ساک جو صدمو
انهن جي گھرو تعلق جي ڪري پاڙي جي ڪجهه بزرگن ۽ مراد جي ننڍ پڻ جي ڪجهه ٻين دوستن مراد کي انسانيت جي ناتي نصيحت ڪندي جڏهن به اها ڳالهه ڪئي ته “مراد دوستي جون واڳون پنهنجي حد تائين محدود رک. انهن واڳن کي گھر جي چار ديواريءَ کان اندر نه وڌڻ ڏي. نه ته اها ئي دوستي ڪاريهر ۽ واسينگ جو روپ اختيار ڪندي دير نه ڪندي.” مراد جو انڌو اعتماد هو، سڌير جي دوستي جي معاملي ۾ ڪنهن کي به ڪا اهميت نه ڏيندو هو. ايتري قدر جو مراد آهستي آهستي انهن پاڙيوارن ۽ دوستن سان تعلقات ختم ڪري ڇڏيا. جن کيس نصيحت ڪندي سچائيءَ جو آئينو ڏيکارڻ جي انسانيت جي ڪوشش ڪئي. پر ڪنهن جي به دال نه ڳري. وقت جو گھوڙو پنهجون منزلون پار ڪندو اڳتي ڊوڙندو رهيو. ڪن جي ساک سڄڻن لاءِ ساڳئي هئي ته ڪن جا رويا بهار ۽ سُرءَ جي موسم مطابق وڻن جي لباس جيان بدلبا رهيا. حريم جي مراد ساڻ روين ۾ آهستي آهستي جولاءِ جي مهيني ۾ اڀرندڙ سج جي منجهند تائين تپش ۾ وڌندڙ فرق جيان تبديلي ايندي رهي، حريم هر ڳالهه ۾ سڌير جي ڳالهين کي اهميت ڏيڻ لڳي ۽ مراد جي هر ڳالهه تي طنز ڪندي در گذر ڪرڻ شروع ڪيو. پر مراد جو پيار پختو هو. هو حريم کي هڪ با ڪردار ۽ سهڻي سيرت جي مالڪياڻي سمجهندو هو ۽ سڌير کي هڪ سڳي ڀاءُ جو رتبو ڏيندي ان تي اک بند ڪري اعتماد جا ڪلما پڙهندو هو. سڌير پهريون صرف ڪپڙا سلائي ڪري ڏيندو هو هينئر بازار مان حريم لاءِ ڪپڙا خريد ڪري سلائي ڪرڻ کان پوءِ تحفي طور پيش ڪندو هو. حريم به بازار مان سڌير لاءِ مهانگا سوٽ خريد ڪري کيس تحفي طور ڏيندي هئي. ٻنهين جي دل ۾ محبت ائين وڌندي وئي جيئن بهار جي مند ۾ گلاب جا خوبصورت ڳاڙهسرا گُل آهستگيءَ سان ٽڙڻ لڳندا آهن. حريم جو پٽ ثاقب ڇهين درجي جو شاگرد هو. ثاقب اسڪول کان وري گھر مانجهاندو کائي پوءِ والد جي دڪان تي سندس ٻانهه ٻيلي ٿيندو هو. ثاقب کي مراد ڪمپيوٽر جو تمام گھڻو ڪم سيکاري ڇڏيو هو.
ڪجهه ڏينهن کان ثاقب پنهنجي والده جي روين ۾ تبديلي تي ويچار ڪرڻ لڳو، هر روز مراد جي غير موجودگيءَ ۾ منجهند جي پهر ۾ سڌير جو سندس گھر ۾ موجود هجڻ سان گڏ حريم سان گڏ ماني کائڻ ۽ مختلف ڳالهين تي چرچا ڪرڻ وارو عمل ثاقب کي حقيقت تائين پهچڻ تي مجبور ڪري رهيو هو. هڪ ننڍي ٻار هجڻ باوجود ثاقب جي دل ۾ شڪ جي باهه پڄرڻ شروع ٿي وئي. هن سوچيو ته ڇو نه اها حقيقت بابا سائينءَ سان ڪرڻ گھرجي. پر ثاقب هڪ ٻار جي حيثيت سان همت جا پهاڙ اورانگڻ ۾ بار بار ٿاٻڙجي پيو پوي. هڪ پاسي حريم ۽ سڌير جي پاڻ ۾ چرچن وارا ويساک جي مهيني وارا سج جا گرم ڪرڻا ثاقب جي اکين ۾ چڀي رهيا هئا. ته ٻئي پاسي همٿ جي پهاڙن تان بار بار ٿاٻڙجڻ نيٺ ثاقب کي پيءُ سان اها حقيقت اورڻ جي سگهه پيدا ڪئي ۽ ثاقب دڪان تي رات جي وقت پنهنجي پيءُ سان دڪان بند ڪرڻ کان ڪجهه پل اڳ والد سان مخاطب ٿيندي چيو بابا سائين آءٌ اوهان سان هڪ حقيقت اورڻ ٿو چاهيان مڃان ٿو ته آءٌ ٻار آهيان پر جيڪا ڳالهه ڪرڻ ٿو چاهيان منهنجي عمر ۽ سوچ کان تمام وڏي آهي جيڪڏهن غلط هجان ته بابا سائين مونکي بخشجو ۽ جيڪڏهن صحيح هجان ته ڌيرج سان ڪم وٺجو. ثاقب وڏي نماڻائيءَ سان والد جي سامهون ڪنڌ هيٺ جهڪائي عرض ڪيو.
ها پُٽ ٻڌاءِ ڇا ٿو چوڻ چاهين؟ ڪهڙي حقيقت ۽ ڇا جي رهنمائي حڪم ڪر پُٽ مراد وڏي شفقت واري انداز ۾ ثاقب سان مخاطب ٿيندي چيو.
بابا سائين اوهان ناراض ته ٿيندا؟ بابا سائين جيڪڏهن آءٌ غلط هجان ته مونکي معاف ڪجو. ننڍو ٻار ئي صحيح پر الائي ڇو وقت جي روين ۽ حالتن منهنجي دل ۾ وسوسا پيدا ڪيا آهن ثاقب پنهنجا ٻئي هٿ ٻڌي پيءُ کي حقيقت ٻڌائڻ کان اڳ معافي گھرندي چيو.
مراد پنهنجي پُٽ جي ٻانهن ٻڌڻ واري عمل تي اچرج ۾ اچي ويو، ثاقب کي پنهنجي سيني سان لائي سندس پيشاني چمي کيس چيو ته پُٽ ڪا وڏي ڳالهه نه آ ڀلا تنهنجو بابا اڳ به ڪڏهن تو سان ناراض ٿيو آهي ڇا؟ تون ته منهنجو شهزادو آهين پُٽ. تون بلڪل بي خوف ٿي حقيقت بيان ڪر.
بابا سائين چاچا سڌير جڏهن اوهان جو دوست آهي ته پوءِ اوهان جي غير موجودگيءَ ۾ منجهند جو اسان جي گھر اچي اسان جي امڙ سان ڇا جي لاءِ اچي چرچا ٿو ڪري مون ڪيترن ئي ڏينهن کان اها ڳالهه نوٽ ڪئي آهي ته هو نه رڳو امڙ سان چرچا ٿو ڪري پر منجهند جي ماني پڻ اوهان جي غير موجودگيءَ ۾ امان سان گڏجي ٿو کائي. جڏهن ته امان سان چرچن ڪرڻ ۽ ان سان ماني کائڻ جو حق اوهان جو آهي. پوءِ چاچا سڌير ڇا لاءِ پيو ائين ڪري؟ ثاقب پيءُ سان ڏڪندي ڏڪندي جملا پورا ته ڪيا پر ثاقب پگھر ۾ ڀِڄي ويو.
ثاقب جي زبان تان اهڙا جملا ٻڌي مراد جا هوش اڏامي ويا. پيرن هيٺيان زمين نڪري وئي. پر مراد هوش سنڀاليندي ثاقب کي حوصلو ڏيندي چيو ته پُٽ اهڙي ڪا ڳالهه نه آهي، سڌير اوهان جو انڪل آهي اسان جي گھر جو ڀاتي آهي اوهان جي والده سڌير جي ڀاڀي هئڻ سان گڏ ڀيڻ به ٿئي ڀلا جيڪڏهن هو گڏجي ماني کائن به ٿا ته ڪا ڳالهه نه آهي پُٽ. ان ۾ پريشان ٿيڻ جي ڪا به ڳالهه نه آهي. مراد پُٽ سان مخاطب ٿيندي ثاقب کي آٿت ڏئي ٿڌو ساهه ڀري پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ ثاقب کي دڪان بند ڪرڻ لاءِ چيائين. ايتري ۾ سڌير به معمول مطابق دڪان تي پهچي ويو. مراد ۽ ثاقب دڪان بند ڪري گھر پهتا. ڪجهه منٽن کانپوءِ حريم اوطاق واري ڪمري ۾ دستر خوان وڇائي ماني سجائي. هميشه جيان سڀئي گڏجي ماني کائي رهيا هئا پر مراد جي ذهن ۾ ثاقب جي لفظن وڏا گھاءَ ڏئي ڇڏيا هئا. جنهن ڪارڻ مراد جي چپن تي خالي مرڪ هئي. مانيءَ جا ٻه ٽي گرنهن کائي ماٺڙي ڪري ويهي رهيو. ثاقب والد جي ڳڻتي ۽ ماني نه کائڻ جو سبب سمجهي ويو. جنهن ڪري والد جو فرمانبردار پٽ هجڻ جي ناتي والد جي تڪليف کي محسوس ڪندي ثاقب به مانيءَ مان هٿ ڪڍيا. ان ڳالهه جو حريم ۽ سڌير جي صحت تي ڪو به اثر نه پيو. ۽ نه ئي وري حريم يا سڌير ٻنهين کان ماني نه کائڻ جو سبب پڇڻ پسند ڪيو. حريم ۽ سڌير پيٽ ڀري ماني کائي تن من تازو ڪيو.
مراد خير ته آهي اڄ چُپ چُپ آهين؟ خير ته آهي ڪهڙو کنڊ جو جهاز ٻڏي ويو اٿئي؟ ڪنهن سان ٻي شادي ڪرڻ جو ارادو ته نه ڪيو اٿئي؟ سڌير سکڻا ٽهڪ ڏيندي ٺٺول واري انداز ۾ مراد کان پڇيو.
ڪا ڳالهه نه آهي پيارا، بس! دڪان تي ڪم سرس هئڻ سبب اڄ ٿڪُ گھڻو ٿي پيو آهي. ان ڪري خاموش آهيان. مراد سنجيدگيءَ سان حقيقت کي در گذر ڪندي سڌير کي جواب ڏنو.
اڄ آءٌ محسوس ٿو ڪيان ته آءٌ گهر جو ڀاتي ۽ اوهان پيءُ ۽ پٽ ٻئي مسافرن جيان ويٺا آهيو، بلڪه ماني به مهمانن جيان چکي اٿوَ. اها پروڙ منهنجي پرک کان اوکي آهي. سڌير طنزيه انداز ۾ ٻيهر مراد جي صبر مان ناجائز فائدو وٺندي انهن تلخ جملن کي ورجايو. حريم پڻ سڌير جي ان روِش تي مرڪندي ٽيڏي نظر سان مڙس ڏانهن نهاريندي رهي. مراد اها پرولي پرکي ويو ته پاڻي سر کان چڙهي چڪو آهي. پر مراد ڪري به ڪجهه نه پيو سگھي. ڇاڪاڻ ته جيڪي باهه جا اولا ٻرندي سندس جسم کي تاءُ ڏئي رهيا هئا اها باهه پنهنجي ئي ٻاريل هئي. ان ڪري ان آڙاهه ۾ پڄرڻ جو ذميوار مراد پاڻ هو.
هڪ پاسي سڌير ۽ سندس زال حريم جي روَين ان حقيقت کي واضح ڪري ڇڏيو ته ثاقب جيڪي ڪجهه محسوس ڪيو ان ۾ سراسر سچائي ۽ حقيقت ڀريل هئي. ٻئي پاسي مراد کي گھڻي عرصي کان پاڙيوارن پاران سڌير کي پنهنجي گھر ۾ آڻڻ واري عمل تي ناراضگي ۽ نصيحت واري ڳالهه اهو احساس ڏياري رهي هئي ته شال! آءٌ ان وقت پاڙي وارن جي نصيحت کي وزن ڏيندي عمل ڪيان ها ته شايد اڄ اهي ڪنڊا نه ڪڍڻا پون ها. هاڻ ته آءٌ ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ لائق به نه رهيس. مراد سوچن جي سمنڊ ۾ عوطا کائي رهيو هوته اچانڪ سڌير هٿ لوڏيندي گھر وڃڻ جي اجازت گھري.
ها پيارا اوهان جو راز: جيڪڏهن رات رهندين به ته آءٌ توکي روڪي نه ٿو سگهان. منهنجي ڇا مجال. مراد ڳڻتين جي گھاڻي ۾ پيهجندي سڌير سان جيڪي ڪجهه ڳالهايو کيس ڪا خبر نه هئي ته مون ڇا چيو.
مراد جي انهي ڳالهه سڌير کي هوشيار ڪري ڇڏيو ته منهنجي ۽ حريم جي غلط رشتي کان مراد اڄ واقف ٿي چڪو آهي. ان ڪري سڌير بحث ڪرڻ مناسب نه سمجهيو، ڪنهن بازار مان چور جو چوري ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻڻ کانپوءِ بازار مان خاموشيءَ سان نڪري وڃڻ واري انداز جيان سڌير به خاموشيءَ سان کسڪي ويو. حريم جي چهري تي غصو تاري هيو. حريم کي ان ڳالهه جو غصو ۽ ڏک نه هو ته منهنجو مڙس منهنجي ڪرتوتن کان واقف ٿي چڪو آهي. ڪٿي هو مون سان ناراض نه ٿي وڃي. منهنجي عزت مڙس جي نظرن ۾ هاڻي ڇا رهندي؟ آءٌ ته مڙس آڏو ڪنڌ کڻي به نه سگھندس. بلڪه حريم کي پنهنجي نئين دوست سڌير جي اڄ رات اچانڪ ناراض ٿي وڃڻ ۽ سڌير ساڻ مراد جي تلخ روَيي جو ڏاڍو افسوس هو. جنهن سبب هوءَ مڙس ڏانهن حقارت جي نظر سان نهاري ڪنڌ کي لوڏو ڏئي چپ چوريندي ڪجهه ڀڻڪندي تڪڙا قدم کڻي پنهنجي ڪمري ڏانهن هلي وئي.
مراد کي پنهنجي دوست سڌير ۽ سندس زال حريم جي روَيي يقين ڏياري ڇڏيو ته سڌير ۽ حريم پاڻ ۾ غلط رشتو جوڙي چڪا آهن. مراد جا ڳل خشڪ ٿي چڪا هئا. مراد اڄ ڪمري ۾ پهريون ڀيرو ويڳاڻو اڪيلائپ ۾ ڳڻتين جي ڪُن ۾ غوطا کائي رهيو هو. پر افسوس جو ڪوئي کيس بچائڻ وارو نه هو. ڪالهه تائين مراد جي گھر مان رات جي پوئين پهر ۾ به ٽهڪن جا آواز ايندا هئا. پر اڄ سانت لڳي پئي هئي. ڪالهه تائين کلڻ ۽ کلائڻ وارا کلائي رهيا هئا پر اڄ نه کلائڻ وارو ۽ نه ئي ڪو ٽهڪن ڏيڻ وارو هو. بس ڪمري ۾ هڪ مراد هو جنهن جي ٽهڪن جو ٻوٽو به ڪومائجي چڪو هو. ڪالهه ڪمري ۾ جيڪي خوشيءَ جا گلاب ٽڙي رهيا هئا اڄ اهي گلاب مرجهائجي ويا آهن. سُرءَ جي موسم ۾ پن ڇڻيل هڪ وڻ جيان مراد جو چهرو بي رونق ۽ خشڪ نظر اچي رهيو هو. ماضيءَ ۾ دوستن، پاڙيوارن ۽ بزرگن جي تاڪيد اڄ سندس اکين آڏو حقيقت جو روپ اختيار ڪري تري رهي هئي. مراد ماضيءَ جي مختلف سوچن، نصيحتن، سچائي، مخلصي ۽ دوستيءَ جي انڌي يقين واري غفلت تي سوچن جي سمنڊ ۾ هڪ سِپ جيان ڪڏهن ڪنهن ڇوليءَ ور ته ڪڏهن ڪنهن ڪناري ڌڪيلجي رهيو هو. هڪ سچي دوست ۽ زندگيءَ جي همسفر جي ويساهه گھاتيءَ مراد جي زندگيءَ جو سڪون برباد ڪري ڇڏيو هو. سڄي رات هو هڪ صوفي جي ڪنڊ ۾ ماضيءَ ۾ سڀني رشتن تي يقين رکڻ واري پنهنجي هٿن سان ٻاريل اوڙاهه ۾ سڙندو ۽ پڄرندو رهيو. افسوس جو اڄ مراد اڪيلو هو.
صبح جو سِج پنهنجي روشن ڪرڻن سان رات جي اونداهيءَ کي شڪست ڏئي دنيا تي آهستي آهستي هميشه جيان پنهنجي وقت مطابق روشنيءَ جو ڄار وڇايو ته مولوين به رب کي ريجهائڻ شروع ڪيو. انسانن، پکي ۽ ٻي مخلوق پنهنجي ننڊ ڦٽائي پروردگار کي ريجھائڻ لاءِ عبادت ۾ مصروف ٿي ويا. ايتري ۾ سج جي ڪرڻن جي روشني مراد جي ڪمري جي روشندان مان جھاتيون پائيندي اندر داخل ٿي ڪمري کي قدرت جي روشنيءَ سان روشناس ڪري مصنوعي روشنيءَ کي مات ڏني. قدرت جي ان ٿڌڙي روشنيءَ تي مراد ڳڻتين جي ڪُن مان ڪنڌ کڻي ٻاهر نهاريو. ڇا ڏسي ته سامهون رڌڻي ۾ حريم هيڪل بيٺي چانهه پي رهي آهي. جڏهن ته هميشه سڀ گھر جا ڀاتي گڏجي ناشتو ڪندا هئا ۽ ان کان اڳ صبح جو سوير چانهه به سڀ گڏجي پيئندا هئا. اڄ حريم جي اڪيلي سر رڌڻي ۾ بيهي چانهه پيئڻ واري حرڪت ان حقيقت کي پڻ واضح ڪيو ته حريم جي نظرن ۾ نه رڳو مراد بلڪه اولاد جي اهميت ۽ پيار ختم ٿي چڪو آهي. مطلب ته حريم زندگيءَ جو باقي حصو سڌير سان رهڻ پسند ٿي ڪري. مراد اهو سوچي ئي رهيو هو ته اوچتو حريم جي نظر جيئن ئي مراد تي پئي ته هوءَ ڇرڪجي وئي. حريم چانهه جو ڪپ رڌڻي جي ماربل واري بلاڪ تي رکي هوريان هوريان اڌ رات جو هڪ چور جي ڪنهن گھر ۾ چوري ڪرڻ جي ارادي سان داخل ٿيڻ کان پوءِ کڻندڙ قدم يا ڪنهن ٻليءَ جي نظر خالي رڌڻي ۾ رکيل ٿانو ۾ کير تي پوڻ کان پوءِ آهستي آهستي پهچڻ جيان پنهنجا قدم اڳتي وڌايا. مراد ان وقت به هڪ صوفي جي ڀر ۾ پٽَ تي بي حال ٿيو ويٺو هو. مراد ڄاڻي پيو ته حريم ڪمري ۾ داخل ٿي آهي پر هن حريم کي محسوس ٿيڻ نه ڏنو. حريم مراد جي ڀر ۾ بيهي سندس اکين ۾ نهاريو ته ان جي اکين مان سڄي رات جي اوجاڳي جي ٿڪاوٽ نظر پئي آئي پر حريم کي ان ڳالهه جو ڪو به احساس نه هو. حريم پٿر دل انسان جيان رشتن جي راحت ۽ پر خلوص محبت جو ڳلو دٻائيندي پنهنجو ڪنڌ اونچو ڪري مراد سان مخاطب ٿيندي چيو “اوهان سان ڳالهائڻو آهي”.
ڳالهائڻ لاءِ تو باقي ڇڏيو ڇاهي؟ خير ڇا ٿي چوڻ چاهين؟ اها دلي حسرت به پوري ڪري ڇڏ.مراد ڪنڌ کي هيڏي هوڏي گھمائي ڪوڙي مُرڪ چهري تي سجائي حريم کي وراڻيو.
مون کي اڄ ۽ هن وقت ئي طلاق گھرجي. مان هن گھر ۾ وڌيڪ نه ٿي رهي سگهان. حريم تمام گھڻي بي رُخي ۽ گھمنڊ واري انداز ۾ پنهنجي ان فيصلي تي فخر ڪندي بنا ڪنهن هٻڪ جي مراد کي چئي ڏنو.
مراد ڪنڌ کڻي حريم ڏانهن نهاري سندس هٺ ۽ تڪبر جي انتها ۽ پنهنجي فيصلي تي فخر جو انداز محسوس ڪندي ڪو بحث ڪرڻ پسند نه ڪيو. “آءٌ توکي طلاق ٿو ڏيان. آءٌ توکي طلاق ٿو ڏيان. آءٌ توکي طلاق ٿو ڏيان: “باقي لکت ۾ اڄ ئي توکي طلاق نامو ملي ويندو. مون تنهنجا پر کولي ڇڏيا آهن. هاڻي تون جنهن سان چاهين، جيڏانهن چاهين وڃين سگھين ٿي. تون آزاد آهين. حريم جيئن ئي ڪمري مان نڪرڻ لاءِ دروازي ڏانهن پهريون قدم کنيو ته دروازي وٽ ماها ۽ ثاقب بيٺا هئا.” امان ڇا ٿيو آهين؟ اوهان اڃا تائين چانهه تيار نه ڪئي آهي؟ ڇا بابا اوهان سان ناراض آهي؟ ماها حريم جي چولي جو دامن پڪڙي کانئس معصوميت واري لهجي ۾ جيجل کان حقيقت معلوم ڪرڻ پئي چاهي.
نوشين ماها جي هٿ کي غصي منجهان جھٽڪو ڏئي پنهنجي چولي جي دامن کي ڇنڊڪو ڏئي پنهنجي ڪمري ڏانهن هلي وئي. ماها حريم کي پويان سڏ ڪندي رهي پر حريم جي اکين تي عشق جي اونداهه جي پٽي ٻڌل هئي جنهن ڪري هوءَ ماءُ واري محبت جي شڪتيءَ کان محروم ٿي چڪي هئي. سندس آڏو اولاد جي محبت ۽ سچائي ڪا حيثيت نه پئي رکي. جنهن ڪري حريم پنهنجي ڌيءَ ماها کي ڪو جواب ڏيڻ پسند نه ڪيو.
ثاقب پنهنجي ماءُ جو ماها ساڻ تلخ روَيو ڏسندو رهيو، نيٺ! ڀيڻ جون دانهون ڏسي رهي نه سگھيو. ياد رک ڏاڍو پڇتائيندينءَ امان، جيڪو قدم تون کنيو آهي سو تمام غلط آهي.
ثاقب جا اهي جملا ٻڌي حريم غصي ۾ لال ٿي وئي ۽ پنهنجي ڪمري جي در وٽان تڪڙا قدم ڀري ثاقب جي ويجهو اچي ٻه چماٽون هڪ ئي ڳٽي تي زور سان هڻي چيائينس بد اخلاق بي حيا تون ماءُ سان ٿو مهاڏو اٽڪائين. خبردار جو ٻيهر زبان کولڻ جي ڪوشش ڪيئي، زبان ڪٽي اڇلائي ڇڏيندي سانءِ. ائين چئي حريم پنهنجي ڪمري ۾ وڃي پنهنجو سامان ويڙهڻ شروع ڪيو. مراد اوطاق واري ڪمري مان نڪري ماها ۽ ثاقب کي ڀاڪر ۾ وجهي ڪمري ۾ وڃي ويهاريو ۽ تسلي ڏيندي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. ثاقب کي پنهنجي والد جي فيصلي تي فخر هو. پر ماها جي دل ۾ ماءُ جي محبت جي تات تاري هئي. هوءَ پيءُ جي جهوليءَ ۾ سمهڻ باوجود به ماءُ جي لاءِ سڏڪندي رهي. افسوس جو حريم کي ماها جي دانهن ۽ سڏڪن جو ڪو به ڪهڪاءُ نه پيو. بس! حريم انڌ جي گھوڙي تي سوار سڌير جي محبت ۾ هڪ ماءُ واري محبت جي جذبي کان مڪمل طور محروم ٿي چڪي هئي.
نوشين سُتت ئي سامان ويڙهي سڌير سان ڪورٽ ۾ شادي ڪرڻ جو پههُ ڪري خاموشيءَ سان گھر مان نڪري هلي وئي. ڪورٽ ۾ هڪ وڪيل جي مدد سان عدالتي ڪاروائيءَ کان پوءِ نڪاح پڙهايو. منجهند جو وقت هو، حريم ۽ سڌير هڪ ٽئڪسي ۾ آيا. سڌير ٻاهر بيٺو رهيو ۽ حريم گھر مان پنهنجو ضروري سامان کڻي اچي ٽئڪسي ۾ رکي سڌير سان گڏ پنهنجي نئين گھر وڃڻ لاءِ جيئن ئي ڪار ۾ ويٺي ته ماها روئندي رڙيون ڪندي ماءُ سان ملڻ لاءِ ۽ کيس نه وڃڻ لاءِ وڏا وسَ ڪيا پر حريم جي دل مان اولاد جي محبت جو جنازو نڪري چڪو هو. هوءَ هنود ڪاسائيءَ کان وڌ پٿر دل بنجي چڪي هئي. حريم جي اکين تي عشق جي اونداهه واري چادر اوڍڻ سبب ڪجهه به نظر نه اچي رهيو هو. حريم جي ڪنن تي عشق جي جنون جي تاڙي وڄڻ سبب کيس معصوم اولاد جون ڪوڪون به ٻڌڻ ۾ نه پيون اچن. حريم ڪار جي ڊرائيور کي گاڏي هلائڻ جو اشارو ڪيو. ماها دانهون، رڙيون ڪري جيجل کي پڪاريندي رهي،ماها جي رڙين تي اوڙي پاڙي وارا به ٻاهر نڪري آيا. مراد ۽ سندس وڏو ڀاءُ ثاقب ماها کي ريجھهائڻ جا حيلا ڪندا رهيا. پاڙي جي ڪجهه عورتن به ماها کي سيني سان لائي ريجهائڻ پئي چاهيو پر معصوم گل جي سيني ۾ جيجل جي جدائي وارو صدمو سهڻ جي سگهه بلڪل ڪا نه هئي. ماءَ جي اوچتو جدائيءَ ماها جو جيءُ جهوري ڇڏيو هو. مراد ۽ ثاقب ماها کي سيني سان لائي گھر اندر وٺي وڃڻ پئي چاهيو، پاڙي جون عورتون به سندس گھر ويون ڇاڪاڻ ته ماها جي دانهن جي ڪري انهن عورتن جا هانءَ به جهري پيا هئا اگر فرق نه پيو ته صرف حريم جي دل تي نه پيو. ايتري ۾ مراد جو هڪ ننڍ پڻ جو دوست ممتاز به اجازت وٺي گھر آيو. ممتاز ڪجهه ڏينهن اڳ سڌير جي ڪارن ڪرتوتن جي حقيقت مراد کي ٻڌائڻ چاهي پر مراد ان وقت ممتاز جي ڳالهه کي اهميت نه ڏيندي در گذر ڪري ڇڏيو، ممتاز سان سلام دعا پڻ ختم ڪري ڇڏي. اڄ حريم جو سڌير سان هڪ گاڏيءَ ۾ هليو وڃڻ ۽ سندس نياڻيءَ جون دانهون ڪرڻ وارو لقاءُ ڏسي ممتاز سمجهي ويو ته جنهن ڳالهه جو اسان کي شڪ هو اها ڳالهه حقيقت جو روپ ڌاري مراد جي گھر ۾ آڙاهه جيان ڀڙڪا ڏئي ٻري رهي آهي. ان ڪري وقت آهي هڪ بهترين دوست جي مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏيڻ جو. اهو سوچي هو مراد جي گھر آيو، مراد جي ڀر ۾ ويهي ماها جي مٿي تي هٿ ڦيري مراد جي اکين ۾ اکيون ملائي مراد جيڪڏهن بُرو نه ڀانئين ته ننڍپڻ جو يار سمجهندي منهنجي جيڪا خطا آهي، ٻيلي! معاف ڪر. بس! ايترو ٻڌاءِ هن نياڻيءَ جون رڙيون منهنجو هانءُ ڏاري رهيون آهن. منهنجا ڀاءُ اسين وقت جا سٺا يار هئا سين، هيءَ نياڻي منهنجي هٿن ۾ پلي آهي. پيارا هن جي ماءُ ڪيڏانهن وئي؟. ممتاز پنهنجو هٿ وڌائي مراد جي ڪلهي تي رکي سندس اکين منجهه نهاري چيو “مراد ڪو وقت هو اسان جي دلين ۾ چاهت جا گلاب ٽڙيل هئا. ڪجهه عرصي جي دوري ئي صحيح پر دلين ۾ محبت ته سمايل آهي منهنجا ڀاءُ. پنهنجو پراڻو يار سمجهه ۽ ٻڌاءِ ته اها ڪهڙي ڳالهه آهي جنهن جي ڪري تنهنجي گھر جي خوشين جو ٻوٽو ڪومايل ٿو نظر اچي. هي روڄ راڙو منهنجي برداشت کان ٻاهر آهي ادا. ممتاز جي ڳالهين مراد جو هانءُ جھوري ڇڏيو. مراد پنهنجي دوست ممتاز سان ڀاڪر پائي اُڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو. وقت جي مطابق ممتاز هڪ سچي ساٿيءَ جو فرض نڀائيندي سندس زخمن تي پهو رکي ساٿ نڀائڻ جو پههُ ڪيو. مراد سڏڪندو رهيو ۽ ماها روئڻ ۾ بي حال هئي.
ادا بس ايترو ٻڌاءِ هي گھر ويران ڇو ٿيو. ڇا جنهن ڳالهه جو اسان کي شڪ هو ان جو انجام آهي. ڇا اها ڳالهه ئي حقيقت بنجي هن گھر جي خوشين کي پاڻ سان گڏ کنيو وئي آهي. ممتاز ٻيهر مراد کان حقيقت معلوم ڪرڻ پئي چاهي.
ادا جنهن حقيقت کي ڪجهه عرصو اڳ اوهان پرکي چڪا هئا پر آءٌ يقين جي انڌي گھوڙي تي سوار هيس اڄ اها حقيقت سامهون اچي منهنجو ويڙهو ويران ڪري وئي آهي. حريم مون کان طلاق وٺي ۽ سڌير سان شادي ڪري هن گھر کان هميشه لاءِ رشتو ختم ڪري وئي آهي. حريم سڌير جي عشق ۾ پنهنجي معصوم ٻچڙن جو به خيال نه ڪيو. گھر ۾ موجود سڀ پاڙيوارا حريم جي ان حرڪت تي اچرج ۾ پئجي ويا. پاڙيواري عورتن جھٽ پٽ ۾ پنهنجي گھرن مان ڪجهه کائڻ لاءِ گھرائي ورتو. پر دل کي پهتل تازن زخمن سبب ڪنهن کي ڪجهه به نه وڻيو. پاڙي جون عورتون به دلاسا ڏئي نيٺ پنهنجي پنهنجي گھرن ڏانهن وريون. ممتاز به ڪجهه گھڙيون ويهڻ بعد پنهنجي ٻچڙن کي وقت ڏيڻ لاءِ گهر ڏانهن رُخ ڪيو. سڏڪندي سڏڪندي نيٺ سِج به ڳاڙهسرو ٿي پنهنجي منزل ڏانهن وڌڻ لاءِ دنيا تي اونداهيءَ جو ڄار وڇائي تارن کي آسمان تي پنهنجي لاٽ ٻارڻ جي دعوت ڏئي هليو ويو. مراد جي گھر ۾ ته صبح کان وٺي اونداهه هئي. پر سِج به دنيا تي اونداهه ڪري لهي ويو. رات گھڻي ٿي چڪي هئي مراد ۽ ثاقب جو دماغ ڳڻتين جي ملبي هيٺيان دٻيل هئڻ ڪارڻ ڪنهن ٻي ڳالهه جي سڌ ئي نه هئي. هيڏانهن ماها جي امڙ جو صدمو ماها جي دماغ ٿي ويهڻ سبب تيز بخار ٿي پيو پر هر ڪو بي حال پيو هو. ڪنهن جي ڪنهن کي تات ئي نه هئي. گھر جي اوچتي برباديءَ ڪارڻ مراد به ماها جي طبيعت جي پروڙ نه ڪري سگھيو. ثاقب ۽ مراد هيٺ پٽ تي سمهي پيا، ماها پلنگ تي بخار جي حالت ۾ به سڏڪندي سڏڪندي ڪنهن وقت سندس اک لڳي ڪا خبر ئي نه پئي.
صبح صادق جو پکين جي مٺڙي مٺڙي ٻولين جي آواز تي مراد جي اک کلي ذهن ۾ خيال آيس ته ڪالهه کان ڪنهن به ڪجهه نه کاڌو آهي ٻارڙا بک تي آهن ڇو نه انهن لاءِ چانههِ تيار ڪيان ته جيئن گڏجي پيئون. مراد رڌڻي ۾ چانههِ تيار ڪري ثاقب ۽ ماها کي اٿارڻ لاءِ آيو. ثاقب والد جي پهرين سڏ تي هميشه جيان اُٿي پيو. پر ماها سڏ جو ڪو به جواب نه پئي ڏنو. مراد جيئن ئي ماها جو هٿ پڪڙيو ته سندس جسم تمام گھڻو ٿڌو هو. مراد ماها جي نبض چيڪ ڪئي ته نبض به محسوس ٿيو ته بند آهي. ماها بلڪل بي جان هئي. ثاقب پاڙي جي هڪ ڊاڪٽرياڻيءَ کي ڊوڙندو وڃي وٺي آيو. ڊاڪٽرياڻيءَ ماها جي نبض چيڪ ڪئي ته سندس اکيون آليون ٿي ويون. ڊاڪٽرياڻيءَ هڪ هٿ سان پنهنجي اکين جا لڙڪ اگھي ٻڌايو ته ماها ڪافي دير کان دم ڌڻيءَ حوالي ڪري چڪي آهي. اوچتو ماها جي موت جي خبر مراد جي گھر ۾ قيامت صغريٰ جو منظر پيش ڪري ڇڏيو. مراد ۽ ثاقب ماها جي مرڻ جو ٻڌي ماها کي ڀاڪر پائي هانءُ ڏاريندڙ رڙيون ڪري روئڻ لڳا. مراد جي زندگيءَ مان حوصلن جي ڏيئي جي باقي روشني به وسامي وئي. اکين آڏو اونداهه ئي اونداهه ٿي وئي. ايتري ۾ اوڙي پاڙي وارا به جمع ٿي ويا. روڄ راڙو وڌي ويو. ماها جيڪا ڪالهه کان ماءُ جي وڇوڙي ۾ روئندي روئندي جيجل جي جدائي برداشت نه ڪري سگهي آخر اڄ ان جي زندگيءَ جو ڏيئو به وسامي ويو. پاڙيوارن مراد ۽ ثاقب کي دلاسا ڏيڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پر ماها جي جدائي جو صدمو انهن جي برداشت کان ٻاهر هو. پاڙي ۾ سڀني جي ڏندين آڱريون هيون، هر هڪ کي ماها جي موت عبرت ۾ وجهي ڇڏيو، سڀني جي زبان تي ماها جي مرڻ جو ذميوار حريم جي ڪريل حرڪت هئي. پاڙي ۾ قيامت صغريٰ جو منظر نظر اچي رهيو هو. پاڙي جا چار چڱا پٿر ۾ اچي جمع ٿيا جن ڪفن دفن جو انتظام پڻ ڪيو مراد ۽ ثاقب جسماني طور زنده پر بي حال ساهه ته کڻي رهيا هئا ليڪن ذهني طور هڪ ڪاري ڪُن ۾ ڪري مري چڪا هئا.
ماها جي موت جي خبر جڏهن درنده صفت ۽ پٿر دل ماءُ حريم کي پئي ته اوچتو کانئس رڙ نڪري وئي. آخر اندر جو پاڻي اکين جا پردا ڦاڙي لڙڪ بنجي وهي اچي ان جهول ۾ ڪريو جنهن جهول ۾ اٺ سال اڳ حريم گلاب جي گل جهڙي ماها کي لولي ڏيندي هئي. پر افسوس جو اڄ ان ماها جي جاءِ تي ان جي موت جي غم ۾ لڙڪن جي آلاڻ هئي. حريم کي پنهنجي هٿن جي وڍي ۽ بي حسي کيس شرمنده ڪري رهي هئي. ماها جيڪا اٺ سال اڳ جيجل جي جھوليءَ ۾ لولي ٻڌي آرام ڪندي هئي. افسوس جو اڄ ان ماها ماءُ جي جھوليءَ ۾ لولي ٻڌڻ لاءِ سڪندي سڪندي دم ڌڻيءَ حوالي ڪري هميشه لاءِ آرام ڪرڻ پسند ڪيو.
سڌير هڪ عياش پرست ۽ بي وفا دوست ضرور هو پر هڪ ڏينهن اڳ جنهن وقت حريم جو اولاد سان بي رحمي وارو روَيو ڏٺائين ته ان وقت ئي سڌير جي ذهن ۾نوشين خلاف نفرتن جي ڏينڀن پنهنجو مانارو ٺاهڻ شروع ڪيو. ڇاڪاڻ ته سڌير حريم سان پيار ڪرڻ سان گڏ ماها جهڙي گل کي پڻ ڀائيندو هو. سندس خيال هو ته حريم اهو گلاب منهنجي گھر ۾ پاڻ سان گڏ کنيو ايندي. آءٌ ماها کي پيار ڏئي سهڻي پرورش ڪري وڏو ڪندس. مگر گذريل ڏينهن حريم جو پراڻو گھر ڇڏڻ وقت پنهنجي اولاد سان اهڙو تلخ روَيو جيڪو ويڳي ماءُ به اولاد سان نه ڪري، سڌير زهر جو ڍڪ ڀري خاموشيءَ سان ڏسندو رهيو، ڪڇي نه سگھيو. جڏهن سڌير کي ماها جي موت جي خبرپئي ته ان جي جسم مان اڌ ساهه ڇڏائجي ويو. سڌير جنهن ڪنهن لاءِ ڪڏهن نه لڙڪ نه ڳاڙيا، ماها جي مات سندس اکيون آليون ڪري وڌيون. سڌير ان برباديءَ جو زميوار نه رڳو حريم کي بلڪه پاڻ کي به سمجهيو. سڌير سڌو گھر ويو. گھر ۾ ائين داخل ٿيو جيئن سانوڻ جي موسم ۾ آسمان تي بادلن جي گجگوڙ سان کنوڻ جي روشني دنيا تي نمايان نظر اچڻ سان گڏ ڪيترن انسانن جي دلين ۾ خوف تاري ڪري ڇڏيندي آهي. سڌير ڏٺو ته حريم افسوس ۾ اڱڻ جي هڪ ڪنڊ ۾ ڪُرسيءَ تي ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺي هئي. حريم جي سڌير تي نظر پوندي ئي حريم تڪڙ ۾ اٿي بيٺي ۽ روئڻ لڳي.
خاموش! ناٽڪ بند ڪر، ظالم ۽ پٿر دل عورت، تنهنجي سيني ۾ ماءُ جي دل نه آهي. تون هڪ ماءُ جي روپ ۾ ڏانئڻ آهين. اگر تو ۾ انسانيت ۽ ماءُ جي دل هجي ها ته ڪالهه تون ماها کي پاڻ سان گڏ وٺي اچين ها. ماها ڪيترو تولاءِ تڙپي ۽ روئي رهي هئي ان جي دل ۾ تنهنجي لاءِ ڪيتري محبت هئي، ان جي محبت جو ثبوت ان جي موت آهي. حريم تون ڪهڙي ماءُ آهين، جنهن کي ڪالهه ذري برابر به پنهنجي ٻچڙي جي روئڻ ۽ تڙپڻ جو ڪو به ڪهڪاءُ نه آيو. بس! هاڻي ناٽڪ بند ڪر. سڌير بي حد غصي ۾ حريم جي بيعزتي ڪئي.
سڌير هي وقت انهن ڳالهين ڪرڻ جو نه آهي مون کي ماها جو منهن ڏسڻو آهي. ڪجهه به ڪر مون کي ماها جو آخري ديدار ڪراءِ. حريم روئندي سڌير کي التجا ڪئي.
جيڪا عورت پنهنجي اولاد جي محبت جو احساس ۽ ان جي لڙڪن جي اهميت جو اندازو نه ڪري سگهي ۽ ڪنهن سان ڪجهه گھڙين جي محبت جي پويان پنهنجو آباد ۽ خوشحال گھر برباد ڪري، هڪ وفادار مڙس ۽ معصوم ٻچڙا روئندا رڙندا ڇڏي بنا ڪنهن انسانيت، ماءُ جي جذبن ۽ احساس کان خالي هڪ نئين گھر ڏانهن وِک وڌائي، اها اڳتي هلي ضرور ان نئين گھر کي به ڪنهن ٽئين انسان جي محبت ۾ ائين ئي برباد ڪرڻ ۾ دير نه لڳائيندي. تون به پنهنجو وسندو جھڳو ويران ڪري آئي آهين. تون عورت نه بلڪه هڪ ڏانئڻ آهين. ڪالهه تو مراد جو گھر برباد ڪيو. تنهنجي بي حسي سبب ماها جهڙو گلاب جو گل هميشه لاءِ ڪومائجي ويو. سڀاڻي تنهنجي زندگيءَ ۾ ڪو ٽيون وجود ايندو ته سڌير جو انجام به مراد جيان ٿيندو. مستقبل ۾ تنهنجي اهڙي ٻي حرڪت سبب منهنجي گھر ۾ به هڪ ٻي ماها حياتي تان هٿ کڻي ان کان اڳ آءٌ توکي طلاق، طلاق،طلاق ٿو ڏيان.
سڌير غصي ۾ حريم جي ٻانهن پڪڙي گهليندي گھر کان ٻاهر ڪڍي ڌڪو ڏنو ۽ گھر جو در بند ڪري ڇڏيائين. نوشين جو اهو سامان جيڪو مراد جي گھر مان کڻي نئين گھر ۾ اڃا سجايو به نه هئائين، سڌير اهو سامان کڻي گھر کان ٻاهر حريم کي اڇلائي ڏنو. حريم گھٽيءَ ۾ روئندي رهي، دانهون ۽ ڪوڪون ڪندي رهي پر پاڙي جو ڪو به انسان سندس مدد ڪرڻ لاءِ ويجهو نه آيو.