ڪھاڻيون

اڻپوري خواھش

گل محمد سومري جي ڪھاڻين جا اڪثر موضوع درد ۽ المين جي واقعن تي مشتمل آهن. سندس ڪھاڻين ۾ سماجي، سياسي ۽ معاشي مسئلا، نفسياتي رويا، رشتن جا رويا ۽ سماجي اڻبرابري وارا رويا عيان آهن. ڪھاڻيون پڙهندي ڪڏهن ڪڏهن اکيون اشڪبار ٿي وڃن ٿيون. سندس هيءَ ڪاوش سماج جي سڌاري ڏانھن هڪ وک آهي.

Title Cover of book اڻپوري خواھش

اڻپوري خواهش

ٻه ڊگھيون قطارون، هڪ قطار ۾ شاگردن جي ڀيڙ ته ٻيءَ ۾ شاگردياڻيون پنهنجي واريءَ جو انتظار ڪري رهيون هيون، گرمي ايتري جو سڀئي پگھر ۾ ٻڏل هئا، شاگردياڻيون ٿوري ٿوري دير ۾ رئي جي ڪُنڊ سان مُنهن تان پگھر اگھي رهيون هيون. سرڪاري بئنڪ جي آهستگيءَ سان ڪم ڪرڻ واري انسانيت کان ٻاهر ۽ بد اخلاقيت واري عمل جي ڪري شاگردياڻيون چپن سان مڻ مڻ به ڪري رهيون هيون، پر مجبوريءَ جي ڪري ڪجهه ڪري به نه پيون سگهن، ڇاڪاڻ ته ڪاليجن ۽ يونيورسٽين يا سرڪاري ادارن ۾ في يا ڪا به رقم جمع ڪرائڻ لاءِ هر صورت ۾ ڪنهن نه ڪنهن سرڪاري بئنڪ جي عملي جي بد اخلاقي برداشت ڪرڻي پوندي آهي، اها حقيقت آهي ته انهن کي مٿي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪو مٿي ڦريل اهڙو ته ٽڪرائجي ويندو آهي جو اڳيون پويون ڪسرون برابر ٿي وينديون آهن ۽ اهو بئنڪ جو عملو ڪيتري دير تائين پيو ڪياڙي کنندو رهندو آهي. ڇوڪرا هڪ ٻئي سان احوال ڪري هڪ ٻئي کي پنهنجو تعارف ڪرائي وقت کي ڌڪو ڏئي رهيا هئا، گرمي شاگردن کي به بي حال ڪري ڇڏيو هو، انهن جي هٿ ۾ ڪنهن کي رومال هو ته ڪنهن وٽ ٽشو پيپر هئا، ڪري ته اُهي به ڪجهه نه پيا سگهن. اڄ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا جي آخري تاريخ آهي. گھڻي قدر ماڻهن جي اها پراڻي رسم آهي ته هر ڪم تڏهن ياد ايندو آهي جڏهن ديڳڙو دم تي هوندو آهي. هوڏانهن سرڪاري بئنڪ جو عملو به من مانيءَ سان ائين ڪم ڪري رهيو هو جيئن ڪنهن ڳوٺ جي دڙن دِڪن يا ٿر جي پيچرن تان ڪا ڏاند گاڏي هلي رهي هوندي آهي. وسيم به ان قطار ۾ ٻين شاگردن جيان انتظار جي بٺيءَ ۾ پڄري رهيو هو.
وسيم هڪ غريب گھراڻي سان تعلق رکندڙ، پنهنجي محنت پاڻ جي تحت زندگي گذاريندڙ، بجليءَ جي ڪم جو ڪاريگر، محنت ڪري علم حاصل ڪرڻ وارو با شعور نوجوان هو.
انتظار جا ڏونگر ڏاري نيٺ منزل تي وڃي پَير کپيا، وسيم جو نمبر آيو. وسيم پنهنجا سرٽيفڪيٽ، چالان فارم ۽ هڪ هزار روپيه بئنڪ جي ديوار ۾ ننڍڙي دريءَ مان هٿ ٽپائي ڪيشيئر کي ڏنا. ڇوڪرا هنن ۾ پنجاهه روپيه گھٽ آهن 1000 روپيه داخلا في ۽ 50 روپيه لائبريري جا، جلدي ڪر 50 روپيه ڏي. ڪيشيئر وسيم کي بداخلاقي واري انداز ۾ چيو.
وسيم اوچتو اها ڳالهه ٻڌي اچرج ۾ پئجي ويو، هڪ ته گرميءَ جي حالت ۾ جبل جيڏو گسُ اورانگهي اچي چوٽيءَ چڙهيو ته جبل اهڙو جو نه مٿس وڻ ۽ نه مٿس پاڻيءَ جو ڪو قطرو، ڳڻتيءَ ۾ ڳلو به خشڪ ٿي ويس.
وسيم وٽ داخلا جي في لاءِ اڳواٽ کيل 800 روپيه هئا، 220 روپيه هڪ درزي دوست کان هڪ هفتي جي رکت تي وٺي يونيورسٽيءَ آيو هو پر اوچتو وڌيڪ پنجاهه روپين جي ڳالهه سندس حواسن جو ڪم لاهي ڇڏيو. 2 ڪلاڪ مسلسل گرميءَ جي ڀيڙ ۾ انتظار ڪرڻ بعد نمبر اچڻ تي پنجاهه جي حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه ۽ وري ڪيشيئر جي بد اخلاقي واري انداز وسيم جي جسم جو اڌ ساهه ڪڍ ڇڏيو.
هي پنهنجو فائل ۽ رقم واپس وٺ، اسان جو وقت برباد نه ڪر پويان ٻيا به ڪيترائي شاگرد انتظار ۾ بيٺا آهن. ڪيشيئر وسيم کي ڪاوڙ ۾ ڇڙٻ ڏئي فائل ۽ رقم واپس ڏيندي چيو.
وسيم آسرو پلي، لاچار ٿي پنهنجو فائل واپس وٺڻ لاءِ جيئن ئي هٿ وڌايو ته برابر واري دريءَ مان جنهن ۾ ڇوڪريون قطار ۾ بيهي في جمع ڪرائي رهيون هيون، ان وقت وسيم سان گڏ جنهن ڇوڪريءَ جو نمبر آيل هو، ان يڪدم پنهنجي مُٺ مان پنجاهه روپيه ڌار ڪري ڇوڪرن کان في جمع ڪرڻ واري ڪيشيئر کي سڏ ڪري پنجاهه روپيه هٿ ۾ ڏيندي چيائينس ته هي ادا ان ڇوڪري جا باقي پنجاهه روپيه وٺو، ادا ان ڇوڪري کي موٽائڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي. هيڏا ڪشالا ڪڍڻ کان پوءِ وڏين مشڪلن کان پوءِ وڃي نمبر آيو اٿس، وري خسيس پنجاهه روپين جي ڪري موٽي وڃي اها سٺي ڳالهه نه آهي.
ڪيشيئر ان ڇوڪريءَ کان پنجاهه روپيه وٺي، وسيم جا سرٽيفڪيٽ ۽ پئسا واپس پنهنجي ٽيبل تي رکي رجسٽر ۾ نالو درج ڪري سندس رسيد ٺاهڻ لڳو، وسيم، ان ڇوڪريءَ جو انسانيت ۽ احساس وارو اخلاق ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو، کيس نظرون چورائي نماڻين نظرن سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ان ڇوڪريءَ جي اوچتو ساڻس مدد واري رويي کان پوءِ وسيم وٽ اُهي لفظ نه هئا جو چئي سندس ٿورو مڃي ها. ان وقت حيرت ۾ وسيم ان ڇوڪريءَ جي اوچتو واري احسان ۾ اهڙيءَ ريت دٻجي ويو جو ڪنڌ کڻي مهرباني چوڻ جي به همٿ نه ٿيس. ان اڻڄاڻ ۽ سهڻيءَ سيرت جي مالڪ ڇوڪريءَ انسانيت جي ناتي وسيم جي مدد ڪري اهو ثبوت پيش ڪيو ته دنيا ۾ اڃا به چڱا انسان موجود آهن. وسيم انهن خيالن جي ڪن ۾ ٻڏل هو ته اوچتو سندس ڪنن تي آواز پيو.
هيءَ رسيد وٺ ۽ ٻئي شاگرد کي موقعو ڏي. ڪيشيئر کُتن لفظن ۾ وسيم سان ڳالهايو ۽ کيس رسيد دريءَ ويجهو ٽيبل تي اڇلائي ڏني.
ان آواز تي وسيم جيئن ئي هوش ۾ آيو ته ٽيبل تان پنهنجي رسيد کڻي ڇوڪرين واري قطار ۾ جيئن نهاريائين ته اهاڇوڪري پنهنجي في جمع ڪرائي ائين هلي وئي، جيئن سانوڻ جي موسم ۾ آسمان تان کنوڻ چمڪو ڏئي وسامي ويندي آهي.
وسيم رسيد وٺي قطار کان ٻاهر نڪري، اڳتي وڃي هڪ وڻ کي ٽيڪ ڏئي اڻڄاتل ڇوڪريءَ جي ساڻس مهربانيءَ واري ڳالهه تي سوچيندو رهيو. شديد گرميءَ جي ڪري سندس لڱ ساڻا ٿي پيا. نيٺ سوچن جي ڄار مان پنهنجو پاڻ ڇڏائي گھر ڏانهن روانو ٿيو.
اٿندي، ويهندي، کائيندي، پيئندي، هر ڪم ۾ وسيم جي ذهن تي صرف اها تات تاري هئي ته هي سڀ ڪجهه ڪيئن ٿي ويو، جنهن منهنجي ايڏي وڏي مدد ڪئي، آءٌ کيس مهرباني به نه چئي سگهيس، هو ڇا سوچيندي هوندي ته ڪم ظرف انسان سان ڀلائي ڪَيم. جنهن ٿورو مڃڻ به پسند نه ڪيو.
پنج ڏينهن مسلسل وسيم جي ذهن مٿان مهرباني چوڻ واري حسرت جا پکي ڦيرا ڏئي رهيا هئا. وسيم ان حقيقت کان نڪورو نا واقف هو ته مون يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ته پڙهڻ لاءِ ورتي آهي پر ڪهڙي خبر ته هو مستقبل جي ريشمي سُٽ جي جھنجھريل ڌاڳن جيان زندگيءَ ۾ جھنجھوڙجي ويندو. ان اڻڄاڻ ڇوڪريءَ جي مون ساڻ ڀلائي منهنجي زندگيءَ جي ڦيٿي جو رُخ ڪهڙي منزل ڏانهن موڙي ڇڏيندي؟ مون ڪهڙي مقصد لاءِ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي آهي پر منهنجي مقصدن کي عشق جي اُڏهي ڪهڙيءَ ريت اندر ئي اندر ۾ ڪمزور ڪري ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندي؟ ان جو اندازو وسيم کي نه هو. وسيم هڪ سادو سٻاجھڙو انسان لڳاتار پنج ڏينهن ڪارن ڪڪرن منجهه لِڪيل چنڊ جيان دنيا کان بي خبرخيالن ۾ گم رهيو.
سومر جو ڏينهن، نون آيل شاگردن جو پهريون ڏينهن هو. وسيم به صبح جو سهي سنبري يونيورسٽي پهتو، نون آيل شاگردن جي ڀليڪار لاءِ يونيورسٽي ۽ ڊپارٽمنٽ جي مک دروازن تي شاگردن کي ڀليڪار ڪرڻ جا وڏا وڏا بينر ٽنگيل هئا. نوان آيل سڀئي شاگرد خوشيءَ منجهان پنهنجي پنهنجي ڪلاسن ۾ وڃي ويهي رهيا، اها انساني فطرت آهي ته زندگيءَ ۾ ڪنهن به ڪم شروعات ۾ انسان جي جذبن ۾ سچائي، ڦڙتي، اڳتي وڌڻ جي انتها ۽ نمايان ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي خواهش نمايان نظر ايندي آهي پر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اهي جذبا ائين ختم ٿي ويندا آهن، جيئن ڪنهن گھر ۾ ڪنڍي جي لڳل بجلي جي جھٽڪن تي بلب جو فيوز اُڏامي ويندو آهي ۽ اهو بلب پوءِ خوبصورت ته نظر ايندو آهي، پر اهو ڪنهن ڪم جو ناهي رهندو.
وسيم به پنهنجي ڪلاس ۾ وڃي ڪلاس جي رکيل ڪرسين ۾ ٽيون نمبر واري قطار ۾ هڪ ڪُرسيءَ تي ويهي رهيو هر ڪو شاگرد هڪ ٻئي کي پنهنجو تعارف ڪرائي رهيو هو. سڀني جون نظرون ڪلاس روم جي اڳيان واري دروازي ۾ کپيل هيون ته ڪهڙي وقت پروفيسر صاحب ايندو.
پروفيسر صاحب وقت مطابق ڪلاس روم ۾ پهتو، سڀني شاگردن پهرين ڏينهن جي عظيم جذبن مطابق وڏي ادب منجهان اُٿي بيهي سلام ڪيو.
منهنجو نالو پروفيسر برڪت گل آهي، آءٌ اوهان کي ڪمپيوٽر جو سبجيڪٽ پڙهائيندس. پروفيسر صاحب وڏي ادب ۽ اخلاق سان سڀني شاگردن کي سلام جو جواب ڏئي ڀليڪار ڪندي پنهنجو تعارف پڻ ڪرايو.
پروفيسر برڪت گل بورڊ مارڪر سان بورڊ تي عنوان لکڻ شروع ڪيو ته ڪلاس روم جي اڳيان واري دروازي تي ٻن ڇوڪرين اچي ڪلاس ۾ اندر اچڻ جي اجازت گھري. انهن ٻنهين ڇوڪرين جي دير سان ڪلاس ۾ اندر اچڻ تي ڪلاس ۾ ويٺل مڙني شاگردن جون نظرون انهن ڏانهن ڦري ويون. وسيم جيئن ئي ڪنڌ کڻي انهن ڏانهن نهاريو ته انهن ٻن ۾ هڪ اُها ئي ڇوڪري هئي جنهن ساڻس ڪجهه ڏينهن اڳ في واري معاملي ۾ مدد ڪئي هئي.
ٻئي ڇوڪريون ڪلاس ۾ پهرين صف ۾ ڇوڪرين واري قطار ۾ خالي پيل ڪُرسين تي ويهي رهيون.
ليڪچر شروع ڪيو ويو، مڙني شاگردن جا تازه تازه جذبا هئا، پوري توجه ۽ شوق سان هر ڪو ليڪچر سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
وسيم جنهن خواهش ۽ جذبن جي بنياد تي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي هئي، اڄ پهرين ڏينهن ئي ان وسيم جا جذبا اوچتو هوا جي گھلڻ سان واريءَ تي ٺهيل گھر جي ڊهڻ کان پوءِ ٻيو روپ اختيار ڪرڻ واري عمل جيان ڪنهن گهري سوچ ڏانهن تبديل ٿي چڪا آهن. پروفيسر صاحب جو ليڪچر پورو ٿيو، سڀئي ڪلاس روم مان نڪري هيڏانهن هوڏانهن هليا ويا، ڇاڪاڻ ته ٻيون پيريڊ خالي هو، وري ٽئين پيريڊ ۾ کين ڪلاس روم ۾ اچڻو هو. وسيم ان وقت پنهنجي ڪُرسيءَ تان اُٿيو، جنهن وقت اُها شاگردياڻي اُٿي ڪلاس روم کان ٻاهر نڪتي.
وسيم بغل ۾ ٿيلهو لڙڪائي، تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو وڃي ان جي ڀرسان بيٺو.
ايڪس ڪيوز مي! جيڪڏهن اوهان ناراض نه ٿيو، اوهان سان ڪجهه ڳالهائڻو آهي. وسيم تڪڙا تڪڙا قدم کڻڻ سبب سهڪي رهيو هو، سهڪندي ان ڇوڪريءَ جي آڏو اچي چهري تي معصوميت سجائي ڳالهائڻ جو عرض ڪيو.
اوهان؟ اوهان ڪهڙي ڊپارٽمنٽ ۾ آهيو؟ ان ڏينهن اوهان ڏاڍا گھٻرايل هئا، خير منهنجو نالو اريبه آهي، مون ڪمپيوٽر ڊپارٽمنٽ ۾ داخلا ورتي آهي. ان ڏينهن اوهان جي چهري تي معصوميت ۽ نماڻائي هڪ باشعور شخصيت ۽ خانداني انسان هئڻ جو ثبوت پيش ڪري رهي هئي. ان لاءِ مون اوهان جي مدد ڪرڻ بهتر سمجهيو. الا ساري، اوهان کي مون سان ڪجهه ڳالهائڻو هو. جي حڪم ڪيو ۽ ها، اوهان به ته پنهنجو تعارف ڪرايو. اريبه پنهنجائپ واري انداز ۾ بي تڪلف ٿي ڳالهايو.
منهنجو نالو وسيم آهي. منهنجو ٻيو ڪو به ڪم نه آهي، بس آءٌ اوهان جو ٿورو مڃيندي اوهان کي ٿئنڪ يو چوڻ لاءِ آيو آهيان. ٻي ڳالهه ته اريبه آءٌ ان ڏينهن پريشان هجڻ سبب اوهان کي ٿئنڪ يو نه چئي سگهيس، جڏهن ته منهنجو فرض هو ته آءٌ ان ڏينهن ئي اوهان جو شڪريو ادا ڪيان ها، پر تمام گھڻي معذرت. ان ڏينهن اوهان مون تي وڏو احسان ڪري ڇڏيو، جيڪو آءٌ لاهي ته نه سگهندس، پر ها ڳائيندس ضرور. حقيقت پُڇو ته ان ڏينهن جيڪڏهن اوهان منهنجي مدد نه ڪريو ها ته هن سال به منهنجي داخلا نه ٿي سگهي ها. وسيم ڪنڌ هيٺ ڪري عاجزانه انداز ۾ اريبه سان مخاطب ٿيو.
هن سال به؟ ڇا مطلب، ڇا اوهان جي داخلا گذريل سال نه ٿي سگهي هئي؟ اريبه ٿورڙي تيز آواز ۾ حيران ٿيندي وسيم کان سبب معلوم ڪرڻ چاهيو. جي ها اريبه، ان وقت مون وٽ داخلا في گڏ ٿيل نه هئي، جنهن ڪري گذريل سال آءٌ رهجي ويُس. وسيم اريبه کي پنهنجو هڏ ڏوکي سمجهندي پنهنجي مجبوري ٻڌائي.
بهرحال، هر شيءَ جو هڪ وقت مقرر آهي. هن سال اوهان ڪهڙي ڊپارٽمنٽ ۾ داخلا ورتي آهي؟ اهو ته ٻڌايو؟ اريبه، وسيم کان پڇيو.
منهنجي داخلا پڻ ڪمپيوٽر سائنس ۾ ئي ٿي آهي. ڪلاس ۾ اوهان جي ڪُرسيءَ جي پويان ئي ويٺو هيُس. وسيم وراڻيو.
الا! واهه واهه، ان جو مطلب ته اسين ڪلاس فيلو به آهيون، اها ته ڏاڍي خوشيءَ جي ڳالهه آهي. اريبه رڙ ڪندي خوشيءَ منجهان وسيم کي اهڙيءَ طرح جواب ڏنو، جيئن ڪا زندگيءَ جي وڏي خوشخبري ملي هُجيس.
اريبه! اهو ٻڌايو اوهان کي هن وقت ڪو ضروري ڪم ته نه آهي؟
وسيم! نه نه بلڪل نه پهريون ڏينهن آهي مونکي وري ڪهڙا ڏونگر ڏارڻا آهن. اوهان حڪم ڪريو؟ وسيم مؤبانه انداز ۾ چيو.
اهو حڪم وري ڇا ٿيندو آهي؟ دوستيءَ ۾ ڪو به حڪم نه هوندو آهي. دوستيءَ ۾ ته هجت هلندي آهي. اريبه مُنهن خراب ڪندي ناراضگيءَ وارو انداز اختيار ڪندي چيو.
وسيم پنهنجا ٻئي هٿ ڪنن تي رکي چيو اڇا بابا غلطي معاف آئينده اهڙي غلطي نه ڪندس.
ٺيڪ ته پوءِ اڄ منهنجي پاران ڪولڊ ڊرنڪ ٿي وڃي؟ اريبه چيو جيڪا اوهان جي رضا. وسيم خوشيءَ ۾ اريبه کي ڪينٽين ڏانهن هلڻ لاءِ هٿ جو اشارو ڪيو ۽ ٻئي ڪينٽين ڏانهن هليا ويا. ڪولڊ ڊرنڪ پيئڻ سان گڏ هڪ ٻئي سان حال احوال ڪندي پيريڊ جو وقت ٿي ويو، ٻئي ڪلاس روم ۾ اچي ويٺا.
يونيورسٽيءَ ۾ پهرين ڏينهن تي ئي اريبه ۽ وسيم جي گڏ گھمڻ، ڪينٽين تي گڏجي ڪولڊ ڊرنڪ پيئڻ ۽ گڏجي ڪلاس روم ۾ داخل ٿيڻ واري عمل تي سندن هم ڪلاسي حيرت ۾ هئا ته هي پاڻ ۾ سوٽ، ماسات آهن يا پاڙيسري آهن؟ جيڏا مُنهن اوتريون ڳالهيون. هر ڪو پنهنجي حساب سان سوچي رهيو هو پر اها حقيقت هئي ته هر هڪ جي توجه اريبه ۽ وسيم جي پاسي هئي. پر وسيم ۽ اريبه تمام خوش هئا.
هاڻي روزانو جو معمول ٿي ويو ته يونيورسٽيءَ ۾ فري پيريڊ دوران اريبه ۽ وسيم ڪينٽين تي ڪولڊ ڊرنڪ يا چانههِ پيئندا هئا. ڪلاس ۾ به هڪ ٻئي جي ڀر واري ڪُرسيءَ تي ويهندا هئا.
وسيم حيدرآباد کان يونيورسٽي جي پوائنٽ تي ايندو هو. اريبه سيوهڻ کان پنهنجي ڪار ۾ ايندي هئي. اريبه جو والد پوليس کاتي ۾ ڊي، ايس، پي هو.
وقت گذرڻ سان اريبه ۽ وسيم هڪ ٻئي جي خانداني ڄاڻ کان سهڻيءَ ريت واقف ٿي چڪا هئا. اريبه کي، وسيم جي هنر مند هجڻ ۽ پنهنجي محنت پاڻ تحت اڳتي وڌڻ واري جذبي تي وڏو ناز هو. هڪ ٻئي جي دل ۾ محبت جو ٻوٽو پنهنجا گونچ ڪڍڻ لڳو. محبت جي ٻوٽي جي تازن تازن ننڍڙن، سُهڻن، پيارن ۽ ساون پنن جي خوبصورتي ۽ سرهاڻ ٻنهين جي روح کي راحت بخشي رهي هئي. هر وقت هڪ ٻئي جي تات ۾ ٻڏل رهندا هئا. هڪ ٻئي جي من ۾ سچائي، محبت ۽ خلوص جا گل آهستي آهستي ٽڙندا رهيا.
محبتن جي گلن جي واکاڻ سان ٻنهين جون دليون ائين ته واسجي ويون جو هاڻي اريبه پهريون وسيم کي حيدرآباد تائين پنهنجي گاڏيءَ ۾ ڇڏي، پوءِ پنهنجي گھر سيوهڻ ڏانهن رُخ ڪندي هئي.
ايترو وقت هڪ ٻئي سان گڏ هجڻ باوجود به شام جي پهر هڪ ٻئي کان ڌار ٿيڻ وقت هڪ پاسي شفق آفتاب جو منظر ته ٻئي پاسي سندن چهرن تي ڪجهه پل جي جدائيءَ جي مايوسيءَ سبب اکين آڏو اونداهه دلين ۾ محبت جي سچائيءَ جو ثبوت پيش ڪري رهيو هو. وسيم ۽ اريبه جي حالت ٻئي ڏينهن صبح تائين سَرءَ جي مند ۾ تتل اُس ۾ بيٺل پن ڇڻيل ڪنهن وڻ جيان ٿي ويندي هئي. ٿر جي ٿوهر جيان ڪنڊَن ڀريل جسم، اداس جيون، حياتيءَ ۾ جون جولاءِ جي نٽهڻ اُس ۾ باههِ جا ڪرندڙ اولا محسوس ڪندي، رات جا ٻه پهر به پاسا بدلائيندي نيڻن ۾ هڪ ٻئي جو عڪس سمائيندي، مستقبل جي سونهري خوابن جي ساڀيان ٿيڻ جي اميد تي ۽ دل کي صبح جو ٻيهر ملڻ جي آٿت ڏيندي گذرندا هئا، نيٺ صبح جو سِجُ هلڪي هلڪي روشنيءَ جي ڪرڻن سان رات جي اداسيءَ واري اوندهه کي شڪست ڏئي دنيا کي روشن ڪيو. شفق آفتاب جي آڪاش تي ڇانيل ڳاڙهاڻ ٻنهين جي من اندر بهار جي ٿڌڙي هير گھلائي دل کي سُڪون پهچائي ڇڏيو. اها حقيقت آهي ته جڏهن زندگيءَ ۾ خوشين جا در کليل هوندا آهن ته هر پاسي کان ڏکڻ جي هير جهڙيون هوائون گھلندي محسوس ٿينديون آهن. زندگي بهار جي مند جي دلڪش نظارن جيان پر لطف ٿي ويندي آهي. خيالن، سوچن ۽ نگاهن ۾، هر پيچري، هر واٽ تي ساوڪ ئي ساوڪ نظر ايندي آهي.
وقت جي گھڙيال جو ڪانٽو ڦرندو رهيو، ڪا خبر ئي نه پئي کل، خوشيءَ ۾ ٽي سيمسٽر گذري ويا، آخري سيمسٽر جا امتحان ٿيڻ وارا هئا، سڀئي شاگردَ فائنل جي امتحانن جي تياريءَ ۾ رُڌل هئا. جن شاگردن جي پوزيشن اچڻ جا امڪان هئا، انهن پيپرن جي تياريءَ ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو هو. وسيم ۽ اريبه واري پريت جي پيچ پائڻ کان شاگرد واقف هئا. ڪجهه ڏينهن کان وسيم جو چهرو ڪنهن شاعر جي ڊائريءَ ۾ وڏي عرصي کان رکيل گلاب جي گل جيان ڪوماٽيل ۽ بي رونق هو. ان بي چينيءَ جا ڪرڻا اريبه جي دل ۽ سندس جذبن کي اُداس ۽ ڪمزور ڪري رهيا هئا. نيٺ اريبه، وسيم کي ڪلاس ۾ پڙهڻ بدران يونيورسٽيءَ جي ڪينٽين ڏانهن وٺي وئي. وسيم کان اداسي جو ڪارڻ پڇڻ چاهيو.
وسيم ڇا ڳالهه آهي؟ اڄ ڪلهه تون اُداس، منجهيل ۽ پريشان ٿو نظر اچين، تون هميشه پنهنجي دل جي ڳالهه يا پريشاني مون سان ضرور ونڊيندو آهين، پر ڪجهه ڏينهن کان تون اداس هجڻ باوجود مون سان ڏک نه ٿو ونڊين. وسيم اسين هڪ رستي تي هلندڙ هڪ انسان جا ٻه پاڇا آهيون. تنهنجي چهري تي مُرڪ ڏسي منهنجي جيون ۾ بهار جون ٿڌڙيون هوائون گھلي پونديون آهن ۽ منهنجي مرڪڻ سان تنهنجو جيون عدن جيان ٻهڪندو نظر ايندو آهي. پوءِ اڄڪلهه ائين ڇو؟ اريبه پنهنجي دل جا جذبا لفظن جي صورت ۾ وسيم آڏو پيش ڪندي حقيقت معلوم ڪرڻ چاهي.
آءٌ ڇا ڪيان اريبه، آءٌ نه ٿو چاهيان ته پنهنجي ڪُلهن تي آيل ڳڻتين جا شهتير تنهنجي ڪُلهن تي رکي تو کي به اُداس ڪيان. آءٌ پاڻ ته اُداسي جي آڙاهه ۾ سڙان پيو پر تون به مون سان گڏ سڙين آءٌ اهو برداشت ڪري نه سگهندس. پر تنهنجي ڳالهين ان حقيقت کي واضح ڪري ڇڏيو ته ان اُداسيءَ جو وزن تنهنجي مٿان به آهي. اريبه اسين هڪ ٻئي جي اداس جذبن کي جڏهن پرکي ئي ورتو آهي ته پوءِ ڇو نه ڪو حل ڳولهڻ گھرجي.
اريبه آءٌ هڪ غريب گھراڻي سان تعلق ٿو رکان. بجليءَ جو ڪم ڪري گھر ۽ تعليم جو خرچ پورو ٿو ڪريان. اوهان جو تعلق هڪ شاهوڪار گھراڻي سان آهي. گھر ۾ هر قسم جي آسائش موجود آهي. تون به ڄاڻين ٿي ته ڪجهه ڏينهن ۾ امتحان ٿيندا، امتحانن کان پوءِ اسين هڪ ٻئي کان سواءِ نه رهي سگهندا سين، منهنجي جسم ۾ تنهنجو ۽ تنهنجي جسم ۾ منهنجو روح سمائجي چڪو آهي. اريبه مون ڪيترائي ڀيرا پنهنجي گھر وارن کي پنهنجي رشتي لاءِ راضي ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي پر منهنجي گھر جا ڀاتي اسان جي معاشري جي ٺاهيل فالتو ۽ نفرتون ڦهلائيندڙ رسم ۽ رواج پٽاندڙ اميري ۽ غريبي جي ذهني فرق ۽ نفرتن سبب اوهان جي گھر رشتو کڻي اچڻ جي حام ڀرڻ لاءِ به تيار نه آهن. اريبه ان ڳڻتيءَ منهنجي دل کي گھاءَ ڏئي ڇڏيا آهن. اريبه جي لفظن سان وسيم جي جذبن ۾ همت پيدا ٿي وئي ۽ وسيم ڳالهه کي ٻيهر جاري رکندي پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌائي دل ۽ ذهن تان وزن هلڪو ڪيو. اريبه ڏينهن جي روشني، هجڻ باوجود مونکي هر پاسي اوندههِ ٿي محسوس ٿئي. رات جو تارن جي روشني ۽ چنڊ جي چانڊاڻ هاڻي ته منهنجي اکين ۾ چڀڻ لڳي آهي. تو منهنجي اندر ۾ جهاتي پائي، دل ۾ ٻرندڙ آڙاهه جو اندازو ڪيو ته آءٌ ڪهڙيءَ ريت هڪ پتنگ جيان سڙي رهيو آهيان. هاڻي تون ئي مونکي ٻڌاءِ ته آءٌ ان آڙاهه ۾ سڙي ڀسم ٿي وڃان يا تون مونکي ان باههِ مان ڪڍي، جيئن ٿر ۾ وسندڙ سانوڻ جو مِينهن ٿر جي انسانن، جانورن ۽ پکي پکڻ جي زندگيءَ ۾ خوشحالي پيدا ڪري ڇڏيندو آهي. هر پاسي ساوڪ ئي ساوڪ ۽ خوشگوار ماحول نظر اچي رهيو هوندو آهي. مونکي پيار جي اوسئڙي ۾ همت ۽ حوصلي جي طاقت سان طاقتور ڪري ان آڙاهه مان ڪڍڻ جي سگهه بخشي سگهين ٿي.
وسيم تو ايترو جلدي نا اميدي جي چادر ڇو ويڙهي آهي؟ ڇا جي لاءِ تون پنهنجي پيار کي مايوسين جي دلدل ۾ ٻڏندو ٿو ڏسين؟ ڇا تو کي منهنجي مٿان يقين نه آهي؟ ڇا تون مون کان سواءِ نه رهي سگهندين ته آءٌ تون کان سواءِ رهي سگهنديس؟ جڏهن آءٌ تو سان گڏ آهيان، آءٌ مرڻ گھڙيءَ تائين تنهنجي آهيان ۽ تنهنجي ئي رهنديس. مونکي تنهنجي مٿان يقين آهي ته تون به منهنجي مٿان يقين رک ته اسين هڪ ٻئي کان سواءِ ڪو به اهڙو قدم نه کڻنداسين. پوءِ تون ڇا لاءِ وسوسن جي ڪاري ڪُن ۾ غوطا پيو کائين؟ اريبه ناراضگي ۽ افسوس جو اظهار ڪرڻ سان گڏ وسيم جا حوصلا بلند ڪيا. ۽ هميشه گڏ رهڻ جو دلاسو ڏنو.
تنهنجا والدين ان رشتي کان انڪار ته نه ڪندا؟ وسيم ٻيهر دل کي آٿت ڏيڻ لاءِ اريبه کان پڇيو. مونکي يقين آهي ته منهنجي امڙ ۽ بابا منهنجي ڳالهه نه ٽاريندا. اريبه خود اعتماديءَ سان وسيم جي هٿ مٿان هٿ رکي تسلي ڏيندي وراڻيو.
آءٌ اوهان جي گھر پنهنجي هڪ دوست جي والدين کي رشتي لاءِ موڪليندس، تون پنهنجي امي ۽ ابو کي حقيقت کان آگاهه ڪري ڇڏجانءِ ته وسيم جو پيءُ ۽ والده ساده ۽ ڳوٺاڻا ماڻهو آهن، کين مٽي مائٽي يا رشتن جي ڳالهين ڪرڻ جو ڏانءُ ڪونهي، ان ڪري سندس دوست جي امڙ ۽ والد رشتي لاءِ ايندا. رهي ڳالههِ مٺائيءَ جي ان وقت اُهي ساڻ گڏ کڻي ايندا. وسيم، اريبه کي پوري ڳالهه سمجهائي.
تون فڪر نه ڪر، امتحان ٿي وڃن، پوءِ تون جنهن کي به موڪلڻ چاهين، موڪلجانءِ. باقي سڄو ڪم آءٌ پاڻ سنڀالينديس. هاڻي ته ڳڻتين جو ڳاٽو ڀڃي چهري تي مُرڪ سجائي منهنجي دل کي تسلي ڏي ته تون پريشان نه آهين. ۽ اگر نه ته پوءِ آءٌ ناراض ٿي ويندي سانءِ. اريبه هٿ جي اشهد آڱر سڌي ڪري ڌمڪي ڏيندي چيو.
وسيم وڏو ٽهڪُ ڏئي اريبه جو هٿ پڪڙي، کيس ڪُرسيءَ تان اٿاريو، ٻئي ٽهڪ ڏيندا ڪينٽين کان ٻاهر نڪري ويا. وسيم جي اداسي هينئر خوشيءَ ۾ بدلجي وئي. ٻنهين پيپرن جي تياري سهڻيءَ ريت ڪرڻ جو هڪ ٻئي سان وچن ڪيو.
نيٺ کلندي، مُرڪندي دم ديدار به ٿيندو رهيو ته پيپرن جا ڏينهن به پڄاڻيءَ تي پهتا.
وسيم سُتت ئي پنهنجي دوست احمد جي والد ۽ والده کي اريبه جو رشتو گھرڻ لاءِ تمام ڳالهيون سمجهائي تيار ڪيو. جڏهن ته وسيم جي گھر جا ڀاتي ان رشتي مان بلڪل راضي نه هئا. گھر جو هر هڪ ڀاتي وسيم کي ان ڳالهه تان هٽي وڃڻ جي نصيحت ڪري رهيو هو. پر وسيم جي ذهن تي محبت جو ڀوت سوار هو ان ڪري وسيم ڪنهن جي به نه ٻڌي ۽ نه ئي وري گھر جي ڀاتين وسيم جي پرولي سلڻ جي ڪوشش ڪئي.
آچر جو ڏينهن هو. احمد جو والد ۽ والده، اريبه جي گھر سيوهڻ پهتا، وسيم ۽ اريبه جو مسلسل فون تي رابطو جاري هو. ڪجهه دير کان پوءِ اريبه جي نمبر تان پاور آف جو اطلاع اچي رهيو هو. وسيم وڏا وَس ڪيا پر رابطو نا ممڪن هو. وسيم جي ذهن ۾ ٻيهر وسوسن جون طوفاني هوائون گھلڻ لڳيون. وسيم جولاءِ جي نٽهڻ اُس ۾ تَتل واريءَ جي ڍير تي تڙپندڙ ڪنهن سزا يافته قيديءَ جيان تڙپي رهيو هو. هو ايترو ته بي چين هو جو نه ويهڻ ۾ آرام نه ئي ڪنهن هڪ جاءِ تي بيهڻ ۾ سُڪون هيس. هو لڳاتا هڪ جاءِ تي هيڏانهن هوڏانهن ڦري رهيو هو. اريبه سان رابطو نه ٿيڻ جي ڳڻتيءَ ۾ هو پنهنجي هٿ جي مٺ بند ڪري وَسَ آهر آڱرين جو زور ڏئي ٿڌا ساهه ڀري ڳڻتيءَ ۾ ڳاڙهو ٿي چڪو هو. اوچتو سامهون هِڪ ڪار اچي بيٺي، ان مان احمد جو والد دروازو کولي ٻاهر نڪري آيو. ان تي نظر پوندي ئي وسيم جي جسم ۾ ساههُ پئجي ويو. وسيم يڪدم تڪڙا قدم کڻي احمد جي والد جي ڀرسان پهچي ساڻس هٿ ملائي حال احوال معلوم ڪرڻ چاهيو.
احمد جي والد اسد پنهنجا ٻئي هٿ وسيم جي پٺاڙن تي رکي نيڻ جھڪائي، پٽ! اريبه جي پيءُ ۽ ڀائرن صاف انڪار ڪري ڇڏيو ۽ هو اسان تي تمام گھڻو ناراض ٿيا. بلڪه ٻيهر اچڻ کان سختيءَ سان منع ڪري ڇڏيائون. ها اريبه جي والد ايترو چيو ته اوهان جنهن ذات سان تعلق رکو ٿا، ان ئي ذات وارن اٺ سال اڳ منهنجي وڏي پُٽ جو قتل ڪيو هو. هاڻي اها ڳالهه نا ممڪن آهي ته آءٌ پنهنجي نياڻيءَ جو رشتو ان ذات ۾ ڪيان، مهرباني ڪري ٻيهر اهڙي ڪا به اميد ڪري نه ايندا. وسيم جي پيرن هيٺيان زمين نڪري وئي، جسم مان اڌ ساههُ ڇڏائجي ويُس. اکين آڏو اونداهه ٿي وئي، اوچتو موبائل جي گھنٽي وڳي، وسيم ڏٺو ته اريبه جو نمبر هو، هن يڪدم ڪال رسيوِ ڪئي.
اريبه هي ڇا ٿي ويو؟ تو ڇا چيو هو؟ ڇا تون مون کان سواءِ رهي سگهندينءَ؟ وسيم اڃان به ڳالهائڻ چاهي پيو پر ڳالهائي نه سگهيو.
سڀاڻي صبح جو 9 بجي يونيورسٽيءَ جي مين دروازي وٽ آءٌ به اينديس ۽ تون به اچجان، گڏجي ڪورٽ ميرج ڪندا سين. اريبه ايترو ڳالهائي ڪال ڪٽي ڇڏي ۽ فون بند ڪري ڇڏيائين.
صبح جو سوير وسيم سهي سنبري يونيورسٽي جي دروازي وٽ بيهي اريبه جو انتظار ڪندو رهيو، ڪجهه دير ۾ وقت مطابق اريبه به پنهنجي ڪار ۾ پهتي. ٻئي ڪار ۾ عدالت پهتا. هڪ وڪيل ڪري جج آڏو بيان ڏئي جج جي اجازت سان نڪاح پڙهائي هڪ ٻئي جي زندگيءَ جو هميشه جي لاءِ همسفر ٿيڻ تي هڪ ٻئي کي مبارڪ ڏنائون. پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي ماڻڻ تي ڏاڍو خوش ٿيا. منجهند جي ماني ٻنهين گڏجي زال ۽ مڙس جي ناتي حيدرآباد جي هڪ نامياري هوٽل ۾ کائڻ ويا.
وسيم ۽ اريبه جي زندگيءَ ۾ نڪاح کان پوءِ خوشين ۽ نين خواهشن جو هڪ نئون باب کليو هو. ٻئي هڪ ٻئي ڏانهن پيار ۽ محبت منجهان غور سان نهاري بار بار مسڪرائي رهيا هئا. سندن چهري جي مُرڪ هڪ ٻئي جي نيڻن کي ٺاري رهي هئي. وسيم بنا ڪنهن موڙ ۽ ڳاني جي هڪ ساده لباس ۾ به اريبه کي چوڏهينءَ جي چنڊ کان وڌ چمڪندڙ ۽ حسين، جميل نظر اچي رهيو هو. اريبه بغير شراري، سون ۽ گھونگھٽ جي به وسيم کي عام لباس ۾ نوريءَ جي سادگيءَ جيان سهڻي ڪُنوار لڳي رهي هئي. سندس هٿ بنا مهنديءَ جي وسيم کي گلاب جي گلن جي ٽڙيل پتن جيان ڳاڙها ۽ خوشبوء دار اکين کي ٿڌڪار ۽ دل کي راحت بخشي رهيا هئا. ٻنهين جي ڏنل آرڊر مطابق بيري ماني اچي ٽيبل تي رکي. مانيءُ جو پهريون گرههُ ٻنهين هڪ ٻئي کي وڏي محبت ۽ پيار منجهان کارايو ۽ باقي ماني هڪ ئي پليٽ ۾ گڏجي کاڌائون. ماني کائڻ بعد هوٽل مان نڪري گاڏيءَ ۾ اچي ويٺا، اريبه هميشه جيان وسيم کي سندس گھر جي ويجهو ڇڏي پاڻ پنهنجي گھر سيوهڻ هلي وئي.
شام ٿي چُڪي هئي، اريبه گھر ۾ داخل ٿي، پنهنجي ڪمري ۾ پرس ۽ چادر رکي، ماءُ جي ڪمري داخل ٿي. سندس ماءُ پلنگ تي ويٺي ڪنهن سهيليءَ سان فون تي ڳالهائي رهي هئي. اريبه کي ڪمري ۾ ايندي هُن سهيليءَ کي بعد ۾ فون تي ڳالهائڻ جو چئي ڪال ڪٽي ڇڏي. اريبه جي ماءُ رضيه اوچتو اريبه کي پنهنجي ڪمري ۾ ايندو ڏسي حيرت ۾ پئجي وئي. ڇاڪاڻ ته اريبه سندس ڪمري ۾ تمام گھٽ ايندي هئي.
اچ! ڌيءَ خدا خير ڪري، ڇا ٿيو آهي؟ رضيه يڪدم حيرت منجهان پنهنجا ٻئي هٿ سيني تي رکي اريبه سان مخاطب ٿيندي چيو. امان اوهان سان ڪجهه ڳالهائڻو آهي، اريبه ماءُ سان اڄ پهريون ڀيرو بي رُخيءَ واري انداز ۾ پيش ايندي ڳالهايو.
ڌيءُ! اها به ڪا پڇڻ جي ڳالهه آهي، اچ جيڪي حال اورڻا اٿئي اچي اور پُٽ. ڀلا تون مون سان ڳالهيون نه اوريندينءَ ته ٻيو ڪنهن سان اوريندينءَ؟ رضيه وڏي محبت ۽ شفقت واري انداز ۾ اريبه سان ڳالهائيندي چيو.
امان. ..... اريبه خاموشي اختيار ڪئي.
ڌيءَ ڇا ٿيو آهي؟ تون گھٻرايل ٿي نظر اچين. رضيه، اريبه جو هٿ پڪڙي حيرت منجهان چيو.
امان! مون ڪورٽ ۾ وسيم سان شادي ڪري ڇڏي آهي. اريبه هڪدم همت ڪري ماءُ کي چئي ڏنو.
گھوڙا ڙي! چوري هي ڇا ڪري ڇڏيئي، خاندان جي عزت ڌوڙ ۾ مِلائي ڇڏيئي. ٿورو پيءُ ۽ ڀائرن جي عزت جو خيال ڪرين ها، رضيه ٻئي هٿ پنهنجي گوڏن تي زور سان هڻي مٿو پٽيندي اريبه کي روئيندي چيو. اريبه ماءُ جون ڳالهيون در گذر ڪندي ڪمري کان نڪري پنهنجي ڪمري ۾ اندران دروازو بند ڪري ويهي رهي.
رضيه روئندي رڙندي فون ڪري مڙس واجد کي جلد ئي گھرائي حقيقت کان آگاهه ڪندي حوصلي سان ۽ ڌيرج سان فيصلو ڪرڻ جي هدايت ڪئي. واجد پڻ ڊي، ايس، پي هو. في الحال ته اچرج ۾ پئجي ويو، پر همت ۽ عقلمنديءَ مان ڪم وٺندي ڪجهه دير لاءِ صبر اختيار ڪري پُٽ کي فورن گھرائي ورتائين. اريبه جو ڀاءُ ماجد به پهچي ويو، گھر ۾ ماٺار اچي وئي. سڀني گھر ڀاتين جا حواس ڪم ڪرڻ ڇڏي ويا. گھر جي ڪنهن به ڀاتيءَ اريبه جي ان حرڪت ڪري ساڻس ڳالهائڻ پسند نه ڪيو ۽ نه ئي هوءَ ٻاهر واءُ سواءُ لهڻ لاءِ ڪمري کان ٻاهر نڪتي.
ڪيتري دير تائين گھر ۾ خاموشي ڇانيل هئي. هر ڪو پنهنجي عزت بچائڻ لاءِ عقل جا گھوڙا ڊوڙائي رهيو هو. پر وقت جي ڪوهيڙي سبب هر طرف ڌُنڌُ ڇانيل هو. نيٺ! اوچتو واجد اُٿيو، ۽ پُٽ کي هٿ جو اشارو ڪري ٻاهر وٺي ويو. ٻئي مرد ٻاهر نڪري ويا، رضيه جي سِسيءَ ۾ ساههُ نه هيو. ذهن ۾ مختلف وِسوِسا کيس پريشانين جي پڃري ۾ ستائي رهيا هئا.
رضيه ڪيتري دير دروازي ڏانهن تڪيندي رهي، پر ٻاهران ڪو به مرد گھر ۾ داخل نه ٿيو ۽ نه وري اريبه ڪمري جو در کولي ٻاهر آئي. رات جا ٻه ٿي رهيا هئا. اڪيلي عورت پريشانيءَ ۾ ڪري به ته ڇا ڪري. کيس ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو نيٺ رضيه قرآن پاڪ کڻي ڊرائنگ روم ۾ رکيل صوفن تي ويهي، يٰسين شريف جي تلاوت ڪرڻ شروع ڪئي. رضيه تلاوت ڪري ئي رهي هئي ته اوچتو دروازو کُليو، واجد ۽ سندس پُٽ ماجد گھر ۾ داخل ٿيا. واجد پوليس جي ورديءَ ۾ هو ۽ ماجد کي ڪاٽن جو جورو پاتل هو پر ٻئي پگھر ۾ تر هئا. رضيه ٻنهين کي ڏسي تلاوت اڌ ۾ ڇڏي قرآن پاڪ صوفن جي ڀر ۾ رکيل ننڍي اسٽول تي رکي انهن ڏانهن تڪڙي تڪڙي وڌي.
واجد ڪيڏانهن ويو هئين؟ اريبه ته غلط قدم کنيو پر تون ڪو اهڙو قدم نه کڻجانءِ جو سڄي حياتي ڪنڊا ڪڍڻا پون. خدا جي واسطي ڪجهه سمجهه مان ڪم وٺو، نياڻي ٻار آهي، هن ته اوهان جي عزت جو نه سوچيو پر اسان ته وڏا آهيون، سوچ ۽ سمجهه سان مسئلي جو حل ڳولهڻ گھرجي. اريبه جيڪا باههِ ٻاري آهي، اها وسائڻ جي ڪوشش ڪجي ته بهتر آهي. ڏاها ٿيو، وڌيڪ باههِ نه ٻاريو. ائين نه ٿئي جو جھڳو جھڻ ٿي وڃي. ماجد پُٽ تون ابي کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪر. رضيه ٻئي هٿ ٻڌي ٻنهين کي نماڻو عرض ڪندي چيو.
امان! تون ٿَڪل آهين، اسين ڪو به اهڙو قدم نه کڻنداسين، تون دلجاءِ ڪر ان مسئلي جو حل سڀاڻي گڏجي ڪڍنداسين. ماجد رضيه کي تسلي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. واجد رضيه کي هٿ کان وٺي پنهنجي ڪمري ڏانهن آرام ڪرڻ لاءِ وٺي ويو. ماجد به پنهنجي ڪمري ۾ وڃي آرامي ٿيو.
رات جا ٽي ٿي رهيا هئا، اريبه کي بک ستايو، پر هوءَ والد ۽ ڀاءُ جي ڊپ کان ٻاهر نه نڪتي. ڪمري ۾ رکيل بسڪٽ کائي گذارو ڪيائين.
صبح جو 8 بجي واجد کي پوليس اسٽيشن پهچڻو هو. ناشتو ڪري هو وڃي رهيو هو ته رضيه کيس اڳيان بيهي عرض ڪيو ته نياڻيءَ کي معاف ڪر، غلطي ڪئي اٿئين، ڪالهه کان ڪمري ۾ بند آهي، وڃي تسلي ڏينس.
واجد رضيه جي منٿن کي ڏسندي نيٺ اريبه جي ڪمري ڏانهن ويو، ڪمري جو دروازو اندران بند هو، واجد ڪيترا ئي سَڏ ڪيا پر اندران ڪو به آواز نه آيو. واجد ۽ رضيه جي رڙين تي ماجد به پهچي ويو، گھڻي دير تائين آواز ڏيندا رهيا پر اندران ڪو به جواب نه مليو، نيٺ ماجد ڪمري جي دروازي جو لاڪ ٽوڙي جيئن ئي اندر داخل ٿيو ته اريبه جو لاش پکي ۾ لٽڪيل نظر آيو. اريبه جي ڳچيءَ ۾ رئو ڦاٿل هو. گھر ۾ ڪهرام مچي ويو، هڪ سڪيلڌي نياڻي، سا به خود ڪشي ڪري خالق حقيقيءَ سان وڃي ملي. ماجد همت ڪري روئندي اريبه جي ڳچيءَ مان آرام سان رئو ڪڍي لاش پلنگ تي رکيو. پلنگ جي سيرانديءَ کان رکيل اريبه جي موبائل تي رضيه جي نظر پئي، جيئن ئي رضيه موبائل کي چيڪ ڪيو ته ان جي اسڪرين تي هڪ ميسيج آيل هو، ان ۾ لکيل هو ته “حيدرآباد ۾ پوليس مقابلي دوران وسيم نالي هڪ دهشت گرد کي پوليس مقابلو ڪري ماري ڇڏيو آهي. سندس لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.”