مذهب

اچو ته نماز سکون

هن ڪتاب جو ليکڪ ابو الليث غلام محمد ميمڻ آهي جڏهن ته تصحيح فقيه السنڌ مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ صاحب مدير “ماهوار شريعت” سکر جن ڪئي آهي.اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.
Title Cover of book اچو ته نماز سکون

نماز ۾ سنتن جو بيان

سوال: سنتن مان ڇا مراد آهي؟
جواب: جيڪي شيون نماز ۾ حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم کان ثابت ٿيون هجن پر انهن جو تاڪيد فرض ۽ واجب جي برابر ثابت نه ٿيو هجي انکي سنت چوندا آهن انهن شين مان جيڪڏهن ڪابه شيءِ ڀُلَ يعني ويسر ۾ ڇڏائجي وئي ته نمازنه ڀڄندي۽ نڪي سهو جو سجدو لازم ٿيندو نه وري گناهه ئي ٿيندو.باقي جيڪڏهن ڄاڻي واڻي ڇڏيائين ته نماز ڪو نه ڀڄندي نه وري سجده سهو جو لازم ٿيندو پر ملامت جو حقدار ضرور ٿيندو.
سوال: نماز ۾ ڪيتريون سنتون آهن؟
جواب: نماز ۾ (21)سنتون آهن (1)تڪبير تحريمه چوڻ کان اڳ ۾ ٻئي هٿ ڪنن تائين کڻڻ (2) ٻنهي هٿن جون آڱريون پنهنجي حال تي کليل ڇڏڻ ۽ قبله ڏانهن آڱرين جو رخ رکڻ (3) تڪبير چوڻ وقت مٿي کي هيٺ نه ڪرڻ(4) امام کي تڪبير تحريمه يا باقي تڪبيريون ضرورت آهر بلند آواز سان چوڻ.(5)سڄي هٿ کي کٻي هٿ تي دن جي هيٺيان رکڻ (6) ثنا پڙهڻ(7) تعوذ پڙهڻ (1) (8)بسم الله سموري پڙهڻ (9) فرض نماز جي ٽين،چوٿينءَ رڪعت ۾ ڇڙو سورت فاتحه پڙهڻ.(10)آمين چوڻ (11) ثنا،تعوذ،بسم الله ۽ آمين آهسته پڙهڻ.(12)سنت جي موافق قرآت ڪرڻ يعني جنهن جنهن نماز ۾ جنهن قدر قرآن مجيد پڙهڻ سنت آهي.ان موافق قرآن مجيد پڙهڻ(2) (13) رڪوع ۽ سجده ۾ ٽي ٽي ڀيرا تسبيح پڙهڻ (14) رڪوع ۾ مٿي ۽ پٺيءَ کي پاڻ ۾ برابر سڌو رکڻ ۽ ٻنهي هٿن جي آڱرين کي کولي آڱرين سان گوڏن کي پڪرڻ (15) قومه ۾ امام کي سميع الله لمن حمده چوڻ ۽ مقتديءَ کي ربنا لڪ الحمد چوڻ ۽ اڪيلي کي ٻئي چوڻ (16)سجده ۾ وڃڻ وقت پهريائين ٻئي گوڏا پوءِ ٻئي هٿ پوءِ منهن رکڻ (17) جلسه ۽ قعده ۾ کٻي پير کي وڇائي ان تي ويهڻ ۽ سڄي پير کي اهڙيءَ طرح اڀو رکڻ جو پير جي آڱرين جا مٿا قبله جي طرف رهن ۽ ٻئي هٿ رانن تي رکڻ (18) تشهد ۾ اشهد ان لا اله وقت آڱر کي مٿي کڻڻ ۽ الا الله وقت هيٺ رکڻ(3) (19)پوئين قعده ۾ التحيات کان بعد درود پڙهڻ.(20)درود شريف کانپوءِ دعائون پڙهڻ(4) (21) پهريائين سڄي طرف پوءِ کٻي طرف سلام ڦيرڻ.
[i]تعوذ يعني اعوذ بالله من الشيطان الرحيم پڙهڻ (2) فجر ۽ظهر جي نماز ۾ طوال مفصل مان پڙهڻ ۽ عصر ۽عشاءِ ۾ اوساط مفصل مان پڙهڻ ۽مغرب ۾ قصار مفصل مان پڙهڻ سورت حجراة کان سورت البروج تائين طوال مفصل آهي.سورت البروج کان سورت القدر تائين اوساط مفصل آهي.سورت القدر کان آخر قرآن تائين قصارمفصل آهي. (3)چيچ ۽ ٻاچ کي تريءَ سان ملائڻ ۽ آڱوٺي کي وچين سان ملائي حلقو يعني گول ٺاهڻ گهرجي.ابوالليث
(4) قرآن مجيد ۾ ذڪر ٿيل دعائن جو پڙهڻ افضل آهي.ابوالليث [/i]