ثقافتي ارڏايون
امجد پاڪستان اسٽڊيز ۾ ايم، اي فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري نوڪريءَ لاءِ ڪراچي آيل هو. آچر جي ڏينهن روزاني جنگ ۾ ڪراچيءَ جي نامياري اسڪول ۾ پاڪستان اسٽڊيز جي سبجيڪٽ لاءِ هڪ استاد جي ضرورت هئي. سو امجد به ٻئي ڏينهن سبح جو سوير ئي شلوار، قميض ۾ انٽر ويو ڏيڻ لاءِ آيل هو.
اسڪول جي ڊائريڪٽر جي آفيس ٻاهران گهرو نيري رنگ جي پينٽ شرٽ ۾ هڪ پٽيوالو بيٺل نظر آيو، جيڪو واري واري سان نمبر جي مطابق وڏي ادب ۽ احترام سان نالا پڪاري کين آفيس ۾ اندر موڪلي رهيو هو.
پٽيوالي امجد جو نالو کنيو، امجد پنهنجي جاءِ تان اٿيو ۽ ڊائريڪٽر جي آفيس ۾ اندر ويو. سلام ڪري آفيسر آڏو رکيل ٽن ڪرسين مان هڪ ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. ڊائريڪٽر امجد کي شلوار قميض ۾ نا اهل ۽ ڳوٺاڻو انسان سمجهندي حقارت جي نظر سان گھوري گھوري ائين ڏسي رهيو هو جيئن سالن کان پوءِ ڪنهن وياجي واڻيي جي نظر ڪنهن پراڻي قرضي تي اوچتو پئي هجي ۽ هو ان کان وياج سميت پئسا ڪڍڻ جي سوچ ۾ غرق ٿي چڪو هجي.
سائين منهنجو نالو امجد علي، آءٌ ايم اي پاڪستان اسٽڊي ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي اٿم. امجد، ڊائريڪٽر جي خاموشي ۽ گھوري ڏسڻ واري رويي تي پنهنجون نظرون جھڪائي تعارف ڪرايو.
اوهين ڪهڙي شهر سان تعلق ٿا رکو؟ ڊائريڪٽر اها سوچ رکي ته هي ڳوٺاڻو ماڻهو جنهن کي ڪپڙن پائڻ جو ڍنگ ناهي اهو منهنجي اسڪول جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيندو، هي ته منهنجي هڪ سوال جو جواب به نه ڏئي سگهندو. ان ڪري اهڙا سوال ڪيانس جو ٻيهر ڪراچي شهر جي ڪنهن اسڪول ۾ انٽرويو ڏيڻ کان اڳ هزار ڀيرا سوچڻ کان پوءِ به قدم وڌائڻ جي همت نه ڪري سگهي. ان لاءِ ان سڀ کان اڳ شهر يا ڳوٺ جي رهائش بابت سوال ڪيو.
سائين منهنجو تعلق خيرپور شهر سان آهي. هن وقت گلشن اقبال ۾ رهائش اختيار ڪئي اٿم. امجد نهايت ادب منجهان جواب ڏنو.
ڊائريڪٽر مسلسل مذهب، سائنس، عام معلومات ۽ ٻيا ڪيترائي سبجيڪٽ کان هٽي ڪري سوال ڪري امجد کي نااهل قرار ڏيڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي. پر امجد به قابليت ۽ حوصلي ساڻ پنهنجو پاڻ مڃائيندي مڙني سوالن جا جواب ڏئي ڊائريڪٽر جي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون. هو اچرج ۾ پئجي ويو ته هي ڪهڙي شخصيت آهي جنهن کي هر عنوان تي مهارت حاصل آهي. ان حقيقت کان ڪو به انڪار نه ڪندو ته سنڌ جي ٻين شهرن جي اسڪولن ۾ پڙهندڙ شاگرد ن کي انگريزي گرامر ۽ سبجيڪٽ تي وڏي مهارت حاصل هوندي آهي. پر کيس انگريزي ڳالهائڻ ۾ ڪجهه مونجهارو محسوس ٿيندو آهي، جڏهن ته انهن شاگردن ۾ گھڻو انگ سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪندڙن جو هوندو آهي. سنڌ جي شهر ڪراچيءَ جو شاگرد گھڻي ڀاڱي انگريزي روانيءَ سان ڳالهائڻ جي مهارت ته رکندو آهي پر کيس انگريزي گرامر تي تمام گھٽ مهارت حاصل هوندي آهي، امجد جي جوابن ڊائريڪٽر جي ذهن تان شلوار قميض ۽ پينٽ شرٽ واري فرق جو نشو ٽوڙي ڇڏيو. نيٺ امجد جي قابليت آڏو پنهنجي تجربي جي هار مڃيندي فرق ۽ ارڏاين جون ديوارون ٽوڙي امجد کي سٺي پگهار تي ان وقت ئي اسڪول ۾ پاڪستان اسٽڊي جو استاد مقرر ڪيائينس.
ٻئي ڏينهن پهرين تاريخ هئي. امجد به ڪاٽن جا ڪَلف لڳل ڪپڙا پائي سهي سنبري نوڪري ملڻ جي خوشيءَ ۾ خوش ٿيندو اسڪول اچي پهتو. اسڪول جي پرنسپل ميڊم حريم هئي. جيڪا اسڪول ۾ وڏي عرصي کان پرنسپل طور پنهنجا فرض سر انجام ڏئي رهي هئي. امجد وقت کان اڳ پهچي ميڊم حريم جي آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ميڊم حريم امجد کي ٽائيم ٽيبل سمجهايو، ايتري ۾ اسيمبلي جو وقت ٿي ويو سڀيئي شاگرد گرائونڊ ۾ گڏ ٿيا. استاد ۽ پرنسپل صاحبه به جيئن ئي اسيمبلي لاءِ گرائونڊ ۾ پهتي مڙني ٻارن استادن ۽ ميڊم کي سلام ڪيو. اسيمبليءَ جي ڪاروائي شروع ڪئي وئي. اسيمبلي پوري ٿيڻ تي سڀيئي شاگرد قطارن ۾ پنهنجي پنهنجي ڪلاسن ڏانهن روانو ٿيا.
امجد جي قابليت مطابق اسڪول جي ڊائريڪٽر ڪلاس ٽيچر بنائڻ جو پرنسپل صاحبه کي حڪم ڏنو هو. ان مطابق امجد نائين ڪلاس جو ڪلاس ٽيچر مقرر ڪيو ويو. امجد ٽائيم ٽيبل موجب پنهنجي ڪلاس ۾ داخل ٿيو. سڀني شاگردن وڏي ادب منجهان هن کي اٿي بيهي هڪ آواز ۾ سلام ڪيو.
وعليڪم سلام! ويهو پُٽ. امجد شاگردن کي شفقت منجهان جواب ڏيندي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ويهڻ لاءِ چيو.
ڪلاس جي مانيٽر ثمره هئي،استاد جي ڪلاس ۾ داخل ٿيڻ تي ثمره نه سلام ڪيو ۽ نه ئي پنهنجي جاءِ تان اٿي، امجد ثمره جي ان قسم جي رَويي تي بيحد حيران ٿيو، پر پهريون ڏينهن هئڻ ڪري امجد ان ڳالهه کي در گذر ڪرڻ بهتر سمجهيو،. ڪلاس ٽيچر جي حيثيت سان امجد سڀ کان پهريون شاگردن جي حاضري ڀري. ان وقت به امجد اها ڳالهه محسوس ڪئي ته ٻين شاگردن پنهنجي حاضري لاءِ ڪرسيءَ تان اٿي بيهي “حاضر سائين” جو لفظ استعمال ڪيو. جڏهن ته ثمره نه پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿي، نه ئي هن زبان سان ڪو جواب ڏيڻ پسند ڪيو صرف هٿ مٿي ڪري ٿورو هِلائي وري هيٺ ڪري ڇڏيو. ثمره جي بداخلاقي وارين حرڪتن ڪارڻ ڪيترن ئي مهينن کان سندس هم ڪلاسي به عاجز اچي چڪا هئا. پر ڪُڇي ان ڪري نه سگهندا هئا جو ثمره هڪ ته پوزيشن هولڊر شاگردياڻي هئي، ٻيو ته وري پرنسپال صاحبه جي گھڻ گھري پڻ هئي، جنهن سبب ثمره کي تمام گھڻو گھمنڊ هوندو هو ته اسڪول ۾ صرف آءٌ ئي قابل عزت آهيان باقي ٻين شاگردن ۽ استادن جي ڪا به عزت نه آهي.
امجد حاضري ڀرڻ بعد سڀني شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سماجي اڀياس جو ڪتاب پنهنجي آڏو رکڻ جي هدايت ڪندي سليبس موجب ٽيون باب پڙهائڻ شروع ڪيو. سماجي اڀياس ۾ ٽيون باب پاڪستان جي آئين بابت آهي. امجد آئين جي وضاحت ۽ ان جي اهميت واضح ۽ آسان لفظن ۾ اهڙيءَ ريت سمجهائي جو نه پڙهڻ وارن شاگردن جي توجه به سندس سمجهاڻيءَ ڏانهن کپي پئي. پوري ڪلاس ۾ سانت ائين ٿي وئي جيئن ڪنهن قبرستان ۾ ميت جي دفن ڪرڻ کانپوءِ دعا گھرڻ دوران خاموشي ڇانئجي ويندي آهي. 55 منٽ گذري ويا ڪا خبر ئي نه پئي. شاگردَ اچرج ۾ پئجي ويا ته ڇا ته بهترين سمجهائڻ جو انداز هيو. نه صرف شاگرد بلڪه امجد به شاگردن جي دلچسپي ۽ توجه مان ڏاڍو متاثر ٿيو. جيئن ئي ٻئي پيريڊ جو گھنڊ وڳو ته ثمره امجد کان پاڻيءَ جي اجازت گھري، امجد کيس اجازت ڏني. هوءَ سڌي پرنسپال صاحبه جي آفيس ۾ وئي.
ميڊم! هي جيڪو سماجي اڀياس جو نئون استاد مقرر ڪيو ويو آهي، ان کان بهتر ته شاگردن کي آءٌ پڙهائي سگهندس. ان کي ته پڙهائڻ جو ڪو ڏانءُ ئي نه آهي. نه سماجي اڀياس جي مضمون بابت ڪا ڄاڻ اٿس ۽ نه ئي وري ڪا شاگردياڻين سان ڳالهائڻ جو ڪو ڍنگ يا تميز اٿس. مونکي ته هڪ نسورو ڳوٺاڻو ٿو لڳي. ان جي ابتي سبتي ڄاڻ سان اسان جو امتحاني نتيجو بُري طرح متاثر ٿيندو. ثمره وڏي غصي منجهان پرنسپال صاحبه سان مخاطب ٿيندي امجد جي شڪايت ڪري غصي ۾ آفيس مان ٻاهر نڪري ڪلاس ۾ هلي وئي. ڪلاس ۾ اچي پنهنجي ڪرسيءَ تي ڪنڌ جھڪائي ڳڻتي واري حالت ۾ خاموشيءَ سان ويهي رهي.
ڊائريڪٽر صاحب ان ڳوٺاڻي جاهل کي ڪهڙي بنياد تي منتخب ڪيو؟ ڪهڙي خاصيت نظر آئي سر کي جو هڪ ڄٽ کي عزت ڏني اٿائين. هن جي حرڪتن سان اسڪول جو ماحول ته ويتر خراب ٿيندو. حريم (پرنسپال) حيرت منجهان پنهنجي مُنهن سوچيندي رهي. حريم ان وقت ئي ثمره جي شڪايت جو قدر ڪندي ڊائريڪٽر صاحب وٽ وڃي سر امجد جي شڪايت پهچائي. جڏهن ته 50 منٽن جي پهرين پيريڊ ۾ ثمره ڪلاس ۾ هڪ استاد جي موجودگيءَ ۾ بداخلاقيءَ جو تمام حدون اورانگهي چُڪي هئي. ان بداخلاقيءَ جا گواهه ان جي ڪلاس جا شاگرد ئي هئا جيڪي سندس حرڪتن تي خاموشيءَ سان افسوس ڪري رهيا هئا. پر امجد به سياڻپ ۽ عقلمنديءَ مان ڪم وٺندي برداشت ڪرڻ ئي بهتر سمجهيو.
سر امجد جو ٽائيم ٽيبل موجب ٻيو پيريڊ نائين بي ڪلاس ۾ هيو. هو نائين اي مان نڪري سڌو ڪلاس نائين بي ۾ ويو، ان ڪلاس ۾ به امجد ساڳيو باب آئين بابت پڙهائي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي دل کٽي ورتي. نائين بي ۾ سڀيئي شاگرد ۽ شاگردياڻيون وڏي ادب ۽ اخلاق وارا هئا. امجد به 45 منٽن ۾ پنهنجو پاڻ مڃائي ڏيکاريو. ڪلاس جي شاگردن ۾ هڪ خوشيءَ جي لهر پيدا ٿي وئي. سر امجد جي موجودگيءَ ۾ سڀني پيريڊ جي آخري پنجن منٽن ۾ سر امجد جا ٿورا مڃيا ۽ اقرار ڪيو ته اسان کي اڄ تائين ڪو به اهڙو استاد نه مليو آهي جنهن ايتري سچائي ۽ آسان طريقي سان اسان کي پڙهايو هجي ۽ حيرت جي ڳالهه اها ته اڄ پهريون ڀيرو ڪلاس جي مڙني شاگردن وڏي سنجيدگيءَ سان سر امجد جي سمجهاڻي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري اهو ثبوت پيش ڪيو ته جيڪڏهن استاد جي سمجهاڻي با اثر ۽ سچائيءَ سان ڀرپور آهي ته پوءِ شاگرد بنا ڪنهن جهجهڪَ ۽ خوف جي با آساني سمجهاڻي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري شوق سان پنهنجو پاڻ اڳتي وڌڻ جون صلاحيتون پيدا ڪري سگهن ٿا. ڪلاس جي سڀني شاگردن سر امجد جي تمام گھڻي عزت ڪندي اٿي بيهي تاڙيون وڄائي شڪريو ادا ڪيو. ايتري ۾ ٻئي پيريڊ جو گھنڊ وڄڻ کان اڳ ڪلاس جي ٻاهران ڊائريڪٽر صاحب جو پٽيوالو اچي بيٺو، سر امجد سان ادب سان پيش ايندي کيس چيو ته پرنسپال صاحبه اوهان کي ياد ڪيو آهي.
ٺيڪ آهي آءٌ وڃان ٿو. امجد پٽيوالي کي هائوڪار ڪئي، ٻئي پيريڊ جو گھنڊ وڳو، امجد ڪلاس مان نڪري سڌو پرنسپال صاحبه جي آفيس ۾ کانئس اجازت وٺي اندر داخل ٿيو. آفيس ۾ کاٻي پاسي کان رکيل ڪرسين مان هڪ ڪُرسيءَ تي ويهي پرنسپال صاحبه سان مخاطب ٿيندي وڏي ادب منجهان چيو، ميڊم اوهان ياد ڪيو.
محترم اوهان جي شڪايت آئي آهي ته اوهان کي هڪ ته پنهنجي مضمون تي مڪمل طور تي ڪا به ڄاڻ حاصل نه آهي. ٻيو ته اوهان کي اها خبر به نه آهي ته ڪلاس ۾ شاگردياڻين سان ڪهڙيءَ ريت ورتاءُ ڪرڻ گھرجي؟ اوهان ته هڪ پيريڊ ۾ ان ڳالهه کي واضح ڪيو ته آءٌ هڪ ڳوٺاڻو ۽ گھٽ پڙهيل لکيل انسان آهيان. هڪ استاد کي اها خبر هجڻ گھرجي ته ڇوڪرين سان ڪهڙيءَ ريت ڳالهائڻ گھرجي. اوهان ان شاگردياڻيءَ سان بد اخلاقي ڪئي آهي، جيڪا اسڪول جي پوزيشن هولڊر شاگردياڻي آهي. محترم آءٌ سمجهان ٿي ته اوهان ان کان اڳ شهر جي ڪنهن نامياري اسڪول ۾ پڙهائڻ جو تجربو نه ٿا رکو. مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته سر اوهان جي ڪهڙي قابليت تي اوهان کي ترجيح ڏيڻ پسند ڪئي. اوهان هن بين الاقوامي شهر ۾ پڙهائڻ لاءِ هڪ نامياري اسڪول ۾ هڪ استاد جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيا آهيو اوهان کي شهر جي نامور اسڪولن ۾ استادن جي لباس ۽ هلت چلت جو سهڻي نموني ڏانءُ هجڻ گھرجي. اسڪول جا شاگرد اوهان جي لباس کي پسند نه ٿا ڪن. شاگردن ۽ شاگردياڻين اوهان جي لباس کي نا پسند ڪندي اها خواهش ظاهر ڪئي آهي ته اسان کي ڪو شهري، پڙهيل لکيل ۽ تجربي ڪار استاد گھرجي. ان لاءِ آءٌ به ذاتي طور اوهان مان بلڪل مطمئن نه آهيان. حريم رسم و رواج جي فرق واري نفرتن وِڏون امجد مان ڪڍندي جيترو کيس چوڻو هو بنا ڪنهن رڪاوٽ جي چئي ڏنو، نيٺ جڏهن لفظن جي کوٽ ٿي ته هوءَ اسڪول جي هڪ فائل کڻي، اکين ويجهو واري نظر جو چشمو لڳائي ان جي اندر رکيل ڪجهه ڪاغذن تي لکيل تحرير تي نظر ثاني ڪرڻ لڳي.
محترم اوهان اسٽاف روم ۾ وڃي ويهي سگهو ٿا اوهان بابت فيصلو ڊائريڪٽر صاحب ڪندو. في الحال اوهان وڃي سگهو ٿا. هن ڌيان ڪم ۾ رکندي غصي جي حالت ۾ امجد کي اسٽاف روم روم ڏانهن وڃڻ جي هدايت ڪئي.
امجد پنهنجي قابليت ۽ سچائي سان ڪم سر انجام ڏيڻ باوجود پاڻ مٿان لڳايل ڪوڙن الزامن تي افسوس ۾ ڪنڌ جهڪائي خاموشي اختيار ڪندي پرنسپال جي آفيس مان ٻاهر نڪري ٿڪل مسافر جيان ننڍڙا ننڍڙا قدم کڻي اسٽاف روم جي هڪ ڪُنڊ ۾ ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. ڪجهه استاد جيڪي اسٽاف روم ۾ موجود هئا، اهي سندس خاموشي ۽ پريشاني ڏسندي دلاسو ڏيڻ ته پري پر حقارت جي نظرن سان نهاريندي هڪ ٻئي ساڻ اشارن منجهه ٺٺول ڪندا رهيا. امجد صبح نوڪري ملڻ جي خوشيءَ ۾ سهي سنبري تازو توانو ٿي نون جزبن ۽ سٺي سوچ ساڻ آيو هيو پر ڇا خبر ته ساڻس اهڙو ورتاءُ ٿيندو. پهرين ڏينهن ئي امجد مٿان ٿڦيل الزامن سندس حوصلن کي ڪمزور ڪري ڇڏيو. سندس اکين آڏو اونداهه اچي چڪي هئي. امجد ان حيرت ۾ هو ته مون ڪهڙي شاگردياڻيءَ ساڻ بد اخلاقي ڪئي؟ هن شهر ۾ پڙهيل لکيل ماڻهن کي شلوار قميض جي ثقافت يا لباس سان آخر نفرت ڇا ڪاڻ آهي؟ سنڌ صوبو هجي يا کڻي پاڪستان پر اصولي طور شلوار قميض ته پاڪستان جي ثقافت جو حصو آهي. مشرقي لباس آهي، اسلامي لباس آهي، هن شهر جا ماڻهو مغربي لباس استعمال ڪري پاڻ ئي پنهنجي مشرقي ۽ اسلامي لباس کي غلط ۽ طنز جو نشانو بڻائي رهيا آهن. امجد ان اچرج ۾ ڪيتري دير تائين گم سم رهيو. شاگردن جي رسيس ختم ٿي هئي، ڊائريڪٽر صاحب جو پٽيوالو سليم اسٽاف روم ۾ سر امجد کان اندر اچڻ جي اجازت گھُري داخل ٿيو.
سائين اوهان کي ڊائريڪٽر صاحب ياد ٿو ڪري، سليم وڏي ادب منجهان سر امجد کي ڊائريڪٽر صاحب جو نياپو پهچائي واپس هليو ويو. سليم جي ان نياپي کان پوءِ امجد کي پورو يقين ٿي ويو ته بس هاڻي نوڪري وئي. امجد جي حوصلن ٻيهر ڪرُ کنيو ۽ همت ڪندي توڪل جي عقيدي کي سامهون رکندي پاڻ کي يقين ڏياريو ته رزق رب جي ذات ڏيڻ واري آهي، هتي نه ته ڪنهن ٻي جاءِ الله جي ذات ڪو نه ڪو رستو ضرور کوليندي، امجد توڪل جي طاقت سان پنهنجو پاڻ کي طاقتور ڪري ٿڌو ساهه ڀري وڏي ڦڙتيءَ سان اٿي، ٻنهين هٿن سان پنهنجي پيشانيءَ تان پگھر صاف ڪري ڊائريڪٽر صاحب جي آفيس ۾ اجازت گھري اندر داخل ٿيو.
سائين حڪم ڪيو، اوهان ياد ڪيو. امجد هڪ ڪرسيءَ تي ويهي ڊائريڪٽر سان بنا ڪنهن جھجھڪ ۽ بنا ڪنهن پريشانيءَ جي مخاطب ٿيو.
امجد صاحب ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي اوهان قابل انسان آهيو پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اوهان جو ڪردار منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي، اوهان پهرين ڏينهن شاگردن ۽ شاگردياڻين ساڻ اهڙو روَيو اختيار ڪيو جو جو اوهان جي رپورٽ بلڪل خراب آئي آهي. ڊائريڪٽر ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي امجد سان مخاطب ٿيو.
سائين مون کي ڳالهائڻ جي اجازت آهي؟ امجد وراڻيو ڊائريڪٽر وچ ۾ ڳالهه ڪٽيندي: اوهان ڇڏيو ڇا آهي ڳالهائڻ لاءِ بهرحال چئو ڇا ٿا چوڻ چاهيو؟ سائين رزق ڏيڻ واري الله جي ذات آهي، رهي ڳالهه ڪردار جي، اوهان پهريون شاگردن کان حقيقت معلوم ڪريو، جيڪڏهن ڪا به غلطي ثابت ٿئي ته آءٌ سزا جو حقدار آهيان اوهان جيڪا به سزا ڏني مونکي قبول آهي. پر منهنجي ڪردار تي بنا ڪنهن تصديق جي مهرباني ڪري گند نه اڇلايو. امجد وڏي همت ۽ جذبي ساڻ جواب ڏنو.
ڊائريڪٽر، امجد جي جواب تي لاجواب ٿي ويو، پنهنجي ڪُرسيءَ تان اُٿي امجد کي پاڻ سان گڏ هلڻ جو اشارو ڪندي ڪلاس نائين اي ۾ پهتو.
سڀيئي شاگرد ڊائريڪٽر صاحب جي احترام ۾ اٿي بيٺا ۽ سلام ڪيائون. وعليڪم سلام ڊائريڪٽر صاحب وراڻيو، هٿ جو اشارو ڪندي ويهڻ لاءِ سڀني کي چيائين.
ڪلاس ۾ ثمره پڻ موجود هئي، هوءَ پرنسپال صاحبه جي سڪيلڌي ضرور هئي پر ڊائريڪٽر صاحب کان وئون ويندي هئي سندس آڏو حواس ڪم ڪرڻ ڇڏي ويندا هئا، ڇاڪاڻ ته ان جي غلط حرڪتن جي پٺڀرائي اسڪول ۾ صرف پرنسپال صاحبه ئي ڪندي هئي باقي اسڪول جا شاگرد ۽ استاد کيس ناپسند ڪندا هئا.
ٻارو اوهان کان جيڪو سوال ڪيو وڃي، ان جو جواب سوچي سمجهي ۽ درست ڏجو. ڪنهن کان ڊڄڻ ۽ گھٻرائڻ جي ڪا به ڳالهه نه آهي. اوهان اسڪول ۾ سماجي اڀياس جي مقرر ڪيل نئين استاد جي قابليت ۽ ڪردار کان ڪيتري قدر مطمئن ۽ نامطمئن آهيو؟ ڊائريڪٽر صاحب سڀني شاگردن ۽ شاگردياڻين سان مخاطب ٿيندي راءِ وٺڻ چاهي.
ڊائريڪٽر صاحب جي ان جملي پوري ٿيڻ بعد يڪدم ڪلاس جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تاڙين سان ڪلاس گونججي ويو. ثمره تاڙيون نه وڄايون، هوءَ ڪنڌ جھڪائي خاموشيءَ سان بيٺي رهي. ڪلاس جي سڀني شاگردن جي سر امجد جي حق ۾ ايڏي سهڻي موٽ امجد جو ڪنڌ اونچو ڪري ڇڏيو، نه رڳو امجد، بلڪه ڊائريڪٽر صاحب جو غصو پڻ خوشيءَ ۾ تبديل ٿي ويو، فرق اهو رهيو ته ڊائريڪٽر جو غصو جيڪو امجد تي هئو اهو هاڻي پرنسپال صاحبه ڏانهن ڦري ويو. ڊائريڪٽر (نبيل احمد) شاگردن کي ويهڻ جي هدايت ڪئي، امجد جي هٿ ۾ هٿ وجهي ڪلاس کان ٻاهر نڪري سڌو نائين بي ۾ داخل ٿيو. نبيل جي احترام ۾ شاگردن اٿي سلام ڪيو کين سلام جو جواب ڏئي، انهن شاگردن کان به ساڳيو ئي سوال دهرايو ويو. شاگردن ۽ شاگردياڻين واري واري سان امجد جي حق ۾ جواب ڏنا ڪلاس جي مانيٽر نازيه ڊائريڪٽر نبيل سان ڳالهائيندي چيو ته سر اسان جي اسڪول ۾ هن وقت تائين سماجي اڀياس جو اهڙو ڪو به استاد ڀرتي نه ٿيو آهي جنهن جي پڙهائڻ ۾ ايتري شفقت ۽ سچائي هجي، سر امجد نه رڳو هڪ قابل استاد آهي بلڪه سهڻي شخصيت ۽ تمام سٺي ڪردار جو مالڪ پڻ آهي، اسان سڀئي شآگرد اوهان جا شڪر گذار آهيون جو اوهان اسان کي تمام بهترين استاد ڏنو آهي. نازيه جي جملي مڪمل ٿيڻ
سِت ڪلاس جي مڙني شاگردن ۽ شاگردياڻين اُٿي بيهي تاڙيون وڄائي سر امجد ۽ ڊائريڪٽر صاحب جو شڪريو ادا ڪيو. اسڪول ۾ عجيب ماحول پيدا ٿي چڪو هو، شاگرد حيران هئا ته آخر ٿيو ڇا آهي جو ڊائريڪٽر صاحب پاڻ ڪلاس روم ۾ اچي هڪ نئين استاد جي تصديق ڪري رهيو آهي. نيٺ نبيل صاحب امجد سان سڀني شاگردن آڏو ڀاڪر پاتو ۽ ٿورا مڃيندي امجد جي ڪلهن تي هٿ رکي شاباشِي ڏني، ٻيهر امجد جي هٿ ۾ هٿ وجهي آفيس ڏانهن ويا. جيئن ئي آفيس ويجهو پهتا، ڇا ڏسن ته ڪلاس نائين اي جا تمام شاگرد سواءِ ثمره جي آفيس ٻاهران قطار ۾ نظم ۽ ضبط واري انداز ۾ بيٺا ڊائريڪٽر صاحب جو انتظار ڪري رهيا آهن. ڊائريڪٽر ويتر اچرج ۾ پئجي ويو.
ڊائريڪٽر شاگردن کان آفيس آڏو بيهڻ جو سبب معلوم ڪرڻ چاهيو ته شاگردن آفيس ۾ اندر هلي مسئلو بيان ڪرڻ جي اجازت گھري. ڇا آفيس ۾ سر امجد جو هجڻ ضروري آهي يا رڳو آءٌ هجان؟ ڊائريڪٽر شاگردن کان پڇيو.
سائين سر امجد جو هجڻ به تمام ضروري آهي. هڪ شاگردياڻيءَ وراڻيو.
سڀيئي آفيس ۾ اندر داخل ٿيا. ها ڇا مسئلو آهي؟ ڊائريڪٽر شاگردن سان مخاطب ٿيندي چيو.
سائين اوهان کي سر امجد خلاف شڪايت يقينن اسان جي ڪلاس فيلو ثمره ڪئي هوندي جيڪا هن وقت اسان سان گڏ موجود نه آهي. سائين اها حقيقت آهي ته ثمره پوزيشن هولڊر شاگردياڻي آهي ۽ اسان جي اسڪول جي پرنسپال صاحبه جي گھڻ گھري آهي، پر ان جو مطلب اهو هر گز نه آهي ته ثمره اسڪول جي ڪنهن شاگرد يا استاد جي عزت ئي نه ڪري. اوهان هن وقت اسڪول جي مڙني استادن کي گھرائي ثمره جي رويي بابت ڄاڻ وٺي سگهو ٿا. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته هن وقت تائين اسان کي سماجي اڀياس جي هڪ پيريڊ ۾ اهڙي ڄاڻ ڪنهن نه ڏني جهڙيءَ ريت سر امجد اسان کي ڄاڻ ڏني آهي سر امجد جي سمجهاڻيءَ کان نه رڳو پڙهندڙ شاگرد پر نه پڙهندڙ شاگردن ۾ پڻ دلچسپيءَ نظر آئي. ثمره ان استاد جي شڪايت ڇا لاءِ ڪئي اوهان ان کان معلوم ڪيو ته آخر ڇو؟ سر اسان هن وقت تائين ثمره جي بد اخلاقي برداشت ڪندا آيا آهيون پر هاڻي حد ٿي چڪي آهي. اسين شاگرد اوهان کي گذارش ٿا ڪريون ته ثمره کي دائري اندر رهڻ جي هدايت ڪئي وڃي ۽ سر امجد کي اسان جي بهتر امتحاني نتيجي کي آڏو رکندي مستقل ڪيو وڃي. ڪلاس جي مانيٽر اسلم سڀني شاگردن پاران ڊائريڪٽر صاحب سان ڳالهائيندي پنهنجو مؤقف آڏو رکيو.
سائين اسين گذريل ٻن سالن کان ثمره جي حرڪتن ۽ بد اخلاقيءَ کان تنگ اچي چڪا آهيون. ثمره ميڊم جي گھڻ گھري آهي ان ڪري اسين ڪجهه ڪري به نه ٿا سگهون، جيڪڏهن ڪو ثمره جي شڪايت ٿو ڪري ته ان خلاف ميڊم ڏهه شڪايتون گڏ ڪري ان جي والدين کي گھرائي ذليل ٿي ڪري ان لاءِ اسان صبر ڪيو آهي. پر اڄ جيڪڏهن ڳالهه کلي آهي ته پوءِ اوهان اسان جي هن مسئلي کي حل ڪندا ته اوهان جي مهرباني ٿيندي. ورده پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. ورده جي ان ڳالهه تي سڀني شاگردن هائوڪار ڪئي.
ثمره ڪٿي آهي؟ ۽ ڪير آهي؟ ڊائريڪٽر شاگردن کان سوال ڪيو.
ورده: سائين ثمره هن وقت به ڪلاس ۾ اڪيلي موجود آهي. کيس هوشيار هئڻ تي گھڻو ناز آهي ۽ ٻيو ته ميڊم جي سپورٽ هئڻ سبب هوءَ ڪلاس ۾ شينهن جيان ويٺي هوندي آهي.
ڊائريڪٽر: پٽ ورده، اوهان ثمره کي وٺي اچو.
جي سائين آءٌ وٺي ٿي اچان. اهو چئي ورده، ثمره کي وٺڻ وئي.
ڊائريڪٽر ان حقيقت کان واقف هو ته پرنسپل جيڪا رپورٽ ٺاهي پيش ڪئي هئي، ان ۾ صرف ثمره جو نالو هو.
شاگردن پاران مجموعي طور تي ثمره جي خلاف شڪايت تي ڊائريڪٽر حقيقت تائين پهچڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو، نبيل سوچي رهيو هو ته ثمره به آفيس ۾ اجازت گھري اندر داخل ٿي، پر ثمره گھڻو گھٻرايل هئي. هوءَ ڄاڻي پئي ته هاڻي ڳالهه ڳچيءَ ۾ پئي آهي. وري به پرنسپل صاحبه جو آسرو هيس، اوهان کي سر امجد کان ڪهڙي شڪايت آهي؟ ڊائريڪٽر صاحب ثمره کان سخت لهجي ۾ سوال پڇيو.
سائين مون ته سر امجد خلاف ڪا به شڪايت نه ڪئي آهي. سر آءٌ پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ پسند ڪندي آهيان. رهي ڳالهه سر امجد جي، آءٌ پڻ سر جي قابليت کان متاثر آهيان، مون اهڙي ڪا به شڪايت نه ڪئي آهي. ثمره جواب ۾ پنهنجي ڳالهه تان ڦري وئي.
نبيل ثمره جي ان جواب تي حيرت ۾ پئجي ويو.
نبيل: يڪدم گھنٽي وڄائي.
پٽيوالو: سائين حڪم ڪيو.
ڊائريڪٽر: پرنسپل کي وٺي اچ.
جي سائين بلڪل.
پرنسپل صاحبه آفيس ۾ پهچي وئي. شاگردن جو ٽولو ڏسي اچرج ۾ پئجي وئي. سندس نظر جيئن ئي ثمره تي پئي ته ويتر ڳڻتيءَ ۾ اچي وئي.
ميڊم اوهان جي رپورٽ موجب، سر امجد ناقابل، نا اهل ۽ بد اخلاق انسان آهي. ان رپورٽ ۾ شڪايت ڪندڙ ثمره ۽ ٻيا لفظ استعمال ٿيل آهي. ڇا اوهان اهو ٻڌائيندا ته ٻيا لفظ موجب اُهي ڪهڙا شاگرد آهن؟. جڏهن ته اوهان کي اهو معلوم هجي ته اسڪول جا سڀيئي شاگرد خاص طور تي نائين اي جا شاگرد اوهان جي آڏو بيٺا آهن، انهن جو چوڻ آهي ته اسين سر امجد جي قابليت ۽ ڪردار کان بي حد متاثر آهيون. رهي ڳالهه ثمره جي، هن وقت ثمره جو چوڻ آهي ته مون اهڙي قسم جي ڪا به شڪايت نه ڪئي آهي. ڊائريڪٽر صاحب پرنسپل صاحبه سان مخاطب ٿيندي چيو.
ثمره اوهان اڄ پهرين پيريڊ ۾ سر امجد جي شڪايت ڪندي ڇا چيو هو؟ اوهان اهو پڻ چيو ته سر امجد مون ڏانهن گھڻو نهاري رهيو آهي. پرنسپل صاحبه وڏي حيرت منجهان ثمره کان شڪايت جي تصديق ڪرڻ چاهي، پر ثمره پنهنجي عزت بچائڻ وڌيڪ بهتر سمجهندي ڳالهه مڃڻ کان انڪاري رهي.
ميڊم هي اوهان ڇا پيا چئو؟ مون ته اهڙي ڪا به شڪايت اوهان نه ڪئي آهي، بلڪه آءٌ ته صبح کان اوهان جي آفيس ۾ داخل ئي نه ٿي آهيان. اوهان ايڏو وڏو الزام منهنجي مٿان هڻي رهيا آهيو آخر منهنجو قصور ڇا آهي؟ ثمره ميڊم کي جواب ڏيندي روئي پئي، روئندي آفيس کان نڪري گھر هلي وئي.
پرنسپل صاحبه ثمره جي ان رويي تي لا جواب ٿي وئي. پر هاڻي ڪجهه ڪري به نه پئي سگهي. ڪالهه تائين پرنسپل صاحبه ثمره جا گيت ڳائيندي هئي، ان ثمره جي حرڪتن ڪري اسڪول مان ڪيترن ئي استادن ۽ شاگردن کي ڪڍي ڇڏڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هئائين. سياڻن جو قول آهي ته ڏائڻ به هڪ گھر ڇڏيندي آهي ثمره ته اها حد به اورانگهي وئي. ثمره پرنسپل صاحبه جو ڳلو خشڪ ڪري وڌو. اها بندوق جيڪا ثمره هميشه پرنسپل صاحبه جي ڪلهن تي رکي وار ڪندي رهندي هئي، اڄ ان بندوق جو رخ سر امجد بدران ابتو پرنسپل صاحبه جي پيشانيءَ تي ٺهيو ٺڪيو پيو هو. پرنسپل صاحبه پنهنجا ڪرم ياد ڪندي بي مثال ٿي وئي. وڌيڪ لفظ ساٿ نه پيا ڏين، جو هو پنهنجي جندُ ڇڏائڻ لاءِ استعمال ڪري. حريم ڳڻتين جي ڪُن ۾ غوطا کائي رهي هئي. نبيل گھنٽي وڄائي سيڪريٽري کي گھرايو.
جي سر حڪم ڪيو. سيڪريٽري عاجزيءَ منجهان پڇيو.
ها اوهان جلد ۾ ميڊم حريم جو ٽرمينيشن ليٽر تيار ڪيو ۽ مونکان دستخط ڪرائي ميڊم کي فارغ ڪيو، آءٌ وڌيڪ برداشت نه ٿو ڪري سگهان. نبيل تمام گھڻو غصي ۾ سيڪريٽريءَ کي حڪم ڏنو. ۽ شاگردن کي ڪلاس ۾ وڃڻ جي هدايت ڪيائين. سيڪريٽري سان گڏ شاگرد به هليا ويا.
حريم اوچتو پنهنجي نوڪري ختم ٿيڻ جو ٻڌي حيرت ۾ پئجي وئي. پر ڪجهه ڪڇي نه سگهي، ڇا ڪاڻ ته هوءَ ڄاڻي پئي ته هن وقت تمام بندوقن جو رُخ منهنجي پاسي آهي، ان ڪري منهنجي ڪا به ڳالهه بي معنيٰ ئي هوندي. هن وقت منهنجي دال نه ڳرندي، ان کان بهتر آهي ته آءٌ خاموش رهان.
سائين هڪ عرض ڪيان جيڪڏهن اوهان ناراض نه ٿيو ته؟ امجد ڊائريڪٽر کان عاجزانه انداز ۾ اجازت گھري.
ڊائريڪٽر: جي چئو.
سائين ڏٺو وڃي ته ميڊم حريم جيڪا رپورٽ ٺاهي هئي، اها منهنجي خلاف هئي. اها به حقيقت آهي ته ميڊم ذاتي طور تي يا ڪنهن جي چوڻ تي منهنجي عزت تي حملو ڪيو هو. جيڪي ڪجهه به ٿيو حقيقت اوهان جي آڏو آهي. سائين عزت ۽ رزق عطا ڪرڻ واري الله جي ذات آهي. ميڊم حريم جيڪي ڪجهه ڪيو منهنجي ذات کي ڇيهو پهچائڻ لاءِ ڪيو، پر آءٌ ميڊم حريم کي دل سان معاف ٿو ڪيان، اوهان منهنجي خاطر ميڊم کي نوڪريءَ مان نه ڪڍو، ان لاءِ ميڊم پاران آءٌ اوهان کان معافي ٿو گھران. اسين ڳوٺاڻا دل وڏي رکندا آهيون، ساده ۽ سچا آهيون پر الله جي ذات تي توڪل رکندا آهيون. ڪنهن تي مشڪل وقت ڏسي برداشت نه ڪري سگهندا آهيون. ڪنهن کي اسان مان تڪليف پهچي، ان ڳالهه کي نا پسند ڪندا آهيون، سائين آءٌ ايترو به ڄاڻان ٿو منهنجي لباس جي ڪري مطلب ته شلوار قميض جي ڪري مونکي جاهل، ڄٽ ۽ ڳوٺاڻو سمجهي نا پسند ڪيو ويو، پر اهو طريقو بلڪل غلط آهي، اوهان کي ايترو ٻڌائيندو هلان ته پاڪستان جو، اسلامي ۽ مشرقي ثقافتي لباس حقيقت ۾ شلوار قميض آهي ته پوءَ ان لباس سان ايڏي نفرت ڇا لاءِ؟. سائين آءٌ نه ٿو چاهيان ته منهنجي خاطر ڪنهن کي ايڏي وڏي سزا ملي، جيڪو ٿيو سو گذريو، آءٌ اوهان کي هٿ ٻڌي عاجزانه گذارش ٿو ڪريان ته ميڊم کي نوڪريءَ مان نه ڪڍو.
امجد هٿ ٻڌي ڊائريڪٽر آڏو بيٺو رهيو ۽ حريم کي معاف ڪرڻ جي گذارش ڪندو رهيو. امجد جي لفظن حريم جي پٿر دل ۾ نرمي پيدا ڪري ڇڏي ۽ سندس اکين مان لڙڪ وهي آيا. حريم پنهنجي هٿ ۾ موجود هڪ ٽشو پيپر سان لڙڪ اگھيا ۽ پنهنجي ڪرسيءَ تان اُٿي سر امجد جي ويجهو آئي، امجد جا ٻئي هٿ هيٺ ڪري وڏو ساهه ڀري اکين تان پري جي نظر جو چشمو هڪ هٿ سان لاهي ٽيبل تي رکي، سر اوهان عظيم انسان آهيو، مون اوهان جي پرک ۾ غلطي ڪئي آهي، بس! اسان بنا سوچي سمجهي ٻڌل هٿ ٺوڪي ڳالهين کي پنهنجي دلين ۾ ويهاري نفرتن جون ديوارون اڏي هڪ ٻئي کان ايترو ته پري ٿي ويا آهيون جو اصل حقيقت کي سمجهڻ جي ڪوشش به نه پيا ڪريون. اسان ۾ غلط ڪو به نه آهي بس! صرف ڪجهه غلط فهميون آهن جن کي جيڪڏهن اسين گڏجي سوچيون ته مون کي يقين آهي اسان جي وچ ۾ وهندڙ نفرتن جا درياءَ سُڪي خشڪ ٿي ويندا. سر آءٌ اوهان جي قصور وار آهيان، سزا جي مستحق آءٌ آهيان، جيڪا سزا ملي مونکي قبول آهي. پر اوهان سر کان معافي گھري مونکي شرمنده نه ڪيو. اڄ اوهان جي شخصيت ۽ وڏ ماڻهپي منهنجي دل ۾ اهو احساس پيدا ڪيو ته انسان جي سُڃاڻ لباس سان نه پر ڪردار ۽ شخصيت سان ڪرڻ گھرجي. اها پڻ حقيقت آهي ته شلوار قميض ته نه رڳو پاڪستان جو بلڪه اسلام جي مطابق به ثقافتي لباس آهي. سر اوهين مهان شخصيت آهيو، اوهان جي عاجزي، اوهان جي ڪردار ۽ اوهان جي زبان منهنجي اندر جي انسان کي جاڳائي وڌو آهي. حريم سر امجد سان ڳالهائيندي ٻيهر روئي ڏنو.
ڀيڻ اوهان کي ان ڳالهه جو احساس ٿيو. اها وڏي ڳالهه آهي. امجد حريم جي اڌ مٿي تي رکيل رئو پنهنجي هٿن سان درست ڪري مٿي تي شفقت منجهان هٿ رکي، اکين ۾ اکيون ملائي نماڻي انداز ۾ چيو. اوهان منهنجي ڀيڻين جيان آهيو. ڪو به هڪ ٻئي کان وڌ نه آهي هڪ ڀاءُ جو عرض آهي ته اوهان روئڻ بند ڪيو. ميڊم حريم پنهنجي ڪُرسيءَ تي ويٺي، ٻيهر ٽشوءَ سان پنهنجا لڙڪ اگھي ٿڌو ساهه ڀريائين ته ايتري ۾ سيڪريٽري به حريم جو ٽرمينيشن ليٽر تيار ڪري اچي ڊائريڪٽر جي ٽيبل تي رکيو. پاڻ آفيس کان نڪري واپس هلي وئي.
ڊائريڪٽر صاحب ليٽر هٿ ۾ کڻي حريم ڏانهن نهارڻ کان پوءِ سر امجد سان ڳالهائيندي چيو ته “مون کي فخر آهي ته مون اوهان جهڙي عظيم شخصيت کي پنهنجي اسڪول ۾ مقرر ڪيو آهي. پر اوهان اڄ کان پوءِ هن اسڪول ۾ هڪ استاد جي حيثيت سان نه پر وائيس پرنسپل جي حيثيت پنهنجا فرض سر انجام ڏيندا. رهي ڳالهه ميدم حريم جي ته ميڊم چئي نبيل خاموش ٿي ويو. ٻنهين هٿن سان ٽرمينيشن ليٽر ڦاڙي جملو پورو ڪندي ميڊم حريم ڪيڏانهن ويندي، حريم پرنسپل ئي رهندي. ڇاڪاڻ ته آءٌ ايترو سمجهي سگهان ٿو ته اسڪول ۾ فساد جي جڙ ثمره آهي، غلطي حريم جي اها آهي ته ثمره کي گھڻي عزت ڏيندي رهي، هميشه ياد رکو ته هر انسان کي ان جي حيثيت کان وڌ عزت ڏيڻ سان يا ته ان ۾ تڪبر پيدا ٿيندو آهي يا ته وري اهو انسان عزت ڏيڻ واري انسان جي عزت تي ئي وار ڪندو آهي.
ٻئي ڏينهن تي صبح جو ميڊم حريم پنهنجي عهدي تي معمول مطابق ڪم ڪندي نظر آئي پر سر امجد کي اسڪول جي وائيس پرنسپل جي حيثيت سان ڪم سر انجام ڏيندي سڀيئي شاگرد، استاد ۽ ٻيو عملو اچرج ۾ پئجي ويو.هڪ ڏينهن ۾ سر امجد پنهنجي ڪردار جي هٿوڙي سان اهڙو ته لوهه سڌو ڪري ڇڏيو جو هر هڪ جي زبان تي سر امجد جي تعريف هئي. هر هڪ سر امجد کي سندس ڪاميابيءَ تي دل جي گهراين سان مبارڪ پيش ڪئي.
ثمره ڪڏهن به موڪل ڪرڻ پسند نه ڪندي هئي، اها اڄ اسڪول کان غير حاضر هئي. ڪجهه دير گذرڻ بعد ثمره جو والد ۽ والده اسڪول ۾ پهتا، ڊائريڪٽر صاحب سان ملاقات ڪري حقيقت معلوم ڪيائون. هو ٻئي پڙهيل لکيل ۽ سُلجهيل انسان هئا. انهن حقيقت کي سمجهي ورتو. ثمره جون ڇهه ڀينرون ان ئي اسڪول مان سهڻي انداز ۾ ميٽرڪ ڪري مختلف يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪري رهيون هيون. ثمره جي وڏي ڀيڻ ڊاڪٽر هئي. پر ثمره آخري هئڻ ڪري سڪيلڌي هئي. پر ان مان ثمره ناجائز فائدو حاصل ڪندي پنهنجو وقار اسڪول ۽ گھر ۾ وڃائي ويٺي هئي. سندس والدين به ثمره جي حرڪتن کان سُهڻيءَ ريت واقف هئا ۽ گھڻو پريشان هئا. ثمره جو والد پنهنجي نياڻيءَ جي اهڙي ڪُڌي حرڪت تي ڏاڍو شرمنده هيو. ان سر امجد کان ۽ ميڊم حريم کان معافي گھري. ثمره جو والد تمام سخت مزاج انسان هو، آخر ويندي ويندي هن ڊائريڪٽر صاحب کي چيو ته “هاڻي ثمره اسڪول نه ايندي ڇاڪاڻ ته هوءَ علم حاصل ڪرڻ جي لائق نه آهي. ان جي سزا اِها آهي ته هوءَ اڻ پڙهيل رهندي. پنهنجي ماءَ سان گھر جي ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊائيندي ۽ پنهنجي ڇهن وڏين ڀيڻين جي خدمت ڪندي. اهو چئي ڊائريڪٽر کي ثمره جو اسڪول مان نالو خارج ڪرڻ جي هدايت ڪندي پنهنجي گھر واريءَ سان گڏ نڪري هليو ويو.