍُ ڪنهن کي ڏيکاري به نه پيا سگهن. ان ڪري صبر ۽ زهر جو ڍُڪُ پي ڪري زندگيءَ جو گاڏو ڌڪڻ واري ڳالههِ تي عمل ڪرڻ سڀني جي مجبوري ۽ بيوَسي هئي. سهيل جي پيءَ ( امجد ) ۽ ماءُ ( ڪُلثوم ) جي وڏي عرصي کان پوءِ خواهش مطابق پُٽ جي اولاد عطا ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ اولاد جي سوڀائتي تربيت ڪرڻ وارو ڏانءُ ٻنهين جي ذهنن مان ائين نڪري ويو، جيئن چنڊ جي آخري تاريخن ۾ اڌ رات جو بند ڪمري ۾ ٻرندڙ هڪ ميڻ بتيءَ جو اوچتو وسامڻ کانپوءِ ڪمري ۾ موجود انسانن جي اکين آڏو اونداهي ڇانئجي ويندي آهي. ڪجهه گھڙيءَ لاءِ ڪا به شيءَ نظرنه ايندي آهي. ان حالت ۾ انسان ڪجهه گھڙيءَ لاءِ ذهني ۽ جسماني طور تي پوري طرح ڪمزور ٿي پوندو آهي. جنهن ڪري ڪو به فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت کان محروم ٿي پوندو آهي.
سهيل شعوري ڳالهين کان بلڪل نڪور هو. کيس صحيح ۽ غلط جو، فائدي ۽ نقصان جو ڪو به ڏانءُ نه هو ۽ نه ئي وري ڪو احساس هو. هو جيڪي ڪجهه ڪري رهيو هو سندس نظرن ۾ اهو ئي بلڪل صحيح هو، باقي ڪو به ڪم ان جي آڏو ڪا به معنيٰ نه رکندو هو. خاص طور تي نصيحت ڪندڙ انسان کي هو پنهنجو دشمن سمجهندو هو.
سهيل کي ان جي ڪمري مان يو، ايس، بي ته نه ملي پر ڪمري ۾ رکيل سامان ائين وکيري ڇڏيائين، جيئن ڪنهن ڳوٺ ۾ درياهه جي ڪناري تان گذرندڙ ٽريڪٽر يا ٽراليءَ ۾ ويٺل بنا رئي جي نوجوان ڇوڪريءَ جي کليل ۽ وڏن وارن جي حالت ٿي ويندي آهي. ڪمري ۾ سامان جو ڏيک اهڙيءَ ريت هو جيئن ٻن ڏاندن جو پاڻ ۾ ڇٻر مٿان وڙهڻ کان پوءِ ڇٻر يا گاهه جو عجيب منظر نظر ايندو آهي.
هن ڀيري به سهيل هميشه جيان يو، ايس، بي گُم ٿيڻ جو قصور وار پنهنجي والده ۽ ڀيڻ کي سمجهندي انهن ساڻ تمام گھڻي بد اخلاقي سان پيش ايندي نيٺ گھر کان ٻاهر نڪري ويو.
جمعي جو ڏينهن هو، جمعي جي نماز جي وقت ۾ ڪجهه دير باقي هئي، ڪنهن مسجد ۾ خطبو هلي رهيو هو ته ڪنهن مسجد مان واعظ جو آواز ٻڌجڻ ۾ اچي رهيو هو. سهيل جيئن ئي ٻاهر نڪتو ته سهيل جا ڪجهه پاڙيسري دوست جمعي جي نماز پڙهڻ لاءِ وڃي رهيا هئا. اُنهن سهيل کي به نماز پڙهڻ لاءِ گڏ هلڻ جي صلاح ڪئي.
سهيل کين بعد ۾ اچڻ جو چئي ٽاري ڇڏيو ۽ پاڻ گھر ۾ اندر داخل ٿي پنهنجي ڪمري ۾ ٽوپيءَ جي ڳولا ۾ مصروف ٿي ويو. ڪجهه دير اڳ سهيل پاڻ ئي ڪمري جي سامان کي جهنجهوڙي ستيو ناس ڪري ڇڏيو هو. ان ڪري هن وقت ڪمري مان نماز واري ٽوپي ملڻ اٽي مان وار ڳولهڻ جي برابر هو. سهيل جي ذهن مان اڃا يو، ايس، بيءَ جي نه ملڻ واري ڪاوڙ ختم ئي ڪا نه ٿي هئي ته وري ٽوپيءَ جي نه ملڻ وارو ڏچو، سهيل جو غصو ويتر وڌي ويو، سندس حواس ڪم ڪرڻ ڇڏي ويا. ڏينهن جي روشنيءَ ۾ اکين اڳيان اونداهه ٿي ويا، ماءُ ۽ ڀيڻ جي رشتي جي اهميت، قدر، اخلاق ۽ احساس وساري ويٺو. ٽوپي نه ملڻ جو قصور وار ماءُ ۽ ڀيڻ کي قرار ڏيندي انهن ساڻ ٻيهر بد اخلاقيءَ وارو رَوَيو اختيار ڪرڻ سان گڏ گھر جو ڪجهه سامان ڀڃي ٽُڪر ڪري تڪڙا قدم کڻي گھر کان ٻاهر نڪري مسجد ڏانهن نماز پڙهڻ لاءِ هليو ويو.
مسجد ۾ داخل ٿي وضو ڪري سهيل مسجد جي هڪ ڪنڊ ۾ وڃي ويهي خطبو ٻڌڻ لڳو. پيش امام جمعي جي خطبي کان اڳ جيڪو واعظ ڪري رهيو هو ان جو عنوان والدين جا حق هو.
جيڪڏهن اوهان پنهنجي والدين يا ڪنهن گھر جي وڏي سان بد اخلاقي ڪري بنا معافي گھرڻ جي ۽ پنهنجو ڏوهه يا پنهنجي غلطي تسليم نه ڪرڻ جي حالت ۾ مسجد ۾ اچي نماز ٿا پڙهو ته ياد رکو اهڙيءَ حالت ۾ اوهان جي نه نماز قبول ٿيندي ۽ نه ئي ڪا دعا قبول ٿيندي. ڇاڪاڻ ته رتُ جي رشتن جي وڏي خاصيت اِها آهي ته ڪير ڪنهن کي ڪيترو به رنجائي، تڪليف ڏئي، گھٽ وڌ ڳالهائي يا غلطيءَ سان ڪو معمولي نقصان پهچائي پر ڪڏهن به ان جي دل مان بد دعا نه نڪرندي آهي. رتُ جي رشتن ۾ هر انسان جي سوچ ۾ قدرتي طور تي صبر جو جذبو ڀريل هوندو آهي. خاص طور تي ماءُ، پيءُ، ڀاءُ ۽ ڀيڻ جو رشتو سچائي، خلوص، بي پناهه محبت ۽ همدردي جي جذبن سان سرشار هوندو آهي. ان حالت ۾ انسان کي صبر، سچائي، محبت ۽ مروت جو ناجائز فائدو نه وٺڻ گھرجي. وڏن جي دل آزاري نه ڪرڻ گھرجي، انهن جو رتبو عظيم آهي. اسان کي هڪ ٻئي سان پيار، محبت، خلوص، سچائي، ۽ عزت سان پيش اچڻ گھرجي. ائين ڪرڻ سان اسان جي ذهن ۾ اُها خصلت جنم وٺندي جنهن جي نتيجي ۾ اسين دنيا وارن سان پڻ ساڳيو ئي سُهڻو رَوَيو اختيار ڪنداسين. ان سُهڻي عمل سان نه صرف اسين دنيا ۾ عزت ماڻينداسين پر اسان جي زندگي پڻ پُر سڪون گذرندي. اهڙو عمل اختيار ڪرڻ سان الله جي ذات اسان تي مهربان ٿيندي. اسان جون دعائون قبول ٿينديون ۽ اسان تي رب جي ٻاجهه ٿيندي. مطلب ته الله جي ذات به خوش ته دنيا به خوش.
پيش امام جي نصيحت جو هڪ هڪ لفظ سهيل جي ذهن ۾ ائين کُپي رهيو هو، جيئن سيمنٽ جي ٺهيل ديوار ۾ اسٽيل جو ڪوڪو هٿوڙي جي ڌڪَ سان اندر داخل ٿي مضبوط ٿي ويندو آهي. سهيل پنهنجي گھر ڀاتين سان ڪيل غلط رَويَن تي پشيمان ٿي رهيو هو. سندس ضمير ڪيل غلطين تي ملامت ڪري رهيو هو. هن وقت سهيل جي ڪنن تي پيش امام جي نصيحت جو هڪ هڪ فقرو ۽ پنهنجي ضمير جو پڙلاءُ درياءَ جي ڪُن وٽان گُذرندڙ پاڻيءَ جيان وڏي تيزيءَ سان ڦري رهيو هو.
نيٺ پيش امام جي جي نصيحت جو اثر سهيل جي ذهن ۾ گھر ڪري ورتو ۽ ضمير جو پڙلاءِ سهيل پروڙيندي پنهنجي ڪردار ۾ تبديلي آڻڻ جو سهيل ان وقت کان ئي پڪو پههُ ڪري ورتو. خطبي کان پوءِ نماز پڙهي سهيل ٻه رڪعتون نفل واسطي استغفار جي پڙهي الله جي حضور ۾ توبهه تائب ٿيو.
دعا گھري گھر ڏانهن روانو ٿيو. سهيل جيئن ئي گھر ۾ داخل ٿيو ته سندس ماءُ ۽ ڀيڻ جي لڱن مان ٻيهر ساههُ ڇڏائجي ويو. سُهيل جيئن ئي ماءُ جي ويجهو وڃڻ لڳو ته سندس لڱن ۾ ڏڪڻي وڌي وئي. پر سهيل ماءُ جي ويجهو اچي، پنهنجا ٻئي هٿ ماءُ جي پيرن تي رکي زارو زار روئڻ لڳو، سندس زبان تي هڪ ئي جملو هو ته امان مونکي معاف ڪر، آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان.
ماءُ ته ماءُ ٿيندي آهي. هڪ سڪيلڌو پُٽ ۽ ٻيو وري روئندو ڏسي سندس هانءُ جھُري پيو.
ڪُلثوم سهيل جي ٻنهين هٿن کي پنهنجي پيرن تان هٽائي هيٺ فرش تي ويهي، سيني سان لائي، سهيل جي پيشاني چمي، سُڏڪا ڀريندي چيو پُٽ تون منهنجي هانءَ جو ٽڪرو آهين، ڀلا آءٌ تو سان ڪيئن ناراض ٿينديس. ڪُلثوم جا ڳوڙها سندس ڳل آلا ڪري جھوليءَ ۾ ڪري رهيا هئا. ايتري ۾ لائبه پڻ سڀيئي ڏک ڏاکڙا وساري سهيل کي ڀاڪر پائي پنهنجي رئي جي هڪ ڪُنڊ سان سهيل جا لڙڪ اگھي پرچائڻ لڳي. پر ان جي اکين مان به لُڙڪ وهي آيا هئا. سهيل ماءُ ۽ ڀيڻ جون اکيون آليون ڏسي ۽ سندن هڪ پل ۾ سڀ ڏک وساري ساڻن پيار ۽ محبت وارو رَوَيو ڏسي سُڏڪن ۾ پئجي ويو، سهيل پنهنجو سڄو هٿ ڀيڻ جي مٿي تي رکي، سندس ڪُلهن تي پنهنجو مٿو رکي، ٻئي هٿ سان ماءُ کي ڀاڪر پائي ٻنهين سان مخاطب ٿيندي چوڻ لڳو ته امان ۽ منهنجي ڀيڻ اڄ کان پوءِ سهيل اهو ڪندو جيئن اوهان چوندؤ. آءٌ اوهان کان سواءِ اڌورو آهيان. منهنجون خطائون معاف ڪيو.