ڪھاڻيون

اڻپوري خواھش

گل محمد سومري جي ڪھاڻين جا اڪثر موضوع درد ۽ المين جي واقعن تي مشتمل آهن. سندس ڪھاڻين ۾ سماجي، سياسي ۽ معاشي مسئلا، نفسياتي رويا، رشتن جا رويا ۽ سماجي اڻبرابري وارا رويا عيان آهن. ڪھاڻيون پڙهندي ڪڏهن ڪڏهن اکيون اشڪبار ٿي وڃن ٿيون. سندس هيءَ ڪاوش سماج جي سڌاري ڏانھن هڪ وک آهي.

Title Cover of book اڻپوري خواھش

جذبن جو جادو

عرس فقير جي اوطاق تي ماڻهن جو وڏو چهچٽو هو. ڪي ٻار زنجيرن سان ٻڌل بيوس ۽ لاچار دنيا جي خواهشن کان لا تعلق آزاديءَ جي انتظار ۾ هيڏانهن هوڏانهن ائين واجهائي رهيا هئا جيئن ڪنهن ٻليءَ کي گھر ۾ مڇي، گوشت يا کير جي ڌَپ پوندي آهي ۽ هوءَ سڄو گھر پئي نوسيندي آهي. ڪجهه ڇوڪريون ۽ اڌڙوٽ عمر جون عورتون هڪ سمي فقير جي دُهل وڄائڻ تي ڌمال هڻي رهيون هيون. سندن وار کليل هئا. جسم تي ڪپڙا ته پاتل هئن پر رئي جو نالو نشان ئي ڪو نه هو. اوطاق جي هڪ ڪُنڊ ۾ انهن سڀني عورتن ۽ ٻارن جا وارث بي تاب ڪي بيٺل ته ڪي وري فرش تي رکيل هڪ ٻن سِرن جي دڪين تي، ته ڪجهه وري مجبور اوڪڙون ويٺا انتظار ڪري رهيا هئا، ان خوش فهميءَ ۾ هئا ته هاڻي سائين عرس فقير جي ڪرامت سان اسان جو ڀاتي جِن ۽ غيبات جي اثر کان جلد آجو ٿي ويندو. پوءِ اسين کيس ڏن ڏئي، ديڳ بريانيءَ جي ورهائي سوگها ٿي پنهنجي ماڳ پهچندا سين. اوطاق ۾ ويٺل سڀني سائلن جو اهو ايمان ۽ عقيدو هو ته اسين عرس فقير جي ڪرامت سان ئي ڪاميابي ماڻيندا سين.
عرس فقير ورانڊي ۾ ويٺو هڪ ميز تي تعويز لکي رهيو هو. سندس آڏو فرش تي ٽي چار فراسيون وڇايل هيون، جن تي هڪ پاسي کان مرد ۽ ٻئي پاسي زائفون پنهنجا ٻئي هٿ جوڙي پنهنجي واري جو انتظار ڪندي عرس فقير ڏانهن نماڻي انداز ۾ واجهائي رهيا هئا. انهن مان هڪ هڪ ٿي عرس فقير جي ڀر ۾ ويهي پنهنجا ٻئي هٿ جوڙي عاجزي ۽ نِوڙت واري انداز ۾ پنهنجا مسئلا آهستگيءَ سان بيان ڪري رهيو هو. عرس فقير وٽ هڪ مس ڪُپڙيءَ مُشڪ ۽ زعفران پيل هو. جنهن مان ڪِلڪ ٻوڙي سڀني کي تعويز لکي ڏئي اُماڻيندو پيو وڃي. سندس پويان هڪ چيلو پُٺاڙن ۽ مٿي تي مالش ڪري رهيو هو. ٻيو چيلو (مريد) عرس فقير جي حڪم جي پورائيءَ لاءِ ٻئي هٿ جوڙي ڪنڌ جهڪايون بيٺو هو. هي چيلو عرس فقير جو خاص شاگرد پڻ هو. سندس نالو روحل فقير هو.
عرس فقير تعويذن، ڀوتن ڪڍڻ، جنات جي اثر ۽ جنن کان جندُ ڇڏائڻ ۾ هنڌين ماڳين مقبول هو. قد بُت ۾ ڊگهو ۽ ٿلهو شهپر وڏا، وار سندس ڪُلهن تائين وڏا، هلڪي ڏاڙهي، آواز ڳورو ۽ رنگ جو مُشڪي هو.
صبح کان وٺي رات دير تائين ماڻهن جي قطار نه کٽندي هئي. سنڌ جي ڪجهه ڳوٺن جي آباديءَ جا ماڻهو اهڙا به آهن، جيڪي اڳتي وڌڻ ۽ تمدني زندگي گذارڻ بدران بي سمجهه ۽ غفلت واري زندگي گذاري پاڻ تي فخر محسوس ڪندا آهن. هي اُهي ماڻهو آهن، انهن مان جيڪڏهن ڪو بيمار ٿيو ته ڳوٺ جي ڪنهن ڪمپائونڊر يا ڪنهن نقلي ۽ ڦورو حڪيم کان علاج ڪرائڻ پسند ڪندا آهن. ڪجهه ڏينهن انهن جي دوا اثر نه ڏيکاري ته پوءِ ڳوٺ جا چار چڱا، اوڙي پاڙي وارا، مِٽ مائٽ بيمار جي عيادت ڪرڻ سان گڏ سندس گھر ڀاتين جي ڪنن ۾ اها ڳالهه ڀريندا آهن ته ڪا بيماري نه آهي. ان مٿان جنات جو اثر آهي. فلاڻي ڀوپي جو وڃي در کڙڪايو، وڏي ڪرامت وارو بابو آهي. اُتان ئي هن جي جِندُ ڇٽندي. انهن ڀوپن وٽان به جڏهن ڪا دال نه ڳرندي اٿن ته پوءِ پيرن جي درگاهن تي وڃي ڏينهن رات هڪ ڪري مٽيون ڀريندا آهن ۽ پڙ چاڙهي اها اميد هڻي ويهندا آهن ته بس! هاڻي اسان جي هي پير ئي پڄائيندو.
ڪنهن کي ڪهڙو مرضُ، ڪنهن سان ڪهڙي مجبوري، ڪنهن کي ڪهڙي تڪليف، ڪير صحيح، ڪير غلط، ڪنهن کي ڪٿان، ڪهڙي در تان، ڪنهن جي هٿان شِفاءَ ملندي، ڪنهن کي ڪهڙي دوا اثر ڪندي؟ اها حڪمت صرف هڪ الله جي ذات ٿي رکي. پوءِ ڇو نه اهڙيءَ صورت ۾ ان رب ڪريم کي ٻاڏائجي. ان ڌڻيءَ در توبهه تائب ٿيڻ گھرجي.
عرس فقير پنهنجي اوطاق تي سوالين جا سوال ٻڌي، انهن جا درد دور ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف عمل هو ته اوچتو ٽي، چار پراڊو گاڏيون ٻاهر در تي اچي بيٺيون. ائين لڳو ڄڻ ڪو وقت جو گورنر پنهنجي محافظن ساڻ اچي پُهتو آهي. انهن ساڻ چار پنج خانگي سپاهي پڻ هئا. سڀني کي ڪلف ٿيل ڪاٽن جا وڳا پهريل هئا. انهن ۾ عرس فقير جو گھاٽو يار ڊي، ايس، پي حاجن به هو. سڀيئي گاڏين مان لهي اوطاق ۾ اندر داخل ٿيا، عرس فقير جي نظر حاجن تي پئي ته هو جھٽڪو ڏئي سڀ ڪم ڇڏي پنهنجي جاءِ تان اٿي انهن سان ملڻ لاءِ اڳتي وڌيو. مهمانن جي خوش خير عافيت ڪري، ساڻ خاص آستاني ۾ وٺي ويو. عرس فقير جي چيلي باقي رهيل ماڻهن کي ٻئي ڏينهن تي اچڻ جو چئي اُماڻي ڇڏيو.
حاجن! فقير هي منهنجو جگري يار طارق آهي، اسين ننڍ پڻ جا يار آهيون، طارق سون جو واپاري آهي. گذريل ٻن سالن کان ڏاڍو پريشان آهي. نياڻي مٿان ڪنهن جن جو سايو اٿس. ڪيترن ئي عاملن جي درن تان مايوس ٿي موٽي آيو آهي. هڪ نياڻي اٿس، اها به سڪيلڌي، وڏن نازن ۽ نخرن سان پاليو اٿئينس پر هن وقت نياڻيءَ جي تڪليف هن جي چيلهه ڀڃي وڌي آهي. حاجن پنهنجي دوست طارق جو تعارف ۽ مسئلو فقيرکي مختصر طور ٻڌايو.
طارق لباس ۾ ته بن ٺن هو پر طبيعت جي لحاظ کان منجهيل هو، حاجن جي تعارف تي طارق جي اکين مان پاڻي تري آيو.
بابا طارق جهڙو اسان جو حاجن يار آهي تهڙو تون به آهين، دل نه لاههِ، عرس فقير جي اوطاق تي آيو آهين، ته پوءِ روئڻ جي ڪهڙي ضرورت. بابا خوشين پويان ڏک ته زندگيءَ جو حصو آهن. ها اولاد جا سور امڙ ۽ ابي جي برداشت کان چڙهيل هوندا آهن. حڪم ڪر ڇا ڳالهه آهي. عرس فقير، طارق کي وڏي دلجاءِ ڏيندي چيو.
سائين هڪ نياڻي آهي ۽ هڪ ٻالڪڙو پُٽ آهي. نياڻي عاقل ۽ بالغ آهي، گذريل ٻن سالن کان ان مٿان ڪنهن ڍيڍ فقير يا ديو جو سايو آهي. جنهن به عامل سان ملاقات ڪئي آهي، شروع ۾ ته هر ڪو سهڻا سهڻا سپنا ڏيکاري آسرا ڏيندو رهيو پر اڳتي هلي هر هڪ پنهنجا پير پوئتي پيو ڪري وڃي. مونکي به سڀني اها نصيحت ڪئي آهي ته گھڻو ديو سان وچڙڻ جي ڪوشش نه ڪر نه ته نياڻيءَ جو ڪنڌ ڀڃي ماري ڇڏيندس. سائين هڪ سڪيلڌي نياڻي سا به سورن منجهه، وڏو خرچ ڪيو اٿم پر ڪٿان به کڙ تيل نه ٿو نڪري. نياڻيءَ جي حالت ويتر ڳڻتيءَ جوڳي ٿيندي پئي وڃي. نياڻيءَ جي اها حالت ڏسي جسم مان اڌ ساهه ڇڏائجي ٿو وڃي، زندگيءَ مان سُڪون برباد ٿي چڪو آهي. جيڪا دولت وئي ان جو ڪو به ڏک نه آهي. اها ٻيهر به اچي ويندي. پر نياڻي. ... نياڻي لفظ چئي طارق سُڏڪن ۾ پئجي ويو.
حاجن، طارق جي ڪلهي تي هٿ رکي تسلي ڏيندي پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي. طارق جي سُڏڪن عرس فقير جي روح ۾ رحم پيدا ڪري ڇڏيو.
عرس جھٽڪو ڏئي اُٿيو، روحل بابا سامان کڻ، تياري وٺ، اڄ ان ديوَ جو جَڻ ٻچو روليندس. اهو ڪير ٿيندو آ، جيڪو اسان جي سڄڻ جي نياڻيءَ جو ساههُ سُڪائي ويٺو آهي. اڄ اهو ديو نه بچندو. طارق بابا اٿو، جلدي هلو، عرس فقير کي جلالي اچي وئي.
عرس فقير جي جلالي ڏسي سڀ اُٿي بيٺا. فقير، طارق جي ڪلهي تي هٿ رکي دلاسو ڏئي اڳتي وڌيو.ٻن ڪلاڪن جو ڏورانهون سفر پار ڪري اچي ماڳ پهتا.
طارق جو بنگلو ڏسي عرس فقير حيران ٿي ويو. سوچڻ لڳو ته واقعي انسان دنيا ۾ دولت سان سڀ ڪجهه حاصل ڪري سگهي ٿو پر خوشيون ۽ سُڪون ڪڏهن به نه.
طارق سڀني کي وٺي وڃي مهمان خاني ۾ ويهاريو. مهمان خاني ۾ عاليشان قسم جا قالين وڇايل هئا فرنيچر اعليٰ قسم جو رکيل هو. ٽي چار نوڪر چاڪر در تي بيٺا هئا. ڇت ۾ عاليشان قسم جو فانوس ٽنگيل هو. سڀيئي صوفن تي ٽيڪ ڏئي سڪون سان ويهي رهيا.
فقيرسائين نياڻي هتي وٺي اچان يا اندر گھر جي ڪنهن ڪمري ۾ انتظام ڪجي؟ طارق اچي فقير کان مشورو ڪيو.
نه بابا هتي ٺيڪ آهي. نياڻي هتي ئي گھراءِ. فقير وراڻيو.
طارق پنهنجي نياڻي شمائله کي مهمان خاني ۾ وٺي آيو. اوطاق جي هڪ پاسي کان ڪجهه حصو زمين کان مٿي هو، جنهن جي ديوارن تي خوبصورت پردا ٽنگيل هئا، فرش تي عاليشان قسم جي ماربل لڳل هئي، ان حصي ۾ طارق محفل نعت يا ميلاد وغيره ڪرائيندو رهندو هو. هن وقت سڀئي اُن جاءِ تي وڃي ويٺا.
عرس فقير شمائله کي پنهنجي سامهون ويهاريو، پڙهائي شروع ڪيائين. شمائله جا وار پهريان ئي کليل هئا، سو فقير جيئن ئي پڙهڻ شروع ڪيو ته شمائله جھولڻ شروع ڪري ڏنو. شمائله جي جھولڻ مان اهو محسوس ٿي رهيو هو ته سندس مٿان ڪنهن ديوَ يا ماڙيچي جو سايو آهي. عرس فقير شمائله جي حالت ڏسي حيران ٿي ويو.
روحل ڪڙو چاڙهه. فقير جھٽ ڪر. عرس فقير جلاليءَ ۾ اچي ويو، روحل کي ڪاوڙ ۾ چيائين.
جيڪو حڪم قبلا. اهو چئي روحل ڪڙو چاڙهيو.
عرس فقير جي هٿ ۾ تسبيح هئي، هو ان جي داڻن تي ڪجهه پڙهي رهيو هو. شمائله جو جھولڻ ڏسي ڪڙو چڙهڻ بعد اُٿي بيٺو.
ڪير آهين ڙي؟ ڇو ڇوڪرِ کي تنگ ڪيو اٿئي؟ عزت ان ۾ اٿئي ته نياڻيءَ جي جان ڇڏ، جتان آيو آهين واپس هليو وڃ، عرس فقير شمائله جي فقير ( جِن ) سان ڳالهائيندي چيو.
اڙي هل! تو جهڙا ڪيترائي آيا، بڪ ڪري، پاسو ڏئي، ائين ڀڄي ويا جو وري ظاهر ئي نه ٿيا، تنهنجي لاءِ به بهتر اهو آهي ته هليو وڃ، نه ته پهريون تنهنجو سِر کڻندُس، پوءِ هن ڇوڪري کي ماريندُس. نِڪرهتان. شمائله جھولڻ بند ڪري عرس فقير ڏانهن اکيون ڦوٽاري ڏسڻ لڳي ۽ ڪاوڙ منجهان زور سان هڪل ڏيندي وڃڻ جو دڙڪو ڏنائينس.
شمائله جي دڙڪي ۽ ڌمڪيءَ تي ڪمري ۾ ويٺل سڀني ڀاتين جو اڌ ساهه سُڪي ويو. سڀني سوچيو ته اڄ هي جن يا ته هنن ٻنهين کي ماريندو يا ته اسان جوسِر کڻندو.
جيڪڏهن عزت ۾ جان ڇڏين ته ٺيڪ آهي نه ته ٻاريندو سانءِ مچ ۽ ساڙي رک ڪندو سانءِ. عرس فقير وڏي آواز ۾ شمائله سان ڳالهائيندي کيس باههِ ۾ ساڙڻ جي ڌمڪي ڏيندي پنهنجي جاءِ تان اُٿي بيهي جواب ڏنو. عرس فقير سمجهي ويو ته ڪو به جن جو سايو نه آهي، هي سڀ ڇوڪري مِڪر ڪري رهي آهي. ڇوڪريءَ جي ڪا منشا آهي، جيڪا پوري ڪرڻ لاءِ هي ايڏو وڏو ڊرامو رچائي رهي آهي.
ٺڳ فقير جان پياري ٿي ته ماٺڙي ڪري هليو وڃ نه ته ساڙي ڇڏيندو سانءِ. نه رڳو تنهنجو پر تنهنجي انهن چيلن جو ڳاٽو به ڀڃي رکندو سانءِ. بڪواس بند ڪر ڙي. ڇا ٿو چاهين؟ عرس فقير شمائله کي رڙ ڪري ڇڙٻ ڏني.
اڙي نڪر هتان، واپس هليو وڃ. جتان آيو آهين. ڀلائي ان ۾ اٿئي ته هتان جيترو ٿي سگهئي هليو وڃ. شمائله تارا ڦوٽاري فقير ڏانهن نهاريو ۽ سڄي ڏڪڻ لڳي. وڏي آواز ۾ رڙ ڪري فقير کي ڌمڪي ڏني. شمائله پڻ سمجهي وئي هئي ته هي فقير مون کي ڳچيءَ ۾ پوندو، ان ڪري ڌمڪائي ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪيانس. نه ته اڇا ڪارا ڌار ٿي ويندا.
روحل مچ ٻار، هي ائين نه سُڌرندو، هي ته ڇا، هن جا وڏا به منهنجو ڪجهه بگاڙي نه سگهندا. جلدي مچ ٻار ۽ مونکي ڏنڊو ڏي. جھٽ ڪر. عرس فقير ڪاوڙ ۾ اچي ويو.
روحل فقير تڪڙ ۾ هڪ وڏو ڏنڊو کڻي عرس فقير جي هٿ ۾ ڏئي ڪاٺيون کڻي ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ ڍير ڪري باههِ ٻارڻ جي تياري ڪري فقيرکان اجازت ورتي.
عرس فقير روحل کي اجازت ڏئي، ڏنڊو کڻي شمائله جي مٿي تي هڻڻ لاءِ اولاريو ته شمائله يڪدم هٽي وئي. ڇند ڪري هيٺ فرش تي ليٽي پئي، اهو محسوس ڪرائڻ لاءِ ته آءٌ مري ويس. پر شمائله ظاهري طور ته ليٽي ڇند ڪيو هو پر هوءَ اهو سوچي رهي هئي ته پاڻي سِر کان مٿي چڙهي چڪو آهي. هاڻي ڳالهه ڳچيءَ ۾ پئجي چڪي آهي. هي فقير ته منهنجو به ابو نڪتو، ان کان اڳ ته مون ٻين کي ٽوٽا چٻائي ڇڏيا پر هي منهنجو کنڌو کڻي ڇڏيندو. بهتر آهي ته فقير کي پنهنجي اعتماد ۾ وٺان نه ته اڄ هي فقير منهنجو سِر کڻندو.
ڪمري ۾ موجود سڀني ماڻهن کان رڙ نڪري وئي ته لڳي ٿو ڇوڪري زندگيءَ کان موڪلائي وئي. شمائله جي حالت ڏسي سڀني جي نڙي خشڪ ٿي وئي. جسم مان اڌ ساههُ ڇڏائجي ويو. ڪجهه ڪري به نه پيا سگهن جو سڀئي ڪڙي ۾ هئا. کين ڳالهائڻ ۽ جاءِ تان اٿڻ يا هيڏي هوڏي وڃڻ کان سختي سان منع ٿيل هو.
اوچتو شمائله ٽِپ ڏئي پنهنجي جاءِ تان وڏي ڪُوڪ ڪري اٿي. ٻيهر جهولڻ شروع ڪيائين.
فقير مان ڇوڪريءَ جي جان ڇڏيندس، پر هڪ شرط آهي. مڃيندين؟ شمائله جھولندي فقير سان مخاطب ٿي.
ڳالهه ڪر؟ ڇا ٿو چوڻ ڇاهين؟ عرس فقير وراڻيو.
هنن سڀني کي ٻاهرڪڍ. شمائله اوطاق ۾ موجود سڀني ڏانهن اشارو ڪندي چيو. عرس فقير سڀني کي مهمان خاني مان ٻاهر نڪرڻ جي هدايت ڪئي. طارق سڀني کي ٻاهر وٺي وڃڻ بدران گھر اندر وٺي ويو. ۽ هڪ ڪمري ۾ وڃي ويهي رهيا.
ڪمري ۾ باقي روحل فقير موجود هو، اهو ان ڪري جو ان ڪڙو چاڙهيو هو. شمائله ان جي ٻاهر وڃڻ جو پڻ اشارو ڪيو پر عرس فقير صاف انڪار ڪري ڇڏيو ته نه ويندو.
هاڻي ڳالهه ڪر؟ عرس فقير شمائله کي چيو.
شمائله پهريون پنهنجا وار ويڙهي، مٿي تي رئو رکي، عرس فقير جي پيرن تي ڪري پئي ۽ روئڻ لڳي.
عرس فقير سمجهي ويو ته هاڻي اُٺ ڏونگر هيٺيان آيو آهي.
اٿي امان: حقيقت بيان ڪر، پنهنجو ڳجهه سلِ، جيڪا تنهنجي خواهش آهي بيان ڪر، گھٻرائڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي. عرس فقير شمائله جي مٿي تي شفقت جو هٿ رکي پاڻ به هيٺ فرش تي پلٿي ماري ويهي رهيو ۽ روحل فقير کي به ڀر ۾ اچي ويهڻ جي هدايت ڪيائين.
شمائله مٿي جو رئو ٻيهر صحيح ڪري رکيو. فقير سائين مونکي پنهنجي ڌيءَ سمجهندي مون سان وعدو ڪر ته منهنجي راز کي راز رکندين ۽ منهنجي مدد ڪندين. شمائله پنهنجا ٻئي هٿ جوڙي عرس فقير کي نماڻو عرض ڪيو.
ٺيڪ آ پُٽ، تون حڪم ڪر، فقير ٻاجهاري انداز ۾ وراڻيو.
فقير سائين! آءٌ يونيورسٽيءَ ۾ هڪ ڪلاس فيلو سان بي انتها محبت ٿي ڪريان ۽ هو به مون کي دل سان چاهيندو آهي. پر مسئلو اهو آهي ته هن جو تعلق ڪنهن ٻي ذات سان آهي. بابا سائينءَ جو هڪ اصول آهي ته هو منهنجو رشتو پنهنجي ذات کان ٻاهر ڪڏهن به نه ڏيندو، آءٌ ڄاڻان ٿي ته اسان جي ڦڦين جا وار به ان اصول پويان اڇا ٿي ويا پر بعد ۾ وڃي چاليهن جي ڏهاڪي ۾ پنهنجي ذات مان ڪو چڱو رشتو آيو، نيٺ اهي وڃي پنهنجي ورن واريون ٿيون. فقير سائين جيڪڏهن ان ڇوڪري جا والدين رشتو کڻي آيا به ته بابو کين هڪ پل لاءِ بيهڻ به نه ڏيندو.
رهي ڳالهه منهنجي ته آءٌ اهڙو ڪو به قدم نه ٿي کڻڻ چاهيان، جنهن سان بابا ۽ امڙجي دل آزاري ٿئي ۽ منهنجي خاطر بابا سائين دنيا ۾ ڪنڌ کڻي گھمڻ جهڙو به نه رهي. فقير سائين جيڪڏهن آءٌ غلط قدم ٿي کڻان ته پيءُ ۽ ماءُ جي نافرماني ۽ جيڪڏهن پاڻ ٿي ماريان الله جي نافرماني. ان ڪري مون هي ڍونگ رچايو آهي. پر هن ڍونگ ۾ اڃ تائين ڪاميابي ماڻي نه سگهي آهيان. اوهان ٻڌايو ڇا مان غلط آهيان؟ سائين مون اوهان ۾ اميد سمجهي پنهنجي مجبوري اوهان آڏو بيان ڪئي آهي. الله جي ذات اوهان کي نياڻيءَ جي اولاد عطا ڪئي هوندي. مونکي به پنهنجي نياڻي سمجهندي منهنجي مدد ڪيو.
ڌيءَ! آءٌ ان معاملي ۾ تنهنجي ڪهڙي مدد ڪيان؟ ان جو ڪو حل ته نظر ئي نه ٿو اچي. فقير وراڻيو. فقير سائين، اوهان کي طريقو آءٌ ٿي ٻڌايان. مدد اوهان ڪندا. شمائله نياز ۽ نِوِڙت جو اهڙو ته نماڻو انداز استعمال ڪيو جو فقير ان آڏو پنڊ پهڻ ٿي ويو. ڪڇي نه سگهيو. بلڪه مٿي تي ٻيهر هٿ رکي پيار منجهان چيائينس. ٻڌاءِ پُٽ، آءٌ تنهنجي ڪهڙي مدد ڪيان؟
فقير سائين! اوهان بابا کي سمجهايو ته ڇوڪريءَ کي واقعي جن جو سايو آهي، ڪنهن ڪارو علم ڪري اوهان جي نياڻيءُ کي قبضي ۾ آندو آهي. جنهن به اهو ڪم ڪيو آهي، اُهو شمائله سان شادي ڪرڻ چاهي ٿو، شمائله کي جڏهن ان شاديءَ جي لاءِ چيو ته شمائله کيس صاف انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن بعد ان اِها حرڪت ڪئي آهي. جيڪڏهن اسين به پنهنجي خانداني اصولن پٽاندڙ هٺ ۽ عزت جي آڙ ۾ شمائله جي شادي خاندان جي ئي ڪنهن ڇوڪري سان ڪرائيندا سين ته هو ڪاري علم جي زور تي يا گھوٽ جو سِر کڻندو يا نياڻيءَ جو سِر کڻندو. پر ڏٺو وڃي ته ٻنهين پاسن ۾ اسان جو ئي نقصان آهي. جيڪڏهن ڇوڪرو ٿو مري ته به اسان جي نياڻي بيواهه ۽ جيڪڏهن نياڻي ٿي مري تڏهن به اسان جو گھر برباد. هن ڇوڪري جو دلي مقصد صرف اِهو آهي ته شمائله منهنجي شريڪ حيات ٿئي. اگر منهنجي نه ته ڪنهن ٻئي جي به نه. هن وٽ ڪارو علم آهي. ڪارو علم اسلام کان ٻاهر آهي ۽ آءٌ نوري علم ڄاڻندو آهيان. هو ڇوڪرو مسلسل علم جو زور لائي رهيو آهي. بهتر ائين آهي ته آءٌ ان جي موڪليل جن جي مدد سان ان ڇوڪري کي هتي گھرائي سندس منشا معلوم ڪريان شاديءَ لاءِ آماده ٿي وڃون ته اسان جي حق ۾ بهتر رهندو. ان کان اڳ جو وڌيڪ جاني نقصان پهچي، بهتر آهي ته خانداني اصولن ۽ پراڻين رسمن مان جان ڇڏائي جديد دور جي نوجوان نسل جي خواهشن کي ڏسندي سماج ۾ پنهنجي عزت بچائيندي فيصلن ۾ ۽ اصولن ۾ ڪجهه لچڪ پيدا ڪندا سين ته جاني نقصان ٿيڻ کان ته بچي سگهندا سين. ان لاءِ جيڪو حڪم ڪيو. هن وقت اڳيان باههِ آهي ته پويان پاڻي.
شمائله جون ڳالهيون عرس فقير جي دماغ ۾ ويهجي ويون. فقير شمائله سان اقرار ڪيو ته تو هر معاملي ۾ پنهنجي پيءَ ۽ ماءُ جي عزت رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هاڻي آءٌ هر صورت ۾ تنهنجي مدد ڪندُس. عرس فقير شمائله ڪلاس فيلو جا پار پتا ۽ موبائل نمبر وٺي ان سان ڳالهه ٻولهه ڪري کيس سڀ ڪجهه سمجهايو. فقير شمائله کي ٻيهر جھولڻ جي هدايت ڪئي ۽ روحل کي اوطاق جو اندريون دروازو کولڻ لاءِ اشارو ڪيو.
اوطاق جي ڀر واري ڪمري ۾ ويٺل باقي گھر ڀاتي ۽ مهمان اوطاق جي اندران واري دروازي ڏانهن انتظار ۾ اهڙيءَ ريت تڪي رهيا هئا، جيئن عيد جو چنڊ ڏسڻ لاءِ هر هِڪ مغرب جي وقت آسمان ڏانهن پيو نهاريندو آهي.
اوچتو روحل فقير دروازو کوليو، سڀئي يڪدم اُٿي کڙا ٿيا ۽ ٿڌو ساههُ ڀري روحل ڏانهن نهارڻ لڳا. سڀني جي چهرن تان بيتابي ۽ مايوسيءَ جا ڪارا ڪڪر غائب ٿيڻ لڳا.
فقير سائين سڀني کي ياد ٿو ڪري. روحل فقير اچي ڪمري ۾ موجود حاجن ۽ طارق سان مخاطب ٿيندي چيو. سڀني تڪڙ ۾ اوطاق ڏانهن ڊوڙ ڪئي. ڇا ڏسن ته شمائله جھولي رهي آهي، سندس وار وکريل آهن، عرس فقير ان جي ڀرسان تسبيح جا داڻا تيز تيز سوري تڪڙو تڪڙو ورد ڪري رهيو آهي. سڀئي ڀاتي هڪ ڪُنڊ ۾ ٿي ويٺا. هر هڪ نماڻي انداز ۾ ڪنڌ کڻي ڪنهن وقت عرس فقير کي ڏسي رهيو هو ته ڪنهن وقت وري شمائله ڏانهن حيرت منجهان نهاري رهيو هو. هر هڪ کي ان ڳالهه جو يقين هو ته عرس فقير پنهنجي ڪرامت سان اڄ ڪنهن به صورت ۾ شمائله جي جن مان جند ڇڏائي ئي ساههُ کڻندو.
اوچتو عرس فقير خاموشي اختيار ڪئي جھٽڪو ڏئي اُٿي بيٺو. اٿڻ سان هڪل ڪري وڏي ڪُوڪ ڪيائين. “نه ويندين”.
جڏهن انسان مجبور، بيوس يا لاچارٿي پوندو آهي ۽ ڌڻيءَ کي ٻاڏائڻ بدران لاهي پاهي انسانن مان اها اميد رکي ويهندو آهي ته جيڪي ڪري سو اِهو ئي ڪري. ان عقيدي موجب پوءِ ان انسان جي ذهني ۽ جسماني طور غلامي به قبول ڪرڻ لاءِ تيار هوندو آهي. جيئن هڪ سرڪاري اسڪول جو ماستر ڪلاس ۾ ويٺل شاگردن سان جيئن چاهي جهڙو سلوڪ ڪري سندس مرضي آهي. ڇاڪاڻ ته هو پاڻ کي ڪلاس جو ان وقت بادشاهه سمجهندو آهي. هو چاهي ته ٻارن کي پڙهائي، جيڪڏهن نه چاهي ته ٻارن کي نه پڙهائي. هو صحيح پڙهائي يا غلط، سندس مرضي آهي. جيڪڏهن ڪو شاگرد ادب منجهان به کيس اهو چئي ته مانوارا استاد اوهان هي سبق اسان کي نه پڙهايو آهي. ته پوءِ اهو شاگرد ان ماستر جي آڏو بد تميز، بداخلاق، نا لائق، چنڊو ۽ ڪُند ذهن ٻار جي مثل ٿي ويندو آهي. باقي ٻار ماستر جي آڱر جي اشاري تي هلندا اهي ئي صرف ذهين، هوشيار، لائق، فرمانبردار، با اخلاق ۽ سلڇڻا سمجهيا ويندا آهن. هن دور ۾ اها حالت نه رڳو اسڪولن ۾ نه پر هر اداري، هر شهر۽ هر تنظيم ۾ وڌي وئي آهي. عرس فقير به مڙني کي پنهنجي آڱر جي اشاري تي نچائي رهيو هو. اها حقيقت آهي ته انسان الله جي طرفان وسيلي طور هر ڪم لاءِ مقرر ٿيل آهي ته ڪنهن جي مشڪل وقت ۾ ڪير ڪيئن وسيلو ٿي ڀلائي ڪندو؟ پر ڪائنات جو نظام هلائڻ واري صرف هڪ الله جي ذات آهي، ان جي مرضيءَ کان سواءِ هڪ پن به نه ٿو چُري سگهي. ان لاءِ انسان کي هر مشڪل وقت ۾ دنيا جي اصولن مطابق ڪوشش ڪرڻ سان گڏ رب کي به ٻاڏائڻ گھرجي. هميشه انسانيت رکندڙ ڊاڪٽر مريض کي دوا ڏئي اهو جملو ضرور دهرائيندو آهي ته “هيءَ دوا استعمال ڪريو الله شِفا عطا ڪندو.”
شمائله فرش تي پنهنجي مِڪر مطابق جھولندي رهي. عرس فقير طارق ۽ حاجن کي شمائله جي سمجهايل ترڪيب مطابق ڳالهه ۾ وڌيڪ ڳڙ ملائي مٺو ڪري مؤثر انداز ۾ حقيقت سمجهائڻ جي ڪوشس ڪئي. اڃا ڳالهه اڻپوري هئي ته حاجن هڪ پوليس آفيسر هجڻ جي ناتي يڪدم چيو “اهو ڇورو آهي ڪير” آءٌ ان کي لاڪ اپ ۾ اڄ ئي ٿو ڏينهن جا تارا ڏيکاريانس.
حاجن هي ڪم پوليس ۽ ڏاڍائي ذريعي حل ڪرڻ وارا نه آهن ائين هجي ها ته ٻن سالن ۾ تو ڇا ڪيو. هي تنهنجي وسَ کان ڳالهه چڙهيل آهي. ڪاري علم جو ڪمال آهي. عرس فقير حاجن کي هٿ جو اشارو ڪري ڌيرج ۾ رهڻ جو چيو. اسان جي ڇوڪري ڪاري علم جي ذريعي جڪڙيل آهي. هو لڳاتار علم جو زور لڳائي رهيو آهي. اسين به چاهيون ته ان جي مقابلي ۾ اچي پنهنجا حيلا هلائي سگهون ٿا. پر ان ضد ۾ ڪو ڀروسو نه آهي ته ڪنهن جو ڪيترو جاني نقصان ٿيندو پر نقصان ٿيندو ضرور، جيڪڏهن اجازت ڏيو ۽ نقصان برداشت ڪرڻ جي سگهه اٿَوَ ته پوءِ الا تُهار. آءٌ هاڻي ئي عمل شروع ٿو ڪريان. آءٌ پوري ڪوشش ڪندس ته شمائله جي جندُ ڇڏايان، پر اڳيان به ڪارو علم آهي، ان ڪري بهتر ائين آهي ته ضد ڪرڻ بدران ۽ نياڻيءَ جي سِر جو سودو ڪرڻ بدران اسان جو جھڪڻ اسان جي حق ۾ آهي. آءٌ عمل ذريعي ان ڇوڪري کي گھرائي ٿو وٺان، کانئس حقيقت معلوم ڪري، ڪجهه شرط لکرائي نياڻيءَ جو رشتو ان سان طئي ڪيون ته بهتر ٿيندو. ائين نياڻيءَ جي حياتي به بچي پوندي ۽ گھر جي خوشحالي به موٽي ايندي.
عرس فقيرابتيون، سبتيون ڳالهيون ڪري، ڳالهين ۾ ڳڙ ملائي اهڙو ته پيش ڪيو جو حاجن دنيا جا سڀ اصول ۽ رسمون وساري ويٺو، هو عرس جي ڳالهين مان بي حد متاثر ٿيو.
طارق حام ڀري ته اوهان عمل ڪري ڇوڪرو گھرايو آءٌ راضي آهيان. ڇاڪاڻ ته آءٌ نه ٿو چاهيان ته منهنجي نياڻي جو سِر وڃي. بس ٰ فقير اوهان عمل ڪري اڄ ئي ان مسئلي جو حل ڪڍو.
طارق سائين اوهان مونکي ڪجهه وقت ڏيو، اڄ ئي ان مسئلي جو حل ڪڍنداسين. عرس فقير اهو چئي ٻيهر کين مهمان خاني کان ٻاهر نڪرڻ جي هدايت ڪئي. سڀئي ٻيهر گھر جي اندر ان ئي ڪمري ۾ وڃي ويٺا، جتي پهريون ويٺل هئا.
روحل فقير مهمان خاني جو دروازو بند ڪري اڳيان پردو ڏئي ڇڏيو، شمائله ٻيهر مٿي تي رئو رکي درست انداز ۾ ويهي جھٽ پٽ پنهنجو موبائل ڪڍي ان ڇوڪري (ڪامران) جو نمبر ملائي کيس ڪم ٿي وڃڻ جي خوشخبري ٻڌائي، پوري ڳالهه سمجهائي ۽ کيس سُتت ئي بنا ڪنهن خوف جي اچڻ جي هدايت ڪئي.
انهن ڳالهين دوران وقفي وقفي سان عرس فقير جي سمجهائڻ مطابق شمائله ڄاڻي واڻي وڏي آواز ۾ اهڙي ته ڪُوڪ ڪري رهي هئي باقي گھر جي ڀاتين جا هانوَ پيا ڏڪي وڃن. عرس فقير پڻ شمائله جي ڪُوڪ پويان وڏي آواز ۾ هڪل ڪندي جواب ڏئي رهيو هو ته “نه ويندين”. اهو سڀ ان لاءِ ته مهمان خاني کان ٻاهر ڪمري ۾ ويٺل سڀ اهو محسوس ڪن ته عمل جاري آهي. پر اندر ڇا ٿي رهيو هو؟ اهو اندر وارن کي ۽ الله جي ذات کي خبر هئي.
ڪامران سڏ پنڌ جي فاصلي تي رهندو هو، هو ته اڳ ۾ ئي تيار هو. ان ڪري هو به دنيا جا سڀ ڪم ڇڏي خوشيءَ منجهان اچي پهتو، گھر کان ڪجهه پر ڀرو بيهي شمائله کي ڪال ڪري ٻڌايائينس.
روحل فقير اوطاق جو ٻاهريون دروازو کولي شمائله جي ٻڌايل پار پتن مطابق ڪامران کي سُڃاڻي ورتو ۽ کيس اندر اچڻ جي هدايت ڪئي. ڪامران اندر آيو. عرس فقير ڪامران سان مليو پوري حقيقت ڪامران کي سمجهائي وئي. ان دوران روحل فقير وقفي وقفي سان وڏي آواز ۾ هڪل ڪري رهيو هو ته “نه بچندين”.
ڪجهه دير بعد مهمان خاني جو دروازو کليو، سڀني کي اندر اچڻ جي هدايت ڪئي وئي. عرس فقيرتسبيح جا داڻا سوري رهيو هو، شمائله بلڪل صحتمند حالت ۾ هئي سندس مٿي تي رئو ۽ ڪنڌ هيٺ هو. روحل فقير بيٺو هو ۽ ڪامران ڪنڌ جھڪائي ويٺو هو ائين لڳي رهيو هو، ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي نه آهي. طارق جي اندر داخل ٿيڻ تي شمائله ساڻس ڀاڪر پائي ملي، طارق شمائله کي سيني سان لائي دلاسو ڏيڻ لڳو. شمائله جي اکين مان لڙڪ وهي آيا.
عرس فقير ٻنهين کي پنهنجي سامهون ويهڻ جي هدايت ڪئي. طارق ۽ شمائله گڏجي هيٺ فرش تي عرس فقير جي سامهون ٿي ويٺا.
بابا شمائله مٿان جيڪي به عمل هئا، هن وقت مڪمل طور ختم ٿي چڪا آهن. اوهان ان جي صحت مان اندازو ڪري چڪا هوندا، هي ڪامران آهي، جيڪو عزت ۽ شرافت سان شمائله سان شادي ڪرڻ جو خواهشمند هو پر غربت ۽ ذات پات جي فرق سبب رشتو گھري نه سگھيو، ٻيو ته شمائله پڻ پنهنجي ابي ۽ امڙ جي عزت رکندي کيس رشتو کڻي اچڻ لاءِ صاف انڪار ڪري ڇڏيو هو. جنهن ڪري اهو ڪجهه ڪرڻ تي مجبور ٿيو. هن وقت معافي تلافي ٿي چڪي آهي. سڀ عمل ناڪارا ٿي چڪا آهن، اوهان سڀني کي عرض ٿو ڪجي ته سڀ ڏک ڏاکڙا وساري ڪامران جون غفلتون معاف ڪندي جيڪي شرط رکڻ چاهيو ٿا معلوم ڪري رشتو طئي ڪرڻ لاءِ سندس گھر وارن کي گھرايون؟ اجازت آهي؟ عرس فقير حاجن ۽ طارق سان مخاطب ٿيندي چيو.
طارق پنهنجي ڌيءَ جي ٻن سالن جي انتظار کان پوءِ بهتر حالت ڏسي اصولن، هٺ ۽ نسلي متڀيد جا سڀ هٿيار ڦٽا ڪري حام ڀري ته مونکي اهو رشتو قبول آهي.
سڀئي پاڻ ۾ فرق مٽائي گھر جي ڀاتين جيان هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائي مليا، شمائله تمام گھڻي خوش پئي نظر اچي. عرس فقير ڪامران کي اشارو ڪيو ته هو جلدي ڪري پنهنجي گھر جا ڀاتي وٺي اچي.
ڪامران عرس فقير جي چوڻ تي هليو ويو.
ڪجهه دير ۾ سادگيءَ واري انداز ۾ ڪامران پنهنجي امڙ، والد ۽ ٻن ڀينرن سان مٺائيءَ سميت پهچي ويو. طارق جي گھر ۾ وڏي عرصي کان پوءِ خوشيون موٽي آيون. ڪامران ۽ شمائله کي وڏي عزت ۽ احترام سان گڏ ويهاريو ويو. ٻنهين خاندان وارن هڪ ٻئي کي مٺائي کارائي. شمائله ۽ ڪامران جي شاديءَ جي ڳالهه پڪي ٿي وئي. گھر ۾ سڀني ڀاتين جا ٽهڪ گونججي رهيا هئا.
عرس فقير مٺائي کائي، سڀني سان موڪلائي، شمائله جي مٿي تي شفقت منجهان هٿ رکي موڪلائي حاجن سان گڏ گاڏيءَ تي نڪري هليو.