لائيف ٽائيم ايوارڊ
ڌيءَ! تون هن وقت تائين پيپر جي تياري ڪري رهي آهين؟ پُٽ آرام به ضروري آهي. سليم حيرت منجهان سلميٰ جي ويجهو اچي سندس مٿي تي هٿ ڦيري ساڻس مخاطب ٿيندي چيو.
سلميٰ پنهنجي آڱرين ۾ ڦاٿل پينسل وارو ساڄو هٿ وات آڏو آڻيندي اوٻاسي ڏيڻ بعد ٿڌو ساهه ڀريندي، ها بابا سائين پيپر تمام ڏکيو آهي ان لاءِ هن مهل تائين تياري ڪري رهي آهيان. بابا سائين منزل ماڻڻ لاءِ محنت ڪرڻي پوندي آهي.
پر ڌيءَ ڪجهه آرام به ته ضروري آهي نه سليم شفقت واري انداز ۾ سلميٰ سان مخاطب ٿيندي هڪ قدم اڳتي وڌي پاڻيءَ جو جڳ کڻي جيئن ئي گلاس ۾ پاڻي ڀريو ته پاڻي گرم هو. سليم خاموشيءَ سان گلاس جو پاڻي واپس جڳ ۾ وجهي ڪمري کان ٻاهر هليو ويو. سلميٰ حيرت منجهان ڪنڌ کڻي پين ڪاپيءَ تي رکي والد ڏانهن نهاريندي کانئس ڪمري کان ٻاهر وڃڻ جو سبب پڇڻ چاهيو پر پڇي نه سگهي. بابا سائين منهنجي دير تائين جاڳڻ تي مون کان ناراض ته نه ٿي ويو؟ يا مون بابا سائين کي ويهڻ جي آڇ نه ڪئي؟ پر بابا سائين مون کان ناراض نه ٿو ٿي سگهي، بابا سائين ته منهنجي جان آهي. پر ها بابا سائين کان منهنجي اوجاڳي جي تڪليف برداشت نه ٿي سگهي هوندي. سلميٰ سوچن جي ان سمنڊ ۾ غوطا کائي رهي هئي ته اچانڪ والد کي ٻيهر ڪمري ۾ داخل ٿيندي ڏٺائين. سلميٰ سوچن جي سمنڊ مان ٻاهر نڪري آئي سلميٰ جي دل کي ٻيهر آٿت ٿي. سليم جي هڪ هٿ ۾ پاڻيءَ جو جڳ ۽ ٻي هٿ ۾ کير جو گلاس هيو. هر روز کير ۾ ننڍا ڦوٽا وجهي ڪاڙهڻ کان پوءِ آٺرائي فرج ۾ رکي ٿڌو ڪري سڀئي گهر ڀاتي پيئڻ بعد آرامي ٿيندا هئا. امتحانن جي تياريءَ جي ڪري سلميٰ ڪڏهن رات جو ته ڪڏهن نيراني کير پيئڻ کان پوءِ نماز پڙهي اسڪول وڃڻ لاءِ تيار ٿيندي هئي. پر اڄ سليم پنهنجي ڌيءَ جي لاءِ پاڻ کير کڻي اچي ڪمري ۾ پهتو. سليم پلنگ جي ساڄي پاسي کان ويهي سلميٰ جي مٿي تي هٿ رکي سلميٰ جي اکين ۾ اکيون ملائي شفقت منجهان سلميٰ کي کير جو گلاس هٿ ۾ ڏئي آهستگيءَ سان ڳالهائيندي چيو” ڌيءَ گھڻي دير ٿي چڪي آهي ٿڪجي پئي هوندينءَ، هي کير پي ۽ هاڻي آرام ڪر.
بابا سائين ڪاميابي ۽ منزل بنا محنت ۽ قربانين جي ناهن ملنديون. ان لاءِ اوجاڳا ڪرڻ ڪا وڏي ڳالهه نه آهي سلميٰ والد کي وراڻيو. سلميٰ کير پي گلاس پلنگ جي ڀر ۾ رکي ٿڌو ساهه ڀري ٻنهين هٿن سان پنهنجا وار اکين ۽ نرڙ تان هٽائي مٿي تي رکيل رئو ٻيهر صحيح ڪري پنهنجو مٿو والد جي ڪلهي تي رکي وڏو ساهه ڀريندي چيو ته بابا سائين آءٌ هيءَ محنت ان ڪري نه ٿي ڪيان ته آءٌ پڙهي لکي ڪنهن وڏي عهدي تي پهچان. پر منهنجي علم حاصل ڪرڻ جو اصل مقصد صرف ۽ صرف اهو آهي ته آءٌ ايتري قابل ٿيان جو اوهان جي بزرگيءَ ۾ آءٌ اوهان جي ٻانهن ٻيلي ٿيان. اوهان پنهنجي من جي حسرتن کي آڏو رکندي مستقبل جي خوشحاليءَ لاءِ جنهن ٻوٽي جي شفقت ۽ پيار جي ڇانوَ ۾ پرورش ڪري رهيا آهيو. بابا سائين آءٌ اوهان جي صرف نياڻي نه پر پٽ به آهيان. ان لاءِ آءٌ مستقبل ۾ هڪ ڇانوَ ڏيندڙ ۽ ميويدار وڻ ثابت ٿي ڏيکارينديس. بابا سائين آءٌ پنهنجي ڪردار ۽ محنت سان اوهان جي زندگيءَ ۾ سڪون پيدا ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪنديس. بس! آءٌ هميشه الله جي ذات کان اها ئي دعا گھرندي رهندي آهيان.
سلميٰ جي آٿت ڏيندڙ، حوصلن کي بلند ڪندڙ، جذبن کي جاڳائيندڙ، مستقبل ۾ خوشحالي، سڪون، بي فڪريءَ جو پيغام کڻي اڀرندڙ سج ۽ موتين جي مالها جهڙن لفظن سليم جو من موهي ڇڏيو. سليم جي خوشيءَ جي لڙڪن اکين جا پردا ڦاڙي سندس جهول ۽ ڳل آلا ڪري ڇڏيا. ها امان اهو ڏينهن ضرور ايندو پر تون ته هاڻي به اسان جي نيڻن جو ٺار آهين. سليم پنهنجي کاٻي هٿ جي ٽن آڱرين سان پنهنجا لڙڪ اُگھندي منجهيل لفظن ۾ چيو.
بابا سائين اوهان جي اکين جي آلاڻ؟ ڇا اوهان جي ڌيءُ ڪو غلط لفظ ته نه چئي ورتو؟ بابا سائين اوهان جا ڳل لڙڪن سان آلا؟ سلميٰ پيءُ جي منجهيل لفظن جي پرک ڪندي يڪدم ڪنڌ کڻي پنهنجي هٿ جي آڱرين سان سليم جا لڙڪن سان آلا ڳل صاف ڪندي حيرت منجهان وراڻيو.
امان! هي خوشيءَ جا ڳوڙها آهن. تنهنجي چيل لفظن منهنجو من موهي ڇڏيو، جنهن ڪري خوشيءَ منجهان منهنجي اکين مان پاڻي تري آيو آهي. سليم ڌيءَ جي پيشاني چمندي مٿي تي هٿ رکي مسڪرائيندي جواب ڏنو.
هينئر رات جو پويون پهر ٿي چڪو آهي ڌيءَ آرام به ضروري آهي. صبح پيپر به ڏيڻو اٿئي، هاڻي تون آرام ڪر. سليم شفقت واري انداز ۾ اهو جملو چئي ڪمري جو دروازو ٻيڪڙي پنهنجي ڪمري ڏانهن هليو ويو.
صبح جو آذان جي آواز تي سلميٰ جي اک کلي، وضو ڪري نماز پڙهي، ناشتو ڪري سلميٰ اسڪول هلي وئي.
منجهند جو هڪ ٿي رهيو هو سومل منجهند جي ماني پچائي رهي هئي ته ڪنهن دروازو کڙڪايو، سومل سمجهي وئي ته سلميٰ هوندي. سومل گئس جي باهه هلڪي ڪري دروازو کولڻ لاءِ اڳتي وئي جيئن ئي دروازو کوليائين ته سامهون سلميٰ جي سهيلي فائزه نظر آئي. سندس هٿ ۾ سلميٰ جو ڪتابن جو بستو هو ۽ ٻي هٿ ۾ سلميٰ جو هٿ پڪڙيل هيو. سلميٰ ان جي پويان فائزه جي ڪلهن تي پنهنجو مٿو رکي بيٺل هئي. فائزه جي چهري تي سکڻي مُرڪ هئي. فائزه جيئن ئي سلميٰ جي امڙ کي نياڻيءَ جي حالت تي اچرج ۾ بي حال ٿيندي هوش کان ٻاهر ٿيڻ جو ڏسي عقل مان ڪم وٺندي چيو، ماسي پريشان ٿيڻ جي ڪا به ڳالهه نه آهي. گرميءَ سبب سلميٰ جي معمولي طبيعت خراب ٿي آهي. ڪا ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه نه آهي سلميٰ کي آرام جي ضـــرورت آهــي.
اوهان ڄاڻو ٿا ته اسين ڀينرن جيان هڪ ٻئي تي ساهه ڏيندڙ سهيليون آهيون. ماسي مون سلميٰ کي ڏسي ستت اهو فيصلو ڪيو ته سلميٰ کي گھر تائين ڇڏي اچان. ان لاءِ جيئن ئي بابا جاني مون کي وٺڻ آيو ۽ مون بابا کي سلميٰ جي طبيعت جو ٻڌايو ته بابا به منهنجي فيصلي کي هٿي ڏيندي چيو ته اها تمام سٺي ڳالهه آهي ته اسين سلميٰ کي گھر ڇڏيندا پوءِ پنهنجي گھر هلون. اوهان بلڪل نه گھٻرايو. فائزه سلميٰ جي ماءُ کي تسلي ڏيندي چيو.
ها پٽ تون به اسان جي نياڻي آهين، ڌيءَ اندر اچ، سومل سلميٰ جي هٿ کي پڪڙي آهستي آهستي ڪري گھر جي ڊرائنگ روم ۾ صوفي تي ويهاري، فائزه جي لاءِ پاڻيءَ جو گلاس ڀري آئي. امان ساهه پٽ گرمي گھڻي آهي. مان اوهان جي لاءِ جلدي شربت ٺاهي وٺان، بس اوهان ٻئي ويهو، سومل فائزه کي عزت ڏيندي چيو.
فائزه پاڻيءَ جا ٻه ڍڪ ڀري گلاس ميز تي رکي سلميٰ جي امڙ کان موڪلائڻ چاهيو ۽ کيس شربت نه ٺاهڻ لاءِ چوندي ٻڌايو ته ماسي هيٺ بابا جاني گاڏيءَ ۾ منهنجو انتظار ڪري رهيو آهي، ان لاءِ ٻئي ڀيري اوهان وٽ شربت ضرور پيئندس، ماسي سلميٰ جو خيال ڪندا، آءٌ وڃان پئي، اجازت ڏيندا. سومل فائزه جي مٿي تي هٿ رکي سندس پيشاني چمندي اجازت ڏيندي چيو امان دل ته نه ٿي چئي توکي بنا ڪجهه کارائڻ پيئارڻ جي وڃڻ ڏيان پر هيٺ تنهنجو بابا جاني انتظار ڪري رهيو آهي. ان لاءِ توتي وڌيڪ زور نه ٿي ڀريان. امان سدائين خوش هوندينءَ شل ڏکيو ڏينهن نه ڏسندينءَ. سومل فائزه کي دعائون ڏيندي موڪلايو. فائزه تڪڙا تڪڙا قدم ڀري هيٺ هلي وئي ۽ سومل نياڻيءَ کي پنهنجي ڪمري ۾ هوريان هوريان ڪري وٺي وئي پر سومل، سلميٰ جي گرم جسم مان محسوس ڪيو ته سلميٰ جي طبيعت معمولي نه بلڪه گھڻي خراب ٿي لڳي.
سومل ان وقت ئي سليم کي فون ڪري گھرايو، سليم سلميٰ جي بيماريءَ جي خبر ٻڌي ته سندس هوش حواس ڪم ڪرڻ ڇڏي ويا. کيس سمجهه ۾ نه پيو اچي ته آءٌ ڇا ڪيان ڇا نه ڪيان، هو حيرت منجهان پنهنجي آفيسر جي ڪمري ۾ بنا اجازت جي داخل ٿيو: سائين منهنجي نياڻيءَ کي الائي ڇا ٿي ويو آهي. سليم جا هڪڙا پگھر لهن پيا ته ٻيا چڙهن پيا. ٽنگون ٻئي ڏڪي رهيون هيون، وڏا ساهه کڻي رهيو هو. سائين، سائين منهنجي نياڻي کي الائي جي ته ڇا ٿي ويو آهي. مان گھر ٿو وڃان. سليم اهي جملا ٻيهر دهرائيندي صاحب کان موڪلائي سهڪندو واپس ڪمري کان ٻاهر نڪرڻ لڳو. ٻه ٽي تڪڙا قدم کنيائين ئي مس ته. صاحب پويان سليم کي سڏ ڪيو.
سليم هڪڙو منٽ ترس : مٺا تنهنجي نياڻي اسان جي به نياڻي آهي. صرف هڪڙو منٽ ترس. صاحب جي جملي ٻڌڻ تي سليم قدم روڪي نماڻي انداز ۾ ڪنڌ ورائي صاحب ڏانهن اهڙيءَ ريت نهاريو جيئن کيس مشڪل وقت ۾ ڪنهن وڏو سهارو ڏنو هجيس. سليم ڏٺو ته صاحب پنهنجي ڪرسيءَ ڀرسان بيٺو آهي. سندس هڪ هٿ ۾ ڪجهه هزار هزار جا نوٽ اٿس. صاحب ٻئي هٿ سان سليم کي ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ اشارو ڪيو. سليم جو ڪنڌ لڙڪيل هو. سليم پنهنجي ٻنهين هٿن سان منهن تان ڳڙندڙ پگھر صاف ڪيو. اکيون مهٽيندي ڪرسيءَ تي ويٺو. پر نياڻيءَ جي بيماريءَ جي خبر واري بيچينيءَ ذهني طور سليم جا هوش ۽ حواس ختم ڪري ڇڏيا هئا. صاحب پنهنجي هٿ ۾ پڪڙيل هزار جا 10 نوٽ ڌار ڪري سليم جي آڏو اچي سليم جي اڳيان واري کيسي ۾ رکي ساڳيو هٿ سليم جي ڪلهي تي رکي ٿڌو ساهه ڀري ڪنڌ کي هاڪار جيان هلڪو هِلائي سليم سان مخاطب ٿيندي چيو! سليم نياڻيون ته نياڻيون ٿينديون آهن رب هر نياڻيءَ کي خوش ۽ آباد رکي. پروردگار تنهنجي نياڻيءَ تي ٻاجهه ڪندو. تون دل نه لاءِ. اهو چئي صاحب پنهنجي ڊرائيور دلاور کي سڏ ڪيو. دلاور ڪمري ۾ پهتو، سائين حڪم ڪيو؟ دلاور سليم صاحب کي تڪڙ ۾ سندس گھر ڇڏي اچ. سليم ڪرسيءَ تان اٿي ٻئي هٿ ٻڌي صاحب کي دعائون ڏيندو دلاور سان گڏ گهر ڏانهن روانو ٿيو.
سومل پنهنجي ڪمري ۾ سلميٰ جي تيز تپ جي ڪري سندس مٿي تي ٿڌي پاڻيءَ جون پٽيون رکي رهي هئي. سلميٰ جي صحتيابيءَ لاءِ رب کي ٻاڏائي رهي هئي ته گھنٽي وڳي. گھنٽيءَ جي آواز تي سلميٰ يڪدم چيو بابا اچي ويو. سومل دروازو کوليو ته سليم تڪڙا تڪڙا قدم کڻي ڪمري ۾ داخل ٿيو. سليم جي قميض پگھر ۾ آلي هئي. مٿي جا وار وکريل هئا. سلميٰ جي ڀِڪ ۾ ويهي سندس مٿي تي هٿ رکي پيشاني چمندي پٽ مون کي خبر پئي ته منهنجي راڻي بيمار آهي پر سلميٰ ته بلڪل ٺيڪ آهي. بهادر انسانن جي ڪڏهن به طبيعت خراب ناهي ٿيندي. سليم نياڻيءَ کي دلاسو ڏيندي چيو، پر سليم جنهن وقت سلميٰ جي مٿي تي هٿ رکيو هو ته سلميٰ جي بخار سبب پيشاني تمام گھڻي گرم هئي. اهو ڏسي سليم حيران ٿي ويو ۽ لڪ ۾ سومل کي ڊاڪٽر وٽ هلڻ لاءِ اشارو ڪيائين.
سليم ۽ سومل ٽئڪسيءَ ۾ سلميٰ کي پاڙي جي هڪ ميڊيڪل سينٽر تي علاج لاءِ وٺي ويا جيڪو گھر کان سڏ پنڌ تي هو پر طبيعت جي ناسازيءَ ڪارڻ سليم ٽئڪسي ڪرائڻ مناسب سمجهي. ان ميڊيڪل سينٽر تي سليم جو هڪ ڪلاس فيلو ڊاڪٽر احتشام احمد ۽ سندس زال ڊاڪٽر نيلوفر ميڊيڪل آفيسر جي حيثيت سان ڪم ڪندا هئا. ڊاڪٽر احتشام ۽ ڊاڪٽر نيلوفر سليم جا فيملي ڊاڪٽر هئا. بهتر ۽ پراڻي تعلق جي ڪري سليم هميشه سُتت ئي وڃي معائنو ڪرائيندو هو ۽ اها اجازت سليم کي خاص طور تي ڊاڪٽر احتشام پاران مليل هئي. سليم ميڊيڪل سينٽر تي پهچي ڊاڪٽر احتشام سان ملڻ لاءِ ڪمري ۾ داخل ٿيو ته سلميٰ جي هڪ ٻانهن والد جي ڪلهن تي ته ٻي ٻانهن والده جي ڪلهن تي هئي.سلميٰ والد ۽ والده جي سهاري اندر داخل ٿي ڊاڪٽر احتشام اها حالت ڏسي يڪدم پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿي سلميٰ جي ويجهو آيو. ڊاڪٽر احتشام سلميٰ جو هڪ هٿ پڪڙي وڏي پيار منجهان اسٽريچر تي ليٽايو. منهنجي ڌيءَ کي ڪجهه به ته ناهي ٿيو، پٽ سلميٰ تو جهڙي بهادر ڌيءَ همت هاري وئي بابا ڪجهه به ناهي ٿيو. هي سليم ته چريو آهي هرو ڀرو توکي پريشان ڪندو آهي. ڊاڪٽر احتشام سلميٰ جي مٿي تي هٿ رکي شفقت واري انداز ۾ دلاسو ڏيندي سندس حوصلن کي بلند ۽ همت ڪرڻ جي هدايت ڪئي. آءٌ به ته تنهنجي بابا جاني جهڙو آهيان، ڪا وڏي ڳالهه نه آهي ڌيءَ تون بي فڪر ٿي.
اڙي يار تون به بلڪل درويش آهين توکي ڪيترا ڀيرا سمجهايو اٿم ته منهنجي نياڻي يا ڀاڄائي جي معمولي طبيعت به جيڪڏهن خراب ٿئي ته مون کي گھر گھرائيندو ڪر. پر تنهنجو دماغ منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي. ڊاڪٽر احتشام ڪاوڙ ۾ ته سليم کي چيو پر ٻئي دوست هجائتا هئا ان ڪري سليم ان جي ڳالهين کي ٽاريندي مسڪرائيندو رهيو.
ڊاڪٽر احتشام جڏهن سلميٰ جو بخار چيڪ ڪيو ته 104 ڊگري بخار هو. ڊاڪٽر احتشام پنهنجي خاص روم ۾ سلميٰ کي داخل ڪيو ۽ ڪجهه ٽيسٽ وغيره ڪرايائين. ٽيسٽ وغيره ته نارمل هئا پر بخار گھٽ ٿيڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي. ڊاڪٽر احتشام هڪ ٻن ڏينهن لاءِ پنهنجي ميڊيڪل سينٽر ۾ داخل ڪرڻ چاهيو ان اميد تي ته بخار 24 ڪلاڪن اندر گھٽ ٿي ويندو. سلميٰ جو علاج مسلسل هلي رهيو هو. سليم ۽ سومل سلميٰ سان گڏ ڊاڪٽر احتشام جي طرفان مليل هڪ خاص ڪمري ۾ رهيل هئا. سليم ۽ سومل جي لاءِ ماني ٽڪيءَ جو بندوبست ڊاڪٽر احتشام ۽ سندس گھر واري ڊاڪٽر نيلوفر ڪندا هئا.
چار مهينا گذري ويا، ڊاڪٽر احتشام ۽ ڊاڪٽر نيلوفر چوٽيءَ جا زور لاتا، پر بخار گھٽ ٿيڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي. سلميٰ مسلسل بخار هئڻ جي ڪري جسماني طور تي تمام گھڻي ڪمزور ٿي چڪي هئي. ان عرصي دوران سليم جو صاحب ۽ آفيس جو ٻيو عملو وقفي وقفي سان اسپتال سليم سان نياڻيءَ جي عيادت لاءِ ايندا رهندا هئا. واپسيءَ تي سليم جي مدد لاءِ کيس هڪ لفافو ضرور ڏئي ويندا هئا. سلميٰ جون ٻيون سهيليون ۽ فائزه به ڪيترائي ڀيرا سلميٰ جي بيمار پُرسي لاءِ اسپتال اينديون رهنديون هيون. ان عرصي ۾ سلميٰ ته بخار ڪارڻ ذهني ۽ جسماني طور ڪمزور ٿي چڪي هئي پر سليم ۽ سومل جي پنهنجي نياڻيءِ تي نظر پوڻ تي سندن اکين مان نير پيا وهندا هئا. هو ٻئي مڪمل طور تي جھري پيا هئا ڪمري جي ڪنڊ ۾ ويهي رب کي پيا ٻاڏائيندا ۽ ريجھائيندا هئا. ان حالت ۾ به ان ڳالهه جو خيال ڪندا هئا ته اسان جي لڙڪن تي سلميٰ جي نظر نه پوي. سومل ۽ سليم پنهنجي نياڻيءَ جي صحتيابيءَ لاءِ وڏا ڪشالا ڪڍيا پر ڪنهن به ڦڪيءَ ۾ ڪو فرق ئي نه پيو پوي.
جمعي جو ڏينهن هو، منجهند جا ٻه ٿي رهيا هئا، سومل پلنگ جي پيرانديءَ کان سلميٰ جي پيرن تي زور ڏئي رهي هئي. سليم هڪ ڪنڊ ۾ مُسَلي تي ويٺو رب کي ريجھائڻ لاءِ الله جو ورد ڪري رهيو هو ۽ پنهنجي نياڻيءَ جي صحتيابيءَ لاءِ سڏڪن منجهه ٻاڏائي رهيو هو ته اوچتو ڪمري ۾ سلميٰ جي اسڪول جو پرنسپل داخل ٿيو. پرنسپل کي ڏسي سومل يڪدم پنهنجي مٿي جو رئو صحيح ڪندي اٿي بيٺي. سائين اوهان؟ سومل اسڪول جي پرنسپل سان وڏي ادب منجهان حيران ٿيندي چيو. سومل جي ان جملي تي سليم به ورد روڪي ڪنڌ ڦيرائي ڏٺو ته اسڪول جو پرنسپل سلميٰ جي بيمار پُرسي لاءِ سندس ڀرسان بيٺو آهي. سليم يڪدم مُسَلي تان اُٿي بغير چپل پائڻ جي تڪڙا قدم ڀري اچي پرنسپل سان ٻئي هٿ ملائي وڏي اخلاق ۽ ادب منجهان مليو ۽ کيس هڪ ڪُرسيءَ تي ويهڻ لاءِ عرض ڪيو.
پرنسپل ڏٺو ته سليم گھنجيل ڪپڙا، وار بنا سينڌ نڪتل ڊگھا، ڏاڙهي وڌيل، قميض جا بٽڻ کليل، اها حالت ڏسي پرنسپل صاحب جو هانءُ جھري پيو. ڌيءَ جو صدمو ماءُ ۽ پيءُ کي بي حال ڪري ڇڏيندو آهي. ان ڪري وقت جي هٿان مجبور پيءُ ۽ ماءُ جي تڪليف کي دلاسي ڏيڻ کانسواءِ ڪجهه ڪري به نه پيو سگھي.
هاڻي ڪيئن آهي طبيعت اسان جي ذهين، فرمانبردار۽ محنت ڪندڙ نياڻيءَ سلميٰ جي؟ پرنسپل سلميٰ ڏانهن نهاري سليم کان وڏي احترام سان ڳالهائيندي پڇيو.
سائين بس! بخار جي گھٽجڻ لاءِ وڏا حيلا ڪيا آهن پر دوائون اثر نه ٿيون ڏيکارين هاڻي سڀني جون دعائون ئي منهنجي سلميٰ کي تندرستي عطا ڪري ۽ زندگي بچائي سگھن ٿيون. سليم نماڻائيءَ واري انداز ۾ بي وس انسان جيان ڪنڌ هيٺ جھڪائي پرنسپل صاحب سان مخاطب ٿيندي جيئن ئي لفظ دهرايا ته اکين مان لڙڪ ڪري پيا سليم جھٽ پٽ پنهنجي هٿ سان لڙڪ اگھي ورتا. ۽ ڳالهه جاري رکندي چيائين ته سائين اوهان به منهنجي شهزاديءَ جي صحتيابيءَ لاءِ اسڪول جي ٻارن کان اسيمبليءَ ۾ دعا گھرايو شال معصومن جي دعا ڌڻيءَ در آگھامي پوي ۽ منهنجي گلن جهڙي پريءَ تي رب جي مهر ٿي پوي.
ها سائين اوهان اسان جي نياڻيءَ لاءِ معصوم ٻارن کان دعا ڪرايو سومل هٿ ٻڌي پرنسپل صاحب کي روئندي عرض ڪندي چيو.
سليم هيءَ ادڙي ڪير آهي؟ پرنسپل صاحب سومل ڏانهن نهاريندي سليم کان پڇيو.
سائين هيءَ سلميٰ جي جيجل آهي. بس! سلميٰ جي بيماريءَ اسان جو جيءُ جھوري ڇڏيو آهي. اسان جي زندگيءَ مان خوشين جا ڏيئا وسامي ويا آهن. ڇا ڪجي ڇا نه ڪجي ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. سليم هڪ هٿ جي آڱرين سان پنهنجا لڙڪ اگھي پرنسپل صاحب کي جواب ڏنو.
الله غفور رحيم آهي، ڏکيا سکيا ڏينهن انسانن تي ئي ايندا آهن. اوهان مايوس نه ٿيو. اها حقيقت آهي اولاد جي درد جي تڪليف ماءُ ۽ پيءُ کي ئي ٿيندي آهي. همت نه هاريو اوهان جا لڙڪ ڏسي سلميٰ به همت هاري ويهندي. اوهان کي جھرندو ڏسي هوءَ اڳ ئي موت کي اکين سان ڏسندي. هن وقت سلميٰ کي اوهان جي سهاري، چاهت، قرب ۽ دعائن جي ضرورت آهي. پرنسپل صاحب سليم ۽ سومل کي دلاسو ڏيندي سندن همت ۽ حوصلو بلند رکڻ جي نصيحت ڪئي.
سليم همت نه هار سلميٰ جلد ٺيڪ ٿي ويندي. ڏکن پويان سک ايندا آهن. آءٌ حقيقت ۾ سلميٰ جي طبيعت معلوم ڪرڻ سان گڏ اوهان کي هڪ نه پر ٻه خوشخبريون پڻ ٻڌائڻ آيو آهيان. پرنسپل صاحب پنهنجي بيگ مان هڪ لفافو ڪڍي پنهنجي جاءِ تان اٿي بيٺو. سليم جي ڀر ۾ بيهي ٿڌو ساهه ڀري لفافو سليم کي هٿ ۾ پڪڙائي تسلي ڏيندڙ لفظ دهرايائين.
سائين ڪهڙيون خوشخبريون سليم خوشيءَ مان نه ماپندي پرنسپل صاحب ڏانهن نهاريندي پڇيو.
هڪ ته سلميٰ مئٽرڪ جي سالياني امتحانن ۾ ٻيون نمبر پوزيشن ماڻي آهي ۽ ٻيو ته سلميٰ مونٽيسري کان مئٽرڪ تائين اسان جي اسڪول ۾ تعليمي رڪارڊ موجب هڪ ڏينهن به موڪل ناهي ڪئي. سلميٰ اسڪول ۾ پڻ هر سال پهرين پوزيشن ماڻيندي رهي آهي. سلميٰ اسان جي اسڪول جي هڪ قابل فخر ۽ اسان جي اسڪول جو نالو روشن ڪندڙ شاگردياڻي آهي. ان سلسلي ۾ ڇنڇر واري ڏينهن اسڪول ۾ هڪ ساليانو پروگرام رکيو آهي، ان پروگرام ۾ سلميٰ جو ۽ اوهان جو هجڻ تمام ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته اسان اسڪول پاران سلميٰ جي ڪارڪردگي جو قدر ڪندي هڪ گولڊ ميڊل تيار ڪرايو آهي. سلميٰ جو بورڊ جي سالياني امتحانن ۾ ٻيون نمبر حاصل ڪرڻ اسان جي لاءِ تمام گھڻي فخر جي ڳالهه آهي. اسان کي سلميٰ تي تمام گھڻو ناز آهي. ان لاءِ آءٌ اوهان لاءِ ڪجهه مدد طور رقم کڻي آيو آهيان جيڪا هن لفافي ۾ موجود آهي ۽ ان ۾ پروگرام جو دعوت نامو پڻ موجود آهي. اميد ته اوهان ضرور ايندا ۽ ها آءٌ ڊاڪٽر احتشام سان ملي آيو آهيان، ان کي سڄي حقيقت ٻڌائي اٿم. ان مونکي ايترو يقين ڏياريو آهي ته هو هر ممڪن ڪوشش ڪري سلميٰ جي ايتري ٽريٽمنٽ ڪندو جو هوءَ ڪجهه گھڙين لاءِ اسڪول اچي پنهنجي هٿن سان اهو ميڊل حاصل ڪري سگهي. پرنسپل صاحب سليم سان ڳالهائي ئي رهيو هو ته اوچتو ٿَڪل ۽ ٽُٽل لفظن ۾ معصوميت ڀريو آواز آيو “بابا ڇا جو ايوارڊ”؟ . سلميٰ اسپتال جي پلنگ تي ائين آرامي هئي جيئن ڪيترن ئي ورهين کان ڪوما ۾ پيل ڪو مريض هن دنيا کان لاتعلق مٽيءَ جي پتلي جيان پيو هجي. سلميٰ جي اڳيان جا ڪارا گھاٽا وار سندس اکين جي معصوميت ۽ بي تابيءَ تي پهريدار بڻيا اکين کي ڍڪيون پيا هئا. چپ خشڪ هئا. ساڄي هٿ جي رڳ ۾ ڪينولا لڳل هئي جنهن جي ذريعي هڪ ڊرپ جا قطرا تمام آهستگيءَ سان جسم ۾ داخل ٿي رهيا هئا. ان بيهوشيءَ جي حالت ۾ سلميٰ جي ڪنن تي پنهنجي ڪاميابيءَ جي ڳالهه ڪهڙيءَ ريت پئي اهو الله جي ذات ئي بهتر پئي ڄاڻي. هر انسان جي دل ۾ اڳتي وڌڻ، ڪاميابي حاصل ڪرڻ، زندگيءَ ۾ خوشحالي اچڻ ۽ تندرست زندگي گذارڻ جي خواهش هر وقت ترو تازه رهندي آهي.
سلميٰ جي اوچتو زبان تي چند لفظن سليم ۽ سومل جي دنيا ۾ خوشين جي هڪ نئين لهر پيدا ڪري ڇڏي. سندن جسم ۾ڄڻ ٻيهر ساهه پئجي ويو هجي. سومل ۽ سليم کي وڏي عرصي کان خوشين جي جنهن سج جي اڀرڻ جو بي چينيءَ سان انتظار هو سلميءَ جي آواز سومل ۽ سليم جي ان انتظار جو ڳلو دٻائي دل ۾ سمايل سلميٰ جي تندرستيءَ وارن خوابن کي ساڀيان جو روپ ڏيندي خوشين جي سِج اڀرڻ جو پيغام ڏنو. سليم ۽ سومل ڪيترن ڏينهن کان سلميٰ جي معصوم چهري ۽ ڪمزور حالت کي ڏسندي اکين مان نير وهائيندي بس! ڌڻيءَ کي ٻاڏائيندا هئا. سلمي جي انهن لفظن سليم ۽ سومل کي هڪ نئين زندگي عطا ڪئي. هو ٻئي جھٽ پٽ ڊوڙي وڃي سلميٰ جا ڳل چمندي مٿي تي رکي، سندس هٿ پڪڙي ان پيار منجهان سڏ ڪري رهيا هئا. جيڪو پيار ننڍ پڻ ۾ سلميٰ پهريون ڀيرو پنهنجي زبان تي ٻاتڙي ٻوليءَ ۾ لفظ “امان” چيو هو ۽ سندس جيجل ماءُ جو جگر خوشيءَ منجهان ڀرجي وڏو ٿي ويو هو. ان وقت سومل پنهنجي چنڊ جي چانڊاڻ جهڙي خوبصورت ۽ معصوم پري سلميٰ کي پنهنجي سيني سان لائي ان جا اهي چپ چمندي رهي جن چپن تي لفظ “امان” هن پهريون ڀيرو ٻڌو هو. اڄ اهو ڏينهن 16 ورهين بعد وري آيو. سلميٰ جي انهن لفظن تي پرنسپل صاحب جون اکيون به خوشيءَ جي لڙڪن سان آليون ٿي ويون. پرنسپل صاحب يڪدم پنهنجي هٿ جي ٻن آڱرين سان پنهنجي ڳلن تي ڪريل اهي لڙڪ اگهي ڇڏيا. اهو ويچار ڪندي ته جيڪڏهن آءٌ به انهن آڏو لڙڪ ڳاڙيندس ته پوءِ کين آٿت ڏيڻ وارو ڪير هوندو. هنن جي زندگي مان خوشين جا پن خزان جي موسم جيان ڇڻي چڪا آهن. پر اچانڪ جيڪڏهن سلميٰ جي آواز سندن زندگيءَ ۾ بهار جي مند جي صبح صادق واري هوائن وارو جھونڪو گھلائي جيون جي سوچن ۾ ساوڪ پيدا ڪئي آهي ته پوءِ بهتر اهو آهي ته آءٌ کين اڃا به دلاسن ۽ آسرن جي طاقت سان طاقتور ڪري سندن حوصلا بلند ۽ توڪل جي تارازيءَ تي ايمان مضبوط ڪرڻ جي ممڪن ڪوشش ڪري بعد ۾ اجازت گھران.
سلميٰ پيءُ جي مٺڙي آواز ۽ امڙ سومل جي معصوميت ڀريل لهجي ۾ پڪاريندڙ آواز تي پنهنجا خمارن ڀريا نيڻ آهستگيءَ سان کولي حيرانيءَ جي حالت ۾ امڙ ۽ بابا جو چهرو ڏسندي رهي. پر ڪجهه وڌيڪ ڳالهائي نه سگهي.
ڌيءَ هي ڏس پرنسپل صاحب اوهان کي مبارڪ باد ڏيڻ آيو آهي. اوهان بورڊ جي امتحانن ۾ ٻيون نمبر پوزيشن ماڻي آهي. سليم ۽ سومل جي اکين مان خوشيءَ جا لڙڪ ڳڙندا رهيا ۽ انهن گڏجي سومل سان ڳالهائيندي اهي لفظ دهرايا.
سلميٰ اهي لفظ ٻڌي امڙ ۽ ابي ڏانهن خماريل نيڻن سان نهاريندي وري پرنسپل صاحب ڏانهن نهاريو. ٻه سڏڪا ڀري خاموش ٿي وئي. وڌيڪ ڳالهائي نه سگھي. سلميٰ جي سڏڪن ۽ خماريل نيڻن پرنسپل صاحب جو من موهي ڇڏيو.
امان همت ڪر پُٽ، توکي دنيا ۾ ڪجهه ٿي ڏيکارڻو آهي، اوهان کي پنهنجو، پنهنجي والدين ۽ اسان جو نالو روشن ڪرڻو آهي. امان اوهان کي ڪجهه به ناهي ٿيو. بس! تون همت نه هار. تون هڪ بهادر پِيءُ جي بهادر نياڻي آهين پُٽ. پرنسپل صاحب هڪ هٿ سان پنهنجو چشمو لاهي آليون اکيون مهٽي سلميٰ سان شفقت واري انداز ۾ مخاطب ٿيڻ لڳو. پرنسپل صاحب ڏٺو ته سلميٰ جي اکين مان ٻه ٽي لُڙڪ وهي اچي ڳلن تي وکريل وارن منجهه جذب ٿي ويا آهن.
ها، سائين سلميٰ جي خشڪ زبان تان اڻپورن لفظن ۾ جواب ٻڌندي پرنسپل صاحب تمام گھڻو خوش ٿيو. سلميٰ جي زبان تان اهي لفظ ٻڌي سومل ۽ سليم جي زندگيءَ ۾ خوشيءَ جي اهڙي ته لهر پيدا ٿي، جيئن ٿر جي ڏڪاريل ۽ ستايل ماڻهن جي زندگيءَ ۾ برسات پوڻ کان پوءِ بهاري پيدا ٿيندي آهي. سليم ۽ سومل پنهنجي رب جي حضور شڪر ادا ڪندي نياڻيءَ جي مڪمل صحت لاءِ ٻاڏائيندا رهيا. ٻئي پيار ۽ سڪ منجهان پنهنجي نياڻيءَ جا ڳل چمندا رهيا. سڀني جي دعائن رنگ لاتو ۽ سلميٰ جي بي جان ۽ ڪمزور جسم ۾ ايتري سگهه پيدا ٿي جو سلميٰ پنهنجي والد سليم جي اشهد آڱر کي پنهنجي هٿ جي ٻن آڱرين سان پڪڙي معمولي زور ڏئي سليم ڏانهن نماڻا نيڻ کڻي نهاري چيو ته بابا جاني.. سليم پنهنجي نياڻيءَ جا اهي لفظ ٻڌي اوڇنگارون ڏئي لڙڪن سان آلن ۽ ڏڪندڙ چپن کي چوريندي اڻپورن ۽ ٽُٽل لفظن ۾ سلميٰ جي پيشاني چمي ان سان مخاطب ٿيندي چيو ها منهنجي امان تون بلڪل ٺيڪ آهين. ايتري ۾ ڊاڪٽر احتشام ۽ سندس گھر واري ڊاڪٽر نيلوفر پڻ ڪمري ۾ داخل ٿيا. سليم ۽ سومل انهن کي ڪمري ۾ داخل ٿيندو ڏسي اوچتو رڙ ڪندي چيو “سائين سلميٰ ڳالهائي ٿي سگهي”.
وڏي حيرت ۽ خوشيءَ منجهان ڊاڪٽر احتشام ۽ ڊاڪٽر نيلوفر تڪڙا قدم کڻي سلميٰ جي پلنگ جي سيرانديءَ کان بيهي سلميٰ جي نرڙ تي هٿ رکيو، وڏي پيار منجهان سلميٰ کي آسرو ڏيندي سندس حوصلا بلند ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي چيو “سلميٰ ڌيءَ اوهان هاڻي تمام جلد پنهنجي گھر صحت مند ٿي وڃي سگهندا”. ڊاڪٽر احتشام جا آٿت ڏيندڙ لفظ ٻڌي سلميٰ پنهنجي ڪنڌ کي هلڪو هيٺ مٿي ڪري “هاڪار” ڪئي. پر اکين مان وقفي وقفي سان وهندڙ لڙڪ ڪمري ۾ موجود سڀني جو جيءُ جهوري رهيا هئا. پرنسپل صاحب کان سلميٰ جي اکين مان وهندڙ لڙڪ برداشت نه ٿي سگهيا. نيٺ هو ڪنڌ هيٺ ڪري پلنگ جي پيرانديءَ کان بيهي سڀن کي الله نگهبان چئي يڪدم ڪمري کان ٻاهر نڪري آيو.ڪمري کان ٻاهر اچي اسپتال جي هڪ ڪنڊ ۾ بيهي هٿ ۾ رکيل هڪ ٽشو پيپر سان پنهنجي اکين مان وهندڙ لڙڪ صاف ڪري پنهنجو پاڻ سان مخاطب ٿيندي چيائين “پروردگار اگر ڪنهن کي تون اولاد عطا ڪرين ٿو ته پوءِ صحت به عطا ڪر، اولاد جي تڪليف ماءُ ۽ پيءَ جي لاءِ ڏاڍي اوکي آهي.” اهي لفظ چئي هو تڪڙا قدم ڀري هليو ويو.
ڇنڇر جو ڏينهن هو، اسڪول ۾ فنڪشن جون تياريون ٿي رهيون هيون. اسڪول جا سڀيئي ٻار پنهنجي والدين سان سهي سنبري سُهڻا ويس وڳا پائي امتحانن جي نتيجي اچڻ جي خوشيءَ ۾ اسڪول جي هال ۾ گڏ ٿي رهيا هئا. هر ڪو پنهنجي پنهنجي ساٿين سان ۽ والدين سان پروگرام ۾ شروع ٿيڻ کان اڳ واري فرصت دوران سيلفيون ڪڍي رهيو هو ته ڪي وري هڪ ٻئي جي تصويرن ڪڍڻ ۾ مصروف هئا. پروگرام صبح 9 بجي شروع ٿيڻو هو. ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر پروگرام ۾ مهمان خاص طور اچڻو هو. اسٽيج جي ڇا ته سجاوٽ هئي. اسٽيج تي ٻه ميزون گهري سائي ڪپڙي سان سجايل نظر اچي رهيون هيون انهن مان هڪ ميز تي سالياني امتحان ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ سرٽيفڪيٽس ۽ شيلڊس هيون، ٻيءَ ميز تي هڪ گولڊ ميڊل، هڪ لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ ۽ شيلڊ رکيل هئا جيڪي خاص سلميٰ جي لاءِ هئا. هال ۾ موجود سلميٰ جون سهيليون ۽ انهن جا والدين سلميٰ جي بيماريءَ تي ضرور ڏکائتا هئا ۽ سلميٰ جي صحتيابي لاءِ پڻ دعاگو هئا. پر اسڪول جي ايتري وڏي پروگرام ۾ خاص طور تي سلميٰ جي لاءِ اهي ايوارڊ ڏسي انهن کي دلي خوشي ٿي رهي هئي.
اسڪول جي پرنسپل صاحب سلميٰ جي سهيلي فائزه کي پنهنجي آفيس ۾ گھرايو. فائزه پرنسپل صاحب جي آفيس ۾ اجازت وٺي داخل ٿي ته آفيس ۾ اڳواٽ مس جويريه پڻ سيٽ تي ويٺل نظر آئي. مس جويريه مئٽرڪ ڪلاس ۾ سلميٰ جن جي سيڪشن جي ڪلاس ٽيچر پڻ هئي. پرنسپل صاحب وڏي احترام ۽ شفقت منجهان فائزه کي ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ هٿ جو اشارو ڪيو. مهرباني سر فائزه وڏي ادب منجهان پرنسپل صاحب کي مهرباني چئي ڪرسيءَ تي ويهي رهي. بابا اوهان کي خبر آهي ته سلميٰ جي طبيعت ناساز آهي ۽ اسڪول جو پروگرام خاص طور ان لاءِ ئي رکيو ويو آهي. هن وقت به سلميٰ اسپتال ۾ داخل آهي. پر ها سندس طبيعت ۾ ايترو ته فرق آهي جو هوءَ ڪنهن جي سهاري سان اسٽيج تي اچي پنهنجا ايوارڊ حاصل ڪري سگهي. پرنسپل صاحب مس جويريه ۽ فائزه سان مخاطب ٿيندي چيو ته آءٌ اوهان کي اها ذميداري ٿو سونپيان ته منهنجي گاڏيءَ ۾ وڃي اسپتال مان سلميٰ ۽ سندس والدين کي وٺي اچو. پرنسپل صاحب ڊرائيور کي گھرايو کيس سمجهائي انهن کي روانو ڪيو. پاڻ مهمان خاص جي انتظار، اسڪول جي استقباليه دروازي وٽ مهمانن جي آجيان ۽ اسڪول جي پروگرام جي نگراني ڪرڻ لاءِ بيهي رهيو. ڊپٽي ڪمشنر صاحب پنهنجي وقت تي سرڪاري گاڏيءَ ۾ ٻن پوليس اهلڪارن ساڻ اسڪول پهچي ويو. کيس وڏي مان ۽ مرتبي سان هال ۾ سڀ کان اڳ رکيل صوفن تي ويهاريو ويو. هر هڪ کي پنهنجي جاءِ تي ويهڻ جي هدايت ڪئي وئي. پروگرام جو آغاز تلاوت قرآن پاڪ سان ڪيو ويو. بعد ۾ پرائمري ڪلاس جي شاگردن ۽ شاگردياڻين گلاب جي گلن جي ورکا سان مهمان خاص جو استقبال ڪيو. پروگرام جو باقائده آغاز ٿي چڪو هو. اسڪول جي مختلف ٻارن ٽيبلوز پيش ڪري پروگرام کي خوبصورت بنائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. ان ساڻ وقفي وقفي سان شاگردن جو ساليانو امتحاني نتيجو پڻ پڌرو ڪندي پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ سرٽيفڪيٽ ۽ ايوارڊ ورهايا ويا. سلميٰ جو ايوارڊ ۽ سندس سرٽيفڪيٽ مهمان خاص جناب ڊپٽي ڪمشنر جي هٿان ملڻو هو. تمام گھڻي دير ٿي چڪي هئي. پرنسپل صاحب جي نظر اسڪول جي استقباليه دروازي ڏانهن هئي. هو ظاهري طور مهمانن سان ڳالهائي رهيو هو پر حقيقت ۾ سندس پورو خيال سلميٰ جي اچڻ ۾ هو. اسڪول جي سڀني شاگردن جا سرٽيفڪيٽ ۽ ايوارڊ ورهائجي چڪا هئا. پرنسپل جويريه جو نمبر ملائي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر مس جويريه جو نمبر بند هو. اوچتو اسڪول جو دروازو کليو. مس جويريه ۽ فائزه اسڪول ۾ اندر قدم اهڙيءَ ريت رکيو جيئن ڪيترائي ڪوهه پنڌ سفر ڪري منزل نه ماڻيندڙ انسان جا قدم کڄندا آهن. پر ان حالت ۾ انهن سان گڏ ٻيو ڪو به نه هو. پرنسپل يڪدم پنهنجي سيٽ تان اٿي انهن ڏانهن وڃڻ لڳو. مس جويريه ۽ فائزه جون اکيون لڙڪن سان آليون هيون، چهري تي غم جا بادل ڇانيل هئا. پرنسپال جيئن ئي سندن ويجهو پهتو ته هو سڏڪن ۾ پئجي ويون.
ڇا ٿيو بابا؟ سلميٰ ڪٿي آهي؟ آخر هو ڇو نه آئي ۽ اوهان ڇا لاءِ روئي رهيا آهيو؟ آخر ٿيو ڇا آهي؟ پرنسپال حيرت منجهان مسلسل سوال ڪندو رهيو.
سر سلميٰ جي زندگيءَ جو ڏيئو وسامي ويو، هوءَ هن دنيا ۾ ناهي رهي. سائين نه رڳو سلميٰ پر سلميٰ جي وڇوڙي جو صدمو برداشت نه ڪندي سندس والد به دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. سر ڊاڪٽر احتشام جي چوڻ مطابق سلميٰ جي والده پنهنجي نياڻي ۽ مڙس جي صدمي جو اثر دماغ تي ٿي وڃڻ سبب هوءَ به پنهنجي ذهني صلاحيت وڃائي ويٺي آهي. مس جويريه رئي جي ڪنڊ سان پنهنجا لڙڪ اُگھي سڏڪا بند ڪري ٿڌو ساهه ڀري چيو.
اهو ٻڌي پرنسپل جا هوش اڏامي ويا ڏينهن هجڻ باوجود اکين آڏو اونداهه ٿي وئي. ائين ٿي لڳو جيئن هڪ ئي گھرجي سڀني ڀاتين تي قيامت نازل ٿي چڪي هئي. ظاهر ۾ ته پروگرام جاري هو. هر ڪو پنهنجي پنهنجي حصي جون خوشيون ملهائي رهيو هو. پر پروگرام جو انتظام ڪندڙ پرنسپال کي هر طرف کان سلميٰ جي موت ۽ سندس گھر جي برباديءَ جو منظر نظر اچي رهيو هو. ڪجهه گھڙين لاءِ پرنسپل سوچن جي سمنڊ ۾ مايوس ٿي غرق ٿي ويو. پر اوچتو غوطا کائي هوش سنڀالي هيڏانهن هوڏانهن واجهائي پنهنجو پاڻ کي آٿت ڏئي حوصلو بلند رکندي ڊپٽي ڪمشنر ڏانهن نهارڻ لڳو ته ڪمپيئر جو آواز سندس ٻڌڻ ۾ آيو ته هاڻي اسين پروگرام جي مهمان خاص محترم جناب ڊپٽي ڪمشنر صاحب کي اسٽيج تي اچڻ جي دعوت ٿا ڏيون ته هو اچي اسان جي اسڪول جي قابل، فرمانبردار، سلجهيل ۽ ذهين شاگردياڻي سلميٰ بنت سليم احمد کي اچي گولڊ ميڊل،هڪ لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ ۽ شيلڊ ڏين. ياد رهي ته اسان جي اسڪول جي قابل فخر شاگردياڻي سلميٰ جنهن هن سال مئٽرڪ بورڊ جي سالياني امتحانن جي نتيجي ۾ ٻئين نمبر تي پوزيشن حاصل ڪئي آهي ۽ ان سان گڏ هڪ حيران ڪندڙ خصلت ته مونٽيسوري کان وٺي اٺين درجي تائين سلميٰ پنهنجي تعليمي ڪارڪردگيءَ ۾ هر سال پهريون نمبر حاصل ڪيو،عبرت ۾ وجهندڙ قابل فخر ڳالهه ته مونٽيسوري کان مئٽرڪ تائين، ان عرصي دوران سلميٰ ڪا به موڪل نه ڪئي.
ڊپٽي ڪمشنر صاحب جي اٿڻ تي پنڊال ۾ موجود تمام مهمان احترام ۾ اٿي بيٺا ۽ زوردار تاڙين ۾ سندس استقبال ڪيو. مهمان خاص اسٽيج تي اچي بيٺو. بعد ۾ ڪمپيئر سلميٰ ۽ سندس والدين کي اسٽيج تي اچي پنهنجا ايوارڊ ڊپٽي ڪمشنر صاحب کان وصول ڪرڻ جي دعوت ڏني. پرنسپال اهو اعلان ٻڌي يڪدم اسٽيج تي آيو، مائيڪ هٿ ۾ پڪڙي ڪجهه سيڪنڊن لاءِ خاموش ٿي ويو.پر پوءِ پرنسپل عقلمنديءَ مان ڪم وٺندي پنهنجا حوصلا بلند رکندي اسٽيج تي مهمان خاص جناب ڊپٽي ڪمشنر صاحب کي ويلڪم چيو ۽ آجياڻي طور کيس ڪلهن تي اجرڪ اوڍايو. اسٽيج تي بيهي پرنسپال صاحب هال ۾ سڀني استادن، شاگردن ۽ سندن والدين کي ٻن منٽن لاءِ اٿي بيهي خاموشي اختيار ڪرڻ جي عاجزانا گذارش ڪئي. پرنسپل جي ان گذارش تي هال ۾ ويٺل سڀني مهمانن عمل ته ڪيو پر سڀني جي ذهنن ۾ مختلف سوال اُڀري رهيا هئا. هر هڪ حيرانيءَ منجهان هڪ ٻئي کي نا واقف مسافرن جيان گھوري گھوري ڏسي رهيو هو. اهڙيءَ ريت ٻه منٽ پورا ٿيا ته سڀني جي انتظار جون گھڙيون پوريون ٿيون. هر هڪ پرنسپال ڏانهن نهاري رهيو هو.
پرنسپال مائيڪ کڻي هڪ هٿ ۾ موجود ٽشو پيپر سان پنهنجي چهري تي آيل پگھر صاف ڪري وڏو ساهه کڻي چيو ته “وڏي افسوس جي خبر اها آهي ته جنهن مهان شخصيت سلميٰ بنت سليم احمد جي ڪاڪردگي ۽ قابليت جو قدر ڪندي اسان هي پروگرام منعقد ڪيو آهي ۽ ان پروگرام جي خاص مهمان نوازيءَ لاءِ محترم جناب ڊپٽي ڪمشنر صاحب کي گھرايو آهي. اسين سڀ ان عظيم شخصيت جو اسٽيج تي اچڻ لاءِ انتظار ڪري رهيا آهيو ۽ ڊپٽي ڪمشنر صاحب پڻ ان هونهار نياڻيءَ کي پنهنجي هٿن سان ايوارڊ ڏيڻ لاءِ انتظار ۾ اسٽيج تي بيٺو آهي. افسوس جو سلميٰ بنت سليم ڪجهه پل اڳ هن فاني دنيا مان رحلت ڪري وڃي خالق حقيقي سان ملي آهي. هن وقت اها نياڻي اسان جي وچ ۾ موجود نه آهي. نه صرف سلميٰ بلڪه ان جي وڇوڙي جو سُور نه سهندي سندس والد جي ساهه جو سڳو پڻ ٽُٽي پيو آهي ۽ سندس والده زنده رهڻ باوجود پنهنجا هوش حواس وڃائي ويٺي آهي.