خودڪشي
پارس تمام سُلڇڻي، فرمانبردار، محنتي ۽ متقي ڇوڪري هئي. هر هڪ سان ڳالهائڻ وقت فصاحت ۽ بلاغت جو خيال رکندي هئي. پارس جي ننڍ پڻ کان دلي خواهش هئي ته هوءَ دين جو رستو اختيار ڪري، قرآن پاڪ حفظ ڪري مڪمل طور تي عملي زندگي دين اسلام جي طور طريقن مطابق بسر ڪري. سندس دلي خواهش هئي ته آءٌ وقت جي هڪ بهترين قرآن پاڪ جي حافظه ۽ دين جي مڃيل عالمه ٿي ڏيکارينديس. پر سندس والدين پارس جي خواهش کي نا پسند ڪندي، پارس کي ڊاڪٽرياڻي بنائڻ جا خواهش مند هئا. جنهن ڪري ٻارهين ڪلاس جو امتحاني نتيجو بهتر کان بهتر اچڻ لاءِ صبح ۽ شام پارس تي ذهني دٻاءُ وجهندا رهندا هئا. پارس ذاتي خواهشن کي در گذر ڪندي ماءُ ۽ پيءُ جي خواهش جو مانُ رکڻ لاءِ انهن جي اميدن تي پورو لهڻ لاءِ هر مُمڪن ڪوشش ڪري رهي هئي. ان باوجود به سندس والدين ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي چوندا هئا ته پارس اسان جي اميدن تي پورو لهڻ جي هر گز ڪوشش نه پئي ڪري.
دنيا جو هر ماءُ ۽ پيءُ پنهنجي اولاد کي ڪامياب ۽ خوشحال ڏسڻ جي خواهش رکندي اولاد جي بهتر کان بهتر تربيت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. پر تربيت هڪ اهڙو مشڪل، پيچيده ۽ خاص عمل آهي، جنهن لاءِ والدين کي هر موڙ تي اولاد جي نفسيات کي سمجهڻو پوندو آهي. نه صرف سمجھڻ بلڪه برداشت ڪرڻ، پنهنجي جذبن جي قرباني، اولاد جا ناز نخرا ۽ سندن غلطين جي اصلاح لاءِ وقت ۽ عمر مطابق سوچي سمجهي قدم کڻڻو پوندو آهي. اهو ڏانءُ به ڪنهن ڪنهن جي قسمت ۾ هوندو آهي. پارس جي ماءُ شبنم ۽ سندس والد راحيل پارس سان بي انتها محبت ڪندا هئا. پر کين تربيت ڪرڻ جو ڏانءُ بلڪل نه هجڻ ڪري پارس هميشه ذهني طور تي اُلجهيل ۽ پريشان رهندي هئي. اهڙيءَ حالت ۾ به پارس پنهنجي پريشاني ڪنهن کي به محسوس ٿيڻ نه ڏيندي هئي.
پارس جنهن وقت به ڪنهن سبجيڪٽ جو ڪتاب کڻي امتحانن جي تياري ڪرڻ لاءِ ويهندي هئي ته سندس والدين پاران پوزيشن ماڻڻ وارو شرط کيس مايوس ۽ ڪمزور ڪري ڇڏيندو هو، هو ان ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويندي هئي ته آءٌ ڪهڙيءَ ريت پنهنجي والدين جي ان خواهش کي پورو ڪيان، ياد ٿيڻ وارا جواب به ذهن ۾ ٽڪي نه سگھندا هئا. جڏهن ته پارس جو حافظو ننڍ پڻ کان تمام بهترين هو. هوءَ رات جو دير تائين ويهي امتحانن جي تياري ڪندي هئي. ان دوران رات جي پوئين پهر ۾ جيڪڏهن سندس والد يا والده ڪمري ۾ داخل ٿيندي پارس کي پڙهندي ڏسندا هئا ته تمام خوش ٿي وڌيڪ محنت ڪرڻ جي تاڪيد ڪندي واپس پنهنجي ڪمري ۾ وڃي آرامي ٿيندا هئا.
پارس ننڍپڻ کان وٺي محنت ته تمام گھڻي ڪندي هئي پر اڄڪلهه سُٺن نمبرن حاصل ڪرڻ جي ڳڻتيءَ ۾ رات جي وقت ويهاڻي ۾ مُنهن لڪائي پئي روئندي هئي. افسوس جو پارس والدين جي سڪيلڌي ڌيءَ ته هئي پر سندس اهو درد ٻڌڻ ۽ سمجهڻ وارو ڪو به نه هو.
صبح جا 6 ٿي رهيا هئا، الارم جي وڄڻ تي پارس جي اک کلي. پارس پنهنجي وکريل وارن جو چوٽو ٺاهي مٿي تي رئو رکي مختصر انداز ۾ تيار ٿي، ناشتو ڪري ڪاليج هلي وئي. اڄ ٻارهين ڪلاس جي شاگردياڻين جو آخري پيپر هئڻ ڪري سڀيئي شاگردياڻيون تمام گھڻيون خوش نظر اچي رهيون هيون. پيپر جي پُڄاڻيءَ کانپوءِ ڪيترين ئي ڇوڪرين پاڻ ۾ گڏجي مختلف جاين تي کائڻ، پيئڻ ۽ تصويرن ڪڍرائڻ لاءِ پروگرام ٺاهيا هئا. انهن شاگردياڻين ۾ گھڻي قدر اهڙيون ڇوڪريون به هيون جيڪي پڙهڻ ۾ بلڪل سنجيده نه هيون. بلڪه تفريح کي گھڻو پسند ڪندڙ هيون. مگر والدين پاران انهن مٿان ڪنهن به قسم جي ڪا به سختي نه هئڻ ڪري هو پر سڪون زندگيءَ جو مزو وٺي رهيون هيون.
پارس پيپر ڏئي پنهنجي سهيلين سان بنا موڪلائڻ جي خاموشيءَ سان رڪشه ۾ ويهي گھر اچي پهتي.
پارس کي ماءُ ۽ پيءُ پاران گھر ۾ هر قسم جي آسائش هئي پر ذهني دٻاءَ سبب پارس لاءِ اهي سڀ آسائشون بي معنيٰ ۽ بيڪار هيون. ڇاڪاڻ ته انسان جڏهن ذهني طور تي پريشان يا جسماني طور تي بيمار هوندو آهي ته دنيا جي ڪا به شيءَ کيس نه وڻندي آهي.انهن ٻنهين مان وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ ذهني پريشاني هوندي آهي. ذهني پريشاني انسان لاءِ هڪ اها مصيبت آهي جنهن جي ڪري انسان ان پريشانيءَ جو حل تلاش ڪرڻ جي صلاحيت کان مڪمل طور تي محروم ٿي ويندو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ ان انسان جا ساٿي، دوست، مِٽ مائٽ، ڀينر، ڀائر، ماءُ ۽ پيءَ ان پريشانيءَ کان نجات ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. پر پارس جي زندگيءَ ۾ پريشاني پيدا ڪرڻ وارا ئي سندس ماءُ ۽ پيءُ هئا ته پوءِ مدد ڪري ته ڪير ڪري؟ پارس ته سڪيلڌي هئي، نه ڀاءُ ۽ نه ئي سندس ڪا ڀيڻ هئي. پارس جسماني طور ته صحتمند هئي پر ذهني طور اُلجهيل ۽ هڪ اهڙي ڳڻتيءَ جو شڪار هئي، جيڪا کيس اندر ئي اندر ۾ اُڏهيءَ جيان ڳاري رهي هئي.
ٽن مهينن کانپوءِ اخبارن ۽ ٽيليويزن ذريعي خبر پئي ته پهرين تاريخ تي ٻارهين درجي جو امتحاني نتيجو پڌرو ڪيو ويندو. شاگرد پنهنجو امتحاني نتيجو بورڊ جي ويب سائيٽ تي ڏسي سگهن ٿا. امتحاني نتيجو صبح جو ٺيڪ ڏهين بجي پڌرو ٿيڻو هو. راحيل ۽ شبنم کي نتيجي جي تمام گھڻي بي چيني هئي، پر پارس کي بي حد ڳڻتي هئي.
صبح جو ناشتو هڪ ڊائننگ ٽيبل تي سڀئي گڏجي ڪري رهيا هئا.
پارس! آءٌ آفيس ۾ ئي اوهان جو امتحاني نتيجو چيڪ ڪندُس. اميد آهي ته اوهان محنت مطابق ضرور %90 ماڻيندا. راحيل خوشيءَ منجهان وڏي فخر سان پارس کي چيو.
ها ها ڇو نه اسان جي پارس راتين جون راتيون اوجاڳا ڪري محنت ڪئي آهي ايترا نمبر ته ضرور لهڻي. شبنم ٻنهين سان مخاطب ٿيندي چيو.
ها بابا سائين، اوهان جون دعائون مونکي ضرور ڪامياب ڪنديون. پارس ظاهري طور خوشيءَ جو اظهار ڪندي چهري تي زبردستيءَ واري مُرڪ سجائي والدين کي جواب ڏنو.
ناشتو ڪري راحيل پنهنجو ٿيلهو کڻي آفيس هليو ويو. شبنم گھر جي ڪم ڪار ۾ مصروف ٿي وئي. پارس پنهنجي ڪمري ۾ ليپ ٽاپ تي انٽر نيٽ ذريعي ڪجهه معلوماتي ڳالهيون نوٽ ڪندي رهي.
منجهند جا ٻه ٿي رهيا هئا. شبنم کي اوچتو ذهن ۾ ڳالهه آئي ته پارس کان امتحاني نتيجو معلوم ڪري اچان.
اهو سوچي شبنم، پارس جي ڪمري وٽ پهتي ته دروازو اندران بند هو. شبنم دروازو کڙڪايو، پر ڪو به جواب نه مليو. بعد ۾ شبنم زور زور سان سڏ ڪرڻ لڳي پر ڪو به جواب ڪو نه مليو.
پارس جيڪڏهن امتحاني نتيجو نامناسب آيو آهي ته اهو ڪو لڪڻ يا بچڻ جو طريقو نه آهي. مونکي پريشان نه ڪر، جلدي در کول، شبنم ڪاوڙ ۾ دروازي ٻاهران پارس سان مخاطب ٿيندي لفظ دهرايا. ايتري ۾ راحيل به گھر پهچي ويو. پر راحيل تمام غم ۽ غصي جي حالت ۾ هو. شبنم کي پارس جي ڪمري ٻاهران در تي بيٺو ڏسي بنا ڪنهن سبب معلوم ڪرڻ جي شبنم سان مخاطب ٿيندي پنهنجي دل جي ڀڙاس ڪڍڻ شروع ڪيائين.
اسان کي ان ڇوڪريءَ مان جيڪي اميدون هيون سي پاڻيءَ منجهه ملي ويون. مونکي اڳ ئي اهو شڪ هو ته ان ڇوڪريءَ کي پڙهڻ جو ڪو به شوق نه آهي. هي جيڪي رات جو دير تائين ويهي ڪتابن جا ڍير رکي پڙهڻ جا ڊراما ڪندي هئي سڀ صرف ڏيکاءُ هيو. راحيل اچڻ سِت مسلسل ڳالهائيندو رهيو، شبنم کان پارس جي ڪمري ٻاهران بيهڻ ۽ دروازو بند رهڻ جو سبب به معلوم ڪرڻ پسند نه ڪيائين. نه ئي وري شبنم کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنائين.
نيٺ! شبنم زور سان رڙ ڪري، (خاموش) چئي. اوهان پنهنجا مسئلا بعد ۾ بيان ڪريو، پارس صبح کان ڪمري ۾ بند آهي، نه دروازو پئي کولي ۽ نه ئي ڪو ورلي جواب پئي ڏئي. شبنم، راحيل ڏانهن غصي مان نهاريندي چيو.
پارس! جيڪڏهن توکي ناهي پڙهڻو ته سڌي ڳالههِ ڪر. اسين توکي نه پڙهائيندا سين، باقي اهو طريقو بهتر نه آهي اسان کي ان ڳالهه تان هٽائڻ جو. دروازو کول ته بهتر ٿيندو، ڇاڪاڻ ته آءٌ ڄاڻان ٿو ته تو امتحانن ۾ 86 سيڪڙو کنئي آهي. جيڪا اسان جي خواهش مطابق نه آهي. لڪڻ مان ڪو به فائدو حاصل نه ٿيندو. بس! تون وڌيڪ پڙهڻ جي لائق نه آهين. راحيل دروازي ٻاهران پارس سان غصي ۾ مخاطب ٿيندي چيو.
راحيل جي خواهش مطابق رزلٽ نه اچڻ سبب کيس گھڻي ڪاوڙ هئي، وري گھر ۾ پارس جي ڪمري جو در بند هئڻ تي بنا ڪنهن سبب معلوم ڪرڻ يا سوچڻ جي ان جي ڪاوڙ تمام وڌي وئي. مسلسل دروازو کڙڪائڻ ۽ پارس پاران جواب نه ملڻ واري ڳالهه نيٺ راحيل ۽ شبنم کي حقيقت سمجهڻ تي مجبور ڪيو. راحيل ۽ شبنم ٻئي حيران ٿي هڪ ٻئي کان اهو سوال ڪرڻ لڳا ته آخر ڪار پارس جواب ڇو نه پئي ڏئي؟ ڇا ڳالهه آهي؟. نيٺ! راحيل ڪمري جو لاڪ ڀڃيو دروازو کولي جيئن ئي ٻئي اندر داخل ٿيا ته سامهون پکي ۾ پارس جو لاش لڙڪي رهيو هو. سندس ساهه جو پکي آکيري مان نڪري پرواز ٿي چڪو هو، راحيل ۽ سندس زال جي جسم مان اڌ ساههُ ڇڏائجي ويو، سندن ارمانن ۽ خواهشن جي باغ ۾ اوچتو خزان جي موسم جون گرم ۽ خشڪ هوائون گھلڻ لڳيون. حيرت منجهان ٻنهين کان رڙ نڪري وئي، شبنم رڙ ڪري هيٺ فرش تي ڦهڪو ڏئي ڪري پئي، ڪرڻ سان کيس ڏندڻ پئجي ويا. راحيل لاش جي ڀر ۾ وڃي ڏٺو ته ٽراليءَ تي رکيل ليپ ٽاپ آن هيو. ليپ ٽاپ جي ڀر ۾ هڪ خط رکيل هو، راحيل اهو خط کنيو ته ليپ ٽاپ سان گڏيل مائوس جي چُرڻ سان اسڪرين ظاهر ٿي، اسڪرين تي پارس جو امتحاني نتيجو نمايان هو. راحيل خط کولي ڏٺو ته، اُن ۾ لکيل هو،
مانوارا بابا سائين،
آءٌ سمجهان ٿي ته آءٌ جيڪو قدم کڻي رهي آهيان، ان سان اوهان کي تڪليف ضرور ايندي ۽ آءٌ به پنهنجي آخرت ڪاري پئي ڪيان. پر ڇا ڪيان منهنجي ڪو ٻڌڻ وارو ئي ڪو نه هو. آءٌ مسلسل سوچي سوچي تنگ اچي وئي هئس. بابا جڏهن ڪنهن سان پيار ڪجي ته کيس سوچڻ ۽ مرضيءَ مطابق دائري اندر زندگي گذارڻ جي به آزادي ڏيڻ گھرجي. بيشڪ اولاد جي تربيت ڪرڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته تربيت کان سواءِ اولاد اڌوري آهي ۽ اولاد جي بهتر تربيت والدين کان وڌ ڪو ٻيو نه ٿو ڪري سگھي. پر پيار ۾ اولاد کي پنهنجي خواهشن جي آڙ ۾ غلام بنائي نه رکجي، پنهنجي خواهشن جي ڄار ۾ قيدي بنائي نه رکڻ گھرجي. اهو پيار نه بلڪه اولاد کي ذهني مريض بنائي رکڻ جي هڪ ڪوشش آهي جيڪا اوهان کي زندگيءَ جي ڪنهن به موڙ تي سمجهه ۾ نه آئي.
آءٌ اوهان جي خواهشن جو احترام ڪندي پنهنجي خواهشن جو هر موڙ تي ڳلو دٻائيندي رهيس، جيترو ٿي سگهيو مون هڪ فرمانبردار نياڻي ٿيڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي. بابا سائين امتحانن ۾ محنت ڪرڻ جيترو منهنجي وسَ ۾ هو آءٌ وسان نه گھٽايو، پر رزلٽ منهنجي وس جي ڳالهه نه هئي. جنهن ڪري آءٌ اوهان جو ٽاگيٽ پورو ڪري نه سگهيس، مونکي خبر آهي اوهان منهنجي ان رزلٽ تي مونکان ناراض ٿيندا، ان کان اڳ جو اوهان مونکان ناراض ٿيو، آءٌ پنهنجو انتُ ٿي آڻيان. نه هوندس ۽ نه ئي اوهان جي نافرماني ڪري اوهان جي بار بار دل ڏکوئيندس.
ٿي سگهي ته اوهان منهنجي هيءَ نا فرماني معاف ڪندا.
اوهان جي نافرمانبردار ڌيءَ
پارس