ڪھاڻيون

اڻپوري خواھش

گل محمد سومري جي ڪھاڻين جا اڪثر موضوع درد ۽ المين جي واقعن تي مشتمل آهن. سندس ڪھاڻين ۾ سماجي، سياسي ۽ معاشي مسئلا، نفسياتي رويا، رشتن جا رويا ۽ سماجي اڻبرابري وارا رويا عيان آهن. ڪھاڻيون پڙهندي ڪڏهن ڪڏهن اکيون اشڪبار ٿي وڃن ٿيون. سندس هيءَ ڪاوش سماج جي سڌاري ڏانھن هڪ وک آهي.

Title Cover of book اڻپوري خواھش

آسائشن جو انتُ

بازار جي مرڪز ۾ طارق ڪپڙي واري جي دڪان سان لڳ انور موسم مطابق ميون جو جوس ٺاهي پنهنجو گذر سفر ڪندو هو. انور جي پنهنجي ڪارو بار ۾ ايمانداريءَ سبب گراهڪن جي وڏي پِيهه هوندي هئي.گاڏي جي ڀر ۾ ذائفن جي ويهڻ لاءِ چار، پنج ننڍا اسٽول رکيل هئا. باقي ٻيا گراهڪ گاڏي جي اوٽ ۾ بيهي شربت پيئندا هئا. گھڻي پِيهه سبب ڪيترائي مرد توڙي عورتون جوس پارسل ڪرائي گھرن ڏانهن کڻي ويندا هئا. جڏهن ته بازار ۾ جوس جا ڪجهه ٻيا وڏا ۽ سينگاريل دڪان پڻ هئا، جن وٽ ويهڻ جو پڻ انتظام هو. پر ذائقي جي جيڪا ڳالهه انور جي ٺهيل جوس ۾ هئي سا ٻين جي ٺهيل جوس ۾ نه هئي. ان ڪري ڪيترن ئي ڳوٺن جا ماڻهو بازار ۾ خريداريءَ ڪاڻ جڏهن به ايندا هئا اُڃ مٽائڻ لاءِ انور جو ٺهيل جوس ضرور اچي پيئندا هئا. انور وٽ ماڻهن جي رش ايتري ته وڌيڪ هوندي هئي جو پوري ڏينهن ۾ کيس اها سُڌ ئي نه هوندي هئي ته ڪير آيو ڪير ويو. بس! انور پنهنجي روزي ڪمائڻ ۾ مست رهندو هو. بازار جي ڪجهه دڪاندارن انور کي ڪاروبار ۾ ڇيهو رسائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر ائين نه ٿي سگھيو. ڇاڪاڻ ته جيڪو انسان رزق ۾ ايمانداري ۽ سچائي اختيار ڪندو آهي ان جي رزق ۾ برڪت ۽ حفاظت الله جي ذات خود ڪندي آهي. انور سڄو ڏينهن مصروف رهڻ سبب رات جو گھر وڃي ٿڪُ پٽيندو هو. رات جي ماني کائي آرام ڪرڻ کان اڳ ڪجهه گھڙيون گھر وارن سان ويهي حال احوال ڪري، دنيا جهان جون ڳالهيون، مٽن مائٽن جا ڏک ڏاکڙا، چڱايون مٺايون، گھر جا خرچ پکا ۽ پنهنجي اندر جي اڌورين خواهشن کي امڙ ۽ ڀيڻ آڏو رکي دل جو بوجھه هلڪو ڪري رات جو دير سان گھر جي ڇت تي جوڀن جوانيءَجي رات جا چار پهر وڃي آرامي ٿيندو هو. انور پنهنجي امڙ ۽ ننڍي ڀيڻ جميلا سان بي حد پيار ڪندو هو ڇاڪاڻ ته انسان شاديءَ کان اڳ جيڪڏهن سچائيءَ سان پيار ڪندو آهي ۽ پيار حاصل ڪندو به آهي ته صرف ماءُ، پيءُ، ڀينرن ۽ ڀائرن وٽان. باقي ته دنيا ۾ گھڻا گذارو ڪرڻ وارو پيار ڪري ناڪام عاشق ٿيڻ جي شهرت ماڻڻ لاءِ پيا جٿي ڪٿي پيا جاٺا هڻندا آهن، ڏٺو وڃي ته انهن نوجوانن جي ڪنهن به جاءِ تي عزت نه هوندي آهي. بس! اهي پنهنجي من ۾ پيا ٽڙندا آهن ته اسين صاحب عزت آهيون پر انهن جو مثال ائين هوندو آهي جيئن ٻليءَ جي خواب ۾ ڇيڇڙا. پر انور انهن انسانن مان بلڪل نه هو.
جميلا جي عمر لڳ ڀڳ 15 سال هئي نائين درجي جي ڏاڍي ذهين ۽ هوشيار شاگردياڻي هئي. جميلا جي تعليم جو پورو خرچ انور ڏيندو هو ڇاڪاڻ ته جميلا جڏهن پنجن سالن جي هئي ته سندس والد جو سايو سِر تان کڄي ويو هو اهڙيءَ حالت ۾ گھر جون تمام ذميواريون انور جي ڪلهن تي اچي پيون ۽ انور سهڻي انداز ۾ انهن ذميوارين کي نڀائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري ڪا ڪسر نه ڇڏي. ايتري قدر جو جميلا کي زندگيءَ ۾ پيءُ جي پيار جي ڪنهن به موڙ تي ڪمي محسوس نه ٿيڻ ڏنائين. جميلا جي تربيت به ايتري ته نرالي ڪيائين جو جميلا پڻ پنهنجي ڀاءُ انور جي هڪ فرمانبردار ڀيڻ جو پورو پورو هر موڙ تي فرض نڀائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. جميلا کي پنهنجي ڀاءُ انور تي ڏاڍو فخر هو.
انور جي والد جي وفات کانپوءِ سندس امڙ جي زندگيءَ مان مڙس جو جيڪو خال ٿي پيو ان جو افسوس ته پنهنجي جاءِ تي بلڪل هو. پر والد جي وڇوڙي کان پوءِ انور اهو ڪردار ادا ڪيو جو سندس جيجل جي نظر جڏهن به پنهنجي ٻچڙي تي پوندي هئي ته سڀ ڏک ڏاکڙا وسري ويندا هئس. نه رڳو ڏک ڏاکڙا بلڪه پٽ جي ڪردار ۽ بلند حوصلن کي ڏسي ايئن تندرست ۽ تواني ٿي ويندي هئي جيئن ٿر جي اُڃياري زمين برسات کان پوءِ سرسبز ۽ شاداب ٿي پوندي آهي. انور جو هڪ وڏو ڀاءُ اڪبر هو پر هو پيءُ جي هوندي ئي شاديءَ کان پوءِ جدا ٿي ڌار رهڻ لڳو ان جو گھر انور جي گھر جي ڀڪ ۾ هو. ٻنهين گھرن وچ ۾ هڪ ديوار هئي. ٻنهين گھر جا ڀاتين جي پاڻ ۾ اوکي سوکيءَ ۾ ٿوري گھڻي ڏي وٺ، اويل سويل ۾ اچ وڃ ۽ بيماريءَ ويل هڪ ٻئي ساڻ ساٿ ڏيڻ واري سِڪ اڃا سيني ۾ سمايل هئي. فرق صرف ايترو هو جو اڪبر شادي شده هئڻ ڪري پورو وقت پنهنجي ننڍڙي ڪٽنب کي ڏيڻ ۾ پورو هوندو هو. انور غير شادي شده هئڻ سبب پنهنجي امڙ ۽ ڀيڻ لاءِ ذهني سڪون جو ڪارڻ هو.
ڇنڇر جو ڏينهن هو، رات جا يارهن ٿي رهيا هئا. انورگھر ۾ داخل ٿيو، انور جي حالت سڄي ڏينهن جي جدو جهد کان پوءِ ائين ٿي ويندي هئي جيئن جون جولاءِ جي نٽهڻ اُس ۾ هڪ مزدور جي سڄو ڏينهن جبل ڏارڻ کانپوءِ ٿي ويندي آهي. انور جي ڪپڙن تي شربت جا داغ، قميص جي ٻانهن جا بٽڻ کليل، هڪ عورت جي مڙس مرڻ کانپوءِ بيوه ٿيڻ تي افسوس ۾ کليل وارن جيان وکريل وار، ڏاڙهي بنا خطن جي وڌيل، شلوار جو هڪ پاچو هيٺ ته ٻيو مٿي. دڪان جو ڪجهه سامان هڪ پاسي رکي ورانڊي ۾ رکيل کٽ تي اچي ويٺو. ٿڌو ساهه ڀري سيرانديءَ کان رکيل ويهاڻي کي ٽيڪ ڏئي ٻئي پير پيرانديءَ کان رکيل هڪ چوڻي رليءَ جي مٿان سڌا رکي ويهي رهيو. جميلا پاسي کان رکيل هڪ کٽ تي ويٺي ويهاڻي جي مٿان ڪتاب رکي اسڪول پاران مليل گھرو ڪم ڪري رهي هئي. انور تي نظر پوڻ سِت ئي پهريون پنهنجي مٿي تي رکيل رئي کي ٻيهر صحيح ڪري ڪتاب ۽ وهاڻو ٻئي کٽ تي پاسي کان رکي ڀاءُ انور لاءِ ٿڌو پاڻي ڀري آئي ۽ پاڻ ڀاءُ جي ڀڪ ۾ اچي ويٺي. ايتري ۾ انور جي ماءُ به ورانڊي ۾ رکيل منجيءَ تان اٿي ان کٽ تي ويٺي جنهن تي انور ويٺو هو. سندس ماءُ ڀر ۾ ويهي وڏي پيار منجهان هڪ ڪلهي تي ٻاجهارو هٿ رکي پڇيو پٽ اڄ ڏاڍي دير ڪئي اٿئي گھڻو ٿَڪل ٿو لڳين. بازار ۾ اڄ گراهڪ وڌيڪ هئا ڇا؟ ماءُ سٻاجهڙي انداز ۾ پٽ انور سان مخاطب ٿيندي ڳالهايو.
ها امان اڄ هفتي جو آخري ڏينهن ۽ سڀاڻي موڪل هئڻ جي ڪري بازار ۾ ماڻهن جو ميڙاڪو گھڻو هو. ٻيو ته تنهنجي دعائن سان بازار ۾ هر هڪ منهنجي شربت جو ديوانو آهي. ان ڪري گھڻي دير ٿي وئي. پر ان ۾ ته منهنجو فائدو آهي. ماڻهو ڏورانهن علائقن کان بازار ۾ تنهنجي پٽ جو نالو پڇا ڪري اچي وڏي شوق سان جوس پيئندا آهن. انور ماءُ کي وڏي شان ۽ مان سان جواب ڏئي لاجواب ڪري ڇڏيو.
جميلا ڌيءَ ڀلا مانيءَ کڻي اچ ته گڏجي کائون. راشده رڌڻي ڏانهن ڪنڌ جو اشارو ڪندي چيو. انور، جميلا ۽ سندن والده ( راشده) رات ۽ صبح جي ماني گڏجي کائيندا هئا. ڀلي کڻي رات جو انور ڪيتري ئي دير سان اچي پر ماني گڏجي کائڻ جي عادت هئي. جميلا ماني کڻي اچي کٽ تي سجائي پر دستر خوان سان ڍڪيل هئي. ادا مون اوهان جي لاءِ هڪ نه پر ٻه پسند جون شيون ٺاهيون آهن. هڪ ته ڀُڳل پلاءِ جنهن جي تازي تازي خوشبوءَ اوهان کي ايندي هوندي باقي ٻي ڪهڙي شيءَ آهي، اها اوهان لاءِ ڳجهارت آهي. جميلا ڀاءَ سان تمام هجائتي انداز ۾ کلندي لفظ دهرايا.
جڏهن منهنجي مومل ڀيڻ کي منهنجي خواهشن، پسند جي شين ۽ منهنجي زندگيءَ سان لاڳاپيل تمام شين جي سهڻيءَ ريت معلومات آهي ته ڇا آءٌ پنهنجي ڀيڻ جي ان ڳجھارت کي ڇا نه پروڙي سگھندس؟ انور ڀيڻ ڏانهن وڏي پيار منجهان نهاريندي ڪنڌ کي هيٺ مٿي لوڏو ڏئي مٺڙي انداز ۾ هجائتو ٿي جواب ڏنو.
اڇا ڀلا ٻڌايو ڪهڙي شيءَ اوهان جي لاءِ تيار ڪئي اٿم؟ جميلا امڙ ڏانهن نهاريندي سڄي هٿ جي اشهد آڱر پنهنجي چپن تي رکي ماءُ کي اها ڳالهه راز ئي رهڻ جي گذارش ڪئي. راشده ائين مجبور ٿي وئي جيئن هڪ ننڍڙو ٻار هڪ ئي وقت ٻه شيون ٻن ماڻهن مطلب ماءُ ۽ پيءُ جي هٿ ۾ ڏسي فيصلو نه ڪري سگھندو آهي. جڏهن ته ٻئي شيون ماءُ ۽ پيءُ جي هٿن ۾ موجود ان ٻار لاءِ ئي هونديون آهن. راشده بهتر اهو سمجهيو ته جيڪڏهن ڪنهن هڪ جو ساٿ ٿي ڏيان پوءِ اهو پٽ هجي يا نياڻي تڏهن به ٻئي کي ڏک پهچندو، ان لاءِ ڀلي ڀاءُ ۽ ڀيڻ پاڻ ۾ چرچو ڪري وٺن. ان لاءِ مرڪندي ڏسندي رهي.
جميلا پٽ هيڏانهن منهنجي ڀرسان اچي ويهه ته مان توکي ٻڌايان ڳجهارت جو جواب ڇا آهي، انور بريانيءَ جو هڪ گرنهن ٺاهي وات ۾ وجهي جميلا جي هڪ هٿ کان وٺي کيس پنهنجي ڀر ۾ ويهاريو، بريانيءَ جو ٻيو گرنهن ٺاهي پنهنجي هٿن سان جميلا کي وات ۾ وجهي مٿي تي هٿ رکي ان جي اکين ۾ اکيون وجهي وڏي محبت منجهان چيو منهنجي ملوڪ ڀيڻ کيرڻي ٺاهڻ ۾ جيڪا تنهنجي هٿ ۾ شيرين آهي، تنهن جي ڇا ڳالهه ڪجي. جميلا يڪدم کٽ تان اٿي بيٺي ۽ پيار منجهان ڀاڪر پائي چيائينس ته ادا به ماشاء الله ڪيڏو سياڻو آهي، ڪيئن سمجهي ويو ته مان ڇا ٺاهيو آهي.
امان رب پاڪ ٻنهين ڀاءُ ۽ ڀيڻ ۾ محبتون هميشه قائم رکي شال سدائين پاڻ ۾ ٻهڪندا رهو. هاڻي اچو ته مانيءَ ٽڪر کائون. راشده هٿ کڻي ڌڻيءَ کي ٻاڏائيندي ٻنهين کي دعا ڏيندي چيو.
جميلا رڌڻي مان تڪڙ ۾ کيرڻيءَ جو ڊونگو کڻي اچي کٽ تي رکيو، پاڻ کٽ جي سيرانديءُ کان ويهي، ادا هي خاص تحفو ڀيڻ جي طرفان پنهنجي ڀاءُ جي لاءِ، اگر قبول پوي ته کائجو نه ته گھٻرائڻ جي ڪا به ڳالهه نه آهي آءٌ اها سموري کيرڻي اڪيلي سر کائي سگھان ٿي. جميلا انور سان ٻيهر مذاق ڪندي چيو. نه نه اهڙي ڪا به گھٻرائڻ جي ڳالهه ناهي اگر اگر تون ناراض نه ٿئين ته اها سڄي آءٌ اڪيلي کائڻ جي صلاحيت رکان ٿو. بس هڪ ڀيرو ڪنڌ لوڏي هاؤڪار ڪر باقي منهنجو ڪم آهي. اها کيرڻي ختم ڪرڻ. انور ڀيڻ کي ان جي مذاق جو کلندي جواب ڏنو.
ڪا وڏي ڳالهه نه آهي ادا سائين اوهان کاڌي مطلب ته مون کاڌي. آءٌ ته اوهان کي تنگ ڪري رهي رهي هئس. منهنجي ته عادت آهي اوهان سان جيستائين چرچو نه ڪيان منهنجي نڙي مان پاڻي به ناهي گذرندو. جميلا ڀاءُ سان ڳالهائيندي محبت ڀرين لفظن منجهه جواب ڏنو.
ماني کائڻ کان پوءِ جميلا ٽن رڪيبين ۾ کيرڻي وجهي انور ۽ ماءُ آڏو رکي، پنهنجي رڪيبي کڻي انور جي ڀر ۾ ويهي ڪلهي تي پنهنجو ڪنڌ رکي هڪ چمچو ڀري انور کي پنهنجي هٿ سان کارائي، ادا کيرڻي ڪيئن آهي؟ انور کان پڇا ڪيائين. واهه ڇا ته ذائقو آهي. اڄ ته دل خوش ڪري ڇڏي آ تو.
ادا مهرباني نه چوندا اوهان؟ جميلا ٿورڙو منهن ٺاهي انور کي هجت منجهان چيو.
الله اها ڳالهه ته مان هميشه وساري ويهندو آهيان. اڇا مهرباني منهنجي پياري ڀيڻ تمام مهرباني. بس! هاڻي ته خوش؟ انور ڀيڻ جي دل رکندي مهرباني چئي.
نه خالي مهرباني نه هلندي ڪو گفٽ به هجڻ گھرجي، ائين ڪم نه هلندو. جميلا چيو. ڪهڙو گفٽ؟ حڪم ڪر بابا، ڇا گھرجي، ڀلا ان کان اڳ مان پنهنجي پياري ڀيڻ کي ڪڏهن جواب ڏنو آهي؟ جيڪو چوين. انور جميلا جي مٿي تي هٿ گھمائي وڏي سٻاجهڙي انداز منجهان مخاطب ٿيندي چيو.
ادا اوهان ناراض ته نه ٿيندا؟ جميلا ڀاءُ ڏانهن نهاري معصوميت واري لهجي ۾ سوال ڪيو.
اڳ به تو سان ناراض ٿيو آهيان، جو آءٌ اڄ ناراض ٿيندس. انور جميلا جو هڪ ڪن ڪن پڪڙي معمولي زور ڏئي پيار منجهان ناراضگيءَ واري انداز ۾ چيو.
ٺيڪ بابا اوهان کيرڻي کائي پوري ڪريو ته آءٌ اوهان جي آڏو پنهنجو عرض پيش ڪيان. جميلا ڀاءُ کي چيو.
نه هاڻي ٻڌاءِ، نه ته مان کيرڻي نه کائيندس. انور بيچين ٿي ويو ۽ جلد ڀيڻ جي خواهش ٻڌڻ لاءِ کيس چيو.
ادا اوهان ته پنهنجي مصروفيت جي ڪري زندگيءَ ۾ گھڻو هار سينگار يا بن ٺن ٿيڻ پسند نه ٿا ڪيو. جڏهن ته اوهان جو به حق آهي پر ادا ڪيترن ئي ڏينهن کان منهنجو من ٿو چوي ته مون وٽ به هڪ موبائل هجي. اسڪول ۾ منهنجي سڀني سهيلين کي پنهنجي والدين موبائل وٺي ڏنو آهي هو هڪ ٻئي سان رابطو ڪري حال احوال ۽ اسڪول جي ڪم بابت هڪ ٻئي کي معلومات ڏينديون رهنديون آهن. چاچا اڪبر به پنهنجي ٻنهين ڌيئرن ڪومل ۽ ڪونج کي به موبائل وٺي ڏنو آهي. پر ها هڪڙي ڳالهه اوهان جيڪي روزانا مونکي خرچي ڏيندا آهيو ان مان روز ڪجهه پئسا آءٌ رکندي هئس. ڪجهه پئسا گھٽ آهن. اوهان جيڪڏهن اجازت ڏيو ته ۽ ڪجهه پئسا ڏيو ته آءٌ پنهنجي اها منشا پوري ڪيان. ادا اوهان اگر دل سان ۽ رضا خوشيءَ سان مونکي اجازت ڏيو ته ٺيڪ آهي نه ته منهنجي لاءِ پنهنجي ڀاءُ جي پيار ۽ ان جي خوشيءَ کان وڌ دنيا ۾ ڪا به شيءَ حيثيت نه ٿي رکي. جميلا پنهنجو هٿ ڀاءُ انور جي هٿ تي رکي وڏي ادب ۽ احترام منجهان چيو.
بلڪل اوهان جي ڳالهه ٺيڪ آهي، بلڪ ڪيترن ئي ڏينهن کان منهنجو به من ٿو ڪري ته آءٌ به موبائل خريد ڪريان، اها ڳالهه مونکي وڻي، تون سڀاڻي امان سان گڏ وڃ ۽ بازار مان هڪ نه بلڪه ٻه موبائل وٺي، هڪ پنهنجي لاءِ ۽ ٻيو منهنجي لاءِ. هاڻي خوش. پر ها ان لاءِ ته سِم ۽ بيلينس به ته ايندو، خير ڪا ڳالهه نه آهي. منهنجي ڀيڻ کان وڌ اهي شيون ڪجهه معنيٰ نه ٿيون رکن. انور، جميلا جي ڳالهه کي اهميت ڏيندي پيار منجهان چيو.
انور تمام گھڻو ٿَڪل هيو، ان ڪري کيرڻي کائي پاڻيءَ جو جڳ ڀري ڇت تي آرام ڪرڻ لاءِ هليو ويو. جميلا ۽ سندس امڙ به ورانڊي ۾ رکيل کٽ تي گھر جي لائيٽ بند ڪري سمهي پيون.
صبح جو پکي پنهنجا پنهنجا ٽولا ٺاهي مٺڙيون مٺڙيون ٻوليون ڳائيندا اڏامندا رهيا، مسجدن مان آذانن ۽ پکين جي مٺڙين ٻولين جي آواز تي انور جي اک کلي، هو اکيون مهٽيندو هيٺ آيو، سندس امڙ به وضو ڪري رب کي ريجهائڻ جي تياري ڪري رهي هئي. جميلا رڌڻي ۾ چانهه تيار ڪري رهي هئي. انور وضو ڪري نماز پڙهڻ لاءِ پاڙي جي مسجد ڏانهن ويو. جميلا ۽ راشده ٻنهين گھر ۾ نماز پڙهي قرآن جي تلاوت ڪئي، ايتري ۾ انور به نمازپڙهي واپس اچي ويو. ڪجهه دير ۾ جميلا ناشتو به تيار ڪري ورتو، ٽنهين گھر ڀاتين گڏجي ناشتو ڪيو، انور قميص جي سائيڊ واري کيسي مان هڪ ٿيلهي ڪڍي ان مان هزار هزار جا پندرهن نوٽ امڙ کي ڏنا راشده اهي پئسا پنهنجي رئي جي هڪ ڪنڊ ۾ ٻڌي ڇڏيا. جميلا تمام گھڻي خوش هئي. سندس ذهن ۾ اڳواٽ ئي سهيلين سان ڳالهه ٻولهه ۽ ميسيجن ڪرڻ جون دل ئي دل ۾ رٿائون رٿي رهي هئي. سندس من ۾ خوشيءَ جي لهر اهڙي طرح پيدا ٿي رهي هئي جيئن ڪو هاري پنهنجي فصل جي لاباري وقت تمام گھڻو خوشيءَ منجهان جهومندو، لامارا ڏيندو نظر ايندو آهي.
انور روزگار سانگي نڪري هليو ويو. جميلا گھر جو ڪم اڪلائي رهي هئي پر بار بار سندن نظر گھر جي ديوار تي ٽنگيل گھڙيال ۾ ائين هئي جيئن سسئي پنهونءَ جي جدائيءَ ۾ پئي روز راهون ڏسندي هئي، جميلا کي اها تات هئي ته ڪهڙي وقت بازار کلندي ته آءٌ امان سان وڃي موبائل خريد ڪري ايندس. ان انتظار ۽ موبائل جي خوشيءَ ۾ جميلا سيگهه ۾ سڄي گھر جو ڪم به اڪلائي ڇڏيو. ته اسڪول پاران مليل گھرو ڪم به سُتت ئي پورو ڪري ورتو. جميلا ڪم مان هٿ اڪلائي چاچا اڪبر جي گھر انهن جي ٻنهين ڌيئرن ڪومل ۽ ڪونج کي موبائل جي خوشخبري وڃي ٻڌائي. اهي به ڏاڍو خوش ٿيون، انهن ٻنهين پنهنجا موبائل جميلا کي ڏيکاريا ۽ انهن جون خوبيون ٻڌائي اهڙو ئي موبائل وٺڻ جي نصيحت ڪئي.
نيٺ انتظار جي آڙاهه جا ٽانڊا وسامي ويا، ذهن مان بيچيني ائين ختم ٿي جيئن هوا جي گھلڻ تي ڇار جا ننڍڙا ننڍڙا ذرڙا اڏامي ويندا آهن. راشده ۽ جميلا رڪشه ڪرائي بازار مان ٻه جديد موبائل ۽ انهن لاءِ ٻه عدد سِم پڻ ورتيون. ۽ خوشيءَ ۾ سُتت ئي واپس موٽي آيون. راشده ۽ جميلا جي گھر پهچڻ تي ڪونج ۽ ڪومل به اچي پهتيون، وڏي محبت منجهان پاڻ ڪومل ڪونج ۽ جميلا ائين مليون جيئن سالن جا سڪايل محبتي پاڻ ۾ ملندا آهن. هڪ ٻئي سان بازار جي خريداريءَ بابت حال احوال اوريائون، جميلا پنهنجي وڏي پرس مان هڪ موبائل جو دٻو ڪڍيو، جنهن ۾ موبائل رکيل هئا، وڏي احتياط سان ان دٻي مان جميلا موبائل ڪڍي ڪونج جي هٿ ڏنا، ٻنهين ڀينرن کي جميلا جو موبائل ڏاڍو وڻيو.
هاڻي هڪڙو ڪم ته اوهان کي ڪرڻو پوندو، اُهو، اِهو ته اوهان کي موبائل استعمال ڪرڻ جو طريقو سيکارڻو پوندو. جميلا ٻه ٽهڪ ڏئي ڪونج سان تاڙي ملائي ٻنهـين ڀيڻين سان مخاطب ٿيندي چيو.
ها! ڇو نه اها به ڪا وڏي ڳالهه آهي. پر ها، پهريون اهو ٻڌاءِ ته موبائل ۾ بيلنس به وجهرايو اٿئي يا سکڻو سکڻ جو شوق اٿئي. ڪومل وڏي فخر مان کلندي جميلا کي چيو.
بلڪل چريو سمجهيو اٿوَ ڇا، آءٌ نه رڳو بيلنس بلڪه ميموري ڪارڊ به وجهرائي آئي آهيان. متان نه مڃين، جميلا چيو.
ائين ٽئي سهيليون پاڻ ۾ موبائل سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ۾ اهڙيءَ ريت مصروف ٿي ويون، جيئن پراڻي دور ۾ ٻار شعلي فلم ۾ گبر سنگهه جا سين وڏي شوق ۽ حيرت منجهان ڏسي اچرج ۾ پئجي ويندا هئا ۽ ان کي سچ سمجهندي سوچن ۾ مگن ٿي ويندا هئا. ته هل ڀيڻا! ايڏو ظلم. ٻي پاسي جي ڪا سُڌ ئي ڪا نه هوندي هئن.
جميلا، ڪومل ۽ ڪونج وڏي عرصي کان پوءِ اڄ پهريون ڀيرو موبائل جي ڪري ئي صحيح پر پاڻ ۾ وڏي سِڪ منجهان هڪ ٻئي سان چرچا به ڪري رهيون هيون ته پروگرام سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ۾ گم سم هيون. راشده به انهن جي ڀر ۾ ويٺي مسڪرائيندي رهي، ان جي من ۾ به اها خواهش هئي ته ڪجهه ڏينهن کان پوءِ آءٌ به جميلا کان موبائل هلائڻ جو طريقو سکي وٺندس. نياڻيون پهريون ڀيرو پاڻ ۾ ويٺيون وندر پيون ڪن، ڇو نه آءٌ پاڻ ئي مانجهاندو تيار ڪري وٺان. سو راشده پنهنجي کٽ تان سُرڪي خاموشيءَ سان رڌڻي ۾ ٻپهرو تيار ڪرڻ لڳي. راشده عمر مطابق گھڻي ڪمزور هئڻ ڪري ماني ٽڪيءَ گھڻي قدر نه پچائي سگهندي هئي. پر نياڻيءَ جي خوشيءَ خاطر بهتر سمجهندي آهستي آهستي ماني تيار ڪري ورتائين.
امڙ ڀلا اڄ موبائل جي خوشيءَ ۾ ٻپهري جي ماني کائڻ ۽ پچائڻ به ياد آهي يا نه؟ راشده اچي جميلا جي ڪلهن تي هٿ رکي، مُرڪندي چيو، جميلا يڪدم ڇرڪ ڀري الا! امان هاءِ هاءِ مون کان وسري وئي اها ڳالهه، امان تون اتي ويهه، مان تڪڙ ۾ مرچن ۾ پلاءُ ٿي ٺاهي وٺان. جميلا پنهنجي ٻنهين هٿن سان ڪن پڪڙي ماءُ کان معافي گھرندي اهو چئي رڌڻي ڏانهن وئي. رڌڻي ۾ وڃي ڇا ڏِسي ته ماني ته پهريون ئي تيار آهي. جميلا رڌڻي مان رڙ ڪري چيو هاءِ الا امان هي تو ڇا ڪيو، تو هيءَ ماني ڪهڙي وقت تيار ڪئي، جيڪڏهن ادا انور کي خبر پئي ته اڄ منجهاندو امڙ تيار ڪيو آهي ته هو مون سان ناراض ٿي ويندو. جميلا اهو چوندي رڌڻي مان ٻاهر نڪري راشده جي ويجهو اچي ماءُ کي ڀاڪر پائي ٻيهر پنهنجا ڪن پڪڙي ساري چيائين، پوءِ سڀني گڏجي لڳ ڀڳ 5 بجي ٻپهرو ڪيو. ٻپهرو ڪرڻ بعد ڇوڪريون ٻيهر پنهنجي تفريح ۾ ائين مگن ٿي ويون جيئن ٽوٻا ڪا شيءَ درياءَ مان ڳولهڻ لاءِ ٽٻي هڻي گھڻي دير لاءِ گم ٿي ويندا آهن. جيئن ڪو ننڍڙو ٻار بازار ۾ ڪنهن ڀولڙي واري کي ڏسي اتي ئي بيهي رهندو آهي.
رات جا ڏهه ٿي رهيا هئا. ڪومل ۽ ڪونج والد جي اچڻ کان اڳ جميلا کان موڪلائي پنهنجي گھر ويون. جميلا رڌڻي ۾ رات جي لاءِ رڌو پڪو ڪرڻ لڳي. پر پاڻ سان گڏ رڌڻي ۾ به موبائل کڻيو ويئي. انور به ڪجهه دير ۾ پهچي ويو. معمول مطابق انور ورانڊي واري کٽ تي چيلهه سڌي ڪري وهاڻي کي ٽيڪ ڏئي ويٺو. اڄ جميلا جي بدران سندس ماءِ پاڻيءَ جو گلاس ڀري اچي ڏنس. انور ماءُ جي هٿ ۾ پاڻيءَ جو گلاس ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو، ٽپ ڏئي اُٿي بيٺو، ماءُ کان پاڻيءَ جو گلاس وٺي، ماءُ کي کٽ تي ويهاري ادب ۽ احترام منجهان تمام هلڪي آواز ۾ ماءُ سان ڳالهائيندي چيو ته امان آءٌ ايترو به ٿڪل نه هوندو آهيان جو منهنجي جيجل مون لاءِ پاڻي کڻي اچي ۽ آءٌ ٽيڪيو ويٺو هجان. جيڪڏهن جميلا واندي نه آهي ته ڪا وڏي ڳالهه نه آهي امان. تون مون کي شرمنده نه ڪندي ڪر. راشده انور جي انهن جملن تي سندس ڳلن تي ٻئي هٿ رکي مرڪندي ٿڌو ساهه ڀري وڏي ڄمار ۽ سدا صحت سلامت رهڻ جي دعا ڪئي.
امان جميلا ڪٿي آهي؟
امڙ جميلا ڀاءُ آيو اٿئي ڌيءَ، انور جي پڇا ڪرڻ تي راشده رڙ ڪري جميلا کي ٻاهر اچڻ لاءِ چيو. جميلا ماءُ جي سڏ تي جلد ئي رڌڻي مان ٻاهر جيئن ئي نڪري آئي ڇا ڏسي ته. سامهون انور کٽ تي ويٺو هو ۽ ساڻس راشده به ويٺي هئي. پهريان ته جميلا پنهنجي مٿي جو رئو صحيح ڪندي تڪڙا تڪڙا قدم ڀري جھٽ پٽ ۾ پاڻيءَ جو گلاس ڀري اچي ڀاءُ کي ڏنو. انور جميلا کي اهو محسوس نه ٿيڻ ڏنو ته اڄ تو پاڻي پيارڻ ۾ دير ڪئي آهي ۽ امڙ اهو ڪم سر انجام ڏئي چڪي آهي. ان ڪري انور ڀيڻ جي دل رکندي اهو پاڻيءَ جو گلاس پيئڻ کان پوءِ گلاس جميلا کي هٿ ۾ ڏئي، ڪهڙو موبائل وٺي آئي آهين؟ مون کي به ڏيکار. جميلا جلدي ۾ وڃي ڪمري مان ڀاءُ جي خريد ڪيل موبائل کڻي آئي. انور کي اچي ٻنهين هٿن سان ڏنائين. پاڻ ماءُ جي ڀر ۾ کٽ تي ويهي رهي. معمول مطابق مڙني گھر ڀاتين ماني کائي حال احوال اورڻ بدران انور ۽ جميلا موبائل سکڻ سيکارڻ ۾ مست ٿي ويا. راشده پنهنجي کٽ تي گھڻي ٿڪ ڪارڻ ڄنگهون سڌيون ڪري مٿان چادر وجهي سمهي پئي. ڇاڪاڻ ته راشده وڏي عرصي کانپوءِ اڄ رڌ پچاءَ جو ڪم ڪيو ان ڪري سندس سندن ۾ سُور پئجي ويو هو پرراشده پنهنجي تڪليف جي ڪنهن کي ڪا خبر چار نه ڏني. رات جو پويون پهر هو گھڻي دير هئڻ سبب انور جون اکيون به ٻوٽيون پيون وڃن ته وري جميلا کي به اوٻاسين مٿان اوٻاسيون هيون. ان ڪري انور ڇت تي آرام ڪرڻ لاءِ هليو ويو. جميلا پنهنجي ماءُ سان ڪلهو هڻي سمهي پئي. انور کي ننڊ ته کنيو پئي وڃي پر ذهني طور تي انور بيچين ۽ بي تاب هو. انور جو هڪ تمام جگري دوست فيصل هو جيڪو سدائين ڪنجوسي ۽ حد کان وڌ سادگيءَ جون معيارون ۽ طعنا تنڪا پيو هڻندو هو. هو هميشه انور کي اها ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته دنيا ترقي ٿي ڪري، پر تون اهو ئي پراڻي دور واري سوچ ۽ فقيراڻو لباس پائي پاڻ ٿو لڄائين. ڪمائين ته سٺو ٿو پر نه موبائل، نه موٽر، نه ڪپڙا ڍنگ جا، نه پيرن ۾ ڊول جي ڪا چپل. تون بس! شربت وڪڻي وڪڻي هڪ ڏينهن گاڏي تي ئي مري ويندين. اتان ئي تنهنجو جنازو نڪرندو، پر افسوس جو کڻي ڪجهه به نه ويندين. انسان هٿين خالي آيو آهي ۽ هٿين خالي موٽي ويندو، فيصل جي نصيحت جو اثر اڄ رات انور جي دماغ تي ويهجي ويوهو. انور جون اکيون آسمان جي تارن منجهه ۽ اکين ۾ نقش صرف فيصل جي ڳالهين جو ڇانيل هو. انور کي فيصل جي اها ڳالهه منجهائي رهي هئي ته هو هميشه انور کي اهو پڻ چوندو هو ته مهانگائي وڌي وئي آهي. فائدو وڌيڪ حاصل ڪرڻو اٿئي ته ڪجهه ملاوٽ ڪرڻ جو ڏانءُ به رک. بازار ۾ سڀ ڳوٺاڻا ئي ته اچن ٿا، انهن کي ڪهڙي خبر ته هاڻي تون ملاوٽ به ڪرين ٿو. اهي جنهن جو گھڻو نالو ٻڌندا آهن، اتي سندن چهچٽو هوندو آهي، انهن کي ڪهڙي خبر ذائقي ۽ شهر جي خالص شين جي. ان تات ۾ انور جي ننڊ ته ڦٽي وئي پر ڳلو به هر هر خشڪ ٿيڻ سبب بار بار پاڻيءَ جو گلاس هڪ ساهيءَ ۾ پي پيو ڇڏي. انور هونءَ پاڻ سان گڏ هڪ جڳ پاڻيءَ جو رکندو آهي پر اڄ اهو جڳ جلد ئي ختم ٿيڻ سبب ٻيو پاڻي ڀري آيو. هڪ ساهيءَ ۾ پاڻيءَ جو گلاس پيئڻ بعد انور اهو پڪو پههُ ڪيو ته بس هاڻي حد ٿي وئي. هاڻي آءٌ پنهنجي ذات تي ڪجهه خرچ ڪندس ۽ پنهنجي شخصيت ۾ نکار پيدا ڪرڻ لاء خرچ ڪرڻ ۾ نه گھٻرائيندس. موبائل ته وٺي ڇڏيو آهي هاڻي آءٌ هڪ موٽر به وٺندس. ان لاءِ مونکي وڏي رقم جي اشد ضرورت پوندي، انور سوچن جي هڪ اهڙي ڄار منجهه ڦاسي چڪو هو جنهن مان نڪرڻ ايترو ته مشڪل هو جيئن هڪ ڪاري ڪبوتر کي شڪاري شڪار ڪري هڪ کاري هيٺيان لڪائي کاري مٿان ڪا ڳري شيءَ رکي ڇڏيندو آهي، ان بعد ان ڪبوتر جو تڙپڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ لاءِ پر هڻڻ آهي. رات ڪافي گذري چڪي هئي. آسمان تي نظر ايندڙ تارا پنهنجو سامان ميڙي پنهنجي منزل ڏانهن وڃڻ جون تياريون ڪري رهيا هئا. انور جي اکين سڄي رات جي اونهن خيالن سبب ننڊ سان وڏي ويڙهه ڪري اوجاڳي جو جهنڊو ڦڙڪايو ئي مس ته رات جي پوئين پهر جي مٺي ننڊ جي جھولن انور جي ذهن ۽ نيڻن تي اچانڪ اهڙو ته حملو ڪيو نيٺ سندس اکيون ٻوٽجي ويون. انور جي اک جيئن لڳي ته کيس جاڳ ان وقت ٿي جنهن وقت صبح جو سِج جي تيز ڪرڻن سندس اکين ۽ جسم تي حملو ڪيو. اچانڪ اک کولي ڏسي ته چٽو ڏينهن ٿي چڪو آهي. جميلا پنهنجي وقت تي اسڪول وڃي چڪي هئي. انور ماءُ سان گڏجي ناشتو ڪري پنهنجو سامان کڻي تڪڙو تڪڙو بازار ڏانهن هليو ويو.
انور پڪو پههُ ڪري ڇڏيو ته اڄ کان کير ۾ ملاوٽ ۽ فروٽ سادو استعمال ڪندس. انور گاڏي تي پنهنجو سامان سجائي رهيو هو ته فيصل به گاڏي تي اچي پهتو. سلام ڪري هڪ اسٽول تي پاڻ ويٺو ۽ ٻئي تي پنهنجون ڄنگهون هڪ ٻئي مٿان رکي اهڙيءَ ريت ويهي رهيو، جيئن بازار جي مڙني گاڏن جو ٺيڪيدار هجي. ڇو ڀلا اڄ پيارو دير ڪري پهتو؟ خير ته آهي. ڪهڙا مڇيءَ مان ڪنڊا پيو ڪڍين جو دير ٿي ويئي. فيصل سگريٽ دکائي ڪش هڻي انور کي وري به چرچو ڪندي چيو.
پيارا ڏي خبر ڪو محنتي ڪم جو ڄاڻو ڇوڪرو نظر ۾ اٿئي ته ٻڌاءِ منهنجو ڪم وڌي ويو آهي، ان لاءِ انور پنهنجو ڪم به ڪري رهيو هو ته ساڻ فيصل سان به ان موضوع تي ڳالهائي رهيو هو.
بلڪل آهي: بازار جي منڍ ۾ رمضان وٽ ولو پراڻو ڪاريگر آهي. ان جو سٺو تجربو به آهي، پر رمضان سندس ڏهاڙي نه ٿو وڌائي. ان ڪري في الحال ولو گھر ويٺو آهي. جيڪڏهن تون کي واقعي گھرج آهي ته پوءِ ولوءَ کي هاڻي ئي نياپو ڪيان. جيڪڏهن هتي پنج روپيه ڏهاڙي سرسُ ملندس ته دل لڳائي ڪم ڪندو، توکي به هڪ آسرو ٿي پوندو. فيصل سگريٽ جو وڏو ڪش هڻي منهن مٿي ڪري وات مان دونهون ڪڍي انور ڏانهن ڪنڌ ڦيرائي مارڪيٽ جي دادا وارو انداز ظاهر ڪندي کيس وراڻيو.
اڙي يار پوءِ دير ڇا جي ان ڏانهن هينئر ئي نياپو موڪِل، پڪ وٺينس ته اڄ کان ئي پنهنجو ڪم شروع ڪري. انور ڪم ڇڏي فيصل ڏانهن نهاري ان جي ڀر ۾ ويهي فيصل جي گوڏن تي ٿپڪو ڏئي سُتت ئي گھرائڻ جي ڳالهه ڪري ٻيهر پنهنجي ڪم جاري رکندي چمڙي جو ٿيلهو کڻي ان ۾ برف جا وڏا وڏا ڳنڍا وجهي ان ٿيلهي جو منهن بند ڪري ڪاٺ جي ڏنڊي سان برف ڪُٽڻ لڳو. انور پنهنجو ڪم ڪندي ٻيهر فيصل سان مخاطب ٿيندي چيو، وڏا ڀلا ڏي خبر جمعي تي واند ڪائي آهي؟
اڙي يار واند ڪائيءَ جي ڳالهه ڪهڙي ٿو ڪرين، اسين گھٽين جا سرويئر سڄو ڏينهن واندا، ابي جون زمينون ايتريون آهن جو اسان جا ست نسل به ويهي کائن. اسان کي ڪهڙو ڪم بس! گھر ۾ ويهي کٽن ڇنڻ کان ڀلو آهي ته ماڻهن سان ڪچهريون ڪري ياري ملهايون. حڪم ڪر وڏا ڪهڙو لابارو ڪرائڻو اٿئي جو اڄ واند ڪائيءَ جي ڳالهه ٿو ڪرين، سو به تون، ڇا تو کي واندڪائي ملندي؟ تون ته ايترو مصروف هوندو آهين جو پنج سال ڏندن کي برش به نه هڻندو آهين سو تو کي وري ڪيڏانهن واندڪائي ملندي. ڳالهه ڪر پيارا، ڳوٺن ۾ رهندڙ هي پاڙي ۾ ڪجهه اهڙيون عورتون به هونديون آهن جن جو ڪم هيڏانهن جي هوڏي ته هوڏانهن جي هيڏي هڻي پيون گھر ڊاهي فخر ڪنديون آهن. اهي عورتون به هر هڪ سان ڍيڪ ڏئي ڳالهائينديون آهن، سو فيصل به پهريان ته انهن رنن وارا ڍيڪ ڇڏيندي انور سان ڳالهايو، پوءِ حقيقت پڇيائينس.
ٻئي جگري يار هئا، ان ڪري هڪ ٻئي جي دل ۾ نه رکندا هئا. انور فيصل جي يخي ٻڌي اڻ ٻڌي ڪندي وڏا سنگت جون ڳالهيون دل ۾ گھر ڪري ويون آهن. انڪري هاڻي شان ۽ شوڪت واري زندگي گذارڻ جو پههُ ڪيو آهي. پر ان ۾ تنهنجي رهنمائيءَ جي هر موڙ تي ضرورت پوندي. ان لاءِ ڪجهه ڪپڙا ۽ موٽر خريد ڪرڻي اٿم. ڇا صلاح اٿي؟ انور پنهنجا شهپر وٽيندي فيصل سان دل جي ڳالهه اوري.
نيڪ ڪم ۾ پڇڻ ڇا جو؟ پيارا، جمعي ۾ به باقي ڏينهن ٽي ضرور هلندا سين. فيصل سگريٽ هيٺ اڇلائي، ان مٿان پنهنجي بوٽ جو زور ڏئي باهه وسائي اسٽول تان اٿي بيٺو. ته انور ملڪ روز ٺاهي هڪ گلاس ڀري فيصل کي ويهڻ جو چئي کيس گلاس آڏو رکيو. فيصل خوشيءَ منجهان گلاس کڻي هڪ ڍڪ ڀري حيران ٿي انور ڏانهن ڏسڻ لڳو، چيائينس ته پيارا اڄ ملڪ روز ۾ اهو ذائقو نه آهي، خير ته آهي؟ لڳي ٿو مندر اڄ کير ۾ جڳاڙ هڻي ويو.انور حقيقت ڄاڻي پيو، پر هو فيصل کي ڏسڻ کان لنوائي پيو. انور ڳالهه نٽائيندي نرڙ تي گھنج وجهي فيصل ڏانهن نهاري چيو ته بس! يار ڇا ڪجي هر پاسي بي ايماني وڌي وئي آهي. چئجي ته ڪنهن کي چئجي.
فيصل ملڪ روز جا ٻه ڍڪَ بچائي گلاس پاڻيءَ واري بالٽيءَ ڀرسان رکي اٿي بيٺو انور جي ڪلهي تي هٿ رکي وڏو ساهه کڻندي چپن تي هلڪي طنزيه مرڪ سجائي چيو “بس پيارا جهڙو ديس تهڙو ويس، دنيا کي ڪيئن گذارو ڪرڻو آهي اهو هر ڪو ڄاڻي ٿو، سمجهي ٿو ۽ ان جي مطابق ئي پنهنجي فن مان فائدو وٺڻ ڄاڻي ٿو هڪ تون آهين جنهن جي ذهن تي ايمانداريءَ جو ڀوت سوار آهي.” ائين چئي فيصل پنهنجي ڪم سان هليو ويو.
انور اچرج ۾ پئجي ويو ته فيصل کي ذائقي مان تمام جلد اندازو ٿي ويو ته اڄ ملڪ روز ۾ اها ڳالهه نه آهي. خير انور اهو سوچي پنهنجو پاڻ کي تسلي ڏني ته صبح کان وٺي هن محل تائين جن به گراهڪن شربت پيتو آهي ڪنهن اهڙي قسم جي ڪا به شڪايت ناهي ڪئي. هي پيارو دوست آهي ان لاءِ هن نخرو ڪيو هوندو. وڏن جو چوڻ آهي ته “هڪ الله جو نانءُ ۽ ٻيو حلوي سان ماني”. اهو سوچي هو پنهنجي ڪم ۾ مست ٿي ويو. سڄو ڏينهن پنهنجي روزيءَ جو هر هلائي ڏاند ٻڌي رات جي وقت انور پنهنجي گھر ڏانهن رُخ ڪيو.
حقيقت ۾ اسان ظاهر ۾ جيڪا ترقي ڪيون ٿا، اها ترقي نه بلڪه تنزلي آهي. بس! فرق رڳو سمجهڻ جو آهي. ٻي ڳالهه ته اسين جيڪڏهن ڪنهن شيءَ جو صحيح استعمال ۽ وقت سر استعمال ڪندا سين ته زندگيءَ ۾ ڪنهن به موڙ تي ان مان اسان کي گھاٽو نه رسندو، اها ئي حالت انور جي گھر ۾ موبائل جي اچڻ کان پوءِ پيدا ٿي چڪي هئي. محبتن جي ميلن ۾ هر ڪنهن کي هڪ ٻئي جي چهرن تي سجايل مُرڪ ئي نظر ايندي آهي. ان وقت ڪنهن کي به ڪنهن جي اندر ۾ جهاتي پائي نيتن جي اندازي ڪرڻ جو نه وقت هوندو آهي، نه ئي ان پاسي ڪو خيال هوندو آهي. هر ڪو هڪ ٻئي سان محبتون ونڊيندي نظر ايندو آهي. حقيقتن جو راز ته ميلي جي موٽ تي ظاهر ٿيندو آهي.
انور جي گھر داخل ٿيڻ تي گھر جي ماحول ۾ فرق ضرور هو پر محبتن جي مٺاس ۾ جيئن چانههِ جي ڪپ ۾ کنڊ وڌيڪ وجهي ۽ چپٽي لوڻ وجهڻ سان لوڻ جو ذائقو محسوس به ناهي ٿيندو، بلڪل ائين ئي انور کي فرق محسوس نه پيو ٿئي. جميلا شام جي وقت وٺ وٺان ڪري سيگههَ ۾ رات جي ماني تيار ڪري ڇڏي هئي. جميلا پنهنجي کٽ جي سيرانديءَ کان هڪ وهاڻي کي ٽيڪ ڏئي موبائل جي وندر ۾ مست هئي. کيس اها سمڪ به نه پئي ته ڪنهن ڀاتيءَ گھر ۾ قدم رکيو آهي. راشده پنهنجي کٽ تي سوير چيلهه سڌي ڪرڻ واسطي مٿان چادر وجهي سمهي پئي هئي. انور فريزر مان پاڻي ڪڍي بيٺي پير هڪ ئي ساهيءَ ۾ پاڻي پي اچي کٽ تي ويٺو ته جميلا جي نظر ڀاءَ تي پوڻ سِٽ ئي هوءَ ڇرڪ ڀري موبائل وهاڻي جي ڀر ۾ رکي اٿي بيٺي.
ادا اوهان پاڻي مون کي چؤ ها، جميلا حيراني منجهان ڀاءُ کي چيو.
ڪا ڳالهه نه آهي پٽ، پهريون اهو ٻڌاءِ ته امان کي ڇا ٿيو آهي جو سويل سمهي پئي آهي؟
ادا امان بلڪل ٺيڪ آهي، مون سوير ماني تيار ڪئي هئي، ان ڪري امان ماني کائي ڪجهه دير لاءِ چيلهه سڌي ڪري سمهي پئي آهي. اوهان ويهو ته آءٌ اوهان جي لاءِ ماني کڻي اچان. جميلا اهو چئي رڌڻي ڏانهن هلي وئي.
انور حيرت منجهه پنهنجي کٽ تي ويٺو، اهو سوچيندو رهيو ته امڙ اڪيلي سر ماني ڪيئن کاڌي؟
هو سوچي ئي رهيو هو ته جميلا ماني کڻي اچي انور آڏو رکي ۽ پاڻ پنهنجي کٽ تي وڃي ويهي پنهنجي وندر ۾ ٻيهر مست ٿي وئي.
جميلا پٽ! ڇو خير ته آهي، تون ماني نه کائيندينءَ؟
نه ادا! مون کي بک نه آهي. جميلا بي فڪريءُ سان ڀاءُ کي چيو.
انور سڀ ڪجهه محسوس ڪندي به ڳالهه کي در گذر ڪري ڇڏيو.
آسائشن جي آڙ ۽ خوشيءَ ۾ آهستي آهستي گھر جا ڀاتي جيڪي صبح جو ناشتو ۽ رات جي ماني هڪ ٻئي کان سواءِ کائڻ پسند نه ڪندا هئا، هينئر هر ڪو پنهنجي مُنهِن ماني کائي اوڳرايون ڏئي پير ڊگھا ڪري بي فڪر ٿي سمهي پوندو هو. ڪنهن جي دل تي ڇا پئي گذري، ڪير ڪنهن لاءِ ڇا پيو سوچي اهڙا اُلڪا سڀني جي ذهن مان ائين نڪري ويا جيئن ڪو لاوارث ماڻهو مرڻ بعد ڪٿي دفن ٿيو ڪنهن کي خبر ئي ناهي هوندي، اهي اُلڪا سندن ذهن مان ائين مٽجي ويا، جيئن ڪنهن انسان جي وجود مان روح پرواز ٿي ويندو آهي ۽ خالي مٽيءَ جو پتلو بنا تڙ جي بانس ڪري ويندو آهي.
جمعي جو ڏينهن هو، صبح جو سوير انور جيئن ئي گاڏي تي پهتو ته اتي فيصل ۽ ولو اڳواٽ ئي بيٺا هئا. انور ۽ فيصل پاڻ ۾ مليا، ولو انور سان وڏي ادب منجهان جھڪي مليو.
ادا! هي ولو آهي، اوهان جي گاڏي تي ڪم لاءِ اندو اٿم. فيصل انور کي چيو.
انور! ها ادا بلڪل مون کي به ضرورت هئي ۽ مان ڀانيان ٿو ته ولو محنت ۽ سچائي سان پنهنجو ڪم ڪندو. انور ولوءَ کي سڄو ڪم سمجهايو، فيصل ۽ انور ٻئي خريداريءَ لاءِ نڪري هليا ويا. انور پهريون ڀيرو پنهنجو گاڏو ڪنهن جي حوالي ڪري پاڻ تفريح سانگي هليو ويو، کيس اها خبر نه هئي ته منهنجا گراهڪ ان ڪري به مون کي پسند ڪندا آهن ته کين عزت به ملندي آهي. ان جي غير موجودگيءَ ۾ ڪيترائي گراهڪ کيس نه ڏسي موٽي هليا ويا. ته ڪن وري شربت مان وڏون ڪڍي شربت پيئڻ کان انڪار ڪيو ۽ واپس موٽي هليا ويا، شام تائين ٻئي دوست ائين غائب ٿي ويا جيئن گرمين جي نٽهڻ اُس ۾ پکي پکڻ وڻن جي سوراخن ۾ وڃي لڪي ويهي رهندا آهن. انور ۽ فيصل جو به رات تائين ڪنهن پاسي کان ڪو پاڇو به نظر نه پيو اچي. هيڏانهن گاڏي تي به اُها هلت نه هلي جيڪا انور جي هوندي ٿيندي هئي. رات جا 10 ٿي رهيا هئا، فيصل ۽ انور هڪ نئين زيرو ميٽر موٽر تي اچي پهتا. انور جو موبائل، جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ سندس ڀيڻ خريد ڪري آئي هئي، اهو به انور جي اڳيان واري کيسي ۾ رکيل هو. باقي ٻنهين دوستن جيڪي ڪاٽن جا چار پنج جوڙا خريد ڪيا اُهي اُتي ئي درزيءَ کي سبڻ لاءِ ڏنيون آيا. ٻئي دوست ڏاڍا خوش نظر اچي رهيا هئا خوشيءَ ۾ ننڍي ننڍي ڳالهه تي وڏا ٽهڪ ۽ تاڙا ملائي رهيا هئا. ٻنهين جي چهري تي خوشي ائين سمايل هئي، جيئن ڪنهن چنڊي ٻار جي بنا محنت جي سالياني امتحانن ۾ پاس ٿيڻ جي خبر تي سندس چهري تي خوشيءَ منجهان گلاب جا گل ٽڙندي پوندا آهن.
ادا ولو ڏي خبر بابا ڪا پريشاني ته نه ٿي؟ بابا گھڻو ڪمايو گھڻو خرچ ٿيو؟ انور خوشيءَ منجهان بي فڪريءَ واري حالت ۾ مرڪندي ولوءَ کان سوال ڪيو.
ولوءَ جي پئسن ڏيڻ تي انور جي ڏندين آڱريون اچي ويون. ڇاڪاڻ ته آمدني هميشه جي مقابلي ۾ اڌ کان به گھٽ هئي. انور جي چهري تي مايوسي تاري ٿي پئي پر خوشيءَ منجهان هر ڳالهه کي در گذر ڪندي پئسا سائيڊ واري کيسي ۾ وجهي ولوءَ کي سامان سميٽڻ جي ترڪيب ٻڌائي ٻئي دوست رات جي ماني هائي وي واري پشاوري هوٽل تي کائڻ جي سِٽ سٽيون آيا هئا. موٽر تي چڙهي عوامي ايڪسپريس جيان ٻئي اُڏامندا ٿي ويا.شهر کان ڪجهه پرڀرو مين هائي تي پشاوري هوٽل جي ڪڙهائي ذائقي ۾ تمام مقبول هئي. شهر جي ڪنهن به سنگت ساٿ کي جيڪڏهن چڱو چوکو هوٽل تي کائڻ جي حب ٿيندي به آهي ته سڌو وڃي پشاوري هوٽل تي بريڪ هڻندا آهن. ڏاڍو ڪڙهايون کائي تيلين سان ڏند صاف ڪندا گھر پهچندا آهن. هوٽل تي پهچي هڪ صندُل تي ڳاڙهي رنگ جي گول وهاڻن کي ٻئي دوست ٽيڪ ڏئي ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي ويهي رهيا. هوٽل تي ماڻهن جو وڏو چهچٽو هو. ايتري ۾ هوٽل جو بيرو آيو. سائين اوهان جي ڪهڙي خدمت ڪجي؟ بيري وڏي مان ۽ ادب منجهان چيو.
جاني! اڌ ڪلو ٻاڪري گوشت جي ڪڙهائي پر وي آئي پي هجي. آخر ۾ ٻه ڪڙڪ چانهيون اهڙيون جو ٿڪ ئي لهي وڃي. فيصل بيري کي وڏي حجت واري انداز ۾ چيو.
جيسين ڪڙهائي تيار ٿئي تيسين خوشيءَ ۾ڇڙواڳ ٽهڪن سان حوال ڪري کِلي کِلي ٻيڻا ٽيڻا پئي ٿيا، اڄ پهريون ڀيرو انور جوانيءَ جي مستي ۽ جهان جي فڪر کان آزاد ٽهڪن جي دنيا ۾ مست هو. هڪ ڪلاڪ جي وقفي کانپوءِ بيرو ڪڙهائي کڻي آيو، ٻنهين دوستن شوق سان ڪڙهائي کائي تن من تازو ڪيو. بِل انور ادا ڪيو ۽ بيري کي ٽپ (بخشش) به انور ئي ڏني.. انور جي نظر جيئن ئي گھڙيءَ تي پئي ته رات جا 12 ٿي رهيا هئا. انور پهريون ڀيرو زندگيءَ ۾ گھر کان ٻاهر ماني کاڌي ۽ ٻاهر رهيو. ان ڳالهه جو انور جي ذهن ۾ ڪو به اُلڪو نه ٿيو. هن زندگيءَ جا نوان رنگ ڏٺا ته ٿر ۾ رهندڙ مور جي برسات پوڻ کانپوءِ مور جي جهومڻ وانگر مست هيو. بس! فرق ايترو هو ته مور جهومي جهومي نيٺ پنهنجي پيرن ڏانهن ضرور نهاريندو آهي، پيرن ڏانهن نهاري پنهنجي ماضيءَ جي اهميت کي ياد ڪندي روئندو آهي ۽ انور وندر جي بادلن ۾ گم ٿي ويو. اهو فڪر نه هو ته بادل اگر برسات بنجي زمين تي برسيا ته پوءِ منهنجو ڇا ٿيندو؟. زندگي بهار جي موسم جيان پُر بهار ۽ گلاب جي گلن جيان ڳاڙهسري ۽ خوشبوءَ سان حسين ۽ جميل لڳي پئي هئي. آخر ۾ چانهه جو چسڪو هڻي موٽر تي گھرن ڏانهن روانو ٿيا. انور پهريون فيصل کي پنهنجي گھر ڇڏيو، پوءِ هو پنهنجي گھر اچي پهتو، در کڙڪائڻ تي پهريون ته ڪو جواب نه مليس پر پوءِ ٻيهر دروازو کڙڪائڻ تي سندس ماءُ وراڻيو ته “ها پُٽ صبر ڪر اچان ٿي.” راشده دروازو کوليو ته انور جي هٿ ۾ موٽر ڏسي اچرج ۾ پئجي وئي. انور در جا ٻئي تاڪ کولي موٽر اندر ڪئي ۽ در بند ڪيو. جميلا چادر ۾ ويڙهي سُڪ، ننڊ ۾ گھوگھرا هڻي رهي هئي.
پٽ! خير ته آهي، شال! ڪوسو واءُ نه لڳي. ابا اڳ ته ايڏي دير ڪڏهن به نه ڪري آيو آهين، هيءَ موٽر گاڏي ڪنهن جي اٿئي پُٽَ؟. راشده دعا ڏيندي ٻئي هٿ انور جي ڳٽن تان گھمايا، موٽر ڏانهن هٿ جو اشارو ڪندي معلوم ڪرڻ چاهيائين.
انور کي اهو ذهن ۾ هو ته نئين گاڏيءَ جو امان ۽ جميلا کي اوچتو سرپرائيز ڏيندس. پر رات جو پويون پهر هو، ائين نه ٿي سگهيو. امان صبح ڏسيندو سانءِ ته گاڏي ڪنهن جي آهي، ڳڻتي نه ڪر.
پُٽ! تون ساههُ پَٽ، ته آءٌ تنهنجي لاءِ مانيءَ ڳڀو کڻي اچان. راشده رڌڻي ڏانهن ويندي پٽ کي چيو.
انور وراڻيو نه امان نه آءٌ ماني کائي آيو آهيان. تون خفو نه ڪر. آءٌ گھڻو ٿڪجي پيو آهيان. تون به آرام ڪر، آءٌ به مٿي وڃان ٿو.
راشده اهو ٻڌڻ باوجود به ماني کڻي اچي کٽ تي رکي کٽ جي پيرانديءَ کان ويهي رهي. پٽ آءٌ تنهنجي انتظار ۾ چڱي دير تائين ويٺي رهيس پر تون نه آئين، ڇا ڪيان ٻچڙا عمر گھڻي ٿي وئي آهي. جڏهن بک برداشت کان وڌي وئي ۽ ننڊ ستايو کٽ تي چيلهه سڌي ڪري تنهنجي انتظار ۾ ويٺي هيس. ڪنهن وقت اک لڳي به پئي ته تنهنجي تات ۾ وري نيڻن ۾ تنهنجو دير ڪرڻ وارو الڪو ستائي رهيو هو.
امان آءٌ ماني کائي آيو آهيان، تون کائي ڇڏ ۽ ها امان تنهنجي دعائن سان مون کي ڪجهه به نه ٿيندو. تون اُلڪو نه ڪندي ڪر. ماءُ کي تسلي ڏئي انور پاڻي ڀري مٿي هليو ويو پر جميلا ننڊ ۾ سُڪ هئي.
راشده پهريون ڀيرو جبل جيڏو انتظار ڪرڻ کانپوءِ ويڳاڻن جيان اڪيلي سِر ماني جا ٻه ٽي گرنهن هنيا پر نڙيءَ مان نه پيا لهن ڇاڪاڻ ته جڏهن انسان کي جنهن انداز ۾ ماني کائڻ جي عادت پئجي ويندي آهي پوءِ اوچتو ان جي تبديل ٿيڻ سان بي چيني ۾ اضافو ۽ ڪا شيءَ نه وڻندي آهي. راشده ڪجهه ڏينهن کان جميلا جو گھر ۾ موبائل اچڻ ڪري گھر جو گھڻي قدر ڪم ڪار به پاڻ ئي ڪري رهي هئي پر اها ڳالهه انور کان مڪمل طور تي لڪائيندي رهي.جهوني عمر ۾ اوچتو گھر جو ڪم سگهه نه هجڻ باوجود به راشده گھر جي خوشين ۽ رونقن برقرار رکڻ جي خواهش سبب همت ڪري حالتن جو مقابلو ڪري رهي هئي. وري اولاد جي رات جو دير تائين نه اچڻ جو اُلڪو سندس دل ڪمزور ڪري رهيو هو، ان ڪري راشده افسوس منجهان تارا ڏِسي ڏِسي گھٽ ۾ گھٽ انتظار جي اُلڪي کان آجي ٿي نيٺ اکين جا پردا بند ٿيا ۽ ڪهڙي وقت سڪون نيڻن تي حاوي ٿيو ڪا خبر ئي نه پئي.
ٻئي ڏينهن سِج روشنيءَ جي ڪرڻن سان گڏ تارن جي قافلي کي شڪست ڏئي آسمان تان اُس جي گولن جي هلڪي هلڪي ڪڻ ڪڻ برسائڻ شروع ڪئي. انور جي اک کلي پئي. هو هڪ اجنبي شهر ۾ هڪ رات لاءِ ٽِڪيل مسافر خاني ۾ مسافر جيان ڇت تان هيٺ لهي ناشتو ڪرڻ کان سواءِ گاڏي ڪڍي بنا موڪلائڻ جي هليو ويو. جڏهن ته جميلا پڻ ان کان اڳ بنا ناشتو ڪرڻ جي اسڪول وڃي چڪي هئي. مطلب ته جديد دور جي سائنسي آسائشن گھر جي ڀاتين ۾ جديد اسٽينڊر جو جذبو پيدا ڪري رشتن جي احساس ۽ محبت جي مٺاس کان محروم ڪري ڇڏيو. هن وقت اها ماءُ جنهن کي وڏي عرصي کان مڙس جي ڪمي محسوس به نه ٿيندي هئي اها گھر جي حالتن تي ڳڻتيءَ جي ڪاري ڪُن ۾ تڙپندي ٿي رهي پر کيس هٿ پڪڙي ڪو تسلي ڏيڻ وارو نه آهي. هر ڪو خيالي طور ترقي ڏانهن قدم وڌائڻ جو سوچيندي پاڻ تي فخر ڪندي پاڻ کي سلام ڪري رهيو آهي پر حقيقت کي سمجهڻ جي ڪوشش به نه ڪري رهيو آهي ته اسان جي گھر، رشتن ۽ روزگار کي اها اُڏهي کائي رهي آهي، جنهن جي مڪمل تباهيءَ کان پوءِ اسين پاڻ به سنڀالي نه سگھندا سين. راشده ان اُڏهيءَ جي انجام کان بهتر انداز ۾ واقف هئي جنهن ڪري اندر ئي اندر ۾ پئي پڄرندي هئي پر ٻڻڪ نه ڪڍندي هئي، اهو ان ڪري ته اولاد آهي. سمجهي ويندا.
انور ۽ فيصل تمام سُٺا دوست ٿي چڪا هئا سڄو ڏينهن موٽر تي تفريح ڪندا رهندا هئا. انور پنهنجي فضول خرچن ۾ اضافي ڪارڻ کير ۾ ملاوٽ ۽ غير معياري فروٽ جو استعمال وڌائيندو ويو. ٻئي پاسي ولوءَ ڏٺو ته مالڪ پاڻ ئي جڏهن پنهنجي روزيءَ سان سچو نه آهي ته پوءِ آءٌ ڪهڙي سچائي ڪريان. ولوءَ ڏٺو ته مالڪ مڪمل طور تي تفريح ۾ مگن آهي، ان مان فائدو وٺندي بي ايمانيءَ جو ليڪو لنگھي ويو.
گراهڪ جيڪي انور جي اخلاق ۽ خالص شربت جي ڪري ڏورانهن علائقن کان اچي گرميءَ جي حالت ۾ به بيهي شربت پيئڻ پسند ڪندا هئا انهن گراهڪن جو آهستي آهستي ٻين دڪانن ڏانهن لاڙو ٿي ويو، ٻين جوس وارن جي ته رب ٻُڌي. انهن وقت مان فائدو وٺندي ڪجهه عرصي لاءِ شربت جو ذائقو وڌائي گراهڪن جي توجه پاڻ ڏانهن ڪرائڻ چاهي ۽ هو ان مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويا.
گاڏي جي اُپت فائدي بدران نسورو نقصان ڏيڻ لڳي. روزانو مور به نه نڪرندو هو. ٻن مهينن جي عرصي ۾ انور ڪيترن ئي ماڻهن جو قرضي ٿي ويو. قرض جي انتها سبب انور وٽ ايترو هڙ ۾ نه هو جو هو موٽر ۾ پيٽرول وجهرائي سگهي. ولوءَ ڏٺو ته انور قرض ۾ ڪارو ٿي ويو آهي، هاڻي ته هو منهنجي ڏهاڙي به نه ٿو ڏئي سگهي. نيٺ هو به اوچتو بنا ٻڌائي ڪنهن ٻي جاءِ تي پنهنجو بندو بست ڪري هليو ويو. فيصل به پنهنجا ڏند ڏيکاريا، بنا ڪنهن مقصد جي ڪنهن ڳالهه تي اُنڊ ڏئي جهيڙو ڪري انور کان ائين دور رهڻ لڳو جيئن زال ۽ مڙس طلاق کان پوءِ شرعي طور هڪ ٻئي کان پري ٿي ويندا آهن. ۽ هميشه لاءِ نه ختم ٿيڻ واري نفرت سندن ذهن ۾ ويهجي ويندي آهي.
انور ڪجهه ڏينهن جي تفريح جو چُسڪو وٺي،سڀ ڪجهه برباد ڪري جڏهن هوش سنڀاليو ته کيس ڳالهه سمجهه ۾ آئي، پنهنجي هٿ جي وڍي آهي.
انور ماضيءَ جا ورق اٿلائي زندگيءَ مان سبق حاصل ڪندي، دنيا جي رسم ۽ رواج، مفاد جي بنياد تي وقتي طور دوستيءَ جي شڪل اختيار ڪري تباهه ڪندڙ انسانن، جديد دنيا جي آسائشن بنا تجربي ۽ انهن جي غلط استعمال جي ڪري انسان جي تباهي ۽ برباديءَ جو ڏانءُ سِکي نيٺ پنهنجي ان ئي گاڏي تي اچي پير پختا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن گاڏي تي انور ايمانداري ۽ سچائيءَ جي طاقت جي زور تي جنگ وڙهي شهر جي بازار ۾ پنهنجو نالو سرهو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، پر افسوس جو جهڙيءَ ريت جنگ احد جي ڪاميابيءَ کان پوءِ مسلمانن جي ٿورڙي غفلت، مطلب ته ڪافرن کي ميدان جنگ ۾ نه ڏسندي مسلمانن جو مورچا ڇڏي خالي ميدان ۾ مال غنيمت ميڙڻ جي لالچ ۾ اچي گڏ ٿيڻ، مال گڏ ڪرڻ جي غلطيءَ واري عمل اوچتو حالتن کي تبديل ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ مسلمانن کي وڏو ڇيهو رسيو. اهڙي طرح انور به دولت کي مال غنيمت سمجهي ميڙڻ جي غفلت ۾ رشتن جي احساس، حلال ۽ حرام جي فرق، صحيح ۽ غلط جي سُڃاڻ جي فرق کان محروم ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ بربادي سندس زندگيءَ جو مقدر بڻجي وئي، اها حقيقت آهي ته انسان خطا جو پُتلو آهي برباد ٿيڻ کان پوءِ به جيڪڏهن هوش سنڀالي ڌڻيءَ در پنهنجي گناهن جي معافي گھري، ٻيهر پنهنجي دين ۽ ايمان جي طاقت سان پنهنجو پاڻ کي طاقتور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته اهو بلڪل ممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته الله غفور ۽ رحيم آهي. پر اها پڻ حقيقت آهي ته برباديءَ کان پوءِ انسان کي پنهنجي پيرن تي ٻيهر بيهڻ تائين ضرور وقت لڳندو آهي. ان ڪري اهڙين حالتن ۾ انسان کي گھرجي ته پنهنجا حوصلا بلند رکي، صبر مان ڪم وٺي، سرهو ٿيڻ تائين مايوسي جو شڪار نه ٿئي ته يقينن هو منزل ضرور ماڻيندو، الله جي ذات وٽ دير آهي پر انڌير نه آهي، هو پنهنجي بندن سان دنيا جي ستر مائرن کان وڌ پيار ڪري ٿو.
انور پڪو پههُ ڪري ڇڏيو ته آءٌ ايمانداري، سچائي ۽ محنت سان زندگيءَ کي سر سبز ۽ شاداب بڻائيندس. انور پنهنجي خزان جي موسم ۾ پن ڇڻيل وڻ جهڙي زندگيءَ کي پاڻي ڏئي سرهو ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ شروع ڪئي.
ڪالهه جنهن انور جي گاڏي تي شربت پيئندڙ گراهڪن جو وڏو ميڙاڪو هوندو هو، اڄ اهو ميڙاڪو ائين غائب ٿي ويو جيئن 2010ع جي ٻوڏ سڀ ڪجهه ٻوڙي ڇڏيو، انور جي گاڏي تي جيڪڏهن ڪجهه ماڻهو هئا به ته اهي سندس قرضي هئا. گاڏي مان اُپت نه ٿيڻ سبب انور پنهنجي خرچن ۾ گھٽتائي آڻي ڇڏي. رمضان کير واري جا 40000 روپيه، نصير فروٽ واري جا 35000 روپيه مٿان چڙهي ويا هئا. ٻنهين انور کي ڏاڍو ستايو، نيٺ انور موٽر، موبائل ۽ هڪ سوني منڊي وڪڻي پنهنجو قرض ادا ڪري قرض جي مصيبت کان آجو ٿيو.
انور ڪجهه مهينا اڳ ايمانداري ۽ سچائي سان گھڻو ڪمائڻ باوجود به سادگي اختيار ڪندو هو، دنيا جي آسائشن جي لالچ ۾ جيئن ئي هن ڪاروبار ۾ بي ايماني ڪرڻ شروع ڪئي ته برباديءَ به سندس قدم چميا. جنهن ڪارڻ اڄ انور سڄو ڏينهن هڪ اسٽول تي ويهي گراهڪن جي انتظار جي اميد تي راهون ڏسندو رهندو هو، ڪجهه گراهڪ جيڪي انور جي اخلاق جي ڪري ايندا هئا انهن انور کي گاڏي تي ڏسي ٻيهر موٽ کاڌي. پوءِ به اها موٽ نه ملڻ سبب انور پنهنجي غفلتن ۽ آسائشن واري رنگين دنيا جي عارضي لطف وٺڻ جي عيوض تباهي تي ڪنهن وقت افسوس ڪري رهيو هو ته وري ڪنهن وقت پنهنجي حوصلن کي بلند ڪري رهيو هو.
رات جا 11 ٿي چڪا هئا. هر ڪو ڪاروبار جو وقت پورو ڪري پنهنجي ٻچڙن کي وقت ڏيڻ ۽ آرام ڪرڻ جي نيت سان پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن وڃي رهيو هو. انور اوچتو اٿيو، سندس نظر کير تي پئي، ڇا ڏسي ته 10 ڪلو کير ڦٽي چڪو آهي. سواءِ ڪجهه گراهڪن جي سڄو ڏينهن ڪنهن به گاڏي طرف اک ڦيرائي نه ڏٺو. نه ئي ڪنهن انور کي سلام ڪرڻ پسند ڪيو. انور گاڏي جو سامان سميٽي هڪ ٿڪل مسافرجيان ماضيءَ جي حرڪتن تي افسوس ڪندو گھر پهتو.
انور پُرلطف زندگيءَ جا مزا ماڻيندي روزانو رات جو دير سان اچڻ ڪري ماءُ کي دروازو ٻيڪڙي ڇڏڻ جو چئي ڇڏيو هو ۽ مانيءَ جو انتظار نه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي هئي. ان ڪري سندس والده در جا ٻئي تاڪ ٻيڪڙي آرامي ٿيندي هئي. انور گھر جا ٻيڪڙيل تاڪ کولي جيئن ئي اندر داخل ٿيو، ڇا ڏسي ته گھر ۾ ڪو به ڀاتي نه آهي. انور جميلا کي سڏ ڪندو سڌو رڌڻي ڏانهن ويو، رڌڻي ۾ به ڪو موجود نه هو. صبح کان بکايل انور رڌڻي ۾ ڪجهه کائڻ لاءِ ڳولا ڪئي ته رڌڻي ۾ به ڪاريءَ وارا ڪک هئا. مايوس ٿي ٻاهي آيو، ماءُ کي سڏ ڪيائين ته به ڪو جواب ڪو نه مليس، حيرت ۾ پئجي ويو ته سڀ ڀاتي ويا ڪيڏانهن؟ ساهه پٽڻ لاءِ اچي کٽ تي ويٺو. ته کٽ جي سيرانديءَ کان هڪ ڪاغذ جو ٽڪرو پيو هو. ڏسي ته اهو ٽڪرو جميلا جي ڇهه ماهي امتحانن جي نتيجي جي مارڪس شيٽ آهي. ان مطابق جميلا پنجن پيپرن مان چئن ۾ فيل هئي ۽ هڪ ۾ رڳو 40 نمبر کڻي پاس ٿي هئي. انور وڏي رڙ ڪري جميلا کي سڏ ڪرڻ چاهيو. ايتري ۾ اڪبر جي ڌيءَ ۽ سندس ڀائٽي ڪونج گھر ۾ داخل ٿي. چاچا ڇا اوهان کي خبر نه آهي؟ ڪونج حيرت منجهان انور کان پڇا ڪئي.
نه پُٽ خير ته آهي؟ انور ڪونج جي اهڙي سوال تي حيرت منجهان اٿي بيٺو سبب معلوم ڪرڻ چاهيائين. چاچا اڄ اوهان جي والده رڌڻي ۾ ڪم ڪندي اوچتو ڪري پئي، گھر ۾ ڪو به نه هو، نيٺ جميلا ان کي اسپتال کڻائي وئي آهي. اسان بابا سائين کي فون تي اطلاع ڪيو سين ابو به هاڻي اتي اسپتال ۾ موجود آهي. اسان اوهان سان رابطو ڪرڻ چاهيو سين پر اوهان جو نمبر بند هيو. چاچا هينئر بابا سائينءَ فون ڪري ٻڌايو ته ڏاڏي راشده جي ٻن هنڌن تان ٽنگ ڀڄي پئي آهي. ڊاڪٽر جي چوڻ مطابق جوڙڻ جي ڪوشش ڪندس پر عمر مطابق ڪم مشڪل آهي.
انسان جڏهن بيمار ٿيندو آهي ته ڪمزوري گھڻي هئڻ سبب ٻه چار ٻيون به بيماريون ان تي حملو ڪنديون آهن. اهڙي حالت ۾ گھر جي ڀاتين، مٽن مائٽن ۽ سنگت ساٿ جي طرفان حوصلي جي ضرورت هوندي آهي، جنهن ڪري اهو انسان انهن بيمارين جو وڏي بهادريءَ سان مقابلو ڪري صحت جو تاج پنهنجي جسم تي سجائيندو آهي. اهڙي طرح زندگيءَ ۾ جيستائين خوشحالي آهي ته هر پاسي کان اوهان کي ساوڪ ئي ساوڪ نظر ايندي، هوا جو هر جھونڪو اوهان لاءِ خوشين جو پيغام کڻي ايندو، صبح جو اڀرندڙ سِج اوهان جي زندگيءَ ۾ ڪاميابيءَ جي نئين خوشخبري کڻي ايندو. پر جيڪڏهن زندگيءَ ۾ ڪا تڪليف يا مصيبت مٿان اچي پوي ٿي ته پوءِ ان هڪ مصيبت پويان پنج ٻيون پريشانيون به انسان مٿان اچي پونديون آهن. اهڙيءَ حالت ۾ انسان کي همت ۽ حوصلي مان ڪم وٺڻ گھرجي. ڇاڪاڻ ته جهڙيءَ ريت هڪ کٽ جا ٻه حصا آهن، هڪ سيراندي ته ٻيو پيراندي. انهن ٻنهين جي پنهنجي پنهنجي حيثيت ۽ ڪم آهي. اهڙي طرح خوشي هجي يا غم، اهي ٻئي انسان جي زندگيءَ جا ٻه پهلو آهن. ماءُ جي ان ڳالهه جو انور کي وڏو صدمو رسيو، انور ان حيرت ۾ هو ته امڙ رڌڻي ۾ ماني ڪڏهن کان پچائڻ شروع ڪئي؟. ۽ جيڪڏهن صرف اڄ به ته اُها ڪهڙي مجبوري هئي جو امڙ کاڌو پاڻ پچايو. انور جي جسم مان اڌ ساهه ڇڏائجي ويو، هڪڙا پگھر لهن پيا ته ٻيا چڙهن پيا. انور ورانڊي ۾ رکيل ان کٽ تي آهستي آهستي وڃي ويٺو جنهن کٽ تي ڪن ڏينهن ۾ سڀ گھر جا ڀاتي ملي رات جي ماني کائيندا هئا. سندس اکين مان نير وهي آيا ته اڄ اها جيجل جيڪا مون سان گڏ ماني کائيندي هئي سا اسپتال ۾ داخل آهي. کٽ تي نه وهاڻو موجود، نه پيرانديءَ کان رلي رکيل. ٿڌو ساهه ڀري انور آسمان ڏانهن نهاري الله کان پنهنجي گناهن جي معافي گھرندي چيو منهنجا مالڪ تون رحمٰن رحيم آهين. مالڪ تون معاف ڪر. انور بک ۽ اُڃ تي کٽ جي پيرانديءَ کان مٿو رکي هڪ ٻانهن مٿي هيٺيان رکي افسوس جي آڙاهه ۾ سڙندو پڄرندو رهيو. اهو چاهيندي به ته آءٌ امڙ ڏانهن اسپتال وڃي ساڻس گڏ رهي رات خدمت ڪندس، پر انور جي جسم مان همت ختم ٿي چڪي هئي، ذهني طور تي اداس ۽ اکين آڏو اونداهين کيس ڪمزور ڪري ڇڏيو هو. ڪجهه دير ڳڻتيءَ جي عالم ۾ ڪو به فيصلو نه ڪري سگھيو، اوچتو سندس حوصلا بلند ٿيا، ٽپ ڏئي اٿيو، اهو سوچي ته آءٌ هر حال ۾ پنهنجي زندگي ۽ گھر ۾ اهي خوشيون، رونقون ۽ محبتون واپس آڻڻ لاءِ هر طرح جي قرباني ڏئي پنهنجي مقصد ۾ ضرور ڪاميابي حاصل ڪندس. انور گاڏي ڪڍي وڏي حوصلي منجهان اسپتال ويو.